سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :28

محمد ايوب کهڙو

انيس انصاري

سنڌ سونهاري جي سومان وڌائڻ لاءِ جن مڻيادار مڙسن من، تن، ڌن جي بازي لڳائي، تن مان خانبهادر محمد ايوب کهڙو پڻ هڪ آهي. هي صاحب ٻاروتڻ کان ٻڍاپڻ تائين سنڌ ۽ سنڌ واسين جي خدمت ڪندو رهيو. انسان خطا ۽ نسيان جو پتلو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪيل فيصلا سندس اميدن ۽ خواهشن جي الٽ هاڃيڪار ثابت پئي ٿيا آهن، پر جي ڪو ڀليو ڀاڻ ايندو آهي ته ان کي ڀليو ڪين سمجهيو ويندو آهي.

محترم محمد ايوب کهڙو لاڙڪاڻي جي مردم خيز مٽيءَ جي پيداوار آهي. سندس والد ميان شاهه محمد کهڙو سادگي پسند سچو انسان هو. ڪنهن کي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته عاقل جهڙي ننڍي ڳوٺ جو هي ننڍو رهواسي، محمد ايوب، هڪ ڏينهن سنڌ جي سياست کان سواءِ عالمي سياست ۾ به ناماچار حاصل ڪندو. کهڙو صاحب گهڻ پهلو شخصيت هو. مٿس لکڻ لاءِ دفتر درڪار آهن، مختصراً سندس ڪن پهلوئن جو وستار ڪريان ٿو.

مسلمانن جو خيرخواهه:  

1857ع جي جنگ آزاديءَ ۾ هندستانين (موجوده هند ۽ پاڪستان) جي ناڪامي بعد انگريزن جي سوچ ڌارا ان طرف مڙي ته آئينده جيڪڏهن کين ڪو خطرو ٿي سگهي ٿو ته مسلمانن مان، ان ڪري انهن هڪ طرف مسلمانن کي معاشي ۽ معاشرتي طرح تباهه ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ته ٻئي طرف هندن کي سندن مخالفت ۾ تيار پئي ڪيو. مسلمانن جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪيو ويو ۽ سندن عالمن تي بهتان ڌري کين موت ۽ ڪاري پاڻيءَ جون سزائون ڏنيون ويون. مسلمانن کي سرڪاري عهدن کان وانجهو رکي هندن کي اتي مقرر ڪيو ويو. مسلمانن جي مذهبي عقيدن جو اثر زائل ڪرڻ لاءِ جهاد جي مخالفت ۾ فتوائون حاصل ڪيون ويون. سندن ئي ايماء ِّ تي هڪ اهڙي مذهب جو بنياد پيو، جنهن جهاد کي حرام قرار ڏنو! هڪ طرف مسلمانن جي صفن ۾ رکنو وجهڻ لاءِ فرقيواريت کي هوا ڏني وئي ته ٻئي طرف پادرين جي فوج ۽ آريه سماج کي ڇوٽ ڇڏيو ويو ته هو مسلمانن جي دل آزاري ڪن، نه رڳو ايترو، پر مخالفن مسلمانن سان زور آزمائي لاءِ آکاڙا پڻ قائم ڪيا.

هندستان گير هن تحريڪ جي لپيٽ ۾ سنڌ پڻ اچي ويئي. اهو صوفين جو ملڪ، جتي صلح ڪل جو سبق سيکاريو ويندو هو، ان مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ويڇا ويا وڌندا. سنڌ کي بمبئيءَ سان گڏي جا پريزيڊنسي بنائي ويئي هئي، تنهن ۾ مسلمانن سان گڏ هندن جا حق به پائمال پئي ٿيا، ان ڪري هندن  مسلمانن گڏجي سنڌ کي جدا ڪرڻ جي تحريڪ هلائي پر جڏهن دلين ۾ ٻيائي آئي ته هندو سنڌ جي جدا ٿيڻ جي مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ مسلمانن کي معاشي، معاشرتي ۽ ذهني طرح تباهه ڪرڻ سان گڏ ساڻن زور آزمائي پڻ ڪرڻ لڳا. هندن وٽ پٺ هئي، پئسو هو، ۽ پروپيگنڊا هئي، ٽنهي ڳالهين مان هنن خوب فائدو ورتو.

لاڙڪاڻي ۾ به ان قسم جون زيادتيون مسلمانن سان ٿيڻ لڳيون. کهڙو صاحب ئي هڪ اهڙي شخصيت هئي، جا پنهنجي ناڻي، علم، اثر ۽ رسوخ کان ڪم وٺي مسلمانن جو بچاءُ ڪري رهي هئي. هو هندن جي اکين جو ڪنڊو هو.

1927ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هندو مسلم فساد پيدا ٿيو. کهڙي صاحب تي الزام هنيو ويو ته هو ٻهراڙيءَ جا مسلمان پنهنجي بنگلي تي رهائي، کين مانيون کارائي، هندن سان وڙهڻ لاءِ موڪلي رهيو هو. هندن کهڙي صاحب کي آزارڻ لاءِ ويهن ننهن جا ويهه زور استعمال ڪيا. ان وقت جي حالت محترم علي محمد راشدي هنن اکرن ۾ چٽي آهي: ”ٻيا مقامي مسلمان ليڊر ۽ ميمبر هندن جي خوف وچان گهرن ۾ لڪي پيا هئا... هندن جي پيدا ڪيل هيبت جي هيءَ ڪيفيت هئي جو ڪنهن به مهانڊي مسلمان کي همت ڪانه ٿي ٿـِـي، ته هو گهر کان ٻاهر نڪري، مسلمانن طرفان ڪا پيروي ڪري سگهي. مسلمان ليڊر ته ڇڏيو، پر مسلمان وڪيل به لڪي پيا هئا، هو ڪنهن آفت زده مسلمان اصيل کي قانوني صلاح ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه هئا.“

لاڙڪاڻي جي فساد جي ڪيسن مان 1928ع ڌاري مسلمان باعزت آزاد مس ٿيا ته سکر ۾ هندن اڳواٽ رٿيل منصوبي هيٺ باهه ڀڙڪائي. اها آڳ ٻه - ٽي سال جدا جدا هنڌن تي ڀڙڪندي رهي. کهڙو صاحب اتي به پهچي پيو ۽ سکر ضلعي جي مسلمانن جي هڪ ڪاميٽي بنائي، جنهن جو ڪم هو مسلمانن کي هندن جي زيادتين کان بچائڻ لاءِ قانوني مدد ڏيڻ. هندن جي پروپيگنڊا مشينري کي منهن ڏيڻ لاءِ سکر ۾ ”سنڌ زميندار“ اخبار جو اجراءَ ٿيو، جنهن لاءِ کهڙي صاحب ڏهه هزار رپيا ڏنا.

هاڻي مسلمانن محسوس ڪيو ته بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هندن جي اڪثريت هئڻ ڪري مسلمانن جو آواز ئي ڪونه آهي، انڪري انهن سنڌ کي، جنهن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي، جدا صوبي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ لاءِ پهريائين پهريائين سيٺ هرچندراءِ وشنداس 1913ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي سالياني بيٺڪ ڪراچي ۾ پنهنجو خيال آجيان واري ايڊريس ۾ پيش ڪيو. ٻين هندن به ان ڏس ۾ قدم وڌايو، پر جيئن جيئن هندن ۾ آريه سماج ۽ هندو مهاسڀا نفرتن جو ٻج پوکيو، ان معاملي کي مسلمانن ئي اڳتي وڌايو. مسلمانن مان پهريائين پهريائين محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ جي جدا ٿيڻ لاءِ الوحيد ۾ مضمون لکيا، سال 1924ع ۾. اهو ئي سال هو جو ٽيويهن ورهين جي ننڍي عمر ۾ کهڙو صاحب بمبئي علائقي جي ليجسليٽو ڪائونسل جو سنڌ طرفان ميمبر منتخب ٿي مسلمانن جي حقن لاءِ لڙيو.

1930ع ۾ پروفيسر حشمت راءِ ڇٻلاڻيءَ سنڌ جي جدا ٿيڻ خلاف ٻه ڪتاب لکيا، جنهن جي جواب ۾ کهڙي صاحب پڻ ڪتاب ۽ پمفليٽ لکيا. ان سلسلي ۾ کهڙي صاحب ”Suffering of Sindh“ نالي ساڳي سال (1930ع) هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ پروفيسر ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب جو جواب هو. ان ڪتاب ۾ تاريخ جي حوالن سان کهڙي صاحب ثابت ڪيو ته سنڌ جون اصلي حدون ايران کان ڪشمير تائين ڦهليل هيون، شروع کان وٺي جدا تهذيب ۽ زبان جو حامل رهيو آهي. سندس تهذيب، تمدن، حڪومت ۽ زبان پنهنجي پاڙيسري ملڪن کان جدا هئا. انگن اکرن ڏيڻ سان کهڙي صاحب سنڌ جي جدا ٿيڻ ۽ خود ڪفيل ٿيڻ جي وڪالت ڪئي هئي. ڇٻلاڻي جي ڪتابن جي جواب ۾ حاجي عبدالله هارون جي هڪ پمفليٽ جو ذڪر مولانا محمد عرفان ڪيو هو، جنهن جو نالو هو ”سنڌ جو جدا ٿيڻ“.

کهڙي صاحب کان سواءِ سنڌ جي جدا ٿيڻ جي تحريڪ ۾ شريڪ غلام حسين هدايت الله، حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي.ايم سيد، سيد ميران محمد شاهه، ميان الله بخش سومري، پير علي محمد راشدي ۽ ٻين مسلمانن ڀرپور حصو ورتو.

سال 1933ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ علامـه عبدالله يوسف علي (مفسر قرآن) جي صدارت هيٺ سنڌ آزاد ڪانفرنس ٿي، جنهن جي ورڪنگ ڪاميٽي جو نائب صدر کهڙو صاحب هو، ساڳئي طرح 1934ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس  محترم شيخ غلام حسين هدايت الله جي صدارت هيٺ ٿي، ان جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو صدر کهڙو صاحب مقرر ٿيو.

ان دوران 1929ع ۾ سائمن ڪميشن، 1931ع ۾ مائيلس ارونگ ڪاميٽي، 1932ع ۾ برين ڪانفرنس ۾ کهڙي صاحب پنهنجو وارو چڱو وڄايو ۽ سنڌ جي جدا ٿيڻ لاءِ مدلل ۽ موثر بيان ڏنا.

پهرين اپريل 1936ع تي سنڌ بمبئي پرڳڻي کان جدا ٿي، سنڌ صوبو بڻي.

سنڌ ته جدا ٿي، پر هندن جي منورتيءَ ۾ ڦيرو ڪونه آيو. مسلمانن کي آزارڻ جا نت نوان طريقا ايجاد ڪرڻ لڳا. مسلمانن ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلمانن جي جماعت ”مسلم ليگ” ۾ شامل ٿيڻ جو خيال ڪيو.

هندن سکر ۾ هڪ مسجد تي اعتراض ڪيو ته اها مسلمانن کي نه ڏني وڃي. مسجد مغليه زماني جي هئي ۽ مسجد منزل گاهه جي نالي سان مشهور هئي. مسلمانن هزارن جي تعداد ۾ مظاهرا ڪيا ۽ جيلن ۾ ويا. 40-1939ع ۾ سکر ۾ منزل گاهه جي تحريڪ هلائڻ لاءِ مسلم ليگ جي طرفان هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن جو چيئرمين کهڙو صاحب هو. پير علي محمد راشدي صاحب لکي ٿو:

”هندن ۽ سرڪار پاران پيڙا مسلمانن تي آئي، تنهن مان کين ڇڏائڻ لاءِ بيحد جانفشاني سان ڪم ڪيائين. جيڪڏهن کهڙو نه هجي ها ته خبر نه آهي مسلمانن جو ڪهڙو حال ٿئي ها.“

کهڙي صاحب جي مسلمان دوستيءَ مان اهو اثر نه ورتو وڃي ته ڪو هو هندو دشمن هو. هن جيڪي ڪجهه ڪيو، سو هندن جي زيادتين جي جواب ۾. تاريخ 6- جنوري 1948ع تي جا ڪراچيءَ ۾ ٻاهران آيلن، هندن جي ڦرلٽ ۽ خونريزي ڪئي، تنهن تي کهڙي صاحب وڏي دليريءَ سان قبضو ڪري ورتو ۽ هندن کي تحفظ ڏنو. ان وقت کهڙو صاحب سنڌ جو وزيراعظم هو.

غريبن جو هڏ ڏوکي:

باوجود وڏيرڪي ٻار هئڻ جي، کهڙي صاحب وٽ نه رڳو غريبن جي عام رسائي هـُـئي، پر هو سندن ڪم ۾ دليون جانيون، هڙؤن وڙؤن مدد ڪندو هو. لاڙڪاڻي جي ڪچهرين جو بيان ڪندي، سيد حسام الدين راشدي لکي ٿو، ”... ٽين مجلس لڳندي هئي کهڙي صاحب جي نئين نئين ٺهيل ٻه - ماڙ بنگلي تي. پهريون هيٺين طبقي جي ورانڊي ۾ ۽ پوءِ جيئن اقبال بلند ٿيندو ويو، تيئن مجلس مٿي وڃي ٿي. ملڻ جلڻ ۽ اچڻ وڃڻ وارن ۾ طبقاتي فرق ڪڏهن ڪونه ٿيو. جنهن همت سان وڏيرو ايندو هو، انهيءَ جرائت سان غريب به اچي پنهنجو ڪم ڪڍي ويندو هو. هر ڪو ڏکيو ۽ آزاريو، منجهيل ۽ موڙهو وٽس وقت سر پهچي سگهندو هو. ڪليڪٽر، ڊپٽي خواه ايس پي تائين هر ڪنهن کي سفارشي خط ڏيندو هو، يا پاڻ هلي وڃي ڪم لهرائي ڏيندو هو. کهڙو نوجوان هو، مسلمانن ۾ مقبول هو، قومي ڪمن ۾ رات ڏينهن مشغول رهندو هو، تنهنڪري مسلمان ڪامورن ۾ سندس مڃتا ۽ عزت هوندي هئي. گهڻو ڪري سندس خط يا سفارش موٽائيندو ڪونه هو...“

محترم کهڙي جي پاڙي ۾ رهندي مون هن عظيم شخص کي چڱي طرح ڏٺو. هو هٿ ڦاڙ نه هو، پر سندس مٺيون ايتريون به بند نه هيون، جو ضرورت وقت ۽ ضرورتمند لاءِ نه کلن. مون سان گڏ جان محمد قريشي نالي ڇوڪرو پڙهندو هو. سندس والد ولي محمد، کهڙي صاحب جي لاڙڪاڻي واري بنگلي تي ڪاٺ جو ڪم ڪندو هو. جوانيءَ ۾ مري ويو. سندس پوڙهي والده پنهنجن يتيم پوٽن جان محمد ۽ خان محمد جي پڙهائي ۽ ٻي خرچ جي پورائيءَ لاءِ اڪثر پئي کهڙي صاحب وٽ ايندي هئي. پهريائين ايندي هئي اسان جي گهر، ٿڪ لاهي ويندي هئي کهڙي صاحب جي بنگلي تي. موٽندي اسان وٽان ٿيندي ويندي هئي. سندس کهڙي صاحب کي دعائن ڏيڻ مان اندازو لڳايو ويندو هو ته هوءَ خوش ٿي موٽي هئي.

سال 59-1958ع ڌاري ڪڻڪ جي تنگيءَ جي زماني ۾ کهڙي صاحب پنهنجي گدامن جا منهن کولائي ڇڏيا هئا ۽ سندس بنگلي تي، مناسب قيمت تي، هر ڪنهن کي ڪڻڪ ملي پئي سگهي. هيءُ اهو وقت هو، جڏهن ماڻهن ڪاري بازار ۾ لکين رپيا ڪمايا!

وڏي پايي جو سياستدان:

محترم محمد ايوب کهڙو وڏي پايي جو سياستدان پڻ هو، جيتوڻيڪ وقتاً فوقتاً هو پنهنجن ۽ پراون جي حسد جو شڪار ٿيندو رهيو. مٿس فوجداري ڪيس هلايا ويا، پروڊا ۽ ايبڊو ۾ کيس اڙايو ويو، پر تنهن هوندي به قابل سياستدان وانگر ور ور ڪري سياست جي افق تي پئي اڀريو ۽ چمڪيو.

سندس سياست وارو باب نهايت وڏو آهي. مختصر طور ان جو بيان هيٺ ڏيان ٿو:

جهڙيءَ طرح  اڳ عرض ڪري چڪو آهيان ته سن 1924ع ۾ کهڙو صاحب ٽيويهن ورهين ۾ بمبئي علائقي جي ليجسليٽو ڪائونسل جو سنڌ طرفان ميمبر منتخب ٿيو. سنڌ جي علحدگيءَ بعد سر لانسيلاٽ گرهام سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو، جنهن صوبي جي انتظام هلائڻ لاءِ هڪ صلاحڪار ڪائونسل بڻائي. کهڙو صاحب ان ڪائونسل جو اپريل 1936ع کان مارچ 1937ع تائين ميمبر رهيو. 1937ع ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ جي عام انتخابن ۾ لاڙڪاڻي شهر ۽ تعلقي جي تڪ مان ڪثرت راءِ سان اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. 27 - اپريل 1937ع تي سنڌ اسيمبلي وجود ۾ آئي. ان وقت شيخ غلام حسين صاحب وڏو وزير هو. اها وزارت سال 1938ع ۾ ڊهي پئي ۽ ميان الله بخش سومري 24 - مارچ 1938ع تي وزارت ٺاهي. کهڙو صاحب ان وقت مخالف ڌر جو اڳواڻ هو. کهڙو صاحب 18 - مارچ 1940ع ۾ سنڌ جي پي. ڊبليو. ڊي جو وزير ۽ آڪٽوبر 1942ع کان سيپٽمبر 1944ع تائين روينيو جو وزير ٿي رهيو. فيبروري 1946ع کان جولاءِ 1947ع تائين ڊيپوٽي وزيراعظم ٿي رهيو. پاڪستان ٿيڻ بعد آگسٽ 1947ع کان 26 - اپريل 1948ع تائين سنڌ صوبي جو وزيراعظم رهيو. کهڙو صاحب 25 - مارچ 1951ع کان ٻيهر وزيراعظم مقرر ٿيو. ستت ئي سنڌ وزارت ڊاهي گورنر راڄ قائم ڪيو ويو. 1954ع ۾ کهڙو صاحب ٽيون ڀيرو سنڌ جو وزيراعليٰ بڻيو. هيءُ اهو ساڳيو سال آهي، جنهن ۾ ون يونٽ قائم ٿيو، جو 1970ع تائين هليو. 1956ع کان 1958ع تائين هو مخالف بئنچن تي ويٺو. سال 1958ع ۾ هو صاحب ملڪ جو وزير دفاع بڻايو ويو. ان ئي سال ايوب خان، جو ڪمانڊر ان چيف هو، تنهن اقتدار تي قبضو ڪيو ۽ مارشل لا لڳايو. 1975ع جي عام چونڊن ۾ کهڙي صاحب لاڙڪاڻي مان چونڊ لڙي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. بعد ۾ کهڙي صاحب سياست کان لاڳيتو پاسو ڪيو.

مسٽر محمد هاشم گزدر، ميمبر پاڪستان دستور ساز اسيمبلي. کهڙي صاحب لاءِ 17 - آگسٽ 1949ع تي سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪائونسل جي اڳيان چيو، ”انتظامي قابليت ۾ کهڙي صاحب جي مقابلي جو ڪو به شخص پاڪستان ۾ موجود ڪونه آهي.“

کهڙو صاحب ۽ مسلم ليگ:

سنڌ جي ڪافي مکيه ماڻهن سال 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي، کهڙو صاحب پڻ انهن مان هڪ هو. کهڙو صاحب پنهنجي پارٽي ڏانهن هميشه سچو رهيو. مارچ 1939ع ۾ سکر جي مسجد منزل گاهه جي تڪرار جي سلسلي ۾ ڪيترائي مسلم ليگي ميمبر گرفتار ٿيا، کهڙي صاحب کي به سندس ڳوٺ ۾ نظربند ڪيو ويو.

تاريخ 14 - مئي 1943ع تي الله بخش سومري صاحب کي شڪارپور ۾ دڳ ويندي ناحق قتل ڪيو ويو هو. ان قتل ۾ حرن ۽ مسلم ليگين جو هٿ سمجهيو پئي ويو. ان وقت مسلم ليگين جو مکيه ليڊر کهڙو صاحب هو. کيس 26 - سيپٽمبر 1944ع تي گرفتار ڪيو ويو. هو صاحب ٻين مسلمانن سان گڏ 3 - آگسٽ 1945ع تي ڪيس مان باعزت آزاد ڪيو ويو. ان ڪيس هلندي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کهڙي صاحب جي آزاديءَ لاءِ دعائون پئي گهريون ويون ۽ لک پئي ڪڍيا ويا. فتويٰ ملڻ بعد ماڻهن هڪ ٻئي کي مبارڪون پئي ڏنيون، ديڳيون لاٿيون ۽ مٺايون ورهايون.

محمد ايوب کهڙو صاحب سال 1942ع، 1943ع، 1949ع ۽ 1950ع ۾ صوبي جي مسلم ليگ جو صدر رهيو.

قائداعظم جي فيصلي جو احترام ڪندي سنڌ مان سر غلام حسين ۽ خانبهادر کهڙي پنهنجا لقب واپس ڪيا.

1938ع ۾ قائداعظم جي مسلم ليگ جي اجلاس ۾ فيصلي مطابق سنڌ اسيمبلي ۾ مسلم ليگ پارٽي قائم ڪئي، پر اقتدار جي هوس ۾ مسلم ليگين جي اڪثريت وڃي محترم الله بخش سومري جي پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪئي، محترم جي.الانا پنهنجي ڪتاب ”قائداعظم جناح“ ۾ لکيو آهي:

“Out of the twenty Seven M.L.A's that had Signed the league pledge, twenty deserted it and joined Allah Bux's Party, only seven members remained loyal to the league; K.B. Khuhro, Shaikh Abdul Majid Sindhi, g.M. Syed, Mrs. J.g.Allana and Syed Khair Shah were amongst the seven that kept the Muslim League Party flag flying.”

محترم محمد ايوب کهڙو انهن ستن مان هڪ هو، جي پارٽيءَ ڏانهن سچا رهيا. ڪراچيءَ کي سنڌ کا جدا ڪرڻ جي مخالفت ۾ هن وزارت ڇڏي، پر مسلم ليگ نه ڇڏي.

ون يونٽ:

هي هڪ جذباتي مسئلو آهي، جنهن تي قلم کڻڻ کان ڪيٻايان ٿو. مون پنهنجي مضمون جي شروع ۾ لکيو آهي ته انسان ذات خطا جو پتلو آهي، کانئس ڪي غلطيون به سرزد ٿي سگهن ٿيون، پر ڏسبو آهي نيتن کي ۽ نيتن جو ڄاڻو الله آهي. پر ظاهراً جيڪي نظر اچي ٿو، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اوڀر پاڪستان، ٻين صوبن ۽ ننڍين رياستن جي مڃڻ بعد ئي ”سنڌ“ ان ڳٽ کي ڳچيءَ ۾ پاتو. پير علي محمد راشديءَ انهن اٺانوي ميمبرن جا نالا پنهنجي ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ حـصي ٽئين ۾ ڏنا آهن، جن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ جي فائدي ۾ ووٽ ڏنو ۽ انهن چئن جا نالا به ڏنا آهن، جن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. ون يونٽ جي سلسلي ۾ انهن شرطن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي، جن شرطن تي ون يونٽ ٺهڻ قبوليو ويو هو. اهي شرط مٿئين ڪتاب جي صفحي 409 ۽ 410 تي ۽ جناب جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل ”خط ۽ مضمون“ ڪتاب جي صفحن 131 ۽ 132 تي ڏنل آهن.

مان هن تڪليف ڏيندڙ موضوع کي جناب جي.ايم. سيد جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جلد ٻيو جي هيٺين اکرن سان ختم ڪريان ٿو:”ماڻهوءَ جي وڏي خوبي اها آهي جو گناهه جو احساس ٿيڻ کان پوءِ ان جي سدباب لاءِ ڪوشش ڪري، هن ائين ڪيو. مسلم ليگ کان ون يونٽ رد ڪرائڻ لاءِ قبوليت وٺائي ڏيڻ ۾ هن جو هٿ هو. ريپبليڪن پارٽي مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ اهو ٺهراءُ ئي پاس ڪرڻ نه قبولي ها، جي مسلم ليگ وارا ان لاءِ تيار نه ٿين ها. مسلم ليگ پارٽيءَ کي غير جانبدار رکڻ، پاڻ ۽ سندس سنگتين جو ٺهراءُ جي فائدي ۾ ووٽ ڪرڻ، اهي ڳالهيون سندس پڇتاءَ ۽ اخلاقي جرات جو ثبوت آهن.“

شخصيت:

محترم محمد ايوب کهڙو ان زماني ۾، جنهن ۾ سنڌ جا اڪثر زميندار پنهنجي شاهه خرچي ۽ اسراف ڪري قرضن ۾ هڄيا پئي، پنهنجي سنجم ڪري، ان مرض کان بچيل هو، ان ڪري کهڙي صاحب نه رڳو پنهنجي ملڪيت وڌائي، پر لاڙڪاڻي ۾ هڪ عاليشان بنگلو به تيار ڪرايو. منهنجي خيال ۾ شهر جو هي پهريون ماڻهو هو، جنهن وٽ پنهنجي ڪار هئي.

کهڙو صاحب انتهائي دلير، سچار، حيادار ۽ حوصله مند انسان هو. مٿس سرديون ۽ گرميون به گهڻيون ئي آيون. ڪيسن ۾ اڙايو ويو، سزائون آيس، پروڊا ۽ ايبڊو ۾ اڙايو ويو، پر تنهن هوندي به سندس ڳاٽ هميشه اوچو رهيو.

کهڙي صاحب 20 - آڪٽوبر 1980ع تي هيءُ فاني جهان ڇڏيو.

ماخذ

1. جنب گذاريم جن سين

جناب جي.ايم.سيد

2. هو ڏوٿي هو ڏينهن

سيد حسام الدين راشدي

3. اهي ڏينهن اهي شينهن

پير علي محمد راشدي

4. الوحيد سنڌ آزاد نمبر

 

5. جي جوت جلائي ويا

جناب منصور سارنگ ۽ ٻيا

6. خط ۽ مضمون

پير علي محمد شاهه جا محترم جي.ايم.سيد ڏانهن

7. محمد ايوب کهڙو (اردو آرٽيڪل جنگ ۾ شايع ٿيل)

محترمه حميده کهڙو

g.Allana

8. Quaid-e-Azam Muhammed Ali Jinnah

M.A.Khuhro

9. Sufferings of Sindh


سر شاهنواز ڀٽو

جي.ايم.سيد

هي خاندان اصل ۾ پنجاب جي طرف کان لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺو هو. سنڌ ۾ اول سندن پڙ ڏاڏو ميان محمد خان آيل هو. هڪ روايت موجب هي اصل ۾ جيسلمير جي راجپوت گهراڻي ڀٽي خاندان جي شاخ هئا. سندن خاندان جو مفصل ذڪر سردار واحد بخش خان ڀٽي جي حياتيءَ جي احوال ۾ آيل آهي.

سر شاهنواز خان جي ڏاڏي جو نالو خدا بخش خان هو، جنهن پنهنجي نالي ”ڳڙهي خدا بخش خان“ ڳوٺ، رتيديري تعلقي ۾ ٻڌايو هو.

سر شاهنواز خان، ان جي فرزند، غلام مرتضيٰ خان جو پهريون نمبر پٽ هو ۽ ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش خان ۾ 2 - مارچ 1888ع تي ڄائو هو. ٿوري ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ وٺي، پوءِ انگريزي تعليم لاءِ سنڌ مدرسي ۽ سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويو. سندس ڏاڏي 1896ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ سگهو ئي سندس والد غلام مرتضيٰ خان به جوانيءَ ۾ 31 سالن جي عمر ۾، 1899ع ڌاري وفات ڪري ويو، ان ڪري وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي، هو ملڪيت جي سنڀال لاءِ واپس ڳوٺ آيو. کين لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ زمين هئي.

هن 22 سالن جي عمر ۾ ملڪي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. اهو سن 1910ع جو زمانو هو. پهريون هو ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ لوڪلبورڊ جا پريزيڊنٽ ڪيلڪٽر هوندا هئا. انهيءَ زماني کان وٺي هن حڪومت جي آفيسرن سان سٺا لاڳاپا رکڻ شروع ڪيا. ان کان سواءِ پنهنجي زمين به سڌاريائين. لاڙڪاڻي ۾ بنگلا ڀٽو ڪالونيءَ ۾ ٺهرايائين، جن مان ڪيترن بنگلن ۾ سرڪاري عملدار مسواڙ تي رهندا هئا. هي لاڙڪاڻي طرف پهريون ئي زميندار هو، جنهن جديد طرز تي رهڻي ڪهڻي اختيار ڪئي. عام زميندارن وانگر سارو وقت ڪچهرين يا شڪارن ۾ ڪونه گذاريندو هو. هن جا هر ڳالهه لاءِ مقرر وقت هوندا هئا. ماڻهو وٽس اطلاع سان ايندا هئا. عملدارن سان سٺن تعلقاتن هئڻ ڪري، کيس سن 1919ع ۾ او.بي.او جو خطاب مليو. پوءِ سن 1921ع ۾ ”خانبهادر“ ٿيو. سن 1924ع ۾ کيس ”قيصر هند“ جو خطاب عطا ٿيو. سن 1925ع ۾ کيس سي.آءِ.اي جو لقب مليو. آخر ۾ 1 - جنوري 1930ع تي کيس ”سر“ (K.C.) جو خطاب مليو.

هي 1919ع ۾، منٽو مارلي رفارمس هيٺ هڪ سال لاءِ زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان امپريل ڪائونسل دهليءَ ۾ چونڊجي ويو، جتي 1920ع  تائين هو. 1920ع ۾ ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جو پريزيڊنٽ چونڊجي ويو، جنهن عهدي تي هو مسلسل 1933ع تائين چونڊيو آيو. مانيٽگو چيمسفورڊ رفارمس بعد، 1921ع جي شروعات ۾ هيءُ لاڙڪاڻي مان بمبئي ڪائونسل تي چونڊجي ويو، جنهن تي 1936ع ۾ سنڌ جي جدا ٿيڻ تائين رهندو آيو. سن 1925ع ۾ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ چونڊيو، ۽ ان جماعت تي، انهيءَ حيثيت سان، 1933ع ۾ بمبئي سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ جي وزير ٿيڻ تائين رهندو آيو. سنڌ مان بمبئي ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن جو 1925ع کان وٺي هو ليڊر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هو سنڌ جدا ٿيڻ تائين رهيو.

هن ڪوآپريٽو تحريڪ جي زور وٺائڻ لاءِ خانبهادر عظيم خان سان گڏجي گهڻي ڪوشش ورتي. گهڻي وقت تائين هو لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽو بئنڪ جو چيئرمين چونڊيو آيو. سرڪار طرفان هن کي 1920ع ۾، فرسٽ ڪلاس آنرري اسپيشل ماجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو، جنهن جاءِ تي هو 1930ع تائين ڪم ڪندو آيو.

بمبئي علائقي طرفان سائمن ڪميشن جي مدد ڪرڻ لاءِ، جا ڪميٽي مقرر ٿي هئي، ان جو هن کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ان ۾ سنڌ جي جدائيءَ واري سوال تي ووٽ نه ڪرڻ تي، سنڌ ۾ گهڻو چوٻول پيدا ٿيو. عام راءِ جو احترام ڪندي، هن پوءِ سگهو ئي پنهنجو رخ بدلايو، ۽ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن طرفان ٺهراءُ پاس ڪرائي سنڌ جي جدائيءَ لاءِ طلب ڪرايائين. نومبر 1930ع ۾، لنڊن ۾ ڪوٺايل گول ميز ڪانفرنس تي هن کي سرڪار طرفان سنڌ جو نمائندو مقرر ڪيو ويو. اتي سنڌ جي سوال تي غور ڪرڻ لاءِ برطانيا سرڪار طرفان لارڊ رسل جي چيئرمنيءَ هيٺ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي هئي، جنهن تي سنڌ مان سر غلام حسين هدايت الله ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو ميمبر هئا. ان ڪميٽيءَ ۾ هن سنڌ جي جدائيءَ لاءِ پر زور تقرير ڪئي. تڏهوڪي بمبئيءَ جي گورنر جي هڪ تقرير مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سکر بئراج اسڪيم کي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل دهلي کان منظور ڪرائڻ ۾ به، سر شاهنواز خان جو وڏو هٿ هو. 1932ع ۾، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ علامه عبدالله يوسف عليءَ جي صدارت هيٺ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ڪٺي ٿي، هيءَ ان جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. اتي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ نالي سان قائم ڪيل جماعت جو هن کي صدر چونڊيو  ويو، جنهن جو ميران محمد شاهه سيڪريٽري ٿي ڪم هلائيندو هو.

1924ع ۾ هن کي بمبئي سرڪار جو وزير چونڊيو ويو ۽ کيس لوڪل سيلف گورنمينٽ جو کاتو ڏنو ويو. انهيءَ عهدي تي 1936ع جي مارچ تائين رهيو. ان کان پوءِ هڪ سال لاءِ سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار ٿي رهيو.

سنڌ ۾ جڏهن اسان 1934ع ۾ ”سنڌ پيپلس پارٽي“ نالي جماعت برپا ڪئي، تڏهن ان جو ليڊر هن کي چونڊيو ويو هو. سنڌ ۾ سياسي جماعتن ٺاهڻ لاءِ اها پهرين ڪوشش هئي. ان کان اڳ سنڌ جي پارليامينٽري سياست لاءِ مسلمانن ۾ ڪا جماعت ڪا نه هئي. سنڌ محمدن ائسوسيئيشن گهڻو ڪري گورنرن يا وائسراءِ کي ائڊريسن ذريعي شڪايتن پيش ڪرڻ ۽ ٺهرائن پاس ڪرڻ جي ايجنسي ٿي ڪتب ايندي هئي. سنڌ آزاد ڪانفرنس جو مقصد سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ هو. ان وقت تائين سنڌ ۾، ڪن خاص بااثر شخصي گروهن ذريعي ڪم هلندو هو. انهن ۾ هڪ گروهه سر غلام حسين هدايت الله جو هو ۽ ٻيو سر شاهنواز خان ڀٽي جو هو. پهرئين گروهه جا مکيه رڪن سيد محمد ڪامل شاهه، مسٽر نور محمد وڪيل، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سردار عبدالرحيم خان کوسو ۽ پير صاحب پاڳارو هئا. ٻئي گروهه سان خانبهادر غلام نبي شاهه ۽ مخدوم صاحب هالا شريڪ هئا. پيپلس پارٽي حقيقت ۾ سر شاهنواز خان جي پارٽي هئي. انهن ٻنهي گروهن، پنهنجي پنهنجي طاقت آزمائيءَ لاءِ سال جي آخر ۾، مرڪزي اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ مختلف اميدوارن کي مدد ڪئي. سر غلام حسين گروهه حاجي عبدالله هارون جي مدد ڪئي ۽ سر شاهنواز گروهه نبي بخش خان ڀٽي کي مدد ڪئي. انهيءَ ۾ پهريون نمبر ووٽ ڀٽي گروهه کي مليا. ٻئي نمبر ۾ سر غلام حسين گروهه جو عيوضي چونڊجي آيو. جيئن ته اها شخصي پارٽي هئي ۽ سر شاهنواز خان بمبئي سرڪار جو وزير مقرر ٿي چڪو هو، ان ڪري ترت ئي پوءِ هن مڪاني سياسي مسئلن مان دلچسپي جهڪي ڪري ڇڏي ۽ اها پارٽي ري موت مري ويئي.

1936ع ۾ سنڌ جدا صوبي ٿيڻ شرط وري سياسي پارٽين ٺاهڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿيون. هن دفعي اسان حاجي عبدالله هارون سان گڏجي، پنجاب جي يونينسٽ پارٽيءَ جي نموني تي سنڌ اتحاد پارٽي ٺاهي ۽ ٻنهي گروهن جي اڳواڻن کي ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست ڪئي. ٻنهي ان ۾ شريڪ ٿيڻ ان شرط تي قبوليو ته پارٽيءَ جو ليڊر سيٺ عبدالله هارون ٿيندو ۽ ڊيپوٽي ليڊر اهي ٻئي ٿيندا. هو ٻئي ڪنهن هڪ جي ليڊر شپ هيٺ رهڻ لاءِ تيار نه هئا. نيٺ 31 - آڪٽوبر 1936ع تي، اتحاد پارٽيءَ جي ڪنوينشن ڪٺي ٿي، جنهن ۾ دستور العمل پاس ڪيو ويو. چونڊن مهل، پارٽيءَ طرفان جڏهن ٽيون ڊيپوٽي ليڊر، سيد ميران محمد شاهه مقرر ٿيو، تڏهن سر غلام حسين وارو گروهه ڪنوينشن مان احتجاج طور نڪري ويو، ۽ وڃي ٻي جماعت بڻايائون. اتحاد پارٽيءَ جو ليڊر ڪجهه عرصو حاجي عبدالله هارون رهيو، پر پوءِ ان استعيفا ڏني ۽ ان جو سر شاهنواز خان ليڊر چونڊيو ويو ۽ حاجي عبدالله هارون ڊيپوٽي ليڊر طور ڪم ڪرڻ لڳو. اتحاد پارٽي غير فرقيوار هئي. سر غلام حسين واري مسلم پوليٽيڪل پارٽي فرقيوار هئي. چونڊن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ حاجي عبدالله هارون ٻيئي ليڊر، فرقيوار پروپيگنڊا ڪري شڪست کائي ويا. چونڊن ۾ اتحاد پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا، جن سر شاهنواز کي وزارت ٺاهڻ لاءِ، گهرائڻ واسطي گورنر کي درخواست ڏني. کيس چونڊائڻ لاءِ مون استعيفاٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ليڪن گورنر اها ڳالهه قبول نه ڪئي. چي:اها جمهوريت جي روايتن جي خلاف ڳالهه هئي ته هڪ شڪست کاڌل ليڊر کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرائجي. نيٺ هن منٿ ڪري سر شاهنواز خان کي بمبئي ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبريءَ لاءِ رضامند ڪيو. سر شاهنواز خان خود هاڻ دل شڪسته ٿي پيو هو ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ سياست ۾ رهڻ نه گهريائين.

4 - اپريل 1937ع تي هيءُ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو، ۽ 1945ع تائين اتي ميمبر طور ڪم ڪندو رهيو. 1945ع کان هيءُ جهونا ڳڙهه اسٽيٽ تي ديوان مقرر ٿيو. اتي 1948ع تائين رهندو آيو. جڏهن جهونا ڳڙهه اسٽيٽ تي هندستاني قبضو ٿيو ۽ نواب جهونا ڳڙهه پاڪستان آيو، ته هيءَ به ان سان گڏجي هتي آيو. ڪجهه وقت تائين هتي به هو ديوان رهندو آيو، پر پوءِ صحت جي خرابيءَ ڪري ان تان استعيفا ڏنائين.

هن ٻه شايون ڪيون هيون، پهرينءَ مان امداد علي خان ۽ ٻيو سڪندر علي خان فرزند ٿيس. پهريون سندس حياتيءَ ۾، اپريل 1950ع ۾، انتقال ڪري ويو. ٻئي 28 - آڪٽوبر 1962ع تي وفات ڪئي. ٻي شاديءَ مان ذوالفقار علي خان فرزند 5 - جنوري 1928ع تي ڄايس، جو پڙهي ولايت مان بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري آيو. 1958ع کان جولاءِ 1966ع تائين ميان ذوالفقار علي خان پاڪستان حڪومت ۾ وزير جي عهدي تي متمڪن رهيو. پوين سالن ۾ هو پاڪستان جو پرڏيهي وزير پڻ ٿي رهيو.

سياسي مسلڪ: سر شاهنواز خان سنڌ جي ٻين سياستدانن وانگر سياست عمليءَ جو مکيه رڪن هو، جنهن ۾ اقتدار ذريعي ملڪي خدمت جي مقصد کي اڳيان رکيو وڃي ٿو. سندس سياسي پاليسي غير فرقيوارانه ۽ آبادگار طبقي جي حمايت واري هئي.

منهنجي ساڻس واقفيت: منهنجي ساڻس اوائلي واقفيت ڊسمبر 1924ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾، سر ابراهيم
رحمت الله جي صدارت هيٺ سنڌ ايڊوڪيشنل ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي، ان ۾ هي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. ان کان پوءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ ۾ اڪثر ملڻ پيو ٿيندو هو. هي ان جو پريزيڊنٽ هو. آئون ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر هوس. اسان جي گهري واقفيت سردار واحد بخش خان ڀٽي جي معرفت ٿي، جنهن جي رئيس فقير بخش خان ڪاڇيءَ (جو ڀٽي نسل مان سڏائيندو هو) سان گهڻي واقفيت هئي. 1928ع ۾، آئون ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ چونڊيس. ٻئي سال مسٽر گزدر جي مقرريءَ تي مسٽر گبسن ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر سان اختلاف ٿي پيم، جنهن لوڪلبورڊ جي گرانٽ بند ڪري ڇڏي، ان معاملي ۾ سر شاهنواز خان اسان جي مدد ڪئي. ان کان پوءِ سندس بمبئي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر مقرر ٿي وڃڻ تائين منهنجا ساڻس گهرا تعلقات هلندا آيا. سندس بمبئيءَ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن توڙي جهونا ڳڙهه واري عرصي ۾، سنڌ سان تعلقات گهٽ رهيا. جهونا ڳڙهه کان واپس اچڻ بعد، هو اڪثر گوشه نشينيءَ ۾ رهيو.

هـُـن 19 - نومبر 1957ع تي، لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.

(”جنب گذاريم جن سين“ تان کنيل.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com