سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :13

انهن سمورين حالتن سنڌ جي مسلمانن کي هجرت لاءِ مجبور ڪيو، آخر جولاءِ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي شهر مان اسپيشل ٽرين ڀاڙي ڪري رئيس جان محمد خان جوڻيجي ساڍن ستن سون مهاجرن جو ساٿ ساڻ ڪري افغانستان روانو ٿيو. هجرت جو احوال اخبار ”لاڙڪاڻه گزيٽ“ جي ايڊيٽر ٽهلرام پنهنجي اخبار جي 17 جولاءِ 1920ع واري پرچي ۾ هن طرح لکيو:

”9 جولاءِ 1920ع تي مسلمان پنهنجي دين جي اصولن جي پيروي ڪرڻ ڪري هجرت ڪري ويا. سڀني جي دل تي زخم ڪري ويا. ان ڏينهن هر ڪنهن مسلمان جو چهرو چمڪندڙ هو. لاڙڪاڻي شهر جا دڪان بند هئا، ليڪن هر ڪنهن هندوءَ جو چهرو جدائي ڪري ڪومايل هو ۽ ماڻهن جا هشام لاڙڪاڻي اچي ويا. تنهن ڏينهن هجرت ڪندڙ 760 ڄڻا هئا. مسلمان ڀائرن جون دليون خلافت ۽ ترڪيءَ جي مسئلي جي ڪري وڏي ماتم ۾ آهن، جتان ڪٿان هجرت ڪرڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا...“

هڪ هندوءَ جي قلم مان نڪتل هي احوال سنڌ جي مسلمانن جي ديني غيرت، پنهنجي مسلمان ڀائرن لاءِ دلي همدرديءَ ۽ اسلام لاءِ سر ساهه قربان ڪرڻ جي جذبي جي بخوبي عڪاسي ڪري ٿو. هڪ هجرت ڪندڙ شاعر ”عبد“ پنهنجي جذبات جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:

اسان کي عزيزو، ٿي ڇڪي قسمت خدا حافظ

وڃون ٿا طرف ڪابل، ڪري هجرت خدا حافظ

بحڪم هادي ٿياسين مهاجرين في سبيل الله

خادم آهيون سڀئي، دين جي خدمت خدا حافظ

مهاجرن کي لاڙڪاڻي کان روهڙي اسٽيشن تائين سڀني اسٽيشنن تي هزارن ماڻهن الوداع ڪئي. سنڌ کان ٻاهر پنجاب ۽ صوبه سرحد جي اسٽيشنن تي به مهاجرن جي ڪيترن ماڻهن مرحبا ڪئي. هڪ مجاهر الهڏني پٽ نبي بخش پشاور پهچڻ کان پوءِ پنهنجي عزيزن کي خط لکيو:

”صبح جو ستين بجي سوار ٿي، ساڍي 11 بجي سومر ڏينهن پشاور ۾ آياسون. لک کن ماڻهو اسٽيشن تي پهتل هئا...... هاڻي جمع ڏينهن روانا ٿي ڪابل ڏانهن وينداسون. دعا ڪريو ته خدا صاحب اسلام کي فتح ڏي....“

هن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسلام جي سربلنديءَ ۽ مسلمانن جي فتح ۽ نصرت جي جذبي وچان سنڌ جي مسلمانن هجرت ڪئي.

هي قافلو 19 جولاءِ 1920ع تي جلال آباد پهتو. افغان سرڪار پهريائين کين سهولتون ڏنيون، پر پوءِ توجهه هٽائي ڇڏيائون. انهيءَ ڪري بي بندوبستي ٿي پيئي. مهاجرن جي بندوبست لاءِ رئيس المهاجرين رئيس جان محمد خان جوڻيجي هڪ وفد ساڻ ڪري مولانا محمد علي جوهر جي ملاقات لاءِ روانو ٿيو. مولانا مرحوم انهن ڏينهن ۾ ڪاليج جي شاگردن ۾ ترڪ موالات جي تبليغ ڪري رهيو هو، ته رئيس صاحب به ساڻس وڃي مليو. ان کان پوءِ ٻنهي گڏجي هندستان جي گهڻن ئي شهرن جو گشت ڪيو.

نومبر جي پوين تاريخن ۾ رئيس مرحوم الله آباد واري ڪانگريس اجلاس ۾ شرڪت ڪري لاڙڪاڻي آيو. هتي کيس سنڌ جي جڊيشل ڪمشنر جو نوٽيس پهتو، جنهن ۾ کيس چيو ويو هو ته ڪراچي اچي، جيڪب آباد وارين تقريرن جي بابت جواب ڏئي. رئيس مرحوم وڃڻ جي بجاءِ کيس جواب لکي موڪليو ته ”جيئن ته مان افغانستان جي رعيت آهيان ۽ انجمن مهاجرين هند جي طرفان موڪليل آهيان، تنهن ڪري جيڪڏهن انهن جو حڪم ايندو ته ايندس، نه ته نه.“ لاڙڪاڻي مان بمبئي ويو، جتي کيس بمبئيءَ خلافت ڪاميٽي طرفان پنجاهه لک رپيا امداد ڏني ويئي، جيڪا هن هڪدم ڪابل رواني ڪئي. آخرڪار ڪابل روانو ٿيو، پر سرحد تي کيس روڪيو ويو. پشاور ۾ فارسي ۾ تقرير ڪيائين، جنهن ۾ انگريزن تي خوب ڇوهه ڇڏيائين ۽ پاڻ کي افغان رعيت ظاهر ڪيائين. پشاور مان به کيس نڪري وڃڻ جو حڪم مليو، جنهن ڪري لاهور آيو. اتان لکنو آيو ۽ ائوڌ خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي فارسيءَ ۾ تقرير ڪيائين.

ان کان پوءِ اجمير جي خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ رئيس مرحوم مولانا محمد علي جوهر سان گڏجي اجمير آيو، اتي کيس بخار ٿي پيو ۽ جلسي ۾ اچي نه سگهيو. البت پنهنجي فارسيءَ ۾ لکيل تقرير جلسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليائين. سندس بخار وڌي وڃي خوفناڪ بيماريءَ جي صورت اختيار ڪئي. آخر 27 رجب 1339 هه برابر 16 اپريل 1921ع تي مسافر ۽ مهاجر جي حالت ۾ اجمير شريف ۾ شهادت جو جام نوش فرمائي، حيات جاوداني حاصل ڪيائين. کيس حضرت خواجه غريب نواز معين الدين چشتي اجميري جي درگاهه ۾ مدفون ڪيو ويو.

”انالله و اِنا اليہ راجعون“

سندس وفات بعد ڪابل ۾ مهاجرن جو ڪو اوهي واهي نه رهيو. آخر افغان حڪومت جي بي حسي ۽ بي توجهيءَ سبب ڦـُــرجي لــُــٽجي، تڪليفون سهي واپس موٽي آيا. جيتوڻيڪ ظاهري طرح هي تحريڪ ناڪام ٿي ويئي، پر هن تحريڪ اهڙا اڻ مٽ نشان ڇڏيا، جو اڳتي هلي آزاديءَ جي راهه هموار ٿي ويئي.

هجرت تحريڪ کان پوءِ به خلافت تحريڪ سنڌ ۾ جاري رهي، ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جا جلسا ٿيندا رهيا. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته 1924ع تائين صرف ضلعي سکر( جنهن ۾ موجوده شڪارپور ضلعو به اچي ٿي ويو.) ۾ هيٺين ريت خلافت ڪاميٽيءَ جا جلسا منعقد ٿيا:

(1) 6 - 8 جولاءِ 1922ع تي مسٽر محمد مارمرڊبوڪ پکٿال جي صدارت ۾ سکر ۾ صوبه سنڌ خلافت ڪانفرنس جو ستون اجلاس ٿيو. ان ڪانفرنس ۾ بي امان صاحبه ۽ بيگم محمد علي به شريڪ ٿيون.

(2) ڳوٺ چڪ، ضلعو سکر(موجوده ضلعو شڪارپور) ۾ 29- سيپٽمبر 1922ع تي.

(3) ڳوٺ پنوعاقل، ضلعو سکر ۾ 6- نومبر 1922ع تي.

(4) ڳڙهي ياسين ۾ 5 - جنوري 1923ع تي.

(5)گهوٽڪي ۾ 29 - جنوري 1923ع تي.

(6)ڊکڻ ۾ 23 - فيبروري 1923ع تي.

(7) ڊکڻ ۾ ٻيو ڀيرو 27- آڪٽوبر 1923ع  تي.

(8) ڳوٺ سوئي، تعلقو اوٻاوڙو ۾ 30 - نومبر 1923ع تي.

(9) ضلعي خلافت ڪانفرنس سکر جو اٺون اجلاس سکر ۾ 2 - مارچ 1924ع تي، مولانا شوڪت علي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. ان موقعي تي ضلعي خلافت ڪاميٽي جي سيڪريٽري عبدالستار آدم(1) ضلعي خلافت ڪاميٽي جي ڪارگذارين جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. ان ۾ ڄاڻائي ٿو:

”هجرت جي معاملي، جنهن گورنمينٽ کي هڪدم پريشان ڪري ڇڏيو، پنهنجي ڪاميابيءَ جا سهرا سڄي هندستان ۾ انهيءَ بزرگ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي سر تي سونهن ٿا. رئيس المهاجرين نواب مرحوم جان محمد خان جوڻيجو، جو سنڌ مان پهرين مهاجرن جي يا ٽرين وٺي ويو، تنهن کي انهيءَ ڪم تي آماده ڪرڻ ۾ هن بزرگ جو تصرف هو.“

خلافت تحريڪ، پنهنجي ملڪ جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ به گهڻو ڪجهه ڪيو. ان جو اندازو ضلعي خلافت ڪاميٽيءَ سکر جي ان رپورٽ مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. ان ۾ ڄاڻايل آهي:

”مولوي محمد هاشم صاحب، ناظم جمعيت العلماءِ ضلعو سکر، چڪ ڪانفرنس کان پوءِ پنهنجي مدرسي ۽ عيش آرام کي ڇڏي خلافت جي ڪم کي لڳي پيو، ۽ خلافت جو وفد وٺي ساري ضلعي جو دورو ڪيائين. پنهنجي تڪليف جو ذرو به خيال نه ڪيائين، جيستائينڪ هو بيمار ٿي پيو. سڄي ضلعي کي انهيءَ بزرگ بيدار ڪيو، ۽ عالمن کي حجرن مان ڪڍي، خلافت جي خدمت لاءِ ميدان ۾ آندو. بيماري جي ئي حالت ۾ کيس 108 قلم جو سمن مليو. بيماريءَ جي ڇٽڻ سان 12 مهينا جيل هليو ويو، جو اڃا جيل ۾ آهي“. (ص 6).

”بلبلانِ خلافت: هي چار ڇوڪرا مولوي محمد هاشم سان گڏ اسلامي خدمت جي  ميدان ۾ نڪتا آهن، ۽ قومي غزل چوندا آهن. مولوي صاحب جيل ۾ ويو ته به سندن عزيزن جي دل کي لوڏو ڪو نه آيو، ۽ هنن به ايتري همت ڏيکاري جو هڪ دفعي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ، ٻئي دفعي اوٻاوڙي جي مئجسٽريٽ سندن غزلن جي بندش لاءِ اشتهار ڪڍيا، ته به هنن ڪا پرواهه نه ڪئي. اڳي رڳو غزل چوندا هئا، هاڻي تقريرون به ڪندا آهن. مولوي صاحب کان پوءِ سندن تعليم لاءِ هڪ اتاليق سفر ۽ حضر ۾ هميشه گڏ رهندو آهي“. (6 ۽ 7).

”مدارس: مدرسته الاسلام چڪ ۽ مدرسه مجيديه ڳڙهي ياسين، هي ٻئي مدرسا خلافت جي امداد لاءِ کوليا ويا آهن. مدرسته السلام اسحاق ديرو به هن وقت خلافت جي امداد سان هلي رهيو آهي. مدرسه محموديه شڪارپور کي وقت به وقت خلافت کان امداد ملندي رهندي آهي، انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترا ضلعي اندر مدرسا آهن، جي خلافت کان امداد نه ٿا وٺن، مگر خلافت جي نصاب موجب تعليم ڏيئي رهيا آهن“ .(ص 7)

”ميونسپل: مارچ 1922ع ۾ جيڪا ميونسپل جي چونڊ ٿي، ان ۾ 3 اميدوار خلافت جي طرفان نامزد ڪيا ويا، جي ٽئي ڪامياب ٿيا“. (ص 7).

”اسيرانِ فرنگ: هن ضلعي مان پهريون مجاهد، جنهن اسلام خاطر مصيبتن سهڻ کي نعمت ڪري سمجهيو، سو مولوي عبدالڪريم چشتي صاحب آهي. هيءُ بزرگ ٽي دفعا جيل ڪاٽڻ بعد وري به سربڪف ميدان عمل ۾ موجود آهي. سندس مجاهدانه تعليم جو اهو اثر آهي، جو ان جو خليفو ميان امان الله صاحب قريشي ۽ ميان غلام حيدر صاحب(عليگ) به ٻارهن ٻارهن مهينا جيل ۾ رهي آيا. مولوي تاج محمد صاحب (عليگ) به ٻارهن مهينا جيل ۾ گذاريا. اهي چارئي بزرگ ضلعي کان ٻاهر تقريرون ڪرڻ ڪري گرفتار ٿيا”.(ص 7 ۽ 8).

”والنٽيئر: ضلعي اندر 125 والنٽيئر، جي دفتر ۾ داخل آهن، سي هر وقت خلافت ڪاميٽيءَ جي اشاري تي اسلام تي سر ڏيڻ لاءِ به تيار آهن. افسوس جو انهن مان به جان نثار حاجي پير بخش ۽ ميان علي بخش تازو فوت ٿي ويا آهن، جي بيماريءَ ۾ به خدمت خلافت لاءِ ماڻهن کي تاڪيد ڪندا رهيا. پڇاڙيءَ ۾ حاضر مجلس وارن کي پاڻ تي گواهه ڪيائون، ته اسان ايمان جي سلامتيءَ سان هن دنيا مان لڏيون ٿا ۽ ڪلمو شريف پڙهيائون. پوءِ نعره تڪبير پڙهي پياري جان خدا کي سپاريائون“. (ص 8).

خلافت تحريڪ جي ڪار پردازن، ماڻهن ۾ جيڪو جوش، جذبو ۽ ولولو پيدا ڪيو، ان جو اندازو رپورٽ جي هن بيان مان لڳائي سگهجي ٿو:

”ڪانفرنس جي اشتهار نڪرڻ کان پوءِ اسان جa مـُـبلغ ۽ والنٽيئر ڳوٺ ڳوٺ ۾ پکڙجي ويندا آهن، ۽ موقعي تي سارو ضلعو هزارن جي تعداد ۾ اچي گڏ ٿيندو آهي، ۽ اهو خلق جو انبوهه مخالفن کي حواس باخته ڪري ڇڏيندو آهي. جيئن چوٿين اجلاس ۾ ڊکڻن جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڏهه هزار ماڻهو ڪٺا ٿي ويا، جنهن ساري ضلعي جي مخالف زميندار جو ساهه سڪائي ڇڏيو“.(ص 9).

سيد مير عبدالباقي جي قبرستان واري مسجد لاءِ ورتل ڪوشش جو ذڪر ڪندي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي:

”سکر ۾ سيد مير عبدالباقي پوراني جي قديم قبرستان ۾ سرڪار فاريسٽ آفيس لاءِ بنگلا ٿي ٺهرايا، جنهن ۾ هڪ ويران مسجد به اچي ٿي ويئي. ڪم شروع ٿي ويو، ديوارن جا بنياد کوٽيندي ڪيترا لاشا به نڪتا. خلافت ڪاميٽيءَ کي اها رپورٽ پهتي، جنهن هڪدم اشتهار ڪڍي قبرستان ۾ ميٽنگ ڪوٺائي، گورنر ۽ مڪاني آفيسرن کي تار جي رستي اطلاع ڪيا.... وري دوباره اچي مسجد ۾ ميٽنگ ڪري ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته قبرستان ۽ مسجد جي جا عزت ازروئي شريعت جي ٿي سگهي ٿي، تنهن ۾ ذرو به فرق پوڻ نه گهرجي، ٻي حالت ۾ اسان سول نافرماني ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. خلافت جي انهيءَ آواز تي يڪدم 125 والنٽيئر ستياگرهه لاءِ تيار ٿي ويا ۽ سرڪار مقام ڇڏي ڏنو“. (ص 1).

(افسوس، جو پاڪستان ٿيڻ سان مسلمانن انهيءَ قبرستان تي جايون ٺهرايون آهن، ۽ قبرستان جا نشان ئي مٽائي ڇڏيا آهن. هينئر اها مسجد نهايت زبون حالت ۾ موجود آهي.)

ضلعي سکر جي خلافت ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري عبدالستار آدم سکر ميونسپالٽي جو ميمبر به ٿي رهيو. سندس ڪوشش سان سکر مونسپالٽي ٺهراءُ پاس ڪيو، ته ٽائون هال جو نالو ”محمد علي جوهر ٽائون هال“ رکيو وڃي.

سنڌ جي مختلف خلافت ڪاميٽين وڏي ڪوشش وٺي انگورا فنڊ لاءِ ڪافي رقم گڏ ڪئي. ترڪن ۽ عربن لاءِ سنڌ جي مسلمانن جون همدرديون پوءِ قائم رهيون. اتحادين جڏهن فلسطين ۾ يهودين کي زمين ڏني، ۽ هنن اُتان فلسطيني عربن کي لڏائڻ شروع ڪيو، تڏهن هندستاني مسلمانن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ سال 1933ع ۾ مفتي اعظم فلسطين امين الحسيني ڪراچي ۾ آيو. مولانا محمد صادق کڏي واري سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، ۽ کيس همدردي جو يقين ڏياريو.

هندو - مسلمان ڇڪتاڻ

خلافت تحريڪ جي زور گهٽجڻ وقت هندو پنهنجي اصلي روپ ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا. هو مسلمانن لاءِ گهاٽ گهڙڻ لڳا ۽ مسلمانن کي نقصان پهچائڻ لاءِ حيلا هلائڻ لڳا. انهيءَ مقصد لاءِ هنن ”شڌي“ ۽ ”سنگهٽڻ“ تحريڪون شروع ڪيون. سنڌ جي هندن به انهن تحريڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڪري هندو - مسلمان ڇڪتاڻ پيدا ٿي پيئي. سڀ کان پهريائين سال 1922ع ۾ ملتان ۾ محرم جي موقعي تي فساد ٿيو. ان کان پوءِ مختلف هنڌن تي فساد ٿيا. اهي ڳالهيون سنڌ جي مسلمانن جي قوت برداشت کان ٻاهر هيون، انهيءَ ڪري سنڌ جي مسلمانن جي دلين ۾ هندن جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪي اُٿي. اسلام ۽ مسلمانن جي مذهبي رهنمائن جي خلاف دل آزاريندڙ ڪتاب لکڻ شروع ڪيا. اهڙا ڪتاب سنڌ ۾ سنڌي زبان ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيا. نتيجو اهو نڪتو جو جهڙيءَ طرح لاهور ۾ علم الدين، راجپال آچاريه کي قتل ڪيو، اهڙيءَ طرح ڪراچي ۾ غازي عبدالقيوم هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي سامهون نٿو رام آريه کي ڇرو هنيو، ڇاڪاڻ جو ان مسلمانن خلاف دل آزاريندڙ ڪتاب شايع ڪيو هو.

ان زماني ۾”الوحيد“ مسلمانن جي حق ۾ زور شور سان لکيو، ان کان سواءِ مخلص مرحوم به هندن جي حرڪتن تي دل کولي لکيو. ٻئي  وڏي صحافي نور محمد نظاماڻي به آريا سماجي اخبارن خلاف جهاد ڪندي، قلم کان تلوار جو ڪم ورتو، نظاماڻيءَ مرحوم کي به مخلص مرحوم وانگر نظم خواهه نثر تي هڪجهڙي قدرت حاصل هئي. مختلف وقتن تي ”نور اسلام“، ”مرغِ فلڪ“ ۽ ”طيرا ابابيل“ نالي هفتيوار اخبارون ڪڍيون. ان دور جي هندو اخبارن ”هندو“، ”سنسار سماچار“، ”هندو گزيٽ“، ”سنڌي“ ۽ ”ڀارت“ وغيره مسلمانن جي خلاف خوب لکيو.

سنڌ کي جـُـدا صوبو بنائڻ جي تحريڪ:

ان زماني ۾ سنڌ جدا صوبو نه هو. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کان ٿورو ئي پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري، سنڌ کي بمبئي علائقي سان ملائي ڇڏيو هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي مسلمانن 1908ع کان جدا صوبي بنائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هئي. شروع ۾ هندن به مسلمانن جو ساٿ ڏنو، پر پوءِ هندن مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ ته کين اهو اچي ساڙ ٿيو ته اقتدار مسلمانن جي هٿ ۾ اچي ويندو. ان جي باوجود سنڌ جا مسلمان سنڌ جي علحدگيءَ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. سنڌ جي مسلمانن جي انهن تحريڪن پاڪستان جي تحريڪ لاءِ راهه هموار ڪئي.

مارچ 1928ع ۾ پهرين آل پارٽيز ڪانفرنس دهليءَ ۾ منعقد ٿي. ان ۾ هندن، مسلمانن ۽ ٻين هندستان جي قومن جي انجمنن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٻن مهينن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جا 25 اجلاس ٿيا، پر ڪجهه به طئي نه ٿيو. آخر دهليءَ جو ملتوي ٿيل اجلاس بمبئيءَ ۾ 19 مئي تي منعقد ٿيو. ان ۾ هڪ ڪاميٽي بنائي ويئي، ته اها هندستان جو دستور مرتب ڪري ۽ اهو دستور آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو وڃي. ڪاميٽيءَ جو صدر پنڊت موتي لال نهرو مقرر ڪيو ويو.

نهرو ڪميٽيءَ رپورٽ مرتب ڪئي، جيڪا فتني فساد جي جڙ ثابت ٿي، ان ۾ ڪامل آزاديءَ جي بدران ”ڊومينين اسٽيٽس“ جو خاڪو پيش ڪيو ويو. مسلمانن جا سمورا مطالبا رد ڪيا ويا، صوبن کان هر قسم جا اختيار کسي مرڪز کي ڏنا ويا، صوبه سرحد ۽ بلوچستان کي ٻين صوبن جهڙو حق ڏيڻ گوارا نه هو ۽ سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ صوبي بنائڻ جي سخت مخالفت ڪئي ويئي. مسلمانن ان جي مخالفت ڪئي.

انهن ڏينهن ۾ مسٽر جناح مسلم ليگ جو صدر هو ۽ انگلينڊ ويل هو. هن انگلينڊ کان موٽي اچي مسلم ليگ جي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو. مسلم ليگ ”نهرو رپورٽ“ ۾ ترميم لاءِ تجويزون ڏنيون، جيڪي ڪانگريس قبول نه ڪيون، ان ڪري هندن ۽ مسلمانن ۾ ويڇا اڃا به وڌيا.

نتيجي ۾ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس وجود ۾ آئي، ته جيئن جنوبي ايشيا جي مسلمانن جي مفاد جو تحفظ ڪري سگهجي. هن تنظيم جو هڪ مقصد اهو به هو ته مسلمانن جي جماعتن جو اتحاد قائم ڪجي. مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين جا مسلمان ميمبر ڪانفرنس ۾ شامل ڪيا ويا. ان سان گڏ هيٺين جماعتن جا 20 -20 ميمبر به کنيا ويا:

1- مرڪزي خلافت ڪاميٽي 2- جمعيت العلماءِ هند 2- مسلم ليگ (لاهور).

انهن کان سواءِ ٻيون مکيه مسلمان شخصيتون به شامل ڪيون ويون. ڪانفرنس جو صدر هز هائينس سر آغا خان کي چونڊيو ويو ۽ ورڪنگ ڪاميٽي تي سنڌ مان سيٺ عبدالله هارون کي کنيو ويو. ڪانفرنس جو پهريون اجلاس 31- ڊسمبر 1928ع ۽ 1- جنوري 1929ع تي دهليءَ ۾ منعقد ٿيو. پهرين ڪانفرنس ۾ سنڌ جا هيٺيان سياسي رهنما شريڪ ٿيا:

سيٺ حاجي عبدالله هارون، عبدالحميد خان(سکر)، نواب خالقداد خان، عاليجاه مکي حسين مکي الله راکي.

مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ سنڌ جا جيڪي مسلمان ميمبر هئا، انهن مان هي صاحب شريڪ ٿيا: مير نور محمد خان(جيڪب آباد)، ايم. اي. کهڙو ۽ آنربل علي بخش محمد حسين.

ڪانفرنس ۾ مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪيترائي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا. ان کان پوءِ سال - سال ڪانفرنس جا مختلف اجلاس مختلف شهرن ۾ ٿيندا رهيا.

مئي 1929ع ۾ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي اليڪشن ٿي، جنهن ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ کي شڪست آئي ۽ ليبر پارٽيءَ کٽيو. ليبر پارٽيءَ ڪانگريس جي طرفداري ڪئي هئي. انهيءَ ڪري مسلمانن کي حڪومت ۾ ڪو به اعتماد نه رهيو. 29- جون تي مسٽر جناح وزيراعظم ميڪڊونالڊ کي خط لکيو، جنهن ۾ هن ”سائمن ڪميشن“ کي ننديندي  اها ڳالهه کولي لکي ته هندستان جي مسلمانن کي برطانيه جي قول ۾ اعتماد نه رهيو آهي.

آخرڪار سائمن ڪميشن جون سفارشون مئي 1930ع ۾ شايع ٿيون. ان ۾ 11- سيپٽمبر 1930ع تي لنڊن جي گول ميز ڪانفرنس ۾ نمائندن جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيندڙن جا نالا ظاهر ڪيا ويا. ان ۾ مولانا محمد علي جوهر، قائداعظم محمد علي جناح، سنڌ مان سر شاهنواز ڀٽي ۽ ٻين هندن ۽ مسلمانن جي نمائندن کي مدعو ڪيو ويو. گول ميز ڪانفرنس جو باضابطه اجلاس 17 - نومبر 1930ع کان شروع ٿيو. ان ۾ مولانا محمد علي جوهر اهڙي زوردار تقرير ڪئي، جو اها تقرير اڄ به دنيا جي شاهڪار تقريرن ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. اسان جي سنڌ جي نمائندي سر شاهنواز ڀٽي به زبردست تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي گهر ڪئي. هن پنهنجو موقف نهايت زوردار نموني سان پيش ڪيو ۽ سنڌ جي تاريخي، جاگرافيائي ۽ اقتصادي حالتن تي بحث ڪري ثابت ڪيو ته سنڌ هر لحاظ کان الڳ صوبي ٿيڻ جو حق رکي ٿي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي تقرير ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ سنڌ جي علحدگيءَ جو سوال به اُٿاريو ۽ سر شاهنواز خان ڀٽي جي گهر جي تائيد ڪئي.

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائگيءَ واري مسئلي کي برصغير پاڪ و هند جي مسلمانن جي نظر ۾ وڏي اهميت هئي. اهو ئي سبب هو، جو جڏهن آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جو اجلاس 5- اپريل 1931ع تي دهليءَ ۾ منعقد ٿيو، ته هڪ ٺهراءُ هي به پاس ڪيو ويو ته ”اسان گول ميز ڪانفرنس جي انهيءَ فيصلي جي پٺڀرائي ڪريون ٿا، ته سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪري الڳ صوبو بنايو وڃي.“

وري ٻي گول ميز ڪانفرنس سيپٽمبر 1931ع ۾ شروع ٿي. هن ۾ به قائداعظم محمد علي جناح شرڪت ڪئي. 16- اپريل 1932ع تي وزيراعظم برطانيه ”ڪميونل ايوارڊ“ جو اعلان ڪيو، جيڪو فقط صوبائي حد تائين محدود هو. مسلمانن لاءِ جدا چونڊ جو حق قائم رهيو.

 لارڊ ولنگٽن جنهن زماني ۾ بمبئيءَ جو گورنر هو، انهن ڏينهن ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان سندس جهڳڙو ٿيو هو، جنهن ۾ کيس شڪست آئي هئي. هينئر هو هندستان جو وائسراءِ ٿي آيو. قائداعظم محمد علي جناح ڏاڍو غيرتمند ماڻهو هو. ٻي گول ميز ڪانفرنس کان پوءِ هو هندستان موٽي نه آيو، پر انگلينڊ ۾ ئي رهي پيو ۽ اتي وڪالت ڪرڻ لڳو.

هيڏانهن هندستان ۾ ڪو به داناءُ، دلير ۽ سياسي حڪمت عمليءَ وارو ليڊر ڪو نه رهيو، انهيءَ ڪري ننڍي کنڊ پاڪ - هند جي مسلمانن جناح صاحب جي غير حاضريءَ کي سختيءَ سان محسوس ڪيو. سال 1933ع جي آخر ۾ مسلمانن جي سرڪرده رهنمائن جي هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو، ته مسلم ليگ کي مسلمانن جي سياسي مـُـستقبل لاءِ نئين طرح جياريو وڃي ۽ جناح صاحب کي اُن جي صدارت سونپي وڃي.

قائداعظم محمد علي جناح جيتوڻيڪ لنڊن ۾ رهيو، تڏهن به هو هندستان ۽ مسلمانن جي معاملن کي وساري نه سگهيو. 1934ع ۽ 1935ع جي درميان هن ڪيترا ڀيرا هندستان جو سفر ڪيو. بمبئيءَ جي مسلمانن سندس پرپٺ کيس آزاد اميدوار جي حيثيت سان مرڪزي اسيمبليءَ ۾ پنهنجو نمائندو چونڊيو. هو 1935ع ۾ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آيو ۽ وري موٽي ويو. آڪٽوبر تائين انگلينڊ ۾ ئي رهيو. انهيءَ دوران انگلينڊ جي بادشاهه ”گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935ع“ لاءِ منظوري ڏني.

آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جو آخري اجلاس 1935ع ۾ ٿيو، جنهن جو صدر سيٺ حاجي عبدالله هارون هو. هن صاحب 2- جولاءِ 1935ع تي برٽش پارليامينٽ جي ڪن ميمبرن کي تار ڪئي، ته گورنمينٽ آف انڊيا بل 1935ع جي ڪلاز 299 ۾ ترميم ڪئي وڃي، ۽ جدا انتخاب جو طريقو مقرر ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو مسلمانن جو اهو ئي مطالبو آهي.

1935ع ۾ قائداعظم هندستان موٽي آيو، ۽ کيس مسلم ليگ جو صدر بنايو ويو. اپريل 1936ع ۾ مسلم  ليگ  جو ساليانو اجلاس بمبئيءَ ۾ ٿيو. ان ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935ع تي غور ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو، ته ان ۾ جيتوڻيڪ اعتراض جوڳيون ڳالهيون آهن، تڏهن به حالتن جي تقاضا اها آهي، ته ان مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ان کان سواءِ اهو به فيصلو ڪيو ويو، ته مسلم ليگ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ قائم ڪيو وڃي، جنهن  جي اهتمام سان اليڪشن لڙي وڃي، جيڪا 1935ع واري ائڪٽ جي ماتحت ٿيڻ واري آهي. ان جو صدر قائداعظم محمد علي جناح کي بنايو وڃي.

ان کان اڳ ۾ مسلم ليگ عملي ۽ عوامي جماعت نه هئي، هينئر قائداعظم ان کي عوامي ۽ فعال جماعت بنائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون شروع ڪيون. ان سلسلي ۾ هن سڄي ملڪ ۾ دورا ڪيا، هو سنڌ ۾ ٻه- ٽي ڀيرا آيو ۽ هر هنڌ سنڌ جي ماڻهن سندس دل کولي آڌر ڀاءُ ڪيو.

انهيءَ ئي سال يعني سال 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي، جدا صوبو بنيو. سال جي آخر ۾ اليڪشن جون سرگرميون تيز ٿي ويون. هي اهو وقت هو، جو اڃا تائين مسلم ليگ سنڌ ۾ زور نه ورتو هو.

سنڌ ۾ سياسي ڇڪتاڻ

انهيءَ سال جي آخر ۾ اليڪشن جون سرگرميون شروع ٿي ويون. اليڪشن لاءِ ٽي پارٽيون ٺهيون: سر شاهنواز ڀٽي ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“، سر غلام حسين ”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ”سنڌ آزاد پارٽي“ بنائي. 7 فيبروري 1937ع تي اليڪشن ٿي، جنهن ۾ يونائيٽيڊ پارٽي ٽيويهه، پوليٽيڪل پارٽي پنج ۽ آزاد پارٽي ٽي جايون حاصل ڪيون. يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ هڪ ڊپٽي ليڊر سر عبدالله هارون ڪامياب ٿي نه سگهيا. ان پارٽيءَ جو ٻيو ڊپٽي ليڊر خانبهادر الله بخش سومرو ڪامياب ٿيو. جمهوري اصولن موجب سنڌ جي گورنر کي خانبهادر الله بخش سومري کي وزارت ٺاهڻ لاءِ چوڻ گهربو هو، پر گورنر جمهوري اصولن جي خلاف ورزي ڪندي سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو. گورنر جي انهيءَ قدم سنڌ ۾ سياسي اختلافن جو بنياد وڌو.

الله بخش سومرو هڪ وڏو ذهين ۽ هوشيار سياستدان هو. سندس عوام پسند ۽ حق پسند سياسي حڪمت عملي سبب آخر مارچ 1938ع ۾ سر غلام حسين جي وزارت ختم ٿي ۽ 7 مارچ 1938ع تي الله بخش سومرو وڏو وزير ٿيو. انهيءَ سال ڪشمور تڪ ۾ هڪ زميندار زين العابدين خان سندراڻيءَ جي وفات ڪري، اسيمبليءَ جي هڪ جاءِ خالي ٿي، انهيءَ ضمني چونڊ ۾ الله بخش سومري جي ڪوششن سان هڪ جاگيردار کي شڪست ملي ۽ هاري تحريڪ سان وابسته محمد امين خان کوسو ڪامياب ٿيو.

سنڌ جي هندن اڳي ئي سمجهيو ٿي ته سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿيندي، ته سنڌ جي حڪومت جي واڳ سنڌ جي مسلمانن جي هٿ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ جو مسلمان اڪثريت ۾ آهن، انهيءَ ڪري ئي هنن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي زوردار مخالفت ڪئي هئي. سندن سازشن ۽ مخالفتن جي باوجود جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي، تڏهن هنن سازشن ۽ حرڪتن جو وڌيڪ ڄار وڇائڻ شروع ڪيو. ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي صوبائي خودمختياريءَ جي ساڍن ڏهن سالن جي تاريخ باريڪبينيءَ سان نظر مان ڪڍي ويندي، ته معلوم ٿيندو ته هندن مسلمانن جي تعمير ۽ ترقيءَ جي سرشتي ۾ قدم قدم تي رڪاوٽون کڙيون ڪيون. مسلمانن جي مفاد جي حفاظت ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ اسيمبليءَ  ۾ جيڪي به بل پيش ٿيندا رهيا، انهن کي سازشن ۽ غلط ترميمن ذريعي بي اثر بنائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. انهيءَ سلسلي ۾ هنن ڪن ضمير فروش سرمائيدارن مسلمانن کي خريد ڪري، پنهنجي سازشن کي ڪامياب بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن جي سازشن ۽ حرڪتن جو نتيجو”21 شرطن“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو ان دور جو انسانيت سوز ۽ شرمناڪ دستاويز آهي ۽ هندو سياستدانن جي مسلم دشمنيءَ جو چٽو ثبوت آهي.

سنڌ ۾ مسلم ليگ جي نئين سر تنظيم:

هندن جون حرڪتون ڏسي، سنڌ جي مسلمانن محسوس ڪيو ته هندو سندن ڪڏهن به خيرخواهه ٿي نه سگهندا، انهيءَ ڪري مسلمانن جي هڪ مضبوط جماعت ۽ قيادت جي سخت ضرورت محسوس ڪئي ويئي. انهيءَ نقطئه نگاهه کان هنن پنهنجي ڀلائي ۽ بهتري مسلم ليگ سان وابسته سمجهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي مسلمان ليڊرن جي ڪوششن سان اپريل يا مئي 1938ع ۾ سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ  جو قيام عمل ۾ آيو. هن شاخ جو صدر ۽ محرڪ محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي هو، جيڪو بمبئيءَ وڃي، قائداعظم سان ملي، اجازت وٺي آيو هو. شاخ قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مسلم ليگ جا جلسا ٿيڻ لڳا. 10، 11 ۽ 12 آڪٽوبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي ڪانفرنس سڏائي ويئي، جنهن جي صدارت قائداعظم مرحوم ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ گڏيل هندستان جي سمورن مسلم ليڊرن شرڪت ڪئي، ڪانفرنس کي پوءِ ”ڪراچي ڪانفرنس“ سڏيو ويو. هن ڪانفرنس جي موقعي تي ڪراچي ۾ قائداعظم جو عظيم الشان جلوس ڪڍيو ويو. ڪانفرنس ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ واضح طور مطالبو ڪيو ويو ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، اتي مسلمانن جي حڪومت بنائي وڃي، ته جيئن ٻئي قومون جدا جدا آزاد حڪومتون قائم ڪري سگهن. ان ٺهراءُ جو پس منظر بيان ڪندي پير علي محمد راشدي لکيو آهي:

”مون حاجي صاحب(عبدالله هارون) کان پڇيو ته ان مسئلي (مسلمانن جي حقن) جو مستقل حل اوهان جي نظر ۾ ڪهڙو آهي؟ فرمايائين، ته حل ٻيو ڪهڙو آهي؟ سواءِ ان جي ته هندستان کي ورهائي، ان جا ٻه حصا ڪجن، ۽ اهي علائقا جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، مسلمانن جي حوالي ڪيا وڃن“.

انهن ئي جذبن ۽ ارادن ماتحت ڪراچي ڪانفرنس جي مهتمم سيٺ حاجي عبدالله هارون مرحوم ڪراچي ڪانفرنس جي اجلاس ۾ خطبه استقباليه ۾ چيو:

”اسان اڳ ۾ ئي اُن منزل تي پهچي چڪا آهيون، جتان اسان جا رستا جدا جدا ٿي وڃن ٿا، ۽ جيڪڏهن اسان جو (حق مطالبن جو) مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت  هندستان کي ”هندو هندستان“ ۽ ”مسلم هندستان“ ۾ ڪٽجي ورهائجي وڃڻ ۽ ٻن جدا جدا فيڊريشنن هيٺ رهڻ کان روڪي ڪا نه سگهندي“

ان ڪانفرنس ۾ قائداعظم مرحوم تقرير ۾ چيو:

”مون کي يقين آهي ته سنڌ جو صوبو هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ نمونو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي جي مسلمانن وڏي بيداري جو ثبوت ڏنو آهي. سنڌ کي جدا صوبي بنائڻ لاءِ مسلم ليگ جيڪي ڪوششون ورتيون، انهن کان اوهان باخبر آهيو. جيڪڏهن اوهان پنهنجا اختيارات استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، ته اوهان جي صوبي جي مسلم ليگ کي حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان ڪا به طاقت روڪي نٿي سگهي. 1925ع جي ائڪٽ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اعتراض جوڳيون آهن، ان هوندي به سنڌ جي ماڻهن لاءِ خاص طرح سان مسلمان جي اقتصادي، اخلاقي، تعليمي ۽ سياسي سجاڳيءَ جي لحاظ کان ان مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي استعمال ڪرڻ ضروري آهي“.

هي ڪانفرنس تمام ڪامياب وئي ۽ هن ئي ڪانفرنس ۾ هندستان جي ورهاڱي جو سنگ بنياد رکيو ويو، ان کان پوءِ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ فضا تيار ٿيڻ لڳي ۽ جدوجهد شروع ٿي ويئي،. هن ڪانفرنس ۾ قائداعظم پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي مسلمانن کي جيڪي هدايتون ڏنيون، انهن تي هنن عمل ڪيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي زور وٺائي، نه فقط سنڌ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت قائم ڪئي ويئي، بلڪ پوري برصغير ۾ سڀ کان پهرين سنڌ صوبائي اسيمبليءَ، پاڪستان جو ٺهراءُ به پاس ڪري ڏيکاريو، جيڪو جناب جي - ايم. سيد پيش ڪيو. ۽ وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ سان منظور ڪرايو.

انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين 27 نومبر 1938ع تي سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن جو باقاعده انتخاب ٿيو ۽ سر حاجي عبدالله هارون پريزيڊنٽ ٿيو. ان کان پوءِ سنڌ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا اختلاف وڌندا رهيا. هندن جي تعصب جي نتيجي ۾ هندو - مسلم فساد ٿيڻ لڳا. 1939ع ۾ سڀ کان وڏو واقعو ٿيو، جيڪو سکر جي مسجد منزل گاهه جي سلسلي ۾ هو. مسجد منزل گاهه جي آزاديءَ جو معاملو سنڌ جي مسلمانن ۽ حڪومت جي وچ ۾ هو، پر هندن خواه مخواه ٽنگ اڙائي، مسجد منزل گاه کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ سنڌ جي تاريخ رت سان رنڱجي ويئي.

مسجد منزل گاهه کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلمانن سول نافرماني ڪئي. هزارن جي تعداد ۾ مسلمان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان سکر پهتا ۽ مسجد منزل گاه تي زوري قبضو ڪيائون. حڪومت انهن کي زبردستي کڻي شهر کان ٻاهر ڪيترائي ميل پري ڦٽو ڪرڻ شروع ڪيو، پر مسلمان ايترا ته پهچي رهيا هئا جو حڪومت جي ڪا به تدبير هلي نه سگهي. لٺبازي ٿي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ڪم آندي ويئي، جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. تحريڪ جي ليڊرن ۽ هزارن مسلمانن کي جيل موڪليو ويو، پر ايترا ته جيل ۾ وڃڻ لاءِ تيار هئا، جو جيل به پورا پئجي نه سگهيا. آخر جيل جا دروازا کولي ڇڏيائون، پر مسلمانن جيل مان ڀڄڻ جي نه ڪئي. آخرڪار مسجد منزل گاهه مسلمانن کي ملي ويئي، پر انهيءَ وچ ۾ الله بخش وزارت مستعفي ٿي چڪي هئي. مسجد منزل گاهه تحريڪ ۾ سنڌ جي مسلمانن جي مرڪزي ليڊرن کان سواءِ سکر مسلم ليگ جي مک سربراهه نعمت الله قريشي مرحوم ۽ شڪارپور جي مک مسلم ليگي ڪارڪن واجد علي شيخ مرحوم وڏي جوش، جذبي ۽ جرئت ۽ همت سان ڪم ڪيو.

حر تحريڪ :

آزاديءَ جي تحريڪ  جي سلسلي ۾ حر  تحريڪ جي جدوجهد کي وسارڻ تاريخ  سان وڏي بي انصافي  ٿيندي. انگريز فيل  مست جي مقابلي  ۾ سنڌ جي مجاهد  حرن جي انقلابي تحريڪ جو آغاز 1929ع ۾ ٿيو، جنهن جي اڳواڻي  ۾ حرن جو روحاني رهنما ۽ مرد مجاهد پير صاحب  پاڳارو حضرت صبغت الله شاهه ڪري رهيو هو.

تحريڪ  جو عروج 1941ع کان 1947ع تائين رهيو. سنڌ جي هنن ٿورڙن مجاهدن مسلم جدوجهد جي ذريعي انگريزن جي  هيڏي وڏي طاقت  کي  جيڪي  ٽوٽا  چٻايا، دنيا  جي تاريخ  ۾ اهم مقام  والارين ٿا. هن هلچل هيڏي ساري منظم  حڪومت کي  ايڏو ته پريشان  ڪيو، جو انگريز حڪمرانن جون  وايون بتال ڪري ڇڏيون. حرن جي هلچل  جي زور ۽ اثر  جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ، جو 1942 کان 1943ع  تائين   مسلسل  ارڙهن  مهينا  حر ايراضين  سان ”مارشل لا“ لاڳو  رهيو.تاريخ  جي  ورق گرداني  مان معلوم  ٿيندو ، ته هندستان جي  تاريخ ۾  ايتري  وڏي  عرصي لاءِ  ڪڏهن به  مارشل لا  لاڳو نه رهيو.

حر تحريڪ  کي  چيٿارڻ  ۽ چيڀاٽڻ لاءِ  انگريزن  جيڪي ڪيس ڪلور  ڪيا، انهن  جو دنيا  جي تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. هزارين  جانيون قربان  ٿيون، سوين ڳوٺ ساڙيا ويا، ڪروڙن  جون ملڪيتون  تباهه ڪيون ويون  ۽ ضبط ڪيون ويون.ڦاسي گهاٽن  کي ناڪافي سمجهي، مجاهدن  کي مائرن ۽ زالن جي روبرو  قطارن  ۾ بيهاري گوليءَ  جو نشانو بنايو ويو، نوجوانن  سان گڏ  عورتن ۽ ٻارن ۽ پوڙهن  کي به قيد ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ  جي جوانن، سنڌ  کي رت سان ريج ڏنو، جنهن مان اڳتي هلي آزاديءَ انگور ڪڍيا ۽ مسلمانن جي جدا  مملڪت جو قيام  عمل ۾  آيو.

پاڪستان  جي قيام جو ٺهراءُ:

1940ع ۾ مسلم ليگ  جي لاهور واري اجلاس  ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ٿيو. ان کان اڳ ۾  ان  ٺهراءَ  جي سلسلي ۾ حاجي عبدالله هارون مرحوم وڏي ڪوشش ورتي. هن 2 فيبروري 1940 ع تي مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ کي خط لکيو، جنهن ۾ صاف ڄاڻايائين ته کليءَ طرح هندستان جي ورهاڱي لاءِ ۽ پاڪستان  لاءِ مطالبو ڪيو وڃي. انهيءَ خط جي بنياد تي لاهور واري اجلاس ۾ پيش ڪرڻ لاءِ مشهور ”قرار داد پاڪستان“ جو مسودو تيار ٿيو، جيڪو 23- مارچ 1940ع تي لاهور واري اجلاس ۾ پاس ٿيو، ان کان پوءِ پاڪستان جي حصول لاءِ باقاعدي  تحريڪ شروع  ٿي، حاجي عبدالله هارون مرحوم جي خط جو نقل هيٺ ڏجي ٿو:

                دفتر فارين ڪاميٽي آل انڊيا مسلم ليگ  نئين دهلي

                        2-فيبروري 1940 ع

از طرف: سر حاجي عبدالله هارون، ايم.ايل.اي

        چيئرمين فارين ۽ انلئند ڊيپوٽيشن سب ڪميٽي

        آل انڊيا مسلم ليگ، نئين دهلي

ڏانهن: آنر ڀري سيڪريٽري، آل انڊيا مسلم ليگ دهلي.

        صاحب من،

آئون  اوهان جي اڳيان اهو  ٺهراءُ پيش ڪريان ٿو،  جيڪو فارين  ڪميٽيءَ ۽ هندستان جي آئين  متعلق مختلف  تجويزون  تيار ڪندڙ صاحبن جي گڏيل اجلاس  ۾ پاس ڪيو ويو  آهي،اوهان  مهرباني  ڪري  اهو  ٺهراءُ  پريزيڊنٽ آل انڊيا  مسلم ليگ  جي اڳيان رکندا.

”پهرين  فيبروري 1940 ع جو  فارين ڪاميٽي  ۽ انهن جي  صاحبن، جن هندستان جي  آئين متعلق  متبادل  تجويزون  مسلم ليگ ڏانهن موڪليون  آهن، تن جو گڏيل  اجلاس سر حاجي  عبدالله هارون  جي صدارت  هيٺ منعقد  ٿيو. اڄ تائين  آيل سموريون  تجويزون، موجوده  ملڪي ۽  بين الاقوامي  واقعن، ملڪ  جي اندر  جلد جلد  بدلجندڙ  حالتن  حڪومت  جي نمائندن،ڪانگريس  ۽  ٻين جماعتن  جي ليڊرن  جي متضاد  بيانن  جي روشنيءَ  ۾ غور هيٺ آيون.

 هن اجلاس جي راءِ  آهي ته وقت  اچي ويو آهي، جڏهن مسلم ليگ جي ورڪنگ  ڪاميٽيءَ  کي استدعا ڪئي وڃي  ته  هوءَ  صاف، سڌي ۽ کليل زبان ۾ هندستان  جي مسلمانن  جي مستقبل  جي باري  ۾ پنهنجو  عقيدو دنيا اڳيان پيش  ڪري ڇڏي ۽  ساڳئي  وقت مسلمان  قوم کي به تيار  ڪري، ته هوءَ  هيٺين بنيادي  حقن جي حصول  لاءِ اٿي  کڙي ٿئي:

(الف) هندستان جا نو ڪروڙ مسلمان هڪ جدا قوم آهن ۽ خوداراديت جي انهن حقن حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. جيڪي حق ساڳين حالتن هيٺ ٻين قومن کي ڏيڻ قبول ڪيا ويا آهن.

(ب) هندستان جا مسلمان ڪنهن به حالت ۾ اها ڳالهه قبول ڪو نه ڪندا ته کين ڪن غير متعلقه خيالن يا فائدن وٺڻ خاطر يا سياسي مصلحتن سببان  اقليت جي حيثيت قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

(ج) مسلمانن کي حق خود اراديت صحيح ۽ اثرائتي انداز ۾ ماڻڻ جو موقعو ميسر ٿئي، تنهن لاءِ هو پنهنجو جدا ملڪ ۽ آزاد رياست بنائيندا.

(د) جيڪي مسلمان اهڙي ملڪ جي حد کان ٻاهر رهجي ويندا، تن کي به ان مسلماني ملڪ جو شهري سمجهيو ويندو ۽ سندن حقن ۽ مراعات کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح سان اُپاءُ ورتا ويندا.

(هه) مسلمان قوم هر ان آئيني اسڪيم جي زوردار مخالفت ڪندي، جيڪا مٿي ذڪر ڪيل اصولن جي ابتڙ هوندي.

آئون اوهان کي وڌيڪ هيءُ ٻڌاڻ گهران ٿو ته هڪ سب ڪاميٽي ٺاهي  ويئي  آهي، جيڪا اڄ کان وٺي روزانو اجلاس ڪري، انهن مطالبن جي جواز ۾ مواد فراهم ڪندي، ان ڪاميٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر نئين دهليءَ ۾ هوندو.

اوهان جو نيازڪيش

عبدالله هارون

چيئرمين فارين سب ڪميٽي

(اهي ڏينهن اهي شينهن، جلد ٻيو، صفحي 310 کان 310 ج تائين)

ان ٺهراءَ کان پوءِ نهايت زور شور سان پاڪستان جي حصول لاءِ تحريڪ هلندي رهي. سنڌ جي رهاڪن به ان ۾ جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. سڄي هندستان جي سڀني صوبن کان اڳ پهريون ڀيرو سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ، 1943ع ۾ پاڪستان جي قائم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. هي ٺهراءُ محترم جي - ايم سيد پيش ڪيو هو، ٻي ڪنهن به صوبي جي اسيمبليءَ اهڙو ٺهراءُ نه اڳ پاس ڪيو هو ۽ نه پوءِ ئي ڪا اسيمبلي پاس ڪري سگهي. نه فقط ايترو پر پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت پنجن سالن کان هلندي ٿي آئي. ان مان سنڌ جي مسلمانن جي مسلم ليگ سان وابستگي ۽ مسلمانن جي الڳ وطن جي قيام لاءِ ورتل ڪوششن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

1946ع جي آخر ۾ ملڪ ۾ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو پروگرام تيار ٿيو. مسلم ليگ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ قائداعظم ملڪ جو دورو ڪيو. ان سلسلي ۾ هو سنڌ ۾ به آيو. 28- آگسٽ تي ڪراچيءَ ۾ اخبارن کي بيان ڏيندي چيائين ته:

”مان هر مسلمان جو، جيڪو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو آهي، خير مقدم ڪريان ٿو. ان کي اپيل ڪريان ٿو ته هو هن نازڪ وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏئي. مسلم ليگ جي سيني ۾ نه ڪنهن سان بغض آهي ۽ نه ساڙ آهي ۽ نه ڪاوڙ ئي آهي. آئينده چونڊن ۾ اسان جا مطالبا آهن: پاڪستان ۽ مسلم ليگ جي نمائندگيءَ جو ثبوت.“

سنڌ جي مسلمانن اها ڳالهه به ثابت ڪري ڏيکاري.

9- ڊسمبر 1946ع تي ملڪ ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ڪرايون ويون، ان لاءِ ته جيئن معلوم ڪيو وڃي، ته مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن جي واحد جماعت آهي يا ڪانگريس جو به مسلمانن ۾ اثر آهي. انهن چونڊن ۾ مسلم ليگ کي ڪاميابي حاصل ٿي، پر وڏي ڪاميابي ان کي سنڌ ۾ ئي حاصل ٿي. سنڌ ۾ مسلم ليگ 99 سيڪڙو جايون حاصل ڪيون، مسلم ليگ فقط هڪ جاءِ ٺل ضلعي جيڪب آباد واري هارائي، پر اهو به آزاد ميمبر هو، جيڪو اليڪشن کٽڻ کان پوءِ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي مسلمانن پاڪستان جي قائم ڪرڻ ۽ قائداعظم جي ساٿ ڏيڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو آزاديءَ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهي. قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن پنهنجو مرڪزي ۽ مکيه شهر”ڪراچي“ پاڪستان جي حڪومت جي حوالي ڪري،  پاڪستان جي قيام کان پوءِ ان جي استحڪام لاءِ تمام وڏي قرباني ڏني.

ماخذات

(1) حالات قائداعظم محمد علي جناح، خالد اختر افغاني، علميه بوڪ ڊيپو بمبئي، 1947ع(اردو).

(2) پاڪستان ناگزيز تها، سيد حسن رياض، ڪراچي يونيورسٽي 1967ع (اردو).

(3) ياد جانان، مولانا دين محمد وفائي مرحوم، 1920ع (سنڌي).

(4) ڪلام شيرل، شير محمد ”شيرل“ چنو (سنڌي).

(5) تذڪره شعراءِ سکر، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج سکر، 1965ع (سنڌي).

(6) مهراڻ جي مجلس، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج سکر، 1967ع (سنڌي).

(7) مولانا معين الدين صديقي سيوهاڻي،”الخلافه“، حيدرآباد، 1919ع(سنڌي).

(8) عبدالستار آدم، سيڪريٽري ضلع خلافت ڪميٽي سکر جي رپورٽ، سکر، 1924ع (سنڌي).

(9) روزنامه ”الوحيد“ جو سنڌ آزاد نمبر، 1936ع.

(10) روزنامه ”الوحيد“ جا مختلف پرچا.

(11) ماهنامه”توحيد“ (ايڊيٽر: مولانا دين محمد وفائي) جا مختلف پرچا.

(12) سماهي”مهراڻ“ (سوانح نمبر) مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

(13) سماهي ”الوحيد“ (سوانح نمبر)مرتب: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي.

(14) سماهي ۽ ماهنامه ”الوحيد“ جا مختلف پرچا.

(15) سماهي ”مهراڻ“ (قائداعظم نمبر) 1976ع (ايڊيٽر: مولانا غلام محمد گرامي).

(16) ڊاڪٽر سيد محمود شاهه ”مولانا تاج محمود امروٽيءَ جون علمي خدمتون“، پي . ايڇ. ڊي. جو مقالو(اڻ ڇپيل).

(17) تحريڪ شيخ الهند، مرتب: مولانا سيد محمد ميان، مڪتبه محموديه لاهور، 1978ع(اردو).

(18) پير علي محمد راشدي، اهي ڏينهن اهي شينهن،(جلد ٻيو)، سنڌي ادبي بورڊ، 1980ع.

(19) History  of the freedom movement, Karachi, 1957-63 Vols 8.

(20) Muslim League:yesterday and tody, Lahore 1948, Rajput, A.B.

(21) Speeches by Quaid-e-Azam Muhammad Ali Jinnah, governor general of  Pakistan, Karachi.

(22) The transfer of Power in India:Memon, V.P. Culctta 1957.

(23) Pakistan movements- historic documents, compiled and edited by g.Allana. Karachi, Second edition 1968.

(24) Foundation of Pakistan:All India Muslim League Documents 1906-4, Syed Sharifuddin Pirzada, National Publishing House, Vol I and II

(25) The All India Muslim conference, 1928-1935،K.K. Aziz, National Publishing House Ltd.Karachi, 1972.

(26) India Divided: Dr: Rajandra Parsad, Book Traders, Lahore, 1978.


(1) عبدالستار آدم خلافت جو جوشيلو ڪارڪن هو. هو ڪڇي ميمڻ هو، سندس والد روزگار سانگي ڪڇ مان لڏي اچي سکر ۾ متوطن ٿيو هو. هن پنهنجو ڪاروبار ڇڏي، وڏي جوش ۽ جذبي سان خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪيو، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ماڻهن ۾ جوش جاڳايائين. مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ به سر ٽوڙ ڪوشش ورتائين. 5 - مارچ 1931ع تي وفات ڪيائين ۽ شيخ شينهن جي قبرستان ۾ مدفون ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com