سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :7

رشدالله راشدي، سيد:(2)

 ڳوٺ پير جهنڊي(تعلقه هالا) جا مشهور عالم دين، شيخ طريقت، سياسي ۽ انقلابي اڳواڻ هئا مدرسه دارالرشاد پير جهنڊي جا پاڻ باني هئا. حضرت شيخ الهند سان سندن خاص تعلق هو. ”ريشمي خطن واري سازش“ ڪيس ۾ کين تعصبي، انتهاپسند، ڪٽر وهابي، مولانا سنڌي جو خاص ساٿاري، تحريڪ جي هڙان وڙان مدد ڪرڻ وارو، انگريزن کان نفرت ۽ سندن خلاف نفرت پکيڙيندڙ، انگريزن جي خلاف پهرين جرمني ۽ پوءِ ترڪيءَ جي سوڀ جي خواهشمند ۽ ديوبند سازشين سان مليل ڄاڻايو ويو آهي ۽ اهو پڻ لکيو ويو آهي ته هو پنهنجن مريدن کان انگريزن خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ بيعت وٺندو هو. سندن دشمنن جي زباني، سندن متعلق ايمان جي پختگي، ديني نفرت پکيڙيندڙ، اسلامي غيرت ڏياريندڙ، ايثار ۽ قربانيءَ جو متوالو، جهڙا الفاظ ادا ٿين ته هي سندس لاءِ ڪو معمولي خراج تحسين ناهي. تحريڪ ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ سندن ذڪر هن ريت آيو آهي:

”رشدالله پير جهنڊي وارو مشهور سنڌي پير، پير جهنڊو، تعلقو هالا، ضلع حيدرآباد سنڌ جو رهاڪو، وڏو تعصبي ۽ مذهبي جنوني آهي. سندس سنڌ، ڪاٺياواڙ، بلوچستان، ۽ بهاولپور رياست ۾ ڇهه لک کن مريد آهن. هو اڪثر پنهنجن مريدن وٽ ويندو رهندو آهي. پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو دارالرشاد مذهبي تعليم ڏيڻ لاءِ قائم ڪيو اٿائين. مولوي عبيدالله ان مدرسي ۾ سنه 1909ع تائين وڏي ۾ وڏو معلم ۽ مهتمم ٿي رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته پير رشدالله هڪ ڪٽر وهابي آهي ۽ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته هن هڪ موقعي تي آزاديءَ جي سورمن لاءِ پنهنجي عيوضيءَ جي هٿان مدد طور پئسا پڻ موڪليا هئا. انگلينڊ جو سير پڻ ڪيو اٿائين. عبيدالله جو خاص ساٿاري تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي ڪابل موڪلڻ ۾ هن وڏي مدد ڪئي هئي. مولوي عبدالله (لغاري) سنڌي ۽ فتح محمد ڪابل کان جيڪي خط عبيدالله طرفان کڻي آندا هئا، تن مان هڪ خط پير جهنڊي جي نالي هو، جنهن ۾ پير صاحب کي گذارش ڪيل هئي ته هو جهاد لاءِ مدد ڪري.

ريشمي خط آڻڻ واري شيخ عبدالحق هٿان عبيدالله جو هڪ ٻيو خط پڻ پير جهنڊي واري لاءِ موڪليو هو. ان خط ۾ ڄاڻايل هو ته هــُـو(پير صاحب) هڪ هزار رپيا روڪ مولوي احمد علي هٿان موڪلي ڏئي، جيڪو حج تي وڃڻ واو آهي. جنگ شروع ٿيڻ کان ڇهه ست سال اڳ ۾ هو مذهبي انتهاپسنديءَ جو اظهار ڪندو رهندو هو، ۽ پنهنجي بيان مطابق انگريزي تهذيب ۽ عيسائي مذهب کي تمام سخت نموني ننديندو رهندو هو. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ، هن جرمنيءَ جي فتح ۽ جڏهن ترڪي به جنگ ۾ شامل ٿيو، ته پوءِ ترڪيءَ جي ڪاميابيءَ جون ڳالهيون کليءَ طرح ڪرڻ لڳو. شايد عبيدالله جي خراب اثر ڪري هو پنهنجي تقريرن ۾ محتاط ٿي ويو هو. بعد جي کوجنا مان ظاهر ٿيو ته پير رشدالله جو ڳانڍاپو ديوبندي سازشين سان پڻ هو. چيو وڃي ٿو ته جهنڊي وارو پير پنهنجن مريدن کان جهاد جي بيعت وٺندو هو.“

شاهه بخش لاشاري:

حضرت شيخ الهند جي نالي مولانا محمد ميان جي ريشمي خطن ۾ ۽ ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ پڻ سندن نالو اٽڪل ڇهه ڀيرا ڌار  ڌار جاين تي آيو آهي. پاڻ حيدرآباد سنڌ جا رهاڪو آهن. ڪجهه زمين هين، گهڙين جي مرمت ۽ طبابت سندس ڌنڌو هو، تنهنڪري سازش ڪيس ۾ کيس ڊاڪٽر (طبيب) چيو ويو آهي. حڪيم (قاضي) عبدالعزيز ۽ شيخ عبدالرحيم جن جو وفادار ساٿي ۽ شيخ الهند جي تحريڪ جو رڪن ۽ سندن ڀروسي جوڳو ساٿي هو. مولانا حسين احمد مدني ته کين حضرت شيخ الهند جي رفيقن ۾ شامل ڪندي لکي ٿو ته: ”هو حيدرآباد سنڌ جو رهاڪو ۽ آزاديءَ واري تحريڪ جو بنيادي ميمبر هو. سن 1915ع ۾ حضرت شيخ الهند کان پهريائين عربستان هليا ويا هئا. حضرت شيخ الهند ترڪيءَ جي مدبرن هر هڪ غالب پاشا ۽ جمال پاشا جون ڪي لکڻيون حاصل ڪري هندستان موڪليون هيون، جيڪي سيد هادي حسن ۽ شاهه بخش لاشاري جي حفاظت ۾ هيون. سيپٽمبر 1916ع ۾ هو سنڌ موٽي آيو ۽ جڏهن ريشمي رومال تحريڪ جو راز ظاهر ٿيو ته سڀ کان پهريائين گرفتار ٿيڻ وارن ۾ هي شامل هو.

سازش ڪيس جي فرياد جي جملي نمبر 45 مان پڻ هي معلوم ٿئي ٿو ته سندس گرفتاري 12- سيپٽمبر 1916ع ڌاري ٿي. ريشمي رومال سازش ڪيس جي ڏوهارين جي صف ۾ سندس سڃاڻپ هيٺين ريت ڪرايل آهي:

”خدائي فوج (ڇوٽڪارو ڏيندڙ فوج) ۾ هيءُ ليفٽيننٽ ڪرنل آهي. حضرت مولانا شيخ الهند جي نالي عبيدالله جي لکيل خطن ۾ پڻ هيءُ نالو ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر حاجي شاهه بخش ولد امام بخش لاشاري بلوچ حيدرآباد سنڌ جو ويٺل، گهڙي ساز ۽ تمام ننڍو زميندار آهي، جنهن جو يوناني طب سان پڻ تعلق آهي. هي ان جهاز ۾ عربستان ويو هو، جنهن جهاز ۾ مولانا خليل احمد سهارنپوري ۽ سندس پارٽيءَ سيپٽمبر 1915ع ۾ سفر ڪيو هو، ۽ ”ايس. ايس. اڪبر“ نالي هڪ جهاز ۾ سيپٽمبر 1916ع  ۾ واپس هندستان آيو هو ۽ مولوي خليل احمد پڻ ساڳئي جهاز ۾ سوار هو. مولوي حبيب الله، حڪيم عبدالقيوم ۽ شيخ عبدالرحيم(جن جي نالي تشريحي ريشمي خط موڪليا هئا) حيدرآباد جو ويٺل ۽ وفادار ساٿي آهي. هو مولانا محمود حسن جي جهاد جي سازش جو رڪن هو، تنهن حجاز کان هندستان پهچڻ شرط يڪدم حڪيم عبدالقيوم ۽ شيخ عبدالرحيم کي تارون موڪليون ته ساڻس حيدرآباد ۾ اچي ملن. ممڪن آهي ته هو مولانا محمود حسن جا نياپا کڻي آيو هجي. (مولانا) محمود حسن، انور پاشا ۽ غالب پاشا کان عربستان ۾ جيڪي ڇهه فرمان حاصل ڪيا هئا، سي حاجي شاهه بخش ۽ سيد هادي بخش جي گڏيل حفاظت ۾ هندستان موڪليا هئا، ته جيئن اهي سيد نورالحسن ويٺل رٿيڙي ضلع مظفر نگر (يو. پي.) کي ڏنا وڃن.

تحريڪ ريشمي رومال سان لاڳاپو، شيخ عبدالرحيم سان تعلقات ۽ گرفتاري جي باري ۾ ريشمي تحريڪ سازش جي سلسلي ۾ 21 سيپٽمبر 1916ع واري ياداشت مان پڻ خبر پوي ٿي ۽ ان ۾ لکيل آهي ته، ”مقامي انتظاميه پنهنجي منهن، ان کان سواءِ(1) ٽن ٻين ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو آهي، جن جو شيخ عبدالرحيم جي ٽولي سان گهرو تعلق هو، تن جا نالا هي آهن: مولانا تاج محمود امروٽي، پير اسد الله شاهه ۽ حاجي شاهه بخش، تن مان آخري ذڪر ڪيل(حاجي شاهه بخش) پڻ عربستان کان انهيءَ ساڳئي جهاز ۾ واپس پهتو هو، جنهن ۾ خليل احمد سهارنپوري واپس اچي رهيو هو. هندستان پهچڻ شرط هن شيخ عبدالرحيم کي تار ذريعي پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو ۽ بعد ۾ ساڻس ملڻ لاءِ حيدرآباد ويو. هو عبدالرحيم جو پراڻو ساٿياري آهي. شايد هو هن معاملي(سازش تحريڪ) ۾ گهڻي حد تائين ملوث آهي.“

قاضي محمد اڪبر(مرحوم) سندس صورت ۽ سيرت جي باري ۾ دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن. هن لکيو آهي ته ”شيخ عبدالرحيم سنڌي ۽ حاجي شاهه بخش جو هڪ ڳالهه تي اڪثر بحث مباحثو ٿيندو رهندو هو. شيخ صاحب هن خيال جو هو ته جيترو ٿي سگهي گرفتاريءَ کان بچي ڪم جو پورائو ڪجي، توڙي جو ان لاءِ ويس ڇو نه بدلائڻو پوي، مگر حاجي صاحب پنهنجي هوڏ تي رهي پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ پوشاڪ بدلائڻ جي سخت خلاف هو. اڪثر شيخ صاحب کين چوندو هو ته توهان جو وهنجڻ ۽ وضو ڪرڻ ئي اسان کي هڪ ڏينهن ڦاسائيندو. واقعي ٿيو به ائين، جو حاجي شاهه بخش لاشاري پنهنجي اصلوڪي ملاڻڪي رنگ ڍنگ ۾ رهڻ سبب حيدرآباد اسٽيشن تي پڪڙجي پيو ۽ شيخ عبدالرحيم، جيڪو ڏاڙهي ڪوڙائي سوٽ پائيندو هو، سو ماڻهن جي ميڙ ۾ اهڙو غائب ٿي ويو، جو پوليس ته ڇا پر سي. آءِ. ڊي وارا به کين ڳولي نه سگهيا.“

ساڳئي مضمون ۾ قاضي صاحب موصوف اڳتي هلي لکي ٿو، ته ”جيتريقدر منهنجي يادگيريءَ جو تعلق آهي ته حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي پڪڙجڻ واري حاجي شاهه بخش لاشاري کي ٽي سال سخت پورهئي سان سزا ملي هئي.“  منهنجي خيال مطابق هن ڏس ۾ مولانا حسين احمد مدنيءَ جو هيءُ بيان (قاضي محمد اڪبر کان) وڌيڪ ڀروسي جوڳو آهي. (مدني) چوي ٿو ته هو جڏهن وطن پهتو، ته کين گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن نظر بند رهڻ کان پوءِ کيس ڇڏيو ويو. اهو عرصو ٽن سالن کان گهٽ هو. شاهه بخش لاشاري سن 1962ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ فوت ٿيو.

عبدالرحيم شيخ:

سنڌ جي مشهور عامل خاندان جو هڪ فرد حيدآباد سنڌ جي گاڏي کاتي ۾ رهندو هو. سندس والد جو نالو ڀڳوانداس هو. هندستان جو مشهور سياسي اڳواڻ ڪي. بي. آچاريه سندس ننڍو ڀاءُ هو. شيخ عبدالرحيم اسلام جي سچائيءَ کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو هو. دين جي تبليغ ۽ اشاعت جو کيس ايترو ته جذبو هو، جو سندس ڪوششن سان گهڻن ئي بااثر هندن اسلام قبوليو هو. سندس ان ڳالهه جي اهميت جو ذڪر سي. آءِ. ڊي (پوليٽيڪل) پنجاب جي سپرنٽينڊنٽ اي. ڊبليو مير سير پڻ ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ”عبدالرحيم باحيثيت هندن کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوششن سبب گهڻو بدنام آهي.“

قاضي محمد اڪبر(مرحوم) سندس ڪوششن سان مسلمان ٿيندڙ ڪن ناميارين هستين جا نالا ڳڻايا آهن: شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شيخ نور محمد، جو ڪابل ۾ مولانا جو ساٿياري ۽ ماسڪو واري سفر ۾ ساڻن گڏ هو، سنڌ جو مشهور صحافي شيخ عبدالله ايڊيٽر”نومسلم“، شيخ عبدالقدوس نوراني، ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، شيخ عبدالعزيز، جيڪو قنڌاري جي نسبت سان مشهور آهي ۽ شيخ غلام محمد انهيءَ دلير ۽ سرويچ هستيءَ جي تبليغي ڪوششن کان متاثر ٿي، مسلمان ٿيا هئا. شيخ عبدالرحيم ملڪ جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ نهايت دليرانه حصو ورتو. تحريڪ شيخ الهند جو سرگرم ۽ اهم رڪن هو. هندستان، عربستان ۽ ڪابل ۾ موجود وڳوڙين جي وچ ۾ ڳانڍاپي جو ڪم ڏيندڙ ليکجڻ ۾ اچي ٿو.

21- سيپٽمبر 1916ع جي ياداشت ۾ سندس اهميت بابت وضاحت ملي ٿي: ”حيدرآباد سنڌ جي شيخ عبدالرحيم بابت معلومات نه ملي سگهي آهي. هن ڪيس ۾ سندن اهميت ڏينهون ڏينهن واضح ٿيندي وڃي ٿي.“

ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج ۾ کين ڪرنل جو عهدو حاصل هو. ريشمي خطوط ۾ پهريون خط سندس ئي نالي هو. تحريڪ جو راز ظاهر ٿيو، ته سڀ کان پهرين جن انقلابين جي گرفتاريءَ جو حڪم جاري ٿيو، تن ۾ پهريون نالو شيخ عبدالرحيم جو هو، پر جيئن شاهه بخش لاشاريءَ جي تذڪري ۾ قاضي محمد اڪبر جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو آزاد رهي گهڻي کان گهڻو ڪم ڪرڻ جو قائل هو، تنهنڪري گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ روپوش ٿي ويو. سي. آءِ . ڊي کي سندس متعلق اها به خبر پئجي نه سگهي، ته هو ملڪ ۾ ئي آهي يا ڪابل هليو ويو آهي.

ريشمي رومال سازش ڪيس جي ڏوهارين ۾ ان جو ذڪر هيٺين لفظن ۾ آيو آهي:

”شيخ عبدالرحيم ويٺل حيدرآباد سنڌ، جنهن کي ريشمي خطن مان تشريحي خط موڪليو ويو هو، ڀڳوانداس زميندار جو پٽ آهي. هندو مان مسلمان ٿيو هو. ٻين حيثيت وارن هندن کي مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش جي سبب ڪافي بدنام آهي درزڪو ڪم ڪندڙ، حيدآباد ۾ حڪيم عبدالحڪيم جي گهر جي ويجهو گاڏي کاتي ۾ رهندو هو. شيخ ابراهيم سنڌي ايم. اي اڳوڻو پروفيسر حبيبيه ڪاليج (ڪابل)، عبدالمجيد ايڊيٽر ”الحق“ حيدرآباد ۽ مولوي عبيدالله جو ساٿي آهي. عبيدالله جي ڪابل واري سفر جي بندوبست ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي هئائين. سازش جو هڪ اهم رڪن ۽ هڪ مشهور متعصب آهي، جو هندستان، حجاز ۽ ڪابل ۾ موجود سازشين جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪري ٿو. ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج جي فهرست ۾ڪرنل آهي. سندس موجوده ائڊريس معلوم نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته عبيدالله سان گڏ ڪابل ۾ هجي.“

قاضي محمد اڪبر سندن حالات متعلق لکيو آهي ته ”شيخ عبدالرحيم سنڌي روپ بدلائي تحريڪ آزادي ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ تبليغ جو فرض پڻ پورو ڪندو رهيو. اهڙيءَ ريت هـُـو  سرهند شريف پهتو، جتي سندس پساهه پورا ٿيا. اتي ئي دفن ٿيل آهي. سندس قبر اڄ به اهلِ فڪر جي رت ۾ جوش پيدا ڪري ٿي، ڇو ته هي خود تحريڪن جو مجموعو هو.“ 

عبدالقيوم، حڪيم:

ريشمي خطوط سازش ڪيس ۾ حڪيم قاضي عبدالقيوم جو نالو چئن جڳهين تي آيو آهي. پهريون ڊفينس ايڪٽ جي رول نمبر 7 ۽ 12 الف هيٺ گرفتاريءَ جي حڪم جي سلسلي ۾ بمبئي حڪومت جي نالي 14- سيپٽمبر 1916ع  واري تار ۾ شيخ عبدالقيوم کان پوءِ ٻيو نالو حڪيم عبدالقيوم جو آهي. تار ۾ ڄاڻايل آهي ته:”عبدالحق ٻڌايو آهي ته هيءُ اهم شخص آهي، ڇو ته هو شيخ عبدالرحيم ۽ هيٺ ڄاڻايلن جو ويجهو ساٿي آهي. پڪ ئي پڪ عبدالقيوم کان قيمتي معلومات حاصل ٿي سگهي ٿي. شايد سنڌ پوليس کانئس واقف نه آهي.“

”هيٺ ڄاڻايلن“ جي سلسلي ۾ عبدالله حيدرآباد سنڌ وارو، فتح محمد حيدرآباد سنڌ وارو ۽ محمد ميان جا نالا آيا آهن.

ان کان پوءِ چيو ويو آهي ته ”حڪيم عبدالقيوم جو نالو عبدالحق جي ڇپيل بيان ۾ شامل نه آهي. عبدالحق جي ٻئي بيان مطابق هو گهڻو ملوث نظر اچي ٿو، جنهن تي اسان جي شڪ ڪرڻ جو ڪو سبب نه آهي“. اڳتي هلي چيو ويو آهي ته مقامي عملدار حڪيم عبدالقيوم کان چڱيءَ طرح واقف آهن.

هيءَ تار ۽ رپورٽون سي آر ڪيولينڊ جون ترتيب ڏنل آهن. پنهنجي رپورٽ ۾ هن چوٿين جڳهه تي لکيو آهي ته، ”عبدالقيوم جي ائڊريس پوليس سولائيءَ سان هٿ ڪئي. هو حيدرآباد جو ميونسپل ڪمشنر ۽ شيخ عبدالرحيم جو ساٿي آهي. کيس گرفتار ڪري. ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.“ هن رپورٽ جي تاريخ 21 سيپٽمبر 1961ع آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته 14 کان 12 سيپٽمبر جي وچ واري هفتي ۾ سندس گرفتاري ٿي ۽ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.

حڪيم عبدالقيوم سنڌ جي مشهور سماجي اڳواڻ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو ننڍو ڀاءُ ۽ قاضي محمد اڪبر جو والد هو. قاضي صاحب ريشمي رومال تحريڪ سان سندس ويجهڙائيءَ وارو لاڳاپو ۽ سندس قربانين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. لکن ٿا ته،“ تحريڪ ريشمي رومال سان لاڳاپو رکندڙ مسلمان چپ چاپ ڳجهه ڳوهه ۾ هيءَ خطرناڪ مهم هلائي رهيا هئا. 1916ع جي هڪ صبح مون کي ان بابت ڄاڻ ان وقت ملي، جڏهن مسج پوليس گاڏي کاتي حيدرآباد سنڌ ۾ اسان جي گهر جي چوڌاري ڦري وئي. دستور موجب اسڪول وڃڻ لاءِ آئون گهر مان نڪري رهيو هوس، در تي بيٺل هڪ سپاهي ٻڌايو ته ڪو به شخص ٻاهر نه ٿو وڃي سگهي... ٿوري دير کان پوءِ هڪ انگريز، جو حيدرآباد ضلع جو ڪليڪٽر هو، سو اسان جي گهر جي تلاشي وٺڻ آيو.... ان موقعي تي انگريز ڪليڪٽر روايتي شرافت جو مظاهرو ڪندي، عورتن جي تلاشي لاءِ انگريز عورتون گهرايون... اسان جي گهر جي چوڌاري پوليس ڏسي پاڙي وارا حيران ٿي ويا ۽ ڪيترائي هندو مسلمان گڏ ٿيڻ لڳا. ٻه ڪلاڪ کن گهر ۽ گهر وارن جي تلاشي وٺڻ کان پوءِ انگريز ڪليڪٽر منهنجي والد عبدالقيوم کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. پوءِ خبر پئي ته کين ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن جي ويجهو هڪ بنگلي ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي. ساڻن گڏ منهنجي وڏي چاچي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کي ڪراچيءَ ۾ گرفتار ڪري، کيس اتي ئي نظر بند ڪيو ويو. هي تلاشيون ۽ گرفتاريون هڪ ئي وقت گهڻين ئي جڳهين تي ٿي رهيون هيون. جيئن ته بعد ۾ معلوم ٿيو ته ان ئي ڏينهن حيدرآباد سنڌ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي صاحب کي سندس ئي بنگلي ۾ نظر بند ڪيو ويو. ان کان پوءِ قاضي محمد اڪبر لکي ٿو ته: ”اهي سڀ گرفتار هڪ سال کان پوءِ ان ڪري آزاد ڪيا ويا، جو سندن خلاف ڪو ثبوت ته پري رهيو، پر سندن باغيانه سرگرمين جو هڪ به شاهد نه ملي سگهيو.“

هن بيان جو پهريون جملو گهٽ ۾ گهٽ حڪيم عبدالقيوم ۽ سندن ڀاءُ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي حد تائين شڪ گاڏئون آهي. تنهن ڪري حڪيم فتح محمد جو ذڪر فتح محمد آف رڪ جي سلسلي ۾ هن طرح آيو آهي ته کين ان جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو 21- سيپٽمبر کان اڳ ئي آزاد پڻ ڪيو ويو. مٿس شڪ ان ڪري هو ته هو عبدالقيوم جو ڀاءُ آهي.

اهڙيءَ ريت ريشمي خطوط سازش واري رپورٽ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ڀائر 14 ۽ 21 سيپٽمبر 1916ع جي وچ واري هفتي ۾ گرفتار ٿيا ۽ کين ضمانت تي آزادي ملي ويئي هئي. هن بيان جو ٻيو حصو پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي.

بهرحال، هن ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو ڪونهي ته تحريڪ ريشمي رومال جي شخصيتن شيخ عبدالرحيم ۽ حاجي شاهه بخش لاشاري سان ان جو تعلق هو. پوليس جا اطلاعات بلڪل صحيح هئا، پر عبدالقيوم مرحوم جي احتياط پوليس لاءِ سندس خلاف ڪو ثبوت ڪو نه ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي، جو پوليس کيس آزاد ڪرڻ تي مجبور ٿي.

ريشمي رومال تحريڪ کان پوءِ خلافت، ترڪ موالات ۽ هجرت جي تحريڪن ۾ پڻ حڪيم قاضي عبدالقيوم حصو ورتو، پر مرحوم پنهنجي طبعي عمر کي پهچڻ کان اڳ 1931ع ۾ اٽڪل 42 سالن جي عمر ۾ وڃي پنهنجي مالڪِ حقيقي سان مليو!

عبدالله لغاري:

سنڌ جو مشهور عالمِ دين هو. 1288 هه ۾ ڳوٺ داد لغاري تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو نهال خان پٽ محمد خان، پٽ رستم خان، پٽ فتح محمد خان لغاري هو. ابتدائي تعليم پنهنجي هڪ عزيز مولوي محمد امين لغاري کان حاصل ڪيائين. پوءِ ڳوٺ پنهنواري ۾ ڪجهه ڪتاب پڙهيائين. ان کان پوءِ نوشهروفيروز، ٺارو شاهه ۽ ٻين مختلف هنڌن تي علمي اُڃ اجهائڻ خاطر سفر ڪيائين. 1316 هه ۾ امروٽ شريف ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان سندس ملاقات ٿي، جيڪا ملڪ جي انقلابي سياست ۾ سندس وابستگيءَ جو سبب بڻي. مولانا سنڌي پريس قائم ڪئي. ۽ ”اخوان المسلمين“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيائين. اهڙيءَ ريت انقلابي خيالن جي اشاعت شروع ڪيائين. ته ان وقت مولوي عبدالله سندس ساڄو هٿ ۽ پريس جو مئنيجر هو. ان کان پوءِ جڏهن پير جهنڊي ۾ دارالرشاد نالي مدرسو قائم ٿيو، ته مولوي عبدالله فارسي جو مدرس مقرر ٿيو ۽ ان سان گڏوگڏ مدرسي جي نائب مهتمم جا فرائض پڻ سندس ذمي رهيا ۽ جڏهن شيخ الهند مولانا سنڌي کي ديوبند گهرايو ۽ اتي کين جمعيت الانصار قائم ڪرڻ ۽ سياسي ڪم ڪار ڪرڻ جي هدايت فرمايائون، ته هن سفر ۾ مولانا سنڌي سان گڏ ڪراچي جا مولانا صادق ۽ مولوي عبدالله لغاري ساڻن گڏ هئا. هڪ طئي شده پروگرام مطابق مولوي عبدالله پير جهنڊي واپس اچي مدرسه دارالرشاد ۾ درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيو. پر سن 1915ع ۾ جڏهن مولانا سنڌي ڪابل جو سفر اختيار ڪيو، تڏهن مولوي عبدالله ساڻس گڏ هو. ريشمي رومال سازش ڪيس جي لکت موجب فيبروري 1916ع ۾ ”ڪن خاص سازشين“ جا خط کڻي هو هندستان آيو. دراصل هي خط مولانا عبيدالله سنڌي ۽ راجا مهندر پرتاب جا هئا. مولانا سنڌي جا خط مولانا محمد علي، ڊاڪٽر مختار احمد انصاري ۽ حڪيم محمد اجمل خان جي نالي ۽ راجا صاحب جا خط سندس ڪن عزيزن جي نالي هئا. هيءَ ذمه داري هن تمام سهڻي نموني پوري ڪئي هئي، پر ريشمي خطوط سازش ڪيس مطابق هو اڃا ڪابل واپس نه ويا هئا ته سيپٽمر 1916ع ۾ کين گرفتار ڪيو ويو ۽ کين پنهنجي ڳوٺ ۾ نظر بند ڪيو ويو.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، مولوي عبدالله لغاريءَ تي سندس ئي زندگيءَ ۾ هڪ نهايت ئي مفيد ۽ معلوماتي مضمون لکيو هو، جنهن ۾ مرحوم جي شخصيت، فڪر، سيرت ۽ خدمتن بابت تفصيل سان روشني وڌي ويئي آهي: ڊاڪٽر صاحب سندن متعلق هي سورهن آنا صحيح لکيو آهي ته، ”هو بيشڪ مولانا سنڌي جو هڪ سچو عقيدتمند ۽ بيدار مغز ساٿي آهي.“

ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (خدائي لشڪر) ۾ سندس عهدو ڪرنل وارو هو.

ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن مولانا سنڌي حجاز پهچي ويو ۽ مڪي شريف ۾ رهندو هو ته مولوي عبدالله لغاري حجاز شريف ويو ۽ ڪجهه عرصي تائين مولانا سنڌي مرحوم کان استفادو ڪيائين، ۽ جڏهن مولانا 1939ع ۾ پنهنجي وطن سنڌ واپس آيو ته مولوي عبدالله انهن ماڻهن مان هو، جنهن مولانا جي صحبت ۾ سڀ کان گهڻو وقت گذاريو. سندن هڪ شاندار خدمت هيءَ آهي ته هنن مولانا سنڌي جي سياسي ڊائري ۽ سندن افڪار و افادات تفسير کي سنڌي زبان ۾ مرتب ڪيو هو. پاره عم جو اردو ترجمو ڇپجي ويو آهي. آخر عمر ۾ کين سنڌ يونيورسٽيءَ سان وابسته ڪيو ويو هو، ته جيئن هو پنهنجي افڪار ۽ مطالعي ذريعي شاگردن جي بهترين ذهني ۽ فڪري تربيت ڪري سگهي.

ريشمي خطوط سازش ڪيس ۾ گهڻن ئي هنڌن تي سندن ذڪر آيو آهي. 14 سيپٽمبر واري ياداشت ۾ گرفتاريءَ جي حڪم جي سلسلي ۾ شيخ عبدالرحيم ۽ حڪيم عبدالقيوم کان پوءِ ٽئين نمبر تي مولوي عبدالله جو نالو آهي. لکيو ويو آهي ته هي شخص عبدالله جو خادم آهي. ٽي مهينا گذريا ته هي شخص ڪابل مان اهم ڪاغذن سان شيخ عبدالرحيم ڏانهن موڪليو ويو هو. عبدالله حيدرآباد يا پنجاب ۾ هوندو، پر هو جتي به ملي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي. ان کان پوءِ سي. آر. ڪيوليڊ جي ٻي ياداشت مورخ 21- سيپٽمبر 1913ع ۾ آيو آهي ته، ”عبدالله جيڪو عبدالله جو ملازم آهي، پنجاب پوليس کيس بهاولپور رياست ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.“ ان کان پوءِ 28- سيپٽمبر جي ياداشت ۾ سندن متعلق هيءَ وضاحت ملي ٿي ته عبدالله جنهن کي اڳين خطن ۾ عبدالله جو ملازم ظاهر ڪيو ويو آهي، پڙهيل ڳڙهيل شخص نڪتو، جنهن کي عام طور مولوي عبدالله چيو ويندو آهي.“ ان کان پوءِ پنجاب سي آءِ ڊي جي سندن بيان بابت هيءَ راءِ آهي ته:“ عبدالله جو بيان اسان کي گهڻو اڳتي نٿو وٺي وڃي، پر ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته :سازش تمام ڪمزور ۽ معمولي آهي، ۽ منڍ ۾ ئي ان جو پتو پئجي ويو آهي. جيڪي خط هٿ ڪيا ويا آهن، انهن کان سواءِ پڻ ڪي خط هندستان ۾ شورش ڪرڻ وارن کي موڪليا ويا آهن، جن ۾ کين ڪابل وڃڻ لاءِ چيو ويو آهي، سازش اڃا هن حد تائين پهتي آهي.“ ان کانپوءِ فرياد ۾ قلم 59 تي هنن لفظن ۾ ذڪر آيو آهي:

”فيبروري 1916ع ۾ مولوي عبدالله ۽ فتح محمد سنڌي کي عبدالله ۽ مهندر پرتاب لاءِ پئسا، خط ۽ نياپا سنيها ڏيئي، هندستان موڪليو، جيڪي شيخ عبدالرحيم سنڌي ۽ احمد علي دهلوي جي ذريعي پهچايا ويندا هئا.“

هتي احمد علي دهلوي مان مراد مولانا احمد علي لاهوري آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ دهليءَ ۾ رهيل هو، ۽ مدرسه نظارة المعارف القرآنيه ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو قائم مقام هو.

عبدالله هارون حاجي

حاجي صاحب جن ڪنهن به تعارف جا محتاج نه آهن. تحريڪ ريشمي رومال سان سندن تعلق بابت ڪا ثابتي نٿي ملي، پر ڪابل واري سفر جي سلسلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي مالي مدد ڪرڻ وارن ۾ سندن نالو مـُـهڙ ۾ نظر اچي ٿو. انهيءَ حيثيت ۽ ٻين قومي خصوصيتن سبب ريشمي خطوط سازش ڪيس ۾ سندن نالو آيو آهي. سندن متعلق جن سخت لفظن ۾ خيالن جو اظهار ڪيو ويو آهي، سو سندن قوم پرستي ۽ عظمت لاءِ ڪافي آهي، تنهنڪري هتي فقط ان بيان تي اڪتفا ڪئي وڃي ٿي. مذڪوره ڪيس ۾ سندن متعلق هيءُ نوٽ آهي:

”هيءُ ئي حاجي عبدالله هارون آهي. ڪڇي ميمڻ آهي. کنڊ جو خوش حال واپاري ۽ ڪراچي جو آنرري مئجسٽريٽ آهي. وڏو ڪٽر وهابي ۽ اسلامي ايڪي جو تمام خطرناڪ پڙهو ڏيندڙ آهي. طرابلس واري جنگ جي دوران سن 12-1911ع ۾ عبدالله هارون انجمن هلال احمر(سنڌ شاخ) جو سيڪريٽري ۽ خزانچي هو ۽ ترڪن لاءِ پئسا گڏ ڪندو رهندو هو. آگسٽ 1913ع ۾ جڏهن ريلوي انجنيئر ريلوي پوليس لائنز ۾ غصب ٿيل زمين تي نماز لاءِ ٺهيل چبوترو هٽائڻ گهريو ته انجمن ضياءَ الاسلام جي حيثيت سان هن پڻ اهڙو ئي گوڙ گهمسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جهڙو ڪانپور ۾ مسجد جي سلسلي ۾ ٿي چڪو آهي. هن بلقان واري جنگ جي موقعي تي ترڪن جي مدد لاءِ چندو پڻ گڏ ڪيو. ڪراچيءَ ۾ جيڪو سئنيما ايجي ٽيشن ٿيو، خيال آهي ته ان ۾ هن شخص جو هٿ هو، جنهن سبب اترين هند ۾ سن 1914ع ۾ ڪجهه بي چيني پکڙجي وئي هئي. هو مولوي محمد صادق کڏي واري، ابوالڪلام آزاد، ۽ اسلامي ايڪي جي ٻين انتها پسند ڪٽر حامين جو ساٿي آهي.مولوي احمد علي(لاهوري) جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عبدالله هارون ابوالڪلام آزاد جي برطانيه دشمن اسڪيمن ۾ مالي مدد ڪري رهيو آهي ۽ جهاد جي سرحد پار پروپيگنڊا ۾ سندس ويجهو ساٿي آهي.

عبيدالله سنڌي، مولانا:

مولانا سنڌي هن تحريڪ جو مـُـکُ هو. جيئن ته هن تحريڪ جو منصوبو مولانا سنڌي تيار ڪيو هو، تنهنڪري سازش ڪيس ۾ کين هن تحريڪ جو پايو وجهندڙ سڏيندي مدعا عليـه ڄاڻايو ويو آهي. جيئن ته هيٺين لکت ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سندن ذڪر ٿيندو رهيو آهي، تنهنڪري هتي صرف اهو نوٽ شامل ڪيو وڃي ٿو، جو سندن متعلق ڪيس ۾ ملوث شخصيتن جي سلسلي ۾ آيو آهي. نوٽ هن ريت آهي:

”هن ريشمي خطن ۾ صحيحون ڪيون آهن. پهرين ِسکُ هو. سندس اصلي نالو بوٽا سنگهه آهي. چيانوالي ضلعي سيالڪوٽ جو رهاڪو آهي. اوائل عمر ۾ اسلام قبول ڪيو هئائين. شروعاتي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪيائين. پوءِ ديوبند واري مدرسي ۾ داخل ٿيو. تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ ٻارهن سال سنڌ ۾ رهيو. پير جهنڊي ۽ نوابشاهه ۾ مدرسا قائم ڪيائين. 1912ع ۾ واپس ديوبند هليو ويو، جتي جمعيت الانصار جو بنياد وڌائين. بلقان واري جنگ جي موقعي تي حلال احمر فنڊ لاءِ تمام گهڻا پئسا گڏ ڪيائين ۽ غير ملڪي شين جي بائيڪاٽ جي تبليغ ڪري اهميت ۽ شهرت حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ هو دهلي ۾ رهڻ لڳو، جتي هن نظارهِ المعارف القرآنيه جو پايو وڌو، جنهن جو هـُـو هينئر پڻ ناظم آهي. هو مولانا ابوالڪلام آزاد، قاضي  ضياءِ الدين، مولوي احمد چڪوالي، حسرت موهاني، محمد علي آف ڪامريڊ، شوڪت علي، مولوي عبدالرحيم عرف مولوي بشير، مولوي غلام محمد، عبدالقادر ويٺل دين پور(رياست بهاولپور)، شيخ عبدالرحيم حيدرآباد سنڌ ۽ گهڻائي ٻيا شريڪ هئا.“

فيبروري 1915ع ۾ جڏهن لاهور جا بهادر شاگرد ڀڄي وڃي هندستان متعصبن وٽ پهتا، ته ان وقت هو لاهور ۾ موجود هو. مولانا محمود حسن جو پڪو مريد آهي. هن حضرت مولانا تي پنهنجو اثر وڌو، ۽ آخرڪار کيس اسلامي ايڪي جو وڏو پرچارڪ بنايائين. هو ديوبند جي ڳجهن مشورن ۾ شريڪ ٿيندو هو. قصور جو مولوي محمد علي بي. اي ۽ مولوي ابراهيم سنڌي ايم. اي جو حبيبه ڪاليج ڪابل ۾ عبيدالله جي سازش سان پروفيسر مقرر ڪيو ويو هو. حقيقت ۾ هو اتي انقلابي ڪمن ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو.

جولاءِ 1915ع ۾ ڪوئٽه قنڌار جي رستي افغانستان لاءِ روانو ٿي ويو. مولوي عبدالله سنڌي، فتح محمد، محمد علي،  احمد علي جي ڀاءُ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. آڪٽوبر 1915ع ۾ ڪابل پهتو. پرنس عنايت الله خان، سردار نصرالله خان ۽ امير سان ملاقاتون ڪيائين. حاجي عبدالله سان ويجها ناتا جوڙيائين، جيڪو نائب سلطنت جو پيش ڪار هو. محمود طرزي، ايڊيٽر سراج الاخبار ۽ نادر خان، جيڪو امير جي فوجن جو ڪمانڊر انچيف هو، تنهن سان ڳانڍاپو پيدا ڪيائين. سول اسپتال ڪابل ۾ جرمن مشن جي ميمبرن سان ڳجهيون ملاقاتون ڪيائين. عبيدالله ۽ مولوي عبدالرحيم مشن جي جرمن ۽ آسٽرين ميمبرن کي آزاد علائقي جي ڪن حصن جو دورو ڪرايو. هن جهاد جو جهنڊو اُڀو ڪرڻ لاءِ سڄي افغانستان  کي اُڀاري برطانيه خلاف جنگ ڪرائڻ جي نيت سان هندستان مان ويو هو. فيبروري 1916ع ۾ هن عبدالله سنڌي ۽ فتح محمد کي ڪابل مان جهاد جون فتوائون ۽ خط ڏيئي پنهنجن خاص ساٿين ڏانهن هندستان موڪليو. جولاءِ 1916ع ۾ هن شيخ عبدالحق جي هٿ حيدرآباد جي شيخ عبدالرحيم کي ريشمي خط موڪليا. اُنهن خطن جي خبر پئجي وئي ۽ اُهي حڪومت جي قبضي ۾ اچي ويا. ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج جي فهرست ۾ ڪابل ۾ قائم مقام سالار آهي.“

فتح محمد سنڌي:

فتح محمد رُڪ ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو، هڪ نومسلم نوجوان هو، جو مولانا غلام محمد دين پوري جي هٿ تي مسلمان ٿيو هو. 1915ع ۾ مولانا سنڌيءَ سان گڏ ڪابل ويو ۽ فيبروري 1916ع ۾ مولانا عبدالله لغاريءَ سان گڏ واپس آيو. پوليس کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ڪاميابي نه ٿي سگهي. ريشمي خطوط سازش ڪيس ۾ فتح محمد جو نالو پنجن هنڌن تي آيو آهي. پهريون ڀيرو گرفتاريءَ جي حڪم ۾ چوٿين نمبر تي آيل آهي ۽ اُتي فقط ايترو لکيل آهي ته ”فتح محمد آف حيدرآباد: هيءُ شخص ڪابل مان عبدالله سان گڏ مذڪوره مقصد لاءِ آيو هو.“ ٻيو ڀيرو 21- سيپٽمبر 1916ع جي ياداشت ۾ هي آيو آهي ته ”فتح محمد جي خبر پئجي نه سگهي. سندس ڳولا ڪئي پئي وڃي.“ ساڳئي نالي جو هڪ شخص شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، پر پوءِ کيس ڇڏيو ويو. ان تي انڪري شڪ هو، جو هو عبدالقيوم جو ڀاءُ آهي.

حڪيم عبدالقيوم جو ڀاءُ، جنهن کي فتح محمد سنڌي جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي نالي سان مشهور آهي. مٿين بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته کيس فتح محمد جي شڪ ۾ 14- سيپٽمبر کان پوءِ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ 22- سيپٽمبر کان اڳ کيس آزاد ڪيو ويو.

ان کان پوءِ فرياد ۾ ڏوهين جي فهرست ۾ نمبر 22 تي فتح محمد سنڌي آف رڪ سنڌ(ڀڳل آهي) ۽ پيرا 59 ۾ هنن لفظن ۾ ذڪر آيو آهي:“ فيبروري 1914ع ۾ مولوي عبدالله ۽ فتح محمد سنڌي کي عبيدالله ۽ مهندر پرتاب پئسا، خط ۽ نياپا سنيها ڏيئي هندستان موڪليو، جي شيخ عبدالرحيم سنڌي ۽ احمد علي دهلوي جي ذريعي پهچايا ويندا هئا.“

ريشمي خطوط سازش ڪيس جي آخر ۾ ڪيس ۾ مذڪوره شخصن جي جيڪا ڊائريڪٽري ڏني وئي آهي، تنهن ۾ فتح محمد بابت سمورا معلومات گڏ ڪيا ويا. اهو مڪمل نوٽ هن ريت آهي:

”فتح محمد سنڌي، اڳوڻو هندو، جنهن کي دين پور رياست بهاول پور جي مولوي غلام محمد ان وقت مسلمان ڪيو، جڏهن هو ڇوڪرو هو. مذهب بدلائڻ کان پوءِ هو امروٽ(1) ضلعي سکر هليو ويو. جتي ڇهه سال گذاريائين. شڪارپور ۽ سکر ۾ سندس بيڪري جا دڪان آهن. ڳئون  جي کلن جو پڻ واپار ڪري ٿو. جولاءِ 1915ع ۾ هو مولوي عبيدالله سان گڏ ڪابل ويو ۽ مارچ 1916ع ۾ عبيدالله، برڪت الله وغيره جا ڳجها خط ملڪ جي ڪن سازشين جي نالي وٺي، هو واپس آيو. سيپٽمبر 1916ع ۾ سندس گرفتاريءَ جو وارنٽ جاري ڪيو ويو، پر هو روپوش ٿي ويو. هينئر سندس متعلق ڪا خبر نه آهي“.

محمد ابراهيم سنڌي، شيخ:

ڪراچيءَ جي مشهور عالم دين مولانا محمد صادق کڏي واري جو ڀائيٽو يا ڀاءُ هو. بمبئي يونيورسٽي مان اڪنامڪس ۾ ايم- اي ڪئي هئائين. مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ شيخ الهند جي صلاح سان کين ۽ مولوي محمد علي قصوري کي حبيبيه ڪاليج ڪابل ۾ استاد مقرر ڪرايو ويو هو، ته جيئن هو هند پاڪستان ۾ انگريزن جي خلاف انقلاب برپا ڪرڻ ۽ جهاد لاءِ زمين هموار ڪري. هن ڳالهه جي تصديق ريشمي رومال سازش ڪيس جي رپورٽ مان پڻ ملي ٿي. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ گهڻن ئي هنڌن تي ضمني طور ۽ مستقل طور سندن ذڪر آيو آهي. پر کين مولانا محمد صادق کڏي واري جو ڀائيٽيو ۽ عبدالله جو پٽ بيان ڪيو ويو آهي. هن بيان جو هڪ حصو صحيح ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو مولانا محمد صادق جو ڀائيٽيو آهي، ته عبدالله جو پٽ ٿي نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته عبدالله مولانا محمد صادق جي والد جو نالو آهي ۽ جيڪڏهن عبدالله جو پٽ آهي ته مولانا موصوف جو ڀائيٽيو نه پر ڀاءُ چئبو. حبيبيه ڪاليج ۾ پروفيسر هو. تحريڪ ريشمي رومال سان سندس ويجهو واسطو هو. هــو ڪابل ۾ مولانا سنڌي جو صلاحڪار هو. ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج(خدائي فوج) ۾ کين ميجر جنرل جو عهدو حاصل هو. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ سندن سڃاڻ اهڙي نموني ڪرائي وئي هئي.

شيخ ابراهيم آف سنڌ:

محمد صادق جو ڀائيٽيو آهي، جو کڏي(ڪراچي) جو مشهور متعصب مولوي(هينئر نظر بند آهي) ۽ عبيدالله جو دوست آهي. شيخ محمد ابراهيم ايم. اي تعليم پوني ۾ حاصل ڪئي. فيبروري 1915ع ۾ کيس حبيبيه ڪاليج ڪابل ۾ پروفيسر جي جڳهه ملي وئي، جتي هو برطانيه جو ڪٽر مخالف بڻجي ويو. هو ڪابل جو هڪ انقلابي آهي. مولوي عبيدالله، محمد علي بي. اي قصوري، راجا مهندر پرتاب، برڪت الله (ڀوپالي) وغيره سان گڏ سازشون ڪرڻ ۽ منصوبا ٺاهڻ ۾ هن وڏو حصو ورتو آهي. چيو وڃي ٿو ته شيخ ابراهيم ۽ محمد علي قصوري کي مولوي عبيدالله خاص طور ڪابل موڪليو هو. ته جيئن هو اتي جهاد لاءِ زمين هموار ڪري سگهي.

جون 1916ع ۾ کيس محمد علي سان گڏ حبيبيه ڪاليج مان ڪڍيو ويو. 10 جولاءِ 1916ع ۾ آزاد علائقي لاءِ روانو ٿي ويو، جتي هو شايد هن وقت پڻ سرحد پار جي ملن، قبائلين وغيره کي جهاد لاءِ اڀارڻ ۾ مصروف آهي. چيو وڃي ٿو ته 1916ع ۾ هن بدخشان جي رستي روس وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو. هڪ مهاجر فضل محمود ساڻن گڏ هو، تنهن جي چوڻ موجب کيس مدي جو بخار ٿيو ۽ ان بيماريءَ وگهي فوت ٿيو. سندن وفات تي اهو شڪ پڻ ڪيو ويو آهي ته کين رستي ۾ انگريزن جي ڪن ماڻهن کين ماري ڇڏيو.

محمد حسن:

حيدرآباد سنڌ جو هڪ درزي، جنهن جو نالو تحريڪ ريشمي رومال ۾ هڪ ننڍڙي تعلق سبب تاريخ ۾ زنده ٿي ويو. سندس تعلق فقط ايترو هو ته شيخ عبدالرحيم جو سيڪريٽري هو ۽ هن کيس دين پور موڪليو هو ته جيئن هو عبدالحق جي ذريعي مولانا سنڌيءَ جا ڪابل مان موڪليل خط کڻي اچي. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ صرف هڪ هنڌ سندس نالو آيو آهي. سندس متعلق هيءُ نوٽ آهي. ”ريشمي خط موڪليا ويا هئا. صدر بازار جي ويجهو چوالاهود (حوض؟) اسٽريٽ ۾ رهي ٿو. شيخ عبدالرحيم کيس دين پور، رياست بهاولپور موڪليو هو ته جيئن هو ريشمي خط کڻي اچي، جيڪي شيخ عبدالحق جي ذريعي مولانا عبيدالله سنڌي ڪابل مان موڪليا هئا. پر اهي کيس نه ملي سگهيا ڇو ته  اهي خط خانبهادر رب نواز خان جي حوالي ڪيا ويا هئا“.

محمد صادق مولانا:

سنڌ جا مشهور ديني ۽ سياسي اڳواڻ مولانا محمد صادق، مولانا عبدالله بن شيخ عبدالڪريم جا فرزند هئا. 15 مارچ 1874ع ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ۽ پنهنجي والد جي قائم ڪيل مدرسه مظهر العلوم کڏو (ڪراچيءَ) جي ٻين استادن کان حاصل ڪيائين، وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ دارالعلوم ديوبند ويا. حضرت شيخ الهند مولانا محمد حسن ديوبندي جا شاگرد رشيد ۽ سندن تحريڪ جا سنڌ ۾ رڪن هئا. حضرت شيخ الهند جڏهن مولانا سنڌي کي ديوبند گهرائي جمعيت الانصار جي قيام ۽ اتي رهي سياسي ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، ته ان سان گڏ ئي مولانا محمد صادق کي پڻ ياد فرمايو هئائون، ته جيڪڏهن مشوري کان پوءِ مولانا سنڌي جو سنڌ ۾ رهڻ ضروري سمجهيو وڃي ته مولانا محمد صادق کي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو وڃي. پر مولانا سنڌيءَ جي ديوبند ۾ رهڻ واري فيصلي کان پوءِ، مولانا محمد صادق کي ڪراچي ۾ رهي سنڌ ۾ تحريڪ جي ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو. سندن مدرسه مظهرالعلوم حضرت شيخ الهند جي سياست ديني ۽  اصلاحي تحريڪ جو خاص مرڪز هو. هو جميعت علماءَ هند جي سنڌ واري شاخ جو صدر پڻ هو. ريشمي رومال، خلافت، ترڪ موالات، هجرت ۽ آزاديءَ جي تحريڪن کي سنڌ ۾ زور وٺائڻ ۾ سندن ۽ سندن دوستن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا دين محمد وفائي ۽ ٻين جو خاص حصو آهي. هندستان پاڪستان جي سڀني اڪابرن، عالمن ۽ انقلابين سان سندن ويجها ناتا هئا.

مولانا حسين احمد مدني سندن متعلق لکيو آهي ته ”مولانا صاحب کڏي ڪراچي جو ويٺل آهي. درس جا مٿاهان ڪتاب خاص طور دوره حديث حضرت شيخ الهند وٽان پڙهيائون. هن ۽ مولانا عبيدالله صاحب جا هميشه گهرا تعلقات رهيا. آزادي واريءَ مشن ۾ هميشه سرگرميءَ سان گڏ رهيا، عمومي جنگ وارن ڏينهن ۾ جڏهن انگريزن عراق تي حملو ڪيو ته هن ۽ سندن ساٿين لس ٻيلي جي بلوچستاني قبيلن کان بغاوت ڪرائي. اهو ئي سبب آهي جو فوجي دستا ۽ هٿيار، جي ڪراچي کان هر هفتي پهچي رهيا هئا ۽ جنهن سبب عراق ۾ انگريزي فوجون اڳتي وڌي رهيون هيون، سي سڀ ڪم ماٺا ٿي ويا. هتي جيئن ته لس ٻيلي واري بغاوت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي ويا ۽ فوجي مدد جو سلسلو رڪجي ويو، تنهنڪري ڪوت العماره ۾ ٽاونشنگ جون گهيري ۾ آيل فوجون، مولانا مدني جي بيان مطابق ٽيهه هزار تاريخ اسلام ۽ اقوام عالم جي پڌرائي مطابق ڏيڍ لک کن فوجي، هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ لس ٻيلي واري بغاوت ختم ڪرڻ کان پوءِ جڏهن عراق ۾ فوجي مدد پهتي ته ان وقت جنگ جو فيصلو انگريزن جي خلاف ٿي چڪو هو. مولانا مدني جي چوڻ موجب صرف نوي هزار فوج باقي وڃي بچي هئي. ٽاونشنگ جيئن ته 19- اپريل 1916ع تي هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ان کان پوءِ ئي مولانا صادق جي گرفتاريءَ وارو واقعو پيش آيو هجي. مولانا مدني رح جي بيان مطابق ڪارواڙ(مهاراشٽر) ۾ کين نظربند ڪيو ويو هو ۽ عمومي جنگ جي پڄاڻيءَ تائين نظر بند رهيا. مولانا مدني صاحب لکن ٿا ته ”مولانا محمد صادق نهايت جوشيلو، رازدار ۽ مستقل مزاج شخص هو. هندستان جي ورهاڱي تائين دارالعلوم ديوبند جي مجلس شوريٰ ۽ جمعيت العلماءِ هند جي ورڪنگ ڪميٽي جا ميمبر رهيا. خلافت ڪميٽي سنڌ ۽ جمعيت العلماءِ سنڌ ۾ سدائين سياڻپ، ڪوشش ۽ حوصلي سان ڪم ڪندا رهيا.“ 18- جون 1953ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويا.ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ سندن ذڪر ڪيترن ئي هنڌن تي آيو آهي ۽ آخر ۾ ڪيس ۾ ملوث شخصيتن جي سلسلي ۾ سندن متعلق هيٺيون جامع نوٽ ملي ٿو:

”مولوي محمد صادق آف سنڌ، ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (خدائي فوج) ۾ ڪرنل آهي. سنڌ جي انتهائي ڪٽر وهابين ۾ شامل آهي. شيخ ابراهيم ايم. اي اڳوڻو پروفيسر حبيبيه ڪاليج ڪابل سندن ڀائيٽو آهي. جنگ ڇڏڻ کان پوءِ هيءُ شخص روپوش رهي جهاد لاءِ پرچار ڪندو رهيو ٿي. عبيدالله، پير جهنڊي وارو ۽ ٻين ڦريل سرهندي سنڌي پيرن سان سندن تعلق آهي. 1915ع ۾ ۽ 1916ع جي شروع ۾ قلات (بلوچستان) جي شورشن ۾ هن جو هٿ آهي. هينئر هو ڪارواڙ(مهاراشٽر) ۾ نظر بند آهي.“

محمد علي آف سنڌ:

حضرت شيخ الهند جي نامياري شاگرد، مشهور ديني عالم ۽ مفسر قرآن مولانا احمد علي لاهوري جو ننڍو ڀاءُ هو. گوجران والا بايوچڪ سندس آبائي ڳوٺ هو. اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو. والد جي وفات کان پوءِ سندن والده مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. جيئن ته سندس تعليم ۽ تربيت  مولانا سنڌي جي نگرانيءَ ۾ سنڌ ۾ ٿي هئي ۽ هتان ئي هو مولانا سنڌيءَ سان گڏ ڪابل ويو هو، تنهن ڪري ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ کين ”سنڌي“ سڏيو ويو آهي. ريشمي رومال تحريڪ سان سندس تعلق واضح آهي ۽ ان تعلق سبب مذڪوره ڪيس جي شخصيتن ۾ سندن متعلق هڪ جامع نوٽ موجود آهي. هو ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي فائز نظر اچي ٿو ۽ هڪ ٻي فهرست ۾ کين ميجر ڄاڻايو ويو آهي. مذڪوره نوٽ هي آهي: ”هيءُ شخص محمد علي، پٽ شيخ حبيب الله ويٺل بايوچڪ ضلع گوجران والا جو مولوي احمد علي، نائب ناظم نظارهِ المعارف القرانيه دهلي جو ڀاءُ آهي. جولاءِ 1915ع ۾ عبيدالله سان ڪابل هليو ويو هو ۽ شيخ عبدالحق، جنهن وٽ ريشمي خط هئا، سان گڏ ڪنهن ڳجهي مشن تي واپس آيو هو. هن مولوي محمد علي کي ڪي ضروري خبرون پڻ پهچايون هيون. مولوي ابو احمد سان صوفي مسجد (ڪشميري بازار لاهور) ۾ ملاقات ڪئي هئائين ۽ کين مولوي عبدالرحيم(1) جو هڪ زباني پيغام پهچايو هئائين ته چندو نٿو ملي سگهي.

مولوي احمد علي سان پڻ مليو هو ۽ پوءِ ساڻس گڏ دهلي آيو هو ۽ پوءِ وري اتان بندرابن ويو هو، ته جيئن راجا مهندر پرتاب جو هڪ خط سندن قائم ڪيل اسڪول پريم مها ودياليه جي هڪ هندو استاد کي ڏئي سگهي. هيءُ خط راجا مهندر پرتاب جي ڀاءُ کي ڏيکاري، کانئس پئسا وٺڻا هئا. راجا مهندر پرتاب ڪافي پئسا گهريا هئا، پر محمد علي کي فقط هڪ هزار روپيا ڏنا ويا ۽ ٻه سؤ رپيا کيس خرچ پکي لاءِ ڏنا ويا. هو اُهي ڏوڪڙ کڻي دهلي موٽي آيو. ٻئي ڏينهن پاڻي پٽ هليو ويو، ته جيئن احمد الله سان محمد ميان جي گهر ڀاتين بابت معلومات حاصل ڪري. ان کان پوءِ هـُـو ڪابل هليو ويو.


(2) سازش ڪيس ۾ سندن نالو رشيد الله لکيل آهي، مگر سندن صحيح نالو رشدالله آهي. هــُـو وڏو صاحبِ علم هو.

(1) حڪيم عبدالقيوم، مولوي عبدالله لغاري، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جيڪي انهن ڏينهن ۾ گرفتار ٿيا هئا.

(1) امروٽ هينئر شڪاپور ضلعي ۾ آهي.

(1) منهنجي  خيال ۾ هي مولوي عبدالرحيم عرف محمد بشير جن آهن، جن جي انتظام سان لاهوري شاگردن 1915 ع ۾ هجرت ڪئي هئي. ڪابل ۽ باغستان ۾ ايندا ويندا رهندا هئا ۽ رئيس المجاهدين مولوي عبدالڪريم جي غير موجودگيءَ ۾ سندن قائم مقام ۽ چمرقند ۾ مجاهدن جي نئين آباديءَ ۾ سندن گورنر جي حيثيت سان فرض ادا ڪندا رهندا هئا. ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ پڻ گهربل هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com