سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :17

قيام پاڪستان

(ڪجهه يادگيريون)

حڪيم محمد احسن

(سابق سفير پاڪستان)

اِها ته هڪ تاريخي حقيقت آهي ته 1940ع ۾ لاهور جي شهر ۾ پاڪستان ريزوليوشن پاس ٿيو. انهيءَ ٺهراءَ ذريعي مسلمانان برصغير اِهو مطالبو پيش ڪيو هو ته کين حق خود ارادي استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڏهه ڪروڙ مسلمان، جي برصغير ۾ رهن ٿا، اُهي هڪ اقليت ڪونهن، بلڪ هڪ جدا قوم آهن. اِن ڪري اِن قوم کي برصغير ۾ هڪ جدا وطن ملڻ گهرجي، جنهن ۾ رهي هو پنهنجو تاريخي تشخص قائم رکي سگهن ۽ اسلام جي تعليمات مطابق پنهنجي زندگي گهاري سگهن. 1946ع ۾ سموري برصغير ۾ انهيءَ مطالبي جي سوال تي عام چونڊون ٿيون هيون. جن ۾ مسلمانن وڏي اڪثريت سان اِهو فيصلو ڪيو ته هو پاڪستان جي مطالبي جي پـُـٺ ڀرائي ڪن ٿا.

1940ع کان 1947ع تائين صرف 7 سالن جي قليل عرصي ۾ اسلاميانِ برصغير قائداعظم محمد علي جناح رحه بي مثال اڳواڻيءَ هيٺ پنهنجي متحده جدوجهد ۽ تحريڪ جاري رکي، ۽ نيٺ پنهنجو قافلو منزلِ مقصود تي وڃي پهچايو. دنيا جي قومن ۾ اهڙو ٻيو مثال ڏسڻ ۾ ڪين ايندو ته هڪ قوم، جا خالي هٿين هجي، رڳو الله سائين تي توڪل ڪري اُٿي ۽ پنهنجي اتفاق ۽ اتحاد سان پنهنجي قائد جي اڳواڻي هيٺ قربانيون ڏيئي آزاديءَ جي نعمت سان نوازجي وڃي. اِها ڳالهه به وسارڻ جوڳي ڪينهي ته مقابلي ۾ وڏيون طاقتون، جي پوريءَ طرح منظم ۽ طاقتور هيون، انهن جي طرفان ويهن ئي ننهن جو زور لاتو ويو ته مسلمان برصغير ۾ پنهنجو ڌار وطن قائم ڪري نه سگهن. جيئن ته سڀني کي معلوم آهي، اُهي ٻه طاقتون هيون: هڪ انگريزي حڪومت، جنهن جي حيثيت پيرامائونٽ پاور جي هئي ۽ ٻي انڊين نيشنل ڪانگريس هئي، جنهن جي دعويٰ هئي ته برصغير ۾ رهندڙ سڀني قومن جي نمائنده جماعت آهي. ظاهر آهي ته انهن ٻن وڏين طاقتن جي مخالفت هوندي به، مسلمانان برصغير پنهنجو مطالبو مڃائي وڃي، هڪ معجزي کان گهٽ ڪينهي، ساڳئي وقت اهو هن ڳالهه جو به ثبوت آهي ته قائداعظم هڪ عظيم رهنما ۽ بي مثال اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي  سياسي فراست ۽ تدبر ۽ بصيرت سان مسلمانن جي لاءِ هڪ علحده وطن قائم ڪيو.

مون کي ياد آهي ته 3- جون 1947ع تي نيٺ قيام پاڪستان جو اعلان ڪيو ويو. اِهو اعلان برطانوي حڪومت جي طرفان ڪيو ويو، جنهن جو نمائندو ۽ عيوضي لارڊ مائونٽ بيٽن هو، جنهن کي تازو تازو هندستان جو وائسراءِ مقرر ڪيو ويو هو. اِن اعلان مطابق اها پڌرائي ڪئي ويئي ته 14- آگسٽ 1947ع تي پاڪستان قائم ڪيو ويندو ۽ هڪ عليحده، ڌار ۽ خودمختيار رياست وجود ۾ ايندي. ان کان اڳ جيڪي جيڪي قانوني ۽ آئيني مرحلا طئي ڪيا ويا، انهن جو تفصيلي بيان ڪرڻ هتي مناسب نه ٿيندو، جو پڙهندڙن کي انهن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ ۽ پروڙ آهي. البت جيڪا ڳالهه آئون واضح ڪرڻ گهران ٿو، اُها اِها آهي ته حڪومت برطانيه طرفان 14- آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪرڻ نيڪ نيتيءَ تي مـُـبني نه هو. ظاهر آهي ته 3- جون ۽ 14- آگسٽ درميان ايترو عرصو نه هو، جو درحقيقت هڪ نئين مملڪت قائم ڪرڻ لاءِ ضروري هوندي آهي. اِن هوندي به قائداعظم انهيءَ کي هڪ چئلينج سمجهي قبول ڪيو ۽ تاريخ شاهد آهي ته انهيءَ ٿوري ۽ قليل عرصي ۾ رات ڏينهن محنت ۽ ڪوشش ڪري سڀ انتظام ۽ بندوبست مڪمل ڪيا ويا ۽ نتيجو اهو ٿيو ته 14- آگسٽ تي مملڪت خداداد پاڪستان جو قيام عمل ۾ اچي ويو. سڀ کان پهرين قائداعظم فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ ۽ دارالخلافه ڪراچيءَ جو شهر ٿيندو. آئون ان وقت ڪراچيءَ جو چونڊيل ميئر هئس. اُن زماني ۾ سموري برصغير ۾ رڳو چئن شهرن ۾ ميئر هوندا هئا، يعني ڪراچي، بمبئي، مدراس ۽ ڪلڪتو.  لاهور جو شهر گهڻو پوءِ شامل ڪيو ويو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان ٿورو اڳ اسان ڪراچيءَ ۾ هڪ بين الاقوامي ميئرس ڪانفرنس منعقد ڪئي هئي، جنهن ۾ برصغير  هندو پاڪستان  مان سمورا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر شامل ٿيا هئا، جن ۾ لاهور جو ميئر ميان امير الدين به موجود هو. ازانسواءِ سيلون(سريلنڪا) مان اُتي جي دارالخلافه ڪولمبو جو ميئر مسٽر آر- ايف- ايس- ڊي ميل ۽ ڊپٽي ميئر مسٽر عبدالغني به شريڪ ٿيا ۽ ڪينڊيءَ جي شهر جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر پڻ حاضر هئا. برما مان رنگون جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر شامل ٿيا. اهڙيءَ طرح ٻين شهرن مان به نمائنده شريڪ ٿيا. آئون اِن ڪانفرنس ۾ استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمن هئس ۽ پنهنجي تقرير ۾ مون انهن عظيم ۽ تاريخي تبديلين ڏانهن اشارو ڪيو، جي اُن وقت برصغير ۽ آسپاس جي ملڪن ۾ رونما ٿي رهيون هيون. مون ڪانفرنس ۾ آيل سڀني نمائندن جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته ٻئي دفعي جڏهين اسين ايندڙ ڪانفرنس ۾ ملنداسين ته انشاءَ الله آزاد ملڪن جي نمائندن جي حيثيت سان ملنداسين.  نه رڳو اِن تي گرم جوشيءَ سان تاڙيون وڳيون، خدا ڪيو ته منهنجي اها دعا قبول پئي ۽ جلد ئي اسين آزاديءَ جي نعمت سان نوازياسين.

ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي حڪومت ۽ مملڪت جو قيام جلد عمل ۾ اچڻ وارو هو ۽ وقت گهڻو ڪو نه هو ۽ ان ڪري قائداعظم مرحوم، سردار عبدالرب نشتر کي مقرر ڪيو ته انهن انتظامات جي نگراني ڪري، جي قيام مملڪت جي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ڪيا پئي ويا. انهيءَ سلسلي ۾ سردار صاحب صلاح مشورن لاءِ وقتاً فوقتاً دهليءَ  مان ڪراچي تشريف فرما ٿيندو هو. مرحوم نشتر صاحب ان وقت دهليءَ ۾ انٽيرم گورنمينٽ ۾ وزير مواصلات هو. مون کي به انهن صلاح مشورن ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ملندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ کي پاڪستان جو دارلخلافه مقرر ڪيو ويو هو ۽ شهر جي ميئر جي شموليت انهن مشورن ۾ ضروري سمجهي ويئي. درحقيقت نشتر صاحب مرحوم سان منهنجي نياز مندي جي ابتدا اتان ٿي جا وقت گذرڻ سان هڪ قلبي ۽ روحاني تعلق ۾ تبديل ٿي ويئي. نشتر صاحب جهڙا مخلص رهنما ۽ قوم ۽ ملڪ جا سچا خادم قسمت سان ئي پيدا ٿيندا آهن. هڪ ڌُن ۽ لگن هئي، جنهن سان مرحوم رات ڏينهن ڪم ڪندو هو. پاڪستان جا ابتدائي ڏينهن هئا، پاڻ ڪراچيءَ ۾ سول لائين ۾ مقيم هو. هڪ هندو پروفيسر، جو منهنجو به واقف هو، سندس فرزند کي ٽيوشن ڏيندو هو. ان پروفيسر صاحب هڪ ڏينهن مون کي چيو ته خوش قسمت آهن پاڪستان جا ماڻهو، جو نشتر صاحب جهڙا مخلص اڳواڻ کين مليا آهن. پوءِ ٻڌايائين ته مون سندن فرزند کي پڙهايو پئي ته اوچتو نشتر صاحب اچي ويو ۽ پـُـٽ کان پڇيائين ته تنهنجي ويڪيشن بابت ڪاليج ۾ ڇا فيصلو ٿيو. نينگر ٻڌايو ته سڀاڻي کان ويڪيشن شروع آهي ۽ آئون به اوهان سان گڏ پشاور موڪل تي هلندس. نشتر صاحب مرحوم يڪدم انڪار ڪيو، چيائين ته آئون ته سرڪاري ڪم تي سرڪاري هوائي جهاز ۾ سڀاڻي پشاور وڃي رهيو آهيان. آئون ته توکي پاڻ سان ڪو نه وٺي وڃي سگهندس. تون ٻين شاگردن سان ريلوي ڪنسيشن ٽڪيٽ وٺي پشاور پهچ ۽ ويڪيشن گذاري واپس ڪراچي اچ. ڇوڪر گهڻوئي چيو ته هوائي جهاز ته خالي ويندو آءٌ هليو هلان. پر نشتر صاحب مرحوم بلڪل انڪار ڪيو. مون هڪ ڏينهن نشتر صاحب کان ان بابت پڇيو ته پاڻ فرمايائين ته اها ڳالهه سچي آهي. ٻيا به ڪيترائي واقعا پنهنجي سياسي زماني جا بيان ڪيا هئائين، جن بابت آئون ڪڏهن مناسب موقعي تي لکندس.

ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جيڪي انتظامات نشتر صاحب جي نگرانيءَ ۾ ڪيا ويا، انهن ۾ سرفهرست اهو مسئلو هو ته حڪومت پاڪستان جي سيڪريٽريٽ ڪٿي قائم ڪجي. قائداعظم جو حڪم هو ته سڀ انتظامات اهڙا ڪيا وڃن، جي هڪ آزاد ۽ خودمختيار حڪومت جي شايان شان هجن. چنانچه گهڻي غور و خوص بعد اهو فيصلو ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ واري عمارت خالي ڪرائي ان ۾ پاڪستان سيڪريٽريٽ قائم ڪئي وڃي. اُن بعد اهو مسئلو درپيش آيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ لاءِ ڪا مناسب جاءِ ڳولي وڃي، چنانچه مون تجويز پيش ڪئي ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي عمارت اسين ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون ۽ اُن ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ منتقل ڪئي وڃي. سرغلام حسين هدايت الله، جو اُن وقت وزيراعليٰ هو، اتي موجود هو. ٻئي ڏينهن ڪراچي ڪارپوريشن جي عمارت جي ماپ تور ڪئي ويئي ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتاسين ته اها جاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ لاءِ ناڪافي ٿيندي. اُن بعد جيئن ته پڙهندڙن کي معلوم آهي ته سنڌ سيڪريٽريٽ کي نيپئر بيرڪس ۾ منقتل ڪيو وڃي. حڪومت پاڪستان جي عملي لاءِ رهاشي، انتظامن جو به وڏو مسئلو هو. جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته وقت تمام ٿورو هو، انهيءَ ٿوري وقت ۾ ئي سڀ بندوبست مڪمل ڪرڻا هئا. مون کي ياد آهي ته ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان رات جو گيس جو ليمپ ٻاري جاين جوڙائڻ جو ڪم ڪيو ويو. ساڳيءَ طرح لارينس روڊ ڪوارٽرس، ڪليٽن ڪوارٽرس ۽ ٻيا ڪوارٽر  تعمير ڪرايا ويا. بهرحال نتيجو اهو ٿيو جو وقت تي سڀ انتظامات مڪمل ٿي ويا.

تاريخ شاهد آهي ته برصغير ۾ آزاديءَ جي لاءِ جيڪي به تحريڪون هليون آهن، سنڌ وارن انهيءَ ۾ ڀليءَ  ڀت حصو ورتو آهي. حقيقت ۾ سنڌ وارا وطن جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ هر اول دستي جي حيثيت ۾ شامل رهيا آهن. خلافت تحريڪ هجي يا ريشمي رومال جا واقعات يا ڪا ٻي تحريڪ آزادي، سنڌ وارن جو اهو تاريخي شيوو رهيو آهي ته ”دامي درمي قدمي سخني“ مطلب ته هر طرح انهيءَ ۾ حصو ورتو اٿن. هجرت جي تحريڪ ۾ به سموري برصغير مان سڀني کان وڌيڪ سنڌ وارن ئي حصو ورتو ۽ پڇاڙيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ کين ئي نقصان پهتو. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته اهلِ سنڌ فطري طور تي شمع آزاديءَ جا پروانا آهن ۽ انهيءَ ڏس ۾ پيش از پيش قربانيون پيش ڪيون اٿن. خود قيام پاڪستان وقت انصار جي حيثيت ۾ جيڪي شاندار مثال پاڻ پيش ڪيائون، انهن جو مٽ ملڻ به مشڪل ٿيندو. کليءَ دل سان، کليل ٻانهن سان، پنهنجي مهاجر ڀائرن جي آجيان ڪيائون ۽ انهن جي آبادڪاريءَ جي مسئلي ۾ سڀ کان وڌيڪ خدمتون پيش ڪيائون. نه رڳو ايترو بلڪ پڙهندڙن کي ياد هوندو ته سڀ کان پهرين برصغير ۾ سنڌ اسيمبلي ئي هئي، جنهن سرڪاري طرح ٺهراءُ پاس ڪيو ته پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو وڃي. اهو ٺهراءُ محترم جي- ايم - سيد ئي پيش ڪيو هو ۽ پاڻ انهيءَ تجويز جي تحريڪ ڪرڻ وقت هڪ نهايت فصيح، بليغ ۽ مدلل تقرير ڪئي هئائين، جا مون به ٻڌي هئي.

ڪراچي جيتوڻيڪ هڪ خوبصورت، صاف ۽ سٿرو شهر هو ۽ سموري برصغير ۾ سندس صفائي ۽ سٺائي جي هاڪ هئي، ان هوندي به منجهس اڻ کٽ رهاڪن لاءِ نه ئي سهولتون موجود هيون ۽ نه وسائل . اهو چوڻ غلط آهي ته اُن زماني ۾ ڪراچيءَ جي آبادي 3 لک هئي ۽ بس. منهنجي اندازي مطابق اُن وقت ڪراچي جي آدمشماري پنجن ۽ ڇهن لکن جي وچ ۾ هئي. قيام پاڪستان کان يڪدم پوءِ جڏهن آباديءَ ۾ اوچتو بيحد اضافو ٿيو ته بنيادي ميونسپل سروسز ۽ خدمتون شهر واسين کي پهچائڻ هڪ مشڪل مسئلو ٿي پيو. مثال طور شهر کي پاڻيءَ پهچائڻ جو نظام پهرين ئي ايترو ته اڻ پورو هو، جو اسين 3 يا 4 لک شهر واسين کي مشڪل سان پاڻي پهچائي سگهندا هئاسين. اوچتو جو آبادي وڃي تقريباً هڪ ملين ماڻهن تائين پهتي ته شهر ۾ نه رڳو پاڻيءَ جي سخت قلت ٿي، بلڪ صفائي ۽ سٿرائي جو معيار به ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ ڪـِــري پيو. ساڳيءَ طرح رهائشي جاين جو مسئلو به ڏاڍو سنگين ٿي پيو. خانبهادر محمد ايوب کهڙو اُن وقت سنڌ جو وڏو وزير هو. اسان جي هڪ سرڪاري ڪميٽي هوندي هئي، جنهن جو نالو ”گريٽر ڪراچي پلئننگ ڪميٽي“ هو. ان جون جلد جلد ميٽنگون سڏايون ويون ۽ شهر جي پسگردائي ۾ رهائشي سهولتون وڌائڻ ۽ رهائشي جايون جوڙائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو. انهيءَ ڪميٽيءَ جو چيئرمين کهڙو صاحب مرحوم پاڻ هو. مون تجويز پيش ڪئي هئي ته ڪراچيءَ جي آبادي جنهن بي حساب نموني وڌي رهي آهي، اُن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. مهاجر ڀائرن جا ريلن پويان ريلا پاڪستان پهچي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ سندن جان ۽ مال جي ڪا به حفاظت ڪا نه هئي، بلڪ اهو چوڻ درست ٿيندو ته کين هڪ منظم نموني ۾ پاڪستان پئي ِڌڪيو ويو ته پاڪستان تي مهاجرن جي آبادڪاريءَ جو ايڏو ته بار ۽ بوجهه پوي جو پاڪستان جي اقتصادي ۽ معاشي حالت ابتر ٿي وڃي. منهنجي تجويز هئي ته مهاجرن جي آبادڪاري هڪ منظم ۽ سائنٽيفڪ نموني ڪئي وڃي ۽ جيترا انسان ڪراچيءَ ۾ سمائجي سگهن، انهن کي پنهنجي ڌنڌي مطابق ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ به ايترا مهاجر موڪليا وڃن، جي اُتي ماپي سگهن ۽ جن لاءِ اُتي گنجائش هجي ۽ باقي ايندڙن کي ٻين پرڳڻن ۾ مقامي سهولتون ميسر ڪري آباد ڪيو وڃي. بدقسمتيءَ سان حالتون اهڙيون ٿي پيون، جو ان وڏي منصوبي تي عمل ڪرڻ جي مهلت ئي ڪا نه ملي ۽ جنهن کي جتي جاءِ ملي، اُهو تڙ تڪڙ ۾ اُتي وڃي آباد ٿيو. اهو هڪ وڏو مسئلو هو، جنهن جي حل ڪرڻ لاءِ به هڪ وڏي منصوبه بندي ۽ بالغ نظريءَ جي ضرورت هئي. افسوس اهو آهي ته جيئن اسان جا ٻيا ڪم به بنا ڪنهن مناسب سوچ ويچار جي ۽ بنا ڪنهن سائنٽيفڪ منصوبه بنديءَ جي ٿيندا آهن، اهڙيءَ طرح هڪ وڏو انساني مسئلو به غلط منصوبه بنديءَ جو شڪار ٿي ويو. نتيجو اهو ٿيو جو اڄ جيڪي به اقتصادي ۽ معاشي مسائل ملڪ ۾ رونما ٿيا آهن، اُهي اُنهن ئي غفلتن جي باعث آهن. گذشته جنگ عظيم کان پوءِ جرمني ۽ جپان ۾ انساني آباديءَ ۾ هيڏي وڏي اُٿل پٿل ٿي، پر جڏهن انسانن کي آباد ڪيو ويو ته اهڙيءَ طرح رٿابندي ڪئي ويئي جو  اهي ملڪ جلد ئي وري ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتا ۽ اهي هڪ عظيم اقتصادي طاقت جي صورت ۾ موجود آهن.

هن وقت به ان امر جي بيحد ضرورت آهي ته شهر جي آباديءَ کي بي تحاشا وڌڻ نه ڏنو وڃي ۽ خاص طرح ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن شهري علائقن ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي درميان جيڪو ويڇو آهي اُهو ختم ٿئي. جڏهن ٻهراڙيءَ ۾ ترقياتي پروگرامن تي عمل ڪيو ويندو ۽ معاشي ترقيءَ جا موقعا پيدا ڪيا ويندا ته اُتي جي آبادي شهرن جو رخ ڪين ڪندي. اهو ڪم به هڪ خاص رٿابندي سان ڪرڻو پوندو. ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ئي رهي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اُنهن کي اُتي بنيادي انساني ضرورتون به ميسر ڪينهن.

قائداعظم رح جي ذهن ۾ پاڪستان جو جيڪو نقشو هو، اُن مطابق سندس اها خواهش هئي ته ملڪ ۾ اهڙو معاشرو قائم ڪجي، جنهن ۾ هر هڪ لاءِ عدل ۽ انصاف هجي، مختلف گروهن ۾ ويڇا ۽ اختلاف نه هجن، حتيٰ ڪ مختلف مذهبن جي پوئلڳن کي پنهنجي پنهنجي مذهب جي پيرويءَ جو پورو اختيار هجي، پر ملڪي ۽ شهري هجڻ  جي حيثيت ۾ سڀني کي هڪجهڙا حقوق حاصل هجن. پاڻ 11-آگسٽ تي جيڪا ابتدائي تقرير ڪانسٽيٽيوٽ اسيمبليءَ اڳيان ڪئي هئائين، اُها پاڪستان جي آئين ۽ آئيني فريم ورڪ جي خشت اولين هئي. مون کي انهيءَ تقرير ٻڌڻ جو موقعو مليو هو. اڄ اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسين انهن اصولن تي ڪاربند ٿيا آهيون يا انهن کان پري ٿي ويا آهيون. ظاهر آهي ته افراط ۽ تفريط جو طريقو غلط آهي. اعتدال ۾ جيڪا شيءَ هوندي، اهو ئي صحيح رستو آهي. انڪري اسان کي ٿڌي دل سان غور ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي انهيءَ خطوط تي ترقي ڏيڻ گهرجي، جن خطوط ۽ جنهن نقشي جي قائداعظم نشاندهي ڪئي هئي، تا ته سڀني کي عدل ۽ انصاف ميسر ٿي سگهي ۽ ڪنهن جو به حق مارجي نه وڃي.


 

تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جو حصو

(تاريخي پس منظر)

   ڊاڪٽر مظهر الدين سومرو

 

برصغير هندو پاڪ جي تاريخ جو جڏهن باريڪ بينيءَ سان ويهي مطالعو ڪجي ٿو، ۽ خاص طرح سان ويهين صديءَ جي قومي تحريڪن واري دور جي تجزيي سان اسان کي بخوبي اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جو خطو هر قومي تحريڪ جو مرڪز ۽ بنيادي جز پئي رهيو آهي. هر انهيءَ تحريڪ، جنهن هن ننڍي کنڊ ۾ جنم ورتو، اها تحريڪ تيستائين ڪاميابيءَ کي نه پهتي، جيستائين سنڌ ان ۾ ڀرپور حصو نه ورتو. ويهين صدي عيسويءَ جو دور اهو آهي، جنهن ۾ قومن جي آزاديءَ واري تحريڪ سڄيءَ دنيا ۾ ڦهلجي ۽ پکڙجي ويئي، ۽ متحده هندستان پڻ ان جي لپيٽ کان محفوظ رهي نه سگهيو.

آزاديءَ جي هلچل ۾ سنڌ جي سرزمين عملي طرح سان ڀرپور ۽ نمايان حصو خلافت تحريڪ جي آغاز کان ورتو. انگريز سامراج پنهنجي مڪاريءَ فريبيءَ سان 1843ع ۾ جڏهن سنڌ کي مقامي ٽالپور حاڪمن کان فتح ڪيو، تڏهن کان وٺي سنڌ جي ماڻهن ۾ انهيءَ نئين حڪمرانيءَ جي خلاف نفرت پيدا ٿي. مولانا عبدالڪريم مٽياروي پهريون سنڌي عالم هو، جنهن هن غلام ملڪ ۾ رهڻ جي بجاءِ وڃي حجاز مقدس ۾ سڪونت اختيار ڪئي. اهڙيءَ طرح سان اها آزاديءَ جي دٻيل باهه،آهستي آهستي ٿي خلافت تحريڪ واري زماني ۾ ڀڙڪو کائي اٿي. خلافت تحريڪ کان اڳ ۾ سنڌ جي ماڻهن پنهنجي آزادي ۽ خودمختياريءَ کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ انگريز سامراج خلاف جدوجهد ڪئي.فرنگي حاڪمن پنهنجي چالبازين سان سنڌ کي غير فطري طرح بمبئيءَ سان ملايو هو. سندن اهو عمل سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ماحول جي بلڪل خلاف هو. سن 1880ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”انجمن اسلام“ جي نالي سان هڪ جماعت وجود ۾ آئي(1)، جنهن جا بانيڪار خانبهادر حسن علي آفندي، ميرزا علي محمد ۽ مولانا الهه بخش ”اٻوجهو“ هئا(2). انهيءَ انجمن جي سهاري هيٺ سنڌ ۾ سياسي جاڳرتا جو آغاز ٿيو، جنهن اڳتي هلي سن 1884ع ۾ پنهنجو عملي روپ اختيار ڪيو(3). عوام ۾ ذهني ۽ سياسي بيداري آڻڻ لاءِ مولوي الهه بخش ”اٻوجهي“ جي اڻٿڪ ڪوششن سان تاريخ 17 جمادي الاول 1301هه مطابق 16 مارچ 1884ع تي ”مجمع محمدي“ نالي هڪ جماعت جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن کي ”سنڌ محمدن ايسوسئيشن“ سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ جماعت جو صدر سنڌ جو هڏڏوکي رهنما خانبهادر حسن علي آفندي، نائب صدر خانبهادر نجم الدين ۽ سيڪريٽري  مولانا الهه بخش”اٻوجهو“ ٿيا(4). انهيءَ انجمن سنڌ جي مسلمانن ۾ ڪافي سجاڳي آندي ۽ جيڪو سياسي شعور انهيءَ جماعت ڏنو، تنهن جا اڳتي هلي ڏاڍا سودمند نتيجا برآمد ٿيا.

مٿينءَ سياسي سجاڳيءَ جو اهو نتيجو نڪتو جو سنڌ ۾ بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ جنم ورتو ۽ دراصل اها ئي سياسي جدوجهد هئي، جنهن هن برصغير جي مسلمانن کي پنهنجي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ آماده ڪيو. سن 1927ع ۾ انگلينڊ جي پارليامينٽ ”سائمن ڪميشن“ مقرر ڪئي(5). اها ڪميشن جڏهن سن 1929ع ۾ متحده هندستان ۾ آئي، تڏهن ”سنڌ محمدن ايسوسئيشن“ انهيءَ ڪميشن جي اڳيان سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جو مطالبو دليلن سان پيش ڪيو ته سنڌ جو بمبئيءَ سان الحاق غير فطري آهي. هندستان جي ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ به ان جي ڀرپور حمايت ڪئي(6)، پر ڪميشن ان مطالبي کي ٺڪرائيندي مخالفت ۾ فيصلو ڏنو(7). ان کان پوءِ به سنڌ جي ماڻهن آزادي ماڻڻ خاطر همٿ نه هاري ۽ انهيءَ ڏس ۾ گول ميز ڪانفرنس ٿي، ٻي گول ميز ڪانفرنس 1931ع ۾ ٿي، جنهن جو آخر نتيجو اهو نڪتو جو سن 1935ع ۾ انگريز سرڪار انڊيا ائڪٽ پاس ڪيو، جنهن موجب سنڌ ۽ هندستان جي ٻين صوبن جون به جدا صوبائي حيثيتون قائم ٿيون.

انهن مڙني حالتن جو سنڌ جي عوام، خاص ڪري عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سياسي سمجهه رکندڙن تي ڪافي اثر پيو. هن ننڍي کنڊ جي آزاديءَ جي راهه ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو نالو سرِ فهرست آهي. ”ريشمي رومال واري تحريڪ“ ۾ مولانا صاحب سان سنڌ مان مولانا عبدالله لغاري، مولانا تاج محمود امروٽيءَ ۽ ٻين ڀرپور ساٿ ڏنو(8)، پر افسوس جو انگريز سامراج جي چالاڪين ۽ مڪارين سان انهيءَ تحريڪ کي ڌڪ لڳو. اهڙيءَ طرح جڏهن ”ريشمي رومال واري تحريڪ“ جي آخري محرڪ سنڌ جي نومسلم شيخ عبدالرحيم حيدرآباديءَ کي گرفتار ڪيو ويو، ۽ منصوبي جي راز کلڻ سبب هيءَ تحريڪ خودبخود ختم ٿي ويئي(9).

جيئن اسين مـُـنڍ ۾ لکي آيا آهيون ته خلافت تحريڪ جي زماني ۾ انگريزن جي خلاف جيڪا آزاديءَ جي باهه ڀڙڪي اٿي، تنهن جو وڏو سبب سنڌ جي عوام  خاص طرح سان مسلمان طبقي جو مذهبي جوش ۽ جذبو هو. پهرين جنگ عظيم ۾ ترڪن کي پنهنجي سلطنت جي ڪيترن ئي علائقي تان دستبردار ٿيڻو پيو، ۽ انهيءَ شڪست سنڌ ۽ هند جي مسلمانن کي مايوس ڪري وڌو. ان  زماني ۾ ترڪيءَ جو خليفو مسلمانن لاءِ آخري سهارو ۽ اسلامي خلافت جو سرواڻ هو. انگريزن ترڪي سلطنت جي باري ۾ جيڪو هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن سان واعدو ڪيو هو، تنهن کان هو ڦري ويا ۽ ذلت آميز شرط ترڪيءَ تي مڙهيا ويا. انهن ڳالهين هتان جي مسلمانن کي جوش ۾ آندو ۽ ان سان گڏ ”رولٽ ايڪٽ“ ۽ جليانوالا باغ جي خوني حادثي پڻ برصغير جي مسلمانن کي انگريزن جي خلاف اشتعال ڏياريو(10)، ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سيپٽمبر 1919ع ۾ ”خلافت تحريڪ“ جو بنياد وڌو ويو(11). ان کانپوءِ سموريءَ سنڌ ۾ خلافت جي فائدي ۾ جلسا جلوس ٿيا، جن ۾ انگريز سامراج جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان بعد نومبر 1919ع ۾ دهليءَ ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو(12). خلافت تحريڪ ۾ سنڌ جي عوام، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ٻين سياسي شعور رکندڙ ماڻهن اخلاقي، جاني ۽ مالي حصو ورتو. متحده هندستان جي هندن به خلافت تحريڪ جي پٺڀرائي ڪئي ۽ ائين کڻي چئجي ته اها تحريڪ هندو-مسلم اتحاد جو هڪ انمول مثال هئي. خلافت تحريڪ کي فيبروري 1922ع ۾ اوچتو ئي اوچتو مهاتما گانڌيءَ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو(13). سن 1924ع ۾ مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ ترڪيءَ جي قسمت جو مالڪ بڻيو ۽ هن خليفي عبدالحميد کي جلاوطن ڪري خلافت جو هميشه لاءِ خاتمو آڻي ڇڏيو(14). انگريزن خلافت تحريڪ کي ڪمزور بنائڻ خاطر پنهنجي سياسي چالبازيءَ سان ”امن سڀا“ نالي هڪ جماعت تيار ڪرائي. انگريزن انهيءَ ڪم جي پورائيءَ لاءِ برصغير ۾ ٻن ماڻهن جو انتخاب ڪيو. هڪ مولانا عبدالحق حقاني هندستان ۾، ۽ سنڌ مان وري مولوي فيض الڪريم ولد موسيٰ اعواڻ ساندن واري لڳ ٺاروشاهه کي تيار ڪيو. مولوي فيض الڪريم انگريزن جي فائدي ۾ ”تحقيق الخلافت“ نالي هڪ ننڍو رسالو جاري ڪيو، جنهن تي سنڌ جي امن سڀائي عالمن، سجاده نشينن، مشائخن ۽ سرنديءَ وارن ماڻهن کان انگريز سرڪار جي اشاري تي صحيحون ورتيون ويون. انهيءَ ڪم ۾ مولوي فيض الڪريم سان محمد عبدالغني ۽ مولوي عبدالعزيز پڻ ساٿ ڏنو. ان رسالي جي رد ۾ خلافت تحريڪ جي هڪ سرگرم رڪن مولانا دين محمد وفائيءَ ”اظهار الڪرامت“ نالي هڪ فتويٰ جو رسالو جاري ڪيو، جنهن تي سنڌ جي ڪيترن عالمن صحيحون ڪيون. پر جيئن ته اسان مٿي لکي آيا آهيون ته ترڪيءَ ۾ خود خلافت ختم ٿي چڪي هئي، ان ڪري هن ملڪ ۾ به خلافت تحريڪ جو خاتمو اچي ويو(15).

نومبر 1919ع ۾ دهليءَ ۾ سڏايل خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي هندستان جي ڪن عالمن اهو خيال ظاهر ڪيو، ته هن سڄي ننڍي کنڊ جي عالمن جي هڪ جماعت وجود ۾ آڻجي، جيڪا مسلمانن ۾ اسلامي سياست جو صحيح نموني ۾ روح  ڦوڪي. مولانا محمد عبدالباريءَ جي صدارت هيٺ انهيءَ جماعت جي ٺاهڻ لاءِ پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سنڌ مان مولانا اسدالله حيدرآبادي، مولانا تاج محمود امروٽي، پير محمد امام صاحب، مولانا عبدالله ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري شرڪت ڪئي(16). انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن جماعت جو نالو ”جمعيت العلماءِ ِّ هند“ رکڻ گهرجي  ان کي يڪراءِ بحال ڪيو ويو. مولانا محمد ڪفايت الله کي هن جماعت جو عارضي صدر مقرر ڪيو ويو(17). اهڙيءَ طرح سان سنڌ جي عالمن پهريون ڀيرو هڪ ڀرپور عالمن جي سياسي جماعت ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ مولانا تاج محمود امروٽي ۽ مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ذڪر لائق آهن(18). هن جماعت جون سنڌ اندر ڪيتريون ئي شاخون قائم ٿيون، جن جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو ويو، ۽ خاص طرح سان سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ ۾ ته جمعيت العلماءِ سنڌ واري شاخ ڏاڍو نمايان ڪردار ادا ڪيو(19). دراصل سنڌ جي علحدگيءَ واري تحريڪ سنڌ جي عوام جي ڪا اصل منزل نه هئي، پر ايترو ضرور ٿيو جو سنڌ جي ماڻهن ۾ آزاديءَ جو شعور پيدا ٿيو. اهڙيءَ طرح ”قطع تعلقات هلچل“، ”عدم تعاون تحريڪ“، ”آزاديءَ جي هلچل“، ۽ ٻيون وقت بوقت جيڪي به قومي تحريڪون هليون، تن ۾ ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ وارن نهايت فعال ڪردار ادا ڪيو.

سنڌ اندر جڏهن بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ هلي رهي هئي، ته انهيءَ دوران ”خاڪسار تحريڪ“ سن 1931ع ۾ قائم ٿي (20). هن تحريڪ کي سنڌ جي عوام ۾ مانوس ڪرائڻ لاءِ نصير محمد نظاماڻيءَ حصو ورتو ۽ هن حيدرآباد کي ”خاڪسار تحريڪ“ جو مرڪز بڻايو. خاڪسار تحريڪ جي متحد هندستان جو مرڪزي دفتر اڇره لاهور ۾ هو ۽ علامه عنايت الله مشرقي ان جو باني هو(21). خاڪسار تحريڪ کي سنڌ اندر ايتري ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي، جيتري ٿيڻ کپندي هئي. هن تحريڪ جون بعض ڪي ڳالهيون متضاد هيون، جيڪي سنڌي سماج ۽ معاشري جي خلاف هيون، ڇو ته اسان جي سنڌ جو امن پسند معاشرو هن تحريڪ جي جنگجو ۽ جذباتي نظام جي خلاف هو، تاهم هيءَ تحريڪ ان وقت تائين سنڌ ۾ مقبول رهي، جيستائين ان جو نظريو اصلاحي ۽ ديني هو(22).

انگريزن سنڌ اندر سنڌ جي معاشي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ سکر بيراج واري منصوبي کي مڪمل ڪيو، ۽ سنڌ جون زمينون پنهنجي مفادن خاطر زميندارن ۽ کاتيدارن کي ڏيڻ شروع ڪيون. سنڌ جا هاري اهڙي عمل کان ڏاڍو متاثر ٿيا، ۽ انهن محسوس ڪيو ته پنهنجي مفادن جي بچاءَ خاطر ڪا تنظيم ٺاهجي. ان سلسلي ۾ سن 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ جمشيد مهتا جي صدارت هيٺ ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ جو قيام عمل ۾ آيو(23). ڪاميٽيءَ جو پهريون صدر پرنسپال گوڪلي کي چونڊيو ويو(24). هن پارٽيءَ کي سموريءَ سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ٿي، ۽ سنڌ جي اڪثر سياستدانن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو(25).

سنڌ هاري ڪميٽيءَ سنڌ اندر نمايان ڪم ڪيو، پر پوءِ سنڌ جي نين سياسي حالتن جو شڪار ٿي ڪمزور بنجي ويئي، پر ان هوندي به هن پارٽيءَ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي.

سن 1935ع ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ قائم ڪئي ويئي، ۽ ان جو وقتي صدر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي مقرر ڪيو ويو(26). شيخ عبدالمجيد سنڌ اندر ڪافي شاخون قائم ڪرائي. هن پارٽيءَ کي تمام گهڻو مقبول بنايو. سنڌ آزاد پارٽيءَ اڳيان واضح مقصد هي هئا ته: هندستان لاءِ جدا جدا فرقن ۽ سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتحاد قائم هجي، ۽ مسلم قوم جي مذهبي، اخلاقي، تعليمي، معاشرتي ۽ مالي اصلاح لاءِ عام سڌارا ڪيا وڃن(27).

مولانا عبيدالله سنڌيءَ هن ننڍي کنڊ ۾ انگريز سامراج جي خلاف عوام ۾ اهڙو جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، جنهن وقت جي سرڪار کي ڏڪائي ڇڏيو. مولانا صاحب پنهنجي جدوجهد ان دور ۾ شروع ڪئي، جڏهن اڃا هندو مسلم اختلافن جو ڀوت عوام جي ذهنن تي ڇانيل نه هو. ”آل انڊيا نيشنل ڪانگريس“ ۽ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ اڃا واضح طور تي آزادي حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي نه ٺاهي هئي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي خيالن ۽ افڪارن کي مرعوب ٿي انگريزن کيس جلاوطن ڪيو. سندس 27 سالن جي جلاوطنيءَ واري دوّر ۾ هن برصغير ۾ ڪيتريون ئي سياسي تبديليون اچي چڪيون هيون، ۽ سمورو ننڍو کنڊ سياسي طور تي ”آل انڊيا نيشنل ڪانگريس“ ۽ آل انڊيا مسلم ليگ“ جي ٻن حلقن ۾ ورهائجي چڪو هو. خلافت تحريڪ جي خاتمي کان پوءِ هندو مسلم اتحاد ختم ٿي چڪو هو. انهن حالتن پٽاندڙ مولانا عبيدالله سنڌيءَ اهو محسوس ڪيو ته هاڻي آزاديءَ وارو مسئلو نه رهيو آهي، پر سڀ کان وڌيڪ گنڀير مسئلو مذهب ۽ ثقافت جو آهي، جيڪو عوام جي اتحاد جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. پاڻ جڏهن واپس وطن وريو، تڏهن هن انهن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ”جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽيءَ“ جي ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. ان لاءِ سندس اهو خيال هو ته انهيءَ رستي هندو مسلم ڇڪتاڻ واري مسئلي کي حل ڪري سگهبو(28).

”جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽيءَ“ جو بنياد 10- سيپٽمبر 1939ع تي رکيو ويو(29). هن پارٽيءَ جي نظرياتي ۽ بنيادي اصولن کي جڏهن غور سان پڙهجي ٿو، ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته مولانا عبيدالله سنڌي پهريون ماڻهو هو، جنهن هندستان جو ورهاڱو لساني بنيادن تي ڪرڻ ٿي گهريو(30).

اسان مٿي جيڪي بيان ڪيو آهي، تنهن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي، ته هن برصغير ۾ ڌارين جي غلاميءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هتان جي عوام پنهنجي سياسي جدوجهد درجي بدرجي پئي ڪئي آهي. اصل ۾ ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري جدوجهد جو پهريون مرحلو 1857ع جي جنگ آزادي هئي، جنهن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ هندن ۽ مسلمانن پنهنجون قيمتي جانيون قربان ڪيون. ان جدوجهد جو اهو نتيجو نڪتو، جو انگريزن جي راڄ نيتي پاليسيءَ ۾ تبديلي آئي، ۽ هنن ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو(31).

انهيءَ کان پوءِ انگريزن جي اشاري تي مسٽر هيوم هڪ سول رٽائر آفيسر سن 1885ع ۾ ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جو بنياد وڌو. ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ انهيءَ جماعت ۾ باقاعدگيءَ سان حصو ورتو. سن 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو ساليانو اجلاس ٿيو، ۽ اها پارٽي سنڌ ۾ اڳتي هلي  1917ع ۾ سنڌ جي واحد، منظم ۽ ترجمان جماعت بڻجي پيئي.  پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ هندستان ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون پيدا ٿيون، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو چؤطرف فساد ۽ لاقانونيت ڦهلجي ويئي. ان کان پوءِ حڪومت مجبور ٿي سن 1919ع ۾ ”رولٽ ايڪٽ“ پاس ڪيو(32). هن ايڪٽ موجب ملڪ جي انتظاميه کي وڏا اختيار ڏنا ويا، ۽ پريس ۽ سياسي قيدين تي سختي ڪئي ويئي(33). انهن حالتن کان متاثر ٿي مهاتما گانڌي ملڪي سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ عملي طرح ٽپي پيو، ۽ ”رولٽ ايڪٽ“ خلاف امرتسر جي جليانوالا باغ ۾ هڪ وڏو جلسو منعقد ٿيو. جنرل ڊائر بي هٿيار ۽ بي گناهه ماڻهن تي گوليون هلايون، جنهن ۾ ٽي سؤ ماڻهو موت جو شڪار ٿيا، ۽ ٻارهن سؤ ماڻهو شديد زخمي ٿيا. ڪانگريس جي ڪيترن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو(34). انهيءَ خوني واقعي برصغير جي ماڻهن جي دلين ۾ وقت جي حڪومت خلاف نفرت پيدا ڪئي. سنڌ پڻ انهيءَ خوني واقعي تي شديد رد عمل جو اظهار ڪيو. انگريزن ننڍي کنڊ جي سياستدانن کي پنجاب جي سرحدن اندر پير پائڻ تي بندش وجهي ڇڏي، ۽ ڪيترن سياسي اڳواڻن کي ڦاسي يا ڪاري پاڻيءَ جون سزائون به ڏنيون ويون. سن 1935ع جي انڊيا ايڪٽ جي نـَــوَن سڌارن موجب سنڌ کي صوبائي حق مليا، ۽ 1936ع ۾ چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ ڪانگريس کي ڪافي ڪاميابي حاصل ٿي، پر سنڌ ۽ آسام ۾ گڏيل وزارتون قائم ٿيون(35).

سنڌي عوام، سنڌ اندر”سنڌ سڀا“ ۽ ”مجمع محمديءَ“ جي ذريعي سياسي طرح سان بيدار ٿي چڪو هو، ۽ ان بعد 1885ع ۾ ”آل انڊيا نيشنل ڪانگريس“ جي ٺهڻ کان پوءِ ته هن ملڪ جي سياست ۾ اهم حصو ادا ڪيو. ڪانگريس هن ننڍي کنڊ جي عوام ۾ سياسي بيداريءَ کان سواءِ اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته اها جماعت انگريز سرڪار جي اشاري سان قائم ٿي آهي،. جيڪا ڪنهن حد تائين غير مسلم عوام جي سرپرستي ڪري رهي هئي. سر سيد احمد خان مسلمانن کي ڪانگريس ۾ شامل نه ٿيڻ جي تحريڪ هلائي(36). ان کانسواءِ ٻيا به ڪي اهڙا واقعا رونما ٿيا، جن هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي لاءِ هڪ الڳ جماعت ٺاهين(37). سر آغا خان ۽ نواب محسن الملڪ هن تحريڪ جا اڳواڻ هئا. انهيءَ سلسلي ۾ سن 1906ع ۾ نواب سليم الله خان ڍاڪا ۾ مسلمان اڳواڻن جي هڪ گڏجاڻي سڏائي، جنهن ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جو قيام عمل ۾ آيو(38).

انهيءَ ساڳئي سلسلي ۾ سن 1917ع ۾ سنڌ اندر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي سايي ۽ ڪوششن سان ”سنڌ مسلم ليگ“ قائم ٿي. ”سنڌ محمدن ايسوسئيشن“ کان پوءِ اها ئي سنڌ جي مسلمانن جي پهرين جماعت هئي، جنهن اعتدال پسند مسلمانن کي ڪنهن عرصي تائين هڪ پليٽ فارم تي قائم رکيو. هن سنڌ مسلم ليگ جو آل انڊيا مسلم ليگ سان ڪو به واسطو نه هو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ آزاد جماعت هئي(39). سن 1934ع ڌاري ”سنڌ مسلم ليگ“ پنهنجي الڳ ۽ آزاد حيثيت ختم ڪري ”آل انڊيا مسلم ليگ“ ۾ ضم ٿي(40). سن 1916ع جي ميثاق لکنوءَ واري واقعي کان پوءِ اهو ٿي محسوس ڪيو ويو ته هندو ۽ مسلمان آزاديءَ خاطر اتحاد ۽ اتفاق جو ثبوت ڏيندا، پر ٻئي ڌريون مذهبي بنيادن تي روهائجي ويون. انهيءَ ڇڪتاڻ ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي کان پري رکيو. سائمن ڪميشن جي بائيڪاٽ کان پوءِ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ٻنهي الڳ راهون اختيار ڪيون. نهرو رپورٽ شايع ٿيڻ کان پوءِ مسلم ليگ پنهنجا چوڏهن نقطا پيش ڪيا. نهرو رپورٽ جي رد عمل ۾ مسلمانن اهو محسوس ڪيو ته کين آزاد ۽ هڪ الڳ سياسي مرڪز تي گڏ ٿيڻ گهرجي. سن 1930ع ۾ الهه آباد ۾ ڊاڪٽر محمد اقبال ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي سڏايل سالياني ميڙ ۾ مسلمانن کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيڻ جو مشورو ڏنو. سن 1935ع ۾ انڊيا ائڪٽ جي پاس ٿيڻ جي نتيجي ۾ عام چونڊون ٿيون، جنهن ۾ ڪانگريس وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي، ۽ انهن ڪانگريس وزارتن وارن صوبن ۾ مسلمانن سان وڏيون زيادتيون ڪيون ويون، جنهن ڪري محمد علي جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي نئين سر منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ نئينءَ قيادت هيٺ مسلم ليگ ۾ سنڌ جي سياسي اڳواڻن حـصي وٺڻ لاءِ ڀرپور آمادگيءَ جو اظهار ڪيو. حاجي عبدالله هارون، مسٽر محمد هاشم گزدر، مير بنده علي خان ٽالپور، جي. ايم. سيد، سر غلام حسين، هدايت الله، شيخ عبدالمجيد  سنڌي ۽ پير الاهي بخش جهڙن سياسي اڳواڻن سنڌ ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ کي مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. سن 1938ع ۾ پهرين سنڌ پراونشل مسلم ليگ ڪانفرس سڏائي ويئي، جيڪا بعد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ جو وڏو ڪارڻ بڻي، ۽ ان کان پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ جي صوبائي شاخ کولي ويئي(41).

سنڌ مسلم ليگ تعليم، ترقيات، زراعت، صحت عامه ۽ ٻين ڪيترن ڳالهين کي عملي جامي پهرائڻ جا منصوبا سٽيا. ان کانسواءِ نظرياتي پرچار، فلسطين جو مسئلو، ڪانگريس جي مخالفت، مسجد منزل گاهه وارو مسئلو، بقاءَ واري جنگ ۽ ٻيا ڪيترا اهڙا مسئلا هئا، جن ۾ سنڌ مسلم ليگ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري. سنڌ ئي هن برصغير ۾ پهريون صوبو هئي، جنهن اڪثريت راءِ سان پروانشل اسيمبليءَ ۾ پاڪستان حاصل ڪرڻ جو قرارداد بحال ڪيو ۽ نتيجي ۾ اڳتي هلي 14- آگسٽ 1947ع تي دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان مملڪت رونما ٿي. اهڙيءَ طرح ان هن آزاديءَ جي تحريڪ واري قافلي ۾ سنڌ ۽ هتان جي عوام جو سياسي، فڪري، مذهبي ۽ عملي طرح وڏو حصو رهيو آهي.

 

حوالا

(1) مولوي الهه بخش ”اٻوجهو“: ”مسدس اٻوجهو“، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص 54.

(2) ميرزا قليچ بيگ: ”خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي سوانح عمري“، حيدرآباد، اسٽنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس، 1925ع، ص، 40.

(3) مولوي الهه بخش ”اٻوجهو“: ”مسدس اٻوجهو“، حيدرآباد، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، 1949ع، ص 55.

(4) See, The “Platinum Jubilee Book” Sindh Madressah-tul- Islam, 1960, P.54 (Under heading: History of Sindh Madressah-tul- Islam, An Article written by Khawaja Ali Mohammad)

(5) صلاح الدين ناسک: ”تحريڪ آزادي“، لاهور، عزيز پبلشرز، 1975ع ص 270 .

(6) See، The “Memorendum presented to Simon Commission”  by Sindh Mohammadan Association.

(7) مولائي شيدائي: ”سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ“ (مقالو)، روزانه ”مهراڻ سالگره نمبر“، حيدرآباد، مؤرخه 15 جنوري 1961ع، ص 22.

(8) مولانا غلام مصطفيٰ صاحب : ”امام انقلاب حضرت مولانا سنڌي“ (مقالو)، ماهوار ”توحيد“، ڪراچي، آڪٽوبر 1944ع، 15 ص.

(9) محمد يعقوب: ”تحريڪ ريشمي رومال ۾ سنڌ جو حصو“ (مقالو)، روزانه ”مهراڻ، سالگره نمبر“ حيدرآباد، مؤرخه 5 جنوري 1962ع، ص 136.

(10) صلاح الدين ناسک: ”تحريڪ آزادي“، لاهور، عزيز پبلشرز، 1975ع، ص 236.

(11) ڏسو، جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ، خلافت ۽ سمرنا فند جي آمدنيءَ جو تفصيل ۽ خرچ جو نقشو، ڪراچي، دبدبه حيدري پريس، 1922ع، ص 3.

(12) Smith Vincent.A:, “The Oxford History of India”, Oxford, Claredon Press, 1961, p. 784,

(13) صاحبزاده عبدالرسول: ”تاريخ پاڪ و هند“، لاهور، ايم. آر. برادرز، 1970ع، ص 448.

(14) L.F.Rush Brook William:, “The State of Pakistan”, London, Faber and Faber  1962, P.20.

(15) راقم جو مقالو: ”تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو“، (قلمي، سنڌي) پي - ايڇ - ڊي لاءِ پيش ڪيل، 1984ع، ص 193 کان ص 198.

(16) ڏسو، ”مختصر حالات انعقاد جمعيت علماءِ هند“، دهلي، محبوب المطابع، سال؟ ص 5.

(17) ڏسو، راقم الحروف جو مقالو: ”تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو“، ص 207.

(18) ڏسو، روزانه ”الوحيد“، ڪراچي، مؤرخه 4 جولاءِ 1920ع ص 3.

(19) ڏسو، روزانه ”الوحيد“، ڪراچي، مؤرخه 1- آڪٽوبر 1931ع، ص 6.

(20) محمد عظمت الله ڀٽي: ”المــَــشرِقي“، گجرات (پاڪستان)، پنجاب اليڪٽرڪ پريس 1963ع، صه 57.

(21) راقم جو مقالو: ”تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو“، (قلمي، سنڌي) پي - ايڇ - ڊي لاءِ پيش ڪيل مقالو، سال 1984ع، ص 221.

(22) حوالو: ايضاً، ص 225.

(23) محمد عثمان ڏيپلائي: ”جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي. ايم. سيد)“، (مقالو)، ”مهراڻ، سوانح نمبر“، ڪراچي- حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص 681.

(24) See, “The Daily gazette”, Karachi, Dated 16.11.1936, P.4.

(25) ڏسو، راقم الحروف جو مقالو: ”تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو“، ص 226.

(26) هيءَ معلومات محترم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کان 26- ڊسمبر 1976ع تي انٽرويو ذريعي ورتي ويئي.

(27) ڏسو، ”سنڌ آزاد پارٽيءَ جو جوڙجڪ“، (دستور العمل)، ڪراچي، الوحيد پرنٽنگ پريس، 1935ع.

(28) ڏسو، ماهوار ”توحيد“، ڪراچي، ماه سيپٽمبر 1946ع، ص 25.

(29) پروفيسر محمد سرور: ”خطبات مولانا عبيدالله سندهي“، لاهور،سندهه ساگر اکادمي، 333.

(30) g. Allana:, “Our Freedom Fighters”, Karachi,  Paradise Subscription Agency  1969.P.181.

(31) Rajput.A.B:, “Muslim League Yesterday and today”, Lahore, Mohd Ashraf,  1948. P.12.

(32) Smith. Vincent.A:, “The Oxford History of India”. Oxford, Claredon Press, 1961, P.785.

(33) Kanshik P.D:, “The Congress Ideology and Programme”, Bombay, Allied  Publishers Ltd, 1964, P.22.

(34) Weekes. R.V:, “Pakistan Birth and growth of a Muslim Natoin” London. D.van  Nastrand Company, 1964, P.77.

(35) Kanshik P.D:,  “The Congress Ideology and Programme”, Bombay, Allied  Publishers Ltd, 1964, P. 272.

(36) فائق کامران: ” تحريک پاکستان“، لاهور، فيروز سنز لميٽيڊ، 1976ع، ص 46.

(37) راقم جو مقالو: ”تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو“، (قلمي، سنڌي) پي - ايڇ - ڊي لاءِ پيش ڪيل مقالو، سال 1984ع، ص 276.

(38) Rajput.A.B:, “Muslim League yesterday and Today” Lahore, Mohd. Ashraf,  1948, P. 19.

(39) ڏسو، ماهوار: ”پيغام“، ڪراچي، شعبه مطبوعات اطلاعات کاتو، سيپٽمبر - آڪٽوبر 1982ع، ص 14.

(40) ڏسو، راقم الحروف جو مقالو: ”تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو“. ص 279.

(41) ڏسو، صوبه سنڌ مسلم ليگ ۽ ان جي شاخن  جا اغراض و مقاصد، ص 1.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com