سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :12

بمبئيءَ کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ، پاڪستان قائم ٿيڻ تائين ڏهن سالن جي صوبائي خود اختياري واري دور ۾، سنڌ کي ڇا حاصل ٿيو ۽ ان ڇا وڃايو، اهو هڪ ڊگهو دکدائڪ ۽ عبرتناڪ داستان آهي. ٿوري ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته قومي زندگيءَ جي هر هڪ شعبي ۾ هندو غلبو برقرار رهيو ۽ مسلمانن جي پٺتي پيل حالت ۾ ڪا نمايان ڪمي ڪا نه ٿي، البته ڪي اهڙا واقعا ضرور ٿيا، جن سببان پاڪستان جي تحريڪ کي هٿي ملي ۽ منزل مراد حاصل ڪرڻ جا امڪان روشن ٿيا. اهڙن واقعن ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو آڪٽوبر 1938ع وارو اجلاس وڏي اهميت رکي ٿو.

ڪراچي ڪانفرنس

سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو هيءَ اجلاس قائداعظم جي صدارت ۾ 8-9 ۽ 10 آڪٽوبر 1938ع تي، ڪراچي عيدگاهه ميدان(بندر روڊ) ۾ ٿيو. قائداعظم ريل گاڏيءَ جي ذريعي بمبئيءَ کان ڪراچي پهتو. ٿرپارڪر ضلعي ۾، ۽ پوءِ حيدرآباد کان ڪراچي سٽي اسٽيشن تائين، هر هڪ اسٽيشن تي سندس والهانه استقبال ڪيو ويو. ڊرگ روڊ کان پوءِ سندس گاڏي تي هوائي جهاز جي ذريعي گلن جي ورکا ڪئي ويئي ۽ سٽي اسٽيشن کان، اجلاس جي پنڊال تائين، شاهي جلوس ڪڍيو ويو، جيڪو ڪراچي جي تاريخ ۾ پنهنجو مثال نٿو رکي. انهيءَ اجلاس ۾ هندستان جي گهڻو ڪري سڀني مکيه مسلم ليگي رهنمائن شرڪت ڪئي، جهڙوڪ سر سڪندر حيات (پنجاب)، مولوي ابول القاسم فضل الحق(بنگال)، سردار اورنگزيب (سرحد)، سر سعدالله خان (آسام)، نواب اسماعيل خان (بهار)، چوڌري خليق الزمان، مولانا جمال ميان فرنگي محلي، مولانا شوڪت علي، بيگم مولانا محمد علي، راجا صاحب محمود آباد، سيد سجاد يلدرم (يوپي)، سيد غلام ڀيڪ نيرنگ (انباله)، جناب عاشق علي، وڪيل، (گيا، بهار)، جناب عبدالرؤف شاهه(ناگپور)، خانبهادر پير مريد حسين، سجاده نشين، درگاهه غوث بهاؤالحق زڪريا ملتاني، نواب احمد يار خان دولتانه، ملڪ برڪت علي (پنجاب)، نوابزاده لياقت علي خان وغيره. ان ڪري هيءَ ڪانفرنس ڄڻڪ ڪل هند سطح جي اجتماع جو ڏيک ڏيئي رهي هئي.

صوبائي مسلم ليگ جي صدر، حاجي سر عبدالله هارون پنهنجي مرحبائي تقرير ۾، هندو اڪثريتي صوبن ۾ ڪانگريس وزارتن جي مسلم دشمن سرگرمين ۽ پريشان ڪندڙ واقعن جو ذڪر ڪيو.

انهيءَ کان پوءِ هن چيو ته ”مسلم قوم جي ثقافت، ان جو مذهب ۽ خود ان جو وجود خطري ۾ آهي ۽ هو اڪثريتي فرقي(هندو) مان ڪنهن عدل انصاف جي اميد نٿا رکن . اسان هينئر بلڪل اهڙي هنڌ پهچي چڪا آهيون، جتان اسان کي جدا جدا راهون اختيار ڪرڻيون آهن، ۽ جيسين اهو مسئلو اهڙيءَ طرح حل ٿي نه ٿو وڃي جو سڀيئي ڌريون مطمئن ٿي سگهن، تيسين هيءَ ڳالهه ڪنهن جي لاءِ به ممڪن ناهي جو هو هندستان کي ”هندو هندستان“ ۽ ”مسلم هندستان“ ۾ الڳ الڳ وفاقي يونٽن طور ورهاڱي ٿيڻ کان محفوظ رکي.

قائداعظم پنهنجي صدارتي تقرير ۾ اعلان ڪيو ته ”مان برطانوي سياستدانن ۽ مدبرن ۽ انهن سان گڏ ڪانگريس جي اعليٰ ڪمان (هاءِ ڪمانڊ)جي ميمبرن جو ڌيان ڇڪائيندي، کين عرض ڪندس ته هو تازي معاشرتي انقلاب، ڦير گهير ۽ انهن جي نتيجن ۽ انجام کي، جيڪي مهاڀاري جنگ جي انديشي پيدا ڪرڻ جو باعث بنيا آهن، غور سان ڏسن، انهن کي سمجهن ۽ نهايت خاموشيءَ سان دل ئي دل ۾ انهن جو تاثر مرتب ڪن.انهيءَ صورتحال جو هڪڙو ئي سبب محض سوڊيٽن(Sudetan)  جرمن هئا، جن کي چيڪوسلواڪيه جي اڪثريت جي ڀاري بار هيٺان ڏاڍ مڙسي ڪري دٻايو ويو هو ۽ کين زور زبردستيءَ سان محڪوم ۽ مضمحل بڻايو ويو، انهن سان برو سلوڪ ڪيو ويو، مٿن ظلم ۽  تشدد ڪيو ويو ۽ ويهن سالن تائين سندن حق پائمال ڪيا ويا ۽ مفاد جو ڪو به خيال نه ڪيو ويو. تنهنڪري ان جو جيڪو لازمي نتيجو نڪرڻو هو، سو ئي ٿيو. يعني جمهوريه چيڪو سلواڪيه ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي هڪ نئون نقشو ترتيب ڏنو ويندو. جهڙيءَ طرح سوڊيٽن جرمن بي يارومددگار ۽ بنا ڪنهن دفاعي قوت جي نه هئا، ۽ ويهن سالن تائين ظلم ۽ تشدد، ڏاڍ ۽ تعدي سهندي به زنده ۽ باقي رهيا، بلڪل اهڙي طرح مسلمان به ته بي يارو مددگار آهن ۽ نه وري پنهنجو بچاءُ ڪرڻ جي قوت کان خالي آهن، ۽ براعظم ۾ پنهنجي قومي وجود ۽ پنهنجي قومي امنگن ۽ تمنائن کان دستبردار ٿي نٿا سگهن.“

ڪانفرنس ”بندي ماترم“ جي تشهير، هندي کي قومي زبان بنائڻ ۽ ”وديا مندر“ اسڪيم رائج ڪرڻ سببان، ڪانگريس کي ننديو، ۽ قانون حڪومت هند مجريا 1935ع ۾ ڪل هند وفاق جي جيڪا اسڪيم شامل ڪئي ويئي هئي، ان جي خلاف نهايت شدت سان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان کي مڃڻ کان بنهه نابري واري.

ڪراچي ٺهراءُ جي عبارت:

10- آڪٽوبر 1938ع تي، قائداعظم جي صدارت ۾، شيخ عبدالمجيد سنڌي جو پيش ڪيل ٺهراءُ، الله اڪبر جي فلڪ شگاف نعرن جي گونج ۾ منظور ڪيو ويو. انهيءَ تاريخي ٺهراءُ جو متن هن ريت آهي:

جيئن ته انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو هندو - مسلم مسئلي بابت آل انڊيا مسلم ليگ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان انڪار(انهيءَ بهاني سان ته مسلم ليگ هندستان جي مسلمانن جي نمائنده ناهي)، ڪانگريس جي انهيءَ عزم کي ظاهر ڪري ٿو ته مسلمان قوم ۾ نفاق پيدا ڪري، انهن تي هميشه لاءِ پنهنجو غلبو برقرار رکي، انهيءَ سان گڏوگڏ هندستان جي اقليتن واري مسئلي جي باهمي رضامندي ۽ پر امن ماحول ۾ حل ڪرڻ جي امڪانن کي هڪ دفعو وري برباد ڪري، جيتوڻيڪ مسلم ليگ گذريل پندرهن سالن کان انهيءَ ڏس ۾ بي نتيجي ڪوششون ڪندي رهي آهي.

جيئن ته ڪانگريس پنهنجي دولت ۽ اخبارن جي ذريعي مسلمان عوام سان سڌي لاڳاپي قائم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي آهي ته جيئن هڪ طرف مسلمانن جو پاڻ ۾ اتحاد ٽٽي پوي ۽ ٻئي طرف دنيا کي اهو گمراهه ڪندڙ تاثر ڏنو وڃي ته ڪانگريس ئي، هندستان جي سڀني قومن جي اڪيلي عيوضي جماعت آهي.

جيئن ته ڪانگريس هندو راڄ قائم ڪرڻ جي نيت سان ڪن صوبن ۾ اهڙيون وزارتون بڻايون آهن، جن ۾ ڪنهن به مسلمان کي شامل ڪو نه ڪيو ويو آهي، يا وري جيڪڏهن(نالي ماتر) ڪو مسلمان وزير کنيو آهي ته اهڙو، جنهن جي پنهنجي مسلم قوم ۾ ڪا حيثيت ڪانهي، جيتوڻيڪ وزارتن بنائڻ جو اهو طريقو حڪومت هند جي قانون مجريه 1935ع ۽ برطانيه سرڪار طرفان جاري ڪيل هدايت نامي جي روح ۽ لفظن جي ابتڙ آهي.

جيئن ته انهيءَ (غلط) طريقي سان قائم ڪيل صوبائي وزارتن اهڙي طرح سان حڪومت هلائڻ جي شروعات ڪئي آهي، ته جيئن مسلمانن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪري، سندن حوصله پست ڪن، مسلم ڪلچر جي صحتمند ۽ تعميري اثر کي (هندستان مان) ختم ڪن، مسلمانن جي مذهبي رسم و رواج ۽ سندن ديني ذميوارين ۾ رخنو وجهن، ۽ هڪ جدا قوم جي حيثيت سان سندن سياسي حقن  کي پائمال ڪن.

جيئن ته جمهوريت جي مڃيل اصول جي اُبتڙ، ڪانگريس جي هيءَ ڪوشش آهي ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي، انهن ۾ به مسلمانن جي سياسي قوت کي اڀرڻ نه ڏنو وڃي ۽ انهيءَ مقصد خاطر ڪانگريس انهن صوبن (جهڙوڪ: بنگال، سرحد، پنجاب ۽ سنڌ) ۾ به اهڙن گروهن کي برسر اقتدار آڻي رهي آهي، يا انهن سان گڏجي گڏيل وزارتون بڻائي رهي آهي، يا مخلوط وزارتن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي، جن گروهن کي مسلمان ميمبرن جي اڪثريت ۽ مسلمان عوام جو اعتماد حاصل ناهي،

جيئن ته ڪانگريس پنهنجي مرڪزي هاءِ ڪمان جي اٿارٽي (اختيار) کي صوبائي وزارتن جي ڪمن تي اهڙيءَ طرح مڙهي رهيو آهي، جيڪو طريقو فقط فاشي آمريتن ۾ رواج ۾ هوندو آهي، ۽ ان طريقي ڪار جو هاڻي اهو نتيجو نڪري رهيو آهي جو پارلياماني رسم رواج ۽ آئيني روايتن کي اُڀرڻ جو موقعو نه ٿو ملي، مسلمانن جي حق تلفي ٿي رهي آهي ۽ کين پنهنجي جائز حـصي حاصل ڪرڻ کان به محروم رهڻو پوي ٿو ۽ صوبائي وزارتن کي آئين موجب مسلمانن جي حقن ۽ مفادن جي مد نظر، نئين سر بنائڻ کان به صاف انڪار ڪيو ويو آهي،

جيئن ته ڪانگريس فيصلو ڪري چڪي آهي ته:

(الف) مسلمانن جي سخت مخالفت جي باوجود ”وديا مندر اسڪيم“ (هندي ۾ تعليم جو پراڻو هندو طريقو، جنهن ۾ هندو مذهب جو پهلو غالب رهندو آهي) جاري ڪئي وڃي.

(ب) ”بندي ماترم“ جي نغمي کي قومي تراني جي حيثيت سان مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي به مڙهيو وڃي، جيتوڻيڪ ان نغمي سببان مسلمانن جا جذبا ۽ احساس ڏکوئجن ٿا، ان ۾ بـُـت پرستي جا عنصر موجود آهن ۽ ان جي بنيادي نظريي موجب، هيءُ نغمو مسلمانن جي خلاف ڌڪار جو اهڃاڻ آهي.

(ج) هنديءَ کي ديوناگري صورتخطي ۾ هندستان جي قومي زبان  بڻايو وڃي، جيتوڻيڪ اقليتن ان تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي، ڇو ته ان جي ذريعي هندو مذهبي خيال ۽ هندو فلسفو ۽ ثقافت جو ٻج، انساني دماغن ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ هندستان تي برهمڻ ڪلچر جي غلبي جو امڪان روشن ٿئي ٿو.

(د) هندو، اڪثريت جي زور تي مڪاني ادارن ۾ مخلوط (گڏيل) چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن مسلمانن کي صحيح نمائندگي حاصل ڪرڻ جو موقعو نه ملي.

(5) جتي به ٿي سگهي ته اردو اسڪول بند ڪيا وڃن ۽ اردو تعليم جي حوصلي افزائي نه ڪئي وڃي ته جيئن هندستان مان اردو جو نالو نشان مٽجي وڃي.

(و) تقرير ۽ تحرير ۽ جائز سياسي سرگرمين کي انهيءَ بهاني ختم ڪيو وڃي ته قانون ۽ امن امان(لا ۽ آرڊر) لاءِ خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.

(ز) مسلمانن جي مذهبي آزادي ۽ رسم و رواج ۾ زور، زبردستي ۽ آتشي هٿيارن جي مدد سان رڪاوٽ وڌي وڃي.

جيئن ته هندستان جي هندو اڪثريت هزارن سالن کان ذات پات ۽ ڇوت ڇات جي دقيانوسي رسم تي ڪاربند رهي آهي، ۽ اها رسم قوم پرستي، انساني مساوات، جمهوريت ۽ انهن سڀني مهذب عمراني اُصولن جي خلاف آهي، جن کي رواج ۾ آڻڻ جي جدوجهد ڪئي پيئي وڃي، ۽ ڇوت ڇات جي رسم سببان اڄ هندستان جا ڪروڙين انسان اقتصادي ۽ سماجي طور اڻ برابري (ننڍ وڏائي) جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ دائمي غلاميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

جيئن ته هڪجهڙين اميدن ۽ نظرين جي بنيادن تي، هڪ گڏيل هندستان ۽ متحده قوميت جي اوسر ۽ پکڙجڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي، جنهن جا سبب هي آهن جو هندو اڪثريت جي پراڻي (مذهبي) ڇوت ڇات واري ذهنيت اڃا قائم آهي ۽ هندو اڪثريت مسلمان قوم جي بدخواه ثابت ٿي چڪي آهي، ان کان سواءِ انهن(هندو ۽ مسلمانن) ۾ مذهب، زبان، رسم الخط، ثقافت، سماجي ۽ تمدني روايتن، نظرياتي لاڙن ۽ زندگي جي مقصدن ۾ بنيادي فرق آهي، ۽ ڪن علائقن ۾ ته نسلي فرق به آهي.

انهيءَ ڪري هيءَ ڪانفرنس نهايت ضروري سمجهي ٿي براعظم (هندستان) ۾ دائمي امن، ۽ هندن ۽ مسلمانن ۾ آزادي سان ثقافتي ترقي، اقتصادي ۽ سماجي سڌاري ۽ سياسي خودارادي جي حق حاصل ڪرڻ خاطر، آل انڊيا مسلم ليگ کي سفارش ڪئي وڃي ته انهيءَ ڳالهه تي نئين سر غور ڪري ته، هندستان لاءِ ڪهڙو مقام حاصل ٿي سگهي ۽ پنهنجي لاءِ اهڙي آئيني رٿا تيار ڪري، جنهن موجب مسلمان قوم مڪمل طور تي آزادي حاصل ڪري سگهي.

انهيءَ سان گڏوگڏ، هيءَ ڪانفرنس ڪل هند گڏيل وفاق(فيڊريشن) کي، جنهن جي لاءِ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ بندوبست ڪيو ويو آهي، سختيءَ سان نا منظور ڪري ٿي، ۽ برطانيه سرڪار کان مطالبو ڪري ٿي ته انهيءَ قانون کي عمل ۾ آڻڻ کان پاسو ڪري، ڇو ته هن ايڪٽ ۾ پيش ڪيل رٿ هندستان جي عوام ۽ خاص ڪري مسلمانن لاءِ نقصانڪار آهي.

”آخر ۾ هيءَ ڪانفرنس اعلان ڪري ٿي ته هندستان جا مسلمان اهڙو ڪو به آئين قبول نه ڪندا، بشرطيڪ انهيءَ جو بنياد، هن ٺهراءَ ۾ بيان ڪيل اصولن تي ٻڌل هجي، ۽ مسلم ليگ جي صلاح مشوري ۽ ان جي منظوريءَ سان تيار ڪيو ويو هجي“.

هيءَ ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ايم-ايل-اي(سنڌ) پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد خانبهادر مشتاق احمد گورماني، ايم-ايل-اي (پنجاب) ڪئي. ان جي وڌيڪ تائيد حاجي سر عبدالله هارون، ايم - ايل- اي (مرڪز)، سيد عبدالرؤف شاهه، وڪيل، ايم-ايل-اي (سي- پي) ۽ مولانا عبدالحامد بدايوني(يو -پي) ڪئي.

حالات حاضره بابت شايع ٿيندڙ هڪ رسالي ”دي انڊين اينيوئل رجسٽر“  (The Indian Annual Register)  انهيءَ ٺهراءَ کي نهايت اهم سمجهي، ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.”ٻه وفاق - مسلم ۽ غير مسلم“ جي عنوان سان تبصري ۾ لکيو ويو ته ثقافت جي نالي ۾ نئين مسلم قيادت ڪنهن شيءِ جي لحاظ ڪرڻ کان سواءِ ملڪ کي هندو ۽ مسلم يونٽن ۾ ورهائيندي. اسان يورپ ۾ رونما ٿيندڙ هڪ اهڙي واقعي جي باري ۾ ڳالهائيندا رهندا آهيون، جيڪو انهن(مسلم قيادت) کي سوچڻ تي اڀاري ٿو، بلڪه سندن همت افزائي ڪري ٿو ته جيئن سوڊيٽن جرمن چيڪوسلواڪيه کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، اهڙيءَ طرح هندستان جا مسلمان به هندستان ۾ انهن علائقن کي حاصل ڪرڻ ۾ حق بجانب ٿيندا، جتي مسلمان گهڻائيءَ ۾ آباد آهن. قومن جي حق خودارادي جي نالي ۾ سوڊيٽن علائقو  چيڪو سلواڪيه کان ڪٽجي، الڳ ٿي ويو، تنهنڪري انهيءَ اصول جي نالي ۾ مسلمان، هندستان جي قلب ۾ مسلم رياستن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا، پوءِ کڻي هندستان جي هڪ نئين نقشي تي، انهيءَ اسڪيم کي جاءِ ڏيڻ لاءِ ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ لامحدود تبادلي جي ضرورت ئي ڇو نه پوي. اهڙي قسم جي خواهش ۽ آرزوءَ جو ئي نتيجو آهي ۽ اهو ئي سمورو جذبو آهي، جو سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس جي آخري اجلاس ۾ 10 آڪٽوبر 1938ع تي جناب محمد علي جناح جي صدارت ۾، مٿي ڄاڻايل مقصدن تي ٻڌل هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

حاجي سر عبدالله هارون ۽ سندس ساٿي(جن جا نالا پنهنجي مرحبائي تقرير ۾ ڄاڻايل اٿس) شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر غلام حسين هدايت الله، جناب محمد هاشم گزدر، جناب جي. ايم. سيد، ملڪ عبدالعزيز، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، جناب ايم. ايم خالق، مير غلام علي ٽالپر، مولوي عبدالحي حقاني، سيد محمد اسلم، جناب آغا، حاجي عبدالعزيز، جناب يوسف هارون ۽ پير علي محمد راشدي، (جيڪو اُن ڪانفرنس جو جنرل سيڪريٽري هو) خاموش ٿي ڪو نه ويٺا.

ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ، 7- نومبر 1938ع تي حاجي سر عبدالله هارون، قائداعظم جي تقرير ۽ ڪانفرنس ۾ يڪراءِ پاس ٿيل ٺهراءُ جا نقل، هزهائينس سر سلطان محمد شاهه آغا خان ڏانهن اُماڻيا ۽ خط ۾ اُنهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ته”مسلم ليگي حلقا گهڻي سنجيدگيءَ سان مسلم رياستن ۽ صوبن جي هڪ الڳ وفاق(فيڊريشن) حاصل ڪرڻ جي امڪانن تي سوچ ويچار ڪري رهيا آهن ته جيئن هميشه هميشه لاءِ، اسان هندن جي ظلم، غلبي ۽ استحصال کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون.“

آغا خان کيس نهايت مدبرانه جواب ڏنو. پنهنجي خط مورخه 20 ڊسمبر 1938ع ۾ هزهائينس لکيو ته”هندو - مسلم لاڳاپن جي باري ۾ اسان سڀ هڪ امڪاني حل جي مرحبا ڪنداسين. ڇا اوهان جي ليگ، مسلمانن جي قطعي ۽ آخري پاليسي جي حيثيت ۾ ”پاڪستان“ جي مقدمي جي پيروي ڪرڻ تي آماده آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ عام راءِ کي آهستي آهستي جيتري قدر جلد هموار ڪيو وڃي اوترو بهتر آهي.“

لاهور جو ٺهراءُ

سر آغا خان جي صلاح تي پوريءَ طرح عمل ڪيو ويو. حاجي سر عبدالله هارون هن ڏس ۾ تحرير ۽ تقرير جي ذريعي عام راءِ کي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خود قائداعظم سنڌ جي اهم شهرن(سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص) جو دورو ڪيو ۽ هندستان جي مختلف علائقن ۾ به، سنڌ صوبي وانگر، عوامي رابطي جي مهم شروع ڪئي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ جي مقبوليت ۽ قوت ۾ نمايان واڌارو ٿيو. هڪ صوبي(سنڌ) جي عوام، انهيءَ نظريي (الڳ وطن) جي تائيد ۾ ٺهراءُ به پاس ڪيو ۽ ڪل هند مسلم ليگ جي ڪاروباري ڪميٽي(ورڪنگ ڪميٽي) ۽ ڪائونسل 27 آگسٽ، 17 سيپٽمبر ۽ 22 آڪٽوبر 1939ع تي ۽ 19 فيبروري 1940ع تي انهيءَ ٺهراءُ جي اغراض و مقاصد تي وڌيڪ سوچ ويچار ڪيو. انهيءَ پس منظر ۾ 22-33 ۽ 24 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ڪل هند مسلم ليگ جي ستاويهين اجلاس ۾ اهو تاريخي ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو ويو، جنهن کي اڄڪلهه ”پاڪستان جو ٺهراءُ“ چيو وڃي ٿو ۽ جنهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن کي پنهنجي آزاديءَ جو چٽو ۽ پڌرو تصور ڏنو ۽ سياسي منزل جو صحيح رخ ڏيکاريو ته جيئن آزاديءَ جي تحريڪ کي انهيءَ هڪ ئي نصب العين حاصل ڪرڻ لاءِ  وڌيڪ تيز ڪيو وڃي.

هيءُ اجلاس ڏاڍو مهلائتو ٿيو. برطانيا سرڪار اعلان ڪيو هو ته قانون حڪومت هند مجريه 1935ع ۾ جنهن پاليسيءَ جو ذڪر ويو هو، ان ۾ ترميم ضروري ٿي پيئي آهي. انهيءَ قانون ۾ ”وفاق هند“  واري تجويز کي اڳيئي ملتوي ڪيو ويو هو، ۽ هر هڪ نئين تجويز ۾ مسلمانن جي نقطئه نظر تي غور ڪرڻ ضروري سمجهيو پئي ويو. انهيءَ ڪري موقع محل جي مناسبت سان، اهو ضروري ٿي پيو هو ته جنهن قسم جو آئين مسلمانن چاهيو ٿي، ان جي وضاحت ڪئي وڃي. لاهور جي ٺهراءُ جو اهو ئي مقصد هو. ان مان صاف پڌرو ٿو ٿئي ته هن براعظم(هندستان) جي اتر الهندي ۽ اوڀرندي حصن کي، جتي مسلمانن جي اڪثريت هئي،  اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ ملايو وڃي ته جيئن اهي آزاد رياستن جا آئيني يونٽ(وحدتون) بڻجي پون، جيڪي پنهنجي سر خودڪار ۽ خودمختيار هجن.

ان ٺهراءَ جي عبارت هن طرح آهي:

”جيئن ته ڪل هند مسلم ليگ جي هن اجلاس جو هيءُ سوچيل سمجهيل فيصلو آهي ته هن ملڪ ۾ هر آئيني تجويز انهيءَ وقت تائين ناقابل عمل ۽ مسلمانن کي منظور نه هوندي، جيسين ان جي جوڙجڪ هنن بنيادي اصولن تي مبني نه هوندي يعني سڀني جغرافيائي طور ڳنڍيل وحدتن (يونٽن) جي، علائقن وانگر حد بندي ڪئي وڃي ۽ مناسب نموني ۾ ڦير گهير ڪري، انهن کي اهڙيءَ طرح جوڙيو وڃي جو جن ايراضين ۾ مسلمان تعداد جي لحاظ کان گهڻائيءَ ۾ آهن، جيئن هندستان جي اتر الهندي ۽ اڀرندي علائقن ۾، اهڙين ايراضين کي ملائي، آزاد آئيني رياستون بڻايون وڃن، جيڪي خودمختيار هجن، جن ۾ شامل وحدتون (يونٽ) خودمختيار ۽ مطلق حاڪم هجن“.

انهن وحدتن ۽ علائقن جي آئين ۾ اقليتن جي لاءِ، انهن جي صلاح مشوري سان، سندن مذهبي، تمدني، اقتصادي، انتظامي، سياسي ۽ ٻين حقن ۽ مفاد جي معقول، اثرائتي ۽ قانوني بچاءَ جو خاص انتظام ڪيو وڃي، ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾، جتي جتي مسلمان ٿورائيءَ ۾ آهن، انهن ۽ ٻين اقليتن جي لاءِ، انهن جي صلاح مشوري سان، سندن مذهبي، تمدني، اقتصادي، سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفاد جي معقول، اثرائتي ۽ قانوني بچاءَ جو خاص انتظام ڪيو وڃي.

”هيءُ اجلاس مجلس عامله (ورڪنگ ڪميٽي) کي اختيار ڏئي ٿو ته مٿي ڄاڻايل بنيادي اصولن مطابق هڪ اهڙو آئيني طريقه ڪار تجويز ڪري، جنهن موجب ٻنهي حلقن کي ڪلي اختيارات مثال طور دفاع، پرڏيهي معاملا، مواصلات، محصول ۽ ٻيا اهڙا اختيار حاصل ٿين.“

هيءُ تاريخي ٺهراءُ 23 مارچ 1940ع تي، بنگال جي وڏي وزير مولوي ابوالقاسم فضل الحق پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد گهڻن ئي رهنمائن ڪئي، جن جو تعلق مختلف علائقن سان هو. سنڌ مان خانبهادر محمد ايوب کهڙو، جناب عبدالمجيد شيخ ۽ جناب جي.ايم.سيد انهن مقتدر ۽ معزز ماڻهن ۾ شامل هئا، جيڪي شه نشين(ڊائس) تي ويٺل هئا. سر عبدالله هارون پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اها حقيقت آهي، ۽ سڀ ان کان واقف آهن ته مسلمان سنڌ جي رستي کان هندستان ۾ آيا. سڀ کان اول سنڌ جي مسلمانن اڳيان اهو مسئلو آيو، جيڪو هينئر مسلم ليگ جي سامهون آهي. 1938ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ اتر اوڀر وارين مسلم گهڻائيءَ وارين ايراضين ۾ آزاد رياست قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو هو، انهيءَ کان پوءَ اڄ تائين جدا جدا دستوري اسڪيمون ۽ تجويزون بڻايون ويون، جن تي سوچ ويچار ٿيندو رهيو، ۽ آخر ۾ اڄ هيءُ ٺهراءُ پيش ٿيو آهي، مسلمانن جو فرض آهي ته ان کي بنا ڪنهن هٻڪ جي منظور ڪن.

قرارداد لاهور کان قيام پاڪستان تائين:

انهيءُ ٺهراءُ کي 24 مارچ 1940ع تي يڪراءِ منظور ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ بي پناهه جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو، پنهنجي قومي حيثيت کي اُڀرندي ۽ قومي وقار ۾ واڌاري جي امڪانن کي روشن ٿيندو ڏسندي، هو عزم ۽ استقامت جرئت ۽ استقلال جا پيڪر بڻجي پيا. ٻن صدين جي ٻٽي غلاميءَ مٿن مايوسي، نااميدي ۽ بيوسيءَ جي جيڪا ڪيفيت مڙهي ڇڏي هئي، سا هڪ ئي سٽ سان ختم ٿي ويئي. 1940ع کان 1947ع تائين، انگريزن پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گهڻيئي رخ بدليا، پر خوشامد، نرمي، لالچ، وحشت ۽ بربريت جو ڪو به رنگ ۽ روپ سود مند ثابت نه ٿيو.”ڪرپس تجويزون“، ”هندستان ڇڏي وڃو“ هلچل، ”ويول منصوبو“، ”شمله ڪانفرنس“ ۽ ”وزارتي مشن“ کان پوءِ، پاڪستان جي تحريڪ وڌيڪ اثرائتي نموني ۾ اُڀري، ۽ قائداعظم جي مدبرانه قيادت ۽ رهنمائيءَ ۾، مسلمان اهڙيءَ طرح متحد ۽ منظم ٿي اڳتي وڌيا، جو سندن جمال ۽ جلال جو تاب ڪو به سهي نه سگهيو ۽ هنن ستن سالن، چئن مهينن ۽ ٻاويهه ڏينهن جي مختصر ۽ بي مثل جدوجهد کان پوءِ آزادي حاصل ڪئي، پاڪستان بڻيو ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ وڌيڪ مسلم ملڪ جو اضافو ٿيو. هيءُ نئون ملڪ ضرور هو، پر هتي جي ماڻهن جي تاريخ تمام آڳاٽي ۽ سندن روايتون تمام جرڪندڙ ۽ قابل رشڪ آهن.

(بشڪريه: قائداعظم اڪيڊمي، ڪراچي.)


 

آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ٽالپرن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو، سنڌ تي انگريزن جي غير مسلم حڪومت قائم ٿي. سنڌ جي مسلمانن ذهني طور ان کي قبول نه ڪيو ۽ مختلف نمونن سان انگريزن سان برسر پيڪار رهيا. 1857ع ۾ جڏهن برصغير جي هندن - مسلمانن گڏجي آزاديءَ جي تحريڪ هلائي، ته سنڌ جي مسلمان به ان ۾ ڀرپور حصو ورتو، ۽ شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انگريز فوج جي خلاف بغاوتون ٿيون.

1857ع  جي آزاديءَ جي تحريڪ کان پوءِ آزاديءَ جو جذبو ختم نه ٿيو، پر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ قائم رهيو ۽ تحريڪ مختلف صورتن ۾ هلندي رهي. 1885ع ۾ ڪانگريس قائم ٿي، ۽ 1906ع ۾ مسلم ليگ وجود ۾ آئي. سنڌ جا رهاڪو انهن ٻنهي جماعتن ۾ حصو وٺند ا رهيا. ٻنهي جماعتن جا جلسا وقت بوقت ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندا رهيا. ٻنهي جماعتن جون شاخون سنڌ ۾ قائم ٿيون ۽ ٻنهي جماعتن جي مکيه ليڊرن سنڌ جا دورا ڪيا.

ريشمي رومال تحريڪ:

حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي، ملڪ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خفيه تنظيم جو بنياد وڌو. ان سلسلي ۾ سن 1909ع ۾ جمعيت الانصار قائم ڪئي ويئي. 1911ع ۾ طرابلس جي جنگ لڳي، جيڪا 1912ع ۾ ختم ٿي.

1912ع ۾ يونانين جي مشهور فتنه انگيز وزيراعظم ”موسيوويني زيليوس“ جي ڪوششن ۽ حرفت سان ترڪن جي خلاف يونان، بلغاريه ۽ سرويه جو اتحاد قائم ٿيو ۽ پوءِ ان اتحاد ۾  ”مونتي نيگرو“ به شامل ٿي ويو. هنن گڏجي بلقان تي حملو ڪيو. هن جنگ ۾ ترڪن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. آخر فتح ڪيل علائقن جي ورهاست تي ترڪي جي دشمنن ۾ جهيڙو ٿي پيو. ان جو فائدو وٺي ترڪن ٻيهر ايڊ ريانو پل، ويموتيڪا ۽ قرقه ڪليسا فتح ڪيا.

 فرانس جيتوڻيڪ ترڪيءَ سان جنگ نه ڪئي، پر اٽليءَ جي تائيد ۽ همت افزائي ڪئي. برطانيه ترڪيءَ جي فوجن کي مصر مان  لنگهڻ نه ڏنو، طرابلس تي اٽليءَ جي حملي جو خاموشيءَ سان خير مقدم ڪيو ۽ اٽليءَ جا اهي ٻه ڪروزو ضبط ڪيا، جيڪي هن انگلينڊ کان خريد ڪيا هئا ۽ ان جي قيمت ادا ڪري چڪو هو. روس صدين کان ترڪيءَ جو دشمن رهيو هو. هن پاڻ کي بازنطيني سلطنت جو وارث ٿي سمجهيو ۽ قسطنطنيه تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙين حالتن ۾ 1914ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي لڳي، جنهن ۾ ترڪي، روس، برطانيه ۽ فرانس جو طرفدار ٿي نٿي سگهيو.

بلقان واري جنگ ۾ ترڪي جي فوج ڪمزور ٿي ويئي هئي، جنهن جي نئين سر تنظيم جي ضرورت هئي، ان ۾ جرمنيءَ ترڪي سان تعاون ڪيو ۽ ترڪي فوج جي تنظيم ۽ تربيت لاءِ جنرل ”خان در غولتن“ کي ترڪيءَ موڪليو. ان کان سواءِ اڳ ۾ به جرمنيءَ ترڪيءَ سان اُچائي نه هئي، انهيءَ ڪري ترڪي، ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمن جي طرفدار ٿي ويئي. عيسائي حڪمرانن جي سازش سبب 1914ع تائين ترڪيءَ جا هيٺان علائقا ترڪيءَ کان ڇڏائجي ويا هئا، مقدونيه، ايپي لاس، البانيه، ٿرسين جو وڏو حصو، ڪريٽ، قبرص ۽ ٻيا ڪيترائي ٻيٽ، طرابلس، بلغاريه، بوسينه، هرزبي گودينه ۽ مصر.

ترڪيءَ سان جيڪو هيڏو سارو هاڃو ٿيو، ان سنڌ ۽ هند جي مسلمانن کي بيقرار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ترڪي دنيا ۾ مسلمانن جي واحد آزاد ۽ خودمختيار سلطنت هئي ۽ خلافت جي ڪري ان سان اميد قائم هئي، ته ڪنهن وقت دنيا جي مسلمانن لاءِ مرڪزيت جي ڪا صورت پيدا ٿي ويندي. مسلمانن چاهيو ٿي ته عراق، عرب، شام، فلسطين ۽ مقامات مقدس خليفة المسلمين جي قبضي ۽ قيادت ۾ رهن.

سنڌ ۽ هند جي مسلمانن کي انگريزن کان نفرت هئي، ويتر ترڪيءَ جو اهو حال ڏسي انگريزن کان وڌيڪ متنفر ٿيا. 1914ع ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي ۽ سندس شاگردن ترڪيءَ جي فائدي ۾ عملي قدم کڻڻ شروع ڪيو ۽ جمعيت الانصار ڪوشش وٺڻ شروع ڪئي. مولانا محمد صادق کڏي وارو حضرت شيخ الهند جو شاگرد هو، ۽ ان جماعت جو رڪن هو. مهاڀاري لڙائي دوران انگريزن، هندستاني  لشڪر سان عراق تي حملو ڪيو، جيڪو ان وقت ترڪن جي هٿ هيٺ هو. مولانا محمد صادق کڏي واري فتويٰ ڏني ته انگريزن جي لشڪر ۾ شامل ٿي ترڪن سان وڙهڻ ڪفر آهي. جيئن ته بلوچستان ۾ مولانا صاحب جو وڏو اثر هو، انهيءَ ڪري ان فتويٰ جي ڪري بلوچستان ۾ وڏو ممڻ متو. سردار نورالدين مينگل جي اڳواڻيءَ ۾ انگريزن جي خلاف بغاوت ٿي، انهيءَ ڪري هڪ طرف انگريزن جي بلوچستان ۾ ڀرتي رڪجي ويئي، ٻئي طرف انگريزن بغاوت کي روڪڻ لاءِ بلوچستان ۾ لشڪر موڪليو. نتيجو اهو نڪتو، جو ترڪن جي گهيري هيٺ آيل جنرل ٽائون شيڊ کي وقت سر هتان جي مدد پهچي نه سگهي، ۽ هو مجبور ٿي ترڪن اڳيان پيش پيو. انگريزن کي مولانا صاحب تي مٺيان لڳي، ۽ کيس چار سال ”ڪارواڙ“ جيل ۾ رکيائون.

حضرت شيخ الهند، پنهنجي خفيه تحرير جي سلسلي ۾ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي کي سال 1915ع ۾ انگريزن جي خلاف محاذ قائم ڪرڻ لاءِ ڪابل روانو ڪيو. هو 15 - آگسٽ تي افغانستان جي علائقي”سوريايڪ“ ۾ داخل ٿيو. سندس انقلابي ساٿي، مجاهد مرد شيخ عبدالرحيم سنڌي، بلوچستان جي آخري حد تائين ساڻس گڏ رهيو. مولانا سنڌي 1915ع کان 1923ع تائين افغانستان ۾ رهيو، ۽ پنهنجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪم ڪندو رهيو. هن اُتي سردار نصرالله خان، امير حبيب الله خان ۽ ان جي فرزند عنايت الله خان سان ملاقاتون ڪيون.

حضرت مولانا سنڌي پنهنجي تحريڪ جي پروگرام جي سلسلي ۾ ريشمي رومالن تي ٽي خاص خط لکي شيخ عبدالحق جي هٿان شيخ عبدالرحيم سنڌي(1) ڏانهن حيدرآباد موڪليو، ته جيئن هو خط پاڻ يا پنهنجي خاص ماڻهوءَ جي ذريعي شيخ الهند مولانا محمود الحسن کي حجاز ۾ پهچائي. شيخ عبدالحق شاگردن سان گڏ ساڳي تحريڪ جي سلسلي ۾ هجرت ڪري ڪابل ويو هو. هو ملتان جي الله نواز خان جو ملازم رهيو هو. نه معلوم ڪهڙن سببن جي ڪري هن اهو خط شيخ عبدالرحيم جي حوالي ڪرڻ جي بدران الله نواز خان جي والد ملتان جي خانبهادر رب نواز کي ڏنو. ان جي ذريعي پنجاب جي گورنر مائيڪل اوڊوائر کي وڃي مليو. انهيءَ وقت حڪومت شيخ عبدالرحيم جي ڳولا ۾ لڳي ويئي. شيخ عبدالرحيم کي به کڙڪ پئجي ويئي، ۽ هو هڪدم روپوش ٿي ويو، ته متان سندس پڪڙجڻ جي ڪري، سندس استاد حضرت شيخ الهند کي ڪا تڪليف نه پهچي. چيو وڃي ٿو، ته روپوشيءَ جي حالت ۾ ٻئي نالي سان سرهند ۾ رهيو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.

ريشمي رومال وارو خط حضرت مولانا عبيدالله سنڌي 9-10 جولاءِ 1916ع تي لکيو، ۽ 15 - آگسٽ 1916ع تي شيخ عبدالحق ريشمي رومال سوڌو ملتان ۾ گرفتار ٿيو. اهڙيءَ طرح هيءَ تحريڪ ناڪام ٿي، ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ جي نالي سان مشهور ٿي.

انهيءَ تحريڪ جي منصوبي موجب ملڪ اندر بغاوت جا مرڪز به قائم ڪيا ويا هئا، انهن مان ٻه سنڌ ۾ به هئا: هڪ امروٽ (ضلعي شڪارپور) ۾ هو، جنهن جو امير حضرت مولانا تاج محمود امروٽي هو، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ هو، ٻيو لسٻيلي ۽ ڪراچي لاءِ ڪراچي هو، جنهن جو امير حضرت مولانا محمد صادق کڏي واري هو.  هن تحريڪ ۾ ذڪر ڪيل شخصيتن کان سواءِ، سنڌ جي ٻين ماڻهن جا نالا به ملن ٿا، جن هن تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو:

1- سيٺ حاجي عبدالله هارون: هن صاحب مولانا عبيدالله سنڌي کي ڪابل جي سفري خرچ لاءِ پنج هزار رپيا ڏنا.

2- مولوي عبدالله پٽ نهال خان لغاري، ويٺل ڳوٺ ملان بخش لغاري تعلقو ميرپور ماٿيلو ضلعو سکر. دين پور جي پير غلام محمد جو شاگرد هو.

3- قاضي عبدالقيوم: هيءُ حيدرآباد جو ميونسپل ڪمشنر هو، ۽ شيخ عبدالرحيم سنڌيءَ جو ساٿي هو.

4- فتح محمد سنڌي: ڳوٺ”رڪ“ ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو. خط پڪڙجڻ کان پوءِ روپوش ٿي ويو.

5- ابراهيم سنڌي: ڪراچيءَ جو رهاڪو هو، ۽ عبدالله جو پٽ هو. خط پڪڙجڻ کان پوءِ روپوش ٿي ويو.

6- محمد علي سنڌي: گوجرانواله جي حبيب الله جو پٽ هو، پر سنڌ ۾ رهڻ جي ڪري سنڌي مشهور هو. مولانا عبدالله سان گڏ ڪابل ويو هو، ۽ خفيه مشن جي سلسلي ۾ شيخ عبدالله سان گڏ موٽي آيو هو. خط پڪڙجڻ کان پوءِ روپوش ٿي ويو، يا موٽي ڪابل ويو.

7- شاهه بخش ولد امام بخش انصاري: حيدرآباد جو رهاڪو هو. خط پڪڙجڻ کان پوءِ نظر بند رهيو. 8- پير اسدالله شاهه سنڌي: امروٽ ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو شاگرد هو، ۽ مدرسه ڳوٺ پير جهنڊو ۾ وٽائنس تعليم حاصل ڪئي هئائين. ان کان پوءِ انقلابي تحريڪ ۾ حضرت مولانا جو رفيق رهيو.

9- فتح محمد سنڌي: اصل ۾ هندو هو. کيس دين پور جي بزرگ مولانا غلام محمد مسلمان ڪيو. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ امروٽ ۾ اچي رهيو، جتي هو 6 سال رهيو. ان کان  پوءِ سکر ۽ شڪارپور ۾ ڪاروبار شروع ڪيائين. کيس سکر ۽ شڪارپور ۾ بيڪريءَ جا دڪان هئا. ڳئن جي کلن جو واپار به ڪندو هو. 1915ع ۾ مولانا عبيدالله سان گڏجي ڪابل ويو. 1916ع ۾ هتي جي انقلابين لاءِ مولانا عبيدالله، برڪت الله جا خفيه خط کڻي آيو. سيپٽمبر 1916ع ۾ سندس گرفتاريءَ جو وارنٽ جاري ٿيو، پر هو روپوش ٿي ويو، ۽ حڪومت کي سندس ڪو به پتو پئجي نه سگهيو.

ڪابل ۾ حضرت مولانا سنڌي جي ڪوشش سان ”جنود ربانيه“ يعني نجات ڏياريندڙ لشڪر تيار ڪيو ويو هو، ان جا سرپرست هئا: خليفة المسلمين، سلطان احمد شاهه قاچار(ايران) ۽ امير حبيب الله خان (ڪابل). ان جو جنرل يا سالار حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن هو، ۽ قائم مقام سالار حضرت مولانا عبيدالله سنڌي هو. ان جا 29 نائب سالار(ليفٽيننٽ جنرل) هئا. انهن مان ٻه سنڌي هئا: مولانا تاج محمود امروٽي ۽ پير اسدالله شاهه سنڌي.

معين سالار(ميجر جنرل) ۾ ٻين سان گڏ شيخ ابراهيم سنڌي جو نالو ملي ٿو. ضابطه(ڪرنل) جي فهرست ۾ مولوي عبدالله سنڌي، شيخ عبدالرحيم سنڌي، مولوي محمد صادق سنڌي (کڏي وارو)، حاجي شاهه بخش سنڌي، ۽ محمد علي سنڌي جا نالا ملن ٿا. ليفٽيننٽ جي فهرست ۾ محمد علي سنڌي جو نالو ملي ٿو.

هجرت تحريڪ

انهيءَ دوران برصغير ۾ هجرت تحريڪ شروع ٿي. هن تحريڪ جي اهميت ۽ ضرورت کي سمجهڻ لاءِ ان وقت جي سياسي حالتن ۽ مسلمانن جي جذبن ۽ احساسن کي سامهون رکڻ لازمي آهي. انهيءَ ڪري مختصر طور اهي ڳالهيون بيان ڪجن ٿيون.

انهيءَ زماني ۾ ترڪيءَ جو سلطان مسلمانن جو خليفو  سڏيو ويندو هو، انهيءَ ڪري سنڌ جي مسلمانن  کي ترڪيءَ سان بيحد محبت هئي. هوڏانهن وڏي عرصي کان ترڪيءَ خلاف عيسائي حڪومتن جون سازشون هليون ٿي آيون.

طرابلس ترڪيءَ جو علائقو هو. اتي جا رهاڪو مـُـسلمان هئا ۽ نسلي لحاظ کان عرب، بربر ۽ ترڪ هئا ۽ ڪجهه اطالوي به رهندا هئا. پر انهن کي ترڪي حڪومت کان ڪا به شڪايت ڪا نه هئي، هروڀرو بنا ڪنهن سبب جي 1911ع ۾ طرابلس تي اٽلي حملو ڪيو. فرانس، اٽليءَ جي مدد ڪئي. اٽلي طرابلس تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ مسلمانن تي بي انتها ظلم ڪيا. سنڌ جي مسلمانن جڏهن اهي خبرون ٻڌيون، تڏهن هو اٽليءَ کان نفرت ڪرڻ لڳا. اٽليءَ جون ٽوپيون ساڙيون ويون ۽ ترڪي ٽوپي پائڻ جو رواج عام ٿيو.

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمني ۽ ان جي طرفدارن کي شڪست ملي ۽ هنگامي صلح جي معاهدي تي صحيحون ٿيون. ان ۾ ترڪيءَ لاءِ شرط رکيا ويا: پنهنجي سموري فوج برخواست ڪندو، ان جا جنگي جهاز فاتح ضبط ڪندا، ملڪ جي ريلن جي نگراني ۽ ڪنٽرول جو حق  اتحادين کي هوندو، ”ايشيائي ڪوچڪ“ ۽ عربستان ۾ سرحدن جي تعمير کان سواءِ اندروني ملڪ جو انتظام ترڪيءَ جي ئي اختيار ۾ هوندو.

انگريزن قسطنطنيه ۾ اهو ظالمانه  قبضو ڪيو، جنهن کي Captuation سڏيو ويندو آهي، جنهن موجب فاتح کي ذاتي رهائشي جاين ۽ گهرن تي به قبضي جو حق حاصل هوندو آهي. انهن ڳالهين جي ڪري سنڌ ۽ هند جا مسلمان بيقرار ٿي ويا. نتيجي ۾ برصغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاجي جلسا ٿيا، جن ۾ انگريزن سان نفرت جو اظهار ڪيو ويو ۽ ترڪيءَ سان دلي همدردي ڏيکاري ويئي. محمد علي ۽ شوڪت علي انهن ڏينهن ۾ اُڀريا ۽ پنهنجي اخبار ۾ ترڪيءَ جي فائدي ۾ دل کولي لکيائون ۽ ڳالهايائون. انهيءَ ڪري کين جيل ڀوڳڻو پيو. هو اڃا جيل ۾ ئي هئا ته اتحادين ۽ جرمني - ترڪيءَ وچ ۾ هنگامي صلح جو اعلان ٿيو.

هنگامي صلح کان پوءِ برصغير پاڪ و هند ۾ مسلمانن جا جذبا ڀڙڪي اُٿيا. مدراس ۾ سيٺ يعقوب حسن جي صدارت ۾ 17 جنوري 1919ع تي مسلمانن جو اجتماعي اجلاس ٿيو. ان کان پوءِ 26 جنوري 1919ع تي آل انڊيا مسلم ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي صدارت مولانا قيام الدين عبدالباري فرنگي محلي ڪئي. 22- سيپٽمبر 1919ع تي لکنو ۾ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ”خلافت ڪاميٽي“ جو بنياد رکيو ويو. ان کان پوءِ خلافت ڪاميٽيءَ جو اجلاس 23 نومبر 1919ع تي دهليءَ ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت فضل الحق ڪئي.

سنڌ ۾ به خلافت تحريڪ شروع ٿي ۽ ان کي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي وڏي تقويت پهچائي. سندس جاري ڪيل اخبار ”الامين“ ان سلسلي ۾ وڏو ڪم ڪيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي به هن اداري سان وابسته هو. خلافت ڪاميٽي ناره جو مهتمم حاجي احمد علي المجاهد هو، هــُـن به پاڻ پتوڙيو. تحريڪ کي روڪڻ لاءِ حڪومت ”امن سڀا“  قائم ڪري، تحريڪ خلافت توڙي قومي رجحانن خلاف ڪن زميندارن، پيرن ۽ جاگيردارن جي ذريعي محاذ آرائي شروع ڪئي، پر عوام تي ان جو ڪو به اثر نه پيو. نتيجو اهو نڪتو جو عوام نه فقط انگريزن خلاف نفرت ڪندو رهيو، پر انهن پيرن ۽ زميندارن کي به حقارت جي نظر سان ڏسڻ لڳو، جيڪي امن سڀائي ٿي، انگريزن جي طرفداري ڪري رهيا هئا. انگريزن جي اشاري تي اهي امن سڀائون هر تعلقي ۾ قائم ڪيون ويون هيون ۽ ”سچائي“ نالي اخبار به ڪڍي ويئي هئي، پر اُهي ڪوششون بي فائدي ثابت ٿيون. ان کان  سواءِ سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي اسسٽنٽ ڪمشنر خانبهادر نبي بخش محمد حسين جي مدد سان هڪ نام نهاد مولوي فيض الڪريم جي مدد سان هڪ فتويٰ لکرائي، جنهن ۾ ترڪيءَ جي خلافت کي ناجائز ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي، ان کان پوءِ حڪم ٿيو ته ان تي سڀ عالم ۽ پير صحيحون ڪن. سنڌ جي 16 عالمن ۽ پيرن مجبور ٿي، ان تي صحيحون ڪيون.

 اهو ڏسي حق پرست ميدان تي نڪري آيا ۽ خلافت جي فائدي ۾ فتوائون ۽ رسالا لکيائون. اهڙو هڪ رسالو منهنجي سامهون آهي، جيڪو مولانا معين الدين صديقي سيوستانيءَ جو لکيل آهي. هي رسالو ڊيمي سائيز جي 45 صفحن تي مشتمل آهي ۽ 1337 هه(1919ع) ۾ حاجي احمد علي خلافت ڪاميٽي ناره طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. مولانا صاحب قرآن مجيد، حديث شريف ۽ فقه جي ڪتابن جي روشنيءَ ۾ نهايت واضح دليلن سان خلافت جي اهميت، افاديت ۽ ضرورت کي واضح ڪيو آهي ۽ ترڪي خلافت کي بلڪل جائز سڏيو آهي. ان وقت سنڌ جي مسلمانن جي دلين ۾ پنهنجي مسلمان ڀائرن لاءِ جيڪو درد هو، اهو سندس هيٺين جملن مان بلڪل واضح آهي:

”هندستان جا مسلمان، جي دولت برطانيه جا رعيت آهن، سي به نيٺ مسلمان ته آهن......“ (ص 11).

خلافت جي تعريف ۽ ضرورت جي شروعات هن جملي سان ڪري ٿو:

”دنيا ۾ جيئن ٻيون مختلف قومون آهن، تيئن مسلمان به هڪڙي خاص قوم آهي، جا سڀني قومن کان ممتاز ۽ علحده آهي.“ (ص 3).

 هن مان معلوم ٿيندو ته مسلمانن جي الڳ ۽ جداگانه قوميت جو تصور سنڌ جي مسلمانن ۽ عالمن ۾ قديم زماني کان موجود هو، نه فقط ايترو، پر هو مسلمان قوم جي فوقيت جا به قائل هئا. ان کان سواءِ هڪ ٻئي عالم مولانا حافظ محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينوي  به فيض الڪريم جي خلاف ڪفر جي فتويٰ ڏني.

ڊسمبر 1919ع ۾ امرتسر ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي. ساڳي ئي شهر ۽ ساڳي ئي مهيني ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا اجلاس به ٿيا. محمد علي، شوڪت علي ”بيتول“ جيل مان نڪري، سڌو اچي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو، ته 15- جنوري 1920ع تائين خلافت جي مسئلي ۽ عربستان بابت مسلمانن جا مطالبا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ وفد تيار ڪري انگلينڊ موڪليو وڃي، جنهن جي صدارت مولانا محمد عليءَ جي سپرد ڪئي ويئي. ان کان سواءِ خلافت فنڊ قائم ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ڏهه لک روپيا گڏ ڪيا وڃن. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ به خلافت تحريڪ جي پٺڀرائي ڪئي.

انگلينڊ وفد موڪلڻ کان اڳ خلافت جي سلسلي ۾ هڪ وفد 19- جنوري 1920ع تي هندستان جي وائسراءِ سان مليو، پر وائسراءِ مايوس ڪندڙ جواب ڏنو.  انهيءَ ڪري انگلينڊ وفد موڪلڻ لاءِ فيبروري 1920ع ۾ خلافت ڪانفرنس جو ٽيون اجلاس بمبئيءَ ۾ منعقد ٿيو. هن اجلاس ۾ انگلينڊ موڪلڻ واري وفد تي اعتماد جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

2- مارچ 1920ع تي هي وفد وزير هند مسٽر فشر سان مليو. ان کان پوءِ وفد مسٽر لائڊ جارج سان مليو ۽ مولانا محمد علي وڏي قابليت ۽ بي باڪيءَ سان هندستان جي مسلمانن جا مطالبا پيش ڪيا. پر برطانيه جي وزيراعظم مسلمانن جا مطالبا منظور ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري برصغير پاڪ و هند جا مسلمان ڏاڍا مايوس ٿيا. پنهنجي جذبات جي اظهار طور 19- مارچ 1920ع تي، ”يوم غم“ ملهايو ويو.

12- جون 1920ع تي مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ جي طرفان هندستان جي وائسراءِ لارڊ چيمسفورڊ کي مسلمانن جي رهنمائن درخواست ڪئي، ته ترڪيءَ کي صلح لاءِ جيڪي شرط ڏنا ويا آهن، اهي ڏاڍا سخت آهن، انهن تي نظرثاني ڪئي وڃي. ان سان گڏ اهو به لکيو ويو ته پهرين آگسٽ 1920ع تائين جيڪڏهن هيءَ درخواست قبول نه ڪئي ويئي، ته حڪومت سان عدم تعاون ڪيو ويندو. ان درخواست تي برصغير پاڪ و هند جي سرڪرده رهنمائن سان گڏ سنڌ جي هيٺين رهنمائن صحيحون ڪيون:

(1) سيٺ حاجي عبدالله هارون، (2) مولانا تاج محمود امروٽي، (3) ميان امين الدين منشي،(4) شيخ عبدالمجيد سنڌي،(5) سيد اسدالله شاهه ٽکڙائي، (6) مولوي محمد صادق کڏي وارو، (7) جان محمد خان جوڻيجو، (8) پير رشدالله جهنڊي وارو، (9) محمد هاشم مخلص، (10) مولوي عبدالحي مورائي.

15- آگسٽ 1920ع تي ترڪيءَ کان زوري عهدنامي تي صحيح ورتي ويئي، جيڪا ”عهدنامي سيوري“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ۾ اهڙا اگرا شرط هئا، جو مسلمانن جي دلين ۾ انگريزن جي خلاف باهه ڀڙڪي اٿي. اهو ڏسي هندستان جي وائسراءِ مسلمانن جون دليون ٺارڻ لاءِ هڪ پيغام شايع ڪيو، جنهن رهندو مسلمانن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جو ڪم ڏنو. سنڌ ۾ به ان جو وڏو اثر ٿيو. انهيءَ ئي سال حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس جو جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالڪريم درس ڪئي. ان ۾ لاڙڪاڻي جي رئيس جان محمد خان جوڻيجي انگريزن جي ظلمن بابت هڪ ولوله انگيز تقرير ڪئي. ان کان پوءِ رئيس جان محمد خان جوڻيجي جي ڪوشش سان 6-7-8 جون تي ٻي خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي صدارت پير صاحب جهنڊي واري ڪئي. ان جي استقباليه ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري رئيس جان محمد خان جوڻيجو هو. ان ۾ مولانا محمد علي، شوڪت علي، مولانا عبدالباري لکنوي، مولانا عبدالجبار لکنوي، ابوالڪلام آزاد، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي،  حاجي عبدالله هارون، مولانا تاج محمود امروٽي، مهاتما گانڌي، ڊاڪٽر ڪچلو وغيره شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن تي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، ته سنڌ جو هڪ وفد بمبئيءَ وڃي، سنڌ ۾ ڪامورن جي ٿيل ظلمن بابت گورنر جو ڌيان ڇڪائي، ڇاڪاڻ ته سنڌ بمبئيءَ سان ڳنڍيل هئي ۽ گورنر بمبئيءَ ۾ رهندو هو. ان فيصلي مطابق هڪ وفد بمبئيءَ ويو، جنهن ۾ پير صاحب جهنڊي وارو، مولانا دين محمد وفائي ۽ ٻيا ڪيترائي عالم هئا. ان سفارت جو لسان الوفد رئيس جان محمد جوڻيجو هو. بمبئيءَ ۾ 26 ڏينهن رهڻ کان پوءِ به گورنر کين ملاقات جو موقعو نه ڏنو. البت سندن وڃڻ مان هڪ ٻيو فائدو ٿيو، جو کين آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو، جيڪو رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي صدارت ۾ 28 مئي تي بمبئيءَ ۾ منعقد ٿيو. ان اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ٿيو، ته مسلمانن جي مقصدن جي تڪميل جو واحد ذريعو”عدم تعاون“ آهي. ان کان پوءِ 1- آگسٽ 1920ع تي خلاف ڪاميٽيءَ سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال ڪرائي.

 هجرت تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سر حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي ڪوششن سان روزانه ”الوحيد“ ڪراچي مان جاري ٿي، جنهن کي خلافت تحريڪ جو ترجمان بنايو ويو.

ترڪ موالات جي سلسلي ۾ هندستان جي عالمن جيڪا فتويٰ جاري ڪئي، ان تي سنڌ جي به ڪيترن عالمن صحيحون ڪيون، جهڙوڪ مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسينوي، مولانا محمد سليمان، مولانا عبدالله جان سرهندي وغيره. 6 سيپٽمبر 1920ع تي ڪلڪتي ۾ جمعيت علماءَ هند جو غير معمولي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عالم شريڪ ٿيا، ان ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ته ”جيئن ته ترڪيءَ سان صلح وقت يورپ صريحاً ناانصافي ڪئي آهي، برطانيه پنهنجي وعدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، خليفته المسلمين جي مذهبي طاقت کي ڪچلي، اسلام دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي، انهيءَ ڪري مسلمان تي بحيثيت مسلمان جي لازم ٿئي ٿو ته اسلام جي دشمنن سان ترڪ موالات ڪري.“ انهيءَ ٺهراءُ تي جن سنڌي عالمن صحيحون ڪيون، انهن جا نالا هي آهن: مولانا تاج محمود امروٽي، مولانا عبدالخالق مورائي، مٺل شاهه، مولانا شمس الدين، ان کان پوءِ سنڌ جي مسلمانن انگريزن کي خطاب واپس ڪيا. سنڌ جي اهڙين 33 مشهور شخصيتن جا نالا ملن ٿا، جهڙوڪ: سيد حاجي محمد شاهه مٽياري، رئيس جان محمد جوڻيجو، شاهه علي جان، امين الدين، پير آغا غلام مجدد، سيد محمد نعيم شاهه، سيد علي اصغر ٽکڙ، جلال شاهه ٽکڙ، سردار محمد حيات لاڙڪاڻه، محمد وارث پاٽ، آخوند نور محمد مٽياري وارو وغيره.

سنڌ ۾ هجرت تحريڪ

سنڌ جا مسلمان مذهب جي معاملي ۾ ڏاڍا غيرتمند رهيا آهن. وزيراعظم جي مايوس ڪندڙ جواب کان پوءِ جڏهن برصغير پاڪ و هند ۾ 19 مارچ 1920ع تي ”يوم غم“ ملهايو ويو، تڏهن سنڌ جا مسلمان انگريزن کان ايتري قدر ته متنفر ٿي ويا، جو هنن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، سنڌ مان هجرت ڪرڻ جي سٽ سٽي. 10 اپريل 1920ع ۾ سيوهڻ ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو جلسو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالڪريم درس ڪئي. ان ۾ رئيس جان محمد خان جوڻيجي ۽ ٻين زوردار تقريرون ڪيون. ٺهراءُ پاس ٿيو، ته هن ملڪ مان هجرت ڪئي وڃي ۽ مسلمانن جي ملڪ افغانستان ۾ وڃي رهجي. ان کان پوءِ جيڪب آباد ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ هجرت واري ٺهراءَ عملي صورت اختيار ڪئي. هن جلسي جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽي ڪئي. ڪانفرنس ۾ رئيس جان محمد خان جوشيلي تقرير ڪندي، قطع تعلقات جو سوال اٿاريو. تقرير ۾ اعلان ڪيائين ته ”مان سرداري جي ٻيو نمبر ڪرسي، ميونسپل ڪمشنري، لوڪلبورڊ جي ميمبري، بئريسٽريءَ جي ڊگري، سڀ ترڪ ڪريان ٿو ۽ ڍل ڏيڻ کان به انڪار ڪريان ٿو.“ سندس تقرير جي نتيجي ۾”ترڪ موالات“ جو جوش ايتري قدر ڦهلجي ويو، جو ڪيترن ماڻهن قطع تعلقات جا اعلان ڪيا.

انهيءَ کان پوءِ هجرت جي تياريءَ لاءِ باقاعدي ”هجرت ڪاميٽي“ ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه ۽ سيڪريٽري رئيس جان محمد خان جوڻيجو چونڊيا ويا. عزيزالله عرف ملا گامون(1) ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي مسلمانن کي انگريزن خلاف بغاوت لاءِ ڀڙڪائيو، ۽ هجرت لاءِ همت ٻڌائي. ڪيترن ئي ماڻهن ڪابل ڏانهن هجرت ڪرڻ لاءِ دفتر ۾ نالا داخل ڪرايا. لاڙڪاڻي ۾ رئيس جان محمد خان جوڻيجي جي بنگلي کي هجرت ڪاميٽيءَ جو دفتر بنايو ويو. خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي پير علي  انور  شاهه  راشدي (1) ۽ مولوي علي محمد منگي(2) به سرٽوڙ ڪوشش ورتي.

ان کان پوءِ 22 مئي تي حيدرآباد ۾ جلسو ٿيو، جنهن جي صدارت پير تراب علي شاهه راشدي ڪئي. ان ۾ رئيس جان محمد خان جوڻيجي جي صحيح سان بمبئيءَ جي گورنر جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ڏانهن تار ڪئي ويئي. ان کان پوءِ حڪومت سندس ٻنين جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، پر رئيس مرحوم سڀڪجهه برداشت ڪري، هجرت جي تياريءَ ۾ لڳو رهيو. سڄي هندستان ۾ هي هڪڙو سنڌي مجاهد هو، جنهن هجرت تحريڪ هلائي ۽ ان کي عملي صورت ڏني. سنڌ سندس ديني غيرت، همت ۽ جرئت تي جيترو به ناز ڪري اوترو ٿورو آهي. ان کان پوءِ رئيس مرحوم حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا جون ۾ منعقد ٿي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. ان کان پوءِ هو وفد وٺي بمبئي ويو، جتي گورنر کيس ملڻ جو موقعو به نه ڏنو. ان موقعي تي هن بمبئيءَ جي آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان جو ذڪر اڳ ۾ آيو آهي.


(1) شيخ عبدالرحيم حيدرآباد جو نو مسلم هو، سندس والد جو نالو ڀڳوانداس هو، جيڪو زميندار هو، شيخ عبدالرحيم مسلمان ٿيڻ کان پوءِ تعليم پرائي، ۽ هن تحريڪ جو سچو ۽ سرگرم رڪن ٿي رهيو، سندس ڪوشش سان ڪيترائي هندو نوجوان مسلمان  ٿيا. هو درزڪو ڪم ڪندو هو، ۽ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ رهندو هو.

(1) هن جو اصل نالو عزيز الله هو، پر پنهنجي انفرادي حيثيت ۽ سچ چوڻ جي ڪري کيس عام طرح “ملا گامون” سڏيو ويندو هو. هو ذات جو ٻگهيو هو، ۽ ڳوٺ آباد تعلقي وارهه جو ويٺل هو. چون ٿا ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪوڙ  ڪو نه ڳالهايو. هي ڪنهن کي به سچ چوڻ کان نه گسندو هو. هو پورهيو ڪري پيٽ قوت ڪڍندو هو، ۽ ڪنهن جي به اڳيان هٿ نه ٽنگيندو هو. انگريزن جو سخت دشمن هو، ۽ انقلابي ذهن رکندو هو. سندس ابتدائي تعليم وارهه جي مولوي گل محمد وٽ ٿي، پر سندس انگريز دشمن ۽ انقلابي طبيعت سبب مولوي گل محمد کهاوڙ انگريز حڪومت جي ڀــَـوَ کان کيس پاڻ وٽ رهائڻ پسندنه ڪيو ۽ انهيءَ ڪري سندس تعليم مڪمل ٿي نه سگهي. هن خلافت تحريڪ ۽ هجرت ۾ وڏو ڪم ڪيو. آخر هجرت واري قافلي ۾ گڏجي وڃي افغانستان پهتو. اتي امير امان الله خان ۽ مولانا عبيدالله سنڌي سان سندس ملاقات ٿي.  انهن تي سندس طبيعت جو ايترو اثر ٿيو، جو کيس هڪ  هزار مهاجرن جي ٽولي جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو، مهاجرن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سڄو سال سخت محنت ڪيائين. انهيءَ ڪري سخت بيمار ٿي پيو، ۽ آخر اُتي ئي وفات ڪيائين. امير امان الله جي حڪم موجب کيس ڪابل جي شهيدن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

(1) پير صاحب لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ، پير ڳوٺ جو ويٺل هو. ڪجهه سال اڳ وفات ڪيائين.

(2) مولوي علي محمد منگي، قنبر جو رهاڪو هو. سنه 1977ع ۾ 120 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. وڏو مخلص ۽ حق گو انسان هو. خلافت تحريڪ ۽ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ سرجوشي سان حصو ورتائين. انهيءَ ڪري ڪيتريون ئي سختيون سٺائين ۽ جيل ڀوڳيائين. خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪيائين، ۽ جمعيت علماءِ ِّ هند سان وابسته رهي، وطن جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيائين. مولانا شوڪت علي ۽ ٻيا وڏا ليڊر کيس عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com