سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :20

حصو ٻيو

 

پير پاڳارو سيد صبغت الله شاهه ثاني رحه

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

سنڌ جي هن سورهيه سردار جي شخصيت ۽ بلند ڪردار تي انگريزي حڪومت جي هڪ - طرفي ۽ زوردار منظم پروپيگنڊا جيڪي پردا چاڙهيا، ان کي فقط وطن سان محبت رکندڙ نگاهون، چيري، حقيقت جو مشاهدو ڪري سگهن ٿيون. ان وقت انگريزي حڪومت جي اشاري تي هلندڙ ۽ سندن سرپرستيءَ ۽ سايي هيٺ نڪرندڙ اخبارن کي انگريز سرڪار جي هن مخالف مرد خلاف جيڪي ڪجهه لکڻو هو سو لکيائون، جيڪي ڪجهه چوڻو هو سو چئي ڦٽو ڪيائون- ايتري قدر جو پوين لاءِ ان تي اضافي ڪرڻ جي گنجائش به خير ڪا ڇڏيائون. ٻئي طرف، سنڌ جي هن مٿير مرد جي سوانح بابت صحيح حالات ايترو روشن نه ٿيا آهن، جو سندس بلند ارادن، ڪوششن ۽ حڪمت عمليءَ جي پس منظر توڙي سندس همت، جرات ۽ مردانگيءَ جو ڪماحقـہ قدر ڪري سگهجي، البته خانداني پسمنظر ۽ ماحول، ۽ بعد جي خارجي حالات جي مطالعي جي بناءَ تي، سندن شخصيت ۽ ڪردار توڙي رٿيل پروگرام جو قدري اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

اول ته سيد صبغت الله شاهه جڏهن ”پير پاڳاري جي حيثيت ۾ دستاربندي ڪئي، تڏهن شاهي تجمل ۽ طاقت، آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو جذبو، ۽ انگريزن خلاف نفرت کيس ورثي ۾ مليا. پير پاڳاري جي خاندان ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو بنياد حضرت صبغت الله شاهه اول (وفات 1246هه) وڌو، جڏهن سنڌ مان هو صاحب سيد احمد شهيد جو ٻانهن- ٻيلي ٿي پيو، ۽ کيس رسد جو سامان توڙي مجاهدن جا دستا مدد طور ڏنائين. انهن مجاهدن کي ئي پهريائين ”حـُـر يعني ”آزاد سڏيو ويو. هن خاندان ۾ اهو آزاديءَ جو جذبو موروثي طور هلندو پئي آيو، ۽ صبغت الله شاهه اول جي اولاد مان سندس نالي پويان سڏيل صبغت الله شاهه ثانيءَ ۾ انهيءَ جذبي جو هئڻ بلڪل ممڪن هو. سنڌ مان، پير پاڳاري جي خاندان طرفان، سيد احمد شهيد جي حمايت ۽ سنڌ مان حرن مجاهدن جي دستن جو جهاد لاءِ وڃڻ وارو واقعو (29-1830ع)، ان وقت هندستان ۾ انگريزن جي اُسرندڙ حڪومت کان ڳجهو ڪو نه هو. انهيءَ ڪري، جڏهن تيرهن ورهيه کن پوءِ انگريزن سنڌ تي غاصبانه قبضو ڪيو، تڏهن پير پاڳاري جي خاندان کي خاص طور اک ۾ رکيائون. انهيءَ ڪري ئي پير پاڳاري جناب حزب الله شاهه صاحب (1890-1847ع) جي وقت ۾ حرن توڙي عام جماعت جو رخ ڦري انگريزن جي خلاف ٿيو، ۽ انگريزن خلاف اهو نفرت جو جذبو آخرڪار ٻي حـُـر تحريڪ (1896ع) ۾ نمايان ٿيو. انهيءَ واقعي بعد، پير پاڳاري ۽ جماعت جي خلاف انگريزي حڪومت منظم طور تي ڪاروايون شروع ڪيون: جماعت مان هر سـَـگهي ۽ صحتي نوجوان کي لوڙهن اندر بند ڪيو ويو، ۽ هر چرندڙ ۽ طاقتور فرد کي ويسارپور ضلعي احمد نگر ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. اهو لوڙهن (Concentration Camps)  جو سلسلو هلندو پئي آيو، تان جو شمس العلماءَ شاهه مردان (عرف ڪوٽ - ڌڻي) انگريزن کي مطمعن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1914ع واري لڙائيءَ ۾ حڪومت آزمائش طور کانئن ماڻهو گهريا. پير صاحب جن پنج سؤ ماڻهو ڏيڻا ڪيا ۽ ٻي مالي مدد ڪئي، تڏهن وڃي لوڙهن جو خاتمو ٿيو. انهيءَ هوندي به، انگريزن هن گاديءَ کي اک ۾ رکيو. ٻئي طرف، پير صاحب پاڳاري توڙي سندن جماعت به انگريزن جي غير مسلم ۽ ڌاري حڪومت، جنهن مٿن ايتريون سختيون ڪيون هيون، تنهن کي نفرت جي نظر سان ٿي ڏٺو.

ٻيو ته سيد صبغت الله شاهه ٻارنهن ورهين جي ننڍيءَ وهيءَ ۾ تخت ۽ طاقت جو صاحب ٿيو. سندن ولادت 13 صفر سن 1327 هه ۾ ٿي، ۽ پنهنجي والد شمس العلماءَ جناب شاهه مردان شاهه جي وفات (7 ربيع الاول 1339 هه) بعد ”پير پاڳاري جي ويجهن ۽ وڏن عزيزن کي اميد ٿي ته هيءُ ننڍڙو پير پاڳارو سندن صلاح سان اُٿندو ويهندو، ۽ انهيءَ ڪري سندن ذاتي اثر رسوخ ۾ پڻ واڌارو ٿيندو. ٻئي طرف انگريزي حڪومت جي هوشيار ڪارپردازن سوچيو ته هن ننڍي پير تي اثر وجهي سندس نشونما اهڙي نموني سان ڪجي، جيئن هو خانداني روايات کان منهن موڙي انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي رهي، ٽئين طرف دربار جي جهونن خدمتگارن ۽ جماعت جي ڪن وڏن خليفن کي آسرو ٿيو ته هو پير صاحب کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائيندا. مگر، ننڍي هوندي کان ئي سيد صبغت الله شاهه جي شخصيت ۾ خاص انفراديت هئي: هو هڪ آزاد طبع جو مالڪ هو، جنهن کي خارجي ضابطن خلاف نفرت هئي، هو پنهنجو پاڻ سوچيندڙ هو، انهيءَ ڪري مشورن کي محض مشورو ڪري ڄاتائين ۽ ٻين جي صلاحن کي جئن جو تئن مـڃـڻ لاءِ تيار نه هو. ذاتي طور هو هڪ جرئتمند، جفاڪش ۽ محڪم ارادي جو مالڪ هو ۽ سندس شخصيت ۽ ڪردار جو روح خوداعتمادي ۽ ارادي جي مضبوطيءَ ۾ سمايل هو. ٻئي ڪنهن شخص جي حالت ۾ ننڍي وهيءَ ۾ انهن وصفن جو هجڻ باعث غنيمت بنجي ها، پر پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه لاءِ اهي خوبيون آزمائش جو سامان کڻي آيون. خدمتگار ۽ خليفا کڻي خاموش رهيا، پر ويجهن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي ڪارپردازن جون اُميدون پوريون نه ٿيون. پير صاحب پنهنجن عزيزن توڙي انگريزي حڪومت جي آفيسرن جي اشارن موجب هلڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ انهيءَ ڪري اهي ٻئي طرف هن ننڍي پير پاڳاري جا مخالف ۽ هڪ ٻئي جا دوست بنجي پيا.

پير پاڳاري ٿيڻ بعد سيد صبغت الله شاهه هڪ ڀيري سندن چاچي مرحوم پير پاڳاري جناب علي گوهر شاهه ثاني جي نالي انگريزن طرفان مليل ڪو آفرين نامو فريم بنگلي جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺو. چيائون ته ”اسان جا وڏا ڪهڙا نه سادا هئا: خدا تعاليٰ سندن عزت ايترو بلند ڪئي، پر تنهن هوندي به هي رکي ڇڏيا ٿن! ائين چئي، اُهو آفرين نامو ۽ فريم لهرائي ڀڃائي ڇڏيائون. انگريزي حڪومت کي هن ننڍي پير پاڳاري جي لاغرض طبيعت خدشي ۾ وجهي ڇڏيو، ۽ هنن کيس ننڍيءَ وهيءَ ۾ انگريزي حڪومت جي طاقت جو چٽڪو چکائي آڻ مڃائڻ جا سامان پيدا ڪيا. خوش قسمتيءَ سان حڪومت کي پير پاڳاري جن جي پنهنجن عزيزن مان فريادي ۽ شاهدي ملي ويا، ۽ ننڍين ڳالهين کي وڏو ڪري، تيليءَ مان ٿنڀ بنائي، پير صاحب جن تي سکر ۾ ڪيس هلايو ويو. پير صاحب جن جي طرفان ”جناح صاحب وڪالت ڪئي. چون ٿا ته جناح صاحب کي راز طور ٻڌايو ويو ته حڪومت هر حالت ۾ پير صاحب کي نه ڇڏيندي، انهيءَ ڪري هو سندس وڪالت نه ڪري، پر جناح صاحب نه مڙيو: ڪورٽ ۾ آيو، مگر جج طرفان ٿيندڙ زيادتين تي احتجاج ڪري هليو ويو، حڪومت پير صاحب کي ڏهن سالن جي سزا ڏيئي سنڌ کان ٻاهر اُماڻيو.

وطن کان دور انهيءَ وڏي عرصي ۾، پير صاحب جن پنهنجن وڏن جي تعليمات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. رتنا گري جيل ۾ سندن جد امجد عالي جناب محمد راشد روضي ڌڻي رحه جي ملفوظات جو خاص طرح گهرو مطالعو ڪيائون، ازان سواءِ ٻيا فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب ڪافي پڙهيائون، ۽ انهن ڪتابن مان پنهنجا انتخابات تاليف ڪيائون (ڏسو ضميمو). جڏهن رتناگري جيل مان کين مدناپور مرڪزي جيل ڏانهن منتقل ڪيو ويو، تڏهن اُتي پڻ مطالعو جاري رکيائون. انهيءَ عرصي ۾ هندستان جي سياست کي پڻ پوريءَ طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائون، ۽ غالباً انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ واري حڪمت عمليءَ تي پڻ انهيءَ عرصي ۾ غور ڪيائون. اتي مختلف جماعتن جي سياسي ورڪرن سان پڻ سندن تبادله ِّ خيالات ٿيندا رهيا.پير صاحب جن جي آزاد ٿيڻ ۾ اڃا سال ڏيڍ کن هو ته پويان حڪومت طرفان جماعت جي خيالات ۽ رجحانات معلوم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي ويئي. هر هڪ ٿاڻي جي حد اندر رهندڙ مريدن کي گهرايو ويو، ۽ بالغن جوانن کان وٺي پير مردن تائين سڀني جا نالا لکيا ويا. ان بعد، سڀني کي ضلعي جي ايس - پي ۽ ڪليڪٽر جي آڏو پيش ڪيو ويو. غالباً حڪومت طرفان اها هڪ قسم جي پيش قدمي هئي، ڇاڪاڻ ته پير صاحب جن جي انقلابي رجحان جو حڪومت کي پتو پئجي ويو هو، ۽ کين خدشو هو ته پير صاحب جن واپس پهچي نه معلوم ڪهڙو رويو اختيار ڪري: انهيءَ ڪري پير صاحب سان جماعت جي عقيدتمنديءَ کي پرکڻ ۽ پير صاحب جي طاقت کي ڪٿڻ لاءِ خاص اهي قدم کنيا ويا.

سنڌ ۾ واپس اچڻ بعد، پير صاحب پهريائين پنهنجي مريدن جي اصلاح ۽ تربيت طرف توجهه ڪيو. پهريائين حڪم ڪيائون ته ”اسان جا مريد هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪن”. انهيءَ تي ٻيڙين ۽ چلمن جي موالين تماڪ پيئڻ ڇڏي ڏنو، ۽ پنجاهه سٺ ورهين جي ڪن موالين ڪـُـونڊا ڀڃي ڇڏيا ۽ ڏنڊا ساڙي ڇڏيا. نفسياتي طور جماعت تي هن حڪم جو وڏو اثر پيو. ان بعد حڪم آيو ته ”عورتون عاج جا چوڙا نه پائين- جماعت جي سڀني عورتن چوڙا ڀڃي ڇڏيا. پير صاحبن جن صرف اهي حڪم ڪين ڏنا، پر پاڻ پنهنجي سر جانچ ڪيائون ته ڪيتري قدر انهن جي پوئواري ڪئي وڃي ٿي. سانگهڙ جي ڀرسان گڙنگ لڳ سندن واسطي جماعت هڪ بنگلو ٺهرايو هو، جتي پاڻ مريدن جون دعوتون وٺندا هئا. هن گڙنگ واري بنگلي کي پير صاحب جن پنهنجي نئينءَ تحريڪ کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ ڄڻ مرڪز مقرر ڪيو. بنگلي جي چوڌاري مريدن جا ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. رات جو پير صاحب جن پوشاڪ بدلائي، کـَـٿا اوڍي، جماعت جي ويس ۾ فقير بنجي وڃي جماعت ۾ گهمندا هئا. جيڪي ماڻهو لڪچوريءَ ٻيڙي پيا پيئندا هئا، انهن جون جايون ۽ پٿاريون جانچي صبح جو گهرائي، انهن کي پوري تنبيهه ڪندا هئا. انهيءَ پڪڙ پچاڙ جو وڏو اثر پيو، ۽ سڄيءَ جماعت ۾ غائبانه طور حڪم مڃڻ جو مادو پيدا ٿيو. ان بعد حڪم ڏنائون ته ”جماعت جو ڪو به ماڻهو ولائتي ڪپڙو نه پائي ۽ پنهنجي ملڪ اُڻيل ڪپڙو پائي، ۽ ٻيو ته ”ڳوٺن ۾ مسلمان توڙي هندو پاڻ ۾ متفق ٿي رهن ۽ ڪو به فساد ٿيڻ نه ڏنو وڃي. انهن حڪمن مان ظاهر آهي ته پير صاحب جن جي ذهن ۾ پبلڪ طرفان هن ڌاري حڪومت خلاف هڪ متحده محاذ قائم ڪرڻ جا خيال هئا.انگريزن جي بيدار مغز حڪومت کي اڳ ئي اون هئي، مگر ولائتي ڪپڙي پائڻ خلاف نڪتل حڪمن بعد حڪومت جي سڄي مشينري تحرڪ ۾ اچي ويئي، ۽ پير صاحب جي جماعت تي چوڪسيءَ جا حڪم نڪري ويا. انهيءَ دؤر ۾ پير صاحب جن طرفان حڪم پهتو ته ”جماعت جا اهي ماڻهو، جي غازين جي صف ۾ شامل ٿيڻ چاهين، سي پنهنجا نالا لکائين. جماعت جي اڳواڻ فقيرن کي حڪم مليو، جن پنهنجي حدن اندر ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي غازين جا نالا لکيا، ۽ اهڙيون لسٽون تيار ڪري پيش ڪيائون. پير صاحب جن کي فقط نالن جي ضرورت ڪا نه هئي، پر کين هر هڪ ماڻهوءَ کي نظر مان ڪڍڻو هو ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. گڙنگ واري بنگلي تي پير صاحب جن جدا جدا وقتن ۽ موقعن تي انهن غازين جو معائنو ڪيو: پاڻ ڪرسي وجهي ويهندا هئا، پوءِ مختلف طرفن جا غازي، اٽڪل پندرهن کان وٺي ٽيهن تائين ٽولا ٽولا ڪري، اندر گهرائيندا هئا. حڪم هوندو هو ته اندر اچن ته قطار ڪري بيهن، پوءِ جڏهن قطار ڪري بيهندا هئا ته پير صاحب جن کانئن پڇندا هئا ته ”اوهان سڀ غازي ٿيا آهيو؟ فقير چوندا هئا ته ”هائو قبلا. جواب ۾ پاڻ چوندا هئا ته فقيرؤ! اوهان کي مبارڪ هجي جو اوهان غازي ٿيا آهيو، اوهان تي صد رحمت هجي، انشاءَ الله پاڻ پار آهيون، اسان مان جيڪي هوندا، سي رنگ ڏسندا! البت جيڪڏهن ڪنهن به شخص کي ذرا سـُـست ۽ لـُـڏيل ڏسندا هئا ته ان کي همٿائيندا هئا. ڪي ٽولا اندر وڃڻ وقت ئي نعرا هڻندا، جماعتي راڳ ڪندا ويندا هئا. انهن موقعن لاءِ جماعت طرفان هڪ ڪافي رائج ٿي ته:

”سورهيه سر جو سانگو لاهي،
آيا مرد ميدان تي ڪاهي،
سـِـر ڏنوسون مرشد کي،
پوءِ عيد اسان لهءَ آهي
.
 

اڪثر ٽولا اها ڪافي چوندا، پير صاحب جن جي آڏو وڃي بيهندا هئا. پير صاحب جن جي طرفان، ظاهري طرح ”غازي بنجڻ ۽ سـِـر ڏيڻ جو مقصد بيان ٿيل ڪو نه هو، پر ”غازي جي لقب خودبخود فقيرن ۾ اهو خيال پيدا ڪيو ته ”غازي بنجي سـِـر قربان ڪرڻو آهي.

پير صاحب جن انگريزن جي تسلط کان پوريءَ طرح آگاهه هئا. پاڻ اندروني طور جماعت جي اصلاح ڪندا رهيا، ۽ کين قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ڪندا رهيا. ان وقت مسجد منزل گاهه وارو معاملو شروع ٿي چڪو هو ۽ هندن ۽ مسلمانن جي ڇڪتاڻ وڌي ويئي هئي. پير صاحب جن ان وقت غازين کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا، ۽ انهيءَ طرح حڪومت طرفان غازين جي ڀرتيءَ جي آڙ ۾ جيڪي الزام گهڙجي رهيا هئا، تن کي رد ڪيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ خود پير صاحب جن جي ڳوٺ جي هندن تي حملي لاءِ تياريون ڪرايون ويون. پس پرده مقصد اهو هو ته جيڪڏهين خود پير صاحب جن جي ڳوٺ جي هندن کي ماريو ويو، ته امن رکڻ خاطر غازين جي ڀرتيءَ وارو بهانو ٽـُـٽي پوندو. جنهن رات اها سازش عمل ۾ اچڻي هئي، انهيءَ کان ڏينهن اڳ پير صاحب جن کي سانگهڙ ۾ بنگلي تي اطلاع پهتو ۽ اتان فوري حڪم نڪتا، جنهن تي پير صاحب جن جي ڳوٺ ۾ غازين پنهنجي طاقت جو اهڙو مظاهرو ڪيو، جو حملي آور حملي جي همت ئي نه ڪري سگهيا. ٻئي ڏينهن، شهر جا هندو وفد ڪري، سکر جي ڪليڪٽر وٽ پهتا ته پير صاحب جن جي غازين رات اسان جي جان بچائي آهي، اهڙيون تارون مٿي حڪومت کي به پهتيون. انهيءَ ڪري ”غازين جي وجود کي حڪومت طرفان ”خطرناڪ ثابت ڪرڻ جي جيڪا اسڪيم هئي، سا في الحال ناڪامياب ٿي.

حڪومت طرفان هاڻي هڪ ٻي حڪمت عملي سوچي ويئي. هن واقعي کان ٿورو پوءِ، سکر جي ڪليڪٽر طرفان پير صاحب جن کي ملاقات لاءِ پيغام پهتو. پير صاحب جن خليفي احمد کي موڪليو ته وڃي ڪليڪٽر سان ملي. سکر جو ڪليڪٽر ڪوٺاوالا هو، جنهن سان خليفو احمد وڃي مليو ۽ گجراتيءَ ۾ ساڻس ڳالهايائين. ڪليڪٽر پارسي هو ۽ گجراتي سندس مادري زبان هئي. هو خليفي احمد سان نهايت سهڻو پيش آيو، ۽ کيس چيائين ته پير صاحب جن کي هڪ خاص پيغام ڏيڻو آهي ته ”امن قائم ڪرڻ ۾ پاڻ جيڪو ڪم ڪيو اٿن، ان کان خوش ٿي سرڪار سندن لاءِ هڪ تلوار ۽ بندوق انعام طور مقرر ڪئي آهي، ۽ پڻ سندن واسطي خطاب جي سفارش منظور ڪئي آهي. اميد ته پير صاحب جن هي انعام قبول ڪندا. خليفي احمد سڄو احوال اچي پيش ڪيو. پير صاحب جن چيو ته ”ڪليڪٽر جو اسان جي طرفان شڪريو وڃي ادا ڪر ۽ کيس چؤ ته هٿيار اسان وٽ موجود آهن، ۽ ”پير پاڳاري جو خانداني خطاب ئي اسان لاءِ ڪافي آهي. خليفي احمد موٽي اچي ڪليڪٽر سان خبر ڪئي، جنهن تي ڪليڪٽر چيو ته ”پير صاحب جن وڏي غلطي ٿا ڪن- گورنمينٽ سندن انڪار کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندي!

بس، گورنمينٽ طرفان پير صاحب جن جي خيالات ۽ رجحانات جي هيءَ آخري آزمائش هئي. هن بعد حڪومت کي يقين ٿيو ته پير صاحب تي گورنمينٽ سان وفادار ٿي رهڻ بابت ڪو به ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ عرصي ۾ حڪومت طرفان، پوليس آفيسرن معرفت، پير صاحب جن جي مڙني برجستن مريدن خلاف ڪاغذي ڪاروايون مڪمل ٿي چڪيون هيون. پير صاحب جن هينئر سانگهڙ لڳ گڙنگ واري بنگلي کي اچي مرڪز بڻايو، ۽ سڄا ڇهه مهينا اتي رهڻ جو پروگرام رکيائون- انهيءَ لاءِ ته هن ڌاري حڪومت جي زبردستيءَ کي منهن ڏجي. پاڻ خاص برجستن ماڻهن کي سپاهيانه زندگيءَ جي تربيت ڏنائون ۽ پوريءَ طرح آزمايائون. انگريزن خلاف سڄي جماعت ۾ عام طرح، غازين ۽ ٻين چونڊ اڳواڻن ۾ خاص طرح، هڪ نئون جذبو پيدا ٿي چڪو هو. چئي نٿو سگهجي ته ان وقت پير صاحب جن جي طرفان انگريزن جي مخالفت جي سلسلي ۾ ڪهڙي حڪمت عملي پيش نظر هئي. جيتوڻيڪ عام طرح اها ڳالهه مشهور ٿي چڪي آهي ته پير صاحب جن پنهنجي مريدن کي بندوقن ۽ رائفلن جي ٽريننگ ڏيئي انگريزن خلاف سنئين سڌي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ڪيو، مگر انهيءَ قسم جي راءِ جي ڪا به تصديق ٿي نٿي سگهي. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پير صاحب جن سڄيءَ جماعت توڙي غازين کي بيدار پئي ڪيو، ۽ ڪن خاص چونڊ فقيرن کي سندن حال آهر پوريءَ طرح ٽريننگ ڏيئي تيار پئي ڪيو، مگر اهو چئي نٿو سگهجي ته اها تياري ڪنهن فوري مقابلي لاءِ هئي. پير صاحب جن جي پيش نظر البته جماعت بنديءَ اتحاد ۽ طاقت پيدا ڪرڻ جا فوري نظريا هئا- انهيءَ لاءِ ته آيندي واري جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ڪجي. ٻئي طرف، انگريز حڪومت پير صاحب جن کي ذهني طور پنهنجو باغي تسليم ڪري، ڪنهن به صورت ۾ فوري ٽڪر جي صورت پيدا ڪري، پير صاحب جن کي گرفت هيٺ آڻڻ ٿي چاهيو. انهيءَ اسڪيم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪيا ويا: (1) هر قسم جي ڏوهه کي بنا چانچ جونچ جي حـُـرن ڏانهن منسوب ڪري، خاص خاص برجستن ماڻهن جي گرفتاريءَ لاءِ رڪارڊ ٺاهيا ويا، (2) ننڍن وڏن حرن لاءِ حد جي پوليس ٿاڻن تي هفتيوار حاضريون مقرر ڪيون ويون- ڪن تي هفتي جي بدران هر ٽئين روز، ٻئي روز، بلڪ روزانه حاضريون مقرر ڪيون ويون، (3) پير صاحب جن جي گڙنگ واري بنگلي تي چوڪسي لاءِ پوليس جو مختصر عملو مقرر ڪيو ويو، ته من انهن تي حملو ٿئي ته پير صاحب خلاف ڪاروائي ڪري سگهجي. پير صاحب جن انهن ٽنهي قدمن خلاف احتجاج ڪيو. خاص طرح، گورنمينٽ جو توجهه روزانه حاضرين ڏانهن ڇڪايو ته جيڪي ماڻهو روزانه اٺن ڏهن ميلن جي مفاصلن تان پيدل هلي اچي ٿاڻن تي حاضريون ڏيندا، سي پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ ڪهڙي وقت پورهيو ڪري سگهندا: فقط ”حـُـر جي نالي کان متنفر ٿي، غريبن ۽ اشرافن کي هر قسم جي روزاني تڪليف ۾ مبتلا ڪرڻ انصاف ناهي! باوجود هنن احتجاجن جي، حڪومت ويتر سختيءَ کان ڪم ورتو. انهيءَ تي پير صاحب جن حاضري ڏيندڙ ماڻهن مان ڊزن کن برجستن ماڻهن کي گهرايو ۽ کين چيو ته ”فقيرو، هاڻي اڳتي لاءِ اوهين حاضري نه ڏيو!

ڪن جو چوڻ آهي ته انهيءَ حڪم جو اهو مطلب هو ته ”اوهين حاضري ڏيڻ کان انڪار ڪريو ۽ پنهنجن ڳوٺن ۽ گهرن ۾ پنهنجو ڪم ڪار ويٺا ڪريو، ڀل حڪومت اوهان کي گرفتار ڪري. آخرڪار ڪيترن کي گرفتار ڪري پوري پوندي!” ٻين جو چوڻ آهي ته پير صاحب جن حڪومت جي ضد ۽ ناانصافيءَ کان تنگ ٿي، انهن چونڊ ماڻهن کي چيو ته ”اوهين روپوش ٿي وڃو، ۽ حاضريءَ لاءِ ٿاڻن تي هرگز حاضر نه ٿيو، ڏسو ته گورنمينٽ ڇا ٿي ڪري؟ بهرحال، پير صاحب جن کي يقيني طور هڪ قسم جي ”سول نافرماني مدنظر هئي. اهي چونڊ فقير انهيءَ حڪم موجب حاضرين تي ڪو نه ويا ۽ پنهنجي گروهه جي مصلحت موجب روپوش ٿي ويا. جڏهن حڪومت طرفان پير صاحب تي زور پيو، ته پير صاحب جن چيو ته سرڪار انهن ماڻهن کي ڳولي هٿ ڪري. ٻئي طرف، چونڊ سرڪاري ڪامورا هن سڄي معاملي سان وابسته ڪيا ويا، جن انتظامي تدبر کان ڪم وٺڻ بدران، مليل هدايتن موجب، ويتر هن باهه کي ڀڙڪايو ۽ پير صاحب ۽ فقيرن خلاف هر قسم جون رپورٽون حڪومت کي موڪليندا رهيا. پير صاحب جن کي انهن ڪامورن جي غير منصفانه بلڪ معاندانه روش بابت سڀ ڪجهه معلوم هو، انهيءَ ڪري جڏهن به اهي پاڻ يا سندن نائب پير صاحب جن کي ملڻ ٿي آيا ته پير صاحب جن به کين انهيءَ نقطه نگاهه کان ٿي ڏٺو. پير صاحب جن کي ڪن مريدن ۽ ٻين خير خواهن طرفان مشورا ڏنا ويا ته انهن ڪامورن کي خوش ڪجي، مگر پاڻ چيائون ته رشوت اسان جي مذهب ۾ حرام آهي.

بهرحال، هيٺين موڪليل رپورٽن جي بناءَ تي، پير صاحب جن کي گڙنگ بنگلي تان نظربنديءَ جي حالت ۾ ڪراچيءَ وٺي ويا، جتي کين وڏي وزير چيو ته ”اوهان کي حفاظتي قانون موجب هتي رهڻو آهي ۽ ٻاهر نه وڃڻو آهي. پير صاحب جن چيو ته ”جيڪڏهن اسان جو ڪو قصور هجي ته سرڪار اسان تي مقدمو هلائي، يا هت ڪراچيءَ ۾ رهڻ بابت تحريري حڪم ڏئي ته اسين انهيءَ پابنديءَ خلاف قدم کڻون“. مگر انهيءَ جو ڪو به جواب ڪو نه مليو. انهيءَ تي پير صاحب جن آخري طور وڏي وزير (سر غلام حسين)  کي چيو ته ”هيءَ بندش بيقاعدي آهي ۽ هت اسين وڌيڪ نه رهنداسون- اوهان کي جيڪي ڪرڻو هجي سو ڪندا. ائين چئي پير صاحب جن راتو رات موٽر ذريعي ڪراچيءَ مان گڙنگ جي بنگلي تي پهتا. کين يقين ٿي ويو هو ته حڪومت بهرحال سندن ذات جي خلاف ڪارروائي ڪندي، انهي ڪري فقيرن کي حڪم ڏيئي ڇڏيائون ته جي معاملو وڌي وڃي ته ڏنل هدايتن موجب پوري نظام هيٺ جدوجهد جاري رکن. اتان درگاهه شريف تي پهتا، ۽ جيڪي ڪي مختصر حڪم احڪام ڏيڻا هئا سي ڏنائون. ٻئي ڏينهن سندن نظربندي عمل ۾ آئي، ۽ کين ڪراچيءَ پهچايائون.

ان بعد، حڪومت طرفان پير صاحب جن جي خلاف بغاوت جي مقدمي لاءِ مواد گڏ ڪيو ويو. ٻئي طرف، سرويچ حـُـرن ڪاروايون شروع ڪيون. حڪومت طرفان حـُـرن جي همت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ، پير صاحب جن جي گڙنگ واري بنگلي کي گهيرو ڪرائي، سندن ڪٽنب کي نظربند ڪيو ويو ۽ ٻاهران سڀ لانڍيون ساڙيون ويون. ان بعد بنگلي تي بمباري ڪئي ويئي، ۽ درگاهه شريف تي پير صاحب جن جي حويلين ۽ ڪوٽ کي بارود ذريعي ڪيرايو ويو. پر، اهي ڪاروايون حرن جي همت کي پست نه ڪري سگهيون، ۽ هنن مردن ”مارشل لا کي مڙس ٿي منهن ڏنو. ان وقت سر زمين سنڌ جي هنن سورهين جيڪي پوليس ۽ ملٽريءَ سان مقابلا ڪيا، انهن ۾ سندن حڪمت عملي ۽ بهادريءَ تي جدا مضمون لکڻ جي ضرورت آهي. انهن مقابلن ۾ زالن به پنهنجن مردن جو ساٿ ڏنو، ۽ ڪن زالن جي همت ۽ بهادريءَ جا ڪارناما حيرت انگيز آهن: مطلب ته پير صاحب جن جي ڏنل تربيت انهيءَ حد تائين مؤثر ثابت ٿي، جو اڳواڻ (پير صاحب) جي غير حاضريءَ جي باوجود سپاهين (حـُـرن) پنهنجي نظام ۽ انتظام هيٺ جنگ جاري رکي. مقابلن ۾ وڏا مارجي ويا ته ننڍن سندن جايون ڀريون. انهيءَ دور ۾ ڪيترائي ملڪي ماڻهو، انگريزي حڪومت جي زور ۽ اثر هيٺ، جاسوس بنجي فقيرن جي پويان پيا. فقيرن جوابي حملا ڪري بدلو پئي ورتو. انهيءَ جنگ ۾ بيشڪ سـُـڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويا. هڪ طرف ملڪ جا ڪي غريب ماڻهو بيگناهه مارجي ويا، ته ٻئي طرف ”مارشل لا جي آڙ ۾ ملٽريءَ وارن قهر ڪري ڇڏيا. نه فقط حـُـرن، پر پير صاحب جي عام مريدن توڙي تعلقدارن کي ٻارين ٻچين گرفتار ڪيو ويو ۽ کين نهايت بيدرديءَ سان جيلن ۽ ڪئمپن ۾ بند ڪيو ويو، جتي سوين ٻارڙا، زالون، ٻڍا، بک ۽ بيماريءَ جي وگهي مري ويا‍ حيدرآباد جيل ۾ انگريزن پنهنجن جاسوسن کي برقعا پارائي ”حـُـرن جي سڃاڻپ لاءِ ٿي موڪليو، ۽ انهن برقعي پوشن فقط پنهنجي آقائن اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ نوجوانن تي هٿ ٿي رکيا، ۽ انهن نوجوانن کي محض انهيءَ ”سڃاڻپ جي بنياد تي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ٿي ويو‍ چون ٿا ته هڪ دفعي، هڪ اهڙي برقعي واري، هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي هٿ رکيو جو ”مارشل لا کان اڳ قيدي هو- تنهن جڏهن دانهون ڪيون، تڏهن وڃي ”برقعي پوشن جي قلعي کـُـلي.

بهرحال، انهيءَ هيبتناڪ ماحول ۾، سنڌ جي ڪن وڏيرن ۽ زميندارن کان زبانيون ڏياري، پير صاحب جن تي جان جي سزا مقرر ڪئي ويئي. چون ٿا ته پير صاحب جن دستور موجب هميشه شب خيز هوندا هئا. هڪ انگريز آفيسر اچي ساڻن شطرنج راند ڪندو هو، ۽ پاڻ ان کان سڀ رانديون کٽندا هئا. حياتيءَ جي آخري رات به انهيءَ آفيسر پير صاحب جن سان راند ڪئي، ته من پير صاحب جن کي پنهنجي جان جو فڪر هجي ۽ انهيءَ ڪري کانئن راند کڻي سگهي. پير صاحب جن کانئن دستور موجب وري به رانديون کٽيون، ۽ اها آخري رات پاڻ نهايت گهري ننڊ ڪيائون.

ان وقت سنڌ مارشل لا ۽ آفيسرن جي رعب تاب ذريعي اهڙو ته هيبتناڪ ماحول پيدا ڪيو ويو، جو پير صاحب جن جي حمايت ۾ ڪن ٿورن کي حق جي ڪلمي چوڻ جي توفيق ٿي. ان وقت مسلم ليگ پوري طاقت ۾ هئي. جڏهن عليڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ مان ڪي شاگرد ان وقت وفد وٺي دهليءَ ۾ مرحوم لياقت علي خان کي وڃي مليا، تڏهن هن چيو: ”اسان کي پير صاحب پاڳاري لاءِ پوري همدردي آهي، پر سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن ۾ جرات ڪانهي جو پير صاحب جي حمايت ۾ ڪو هٿ ڊگهيرين، ۽ اسان کي مداخلت جو موقعو ڏين. بهرحال پير صاحب جن 1943ع ۾، اٺين بجي، ويهين مارچ تي، سر ڏيئي سرها ٿيا. چون ٿا ته مقدمي وقت حڪومت طرفان ڪن ماڻهن کي پير صاحب جن ڏانهن موڪليو ويو ته جيڪڏهن پير صاحب معافي وٺي حڪومت سندن ”معافيءَ تي غور ڪندي. پير صاحب چيو ته ”معافي هڪ الله ۽ الله جي رسول کان وٺبي، نصاري کان ڪهڙي معافي وٺبي!“ جڏهن شروع ۾ پير صاحب فقيرن کي تربيت پئي ڏني، تڏهن ڪنهن هڪ فقير چيو ته ”قبلا، انگريزن کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿبو‍” انهيءَ تي پير صاحب جن چيو ته ”انشاءَ الله، اسان ۽ توهان مان جيڪي هوندا سي پاڻيهي رنگ ڏسندا‍” بهرحال، پير صاحب جن 1943ع ۾ پنهنجي جان جي قرباني ڏني، ۽ 1947ع ۾ انگريزن ٽپڙ ٻڌا.

پير صاحب جن جي ذاتي زندگيءَ بابت هيٺيون مختصر حقيقتون معلوم ٿي سگهيون آهن: (‍1) بسا اوقات پنهنجي ماني پاڻ پچائيندا هئا، (2) صبح جو وڏي اسر اٿي ورزش ڪندا هئا ان بعد نماز ادا ڪندا هئا، (3) اڪثر موقعن تي پاڻ فقيرن سان گڏجي بيهي ڪم ڪندا هئا: هڪ دفعي ڪيٽيءَ ۾ لانڍين کي لوڙهو پئي آيو ته پاڻ به اچي پـُـور کڻي لوڙهو ڏيڻ لڳا، هڪ دفعي فقيرن ڪڻڪ جون ڳوڻيون کڻي مٿي گدام تي ٿي رکيون ته پاڻ به اچي ڪم ۾ شامل ٿيا، ۽ ڳوڻين کي ڪـُـنڊن ۾ مضبوط هٿ وجهي يڪي اڇل سان مٿي سٿيءَ تي پئي چاڙهيائون، (4) جيڪڏهن ڪو فقير نقد آڻي نذراني طور ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته ”قبلا، قبول پوي، ته پاڻ چوندا هئا ”قبول، پر جيڪڏهن ڪو لک صلوات جو اچي پيش ڪندو هو ته چوندا هئا ته ”قبول، آفرين هجيئي ”ائين چئي مٿن دعا گهرندا هئا، (5) سندن دستور هو ته پئسي جو نذرانو هٿ ۾ نه وٺندا هئا، پر جيڪڏهن ڪو فقير وِرِهَ (کٻڙ جون پاڙون) جا ڏندڻ آڻي نذراني طور پيش ڪندو هو ته هٿ ڊگهيري کانئس وٺندا هئا، (6) هڪ دفعي سيٺارجن کان اوڀر ميرواهه تعلقي ۾ ”تـَـلي جي دعوت تي هڪ مائي چڻن جي پلي ڇـَـٻيءَ ۾ وجهي تحفي طور کڻي آئي- پير صاحب جن چيس ته ”امان، اها سٺي رڌي به تون سگهندينءَ، جوئر جون مانيون ۽ اهو ساڳ رڌي کڻي اچ، جماعت دعوتيءَ جي دعوت کائيندي، مان تنهنجي دعوت کائيندس، (7) سانگهڙ لڳ گڙنگ واري بنگلي تي هڪ ڊپٽي ڪليڪٽر کانئن پڇيو، ”ڀلا ڪهڙي سبب کان گورنمينٽ ۽ گورنمينٽ جي ڪامورن جي عزت نٿا ڪريو؟ پير صاحب جن جواب ڏنو ته ”عام هلت چلت ۽ اطوار ڏسڻ بعد جڏهن اوهان جي عزت ڪرڻ جو رڳو خيال اچي ٿو، ته مون کي پنهنجي نسل ۾ شڪ ٿو پوي ته آءٌ به ڪو حسيني آهيان!

سندن علمي ۽ ذهني رجحانات تي هيٺ ڏنل ضميمي مان روشني پوي ٿي.

ضميمو

(نوٽ: رتناگري جيل ۾ پير صاحب هڪ بياض ۾ سلوڪ جي مختلف نڪتن کي منتخب ڪري قلمبند ڪيو. هن بياض جي پهرين صفحي تي انگريزيءَ ۾ هن طرح نوٽ آهي:

Certified that this book contains 100 Pages

(?) Ellis

Superintendent R.Prison

16-4-31

ان بعد پير صاحب جن جي هٿ اکرين نوٽ: ”هي ڪتاب اسان کي رتناگريءَ جي جيل ۾ مليو- تاريخ 12- ربيع الاول 1350 هه جي، مطابق 28- جولاءِ 1931ع جي.

هن بياض مان انتخاب ڪيل مواد مان خود حضرت پير صاحب جن جي مطالعي، ذوق توڙي بلند اخلاق تي روشني پوي ٿي. سنڌي نثر ۾ پير صاحب جن جي عبارت به ڪن جاين تي نهايت مؤثر ۽ دلپذير آهي. هيٺ هن بياض مان، جو خود پير صاحب جن جي هٿ لکيل آهي، ڪي اقتباسات ڏنا وڃن ٿا.)

 

بسم الله الرحمـــٰـن الرحيم

”هن ڪتاب ۾ اسان نصيحت جهڙيون ڳالهيون لکنداسي، خاص خلق جي هدايت لاءِ ته بڇڙن ڪمن کان بيزار ٿين، خدا پاڪ کي ياد ڪن ۽ چيل نڪتا معرفت جا اسان جي ٻڌي، ان تي عمل ڪن، ته ٻنهي جهانن جي تڪليف کان ڇـُـٽن ۽ فيض باطني هٿ ڪن ۽ حڪم خداي پاڪ ۽ رسول جي منهن نه موڙن”- بيت فارسي:

”گردن از حکم خدايت برم تاب

تا نماني روز محشر در عذاب

 (حڪايت پهرين): ”هر جيڪو مريد ساڻ سچي ايرادي جي مرشد ٿو وٺي ۽ امر مرشد پنهنجي جو بجا نٿو آڻي، اُهو مريد فيض حقيقيءَ جي نااُميد رهندو. مريد کي جڳائي ته ڪو نـُڪتو معرفت جو پير جي ٻـُـڌي، اُن کي منجهه ورقن دل جي لکي ۽ عمل ڪري، ته انشاءَ الله تعاليٰ برڪت مرشد جي فيض وارو ٿيندو. اي يار منهنجا! هي جيڪي اسين چؤن ٿا، اهو حق آهي ۽ اوهان حق ڄاڻو. بيت فارسي:

”هر نقطه از شگفته باغي،
لفظش چوطراوت جواني،

افروخته ترز شب چراغي،
معنيٰ چو آب زندگاني.

 

(حڪايت ٻي): ”اسان هي ڪتاب ناياب ان لاءِ لکيو آهي ته طالب خدا جا مطالع ڪن ۽ سير ڪن باغ حقيقت جي جو ۽ سـُـنگهن گـُـل معرفت جو، ڇاڪاڻ جو مغز ماڻهن جو زڪام بي ايرادي جو بيمار آهه، سو بوءِ گل معرفت جي مغز ۽ روح طالب جو سرهو ٿئي ۽ دل خوشحال ٿئي- جيئن جو فارسيءَ واري چيو آهي:

”چنين گفت مردِ سخندان بمن،
درين روضهءِ پاڪ مي نوشان،
که هر کو خورد ميوهِّ زين درخت،

ڪ اي باغبانِ رياضِ سخن،
درختِ معاني به نوعِ نشان،
نشانند را گويد اي نيڪ بخت.

 

”اي عزيز، علم جو آهي سو مثال درخت ميوه دار جي آهي، پوءِ هر جيڪو هو درخت پوکيندو، اهو عجيب حڪمت جا ميوا کائيندو. اسان اوهان مريدن لاءِ هي ڪتاب مثال درخت جي پوکيو آهي: اوهان اسان جي حڪم تي عمل ڪري، هن درخت جا ميوا کائو.

(حڪايت ٽي):         ”هزار نڪتهءِ باريڪ تر از موئي اينجا ست،

                      نه هــــر کـــه ســـر بتراشـــد قلــندري دانـــد.

”اي دوستو! هر نڪتو جو اسان چيو آهي، ان کي سچو ڄاڻو، ڇا لاءِ جو هر حرف جي سؤ معنائون غيبي آهن ۽ هڪ هڪ ڪلمي جي هزار هزار لطيفا لاريبي آهن: هر عبارت جي فيض عام ۽ ذوق تمام، ۽ هي معنيٰ جي مفهومات بلانهايات آهي، ۽ هر ادراڪ جي مقامات بسيار، ۽ هر حالت جي اهڙو ذوق، جو ان کي تارازي بيان جي نه توري- يعني ڪو به ان جو بيان ڪري نه سگهي- هتي هي بيان ختم ٿيو.

(حڪايت چوٿين): ”هاڻي هتي اسان بيت فارسي شروع ٿا ڪريون. هي بيت گهڻن ڪتابن مؤن چونڊي اسان لکيا آهن، وڏيءَ تڪليف سان خاص ڪري تڪليف واري جاءِ ۾. ان لاءِ، هر پڙهندڙ تي واجب آهي ته ڪي نه ڪي بيت لکيل اسان جا ياد ڪري، ڇالاءِ جو هر هڪ بيت عجيب معنيٰ، ساڻ سهڻي مطلب جي، رکندو آهي: ان لاءِ اوهان بيت ياد ڪريو. جنهن ماڻهوءَ کي هي بيت ياد هوندا، اهو ماڻهو هر هنڌ گفتگو ۾ اهي بيت ڪم آڻي سگهي ٿو ۽ ڪنهن به ڳالهه جي رد ۾ يا مثال لاءِ يا نصيحت لاءِ چئي سگهي ٿو. هي بيت هنن نالن وارن ڪتابن مؤن چونڊي ڪڍيا ويا آهن: هڪ انوار سهيلي، ٻيو حافظ ديوان، ٽيون بوستان، چوٿون گلستان. پهريؤن اسان انوار سهيلي جا بيت لکون ٿا:

بسم الله الرحمان الرحيم

”بحڪمت حل هر مشڪل توان ڪرد، بحڪمت ڪام دل حاصل توان ڪرد - الخ.

 (صفحي 3 تي سڄي پاسي نوٽ لکيل آهي ته). ”هتان کان اڳتي ڪاٿهين به وٽ تي سائي مس سان لکيل هجي، ان کي اسان جو چوڻ سمجهندا. اسان چڱا نـُـڪتا ٿورن جملن ۾ هدايتن وانگر لکيا آهن، اوهان مريدن تي فرض آهي ته حڪم تي عمل ڪرڻ.

(ان بعد حاشيه تي مس سان هيٺيان نـُـڪتا لکيل ملن ٿا).

(1) ”سچي تي ڪاوڙ ڪرڻ، اها خراب ڳالهه آهي. اي دوست، جي سچو آهين ته سچي کي مانُ ڏي.”

(2) ”جو شخص غير حاضر آهي، ان جو حصو حاضر آهي.

(3) ”اي دوست، حرص نه ڪيو، جو حرص قاتل آهي، حريص جو حرص نه ڪر، جي مرد آهين.

(4) ”هزار عبادت هڪ گناهه جي مقابلي ۾ نيست آهي، يعني گهٽ آهي.

(5) ”اي دوست، جي تون پنهنجي نفس کي پهتين، ته گوياڪ خدا کي پهتين. اي يار! نفس کي شڪار ڪر، جو عجب شڪار آهي.

(6) ”ناجنس جي دوستيءَ کؤن موت کي ڀلو ڄاڻ ۽ ان جي دوستيءَ ۾ ڀلو نه ڏسندين.

(7) ”علم ۽ حيا ۽ فياضي ۽ رحم- اهي مثال مان ڄاڻ: انهن شين کي هٿ کؤن نه ڇڏ

(8) ”اي يار، پيٽ تنهنجو دشمن آهي: ان لاءِ روزا گهڻا رکي، علاج پيٽ جو ڪر، جو اهو ايذاءَ بهتر آهي.

(9) ”ڪوڙي جي حڪومت ڪن لمحن تائين هلي سگهندي، سچي جي حڪومت تاقيامت آباد هوندي. اي يار، ڪوڙ کان بچ جو ڪئنچي ايمان جي آهي ۽ ڪوڙي تي خدا جي لعنت آهي.

(10) ”اي دوست، حساب پنهنجو صاف رک، پوءِ چـُـڪ نه ڪر، اهو چيو ياد ڪر.

(اڳتي هڪ نوٽ). ”حافظ ديوان جون هن ڪتاب ۾ ڪل رباعيون اسان پاس ڪري (68) اڻهٺ لکيون آهن. اهي سڀ رباعيون 28 تاريخ آچر جي ڏينهن لکي ختم ڪيونسي. رتناگيري جيل ۾، مهينو جمادي الاول 1350 هه مطابق 11- آڪٽوبر 1931ع - صحي سيد پير محمد صبغت الله هاشمي جلالي، وقت نوَ ساڍا

--  ”هي سڀ بيت (فارسي) ملفوظات حضرت روضي ڌڻي واريءَ مؤن اسان چونڊي لکيا آهن. اوهان پڙهندڙن کي تاڪيد ٿو ڪجي ته هنن بيتن مؤن ٿورا گهڻا بيت ضرور ياد ڪن، ڇا لاءِ جو عجب معنيٰ ۽ شوق ذوق رکندا آهن. لکي ختم ڪياسي تاريخ 5 جمادي الاخر جي 1350 هه، مطابق 17 آڪٽوبر 1931ع جي، رتناگيري جيل ۾. -- صحي سيد پير محمد صبغت الله شاهه هاشمي جلالي راشدي حسيني شاهه مردان.

”هي ”بوستان جا بيت تاريخ 12 جمادالاخر ڇنڇر جي ڏينهن 1350 هه جي رتناگيري جيل ۾ اسان لکي ختم ڪيا، مطابق 24 آڪٽوبر 1931ع جي. -- صحي سيد پير محمد صبغت الله شاهه هاشمي، جلالي راشدي، شاهه مردان شاهه.

 (صفحي 27 تي). ”هتؤن کان اڳتي اسان ڪي ڳالهيون هدايتن جهڙيون ٿا لکون، جي ڳالهيون اوهان مريد منهنجا سچائيءَ سان پڙهندا ۽ چڱي صورت لکيلن حڪمن تي عمل ڪندا، ۽ مطالع ڪرڻ هن ڪتاب جو سير ڪرڻ باغ حقيقت ۽ سنگهڻ گل معرفت جي جو آهي هر ڪنهن شائق طالب لاءِ، ڇالاءِ جو زڪام بي ارادي جي مغز عام خاص جو خالي آهي: جنهن کي جا مٿين بيماري نه هوندي، اهو هنن حڪم جي ۽ ٻين حڪمن جي به غافل نه رهندو ۽ پنهنجي قوت آهر ڪا ڪوتاهي نه ڪندو. اي دوستو، مون کي ڏنهن خزاني فراق جو انعام مليو آهي: ان انعام ۾ اوهان کي به حصيدار ڄاڻي سچن ۽ ايمان وارن لاءِ هي نـُـڪتا گڏ ڪيا آهن، ته من ڪنهن کي فيض رسي. اي مريد منهنجا، دل منهنجي منجهه چنبي فراق جي آهي، مثل بلبل جي، ۽ هر وقت مٿي زبان جي هي بيت ورد ڪندڙ آهي:

”ڪجا شد سروِ من يا رب ڪ در بستان نمي بينم،
شدم مشتاق چون بلبل، گل وريحان نمي بينم.

معنيٰ بيت جي: ڪاڏي ويو سرو منهنجو، اي الله پاڪ، جو منجهه باغ جي نٿو ڏسان مون، مون ٿيس سڪايل بلبل جيئن گل ۽ پوءِ نٿو ڏسان مون.

”اي يارو، اڄ دل منهنجي نه مٿي فرش جي آهي، بلڪ مٿي عرش جي آهي. ان ڳالهه لاءِ آيت شاهد آهي: ”قلوب المومنين حرم الله.

هتي هي بيان ختم ٿيو، اڳتي اسان هڪ ڪافي ٿا لکون، جا اسان جي ٺاهيل آهي.

”ٿل: مون کي هڻي ڪو جادو سهڻا يار دل لٽي وئين،

  ڪري چشمن سندو ڪو چالو، سرساهه ٻئي سٽي وئين.

1. ڪري  پهريؤن مٺيون تو ڳالهيون، وڌئي يار دل کي دواليون.

هڻي نيڻن سنديون دوناليون، منهنجا دوست دل ڦٽي وئين.

2. تنهنجو عشق آهي قهري، مثل، ير! باز بحري،

وٺي بلبل جيئن ٿو سحري، تيئن جهٽ منجهه دل جهٽي وئين.

3. ”صبغت الله جي سڻ تون زاري، ڪر ڪا تون ستاري،

هيڪر ڏيئي ڏيکاري، تـِـهان پوءِ منهن مٽي وئين.

(صفحي 28 تي حڪايت 13): ”اي مريدو! هن وقت جو ماڻهن منجهه بي دينيءَ جي موج هلي رهي آهي، ان خراب حالت کي مدنظر رکي، اسان ڪي ڳالهيون، ڪي بيت، ڪن ڪتابن مان چونڊي، اوهان جي فائدي لاءِ لکيون آهن. هن وقت جو سن 1350 هه ۾ بجاءِ عدل جي ظلم، بجاءِ علم جي جـِـهل ۽ بجاءِ ادب جي بي ادبي ۽ بجاءِ سچ جي ڪوڙ، ۽ بجاءِ رحم جي غضب باقي رهيو آهي، اڪثر هر اخلاق موچارا، ساڻ وصفن بڇڙن جي مبدل ٿيا آهن- جيئن حافظ شيرازيءَ چيو آهي:

”اين چه شر ريست در دور عمر مي بينم
همه آفاق پر از فتنه وشر مي بينم.

”اي دوستو! زمانو گهڻو خاصو آهي، پر ڪو خود پاڻ خاصو ٿئي، زماني کي خراب چوڻ، اها خود بيجائي آهي، زماني کي خراب چوندڙ خود پاڻ خراب آهي، زمانو خراب نه آهي، بلڪ ارڪان ماڻهن جا خراب آهن. ان لاءِ، اوهان سچن ايمان وارن مريدن کي جـُـڳائي ته جو هر نڪتو زبان وڃي ترجمان پير پنهنجي ٻڌي، ان کي منجهه ورقن دل جي، حڪم مـُـرشد پنهنجي جا لکي ۽ عمل ڪري ته فيض وارو ٿئي ۽ منهنجي دل کي خوش ڪري، جو مان چڱيءَ نيت سان هي ڪتاب ۽ ٻيا ڪتاب اوهان جي فائدي لاءِ لکيا آهن. اي يارو! علم جو آهي سو مثل وحشي آهي، مون ان کي منجهه ورقن ڪتاب جي لکي قيد ڪيو آهي، جيئن جو هر لفظ مثل گلاب جي معطر منجهه شيشي ڪتاب جي گڏ ڪري، مٿي دڪان اشتهار جي رکيو، جو مغز هر خاص و عام جو زڪام بي ايرادتيءَ جي بيمار آهي. ان لاءِ، اوهان وٺو بهرو هن ڪتاب مؤن، جو ڏيکاري ٿو واٽ سچائيءَ جي. هي بيان هتي ختم ٿيو. ٻيو ته اسان هن ڪتاب ۾ بيت سنڌي، فارسي غزل، سنڌي فارسي ڪافيون سڀ لکيون آهن، ڇالاءِ جو فارسيءَ واري چيو آهي:

”سخنها ز بدمت و از خردمند،
نظم و نثر بايد داد پيوند.


 

ٻيو ته اسان بيتن جون معنائون ڪو نه لکيون آهن، ڇالاءِ جو سڀ ڳالهه جي مطلب تي ظاهر آهن ۽ معنيٰ به ظاهر پيئي نظر اچي، ۽ جي لکون ها اسان معنيٰ بيتن جي ته جيڪر ٿوري ڳالهه به وڏي ٿي پوي ها-

”جڳائي ڪرڻ يار ٿورو بيان،
ٿئي ٿو سمجهه منجهه سڀ
کي عيان.

 

 (حڪايت 18). ”اي مريد منهنجا، غنيمت ڄاڻو عمر پنهنجيءَ کي: ان وقت ٿوريءَ عمر جي ۾ ٻنهي جهانن جو ڪم راس ڪيو. همت پنهنجيءَ جا گهوڙا ڏنهن طرف باغيچي بهشت جي ڊڪايو، ۽ پنهنجي منزل ساڻ خير جي پـُـڄايو.(صفحي 32 تي ۽ ان کان اڳتي ”بيت سنڌي اسان جا ٺاهيل جي عنوان سان پنهنجا چند بيت قلمبند ڪيا اٿن - مثلاً:)

”جڳائي مدامي ذڪر سان زبان - نه ڪوڙي دنيا جو ڪجي ڪو بيان
سچائيءَ سندو يار کڻ تون قدم-  چيو آ عجب دوست منهنجي قلم
پنڻ تي ڀريو آهي پـِـيرن زور-  پنڻ ڪم انهيءَ جو، جو گانڊو لغور
پـِـنن پـِـير ٿا پيا هميشه مـُـدام- وڃي ڪن ٿا ماڻهن جو گهر منجهه سلام
رکن پـِـير ٿا دزد مثل گرگ جي- مريدن کي ڀانئن مثل مـُـرغ جي
نه پـِـيرن ڪئي خلق جي رهبري - پڳ ۾ ٻـَـڌن ٿا ڪوڙن جي ڀري
رکج يار تون پانهنجي صاف دل - ڪري خيال ڏس جو تون آهين امل
دل کي رکج تون هميشه صفا - ڪوڙي دنيا جا ڇڏي سڀ خفا
زبان دل جنهين جي ٿئي هڪ يار - تنهين تان سوين سر آهن نثار.

 

(صفحي 77 تي حڪايت 397 نقل ڪري، ان بعد لکن ٿا): ”مـُـنڍ کؤن وٺي هيستائين جو ڪجهه لکيل آهي، سو اسان رتناگيري جيل ۾ لکيو آهي. مدناپر سينٽرل جيل بنگال ۾ ڪجهه به نه لکيو اٿسي، ۽ اسان جيل ۾ ڪتاب ٺاهڻ بند ڪيو آهي- اُن جا سبب هي آهن: هڪ ته سرڪار اوهان کي اسان جا لکيل ڪتاب نٿي ڏئي، ٻيو ته اسان کي به ٺاهڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي- ان لاءِ اسان هتي ڪتاب لکڻ بند ڪيا آهن. جي حياتي آهي ته ٻاهر اچي لکنداسي، هتي فقط ڪتاب پڙهندا وڃون ٿا، ۽ جيڪي ڳالهيون يا مثال لکڻا آهن، انهن تي نيشان ڏيندا ٿا وڃون . اُميد ته اوهان يا اسان، اُهي سڀ ڳالهيون گڏ ڪندؤ- آمين!

صحي: سيد پير محمد صبغت الله شاهه جلالي راشدي.

(وري ڪتاب جي آخري صفحن (122 کان کاٻي پاسي) تي ”ديوان حافظ مان اشعار ۽ چند اردو اشعار نقل ڪيا اٿن.)

(”مهراڻ - سوانح 1957ع، تان کنيل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com