سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :26

بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڏاڏي حوا جي تخليق نه ٿئي ها ته بلاشبه حضرت آدم جي حيثيت اڌوري ۽ اڻ پوري رهجي وڃي ها. سياڻن سچ چيو آهي ته  ”عورت بهترين اڌ“ آهي. انهيءَ کان سواءِ مرد جو تصور ناممڪن رهجي وڃي ٿو. هونءَ به جيڪڏهن مشهور انسانن جي حياتيءَ جا ورق ورائي ڏسبا ته معلوم ٿيندو ته سندن ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ ۾ سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ طرح عورت جو ئي هٿ رهيو آهي. پنهون سسئيءَ کان سواءِ، ڄام تماچي نوريءَ کان سواءِ، ميهار سهڻيءَ کان سواءِ، ۽ راڻو مومل کان سواءِ ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي.

عورت جو هر روپ عظيم ٿئي ٿو. هوءَ ڌيءَ جي روپ ۾ اکين جو ٺار آهي. ڀيڻ جي روپ ۾ لـڄ جي لوئي آهي. ماءُ جي روپ ۾ بي لوثيءَ جي ڀنڊار آهي ۽ گهر ڌياڻيءَ جي روپ ۾ سک ڏک جي ساٿي، همت افزائيءَ جو سامان ۽ دلداريءَ جو درياهه آهي. جنهن انسان عورت جي جنهن به روپ کي امرڌارا سمجهي ماڻيو، اُهو امر ٿي ويو. پر، روپن مان عورت جو روپ امر ونيءَ جو! پارس ٿي لڳي ته لوهه جي مڙس کي به سون بڻائي ڇڏي. ساٿي ٿي بيهي ته ور سڄي جهان سان جنگ جوٽڻ جي پاڻ ۾ سگهه ساري ويهي. جي وني گهر کڻي ته جنت بڻائي ڇڏي ۽ جي ور کي کڻي ته کيس عظمتن جي بلندين تائين پهچائي ڇڏي. بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون به اهڙين عظيم عورتن مان هڪ هئي.

هڪ راز:

بلاشبه حاجي عبدالله هارون جي حياتي به مسلسل جدوجهد ۽ محنت جو نتيجو هئي. مڇي مانيءَ لائق خاندان جي هن فرد حالتن هٿان شڪار ٿي غربت جي ويس ۾ پنهنجي حياتيءَ جو آغاز ڪيو ۽ دنيا ڇڏڻ وقت ايترو ڪجهه ڇڏي ويو جنهن جو مثال گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ نه ٿو ملي. پر ڪنهن جو مقدر کيس پارس ٿي لڳو؟ اُها هئي نصرت حاجي عبدالله هارون.

تحريڪ آزاديءَ جو ذڪر ڪندي، اسان جي عالمن ۽ محققن حاجي عبدالله هارون جي جا تعريف ڪئي آهي، بلاشڪ هو انهيءَ جي لائق هو. مگر سر حاجي عبدالله هارون ته سڪي جو هڪ پاسو هو. سڪي جي ٻئي پاسي تي جا مقدر جي مورتي چٽي پئي آهي، ان ڏانهن ته ڪنهن توجهه ڏنو ئي ڪونه آهي.

الڳ حيثيت: بيگم مرحومه جي هڪ سوانح نگار سائين غلام مرتضيٰ شاهه سچ لکيو آهي ته: ”حقيقت ۾ هنن ٻنهي جي زندگي هڪ ڪپڙي جي تاڃي پيٽي وانگر ڳنڍي پئي هئي. ان کي جدا ڪري، هر هڪ جو الڳ الڳ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ليڪن سنڌ جي عورت ڪارڪنن سان بي انصافي ٿيندي، جيڪڏهن بيگم هارون جي زندگيءَ کي رڳو حاجي صاحب جي زندگيءَ جو هڪ باب ڪري ئي شمار ڪبو. سنڌ جي قومي، سماجي ۽ تعليمي خدمات ۾ جن عورتن حصو ورتو آهي، انهن مان بيگم نصرت به هڪ آهي.“

پر ڳالهه اڃا اؤر:

ائين چوڻ ۾ به ڪو حرج نه آهي ته ”سنڌ جي قومي، سماجي ۽ تعليمي خدمات ۾ جن عورتن حصو ورتو آهي، انهن مان بيگم نصرت به هڪ آهي.“ مگر هن چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته مسلم عورتن ۾ بيگم نصرت اها واحد عورت هئي، جيڪا قومي خدمتن ۽ سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هيءَ بي بها خاتون اڌ صديءَ کان مٿي جو عرصو هند ۽ سنڌ جي سياست تي اثرانداز ٿيندي رهي ۽ ان کان به وڌيڪ وقت، هن مسلمانن جي ڀلائي ۽ خيرخواهيءَ ۾ گذاريو. ان کان وڌيڪ هن جو ڪارنامو سرانجام ڏنو، ان لاءِ آئون نه، پر انگريزي دور جي مشهور اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ جو رايو آهي ته:

What Nurjehan did for Jehangir، Lady Haroon has done the same and perhaps more for Sir Abdullah Haroon. With her entry into matrimonial alliance with Abdullah Haroon، the kingdom of Haroon rose from a tiny merchant to that of a knight.”

يعني ته ”جيڪو ڪجهه نورجهان، جهانگير لاءِ ڪيو، ليڊي هارون اهو سڀ ڪجهه، شايد ان کان به وڌيڪ حاجي عبدالله هارون لاءِ ڪيو آهي. سندس گهرڌياڻي ٿيڻ سان حاجي عبدالله هارون جي بادشاهي هڪ ننڍڙي واپاريءَ مان بدلجي وڃي هڪ سر جي بادشاهيءَ تائين پهتي.“

بنهه اهڙن خيالن جو اظهار حاجي عبدالله هارون جي هڪ دوست، مرحوم حاتم اي. علوي به پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”حاجي عبدالله هارون جهڙي نئين اُسرندڙ واپاريءَ ۾ سندس گهر ڌياڻيءَ وڏيون صلاحيتون محسوس ڪيون ۽ فيصلو ڪيائين ته سندس ساٿ ڏئي، هن جي گـُـڻن کي نکاري نروار ڪندي ۽ واقعي بيگم صاحبه ائين ئي ڪيو...“

هو اڳتي لکي ٿو ته ”پنهنجي مرحوم ساٿي ۽ دوست لاءِ حد کان وڌيڪ ادب ۽ احترام هوندي به آئون انهيءَ چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ٿو ڪريان ته جيڪڏهن مرحوم حاجي عبدالله هارون کي بيگم نصرت جون نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل صلاحون ۽ همت افزائيون نه نصيب ٿين ها ته هو نه ته ايڏو عظيم سياستدان ٿي سگهي ها ۽ نه وري ڪو ناميارو ڌن - ڌڻي.“

بلاشڪ ترازو کڻي ويهي هن آدرشي جوڙي جو هڪٻئي تي اثر توري نه ٿو سگهجي. پر ايترو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته هو هڪٻئي کان سواءِ اڌورا ۽ اڻپورا هئا. ٻنهي جي سنگ جي رنگ لاتا، اهي انڊلٺ جي رنگن جيان هڪٻئي کان الڳ ڪري نه ٿا سگهجن. اهي گڏئي سهڻا نظر اچن ٿا.

پر پوءِ به هن مهمان نواز، سخي، خوش خلق، دوست نواز، مدبر ۽ فهيم عورت جي پنهنجي الڳ حيثيت آهي. هن جيڪا پنهنجي وَر، گهر، ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي خدمت ڪئي، اها سندس ئي کاتي تي چڙهڻ گهرجي. ان ڪري اچو ته ڳالهه پيرائتي ڪريون.

سلو انگورئون ڀلو:

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اڄ جي دور ۾ ذات پات ۽ حسب نسب جا بـُـت ڊهي وڃي پـَـٽ پيا آهن. ان ڪري ڪو به سياڻو سيبتو انسان پنهنجي اصل نسل تي اجايو ڳنڍ نه ٿو ٻڌي بيهي. اها ڳالهه ته وري بيگم نصرت هارون ۾ اصل هئي ئي ڪانه ته هوءَ پنهنجي ناننگ يا ڏاڏنگ کي پڏائي پنهنجي حيثيت مڃرائي. هوءَ انهن ڳالهين کان تمام گهڻو مٿي هئي. جيڪڏهن ويهي ذات پات يا حسب نسب سوچي ها ته شايد انهيءَ منزل کي نه رسي ها، جنهن تي پهچڻ لاءِ الائي ڪيتريون عورتون اڃا به حسرتون ڪنديون هونديون.

پر پوءِ به جڏهن بيگم نصرت هارون جو ذڪر نڪرندو ته سندس وڏن جو احوال به اوسَ ئي ڏيڻو پوندو.

بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون ماءُ جي طرف کان صفوي حڪمرانن ۽ پيءُ جي طرف کان مغل بادشاهن جي خاندان مان هئي. ”ايڊوڪيٽ انڊيا“ مورخه 16- سيپٽمبر 1902ع جي مهيا ڪيل معلومات مطابق، بيگم نصرت هارون جو پڙڏاڏو مرزا ناظم شاهه، جيڪو 1806ع ۾ ڄائو، سو مغل سلطنت جي آخري حڪمران بهادر شاهه ظفر جو ڀاءُ هو. 1857ع جي جنگ آزاديءَ کان پوءِ کيس پنهنجي ڀاءُ سان گڏ هندستان مان ملڪ نيڪالي ملي، هن 1902ع ۾ معلمين رنگون ۾ وفات ڪئي.

بيگم نصرت جو والد مرزا نياز علي خان عرف ڊاڪٽر حاجي ولد نسيم شاهه به انهن حالتن جو شڪار ٿيو. جلا وطن ٿيل قافلي هن ننڍي نينگر کي پٽنا ۾ خاندان جي هڪ خيرخواهه جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر حاجي تعليم ۽ تربيت اتي ئي ورتي، مگر پوءِ هندستان مان سندس دل ڀرجي آئي، ان ڪري لڏي وڃي ايران جي شهر اصفهان ۾ آباد ٿيو.

”اصفهان نصف جهان“ ڊاڪٽر حاجي مرزا نياز علي خان لاءِ مڪمل جهان بڻجي ويو. اتي شاهه بيبي نالي صفوي خاندان جي هڪ نينگريءَ سان نينهن لڳي ويو، جيڪا تن ڏينهن اتي هڪ ڪرسچن اسڪول ۾ پڙهندي هئي. نيٺ انهيءَ نينهن کين اهي ڏينهن به ڏيکاريا جو هو پاڻ هڪٻئي سان ازدواجي رشتن ۾ ملي هڪ ٿي ويا.

بيگم نصرت هارون جي ناني جو نالو موسيٰ خان هو، جيڪو ان وقت ايران ۾ ناظم الاطباء ِّ  جي عهدي تي فائز هو. سندس هڪ مامو سالن جا سال بهان جو گورنر ٿي رهيو. بيگم نصرت هارون جا والدين جڏهن عراق جي زيارت لاءِ وڃي رهيا هئا ته سفر دوران ”ڪرمان شاهه“ ۾ کين هڪ نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو معصومه رکيائون، جيڪا پوءِ اڳتي هلي نصرت جي نالي سان مشهور ٿي.

ڊاڪٽر حاجي مرزا نياز علي خان جي طبيعت سير سفر ڏانهن مائل هوندي هئي، ان ڪري کيس ڪنهن هڪ هنڌ تي قرار ڪونه آيو. سندس نياڻي معصومه اڃا معصوم ٻار هئي ته هن واري وٽيءَ عراق، مڪلا، عدن، بمبئي، زنجبار، ايران ۽ بصري جو سير ڪيو. نصرت خاتون جڏهن هڪ سال جي ٿي ته سندس والد ڪراچيءَ جو چڪر به ڪاٽي ويو ۽ اهو شهر کيس پسند اچي ويو. پر اتي آباد ٿيڻ جو فيصلو گهڻو دير سان ڪيائين.

بيگم نصرت هارون جي ولادت 9- فيبروري 1896ع تي ٿي، ليڪن پاڻ جڏهن سورهن سالن کي پهتي ته سندس والدين لڏي اچي 1911ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا.

نصرت جي ابتدائي تعليم سندس گهر ۾ ئي ٿي. ان کان پوءِ هن روايتي تعليم جو آغاز ايران ۾ ئي ڪيو. مگر جيئن ته سندس والد جي اها دلي تمنا هئي ته هن جي نياڻي ڊاڪٽرياڻي ٿئي، ان ڪري کيس ڪراچيءَ جي انگريزي اسڪول ۾ ويهاريو ويو. سندس والد وري هڪ منو ٿي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اسپتال کولي ويهي رهيو.

عظمت ۽ آزاد خيالي:

ڊاڪٽر حاجي ٻن مقصدن خاطر لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺو هو. پهريون مقصد هيءُ هو ته سنڌ جي سٻاجهي ڌرتيءَ ۽ ماحول سندس سياحت پسندي کي ماٺيڻو ڪري، ماءُ جي گود جيان هن کي هڪ قسم جي هٻڪار مهيا ڪئي. ٻيو سبب هيءُ هو ته ايران کان وٺي عراق تائين سندس عزيزن ۽ دوستن کانئس معصومه جي سڱ جي پئي گهر ڪئي، مگر هن جي خواهش اها هئي ته سندس نياڻي پڙهي پرجهي ڊاڪٽرياڻي ٿئي ۽ دکي انسانيت جي خدمت ڪري. مگر مقدر جا لکيا پنهنجا آهن. نصرت جي شادي ته حاجي عبدالله هارون سان ٿيڻي هئي.

نصرت خاتون 1913ع ۾ حاجي عبدالله هارون سان شادي ڪري نه رڳو عورت جي جي آزاديءَ جو عملي ثبوت ڏنو، پر پنهنجي عظمت جي ساک به ڀري. بلاشبه اها شادي نصرت بيگم جي والدين جي سرپرستيءَ ۾ ٿي، ليڪن ور ۽ ونيءَ هڪ ٻئي جي چونڊ پاڻ ڪئي هئي. اهي مڙئي محبت جا رنگ ۽ هن عورت جي عظمت هئي. هونءَ نه ته اهڙيءَ شاديءَ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي، ڇو ته هڪ طرف حاجي عبدالله هارون بيگم نصرت کان ڀريا چوويهه سال وڏو هو ۽ ٻئي طرف ٻنهي جي وچ ۾ مذهبي عقيدن جي مضبوط ديوار موجود هئي. عبدالله هارون سني طبقي مان هو ته بيگم نصرت وري اهل تشيع خاندان مان هئي. ان کان وڌيڪ ڳرو مسئلو هيءُ هو ته حاجي عبدالله هارون جون هن کان اڳ ٻه شاديون ٿيل هيون ۽ هن نئين شاديءَ کي ڳچ عرصي لاءِ ڳجهو رکڻو هو. پر پوءِ به عظمت انهيءَ عورت جي، جنهن غير معمولي قدم کڻي حاجي عبدالله هارون جي گهر ڌياڻي بڻجڻ جي هام هنئين. نيٺ شادي ٿي. معصومه بيگم نصرت بڻجي حاجي عبدالله جي گهر ۾ آئي. گهر ۾ خوشيءَ ۽ آرام جو دروازو کلي پيو ۽ حاجي صاحب پنهنجي واپار، سماجي ڪاروبار کي درست ڪرڻ، ۽ زندگيءَ کي پرامن ۽ معنيٰ خيز بنائي، ان ۾ خوشيءَ جو خزانو ميسر ڪري ڏيڻ ۾ بيگم صاحبه نهايت خوش اسلوبيءَ سان پارٽ ادا ڪيو.

سچو ساٿي:

ان جي معنيٰ اها نه آهي ته بيگم صاحبه صرف گهرو معاملن سان پئي واسطو رکيو، ليڪن هن حاجي صاحب جي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ رفيق ۽ ساٿي بنجي کيس مدد ۽ سهارو پئي ڏنو. سهارو به اهڙو جو هوءَ پاڻ پنهنجي ور جي وفات کان پوءِ ٻٽيهه سال زنده رهي، ليڪن انهيءَ عرصي ۾ قوم ۽ خاندان جي ائين خدمت ڪيائين، ڄڻڪه هاڻ هوءَ بيگم نصرت هئڻ سان گڏوگڏ حاجي عبدالله هارون به پاڻ بڻجي وئي هجي. هن پنهنجي ور جي سمورين خواهشن کي عملي جامو پهرائي، گهرڌڻيءَ جي سمورن خوابن جا تعبير ڪري ۽ سندن منصوبن کي مڪمل ڪري پوءِ هيءَ دنيا ڇڏي.

قوم جي خاطر:

بيگم نصرت هارون جي شادي 1913ع ۾ ٿي. هن جا پهرين پنج سال پنهنجي وَرَ ۽ گهر ٺاهڻ ۾ لڳي ويا. انهيءَ مختصر عرصي ۾، چئن رپين سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪرڻ وارو انسان وڃي انهيءَ حيثيت کي پهتو، جو هاڻي ذريعه معاش هن لاءِ ڪو گنڀير مسئلو نه وڃي رهيو. پاڻ مڇيءَ مانيءَ لائق ٿي پيو. واپار کان سواءِ سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ لڳو. شاديءَ واري سال ۾ ئي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. انهيءَ ئي عرصي دوران اعزازي ماجسٽريٽ ٿيو ۽ انهيءَ ئي سال ”هلال احمر سنڌ“ جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان جماعت جي رپورٽ شايع ڪرائي، پنهنجي آئيندي جي منصوبن جو خاڪو چٽيائين.

بقول مرحوم حاتم علويءَ جي، ته ”بيگم نصرت پنهنجي ور جي انهن صلاحيتن کي پرکي ورتو“، ليڪن کيس انهن کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جو موقعو تڏهن مليو، جڏهن سنڌ ۽ هند جا مسلمان ترڪيءَ واري مسئلي تي باهه بڻجي اڀريا ۽ ”خلافت تحريڪ“ جو آغاز ٿيو. هن جوڙي پنهنجي شاديءَ جي ڇهين سالگرهه ڏيئا ۽ لاٽيون ٻاري نه، مگر تحريڪ ۾ عملي طور حصو وٺي ملهائي. بيگم نصرت هارون انهيءَ تحريڪ کان وٺي پاڪستان جي تحريڪ تائين پنهنجي ور کي هڪ سچي ساٿي جيان سهارو ڏنو.

هن تحريڪ حاجي عبدالله هارون کي سنڌ جي جغرافيائي سرحدن کان ڪڍي هند جي چوٽيءَ جي اڳواڻن ۾ آڻي بيهاريو. هو نه رڳو سنڌ خلافت ڪاميٽيءَ جو سالن جا سال صدر ٿي رهيو، مگر آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جي اڳواڻي به ماڻيائين. پر انهيءَ منزل تي رسڻ ۾ جيترو عمل دخل حاجي عبدالله هارون جي ذهانت، نيڪ نيتي ۽ خلوص جو هو، اوترو هٿ وري سندس ونيءَ جي ساٿ جو هو.

جنهن جي ماني تنهن جي ڪاني:

ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته بخت يا ڀاڳ اصل ۾ آهي ئي گڻن جو نالو. جنهن انسان ۾ گڻن جي گهڻائي هوندي، اهو ئي منزل ماڻي ٿو. ”خلافت تحريڪ“ هلي ته هن گهر کي پنهنجن گڻن ۽ اخلاقن  ڏيکارڻ جو موقعو مليو. زال مڙس تحريڪ ۾ ائين حصو ورتو، ڄڻ ته سندن ئي مسئلو هو. سندن گهر خلافت تحريڪ جو مرڪز بڻجي ويو. سنڌ جي ناميارن خلافتين کي هن گهر مان ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي خوشبوءِ اچڻ لڳي. ڏسندي ڏسندي مولانا تاج محمود امروٽي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولوي دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، قاضي شمس الدين احمد،  شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا ڪيترائي خلافتي اڳواڻ حاجي عبدالله جا ساٿي بڻجي بيهي رهيا.

هن تحريڪ دوران حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ سنڌ صوبائي خلافت ڪانفرنسون ٿيون. ان کان پوءِ ڪراچي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ٿي. انهيءَ موقعي تي اندريان يا ٻاهريان جيڪي به مهمان آيا، انهن جو گهڻوتڻو آڌر ڀاءُ حاجي عبدالله هارون ٿي ڪيو. هو مڙئي مڻيادار مائي بيگم نصرت هارون جا مهمان ٿي رهيا، جنهن پنهنجي مهمان نوازي، سخاوت ۽ خوش خلقيءَ سان پراون کي به پنهنجو ڪري ڇڏيو. ائين حاجي عبدالله هارون جي هاڪ هر هنڌ ٿيڻ لڳي. سندس عزت ۽ شهرت جا ڳڻ هرڪو ڳائڻ لڳو. سندس گهرڌياڻي تحريڪ آزاديءَ جي راڻي بڻجي اڀري. جيئن جيئن تحريڪ زور وٺندي وئي، تيئن تيئن هن مائي جي فهم ۽ فراست جا رنگ ظاهر ٿيندا ويا. مذهب پسندي ۽ وطن دوستي جو هر ڪو معاوضو هن عظيم عورت ڀري ڏنو. ڪراچي خلافت ڪانفرنس جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ هند جي خلافتي اڳواڻن تي جڏهن 1921ع ۾ بغاوت جو ڪيس هليو ۽ چڱا ڀلا انسان وڃي ڪنڊ پاسي ٿيا، تڏهن انهيءَ ڪيس دوران علي برادران جا سمورا عزيز بيگم نصرت هارون جا مهمان ٿي رهيا. نه رڳو ايترو پر اهو سمورو عرصو آزاديءَ جي اسيرن کي جيل ۾ ماني ٽڪي هن گهر ئي پهچائي. اها به ان ڪري نه ته دنيا واهه واهه ڪري، مگر ان لاءِ ته متان اسيرن کي جيل اندر انگريز يا انگريزن جا ڇاڙتا کاڌي پيتي ۾ ڪا شيءِ نه ملائي کارائين.

”خلافت تحريڪ“ جي ڪهاڻي رڳو انهيءَ بغاوت واري ڪيس جي ڪهاڻي ڪانه آهي. هن تحريڪ دوران ”عدم تعاون“ جي تحريڪ هلي. ترڪ موالات تي عمل ڪيو ويو ۽ ”هجرت تحريڪ“ جو بنياد رکيو ويو. ان کان سواءِ مخالفن جي منهن بند ڪرڻ لاءِ لٽريچر شايع ڪرايو ويو ۽ خلافتي اڳواڻن جي وفدن جي اچڻ وڃڻ وقت سندن مالي مدد ڪئي وئي. انهيءَ سموري عرصي دوران بيگم نصرت هارون ۽ سندس پنهنجي ور پنهنجي پئسي کي پاڻيءَ جيان وهايو ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري تحريڪ کي هٿي ڏني، مگر اها به عقلمنديءَ ۽ ڏاهپ سان. بنهه اها ڳالهه پوري ڪري ڏيکاريائون ته ”نانگ به مري ۽ لٺ به بچي“. تحريڪ ائين هلايائون، جو اها سالن جا سال هلي. وري پاڻ ائين بچايائون، جو سندن وار به ونگو نه ٿيو.

ورچڻ ڇا جو وڙ:

”خلافت تحريڪ“ نيٺ هلي پنهنجن پوين پساهن کي پهتي. هن تحريڪ دوران مسلمانن کي جٿان ڪٿان مايوسي ڏسڻي پئي. حڪومت هنن سان وعدا ڪري ڦري وئي. هندن تحريڪ جي ڦوهه جوانيءَ ۾ سندن ساٿ ڇڏي ڏنو. ڪي مهاجر بڻجي افغانستان هجرت ڪري ويا، مگر ساٿ لٽائي موٽيا ۽ اتي به سندن دُڪو داخل نه ٿيو. ويترن سندن جذبن جي زخمن تي لوڻ ترڪيءَ جي حالتن وجهڻ شروع ڪيو. اتان به اهي آواز ٻڌڻ ۾ آيا ته اجهو ٿا مورڳو ”خلافت“ کي سرڪاري طور ختم ڪن. اهي ڳالهيون مسلمانن کي مايوس ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون.

ليڪن هارون خاندان اورچ هو ۽ ورچي وڃڻ لاءِ هي زال مڙس سکيا ئي ڪونه هئا. حاجي عبدالله هارون پهريون بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ پوءِ سينٽرل ليجسليٽو اسيمبليءَ جي ايوانن ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکاريندو رهيو ۽ بيگم هارون وري ڪراچيءَ ۾ هڪ نئين جوت جلائي.

اسيمبلين جا اجلاس سر حاجي عبدالله هارون ڪي اڪيلي سر ويهي ڪونه ڏٺا. مگر بقول سائين غلام مرتضيٰ شاهه ته: اسيمبليءَ جي اجلاسن جي موقعي تي، بيگم صاحبه اڪثر حاجي صاحب سان گڏ هوندي هئي. اتي ونڊسر پئلس ۾ حاجي صاحب جو دسترخوان هميشه کليل رهندو هو. مهمانن جي کاڌي پيتي ۽ انهن جي رهائش جي نظرداريءَ جو حاجي صاحب کي بيگم صاحبه جي هوندي فڪر نه رهندو هو. خلافت، مسلم ليگ، آل پارٽيز ڪانفرنس دهلي، مسلم ڪانفرنس ۽ ٻين اڪيچار جماعتن جي اجلاسن ۾ اڪثر  بيگم صاحبه ساڻس گڏ هوندي هئي. انهيءَ شموليت جيڪڏهن هڪ طرف بيگم صاحبه کي سياسي ۽ سماجي خدمت جي تربيت ڏني، ته ٻئي طرف حاجي صاحب کي سندس ساٿ رهڻ ڪري آرام، دلداري، همدردي، صلاح ۽ مشوري جي گهڻي مدد پئي ملي.

خلافت جي خاتمي کان پوءِ سنڌ ۽ هند ۾ سياسي حالتن وڏو ڦيرو کاڌو. سنڌي مسلمان اڳواڻن، جن ۾ حاجي عبدالله هارون پيش پيش هو، سنڌ جي سياسي ماحول ۾ خلافت تحريڪ واري ساڳيءَ گرم جوشيءَ کي برقرار رکڻ ۽ هندن جي تسلط مان جند ڇڏائڻ لاءِ ”سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي“ واري تحريڪ جو آغاز ڪيو. جيئن ته حاجي عبدالله هارون انهيءَ تحريڪ جي اڳواڻن مان هڪ هو.ان ڪري هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي کيس پنهنجي مسئلي جي وڪالت ڪرڻي پئي. بيگم نصرت هارون انهيءَ سياسي سفر ۽ جدوجهد دوران، سندس هميشه جيان همسفر، صلاحڪار ۽ ساٿي رهي.

حاجي عبدالله هارون، ”خلافت تحريڪ“ ۽ ”سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي“ واري تحريڪ جي پس منظر سبب پنهنجي شهرت ۽ قيادت جي گڻن جي لحاظ کان، سنڌ جون جاگرافي حدون ٽپي چڪو هو، ان ڪري 1935ع واري انڊيا ائڪٽ نافذ ڪرڻ کان اڳ وارين حالتن ۽ خاص طور تي هندو مسلمانن جي ”آئيني سڌارن“ واري ڇڪتاڻ، خواهه نهرو رپورٽ تي شديد رد عمل ڏيکارڻ وارن موڙن تي هو هندستان جي ناميارن مسلمان اڳواڻن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو.

وني ويٺي نه رهي:

هڪ طرف وَرَ جي اها منزل هئي، ته ٻئي طرف ونيءَ به پنهنجو وقت اجايو نه وڃايو. هوءَ پنهنجي گهر ڌڻيءَ سان هر موڙ تي گڏ ته هئي ئي هئي، پر پنهنجيءَ پر ۾ به گهڻو ڪجهه ڪيائين. هوءَ عورت هئي، ان ڪري ”عورت - ذات - اڌ ڪائنات“ کي نظرانداز ڪري نه پئي سگهي. سندس سـَـسُ 1926ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. ور ۽ ونيءَ جي صلاح بيٺي ته مرحومه حنيفه ٻائي جي نالي تي ڪو اسڪول قائم ڪيو وڃي. ساڳي ئي سال سندن اها خواهش عملي صورت وٺي بيٺي. ”حنيفا ٻائي ميمڻ گرلس اسڪول“ قائم ٿيو ته بيگم نصرت هارون عملي طور تي عورت ذات جي مدد ڪرڻ جهڙي ٿي.

هن عورت ذات جي ڀلائيءَ لاءِ جو ڪجهه ڪيو، اهو هڪ طرف سندس دلي خواهشن جو پڙاڏو هو ۽ ٻئي  طرف وقت ۽ حالتن جو عڪس.

تن ڏينهين وقت جي سرڪار جي ڪوششن سان هند ۽ سنڌ ۾ ”ليڊيز ايمپائر ائسوسيئيشن“ نالي جماعت جوڙي وئي، جنهن جي صدارت اڪثر ڪري ڪنهن وڏي عهدي واري انگريز جي گهرواريءَ لاءِ وقف هوندي هئي. حڪومت هن جماعت جوڙڻ يا جوڙائڻ وقت ڪهڙا مقصد اڳيان رکيا: اها خبر انهيءَ کي، مگر ڏيهي عورتن ان ۾ دلچسپي ان ڪري ورتي، جو کين هڪٻئي سان ملڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ٿي مليو.

انهن مقصدن کي ذهن ۾ رکندي بيگم نصرت هارون به جماعت ۾ شامل ٿي ويئي. هن تجربي مان بيگم صاحبه گهڻو ڪجهه پرايو. هيترين سارين ميمبر عورتن هن کي گوريون، هندواڻيون ۽ پارسياڻيون ته گهڻيون نظر آيون مگر، مسلمان عورتون اٽي ۾ لوڻ برابر.

هي اهو ئي وقت هو جڏهن ”خلافت تحريڪ“ عوام جي اندر ۾ انگريزن خلاف نفرت جي ٻج کي وڻ بڻائي ڇڏيو هو. ان زماني ۾ ليڊيز ايمپائر ائسوسيئيشن جي صدر، ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي گهرواري هئي. خود بيگم نصرت مسلم عورتن جي نمائندگي ڪرڻ واري حق جي نتيجي ۾ ان جي نائب صدرن مان هڪ هئي. عهديدارن جي چونڊن جو وقت آيو ته وطن دوست بيگم نصرت باغي بڻجي مهم هلائي ته هن دفعي ڪا انگريزياڻي اسان جي صدر نه ٿيندي. خود هن پنهنجي هم خيال سهيلين سان ملي اهي افواهه اٿاريا ته بيگم نصرت هارون کي صدر ٿيڻ جو شوق ٿيو آهي. پر انگريز سامراج جي هي دشمن ۽ غيرتمند عورت پنهنجي ڳالهه تي قائم بيٺي. نيٺ چونڊن جو وقت آيو، عين انهيءَ وقت بيگم نصرت هارون، هڪ پارسي عورت کي صدارت جي اميدوار طور پيش ڪيو، جيڪا اڪثريت سان چونڊجي ويئي.

بنهه ساڳي ئي دور ۾ سن 1927ع ۾ مارگريٽ اي. ڪوزنس جي ڪوشش سان هندستان ۾ ”آل انڊيا عورت ڪانفرنس“ ٿيڻ جو رواج پيو. مارگريٽ هندستان جي عورتن واري جماعت جي سيڪريٽري هئي. هنڌين ماڳين اهڙي قسم جون ڪانفرنسون ته ٿيون، مگر انهن ۾ به بيگم نصرت هارون اهو ڏٺو ته مسلم عورتون نه هئڻ جي برابر آهن.

انهيءَ احساس کي ڌيان ۾ رکندي هند جي مسلم عورتن پنهنجي ڪوشش ڪئي ۽ ”آل انڊيا مسلم ليڊيز ڪانفرنس“ سڏائڻ جو رواج وڌو، پر پوءِ به سنڌ جون عورتون پنهنجي همعصر عورتن کان الڳ ۽ ڪٽيل رهيون، ڇو ته سنڌ هندستان جي باقي حصن کان تمام گهڻو پري هئي.

انهيءَ احساس بيگم نصرت هارون کي سنڌ ۾ عورتن جي جماعت ٺاهڻ تي مجبور ڪيو ۽ آخرڪار سندس ڪوششن سان 1929ع ۾ ڪراچي ۾ ”انجمن اصلاح الخواتين اسلام“ نالي هڪ جماعت ٺهي، جيڪا سالن جا سال عورت ذات جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندي رهي.

يورپ جو سير:

عورتن جي اها تحريڪ مس اڃا عروج کي رسي ته حاجي عبدالله هارون کي ”اوٽاوا اڪنامڪس ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ملي.

ڀلا سک دک جو ساٿي هن سفر ۾ ڪيئن ٿي پنهنجي ور جو ساٿ ڇڏي سگهيو؟ نيٺ فيصلو ٿيو ته ور ۽ وني پنهنجي وڏور ڌيءَ ۽ پٽ سميت انهيءَ سفر لاءِ اسهندا ۽ آخرڪار ٿيو به ائين.

خوشبوءِ جو اثر جت ڪٿ ساڳيو:

جيڪڏهن جاچي ڏسبو ته بيگم نصرت هارون ۾ جيڪي به گڻ هئا، انهن سمورن مان مهمان نوازيءَ جو ڳڻ باقي ٻين تي فوقيت وٺي بيهي ٿو. شايد اهو ئي سندس هڪ مضبوط ۽ مؤثر هٿيار هو، جنهن سان پنهنجا ته ڇا پر پراوا به هن گهر جا گهڻ گهرا بڻجي پوندا هئا.

اوٽاوا ۾ ڪانفرنس هلي رهي هئي. وفدن جون ونيون گهمڻ ڦرڻ ۾ مشغول، مگر بيگم نصرت هارون جو ذهن پنهنجي ور کي وڏيءَ منزل تي رسائڻ لاءِ سوچي رهيو هو. هوءَ هڪ ڏينهن هوٽل جي بورچيخاني ۾ هلي وئي ۽ بورچيءَ کي هدايتون ڏئي، هڪ ديسي ڊِش تيار ڪرايائين. جڏهن بورچي امتحان مان ڪامياب ٿيو، تڏهن موقعو ۽ مهل وٺي بيگم هارون ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن سمورن وفدن کي مانيءَ جي دعوت ڏني. ماني اڳيان آئي. مهمانن اڳيان معمول جي برعڪس ”مشرقي کاڌو“ رکيل هو. ماڻهن ماني کائي ڍوَ ته ڪيا، پر پوءِ بيگم نصرت هارون جي تعريف ڪرڻ مان ڪو ڍاپي ئي نه پيو. هن پنهنجي ڏاهپ ۽ گڻن جي خوشبوءِ هت به پکيڙي ڇڏي. ان دعوت کان پوءِ ”هارون فيملي“ باقي آيل وفدن کان وڌيڪ مان ۽ مرتبي جي نگاهن سان ڏٺي وئي. هنڌين ماڳين هن خاندان جون دعوتون ٿيڻ لڳيون. خاص گڏجاڻين جا بندوبست ڪيا ويا ۽ هن ڀاڳوند مائيءَ ۽ سندس خوشنصيب ور سان ڪئناڊا وارن به وڏا وڙ ڪيا، تان جو مسٽر آر. ڪي. شنمکم چيٽي، جو ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ڊپٽي پريزيڊنٽ ۽ اوٽاوا ڪانفرنس جي وفدن جو پڻ هڪ ميمبر هو، کي چوڻو پيو ته:

“From the day the Begum Saheba arrived in ottawa until she left Canada with her distinguished husband she with her talented daughter Dowlat Haroon did everything that she could to acquaint canadians of the ideals and aspiration of the women of india and to remove the prejudices which existed in the minds of many in Canada.....

Begum Haroon, did, during her six weeks stay in Canada, what ten political missions could not have done in ten months.”

اڃا جوت جلي پئي:

بيگم صاحبه يورپ جي سفر کان واپس وري. سندس ڪراچيءَ ۾ بي مثال نموني جي آجيان ڪئي وئي. هوءَ جنهن انجمن جو بنياد پنهنجي هٿن سان پاڻ رکي وئي هئي، اها پڻ ڀرين ٽن سالن جي ڄمار کي پهتي هئي. ان ڪري پنهنجي باني ۽ محسن کي وسارڻ، ان جي وس کان ٻاهر هو. ”انجمن اصلاح الخواتينِ اسلام“ طرفان بيگم جي شان ۾ پارٽيءَ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي عورتن کان سواءِ هند جي عورتن جهڙوڪ بيگم شمس الدين (آغا خان جي سوٽ - پونه)، بيگم شريفه شيرازي (بمبئي) ۽ ڊاڪٽر مسز پينل (دهلي) به شرڪت ڪئي.

”انجمن اصلاح الخواتينِ اسلام“ ڀليءَ ڀت پاڻ موکيو. ڪراچيءَ جون ڪيتريون ئي عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ لائق ٿيون. اهڙين عورتن جا جيڪڏهن ويهي نالا ڳڻائبا ته وچور طويل ٿي ويندو، پر پوءِ به ڪن جا نالا تاريخ جي ورقن جي حوالي ڪرڻا ئي آهن. اهڙين عورتن مان مسز اي شڪور ڏوسل، مسز عثمان ڏوسلاڻي، مسز حاجي ڏوسل، مسز ابوبڪر، مسز جمع سليمان، مسز خير محمد، مسز اي. ايڇ. فدو ۽ مسز علي محمد جا نالا ذڪر لائق آهن.

هن انجمن جو وڏو ڪارنامو اهو هو ته ان سنڌي مسلمان عورتن ۽ نياڻين کي تعليم وٺڻ طرف راغب ڪيو. بيگم نصرت هارون جي ذاتي ڪاغذن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر آپا اشرف به هن تحريڪ جي پيداوار آهي. سندس تعليم جو سلسلو انهيءَ تحريڪ جي نتيجي ۾ شروع ٿيو.

هن انجمن سالن تائين سنڌ جي عورتن، خاص طور ڪراچيءَ جي عورتن کي زندگيءَ جا اصلي روپ ويجها ڪري ڏنا. انجمن طرفان اڪثر ڪري بيگم نصرت هارون جي گهر عيد ميلادالنبي جا جلسا، سماجي گڏجاڻيون، ۽ ثقافتي نماءَ ٿيندا هئا. اهڙن موقعن تي ننڍي پيماني تي عورتن لاءِ مينا بازار جو بندوبست به ڪيو ويندو هو. ان کان سواءِ عورتن جي ڀلائي ۽ اخلاقي موضوعن تي ڊراما به اسٽيج ڪرايا ويندا هئا. انجمن جي اهڙين گڏجاڻين ۾ سنڌ کان سواءِ هند جي مختلف هنڌن جون عورتون به اچي شامل ٿينديون هيون.

هن انجمن نه رڳو سنڌ جي عورتن کي، مگر هند جي عورتن کي به متاثر ڪيو، تان جو بيگم نواب اسماعيل خان ميرٺ، يورپ ۾ ان جي شاخ کولي ۽ اتي بيگم نصرت جي هن تحريڪ کي عورتن لاءِ واٽ جي لاٽ بڻايو.

بيگم نصرت هارون انهيءَ پنهنجي انجمن کان سواءِ ”آل انڊيا وومين ڪانفرنس” ۽ ”آل انڊيا مسلم ليڊيز ڪانفرنس“ ۾ به بهرو ورتو ۽ اتي به پنهنجا جوهر ڏيکاريا.

مادري زبان:

سال 1934ع جي 29-ڊسمبر تي ”آل انڊيا وومين ڪانفرنس“ جو نائون اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو. انهيءَ ڪانفرنس جي ڪارروائي 2- جنوري 1935ع تائين لڳاتار چار ڏينهن هلي. هن ڪانفرنس ۾ بيگم نصرت هارون، جو ڪردار ادا ڪيو، اهو اڃا به تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي.

انهيءَ ڪانفرنس کان اڳ 25- ڊسمبر 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ ”ڪراچي عورت ڪانفرنس“ جي نالي سان سنڌ جي عورتن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت ”آل انڊيا وومين ڪانفرنس“ جي منتظمـه مسز ايس. سي. مکر جي ڪئي هئي. انهيءَ موقعي تي ڪيترائي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، ليڪن هڪ ٺهراءُ تي بحث بيگم نصرت هارون جي عظمت جي شاهدي ڏئي ٿو.

انهيءَ ٺهراءُ ۾ چيو ويو هو ته هنديءَ يا اڙدو کي سموري هندستان ۾ تعليم جو ذريعو بڻايو وڃي، ليڪن بيگم نصرت هارون ان ٺهراءُ جي شديد مخالفت ڪئي ۽ چيو ته رڳو مادري زبان ئي انسان جي امنگن جي اظهار جو قدرتي ذريعو ٿئي ٿي. بيگم صاحبه جي انهيءَ مخالفت سبب ٺهراءُ جي ٻولي بدلائي ان کي ”گهر“ بدران ”تجويز“ جو درجو ڏنو ويو.

حيثيت جي مڃتا:

ڪراچيءَ ۾ سڏايل آل انڊيا وومين ڪانفرنس جي موقعي تي بيگم نصرت هارون کي انهيءَ جماعتن جي نائب صدرن ۾ شامل ڪيو ويو. هنڌين ماڳين هن جي حيثيت کي مڃتا ملڻ لڳي ۽ سندس خدمتن جو اعتراف پنهنجن سان گڏ پراوا به ڪرڻ لڳا. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن اسڪول جو فنڪشن ٿيندو يا سنڌ کان ٻاهر دهلي، ميرٺ، عليڳڙهه ۾ ڪو جلسو ٿيندو هو ته بيگم صاحبه کان صدارت ڪرائيندي، ميزبان وڏو فخر محسوس ڪندا هئا. مزي جي ڳالهه اها هئي جو جيئن ور پنهنجي گهرو حالتن کان مجبور ٿي، پنهنجي تعليم جاري رکي نه سگهيو هو، تيئن سندس هيءَ وني به گهرڌياڻي ٿي، تعليم کي خيرباد چئي چڪي هئي. پوءِ به سندن انداز خطاب اهڙو جو هڪ دفعي بيگم نصرت لاءِ ”ڊيلي گزيٽ” اخبار کي لکڻو پيو ته:

She proved to be one of the finest public speakers among the Sindh Women in Karachi.”

هزارن جو مجموعو هوندو هو ته بيگم هارون ائين خطاب ڪندي هئي، ڄڻ ڄائي ئي خطاب ڪرڻ لاءِ هئي. تقرير جي فن کان سواءِ کيس تحريڪ جي فن تي به مهارت حاصل هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن دل ڀرجي ايندي هئس ته شعر و شاعري به ڪري وٺندي هئي. هن ايترو ڪجهه لکيو آهي، جنهن کي جيڪڏهن هڪ هنڌ گڏ ڪجي ته هوند هڪ ڪتابڙو ٺهي پوي.

بيگم نصرت هارون جي خدمتن جو اعتراف ڪندي 1937ع ۾ ڪراچيءَ جي ”وي.اين.ڪنهيا مها ودياله“ جي مرڪزي هال تي نالو ئي ”نصرت هال“ رکيو ويو. ائين ڪونه هو ته رڳو مٺائي ورهائي هال جو نالو مٽايو ويو، مگر ان جو افتتاح سنڌ جي تڏهوڪي گورنر جي گهرواريءَ ليڊي گرهام پاڻ ڪيو.

جيئن ڪراچيءَ ۾ سندس زندگيءَ ۾ سندس مڃتا ڪئي وئي، تيئن هڪ - اڌ سال کان پوءِ دهليءَ جي دريا گنج محلي ۾ ”زينت المساجد“ جي سامنهن سندس نالي پٺيان ”ايوانِ نصرت“ قائم ٿيو. انهيءَ جي افتتاح جي موقعي تي بيگم نصرت اتي پاڻ موجود هئي. مسز بي. ايل. نهرو ايوان جو افتتاح ڪيو هو ۽ بلبلِ هند سروجني نئڊو پنهنجي شاعري ٻڌائي هئي. هي ”ايوان نصرت“ اڳتي هلي دهليءَ ۾ مسلم ليگي سياست جو هڪ گهوارو بڻجي ويو. انهيءَ ۾ ڪيترائي تاريخ ساز فيصلا ڪيا ويا.

سخا ته ههڙي:

هارون خاندان جا دولت ڪمائي، اها ان لڪائي نه کاڌي، مگر پنهنجي هٿن کي ائين کولي رکيو، جيئن ڪنهن سخيءَ کي ئي جڳائي. بزرگ سياستدان قاضي فضل الله جو چوڻ آهي ته حاجي عبدالله هارون سراسري طور تي ٽي - چار سؤ مني آرڊر هر مهيني موڪليندو هو. اها سندس مستحق ۽ لائق شاگردن جي مالي امداد هوندي هئي. هڪ دفعي قاضي فضل الله صاحب، حاجي سر عبدالله هارون کان پڇيو ته: سائين! هي اوهان هيترو ڌن هر مهيني پيا ٿا اڻ ڏٺل ماڻهن ڏي ڏياري موڪليو. ڇا، اوهان کي يقين آهي ته اهي سڀ واقعي مستحق آهن؟“ ان تي، بقول قاضي صاحب جي، سر حاجي عبدالله هارون جواب ڏنو ته: ”آئون ته ڌڻيءَ جي نالي ڏيان ٿو، جيڪو نيتن جو پارکو آهي.“

هنن، ور ۽ ونيءَ، جي سخاوتون ڪيون، انهن جا ڪي تفصيل اڃان سندن خانداني رڪارڊ ۾ موجود آهن. بيگم نصرت هارون به پنهنجي ور جيان سخاوت ۾ پنهنجو مـَـٽ پاڻ هوندي هئي. سندن اهڙيءَ سخاوت جو عالم ڏسي، ٻيو ته ڇا، مگر وقت جي حڪومتن جو به مڪو مچي ويندو هو.

سنڌ جڏهن بمبئيءَ کان الڳ ٿي ۽ نئين گورنر اچي پاڻ پڌاريو ته سندس گهرواريءَ جيڪا پهرين سهيلي بڻائي، اها هئي بيگم نصرت هارون. ليڊي گرهام موقعي ۽ مهل سان بيگم نصرت هارون جي سخا واري گڻ کي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڀلائي وارن ڪمن ۾ ڪم آڻيندي هئي. ڪراچيءَ ۾ ”گرل گائيڊ“ جي هيڊ ڪواٽر جي نئين عمارت به ائين جڙي راس ٿي. اها جاءِ اڄ به بيگم نصرت هارون جي سخا جي ساک ڀرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ موجود آهي.

بيگم صاحبه، جيئن اڳ لکيو ويو آهي ته ڪا ڊگري نه رکندي به علم و ادب سان چاهه رکندي هئي، مگر وس پڳي هن علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جي ثابتي به ڏني. اهو ئي سبب آهي جو 1943ع ڌاري، سندس ئي نالي تي ڪراچيءَ مان هفتيوار ”نصرت“ جو اجراءَ ٿيو، جن جي هن مالي مدد ائين ڪئي، جيئن ”الوحيد“ جي ابتدائي دور ۾ حاجي عبدالله هارون انهيءَ اخبار جي ڪئي.

تحريڪ پاڪستان:

اڄڪلهه اهو ٻڌو ۽ پڙهيو وڃي ٿو ته قائداعظم محمد علي جناح جڏهن هندستان جي سياسي حالتن کان ڪنهن حد تائين مايوس ٿي وڃي انگلستان ۾ ويٺو ته هتان ڪن قوم جي هڏ ڏوکين ڏانهس خط لکي واپس اچڻ لاءِ تيار ڪيو. ليڪن حقيقت جو هڪ ٻيو روپ به آهي ۽ اهو هي آهي ته بيگم نصرت هارون پنهنجي خاندان سميت جڏهن اوٽاوا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ انگلستان پهتي ته سڀ کان پهرين هن ئي خاندان کي اهو احساس ٿيو ته هندستان جي آزادي خواه ورهاڱي لاءِ مسلمانن جي هڪ وڏي اڪثريت کي قائداعظم محمد علي جناح جي اڳواڻي جي ضرورت آهي. انهيءَ احساس کي هن گهراڻي عملي جامو به پهرايو. جيئن ته حاجي عبدالله هارون ۽ قائداعظم محمد علي جناح ٻالپڻي کان وٺي هڪٻئي جا يار هئا ۽ هڪ تعليمي اداري (سنڌ مدرسي) ۾ پڙهيا هئا، ان ڪري اهو رشتو هتي به ڪم آيو. حاجي عبدالله هارون قائداعظم کي ۽ بيگم نصرت هارون محترمه فاطمـه جناح کي پنهنجي دليلن سان قائل ڪيو ته کين واپس ورڻ گهرجي.

پاڪستان جي بانيءَ جي اها واپسي محض دلاسن تي ٻڌل ڪانه هئي. مگر هارون خاندان ٻانهن ٻيلي ٿي، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي قائد سان گڏجي ڪم ڪيو. انهيءَ سلسلي ۾ هن خاندان جو وڏي کان وڏو تاريخي ڪارنامو هو سنڌ ۾ 1938ع واري صوبائي مسلم ليگ جي ڪانفرنس سڏرائڻ، جتي هندستان جي مسلمانن پهريون دفعو پاڻ لاءِ هڪ الڳ ۽ آزاد وطن حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

حقيقت ۾ اها ڪانفرنس ئي پاڪستان جي قيام جو بنياد بڻي ۽ بيگم نصرت هارون انهيءَ ڪانفرنس ۾ آيل مهمانن جي مهماني ڪري، پاڻ کي صحيح معنيٰ ۾ ”پاڪستان جي ميزبان“ ٿيڻ جو مرتبو ڏنو.

انهيءَ ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ جا پير پختا ٿيا. هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ خانبهادر الله بخش سومري جهڙي بهادر سياستدان کي اقتدار جي ڪرسي خالي ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو. مسجد منزل گاهه جي تحريڪ هلي. سنڌ ۾ چئن سون کان مٿي مسلم ليگ جون شاخون کليون.

جيئن حاجي سر عبدالله هارون کي سنڌ ۾ مسلم ليگ جي قيادت ڏني وئي، تيئن وري سندس ونيءَ کي سنڌ مان ”آل انڊيا مسلم ليگ وومين سب ڪاميٽي“ جي ميمبر طور کنيو ويو. هڪ سال کان پوءِ بيگم صاحبه ان سب ڪاميٽيءَ جي صدر نامزد ٿي. هنن ئي ڏينهن ۾ هن جي نالي پٺيان دهلي ۾ قائم ٿيل ”نصرت ڪلب“ مسلم ليگي سياست جو گهوارو بڻجي ويو.

بيگم صاحبه پنهنجي ور سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي لاهور واري تاريخي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ گهر ڌڻيءَ سان آل انڊيا مسلم ليگ جي آخري سالياني اجلاس، مدراس ۾ شرڪت ڪيائين، تنهن کان پوءِ ستت ئي سندس خاوند، خدا جي سڏ تي لبيڪ چئي هن کان جدا ٿي ويو.

ساٿيءَ بنا به سرواڻ:

اهو قدرت جو فيصلو هو ته بيگم نصرت هارون کان سندس ور کسيو وڃي، جيئن هوءَ ثابت ڪري ڏيکاري ته ساٿيءَ بنان به سرواڻ ٿي سگهي ٿي. بيگم صاحبه هن حادثي کي مقدر جو فيصلو سمجهي قبول ڪيو ۽ پنهنجي ور جي رهيل خواهه اڌورن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اڳي کان اڳري ٿي ڪم ڪرڻ لڳي. سندس ور 1942ع ۾ وفات ڪئي، مگر هن عظيم عورت 1943ع ۾ وري ”آل اَنڊيا مسلم ليگ“ جي سالياني اجلاس جي ميزباني ڪئي، ليڪن انهيءَ جلسي ۾ سندس ور نه پر فرزند يوسف هارون آڌرڀاءُ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين بڻيو.

ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جا ڪل ٽي تاريخي اجلاس ٿيا، جن مان ٻن جي ميزباني هارون خاندان، يا ائين کڻي چئجي ته نصرت هارون ڪئي. سڀ کان پهريون تاريخي اجلاس 1907ع ۾ ٿيو، جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ جو پهريون ساليانو اجلاس هو. ٻيو 1938ع ۾ ٿيو، جيڪو هو ته ”سنڌ پراونشل مسلم ليگ“ جو اجلاس، مگر ان جا هندستان جي تاريخ تي دور رس اثرات مرتب ٿيا. ٽيون اجلاس ڊسمبر 1943ع وارو هو، جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ جو آخري ساليانو اجلاس ٿيو. هن اجلاس جي ڪاميابيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو، ته رڳو ان ۾ عورتن جو تعداد ئي پنج هزار هو.انهيءَ اجلاس جي موقعي تي وري جڏهن مرڪزي عورتن جي سب ڪاميٽيءَ جي عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي ته بيگم نصرت هارون کي هن دفعي به ان جو صدر چونڊيو ويو.

هن وقت حاجي عبدالله هارون ساڻس گڏ نه هو، مگر بيگم هارون پنهنجي مرحوم ور جي سمورين خواهشن جو اهڙو ته احترام ڪيو، جو مسلم ليگ جي مردن واري گروهه جي قيادت، جتي قائداعظم محمد علي جناح ڪري رهيو هو، اتي عورتن جي اڳواڻي وري بيگم هارون ڪري رهي هئي.

بيگم هارون پنهنجي ور جي جدائيءَ واري داغ کي قومي خدمت واري پاڻيءَ سان ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پاڻ کي ايترو ته مصروف رکيو، جو سنڌ ۽ هند جي چپي چپي کي اٿلائي ڏٺائين. هوءَ مختلف هنڌن تي جلسن کي خطاب ڪندي رهي ۽ عورتن جون سب ڪاميٽيون قائم ڪندي وئي. جيئن ته نالو ئي سندس هو نصرت، ان ڪري فتح ۽ ڪامرانيءَ هر هنڌ سندس سلامي ڀري. اخبار ”خيبر ميل“ پشاور جو پرچو مورخه 3 - نومبر 1945ع، اڄ به انهيءَ جي شاهدي ڏئي ٿو. اخبار جي رپورٽ مطابق 20 - آڪٽوبر تي بيگم صاحبه نوشهره ۽ مردان جي جن جلسن کي خطاب ڪيو، ٻنهي شهرن جي تاريخ ۾ پهريون دفعو عورتن انهن جلسن ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت به اهڙي ڪئي، جو سندن تعداد چئن هزارن کان ڪڏهن به گهٽ ڪونه هو. سال 1946ع جو ڪجهه حصو بيگم صاحبه سنڌ ۾ گذاريو ۽ اتي جي عورتن کي مسلم ليگ جو پيغام پهچايو. وقت تيزيءَ سان گذرندو رهيو، تان جو 14 - آگسٽ 1947ع جو سج سندس خواهشن جو تعبير کڻي آيو.

ميزباني اڃا هلي پئي:

شايد ئي ڪنهن کي وهم گمان هو ته جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿيندو، تڏهن آباديءَ جي به مٽاسٽا ٿيندي ۽ لکين مظلوم، ڏتڙيل ۽ لٽيل پناهگير پنهنجي جان بچائڻ ۽ سر لڪائڻ لاءِ سنڌ جو رخ ڪندا.

بيگم نصرت هارون انهيءَ نازڪ وقت تي به پاڪستان خواهه پناهگيرن جي مدد ڪئي. هن نه رڳو سرحدن ۽ سرحدن کان پار لڏي ايندڙ قافلن کي ويلي ويلي تي ماني پهچائي، مگر پنهنجي گهر سي فيلڊ کي، جتي هندستان جون نامور هستيون مهمان ٿي رهيون هيون، تنهن کي ايندڙ قافلن لاءِ پناهه گناهه بڻائي ڇڏيو. هن پنهنجي گهر اهي ڏينهن چلهه جي باهه کي وسائڻ ئي نه ڏنو. ڪينٽينون قائم ڪيون، ڪپڙن جا انبار لڳايا ۽ پئسن جي ٽجوڙين جا منهن کولي ڇڏيا، نه رڳو ايترو پر پاڻ پنهنجي سر، سهيليون ساڻ ڪري، پنهنجي ڌيئرن نياڻين کي والنٽير بڻائي ڏتڙجي آيل دکي انسانن جا دک درد دور ڪندي رهي، بنهه ائين جيئن ڪا ماءُ پنهنجي اولاد جا سور سهي. ڀلا بيگم مرحومه ائين ڪري به ڇو نه، جڏهن ته سندس ور جي اها خواهش هئي ته پاڪستان جـُـڙي، ۽ جڏهن سندس دلي تمنا هئي ته مسلمان الڳ وطن جا ڌڻي ٿين. ڀل ته ٻيا اهي دعوائون ڪن ته پاڪستان هنن جوڙيو، مگر تاريخ جا ورق پاڻهي اها شاهدي ڏيندا ته پاڪستان جو ميزبان رڳو هارون خاندان ئي آهي. ٻين نوابن، رئيسن، راجائن ۽ مهاراجائن ويهي تماشو ڏٺو مگر هن خاندان پاڪستان لاءِ گهر ٻاري ڏياري ڪيو.

ملڪ کي بدنظر:

هارون خاندان ۽ انهن جهڙن ٻين ڪيترن بي لوث انسان نيڪ نيتي تي ٻڌل ڪوشش ڪئي. هنن اهو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن انگريزن جي حاڪميت قبول ڪرڻ لائق نه آهي ته پوءِ هندن جي ڀائپي به شايد ئي برداشت ڪري سگهجي، ان ڪري انهن الڳ وطن جي ڳالهه ڪئي. هارون خاندان کي ته انهيءَ خواهش جي تڪميل لاءِ گهڻين ڳالهين تان هٿ کڻڻو پيو هو. حاجي سر عبدالله هارون ته انهيءَ خطي جو رهواسي هو، جنهن جي تهذيب ۽ تمدن صدين کان وٺي عظيم ۽ قديم ڄاتي ويندي هئي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي پنهنجي صدين جي تهذيب، تمدن ۽ خود قوميت تان ان ڪري هٿ کنيو ته جيئن ڀلي ننڍي کنڊ جا مسلمان گڏجي گذارين ۽ ڏک سک ۾ هڪٻئي جا ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهن، مگر پاڪستان جڙيو ئي مس ته ان کي بدنظر کائي ويئي. باني بنجي ويا، جن ماءُ وانگر پنهنجي راتين جون ننڊون ڦٽائي 14- آگسٽ جي ڏينهن ڏسڻ جي تمنا کي دل ۾ سانڍي رکيو، تن جي اکين تي پٽين رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ سندن منهن تي هٿ رکڻ جا سعيا ڪيا ويا. اهي ڏينهن بيگم نصرت هارون تي به آيا. مرحوم حاتم علوي، بيگم صاحبه جي اهڙن ڏينهن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

“In the time of her glory and also when the stars did not shine upon the seafield House, she remained a steadfast tower of faith and strength”

اها انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، ملڪ ۾ پهريون دفعو مارشل لا لاڳو ڪيو ويو ۽ پنهنجي اقتدار خواهه اختيار جي بيساکي ڏيکارڻ لاءِ مرحوم صدر محمد ايوب بيگم صاحبه کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ چوڻ لڳو ته، ٻڌو اٿم ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اوهان جي دولت ۾ اضافو اچي ويو آهي.

اهو ٻڌندي ئي بيگم نصرت هارون اٿي بيٺي ۽ کيس وراڻيائين ته اسين پاڪستان کان اڳ به لکپتي هئاسين ۽ هاڻي به لکپتي آهيون. تو کي جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ڪرڻي آهي ته ڀل ڪر، مون کي گهرائي ٻڌائڻ جو ڪهڙو ضرور آهي. بيگم صاحبه اهو چئي ٻاهر نڪري هلي آئي.

بيگم نصرت هارون، جنهن پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جا ڀريا اڻويهه سال تحريڪ آزادي ۾ گذاريا ۽ نـَـو سال تحريڪ پاڪستان ۾ ڪم ڪري پنهنجي جواني کي نماشام تائين پهچايو. قدرت وري کيس ستاويهه سال پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ مشاهدي لاءِ مهيا ڪري ڏنا، ته ڀل مرحومه پنهنجي اکين سان ڏسي سگهي ته جنهن امانت جي ميزباني هن ڪئي هئي، جا امانت هن پنهنجي هٿن سان قوم جي حوالي ڪئي آهي، قوم ان جو ڪيترو قدر ڪري ٿي. سندس نصيب ۾ اهو به لکيل هو ته هوءَ اوڀر پاڪستان کي ”بنگلاديش“ جو روپ وٺندي ڏسي.

انهن ستاويهن سالن ۾ هيءَ سٻاجهي عورت پوءِ به ورچي ڪانه ويٺي. سندس ڪوششن سان ”اپوا“ جو قيام عمل ۾ آيو. هن جي ڪاوشن ”گل رعنا نصرت ڪلب ۽ انڊسٽريل هوم“ کي روح ڦوڪيو. ڪشمير جي جنگ کان وٺي 1965ع جي جنگ تائين، هن مرحومه هر موڙ تي جنگ جي محاذ تائين پنهنجي ملڪ جي مدد ڪئي. مختلف  يتيم خانن، تعليمي ادارن، سماجي تنظيمن ۽ مذهبي جماعتن جي مالي امداد ڪيائين. نيٺ اها عظيم عورت، جيڪا پنهنجي ذات ۾ انجمن هئي ۽ تحريڪ آزاديءَ جي تاريخ جي انجمن جي شمع هئي، سا 1974ع ۾ هميشه هميشه لاءِ وسامي ويئي، ليڪن سندس ڪارناما امر خوشبوءِ بڻجي صدين تائين پاڪستاني قوم کي هڳاءُ بخشيندا رهندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com