سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :10

 

 

 (12)

ڪميسار جي موت کان پوءِ سڄي 42 وارڊ جي زندگي بدلجي ويئي. هاڻي اتي ڪوبه ڪونه هو، جيڪو ڪا هڪڙي سٺي ڳالهه ٻڌائي. اسپتال ۾ ڇانيل غمناڪ خاموشيءَ کي ختم ڪري سگهندو هجي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن اسپتال جي هن وارڊ تي طاري ٿي ويندي هئي ۽ جڏهن هر شخص پنهنجي اداس سوچن ۾ غرق ٿي ويندو هو. هاڻي اتي ڪير به ڪونه هو، جيڪو گووزديف کي پنهنجي زنده دليءَ وارين ڳالهين سان پنهنجي بي ڪيف خول مان ڪڍي سگهي ۽ ڪير به ڪونه هو، جيڪو ميريسئف کي صلاح ومشورو ڏيندو هجي. هاڻي ڪير به ڪونه هو، جيڪو ڪوڪوشڪن جي بڙ بڙ کي هڪ اهڙي ڳالهه سان ماٺ ڪرائي ڇڏيندو هجي، جنهن ۾ ٽوڪ ته هجي، پر دل آزادي نه هوندي هجي. اها چقمق هلي ويئي هئي، جيڪا انهن سمورين رنگا رنگ هستين کي ميڙي چونڊي هڪ نقطي وٽ گڏ ڪندي هئي.

ليڪن هاڻي ان ڳالهه جي ايتري گهڻي ضرورت به ڪانه رهي هئي. وقت ۽ علاج پنهنجو ڪم ڪيو هو. سڀئي مريض تيزيءَ سان چڱا ڀلا ٿي رهيا هئا ۽ جيترو سندن موڪل ۾ ٿورو وقت بچندو پئي ويو، هو اوترو ئي گهٽ پنهنجي بيماريءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳا هئا. هاڻي هو اهي خواب پيا ڏسندا هئا ته اسپتال کان ٻاهر ڇا پيش اچي رهيو آهي؟ جڏهن هو موٽندا ته خاص خاص جٿا سندن ڪهڙي طرح آڌرڀاءُ ڪندا؟ انهن مان هرهڪ فوجي زندگيءَ لاءِ ڦٿڪي رهيو هو، جنهن جا هو عادي بنجي چڪا هئا. محاذ تي ڇانيل خاموشي به هڪ طوفان جو اشارو ڪري رهي هئي.

اسپتال مان نڪري عملي فوجي خذمتن سرانجام ڏيڻ لاءِ محاذ تي واپس وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. پر اليڪسيءَ لاءِ هي هڪ مسئلو بنجي چڪو هو. ڇا سکيا ۽ هنرمنديءَ سان پيرن جي تلافي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا هو هاڻي ڪڏهن به هوائي جهاز ۾ هواباز جي حيثيت ۾ ويهي سگهندو؟ هو وڌندڙ جوش ۽ جذبي تحت پڪي عزم سان پنهنجي منزل طرف وڌندو رهيو. هن پنهنجي ٽنگن جي ورزش جو وقت وڌائي ڇڏيو. گڏوگڏ هو هاڻي صبح شام ٻه ڪلاڪ ورزش ڪندو هو. پر اهو به کيس ٿورو لڳو ۽ هن وچين مهل به ورزش ڪرڻ شروع ڪئي. هو مجنوءَ وانگر لڳاءُ سان ورزش ڪندو هو. هو پنهنجي بدن کي اڳيان پٺيان ۽ ٻنهي پاسن ڏانهن ورائيندو ڦيريندو هو ۽ پوءِ ٻانهن ۽ ڪنڌ جي ورزش ڪندو هو، جو اهو منظر ڏسندي ڏاڍي تڪليف پهچائيندو هو. تنهن ڪري اهي مريض، جيڪي هلي ڦري سگهيا ٿي، سي ورزش وقت ڪمرو ڇڏي ورانڊي ۾ هليا ويندا هئا ۽ بستري تي پيل استروچڪوف وري ڪمبل مٿان ڍڪي سمهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. وارڊ ۾ ڪنهن کي به يقين ڪونه ٿي آيو ته ڪو پيرن وڍيل ماڻهو به هوائي جهاز اڏائي سگهندو. پر هن جي هيءَ ثابت قدمي ۽ جنون ڏسي سندس ساٿي هن جو احترام ڪرڻ لڳا هئا ۽ شايد هو پنهنجو اهو احترام کل ڀوڳ وارن فقرن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.

استروچڪوف جي گوڏن جي زخمن کي جيترو خطرناڪ سمجهيو پئي ويو، اهي ان کان وڌيڪ خراب ثابت ٿيا. اهي زخم بنهه آهستي آهستي ڀرجي رهيا هئا. هن ۾ چڙ وڌندي پئي ويئي. هو ٿوري ٿوري ڳالهه تان چڙي پوندو هو ۽ سڀني تي گارين جو ڌوڙيو لائي ڏيندو هو. وارڊ جي سمورن ساٿين طئي ڪري ڇڏيو هو ته جيڏي مهل هن تي چڙ جو دورو پوي ته ساڻس ڪير به نه ڳالهائي ۽ ڀلي هو دل جو بار هلڪو ڪري.

استروچڪوف پنهنجي بي صبريءَ جو سبب اهو ٻڌائيندو هو ته هو غسل خاني ۾ وڃي سگريٽ پيئڻ کان قاصد آهي. ٻيو ته ورانڊي ۾ نٿو وڃي سگهي ۽ آپريشن واري ڪمري ۾ وڃي ڳاڙهن وارن واريءَ نرس جو ديدار نٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه به هلائي ڇڏي هئي ته پٽي ڪرائڻ وقت ان نرس کيس اشارو پڻ ڪيو هو. ممڪن آهي ته ان ۾ ڪا سچائي به هجي، پر اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته هن تي اهي دورا ان وقت ٿي پيا، جيڏي مهل هو هوائي جهاز جو آواز ٻڌندو هو يا ريڊيو يا اخبار ۾ جنگ متعلق توڙي پنهنجي ڄاتل سڃاتل ساٿين بابت ڪا خبر ٻڌندو هو. ان سان ميريسئف ۾ به خوفناڪ بي صبري پيدا ٿي ويندي هئي، پر هو ان کي ضبط ڪري وٺندو هو ۽ اهڙي طرح استروچڪوف سان پنهنجي ڀيٽ ڪري کيس فتح جو احساس ٿيندو هو. کيس محسوس ٿيندو هو ته هو ان ماڻهو جي وڌيڪ ويجهو پهچي رهيو آهي، جنهن کي هن پنهنجي لاءِ آدرشي انسان، ”سچو انسان“ تسليم ڪيو هو.

ميجر استروچڪوف هڪ واٽ تي هلندو رهيو. هو تمام گهڻو کائيندو به هو ۽ تمام گهڻو کلندو به هو. هو ساڳئي وقت عورت جو عاشق به هو ته ساڳئي وقت عورتن کان بيزار به هو. هو خاص ڪري انهن عورتن جي سخت خلاف هو، جيڪي محاذ پٺيان هيون.

ميريسئف کي استروچڪوف جي ڳالهين کان سخت نفرت ٿيندي هئي. جڏهن اهو هن جون ڳالهيون ٻڌندو هو ته کيس اوليا ياد ايندي هئي يا ان ننڍي قد واري موسمي سرجنٽ جي تصوير اڀري ايندي هئي، جنهن جي باري ۾ هيءَ ڪهاڻي مشهور هئي ته هڪ ڀيري هڪ ٽرڙي سرجنٽ کي سنتري خاني ۾ هن رائفل جو قنداڪ هڻي، ڀڄائي ڪڍيو هو. هوءَ کيس گولي هڻي ڪڍي ها، پر قسمت زور هيس. اليڪسيءَ کي محسوس ٿيو ته استروچڪوف اهڙين ئي بيش بها عورتن تي گند اڇلائي رهيو آهي. هڪ ڏينهن جڏهن استروچڪوف پنهنجي بحث جو خاتمو انهن جملن تي ڪيو ته ”اهي سموريون هڪ جهڙيون آهن“ ۽ ”انهن مان ڪنهن کي به ”چپٽي وڄائيندي“ ٺاهي سگهجي ٿو“ تڏهن ميريسئف جي صبر جو پيالو ڇلڪي پيو ۽ هن پنهنجا ڏند ايتري ته زور سان ڀڪوڙيا جو سندس مٽون هيڊيون ٿي ويون.

”ڪنهن کي به؟“

”ها ها، ڪنهن کي به.“ ميجر ڏاڍي اطمينان سان ورندي ڏني. اوڏي مهل ڪلاوديا وارڊ ۾ داخل ٿي ۽ سڀني مريضن جي چهرن تي ڪشمڪش جا آثار ڏسي چيائين: ”ڇا ڳالهه آهي؟“

”اسان زندگيءَ تي بحث ڪري رهيا آهيون، نرس! هاڻي اسان ڳالهين بنائڻ کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهون؟“ ميجر هڪ تابناڪ مسڪراهٽ سان جواب ڏنو.

”نرس جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“ جڏهن نرس هلي ويئي، تڏهن ميريسئف ڪاوڙ ڀريل لهجي ۾ چيو.

”ڇا تنهنجي خيال ۾ هن جي ٻج ۾ ڪا ٻي شيءِ گاڏڙ آهي؟“

”ڪلاوديا کي ان قصي کان پري رکو. اسان وٽ هڪ معزز ماڻهو هو، جيڪو هن کي سوويت حور چوندو هو.“ گووزديف سختيءَ مان چيو.

”ڪير ٿو بازي لڳائڻ چاهي؟“

”بازي؟“ ميريسئف رڙ ڪئي. سندس اکين مان شعلا نڪرڻ لڳا. ”ڪهڙيءَ ڳالهه تي بازي ٿو لڳائڻ چاهين؟“

”پستول جي گوليءَ تي. جيئن پهرين آفيسر ڪندا هئا. جيڪڏهن تون کٽي ويندين ته آءٌ تنهنجي پستول جو نشانو بنيس ۽ جيڪڏهن آءٌ کٽي ويس ته تون منهنجي گوليءَ جو بک بنبين.“ استروچڪوف کلندي چيو ۽ سڄي واقعي کي هڪ کل ڀوڳ جو روپ ڏيئي، ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

”بازي؟ ۽ اهڙي بازي؟ شايد توکي وسري ويو آهي ته تون سوويت آفيسر آهين. جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه سچي نڪري ته تون منهنجي منهن تي ٿڪجانءِ.“ ميريسئف آڏي اک سان ڏانهس گهوريندي چيو. ”پر هوشيار ٿج، ائين نه ٿئي جو مون کي تنهنجي منهن تي ٿُڪڻو پوي.“

”جيڪڏهن بازي نٿا لڳائڻ چاهيو ته نه لڳايو، پر آءٌ بغير بازيءَ جي به توهان کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريندس ته آءٌ سچ ٿو چوان ۽ اسان کي نرس جي خاطر پاڻ ۾ وڙهڻ نه کپي.“

ان ڏينهن کان پوءِ استروچڪوف ڪم تي چڙهي ويو. هو کل ڀوڳ وارين ڪهاڻين سان ڪلاوديا جي دل وندرائيندو هو ۽ هو انهن قصن ڪهاڻين جو ته ماهر هو. پوءِ کيس پنهنجي گهرو ماحول ۽ اڪيلائي جي اذيت کان واقف ڪيائين.

هڪڙي ڏينهن شام جو پنهنجي ڊيوٽيءَ جي وقت ڪلاوديا وارڊ ۾ آئي. کيس ڪنهن مريض کي ته ڏسڻو ڪونه هو، پر مڙيئي ڪچهري ڪرڻ آئي هئي. هو استروچڪوف جي کٽ جي ٻانهين تي ٿي ويٺي. ميجر پنهنجو هڪ داستان ڇيڙي وڌو. ڪنهن به ڪونه ڏٺو ته ڇا ٿيو؟ پر هوءَ هڪدم ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهي. هر ماڻهوءَ مڙي ڏٺو. نرس منهن تي نفرت ميڙي، ڌکندڙ رخسارن سان ميجر کي گهوري رهي هئي. هو نادم ۽ شايد خوفزده به نظر اچي رهيو هو.

”ڪامريڊ ميجر، جيڪڏهن تون مريض نه هجين ها ۽ آءٌ نرس نه هجان ها ته تنهنجي منهن تي اهڙو ته چنبو وهائي ڪڍيان ها، جو ياد ڪرين ها ڪي ڏينهن!“

”اڙي اڙي ڪلاوديا! آءٌ قسم ٿو کڻان ته منهنجو مطلب هرگز......... ٻيو ته ان ۾ ڀلا رکيو به ڇا آهي...........؟“

”واهه! ان ۾ رکيو به ڇا آهي؟“ هاڻي نرس کيس ڪاوڙ مان نه پر حقارت ۽ نفرت سان ڏسندي چيو. ”تمام سٺو، ان کان اڳتي ڪجهه به چوڻ جي ضرورت ڪانهي. ٻڌو تو؟ ۽ هاڻي آءٌ توکي تنهنجي ساٿين جي سامهون چوان ٿي ته آئنده تون مون سان نه ڳالهائج. تون صرف دوا ۽ علاج جي باري ۾ مون سان ڳالهائي سگهين ٿو. چڱو موڪلاڻي ساٿيو.“

۽ هوءَ وارڊ مان هلي ويئي. دستور خلاف اڄ سندس قدم ڪجهه ڳرا ڳرا پئي لڳا ۽ هن پاڻ کي مطمئن ۽ پرسڪون رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.

هڪ پل لاءِ وارڊ ۾ سانت ڇانئجي ويئي. پوءِ اليڪسيءَ جو هڪ زهريلو ۽ فتح منديءَ وارو ٽهڪ گونجيو. هر ماڻهو ميجر تي چڙهي ويو: ”ڪيئن؟ توکي پنهنجي بدمعاشي جو نتيجو مليو نه؟“

ميريسئف اکين ۾ شرارت ڀري ۽ پنهنجي آواز ۾ ڪوڙي همدردي شامل ڪري کانئس پڇيو:

”ڪهڙو خيال اٿئي، هينئر ئي تنهنجي ٻوٿ تي کانگهارو ڪڍي هڻان، يا پوءِ ڪڏهن؟“

استروچڪوف جو منهن لهي ويو، پر هو پنهنجي شڪست مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو. ها، البت جيڏي مهل هن ڳالهايو ته منجهس پهريون جهڙو اعتماد نه رهيو هو.

”ڇا ٿي پيو؟ حملي جو جواب مليو آهي، وقتي هار ٿي آهي، پرواه ناهي. آءٌ ٻيهر ڪوشش ڪندس.“

هو آڌيءَ رات تائين سمهي نه سگهيو ۽ پنهنجي مُنهن ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو، ڄڻ پنهنجي ئي سوال جو پاڻ جواب ڏيندو هجي. رکي رکي آهستي آهستي سينڍ وڄائي رهيو هو.

ان کان پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد ڪوڪوشڪن کي اسپتال مان موڪل ملي. هن اسپتال ۾ ساٿين کان موڪلائڻ مهل کين چيو ته سندس ماءُ جا خط اچن ته سنڀالي رکن ۽ فوجي دستي جي پتي تي ڏياري موڪلين. ميريسئف کيس چيو ته پنهنجو حال لکج ته دوستن تنهنجو ڪيئن آڌرڀاءُ ڪيو؟

هن ستت ئي ميريسئف کي خط لکيو. خط ڏاڍو خشڪ لهجي منجهه ۽ ڪاروباري انداز ۾ لکيل هو. پنهنجي باري ۾ هن فقط ايترو لکيائين – لڳي ٿو ته منهنجي اچڻ جي دوستن کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. اهو به لکيو هئائين ته موجوده جنگ ۾ پنهنجي جٿي کي گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، تنهنڪري جيڪو به جٿي ۾ ايندو، پوءِ ڀلي گهٽ تجربيڪار هجي، پر بروقت ڊيوٽي تي لڳايو ويندو. هن مري ويلن ۽ زخمي ٿيلن جا نالا به لکيا هئا ۽ لکيو هئائين ته ميريسئف کي اڃا تائين دستي ۾ ماڻهو ياد پيا ڪن. ونگ ڪمانڊر، جيڪو هاڻي ترقي ڪري ليفٽيننٽ ڪرنل ٿي ويو آهي، ان جڏهن سندس جسماني ڪرتبن ۽ ٻيهر هواباز بنجڻ جي اٽل ارادي بابت ٻڌو ته چيائين ميريسئف ضرور واپس ايندو. هو انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي پنهنجي ڳالهه پوري ڪري پوءِ جند ڇڏيندا آهن...... هن جي ڳالهه ٻڌي چيف آف اسٽاف چيو ته بهرحال، ناممڪن ممڪن ٿي نه ٿو سگهي. انهيءَ تي ونگ ڪمانڊر چيو ته ميريسئف جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪابه ڳالهه ناممڪن ڪانهي. اليڪسيءَ کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته خط ۾ ”موسمي سرجنٽ“ متعلق پڻ ٻه ٽي لفظ لکيل هئا. ڪوڪوشڪن لکيو هو ته سرجنٽ مٿس سوالن جي اهڙي ته بمباري شروع ڪئي جو نيٺ کيس حڪم ڏيڻو پيو ته ”ابائوٽ ٽرن مارچ!“ ڪوڪوشڪن آخر ۾ لکيو هو ته کيس پهرئين ڏينهن ئي ٻه ڀيرا جنگ ۾ حصو وٺڻو پيو هو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر رجمينٽ ۾ نوان ”لا – 5“ جهاز ايندا. آندرئي انهن جهازن کي آزمائي چڪو آهي. ان جو چوڻ آهي ته هن هوائي جهاز جي مقابلي ۾ سڀ جرمن جهاز بنهه بيڪار آهن.

(13)

هن ڀيري گرميون ڪجهه اڳڀرو شروع ٿي ويون هيون. هڪ ڀيري گرمين ۾ صبح جو سوير ڪلاوديا وارڊ ۾ آئي ته هوءَ ڏاڍي ڳنڀير پئي لڳي. ساڻس گڏ هڪ پوڙهو ماڻهو هو، جنهن کي لوهه جي ڪامن واري عينڪ پاتل هئي، جنهن کي هن ڏور سان مٿي جي پويان ٻڌي ڇڏيو هو. هو ڪلف لڳل سفيد نئون چوغو پائي آيو هو. هن ميريسئف جي کٽ جي پاسي ۾ هڪ ٻڌل هڙ رکي ڇڏي ۽ آهستي آهستي ان کي کولڻ لڳو. جڏهن ڪپڙو هٽيو ته ان مان نئون ۽ زرد نقلي پيرن جو جوڙو نڪتو، جيڪو انتهائي مهارت ۽ انتهائي خوبصورتيءَ سان ٺاهيو ويو هو. نقلي پيرن ۾ نوان ڀوري رنگ جا فوجي بوٽ پاتل هئا، جيڪي پيرن ۾ اهڙا ته ٺهيا ٿي جو ڄڻ اصلي پئي لڳا.

”هاڻي رڳو رٻڙ جي بوٽن جي هڪ جوڙي جي ڪسر باقي رهيل آهي، پوءِ ته تون انهن کي پائي، مزي سان پنهنجي شادي ۾ وڃي سگهندين.“ دستڪار چيو ۽ عينڪ جي مٿان پنهنجي ڪارنامي کي تعريف ڀريل نگاهن سان تڪڻ لڳو. ”واسيلي واسيلي وچ پاڻ آرڊر ڏنو هو. هن چيو هو: ’ٻڌ زوئيف، نقلي پيرن جو هڪ اهڙو جوڙو ٺاهه؛ جو بنهه اصلي پيرن کي به ماري وڃي.‘ اچي وٺ! هي آهن اهي پير، زوئيف جا ٺاهيل آهن. بادشاهه پائي ته اهو به ڪر خوشيءَ مان نچڻ لڳي.“

نقلي پير ڏسي ميريسئف جي ذهن کي ڏاڍو ڌڪ رسيو. هن جي دل ٻڏڻ لڳي، پر پوءِ يڪدم سندس من مان اهو احساس ويندو رهيو ۽ ان جي جاءِ تي وري انهن پيرن کي آزمائڻ ۽ بنا سهاري هلڻ جي شوق ڪَرَ موڙيا. هن پنهنجون وڍيل ٽنگون ڪمبل مان ڪڍيون ۽ دستڪار کي چيو ته هڪدم پائي. پر پوڙهي کي جلديءَ وارو خيال ڪجهه وڻيو ڪونه. هن جي دعويٰ هئي ته ڪنهن وقت هن هڪ راجمڪار لاءِ نقلي پير ٺاهيا هئا، جنهن گهوڙن جي ڊوڙ ۾ پنهنجي ٽنگ ڀڃائي هئي. هن کي پنهنجي تخليق تي تمام گهڻو ناز هو ۽ هو پنهنجي گراهڪ جي خواهش پوري ڪرڻ واري راحت ۽ سڪون کي ڊيگهه ڏيڻ چاهيندو هو. ائين بس ’ڪم لٿو ڪاڳر ڦٽو‘ ۾ کيس مزو ڪونه ايندو هو. هن چاهيو ٿي ته سندس اڻ ملهه سوکڙيءَ جي ڪو تمام گهڻي واکاڻ ڪري ۽ هو ٻڌندو رهي ۽ ٽڙندو رهي.

”ڏاڏا پوڙها، هلي آ ته پاڻ هنن کي ٿورو آزمايون ته سهي!“ ميريسئف پلنگ جي ڪناري تي ويهي ٽنگون هيٺ ڪندي، بي صبري مان چيو. ”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ ’اچ اچ پئي پوني؟‘ چوڻ سولو آهي، پر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ پوڙهو بڙ بڙ ڪرڻ لڳو. ”واسيلي واسيلي وچ مون کي چيو هو ته زوئيف، پنهنجي زندگيءَ جو سڀني کان بهترين جوڙو تيار ڪج. هي ليفٽيننٽ بنا پيرن جي هوائي جهاز اڏائڻ چاهي ٿو. چڱو خير، اچي وٺ! آءٌ تيار ڪري آيو آهيان. هي ڏس، هنن پيرن سان صرف نه گهمي ڦري سگهندين، پر سائيڪل به هلائي سگهندين. ڇوڪرين کي چيلهه ۾ ڀاڪر پائي پولڪا ناچ به ڪري سگهندين........ بنهه عمدي شيءِ تيار ٿي آهي، ٻڌيئي؟“

هن اليڪسيءَ جي وڍيل کاٻي ٽنگ کي نقلي پير جي نرم ۽ اوني سانچي ۾ وڌو ۽ مضبوطيءَ سان ڇڪي ڌاڳا ٻڌيائينس، ٿورو پٺتي هٽي معائنو ڪيائينس ۽ پوءِ واکاڻ ڪرڻ ۾ لڳي ويو.

”بهترين بوٽ آهي! ماپ ۾ ته پورو اٿئي نه؟ ڪٿان چُڀئي ته ڪونه ٿو نه؟ منهنجو خيال آهي ته ڪونه ٿو چُڀي. سڄي ماسڪو ۾، ڀلي بتي کڻي پيو ڳول، پر زوئيف جهڙو ڪاريگر ڪونه ملنديئي.“

پوءِ هن ٻيو پير ٻڌو. پر اڃا هن ڏاڍو ٻڌو ئي مس ته ميريسئف ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهيو. پر اها ئي ساعت ته ڌڙام ڪري اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيائين. سندس وات مان رڙ نڪري ويئي ۽ هو سنئون سڌو وڃي فرش تي ڪريو. پوڙهي ڪاريگر کي ايڏو ته تعجب لڳو جو سندس عينڪ ڪرندي ڪرندي بچي. کيس اميد ئي ڪانه هئي ته ڪو سندس گراهڪ ايترو جلدباز کيڏاري ثابت ٿيندو. اليڪسي پٽ تي ٽنگون ٽيڙيو بيوس ۽ بي سُڌ پيو هو ۽ سندس اکين مان گهٻراهٽ، درد ۽ خوف لياڪا پائي رهيو هو. ڇا هو واقعي پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيئي رهيو هو؟

ڪلاوديا حيرت مان ٻئي ٻانهون ڇنڊي ڏانهس وڌي. پوڙهي ڪاريگر جي مدد سان هن اليڪسيءَ کي اٿاريو ۽ هنڌ تي ويهاريو. هو بي جان ۽ غمزده ويٺو رهيو. هو نااميديءَ جي حسرتناڪ تصوير ٿي لڳو.

”اي نوجوان! توکي ائين ڪرڻ نه گهربو هو.“ پوڙهي چيو. ”ائين ٽپ ڏنئي ڄڻڪ اصلي پير هجنئي. پر همت نه هارڻ گهرجي. توکي بنهه شروعات کان وٺي ئي هلڻ سکڻو پوندو. في الحال تون وساري ڇڏ ته ڪو تون سپاهي آهين. سمجهه ته تون هڪڙو ننڍڙو، پتڪڙو ٻار آهين ۽ توکي هڪ هڪ قدم ڪري هلڻ سکڻو آهي. پهرين گهوڙين جي مدد سان، پوءِ ڀتين کي جهلي ۽ ان کان پوءِ لڪڻ جي سهاري. اهو سڀ ڪجهه تون هڪ ئي ساهيءَ ۾ ته ڪري نه سگهندين. توکي ائين آهستي آهستي ڪرڻو پوندو. پر تون ته ائين ٽپ ڏيئي اٿي بيهي رهين. هي برابر سٺا پير ته آهن پر تنهنجا پنهنجا ته ڪونه آهن ني. هاڻي ڪوبه توکي اهڙا پير ٺاهي نٿو ڏيئي سگهي، جهڙا توکي تنهنجي ماءُ پيٽ ۾ ٺاهي ڏنا هئا.“

ان بدنصيب ٽپ کان پوءِ اليڪسيءَ جون ٽنگون ڏکڻ لڳيون هيون، پر ان جي باوجود به هو انهن کي هڪدم آزمائڻ لاءِ آتو هو. هنن هن لاءِ اليومينم جي گهوڙين جو هڪڙو جوڙو آندو هو. هن گهوڙين کي فرش تي رکي، سندن نرم مٿا بغلن ۾ دٻايا ۽ پنهنجي سڄي جسم جو وزن گهوڙين تي وجهي، پوءِ هن پنهنجي هڪ ٽنگ اڳيان وڌائي ۽ پوءِ ٻي. گڏوگڏ فرش تي کٽ کٽ جو آواز اڀرڻ لڳو.

”شاباس، مبارڪ هجيئي!“ ڪاريگر آهستي آهستي چيو. ميريسئف تمام گهڻي احتياط سان ٻه ٽي وڌيڪ قدم کنيا. پر انهن شروعاتي قدمن کڻڻ ۾ کيس ايڏي ته جاکوڙ ڪرڻي پئي هئي جو، جڏهن هو دروازي تائين پهچي واپس وريو ته کيس ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ هو ٻه مڻ وزن کڻي ڪا چار ماڙ چاڙهي چڙهي رهيو هجي. هو منهن ڀر بستري تي ڪري پيو. سندس سڄو بدن پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. هو ايترو ته نستو ٿي چڪو هو جو رڳو پاسو ورائي سڌو ٿي ليٽڻ جي به منجهس سگهه ڪانه رهي هئي.

”ڪيئن، پسند آيا نه؟ توکي ته خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جو هن دنيا ۾ اڃا زوئيف جهڙو ڪاريگر موجود آهي.“ پوڙهو ڪاريگر پيرن جا ڌاڳا به کولي رهيو هو ته ٻٽاڪ به هڻي رهيو هو. جڏهن هن جون ٽنگون ٻاهر نڪتيون ته نئين دٻاءَ جي ڪري ڪجهه سڄيل هيون. ”هي پير پائي تون نه صرف معمولي اڏام ڪري سگهندين، پر اڏامي سڌو الله سائينءَ جي گهر به پهچي ويندين. اعتبار ڪرين ته بنهه ڀلي شيءِ اٿئي.“

”مهرباني، مهرباني! ڏاڏا پوڙها! تنهنجي مهرباني. مون کي خبر آهي ته هيءَ بنهه ڀلي شيءِ آهي.“ اليڪسيءَ وراڻيو.

ڪاريگر ڪجهه دير لاءِ بيهي رهيو، ڄڻ ڪجهه پڇڻ چاهيندو هجي، پر کيس پڇڻ جي همت نه ٿيندي هجي يا ڄڻ ته هو پاڻ ڪنهن سوال جي انتظار ۾ بيٺو هجي. آخر مايوسيءَ ڀريل ٿڌو ساهه کڻي هو آهستي آهستي دروازي ڏانهن وڌڻ لڳو.

”چڱو الله واهي، اميد آهي ته هي توهان کي پسند ايندا.“ پر هن جي دروازي تائين پهچڻ کان اڳ ۾ ئي استروچڪوف سڏي چيس: ”او ڏاڏا پوڙها! اچي هي وٺ، هي ٻه ٽي ڏوڪڙ بادشاهن جي شان وٽان پير ٺاهڻ جي خوشيءِ ۾ ڍُڪ پيئڻ لاءِ اٿئي.“

”مهرباني، وڏي وڏي مهرباني! واقعي هي موقعو ئي اهڙو آهي، جو ضرور پيئڻ گهرجي.“ پوڙهو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن پئسا اندرئين کيسي ۾ وڌا ۽ چيو: ”مهرباني، آءٌ واقعي پيئندس. باقي جيستائين پيرن جو تعلق آهي ته آءٌ چوان ٿو ته مون پنهنجو بهترين هُنر انهن ۾ لڳائي ڇڏيو آهي. واسيلي واسيلي وچ مون کي چيو هو: ’زوئيف، هي هڪ خاص قسم جو ڪيس آهي، تون بهتر کان بهترين شيءِ تيار ڪج.‘ پر ڇا زوئيف ڪڏهن بهتر کان بهتر شيءِ کان سواءِ به ڪجهه ٺاهيو آهي؟ واسيلي واسيلي وچ ملي ته چئجوس ته هيءَ شيءِ توهان کي ڏاڍي پسند آهي.“

اهو چئي ڪاريگر ٻاهر نڪري ويو. ميريسئف سُتي پنهنجي نقلي پيرن کي تڪي رهيو هو، جيڪي سندس پلنگ وٽ فرش تي پيا هئا. هو جيترو انهن کي ڏسندو پئي ويو، کيس اوترو ئي انهن جي خوبصورتي، صفائي، نفاست ۽ گهٽ وزندار هجڻ وڻڻ لڳا. ”سائيڪل هلائي، پولڪا ناچ ڪري، هوائي جهاز اڏائي، اڏامي الله سائينءَ جي گهر هليو وڃ. ها، آءٌ اهو سڀ ڪجهه ضرور ڪندس. ها، ها، آءٌ اهو سڀ ڪجهه ڪندس.“ هن سوچيو.

ان ڏينهن هن اوليا کي هڪ بهترين ۽ پر مسرت خط لکيو. هن کيس ٻڌايو ته نئين جهاز وٺڻ جو جيڪو ڪم سندس حوالي ڪيو ويو آهي، سو هاڻي مڪمل ٿيڻ وارو آهي ۽ اميد ته سرءُ جي موسم ۾ يا ٿورو پوءِ سندس آفيسر کيس هن ٿڪائيندڙ ۽ بيزار ڪندڙ ڪم کان فارغ ڪندا. هو هن ڪم کان بنهه تنگ ٿي چڪو آهي. ها، کيس ٻيهر محاذ تي پنهنجي رجمينٽ ۾ موڪليو ويندو، جتي سندس دوستن کيس ڪونه وساريو آهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته تڏهن کان هو سڀ سندس گس نهاري رهيا آهن، جڏهن کان کيس حادثو پيش آيو هو. هن اڄ پهريون ڀيرو هي ڀلو ۽ اميد ڀريو خط لکيو هو. پنهنجي محبوبه کي هن اڄ پهريون ڀيرو خط لکيو هو ته آءٌ هميشه تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهندو آهيان ۽ تنهنجي لاءِ تڙپندو رهندو آهيان. هن ڊڄندي ڊڄندي لکيو هو ته منهنجي پراڻي خواهش آهي ته جنگ جي ختم ٿيڻ بعد، جيڪڏهن تنهنجو ارادو بدلجي نه ويو هجي ته توسان گڏجي پنهنجو گهر آباد ڪريان. هن هي خط وَرَ وَرَ ڏيئي پڙهيو ۽ نيٺ ٿڌو شوڪارو ڀري آخري سٽون ڪاٽي ڇڏيائين.

هن جيڪو خط ”موسمي سرجنٽ“ کي لکيو هو، اهو جوش ۽ امنگ سان ڀريل هو. هن ان شاندار ڏينهن جو ذري پرزي جو تفصيل لکيو هو. هن لکيو هو ته هن پهريان قدم ڪيئن کنيا هئا؟ گهڻ ڳالهائو ڪاريگر جو ذڪر به ڪيو هئائين، جنهن پيشن گوئي ڪئي هئي ته اليڪسي سائيڪل هلائي سگهي ٿو، پولڪا ناچ ڪري سگهي ٿو ۽ هوائي جهاز اڏائي سگهي ٿو، تنهن ڪري تون رجمنٽ ۾ منهنجي واپسيءَ جي اميد ڪري سگهين ٿي. ڪمانڊنٽ کي چئجانءِ ته منهنجي لاءِ هڪ نئين جاءِ جو انتظام ڪري ڇڏي.

هڪ ٻي اهڙي جاءِ هئي، جتي ”بادشاهه جي شايان شان پيرن“ کي بحث جو موضوع بنايو پئي ويو. اها جاءِ هئي ماسڪو يونيورسٽيءَ جي ميڊيڪل ڪورس جو ٽيون سال. هن درجي جون سموريون ڇوڪريون، ان زماني ۾ ان درجي ۾ گهڻو ڪري ڇوڪريون ئي هيون. وارڊ 42 جي باري ۾ ذري پرزي جي ڄاڻ رکنديون هيون. انيوتا کي پنهنجي خاطوءَ تي ڏاڍو ناز هوندو هو، پر افسوس جو ليفٽيننٽ گوزديف جا خط، جيڪي عام اطلاع لاءِ ڪونه ويندا هئا، سي ڪڏهن سڄي جا سڄا ته ڪڏهن انهن جا ڪي خاص حصا ڇڏي، باقي سمورا وڏي آواز ۾ پڙهيا ويندا هئا. البت انهن جا بي حجاب ٿي لکيل ٽڪرا ٻين کان لڪايا ويندا هئا. جيئن جيئن خط وڪتابت جو سلسلو اڳتي وڌندو رهيو، تيئن تيئن اهڙن ٽڪرن جو تعداد وڌندو پئي ويو.

ميڊيڪل ڪورس جي ٽئين سال جي سمورين ڇوڪرين کي بهادر گريشا گووزديف سان محبت هئي. سمورو ڪلاس تيز ۽ تکي ڪوڪوشڪن کي ناپسند ڪندو هو ۽ اليڪسيءَ جي ناقابلِ تسخير جذبي جو قدر ڪندو هو ۽ سموريون ڇوڪريون ڪميسار جي موت جو سوڳ، پنهنجي ڪنهن عزيز جي موت جي سوڳ وانگر ملهائي رهيون هيون. گووزديف ان جي تعريف ۾ اهڙا ته قصيدا لکيا هئا جو سڀ ڇوڪريون سندس احترام ۽ ساڻس محبت ڪرڻ لڳيون هيون. جڏهن هنن کي خبر پيئي ته زندگيءَ سان ڀرپور هي شخص وفات ڪري ويو ته ڪيترين جي اکين ۾  لڙڪ تري آيا هئا.

اسپتال ۽ يونيورسٽيءَ جي وچ ۾ خط وڪتابت جو سلسلو وڌندو پئي ويو. هڪ خط ۾ گووزديف، ڪميسار جو هي قول نقل ڪيو هو ته ”هنن ڏينهن ۾ خط پنهنجي منزل تي اهڙي رفتار سان پهچن ٿا، جنهن رفتار سان ڪائنات ۾ ٽڙيل پکڙيل تارن جي روشني زمين تائين پهچي ٿي. ڪنهن ماڻهوءَ جي زندگي جو ڏيئو ته وسامي سگهي ٿو، پر خط آهستي آهستي پنهنجو سفر طئي ڪندا رهندا ۽ آخر جڏهن هو  پنهنجي منزل تي پهچندا ته پنهنجي پڙهندڙن کي ڪنهن اهڙي شخص جو احوال ٻڌائيندا، جيڪو گهڻو پهريائين هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو هوندو.“ انيوتا اهڙي باعمل ڇوڪري هئي، جنهن جي دل ۾ جيڪا ڳالهه ايندي هئي، ان تي عمل ڪري ئي رهندي هئي. هن خطن جي جلدي اچ وڃ جو طريقو ڳولي ڪڍيو. هڪ پوڙهي نرس جي شڪل ۾ ڄڻ کيس هڪ قاصد ملي ويو. هيءَ نرس يونيورسٽيءَ جي ڪلينڪ ۾ به ڪم ڪندي هئي ته واسيلي واسيلي وچ جي اسپتال ۾ به.

ان ڏينهن کان پوءِ هر ٻئي ٽئين ڏينهن يونيورسٽي کي وارڊ نمبر 42 ۾ ٿيندڙ ڪارروائيءَ جي معلومات ملي ويندي هئي ۽ يونيورسٽي به هڪدم جواب ڏيندي هئي. نقلي پيرن تي بحث پئي هليو ته آيا ميريسئف هوائي جهاز اڏائي سگهندو يا نه؟ ان پرجوش بحث ۾ ٻئي ڌريون اليڪسيءَ سان همدردي رکندڙ هيون. ڪيترائي گهٽ حوصلو رکندڙ، هوابازيءَ جي پيچيدگين کي نظر ۾ رکندي چوندا هئا ته ميريسئف ڪڏهن به جهاز اڏائي نه سگهندو. ليڪن جوشيلي قسمن جي ماڻهن جو خيال هو ته هڪ اهڙو شخص، جيڪو دشمنن جي مورچن جي پٺيان ارڙهن ڏينهن تائين، خبر ناهي ڪيترن ميلن تائين رڙهندو رهيو آهي، تنهن لاءِ هوائي جهاز اڏائڻ ڪو وڏو مسئلو ڪونهي. انهيءَ سلسلي ۾ هو تاريخ ۽ افسانن جا حوالا ڏيندا هئا.

انيوتا ان بحث ۾ حصو ڪانه وٺندي هئي. هن کي ڪڏهن ڪڏهن واندڪائي جا ڪي پل ملندا هئا ته هوءَ گووزديف جي لاءِ سندس جذبات جي باري ۾ سوچيندي هئي. هن محسوس ڪيو هو ته سندس جذبات گهڻي کان گهڻا گنڀير ۽ بيحد پيچيده ٿيندا پئي ويا. شروع ۾ هن جڏهن ان بهادر آفيسر جي غم ۽ الم سان ڀريل زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌو هو، تڏهن کيس هڪ بي لوث خط لکيو هئائين. پر خطن رستي جيئن جيئن سندن دوستي وڌندي ويئي، تيئن تيئن حب الوطني جي جنگ جي هڪ هيري جي خيالي شڪل شبيهه جي جاءِ هڪ حقيقي ۽ زنده نوجوان هستي اچي والاري ۽ پوءِ هي نوجوان کيس گهڻي کان گهڻو پاڻ طرف ڇڪڻ لڳو هو. هن محسوس ڪيو هو ته جيڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن خط ۾ دير ٿي ويندي هئي ته سندس دل ڏاڍي کجندي هئي ۽ اداس ٿي ويندي هئي. هيءَ هڪڙي نئين ڳالهه هئي، جنهن کيس ڊيڄاري ڇڏيو هو. ڇا اها ئي محبت آهي؟ ڇا هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان محبت ڪري سگهجي ٿي، جنهن کي هن ڪڏهن به ڪين ڏٺو هو؟ جنهن جو هن آواز به ڪونه ٻڌو هو، جنهن کي هوءَ فقط خط وسيلي ئي ڄاڻندي سڃاڻندي هئي؟ جڏهن هڪ خط ۾ گووزديف لکيو هو ته ”آءٌ خط وڪتابت ڪندي ڪندي عشق ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان.“ تڏهن انيوتا کي محسوس ٿيو ته هوءَ به عشق ۾ گرفتار ٿي ويئي آهي. هن محسوس ڪيو ته سندس محبت اسڪول جي ڪنهن ننڍڙي ڇوڪري جي محبت نه، پر هيءَ هڪ سچي  پچي چاهت هئي. هن محسوس ڪيو ته جي خط اچڻ بند ٿي وڃن ته شايد زندگيءَ ۾ ڪا معنيٰ باقي نه رهي. هوءَ ڏاڍي بي صبريءَ سان خطن جو انتظار ڪرڻ لڳي هئي.

اهڙيءَ طرح هنن پاڻ ۾ ملڻ کان سواءِ هڪ ٻئي سان پنهنجي محبت جو اقرار ته ڪري ڇڏيو هو، ليڪن ان کان پوءِ گووزديف کي ضرور ڪو مسئلو درپيش آيو هو، جو سندس خطن مان گهٻراهٽ، بي چيني ۽ اڻ چٽائي پئي جهلڪندي هئي. پر پوءِ هن دل جهلي، همت کان ڪم وٺي انيوتا کي لکيو ته کانئن غلطي ٿي ويئي هئي، جو هنن پاڻ ۾ ملڻ کان سواءِ ئي هڪٻئي سان محبت جو اقرار ڪيو آهي. شايد انيوتا کي ان جو اندازو ڪونهي ته هن جو چهرو ڪيتري قدر مسخ ٿي چڪو آهي. هن لکيو ته مون جيڪا توکي پراڻي تصوير موڪلي هئي، هينئر آءٌ ان کان بنهه مختلف آهيان. گووزديف هن کي دوکو ڏيڻ نٿي چاهيو. هن التجا ڪئي ته هوءَ هاڻي پنهنجي جذبات کي تيستائين نه لکي، جيستائين هوءَ پنهنجي اکين سان اهو ڏسي نه وٺي ته هو ڪهڙي ماڻهوءَ سان محبت ڪري رهي آهي؟

اهو خط پڙهي پهريائين ته انيوتا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پوءِ کيس ڊپ ٿيڻ لڳو. هن پنهنجي کيسي مان تصوير ڪڍي ڏٺي. هڪ سنهڙو چهرو، جنهن تي جواني ڦُٽي رهي هئي. شڪل ۽ شبيهه مان فولادي عزم جهلڪي رهيو هو. سنهڙو سڌو نڪ، ننڍڙيون ننڍڙيون مڇون ۽ خوبصورت چَپَ سندس سامهون هئا. ”۽ هاڻي؟ ۽ هاڻي منهنجا جاني، هاڻي تون ڪهڙو آهين؟“ هن تصوير کي غور سان ڏسندي چيو. ڊاڪٽريءَ جي شاگردياڻي هجڻ سبب کيس خبر هئي ته باهه جو سڙيل زخم ڏاڍو دير سان ڇٽندو آهي ۽ ڏاڍا گهرا ۽ اڻ مٽ نشان ڇڏيندو آهي. خبر ناهي ڇو کيس ياد آيو ته عضون جي ڄاڻ واري شعبي جي عجائب گهر ۾ هن چمڙيءَ جي مرض واري چهري جو نمونو ڏٺو هو. اهو چهرو سڄو داغن سان چٿيو پيو هو. بي ڍولا ۽ سُڄيل چپ، ڄميل ڀرون ۽ پلڪن کان سواءِ ڳاڙها اکين جا پپوٽا. ڏاڍو ڀوائتو چهرو ٿي لڳو. ڪهڙي خبر جيڪڏهن هن جو چهرو به اهڙو ئي هجي ته؟ انهيءَ خيال جي اچڻ سان ئي سندس رنگ هيڊو ٿي ويو. ليڪن هن دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو لويو. چڱو، سمجهه ته هو اهڙو ئي چٿيل چهري وارو آهي، هو هڪ ٻرندڙ ٽينڪ ۾ دشمنن سان وڙهيو هو ۽ هن ئي هن جي آزاديءَ، هن جي تعليم جي حق، هن جي عزت ۽ هن جي زندگيءَ جي حفاظت ڪئي، هو هيرو آهي. هن خبر ناهي ڪيترا ڀيرا پنهنجي زندگي خطري ۾ وڌي آهي ۽ هاڻي ٻيهر هو محاذ تي واپس وڃڻ، وڙهڻ ۽ وري پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهڻ لاءِ تڙپي رهيو آهي. پر مان پاڻ (انيوتا) هن جنگ ۾ ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي؟ هن خندقون کوٽيون هيون، هوائي حملن کان بچڻ لاءِ ڪجهه حفاظتي فرائض پورا ڪيا هئائين ۽ هاڻي هڪ فوجي اسپتال ۾ ڪم ڪري رهي هئي. ليڪن گووزديف جي ڪارنامن جي ڀيٽ ۾ هن جي ڪمن جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ ”هي شڪ گمان ته اهڙا آهن، جو ائين لڳي ٿو ته جهڙو ڪر آءٌ پاڻ هن جي لائق ڪانه آهيان.“ هن پنهنجو پاڻ تي جلهه ڪئي ۽ پنهنجي اکين جي سامهون اُڀري ايندڙ خوفناڪ چهري کي پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.

انيوتا کيس خط لکيو. ايڏو ڊگهو خط ۽ ايترو محبت ڀريو خط  سندس سموري خطن لکڻ دوران ڪونه لکيو ويو هو. ظاهر آهي ته گووزديف کي انهن وسوسن ۽ انديشن جي باري ۾ ڪڏهن به ڪابه خبر پئجي ڪانه سگهي ها. جيڪڏهن کيس پنهنجي وسوسن ۽ انديشن سان ڀريل خط جو ايڏو سارو شاندار جواب نه ملي ها. هن خط کي ور ور ڏيئي پڙهيو ۽ پوءِ استروچڪوف کي به ٻڌايائين، جنهن سموري ڪهاڻي ڏاڍي شوق سان ٻڌي ۽ چيو:

”يار، ٿورو همت کان ڪم وٺ. توکي هيءَ چوڻي ته ياد آهي نه: ’سهڻو چهرو ۽ دل ڪُلال، سادو چهرو ۽ سوني دل.‘ اڄ ته ويتر اها ڳالهه وڌيڪ آهي، جو مرد ملن ئي ڪونه ٿا.“

ظاهر آهي ته هيءَ صفائي گووزديف کي دلاسو ڏيئي نه سگهي. جيئن جيئن اسپتال مان موڪل ملڻ جا ڏينهن ويجها ايندا پئي ويا، هو آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل وري وري ۽ گهڻي دير تائين ڏسندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو ائين اڇاتري نظر سان ڏسندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو چهري کي بنهه آرسيءَ سان ملائي ڏسندو هو ۽ داغيل چهري کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو مهٽيندو هو. هن منٿ ڪري ڪلاوديا کان ڪريم ۽ پائوڊ گهرايو هو. هو ماٺ ميٺ ۾ غسل خاني ۾ وڃي ڪريم ۽ پائوڊر سان چهري جي مالش ڪندو هو ۽ ڳچ ڳچ دير کان پوءِ اميد ڀري نگاه سان آرسيءَ ۾ نهاريندو هو. پر هن محسوس ڪيو ته ڪريم پائوڊر سندس ڪم جون شيون ڪونهن. پري کان هو ڏاڍو ٺاهوڪو جوان لڳندو هو. مضبوط بدن، ويڪري ڇاتي، سنهڙي چيلهه، سڌيون ۽ مضبوط ٽنگون. پر ويجهڙائيءَ کان پنهنجي ڏاڙهيءَ ۽ ڳلن جا ڳاڙها داغ ۽ ڇڪيل، تاڻيل، سڙيل ۽ کهري کل ڏسي چريو ٿي پوندو هو. ”هيءَ شڪل ڏسي هوءَ ڇا چوندي؟“ هو پنهنجو پاڻ کان پڇندو هو. هوءَ ته ڊڄي ويندو. هوءَ کيس ڏسندي ۽ منهن ڦيري، ڪلها ڇنڊي هلي ويندي. پر ان کان به وڌيڪ خراب ڳالهه هيءَ ٿيندي ته هوءَ اخلاقًا ڪلاڪ اڌ ويهي ڳالهيون ڪندي ۽ پوءِ ڪاروباري انداز ۾ ڪجهه چوندي ۽ پوءِ الله واهي! هو گهٻرائجي ويندي هو ۽ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو پيلو ٿي ويندو هو، ڄڻ ته اهو واقعو هن سان پيش اچي به چڪو آهي.

پوءِ هو پنهنجي کيسي مان هڪڙي تصوير ڪڍندو هو ۽ هڪ گول چهري واري ڇوڪريءَ جي نيڻن نقشن کي ڏاڍي غور سان جانچيندو هو. نرم نرم، کليل وار، مٿئين طرف ٿورو کڙو نڪ ۽ نازڪ نازڪ ٻارڙن جهڙا چپ. مٿئين چپ تي هڪ تر، جيڪو بنهه هلڪو ڏسڻ ۾ پئي آيو. ان ٻالي ڀولي ۽ من موهڻي صورت ۾ ٻه سرمائي يا شايد نيريون اکيون ٿوريون اڀريل بنهه بيباڪيءَ سان ۽ خلوص سان کيس گهوري رهيون هيون.

“مون کي ٻڌاءِ ته تون ڪهڙي آهين؟ ڇا تون ڊڄي ويندينءَ؟ ڇا تنهنجي دل ايتري ڪشادي آهي، جو تون هن ڀيانڪ ديوَ جهڙي شڪل کي نظر انداز ڪري ڇڏيندينءَ؟“ هو تصوير کي غور سان ڏسندي ان کان پڇندو هو.

انهيءَ دوران ليفٽيننٽ ميريسئف پنهنجي گهوڙين تي کٽ کٽ ڪندو، اچي سندس ڀرسان لنگهيو. هو ورانڊي ۾ بنا ٿڪجڻ جي پئي هليو. هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا، ڏهه ڀيرا، ويهه ڀيرا. هو صبح توڙي شام اها ورزش ڪندو هو.

”هي به عجيب ماڻهو آهي!“ گووزديف پنهنجو پاڻ کي چيو. ”ڌُن جو پڪو! سچ ته همت جا لفظ هن لاءِ ناڪافي آهن. هڪ ئي هفتي ۾ گهوڙين تي هلڻ سکي ويو. ڪي ڪي مريض ته مهينن جا مهينا هلڻ سکي نه سگهندا آهن. ڪالهه ته هن اسٽريچر تي علاج لاءِ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پنڌ ڪري ويو ۽ موٽي آيو. سندس چهرو سڄو لڙڪن سان ڀريل هو، پر هو پنهنجي ئي ڌن ۾ اڳيان وڌندو رهيو ۽ جڏهن نرس کيس سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو مٿس ڪاوڙجي پيو. ڪير ڏسي ته ها، جڏهن هن بنان ڪنهن سهاري جي لهواري چاڙهي چڙهي، مٿي پهچڻ مهل ڪيڏي شان سان پئي مسڪرايو! ڄڻ ته هن هماليه جبل جي چوٽي فتح ڪري ورتي هجي.“

گووزديف آرسيءَ طرف مڙيو ۽ ميريسئف کي گهوڙين تي تيز تيز قدم کڻندو هلندي ڏسڻ لڳو. ”ڏس ته سهي ڀلا! بنهه ڊوڙي رهيو آهي ۽ ڪيتري نه سهڻي ۽ دلڪش صورت آهي سندس. ڀروئن جي وچ ۾ هڪڙو ننڍڙو نشان آهي. ليڪن ان سان سندس صورت ۾ ڪوبه عيب نه ٿي پيدا ٿيو، پر پاڻ ان سان سندس دلڪشيءَ ۾ ٻيڻو واڌارو پئي ٿيو. ڪاش! منهنجي شڪل به اهڙي هجي ها. پيرن ۾ ڇا رکيو آهي؟ پيرن کي ڪير ٿو ڏسي؟ ۽ يقينًا هو هلڻ به سکي ويندو ۽ پوءِ هوائي جهاز به اڏائي سگهندو. پر چهرو! هن قسم جو ڀيانڪ چهرو لڪائي ته نه ٿو سگهجي. ائين پيو لڳي ته ڄڻ نشي ۾ چور شيطانن هن چهري تي مٽرن جا داڻا ويهي ڏريا آهن.“

شام جو اليڪسي ورانڊي ۾ پنهنجي ورزش جو ٽيويهون چڪر لڳائي رهيو هو. هن جي سموري بدن ۾ سندس سُڄيل رانن جي سور جون سوٽون اڀري رهيون هيون ۽ سندس ڪڇون گهوڙين تي ٽيڪ جي دٻاءَ ڪري ڏکي رهيون هيون. گهوڙين تي هلندي هن آڏي اک سان ٽينڪ مين کي ڏٺو، جيڪو آرسيءَ جي سامهون بيٺو هو. ”چڱي مسخري آهي.“ هن دل ئي دل ۾ چيو. ”آخر هو پنهنجي چهري جي ڪري ايترو پريشان ڇو آهي؟ ظاهر آهي ته هاڻي هو فلمي هيرو ته ڪونه ٿي سگهندو. باقي ٽينڪ مين، ها ٽينڪ مين ٿيڻ کان کيس ڪير روڪي سگهندو؟ مٿو، ٻانهون ۽ ٽنگون صحيح سلامت هجن ته چهري کي ڪير ٿو پڇي؟ ها، ٽنگون، اصلي ٽنگون هجن، ههڙيون لوليون لنگڙيون نه هجن، جيڪي ڏکنديون ۽ جلنديون رهن ٿيون، ڄڻڪ نقلي پير ڪونهن، پر تتل ڳاڙهي لوهه جا ٽڪرا آهن.“

هن ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو، پر تڪليف جي شدت کان سندس اکين مان لڙڪي وهي رهيا هئا. پر پوءِ به هن چپن کي چڪ وجهندي، لڙڪن کي پيئندي پنهنجو اڻٽيهون چڪر پورو ڪيو ۽ ان ڏينهن جي ورزش ختم ڪئي.

(14)

جون جي وچ ڌاري گريگوري گووزديف اسپتال مان خارج ڪيو ويو.

پنهنجي رواني ٿيڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ اليڪسيءَ سان تمام ڊگهي ڪچهري ٿي هئي. ٻنهي جي هڪجهڙي بدنصيبي ۽ ذاتي معاملن ۾ هڪجهڙي پيچيدگيءَ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو هو. اهڙين حالتن ۾، جيئن ٿيندو آهي، تيئن ئي ٿيو. ٻنهي هڪ ٻئي جي اڳيان پنهنجي دل کولي رکي. ٻنهي هڪ ٻئي کي پنهنجن انديشن جي باري ۾ صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو هو. ٻنهي هڪ ٻئي کي اهي سڀ ڳالهيون به ٻڌائي ڇڏيون، جيڪي پنهنجي شان خاطر ٻين سان نٿي ڪري سگهيا، پر اڪيلائيءَ ۾ ڏک سور پيا سهندا هئا. ٻنهي هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي محبوبا جون تصويرون به ڏيکاريون هيون.

اليڪسيءَ وٽ اوليا جي تصوير هئي، جيڪا ڪي قدر پراڻي ٿي ويئي هئي ۽ ڪجهه ڌنڌلي هئي، جيڪا پاڻ هٿ سان ڇڪي هئائين. اهو جو صاف ۽ شفاف ڏينهن هو. ٻنهي والگا جي ٻئي ڀر گلن سان ڇانيل سرسبز ميدان ۾ ڊوڙ پاتي هئي. هوءَ نرم، نازڪ، ڪومل ۽ خوبصورت ڇوڪري هئي. هوءَ ڇيٽ جو فراڪ پائي، ٻئي گوڏا ڀڃيو، گلن جي وچ ۾ ويٺي هئي ۽ سندس هنج ۾ گلن جو ڍڳ هو. موتئي جي گلن وچ ۾ هوءَ خود به سفيد گل وانگر پاڪيزه پئي لڳي، جهڙوڪر ماڪ ۾ ڀنل موتئي جو گل. گلن کي سجائيندي ڪنهن خيال ۾ ٻڏل سندس مٿو هڪ طرف جهڪي ويو هو، سندس اکيون ڦاٽيون پيون هيون ۽ سندس اکين مان هڪ قسم جي بي خودي جهلڪي رهي هئي. ڄڻ هوءَ هن شاندار منظر جو نظارو پهريون ڀيرو ڏسي رهي هجي.

ان تصوير کي ڏسي گووزديف چيو ته هن قسم جي ڇوڪري ڪنهن شخص کان سندس بدنصيبيءَ واريءَ گهڙيءَ ۾ منهن موڙي نٿي سگهي. پر جيڪڏهن هوءَ ائين ڪري به ته کيس کڻي جهنم ۾ وجهجي. ان مان فقط ايترو ثابت ٿيندو ته صورتون فريب ۽ دوکو ڏين ٿيون. جيڪڏهن هوءَ توکي ڇڏي وڃي ته بهتر ٿيندو، ڇو ته ان جو مطلب هي ٿيندو ته هوءَ هڪ بي ڪمي ۽ ناڪاره ڇوڪري هئي. ڀلا اهڙي فضول ڇوڪريءَ سان سڄي زندگي ٻڌجي رهڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟

اليڪسيءَ کي انيوتا جو روپ ڏاڍو وڻيو ۽ هن به اهي ساڳيون ڳالهيون، ٿورو مختلف انداز ۾ گووزديف کي ٻڌايون، جن جو اظهار خود گووزديف ڪيو هو. ان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪا خاص ۽ اهم ڳالهه ڪانه هئي ۽ انهيءَ بحث مان سندن مسئلن جو به ڪو حل ڪونه ٿي نڪتو. پر پوءِ به ٻنهي جي دل جو بار هلڪو ٿي ويو هو، جهڙوڪر ڪيترن ئي ڏينهن کان ڏکندڙ ۽ ايذاءُ ڏيندڙ ڦٽ ڦاٽي پيو هو.

هنن ٻنهي گڏجي طئي ڪيو ته جڏهن گووزديف کي اسپتال مان موڪل ملندي ته هو ۽ انيوتا ٻئي گڏجي وارڊ وٽان لنگهندا. انيوتا گووزديف کي ٽيليفون ڪري ٻڌايو هو ته هوءَ ايندي ۽ ساڻس ملندي. ان کان پوءِ اليڪسي گووزديف کي خط ۾ لکندو ته هن اليڪسيءَ تي ڪهڙو تاثر ڇڏيو هو؟ ٻئي پاسي گووزديف واعدو ڪيو هو ته هو اليڪسيءَ کي خط لکي ٻڌائيندو ته انيوتا ساڻس ڪهڙي نموني ۾ ملي ۽ جڏهن سندس چچريل ۽ مسخ چهرو ڏٺائين ته سندس ردعمل ڪهڙو هو ۽ هنن جو هاڻ پاڻ ۾ وقت ڪيئن پيو گذري؟ انهيءَ تي اليڪسيءَ به فيصلو ڪيو هو ته جيڪڏهن گريشا سان سڀڪجهه خير خوبيءَ سان طئي ٿي ٿو وڃي ته پوءِ هو به هڪدم اوليا کي پنهنجي باري ۾ سموري ڳالهه ٻڌائي ڇڏيندو ۽ کيس درخواست ڪندو ته هوءَ سندس ماءُ کي ڪجهه نه ٻڌائي، جيڪا تمام گهڻي بيمار هئي ۽ مشڪل سان کٽ تان اٿي ٿي سگهي.

اهو ئي سبب هو جو هو ٻئي ڏاڍي گهٻراهٽ ۽ پريشانيءَ مان گريگوريءَ جي روانگيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ٻئي ڄڻا ايترا ته پريشان هئا جو سک سان به سمهي نه سگهندا هئا ۽ رات جو ماٺ ماٺ ڪري ورانڊي ۾ نڪري ويندا هئا. گووزديف ته وڃي آرسيءَ جي سامهون پنهنجي چهري کي مهٽيندو هو، باقي اليڪسي کٽ کٽ جي آواز کان بچڻ لاءِ گهوڙين جي هيٺين حصن کي ڪپهه ٻڌي پنهنجي مشق جو هڪ وڌيڪ ڦيرو لڳائي وٺندو هو.

ڏهين وڳي ڪلاوديا آئي ۽ هڪ شرير مسڪراهٽ سان گووزديف کي چيائين ته توسان ڪو ملڻ آيو آهي. گووزديف کٽ تان ائين ٽپ ڏيئي اٿيو، جهڙوڪر کيس هوا جي ڪنهن طوفاني جهوٽي اڏايو هجي. سندس چهرو بنهه ڳاڙهو لال ٿي ويو ۽ سندس چهري جا داغ اڃا به وڌيڪ نمايان ٿي پيا. هو جلدي جلدي پنهنجا ٽپڙ ٻڌڻ لڳو.

”ڏاڍي سٺي ڇوڪري آهي ۽ ڏسڻ ۾ ڏاڍي گنڀير ٿي لڳي.“ هن گووزديف جي جلد بازيءَ کي ڏسندي، مسڪرائيندي چيو.

گووزديف جو چهرو ويتر ٻهڪي پيو.

”سچ ٿي چوين؟ ڇا هوءَ واقعي توکي پسند آئي؟ سٺي ڇوڪري آهي، ائين نه؟“ هن پڇيو ۽ پنهنجي جوش ۽ اضطراب ۾ الله واهي چوڻ به وسري ويو ۽ تڪڙيون وکون کڻندو وارڊ مان نڪري ويو. ”اهڙا ئي ماڻهو ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسندا آهن.“ ميجر استروچڪوف چيو.

پوين ڪجهه ڏينهن ۾ هن وحشيءَ کي ڪجهه ٿي ويو هو. هو تمام اٻاڻڪو اٻاڻڪو پيو لڳندو هو. گهڻو ڪري بي سبب مٿس ڪاوڙ جو دورو پئجي ويندو هو. هاڻي هو ويهڻ جهڙو ٿي ويو هو، تنهن ڪري پنهنجي بستري تي ويٺو، سڄو ڏينهن دريءَ مان ٻاهر نهاريندو رهندو هو. جڏهن ڪير کانئس ڪو سوال پڇندو هو ته جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو.

سمورو وارڊ، اداس ميجر، اليڪسي ۽ ٻه نوان مريض سڀئي دريءَ وٽ بيهي، پنهنجي سابق ساٿيءَ جي رستي تي نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. ”او هو اچي پيو.“ اليڪسيءَ آهستي چيو.

ڦاٽڪ وٽ شاهه بلوط جو ڳرو دروازو کليو ۽ ٻه ماڻهو ٻاهر نڪتا. هڪڙي ته نوجوان عورت هئي، جنهن جو مٿو اگهاڙو هو ۽ کيس سفيد گهاگهري ۽ ڪاري سلوار پاتل هئي. ٻيو ماڻهو هڪ نوجوان سپاهي هو، جنهن کي اليڪسي پهرين ته سڃاڻي ڪونه پئي سگهيو. هو گووزديف هو، جنهن جي هڪ هٿ ۾ پيتي هئي ۽ ٻيءَ ٻانهن تي سياري وارو ڊگهو فوجي ڪوٽ پيل هيس. ائين پئي لڳو ته هو پنهنجي قوت جو امتحان پيو وٺي. هو آزاديءَ سان هلڻ ڦرڻ ۾ ايڏو ته خوش پئي لڳو، جو هو ڊوڙڻ بدران چاڙهيءَ تان ترڪندو پئي محسوس ٿيو. هن پنهنجي ساٿيءَ جو هٿ، هٿ ۾ جهليو ۽ هو ٻئي مينهن جي وڏين وڏين ڦڙين ۾ ڀڃندا دريءَ ڏانهن وڌڻ لڳا.

اليڪسيءَ کين ڏٺو ۽ سندس دل مسرت ۾ سرشار ٿي ويئي. تمام سٺو، سڀڪجهه خير سان ٿي ويو. تعجب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جو هُن جو چهرو ايترو معصوم، پيارو ۽ ٻالو ڀولو آهي. اهڙي ڇوڪري ڪڏهن به دغا ڪانه ڏيندي . نه! ان قسم جون ڇوڪريون ڏکن جي گهڙيءَ ۾ ڪنهن شخص کان منهن ڪونه ٿيون ڦيرين.

هو دريءَ جي ويجهو آيا ۽ ٻئي بيهي رهيا. ٻنهي مٿي نهاريو. هاڻي اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته گووزديف ڏاڍو گهٻرايل پئي لڳو ۽ انيوتا پڻ پريشان نظر پئي آئي، جيڪا واقعي پنهنجي تصوير وانگر ئي سندر ۽ سلوڻي هئي. سندس هٿ بنهه ڍرو ٽينڪ مين جي هٿ ۾ پيل هو ۽ هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين بي چين ۽ بي قرار پئي لڳي. ائين پئي لڳو، ڄڻ اجهو هوءَ پنهنجو هٿ هٿ مان ڇڪي وٺي ڀڄندي.

هنن هٿ لوڏيا، سندن چپن تي رڪيل رڪيل مُرڪَ اُڀري. ڪجهه اڳيان وڌي موڙ وٽان گم ٿي ويا. مريض ماٺ ميٺ ۾ پنهنجن بسترن ڀيڙا اچي ٿيا.

”ويچاري گووزديف جو ڇڪو نه لڳو.“ ميجر چيو، پر بلڪل اوڏيءَ مهل ورانڊي ۾ ڪلاوديا جي آهٽ ٻڌي هو چپ ٿي ويو ۽ منهن ڦيري ڀت ڏانهن ڪري ڇڏيائين.

اليڪسيءَ کي باقي سڄو ڏينهن دل ۾ خلش رهي. هن شام جي گهمڻ ڦرڻ واري ورزش پڻ لنوائي ڇڏي ۽ سڀني کان اڳ ۾ وارڊ ۾ پهچي ويو ۽ جڏهن سڀ مريض سمهي پيا، پوءِ به سندس پلنگ جا اسپرنگ سندس اٿل پٿل جي ڪري چرڙاٽ ڪري رهيا هئا.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير، اڃا نرس وارڊ ۾ قدم رکيو ئي مس ته اليڪسيءَ کانئس پڇيو ته سندس نالي ڪو خط ته ڪونهي؟ ”نه خط ڪونهي.“ هن هٿ منهن ڌوتو ۽ منجهيل منجهيل انداز ۾ نيرن ڪيائين. پر هن اڄ معمول کان وڌيڪ ورزش ڪئي. پاڻ کي گذريل شام جي سزا ڏيڻ خاطر هن ورزش ۾ پندرهن ڦيرا وڌيڪ لڳايا ۽ اهڙي طرح هن ڪلهه شام واري تلافي ڪري ورتي. انهيءَ غير متوقع ڪاميابيءَ سبب سندس پريشاني وسري وئي. هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو تمام گهڻو ٿڪجڻ کان سواءِ ئي پنهنجي ڪاٺ جي گهوڙين تي هلي ڦري سگهي ٿو. ورانڊو پنجاهه ميٽر ڊگهو هو ۽ هن پنجيتاليهه ڦيرا ڏنا هئي. 45 کي 50 سان ضرب ڏيڻ سان ٻه هزار ٻه سؤ پنجاهه ميٽر ٿي ٿيا، يعني سوا ٻه ڪلوميٽر. سندس هوائي اڏي کان آفيسرن جي ”کاڌي واري ڪمري“ تائين ايترو ئي فاصلو آهي. هو تصور ئي تصور ۾ انهيءَ ڄاتل سڃاتل رستي تان پئي لنگهيو، جنهن تي ڪاٺ جي هڪڙي جهوپڙيءَ ۾ نقشن ۽ چارٽن تي جهڪيل ”موسمي سرجنٽ“ پنهنجي فرض ادائي ڪري رهي هئي. ڏاڍو گهڻو پنڌ هو! خدا جو قسم ته ڏاڍو گهڻو پنڌ هو.

ميريسئف روزانو ڇائيتاليهه چڪرن تائين ورزش وڌائي ڇڏي. 23 چڪر صبح ۽ 23 چڪر شام. هن هي به فيصلو ڪيو ته رات جي آرام کان پوءِ صبح جو سوير اٿي، تازو توانو ٿي، بنا گهوڙين جي هلڻ جي مشق ڪندو. هن جو حوصلو وڌي ويو ۽ سندس ذهن عملي ڳالهين ڏانهن متوجهه ٿيڻ لڳو. شام جو هن ايتري ته جوش ۽ ولولي سان ورزش ڪئي جو هو ڏسندي ئي ڏسندي ٽيهه چڪر لڳائي ويو ۽ کيس خبر ئي ڪانه پيئي. عين ان وقت کيس نوڪرياڻيءَ هڪ خط آڻي ڏنو. لفافي مٿان پتي کان سواءِ لفظ ”انتهائي ذاتي“ لکيل هو ۽ ”انتهائي“ جي هيٺان ليڪ ڏنل هئي.

دريءَ کي ٽيڪ ڏيئي اليڪسيءَ خط کوليو. جيئن جيئن هو خط پڙهندو ويو، تيئن تيئن سندس چهري تي اداسي ڇانئبي وئي. گووزديف هي خط گذريل رات ريلوي اسٽيشن تان لکيو هو. هن لکيو هو ته انيوتا بلڪل اهڙي نڪتي، جهڙي سندس تصوير ۾ هئي. هوءَ غالبًا ماسڪو جي حسين ترين ڇوڪري آهي. هوءَ مون سان ڀيڻ وانگر ملي، هوءَ مون کي ڏاڍو وڻي ويئي آهي.

”........ ليڪن اهي ڳالهيون، جن متعلق اسان ڳالهايو هو، بنهه اسان جي چوڻ مطابق ئي ثابت ٿيون. هوءَ ڏاڍي ڀلي ڇوڪري آهي. هن مون سان منهنجي شڪل جي باري ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو. بلڪ هن ڪو هلڪو اشارو به ڪونه ڏنو. هن جو طرز عمل نهايت ئي شاندار ۽ عمدو رهيو، پر آءٌ انڌو ڪونه آهيان. مون ڏسي ورتو ته منهنجو سڙيل چهرو ڏسي هوءَ ڊڄي ويئي هئي. هونئن ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هوندو هو، پر اوچتو ئي اوچتو هوءَ مون ڏانهن اهڙين نگاهن سان ڏسندي هئي، ڄڻ ته هوءَ پشيمان هجي يا خوفزده يا گهڻو ڏکويل هجي. آءٌ نه ٿو چئي سگهان ته هن صحيح صحيح ڇا پئي محسوس ڪيو........؟ پر ڪجهه ته هو، جيڪو مون محسوس پئي ڪيو. هوءَ مون کي يونيورسٽيءَ وٺي ويئي. سٺو ٿئي ها جو آءٌ نه وڃان ها. ڇوڪريون منهنجي چوڌاريءَ ڦري بيهي رهيون ۽ مون کي غور سان ڏسڻ لڳيون........ ڇا تون يقين ڪندين ته هو اسان سڀني کي سڃاڻنديون هيون. انيوتا انهن کي اسان جي باري ۾ سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو. مون تاڙي ورتو ته انيوتا انهن ڏانهن معافي طلب نگاهن سان نهاري رهي هئي، ڄڻ چئي رهي هجي ته ’مون هن ڀيانڪ هستيءَ کي هت آندو آهي، مون کي معاف ڪجو.‘ ليڪن اليوشا، اصل شيءِ ته هيءَ آهي ته هن پنهنجي احساسات کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هوءَ ايتري ته سٺي طرح ۽ ايترو ته ڪمال مهربانيءَ سان پيش آئي ۽ لڳاتار ڳالهيون ڪندي رهي، جو ائين پئي لڳو ته ڄڻ ماٺ کان کيس ڊپ ٿي لڳو. پوءِ آءٌ سندس گهر ويس. هوءَ اڪيلي رهندي هئي. سندس ماءُ پيءُ پناهگيرن سان گڏ هليا ويا آهن. لڳي ٿو ته هي خاصا معزز ماڻهو آهن. هن منهنجي لاءِ چانهه تيار ڪئي ۽ ميز تي چانهن پيئڻ دوران هوءَ ڪٽليءَ ۾ مسلسل منهنجو عڪس ڏسندي رهي ۽ ٿڌا ساهه کڻندي رهي. مختصر هي ته مون سوچيو ’خير، هي سلسلو ائين هلي نه سگهندو.‘ مون کانئس سڌو سنئون پڇيو: ’مون کي خبر آهي ته منهنجي شڪل توکي پسند ڪانه آئي ۽ انهيءَ ۾ تون حق بجانب به آهين. آءٌ سمجهي سگهان ٿو. ان سان منهنجي دل آزاري ڪانه ٿي آهي.‘ هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري ٽمڻ لڳا. ليڪن مون کيس چيو: ”روئج نه، تون تمام سٺي ڇوڪري آهين. توسان ڪوبه ماڻهو محبت ڪري سگهي ٿو. پنهنجي زندگي تون ڇو خراب ڪرين؟“ پوءِ مون کيس چيو: ”هاڻي تو ڏسي ورتو ته آءٌ ڪهڙو خوبصورت نوجوان آهيان. ان باري ۾ سوچي وٺ. آءٌ پنهنجي يونٽ ۾ واپس ويندس ۽ توکي پنهنجو پتو موڪلي ڏيندس. جيڪڏهن تنهنجي راءِ بدلجي نه وڃي ته مون کي خط لکج.“ ۽ پوءِ مون چيو ته ”ڪوبه اهڙو ڪم ڪرڻ تي پنهنجو پاڻ کي مجبور نه ڪج، جنهن لاءِ تنهنجي دل نه مڃيندي هجي. منهنجو ڇا آهي – اڄ هتي، سُڀاڻي هُتي. اسين جنگ جي ميدان ۾ آهيون.“ بيشڪ هن لڳاتار پئي چيو ”اڙي نه نه!“ ۽ هوءَ مسلسل روئي رهي هئي. پر مون سڀ ڪجهه سمجهيو پئي. بلڪل اوڏيءَ مهل ڪمبخت گهگهو ڀونئڪڻ لڳو ۽ هوءَ ٻاهر نڪري ويئي ۽ آءٌ پڻ ان هنگامي جو فائدو وٺي اتان کِسڪي ويس. آءٌ سڌو آفيسرن جي رجمينٽ ۾ ويس. انهن يڪدم منهنجو ڪم ڪيو. هاڻي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. مون وٽ ريلوي ٽڪيٽ موجود آهي ۽ ستت ئي آءٌ هتان روانو ٿي ويندس. ليڪن توکي اليوشا ٻڌائي ڇڏيان ته آءٌ پهرين کان به وڌيڪ ان جي محبت ۾ جلي پچي رهيو آهيان ۽ مون کي خبر ڪانهي ته هن کان سواءِ آءٌ ڪيئن جيئرو رهندس؟“

پنهنجي دوست جو خط پڙهندي اليڪسيءَ کي ائين لڳو، ڄڻ هو خود لياڪا پائي پنهنجي مستقبل جي جهلڪ ڏسي رهيو هجي. بيشڪ ساڻس به اهو ئي سڀ ڪجهه ٿيڻ وارو هو. اوليا کيس دوکو ڪانه ڏيندي. وٽانئس منهن ڪانه موڙيندي. هوءَ اها ئي پاڪ قرباني ڏيڻ چاهيندي. هوءَ به ساڻس مهربانيءَ سان پيش ايندي. اکين ۾ لڙڪ هوندا ۽ هوءَ مسڪرائيندي ۽ پنهنجي بيزاريءَ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي.

”نه نه، مون کي هي سڀ ڪجهه نه کپي.“ هن جي وات مان بي اختيار نڪتو.

هو منڊڪائيندو واپس وارڊ ۾ آيو ۽ ميز تي ويهي اوليا کي خط لکڻ لڳو. مختصر، جذبات کان خالي، ڪاروباري قسم جو خط. کيس سچ ٻڌائڻ جي همت ڪانه ٿي. نيٺ به ته سچ ڇو لکي؟ سندس ماءُ بيمار هئي، ان جي ڏکن ۾ واڌارو ڇو ڪري؟ هن اوليا کي لکيو ته مون پنهنجي ۽ تنهنجي تعلقاتن تي ڪافي غور ڪيو آهي ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته تنهنجي لاءِ انتظار ڪرڻ انتهائي ڪٺن ۽ مشڪل آهي. ڪنهن کي خبر ته جنگ ڪيترو وقت هلي؟ جنگ ۾ انتظار ڪهڙو؟ اوسيئڙو هڪ بي معنيٰ شيءِ آهي. جنگ ۾ آءٌ مارجي به سگهان ٿو ۽ ائين تون مون سان شادي ڪرڻ کان سواءِ ئي بيواه ٿي ويندينءَ يا اڃا ان کان به وڌيڪ خراب ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته آءٌ لولو لنگڙو ٿي پوان ۽ توکي هڪ معذور ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻي پوي. ان مان توکي ڇا حاصل ٿيندو؟ تنهن ڪري تون پنهنجي جواني نه جلائي  ۽ جيترو جلد ٿي سگهي، مون کي وساري ڇڏ. اهو ضروري ڪونهي ته تون مون کي خط جو جواب ڏيئين. جيڪڏهن تون جواب نه به ڏيندينءَ ته به آءٌ دل ۾ ڪونه ڪندس. آءٌ تنهنجي حيثيت کان چڱيءَ طرح واقف آهيان، حالانڪ ان جو اعتراف ڏاڍو مشڪل آهي. پر مون سوچيو آهي ته اهو ئي ٺيڪ ٿيندو.

هن محسوس ڪيو ته خط سندس هٿن ۾ باه لڳائي ڇڏي هئي. هن خط کي ٻيهر پڙهڻ کان سواءِ ئي لفافي ۾ وڌو ۽ تيز تيز قدمن سان ڊڪندو وڃي ورانڊي ۾ پاڻي گرم ڪرڻ واري چُلهي جي ڀرسان ٽنگيل پوسٽ جي دٻي ۾ لفافو  وجهي ڇڏيائين.

هو وارڊ ۾ موٽي آيو ۽ ٻيهر ميز تي ويهي رهيو. آخر هو پنهنجو ڏکڙو ڪنهن کي ٻڌائي؟ پنهنجي ماءُ کي ته ٻڌائي نٿي سگهيو. ته ڇا گووزديف کي؟ ها، بيشڪ هو هن جي دک درد کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهندو. ليڪن ڪهڙي خبر ته هو ڪٿي هوندو؟ هو هن کي انهن رستن جي ڄار ۾ ڪٿي ڳولي لهندو، جيڪي سڀ جا سڀ محاذن ڏانهن ٿي ويا؟ ته پوءِ ڇا پنهنجي رجمينٽ کي لکي؟ ليڪن ڇا انهن خوش نصيبن وٽ ايتري واندڪائي آهي، جو اهي ويهي هن جي لاءِ مٿو هڻن؟ ”موسمي سرجنٽ“ کي لکجي؟ ها، اهو ٺيڪ آهي. هن هڪدم لکڻ شروع ڪري ڏنو ۽ لفظن جو درياءُ هو، جو پلٽجي پيو هو ــــــــــــ انهن لڙڪن وانگر، جيڪي ڪنهن پياري دوست کي ڀاڪر پائڻ مهل بي اختيار وهڻ لڳندا آهن. اوچتو هو هڪ جملي جي وچ ۾ رڪجي پيو، هڪ پل لاءِ سوچيائين ۽ پوءِ خط کي مروڙي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڇلائي ڇڏيائين.

”تخليق جي پيڙا کان وڌيڪ ٻي ڪا پيڙا ڪانهي.“ استروچڪوف پنهنجي خاص کل ڀوڳ واري انداز ۾ چيو. هن وٽ گووزديف وارو خط هٿ ۾ هو، جيڪو هن اليڪسيءَ جي پاسي واري ڪٻٽ تان کنيو هو.

اڄ ڪلهه هر ماڻهوءَ کي ڇا ٿي ويو آهي.........؟ گووزديف کي ئي کڻي ڏسو! اڙي چريا! هڪڙي ڇوڪريءَ ڇا کڻي نڪ موڙيو آهي ته مرڳو لڙڪن جو درياءُ بنهه اٿلي پيو آهي. سِنگهه جهليس ئي ڪانه ٿي. مون خط کڻي پڙهيو آهي. تون ان ڳالهه تي ناراض ته ڪونه ٿيندين نه، هان؟ اسان سپاهين جي وچ ۾ رازداري ڪهڙي؟“

اليڪسي ناراض ڪونه هو. هو سوچي رهيو هو ته سڀاڻي مون کي پوسٽ جي پٽيوالي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. جڏهن ٽپال ڪڍڻ اچي ته آءٌ پنهنجو خط واپس کڻي وٺان؟ رات جو اليڪسيءَ لاءِ ننڊ به ڏاڍا خراب خواب کڻي آئي. پهريائين ته هن خواب ۾ ڏٺو ته هو برف سان ڍڪيل هوائي اڏي تي آهي، جتي عجيب ڊزائين جو هوائي جهاز ”لا – 5“ جهرڪيءَ وانگر چنبن تي زمين تي بيٺو آهي. مستري يورا ڪاڪ پٽ ۾ چڙهيو ۽ چيائين ته اليڪسيءَ جا هاڻي ”هوائي جهاز اڏائڻ وارا ڏينهن“ پورا ٿي ويا ۽ هاڻي هوابازيءَ جو منهنجو وارو آهي........ پوءِ وري هن ڏٺو ته هو پريان وڇايل بستري تي ليٽيو پيو آهي ۽ نانا ميخائيل سفيد قميص ۽ پُسيل پتلون پايو....... کيس گرم ٻاڦ جو غسل ڏئي رهيو آهي. هو کليو پئي ۽ چيائين پئي ته ”شاديءَ کان پهريائين گرم تڙ ڏاڍي مزي وارو هوندو آهي.“ پرهه ڦٽيءَ کان پهريائين هن اوليا کي خواب ۾ ڏٺو. هو ابتي ٻيڙيءَ تي ويٺي هئي. هن جون مضبوط ۽ سانوريون ٽنگون پاڻي ۾ لڙڪي رهيون هيون. هوءَ ڪيڏي نه نازڪ، حسين ۽ ٻهڪندڙ لڳي رهي هئي. هوءَ سج کان بچڻ لاءِ هڪ هٿ سان اکين تي ڇانو ڪري رهي هئي ته ٻئي هٿ سان کيس سڏي رهي هئي. هو هن ڏانهن ترڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر لهرون شهروز ۽ تيز هيون، جيڪي کيس ڪناري ۽ اوليا کان پري ڌڪي کڻي ويون. هو پنهنجي ٽنگن، ٻانهن ۽ بدن جي هر عضوي سان زور لڳائي، ويجهي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن ڀرپور جاکوڙ ڪئي، تڏهن وڃي مس مس کيس اوليا جا هوا ۾ اڏامندڙ وار ٻيهر ڏسڻ ۾ آيا ۽ سندس سانورين ٽنگن تي پاڻيءَ جون بوندون ترڪندي ڏسڻ ۾ پئي آيون.........

اهو ئي خواب ڏسندي هو جاڳي پيو. هو اندر ئي اندر هڪ خوشي ۽ ترنگ محسوس ڪري رهيو هو. پوءِ هو ڪيتري دير ائين اکيون پوريو پيو هو ته جيئن هو ٻيهر ساڳيو سلوڻو خواب ڏسي سگهي، پر ائين فقط ٻالڪپڻ ۾ ٿيندو آهي. کيس محسوس ٿيو ته هن نازڪ، سهڻي ۽ سلوڻي ڇوڪريءَ جي مُکَ هر شيءِ کي اجاري ڇڏيو آهي. کيس پريشان نه ٿيڻ گهرجي، هينئون نه هارڻ گهرجي. هن کي هر قيمت تي وهڪري جي خلاف اوليا ڏانهن ترندو رهڻ گهربو هو. بس هر صورت ۾ اڳتي ترندو رهڻ گهربو هو. پنهنجي قوت جو آخري قطرو به استعمال ڪري، اوليا تائين پهچڻ گهربو هو. پر هو خط؟ هُن پوسٽ جي دٻي وٽ وڃي انتظار ڪرڻ چاهيو ٿي، پر وري هن ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ هٿ کي ڇنڊي، پنهنجو پاڻ کي چيائين ”ٺيڪ آهي، وڃڻ ڏئينس. ان سان سچي محبت ڊڄي ڀڄي ڪانه ويندي.“ ۽ اهو يقين ڪرڻ بعد ته محبت سچي هئي ۽ پوءِ چاهي هو خوش هجي يا اداس، صحتمند هجي يا بيمار، چاهي هو ڪهڙي حال ۾ به هجي، محبت سندس راهون تڪي رهي هوندي. اهو سوچي هن پنهنجي اندر هڪ نئين طاقت کي ڪَرَ موڙيندي محسوس ڪيو.

انهيءَ صبح جو هن بنان گهوڙين هلڻ جي ڪوشش ڪئي. هو ڏاڍي احتياط سان بستري تان اٿيو ۽ ٽنگون ٽيڙي بيهي رهيو. ڏاڍيءَ بيوسيءَ مان ٻئي ٻانهون هوا ۾ پکيڙي توازن قائم ڪرڻ لڳو. ڀت کي جهلي هن هڪڙو قدم اڳيان وڌايو. سندس نقلي پيرن جي چمڙيءَ چَر چَر ڪئي. سندس بدن لُڏيو، پر هن ٻانهن سان توازن قائم رکيو. هن ساڳئي طرح ڀت کي جهلي ٻيو قدم کنيو. هن ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو ته ڪو هلڻ به ايڏو مشڪل ڪم ٿي سگهي ٿو. جڏهن هن ٽيون قدم کنيو ته سندس جسم جهڪي ويو ۽ سندس پيرن جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ هو ڦهڪو ڪري پٽ تي اچي ڪريو.

انهيءَ ورزش لاءِ هن اهو وقت چونڊيو هو، جڏهن سڀ مريض مختلف علاج ڪرائڻ هليا ويندا هئا ۽ پويان فقط اليڪسي اڪيلو رهجي ويندو هو. هن ڪنهن کي به مدد لاءِ ڪونه سڏيو. هو ڀت تائين گسڪي ويو ۽ ان جي سهاري سان اٿي بيٺو. هن پنهنجي پاسي تان هٿ گهمايو، جتي کيس ڌڪ لڳو هو ۽ ٺونٺ جي رهڙ ڏٺائين، جيڪا ڳاڙهي ٿي رهي هئي. هن ڏند ڀڪوڙيا ۽ ڀت کان هٽي هڪڙو قدم ٻيو به کنيائين. کيس خبر پيئي ته هن کي هلڻ جو گُر سمجهه ۾ اچي ويو آهي. سندس اصلي ۽ نقلي پيرن ۾ فرق هي هو ته نقلي پيرن ۾ لچڪ ڪانه هئي. هو اڃا تائين انهن کان اڻ ڄاڻ هو ۽ اڃا تائين کيس انهن جي هير ڪانه هئي، اڃا تائين کيس هلڻ ۾ خود بخود پيرن بدلائڻ جي مهارت حاصل نه ٿي هئي. اڃا تائين اها خبر ڪانه هئس ته هڪڙو قدم کڻي جسم جو بوجهه کڙين کان پنجن تائين خود بخود ڪيئن منتقل ڪجي ۽ ٻيو قدم کڻندي، ٻئي پير جي کڙين تي بدن جو بار ڪيئن وڌو وڃي؟ ۽ گڏوگڏ کيس اڃا تائين اها به خبر ڪانه هئي ته ٻئي پير برابر نه، پر ٿورا هڪٻئي کان آڙا ٽيڙا ڪري رکبا آهن. انهيءَ ڪري ئي ته هلڻ ۾ توازن برقرار رهي ٿو.

اليڪسيءَ دل ۾ ڀڻي ڪيو ته سندس منزل ڪهڙي آهي؟ ۽ پوءِ ان تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. هو ديوار کان الڳ بيٺو هو ۽ سندس جسم لڏي رهيو هو. هو توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هن محسوس ڪيو ته ٻه ٽي قدم کڻڻ کان پوءِ سندس نڪ تي پگهر جا ڦڙا جمع ٿي ويا هئا.

بلڪل اوڏيءَ مهل واسيلي واسيلي وچ کيس ڏٺو. هو در وٽ بيهي کيس ڏسندو رهيو ۽ پوءِ وڌي کيس ڀاڪر ۾ جهلي سهارو ڏنائين ۽ چيائين:

”تمام سٺو، ڇو تون اڪيلو ڇو؟ نه ڪا نرس ۽ نه ڪو خدمتگار؟ ڏاڍو آن ۽ شان وارو آهين. پر ڪا پرواهه ناهي. هر ڪم ۾ پهريون قدم سڀ کان اهم هوندو آهي ۽ تو اهو مشڪل ترين مرحلو طئي ڪري ورتو آهي.“

ٿورو وقت اڳ واسيلي واسيلي وچ هڪ انتهائي اهم طبي اداري جو صدر مقرر ٿيو هو. هي تمام وڏو ڪم هو ۽ ان ۾ تمام گهڻو وقت ٿي لڳو. تنهن ڪري اسپتال وارو ڪم کيس ڇڏڻو پيو هو. ليڪن هي پوڙهو اڃا تائين اتي صلاحڪار پڻ هو. جيتوڻيڪ ٻيو عملو اسپتال جي نگراني ساڳيءَ طرح ڪندو هو، پر پوءِ به هو هر روز هتي ضرور ايندو هو ۽ جيڪڏهن وٽس وقت هوندو هو ته وارڊن جو چڪر به ضرور لڳائيندو هو ۽ صلاح مشورو ڪندو هو. پنهنجي پٽ جي موت کان پوءِ هو هڪ بدليل انسان ٿي لڳو. سندس ٻاراڻين عادتن سان ڀريل ريجهالپڻو ختم ٿي چڪو هو. هاڻي هو نه رڙيون ڪندو هو ۽ نه ڪنهن تي ڪاوڙبو هو ۽ جيڪي ماڻهو کيس سڃاڻندا هئا، سي انهيءَ کي پوڙهپڻ جي نشاني سمجهندا هئا.

”هليا ميريسئف، هاڻ پاڻ ٻئي گڏجي هلڻ سکنداسين.“ هن تجويز رکي ۽ پنهنجي قافلي ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”توهان وڃي پنهنجو ڪم ڪريو، هتي ڪو سرڪس ته ڪونهي جو بيٺا تماشو ڏسو. مون کان سواءِ ئي معائني جو ڪم پورو ڪريو.“ پوءِ ميريسئف کي چيائين: ”ها هاڻي هل ڇوڪرا. هڪ......! مون کي جهلي بيهه، جهلي بيهه، ڦڪو نه ٿيءُ. آءٌ جنرل آهيان ۽ توکي حڪم مڃڻو پوندو. هاڻي، ها، ٻه! ٺيڪ آهي. هاڻي کاٻو پير. بلڪل صحيح! هاڻي ساڄو، واهه واهه، تمام سٺو.“

مشهور سرجن خوشيءَ وچان هٿ مهٽڻ لڳو، ڄڻڪ هڪ ماڻهوءَ کي پنڌ ڪرڻ سيکاري، هو خبر ناهي ڪيڏو وڏو تجربو ڪري رهيو هجي. ليڪن هن جي طبيعت ئي اهڙي هئي. هو جيڪو به ڪم ڪندو هو ته ان ۾ بلڪل گم ٿي ويندو هو ۽ هر ڪم ۾ پنهنجو شاندار ۽ پرجوش روح تائين به شامل ڪري ڇڏيندو هو. هر ڪم ۾ پنهنجو تن من۽ ڌن لڳائي ڇڏيندو هو. هن اليڪسيءَ کي وارڊ جي سموري ڊيگهه پار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ جڏهن هو ٿَڪ کان چور، هڪ ڪرسيءَ تي ڊهي پيو ته هن ٻي ڪرسي ريڙهي سندس پاسي ۾ ڪئي ۽ چيو:

”چڱو ڀلا، ٻڌاءِ ته اسان هوائي جهاز اڏائينداسين؟ منهنجو خيال آهي ته تون ضرور هوائي جهاز اڏائيندين. منهنجا ٻچا! هن جنگ ۾ ماڻهن جي سڄي ٻانهن ڪٽجي وڃي ٿي، پر پوءِ به هو سڄي ڪمپنيءَ کي وٺي اڳيان وڌن ٿا ۽ حملو ڪن ٿا. موتمار زخم کائي به ماڻهو ٽينڪون ۽ مشين گنون هلائين ٿا. ماڻهو مشين گنن اڳيان ديوار بنجي بيهي رهن ٿا..... صرف مردا ئي ڪونه وڙهي رهيا آهن.....“ پوڙهي پروفيسر جو چهرو ڪومائجي ويو ۽ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو ”ليڪن جيڪي مري ويا آهن، سي به وڙهي رهيا آهن. انهن جو شان ۽ نالو وڙهي رهيو آهي. ها...... هليا نوجوان، هاڻي اسين ٻيهر هلڻ شروع ڪيون.“

جڏهن اليڪسيءَ پنهنجو ٻيو ڦيرو مڪمل ڪري ساهي کڻڻ لاءِ ويٺو ته پروفيسر گووزديف جي کٽ ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو: ”ٽينڪ مين ڪٿي آهي؟ ڇا کيس موڪل ملي ويئي؟“

اليڪسيءَ کيس ٻڌايو ته ٽينڪ مين صحتياب ٿي، پنهنجي يونٽ ۾ واپس هليو ويو آهي. صرف اها ڪمي رهجي ويئي ته سڙڻ جي ڪري سندس چهرو بنهه مسخ ٿي چڪو هو، خاص ڪري هيٺيون حصو.

”ته هن توکي خط به لکيو؟ شايد سندس دل ٽٽي پيئي هوندي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ساڻس ڇوڪريون محبت ڪين ڪنديون. کيس مشورو ڏي ته ڏاڙهي مُڇون رکائي. آءٌ سنجيدگيءَ سان چوان پيو. هو بنهه نئون ۽ نرالو ماڻهو لڳندو ۽ ڇوڪريون مٿس ساهه ڇڏينديون.“

هڪ نرس ڊوڙندي، سهڪندي اندر آئي ۽ واسيلي واسيلي وچ کي چيائين ته عوامي ڪميسارن جي ڪائونسل مان ٽيليفون آئي آهي. هو اٿيو ۽ در وٽ پهتو ته مڙي خوش ٿي چيائين:

”ها، هن کي لکڻ نه وسارجانءِ. ڇا آهي نالو........؟ هو تنهنجو دوست....... هن کي لکجانءِ ته مون ڏاڙهيءَ جو نسخو تجويز ڪيو آهي، سندس لاءِ. هي هڪ آزمايل ڏس آهي ۽ پوءِ عورتون ان تي ساهه ٿيون ڇڏين.“

شام مهل اسپتال جو پوڙهو ملازم اليڪسيءَ لاءِ آبنوس جو هڪ پراڻو لڪڻ کڻي آيو، جيڪو ڏاڍو خوبصورت هو. هن جو آرامده مُٺيو عاج جو ٺهيل هو ۽ مٿس ڏاڍي سهڻي گلڪاري ٿيل هئي.

”پروفيسر تنهنجي لاءِ موڪلي آهي.“ پوڙهي ملازم چيو. ”هي لڪڻ واسيلي واسيلي وچ جو پنهنجو آهي، جيڪو توکي سوکڙيءَ طور موڪليو اٿس ۽ چيو اٿس ته هاڻ توکي لڪڻ جي سهاري هلڻ گهرجي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org