ٻيو حصو
(1)
جڏهن آندرئي ۽ لينوچڪا پنهنجي دوست اڳيان گاديءَ واري شهر ماسڪو
جي هن اسپتال جي جا واکاڻ ڪئي هئي، جنهن ۾ هاڻي
اليڪسي ۽ ڪوڪوشڪن جي داخلا ٿي هئي ته ان ۾ هنن
واقعي ڪوبه وڌاءُ ڪونه ڪيو هو.
جنگ کان پهريائين هيءَ اسپتال هڪ اداري جو سکيا گهر هوندو هو.
هتي روس جي هڪ مشهور سائنسدان بيمارن ۽ زخمين جي
ترت ۽ مڪمل علاج لاءِ تمام بهترين تجربا ڪيا هئا.
هي ادارو پنهنجي مضبوط روايتن تي قائم هو ۽ سڄي جڳ
۾ مشهور هو.
جڏهن جنگ لڳي ته ان سائنسدان هن سکيا گهر کي فوجي آفيسرن جي هڪ
اسپتال ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ان اسپتال ۾ مريضن کي ان
زماني جي جديد ترين ۽ ترقي پذير سائنس جون سموريون
سهوليتون مهيا ٿينديون هيون. جڏهن ماسڪو جي ويجهو
زبردست جنگ لڳي هئي، تڏهن اسپتال ۾ مقرر گنجائش
کان چوڻا بسترا وڌي ويا هئا. سموريون خالي جايون
ــــــ ملاقات جا ڪمرا، مطالعي ۽ تفريح وارا ڪمرا،
اسپتال جي عملي جا ڪمرا ۽ کاڌي کائڻ وارا ڪمرا
ـــــــــ مطلب ته سموريون خالي جايون وارڊن ۾
بدلائيون ويون. خود سائنسدان پاڻ تجربيگاه جي پاسي
واري سندس مطالعي وارو ڪمرو خالي ڪيو هو ۽ پاڻ
پنهنجا ڪتاب کڻي، ان ننڍڙي ڪمري ۾ اچي رهيو هو،
جيڪو ڊيوٽي تي موجود نرس استعمال ڪندي هئي. تنهن
هوندي به گهڻو ڪري ورانڊن ۾ مريضن جا بسترا لڳائڻ
جي ضرورت پوندي هئي.
انهن چمڪندڙ سفيد ديوارن جي پٺيان، جن کي ڏسي معلوم ٿي ٿيو ته
اهي خاص هن طب جي علم واري سکيا گهر جي مقدس
خاموشيءَ لاءِ ٺاهيون ويون هيون، مريضن جون
ڪنجهڪارون، دانهون، سُتل مريضن جا کونگهرا ۽
سرسامي مريضن جي وڦل ٻڌجڻ ۾ پئي آئي. ان جاءِ تي
جنگ جي پيدا ڪيل ڏکوئيندڙ صورتحال ۾ گهُٽ ۽ ٻوساٽ
جو احساس ٿي ٿيو. رت ۾ ٻڏل پٽين جي بانس، سُڄيل ۽
ڏکوئيندڙ زخمن جي ڌپ، جيئرن ماڻهن جي سڙندڙ زخمن
جي بدبوءِ! تازي هوا جي لهر به ان سڙاند واري
بدبوءِ کي ختم ڪري نه ٿي سگهي. سائنسدان جي مرضيءَ
مطابق ٺاهيل پلنگن جي پاسي ۾ اڀريون سڀريون کٽون
به پيون هيون. ٿانون جي کوٽ هئي، تنهن ڪري اسپتال
جي چينيءَ جي چمڪندڙ پليٽن سان گڏ جست جا ٿانوَ پڻ
استعمال پيا ٿيندا هئا. ويجهو ئي ڪٿي بم اچي ڦاٽو
هو، تنهن ڪري درين جا شيشا ڀڄي پيا هئا. هينئر ان
جاءِ تي ڪاٺ جا تختا لڳل هئا. پاڻيءَ جي پڻ سخت
کوٽ هئي. گيس ته هر هر بند ٿيو ٿي ويئي ۽ اوزارن
کي وري پراڻي اسپرٽ واري چُلهي تي اٻارڻو ٿي پيو.
پر پوءِ به زخمن جي رس لڳي پئي هئي. انهن جي تعداد
۾ ويتر واڌارو پئي ٿيو. اهي هوائي جهازن، موٽرن ۽
گاڏين ۾ آندا ٿي ويا. انهن جو ڳاڻيٽو اسان جي
جوابي حملي ۽ پيش قدميءَ جي وڌندڙ قوت ۽ زور جي
حساب سان وڌندو ٿي رهيو.
ليڪن انهن سمورين ڳالهين جي باوجود به اسپتال جو سمورو عملو، ان
جو چيف، نامور سائنسدان ۽ اعليٰ سوويت جي رُڪن کان
وٺي وارڊ جي نرسن، وارڊ جي نوڪرن ۽ ڀنگين تائين،
سڀئي پنهنجي اداري جي پراڻن ضابطن جي پورائي ڪرڻ
لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا هئا. حالانڪه
سڀ جا سڀ ٿڪ کان چور، بنهه بيحال ٿي چڪا هئا ۽
ڪڏهن ڪڏهن ته کين لنگهڻ تي به گذارڻو پوندو هو.
وارڊن جي نوڪرياڻين کي ته هڪ پل به آرام ڪرڻ کان
سواءِ مسلسل ٽي ٽي ڀيرا لڳاتار ڊيوٽي ڪرڻي پوندي
هئي ۽ ان کان پوءِ جيڪي کين واندڪائيءَ جون گهڙيون
مليون ٿي، تن ۾ هو پنهنجي صفائي سٿرائي ۽ ڌوئڻ
پوئڻ جو ڪم ڪنديون هيون. سنهڙيون سڪلون، ٿڪل ٽٽل،
بنهه چُور نرسون، پهرين وانگر پنهنجي سفيد ۽ صاف
سٿرن ڪپڙن ۾ ڪم تي آيون ٿي ۽ ڊاڪٽرن جي هدايت تي
پوري طرح عمل ڪرڻ لاءِ ساڳئي جذبي ۽ جوش سان لڳي
ٿي ويون. هائوس سرجن اڳ وانگر ئي سختيءَ کان ڪم
وٺندو هو ۽ سفيد چادر تي هڪ معمولي داغ به برداشت
نه ڪندو هو. هو ديوارن، ڪٽهڙن ۽ دروازن جي ٻانهين
کي پنهنجي رومال سان رهڙي ڏسندو هو ته آيا ڪٿي ڪو
مٽيءَ جو ذرو رهجي ته ڪونه ويو آهي. ڏينهن ۾ ٻه
ڀيرا، مقرر ڪيل وقت تي اسپتال جو چيف معائني تي
نڪرندو هو. هو ڊگهو، ڳاڙهي چهري وارو هڪ پوڙهو
ماڻهو هو. هن جو هميشه گوڙ پيو پوندو هو. هن جا
وار نرڙ تي پيا پوندا هئا. سندس مڇون ڪاريون هيون
۽ وڏي ڏارهيءَ ۾ ڪجهه سفيد وار به نمايان هئا. هو
جنگ کان اڳ واري شان ۽ مان سان ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا
سرجنن جي قافلي سان وارڊ جي معائني تي نڪرندو هو.
ساڻس گڏ سفيد چوغن ۾ سندس نائب هوندا هئا، هو نون
مريضن جا ڪيس ڏسندو ۽ نازڪ مريضن متعلق مشورو
ڏيندو اڳتي وڌندو ويندو هو.
انهن ڇڪ ڇڪان وارن ڏينهن ۾ کيس اسپتال کان ٻاهر به تمام گهڻو ڪم
ڪرڻو ٿي پيو، پر پوءِ به هو پنهنجي ننڊ ۽ آرام
حرام ڪري پنهنجي پياري اداري لاءِ وقت ضرور ڪڍندو
هو. ڪابه ٿوري گهٽ وڌائي ٿي ته عملي تي وٺ وٺ لاهي
ڏيندو هو. سندس ڪاوڙ ۾ هڪ عجيب قسم جو ٻالڪپڻ ۽
جوش هوندو هو. هو پنهنجي ڪاوڙ اُتي جو اُتي ظاهر
ڪندو هو ۽ دل ۾ ڪينو سانڍڻ وارو ڪونه هو. هن جو
هميشه اسرار هو ته جنگ جي دوران ماسڪو ۾ کڻي ڀلي
بليڪ آئوٽ هجي يا گهُگهُو وڄندو هجي، پر اسپتال کي
پنهنجو فرض پوري طرح نباهيندو رهڻ گهرجي. هٽلر يا
گوئرنگ جو پڻ اهو ئي جواب هو. هو جنگ جي ڪري پيدا
ٿيل مشڪلاتن جي دانهن ڪوڪ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونه
هو ۽ چوندو هو ته ڪم چور ۽ سست قسم جا ماڻهو هتان
ڀڄي وڃن. خاص ڪري ان وقت، جڏهن اسان تي ڏکيو وقت
آيو آهي، تڏهن ته اسان کي وڌيڪ چوڪس ۽ نظم وضبط ۾
رهڻو پوندو. هو خود ايتري ته پابنديءَ سان وارڊ جو
دورو ڪندو هو، جو وارڊ جون نوڪرياڻيون، کيس ڏسي
وارڊ جي گهڙيالن جو وقت درست ڪنديون هيون. بمباري
۾ به هن جي معمول ۾ ڪا رڪاوٽ وجهي نٿي سگهي.
صبح جي هڪ اهڙي ئي وقت چيف، جنهن کي اسان واسيلي واسيلي وچ جي
نالي سان ياد ڪندا هئاسين، ٽين منزل جي چاڙهيءَ وٽ
هڪ ٻئي جي پاسي ۾ ٻن پلنگن وٽ آيو.
”هيءَ ڪهڙي نمائش آهي؟“ هو گرجيو ۽ سرجن کي کائي ويندڙ نظرن سان
ائين پئي گهوريائين جو هو ڊگهو، گول ڪلهن وارو خوش
شڪل ماڻهو، جيڪو هاڻي نوجوانيءَ کان موٽي رهيو هو،
بلڪل اسڪول جي ٻارن وانگر تاڻجي بيهي رهيو.
”رات ئي پهتا آهن....... هواباز آهن. هن جي ران واري هڏي ۽ ساڄي
ٻانهن ڀڳل آهي. حالت سڌندڙ آهي. پر هو......“ هن
هڪ ٻئي سڪل سنهڙي انساني ڍانچي ڏانهن اشارو ڪيو،
جنهن جي عمر جي باري ۾ ڪجهه به چئي نٿي سگهجيو. هو
اکيون بند ڪريو، بنا چرڻ پرڻ جي پيو هو. ”هي نازڪ
مريض آهي، هن جا پير چچريا پيا آهن. ٻنهي پيرن ۾
گينگرين آهي. پر سڀ کان وڌيڪ هيءَ ڳالهه آهي ته هو
بنهه بيحال آهي. مون کي يقين ڪانه ٿي اچي، پر ساڻس
گڏيل آيل ميڊيڪل آفيسر جي رپورٽ آهي ته هي ماڻهو
پنهنجي ڀڳل پيرن سان ارڙهن ڏينهن تائين جرمنن جي
مورچي پٺيان، پنهنجي مورچي طرف رڙهندو رهيو.......
بيشڪ هيءُ وڌاءُ آهي...... مون کي ته اعتبار ئي
ڪونه ٿو اچي.“
هائوس سرجن جون ڳالهيون ٻڌي اڻ ٻڌيون ڪري واسيلي واسيلي وچ ڪمبل
مٿي کنيو. اليڪسي ڇاتيءَ تي هٿ رکيو پيو هو.
”هي هتي ڇو پيو آهي؟“
”ورانڊي ۾ ڪابه جاءِ ڪانهي، توهان خود..........!“
”توهان خود! توهان خود! ۽ 42 نمبر لاءِ ڇا ٿو چوين؟“
”اهو ڪرنلن جو وارڊ آهي.“
”ڪرنلن جو!“ پروفيسر رڙ ڪئي. ”ڪهڙي بيوقوف جي ايجاد آهي اها؟“
”ليڪن اسان کي چيو ويو آهي ته ”روسي هيرن“ لاءِ جاءِ بچت ۾
رکجو.“
”سورما، سورما! هن جنگ ۾ سڀ سورما آهن. پر تون مون کي سبق
پڙهائڻ جي ڪوشش ڇو پيو ڪرين؟ هتي جو انچارج ڪير
آهي؟ جنهن کي منهنجي ڳالهه نه وڻي، سو گولي ٿي
وڃي! هنن ٻنهي کي هڪدم 42 نمبر ۾ پهچايو. ’ڪرنلن
جو وارڊ‘ ماڻهن کي ڪهڙيون نه چريائپ جون ڳالهيون
سجهن ٿيون.“
هو پنهنجي قافلي سان گڏ اڳيان وڃڻ لڳو، پر هڪدم واپس وريو. هو
اليڪسيءَ مٿان جهڪيو ۽ پنهنجو هٿ، جنهن جي کل
مختلف دوائن جي اثر کان اڍڙي ويئي هئي، کڻي سندس
ڪلهي تي رکيائين ۽ پڇيائين:
”ڇا اهو سچ آهي ته تون جرمنن جي مورچي جي پٺيان ٻن هفتن تائين
رڙهندو رهيو هئين؟“
”ڇا مون کي گئنگرين آهي؟“ ميريسئف ٻڏل آواز ۾ پڇيو.
پروفيسر پنهنجي قافلي ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريو، جيڪو دروازي وٽ بيهي
رهيو هو. پوءِ هن پنهنجيون اکيون مريض جي وڏين
ڪارين اکين سان ملائي ڇڏيون، جن ۾ درد ۽ پيڙا جا
اهڃاڻ ڀريل هئا. هن جي وات مان بي اختيار نڪري
ويو:
”تو جهڙي شخص کي دوکو ڏيڻ گناهه آهي. ها هيءَ گئنگرين (نَنگرو)
آهي، پر تون دل وڏي ڪر. ڪابه بيماري لاعلاج ڪانهي.
ماڻهو جڏهن مصيبت ۾ ڦاسي پوندو آهي ته ڇوٽڪاري جو
رستو پڻ لڀي پوندو آهي، سمجهيئي نه منهنجي ڳالهه؟
بس ايترو ڪافي آهي!“
هو لڏندو لمندو، ڊگهيون ٻرانگهون ورائيندو، گوڙ ۽ گهمسان ڪندو
اتان هليو ويو ۽ پوءِ ستت ئي پريان ڪٿان ورانڊي جي
شيشي مان سندس گرم آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
”ڏاڍو ڀلو ماڻهو آهي.“ ميريسئف پنهنجي ننڊاکڙين اکين کان پري
ويندڙ پاڇولي جو پيڇو ڪندي چيو:
”چريو آهي، تو سندس ڳالهه ٻڌي نه؟ هو اسان سان حُجائتي ٿيڻ جي
ڪوشش پيو ڪري. اسين اهڙي سادي طبيعت وارن ماڻهن کي
چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا.“ ڪوڪوشڪن پنهنجي بستري تان
هڪ چٻي مسڪراهٽ سان چيو:
”چڱو ته هاڻي اسان کي ’ڪرنلن جي وارڊ‘ ۾ رهڻ جو شرف مليو آهي.“
”گئنگرين“ ميريسئف آهستي آهستي چيو ۽ وري ٻيهر دهرايو،
”نَنگرو!“
(2)
هي ڪرنلن جو وارڊ ٻي منزل تي هو. ان ڪمري کي اوڀر ۽ ڏکڻ پاسن
کان دريون هيون، تنهن ڪري سڄو ڏينهن منجهس اُس
لياڪا پائيندي رهندي هئي. هي هڪ ننڍو وارڊ هو،
جنهن ۾ ٻن پلنگن، ٻن المارين ۽ هڪ ميز جي گنجائش
هئي. پر هن وقت منجهس چار پلنگ پيل هئا. انهن مان
هڪ پلنگ تي هڪڙو ڦٽيل ماڻهو پيل هو. هو پيرن کان
وٺي مٿي تائين سڄو پٽين ۾ ويڙهيو پيو هو. ائين پئي
لڳو، ڄڻ هو نئون ڄاول ٻار هجي، جيڪو سڄو ڪپڙي ۾
ويڙهيو پيو هجي. هو ماٺ ڪريو، سڌو سنئون پيو هو ۽
پٽين جي آڏ مان پنهنجي خالي خالي ۽ ڀورين اکين سان
ڇت کي گهوري رهيو هو. هڪ ٻئي بستري تي، جيڪو
اليڪسيءَ جي بنهه پاسي ۾ پيو هو، هڪ ٻيو مريض
ليٽيو پيو هو. سندس فوجي چهرو سڄو سريو پيو هو،
جنهن تي ماتا جا داڻا ظاهر هئا. سندس مُڇون
سنهڙيون ۽ سونهري هيون. هو ڏاڍو گهڻ ڳالهائو ۽
ڀوڳائي ماڻهو هو.
اسپتال ۾ ماڻهن جي جهٽ پٽ ۾ دوستي ٿيو وڃي. شام ٿيندي ئي
اليڪسيءَ کي خبر پئجي ويئي ته ماتا وارو همراهه
سائبيريا جو رهاڪو آهي. پئنچاتي فارم جو صدر آهي.
شڪاري آهي ۽ فوج ۾ نشانيباز آهي. وڏي ڳالهه ته
پنهنجي هر فن ۾ برک آهي. هن پنهنجي جنگي عمل جي
شروعات يلنا جي ويجهو وارين لڙائين سان ڪئي ۽ پوءِ
سائبيريائي ڊويزن ۾ شامل ٿي باقاعده جنگ جي ميدان
۾ آيو. جنهن ڊويزن ۾ سندس ٻه پٽ ۽ هڪڙو ناٺي به
شامل هئا. سندس چوڻ مطابق هو هيستائين ستر دشمنن
کي ”جنم جو رستو“ ڏيکاري چڪو هو. هو سوويت يونين
جو هيرو هو ۽ جڏهن هن اليڪسيءَ کي پنهنجو نالو
ٻڌايو ته هن ڏاڍي حيرت سان ان سادي سودي ۽ رلڻي
ملڻي چهري کي ڏٺو. ان وقت فوج ۾ سندس نالو ڳائجي
رهيو هو ۽ وڏين وڏين اخبارن مٿس ايڊيٽوريل لکيا
هئا. اسپتال ۾ هر ماڻهو، نرس، هائوس سرجن ۽ خود
واسيلي واسيلي وچ به، سڀئي هن کي ڏاڍي احترام سان
استيپان ايوانوچ جي نالي سان سڏيندا هئا.
وارڊ جو چوٿون ماڻهو – جيڪو سڄو پٽيون ٿيو پيو هو – سڄو ڏينهن
پنهنجي باري ۾ هڪڙو لفظ به ڪونه ڳالهايائين. سچي
ڳالهه ته اها آهي ته سندس وات مان هڪڙو لفظ به
ڪونه نڪتو هو. پر استيپان، جنهن کي دنيا جي هر
ڳالهه جي خبر هئي، آهستي آهستي هن جو سمورو قصو
اليڪسيءَ کي ٻڌائي ڇڏيو. سندس نالو گريگوري
گووزديف هو. هو ٽئنڪن واري دستي ۾ ليفٽيننٽ هو ۽
هو به سوويت يونين جو هيرو هو. هو اسڪول مان سَند
وٺي نڪتو هو ۽ شروع کان ئي جنگ ۾ شامل ٿي ويو.
پهريون ڀيرو هن بريست لينوفسڪ جي ويجهو ڪنهن مورچي
تي جنگ ۾ حصو ورتو. بيلوستوڪ جي ويجهو ٽئنڪن جي
مشهور جنگ ۾ سندس ٽينڪ ڦاٽي پيئي. هو هڪدم ان مان
نڪري هڪ ٻيءَ ٽينڪ ۾ گهڙي ويو، جنهن جو ڪمانڊر
مارجي چڪو هو ۽ ٽينڪ ڊويزن جي باقي بچيل حصي کي
ميڙي چونڊي مينسڪ طرف، پويان هٽندڙ فوج جي حفاظت
ڪندو رهيو. بوگ دريا وٽ لڙائيءَ ۾ هو زخمي ٿيو ۽
وٽائنس ٻي ٽينڪ به هلي ويئي. پوءِ هو ٽين ٽينڪ ۾
گهڙي ويو، جنهن جو ڪمانڊر به مارجي ويو هو. هن
ڪمپنيءَ جي اڳواڻي پنهنجي هٿ ۾ آندي، پوءِ جڏهن هو
دشمنن جي مورچي جي پٺيان رهجي ويو، تڏهن هن ٽن
ٽينڪن جي هڪ گشتي ٽولي ٺاهي ۽ هڪ مهيني تائين
دشمنن جي لائين پٺيان رهي، دشمنن جي آمدورفت کي
نقصان پهچائيندو رهيو ۽ انهن تي دهشت ويهاريندو
رهيو. موجوده جنگ ۾ هن جنگ جي ميدان ۾ ئي پنهنجي
ٽينڪ ۾ تيل ڀريو، بم ۽ بارود گڏ ڪيو ۽ ضروري اوزار
گڏ ڪيا.
هو دورو گربوز جي آسپاس جو رهاڪو هو. جڏهن هن ڪمانڊر جي ٽينڪ جي
وائرليس تان روس جي اطلاعاتي اداري طرفان اهو
اعلان ٻڌو ته جنگ جو مورچو سندس اباڻي ڳوٺ کي
ويجهو وڃي رهيو آهي ته هو پاڻ تي ضبط نه ڪري سگهيو
۽ ٽن ٽينڪن کي برباد ڪرڻ کان پوءِ باقي بچيل اٺن
ماڻهن سان گڏ ٻيهر فوج ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جهنگل ۾
ڪاهي پيو.
جڏهن کان جنگ شروع ٿي آهي، تنهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ، گريگوري
موڪل وٺي پنهنجي ڳوٺ آيو هو. سندس ماءُ، جيڪا ڳوٺ
جي اسڪول جي ماسترياڻي هئي، سخت بيمار هئي. سندس
پيءُ کيس تار موڪلي گهرايو هو، جيڪو کيتي ٻاڙيءَ
جو مشهور ماهر ۽ مزدورن جي نمائندن جي علاقائي
سوويت جو ميمبر هو.
گوزديف کي اسڪول جي ويجهو اها جهوپڙي ياد هئي. سندس ماءُ ننڍي
قد جي هڪڙي ڪمزور عورت، جيڪا هڪ پراڻي صوفي تي
بيوس پئي هوندي هئي. سندس پيءُ، جيڪو ماڻس جي صوفي
جي پاسي ۾ بيٺو کنگهي رهيو هو ۽ پنهنجي سفيد ٻُچي
ڏاڙهيءَ کي کنهي رهيو هو ۽ سندس ڪارن وارن واريون
ٽي سيبتيون ڀينرون، جيڪي آرڪاڻن ۾ ماڻس جهڙيون
هيون. کيس ڳوٺ جي ڊاڪٽرياڻي زينا پڻ ياد هئي. هن
جون اکيون نيريون هيون. هوءَ کيس ڇڏڻ لاءِ گهوڙي
گاڏيءَ ۾ چڙهي اسٽيشن تائين آئي هئي ۽ هن ڇوڪريءَ
سان وعدو ڪيو هو ته هو روزانو کيس خط لکندو. بيلو
روس جي تباه ۽ برباد ٿيل ڳوٺن مان جهنگلي جانور
وانگر سرندو گذرندي، شهرن ۽ پڪن رستن کان پاڻ
بچائيندي، هن ڏکويل دل سان سوچڻ جي ڪوشش ڪئي ته
کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ الائي ڇا ڪجهه ڏسڻ ۾ ايندو. هن
سوچيو پئي ته ڇا سندس ڳوٺ جا ماڻهو اتان نڪري ڀڄڻ
۾ ڪامياب ٿيا هوندا يا نه؟ جيڪڏهن اهي اتان نڪري
نه سگهيا هوندا ته پوءِ سندن ڪهڙو حشر ٿيو هوندو؟
جڏهن هو پنهنجي ڳوٺ پهتو ته اتي جيڪو حال ڏٺائين، سو سندس سوچيل
سڀني انديشن کان تمام گهڻو ڀيانڪ ۽ وحشتناڪ هو.
کيس نه ته پنهنجو گهر مليو، نه گهر جا ڀاتي، نه
زينا ملي ۽ نه ئي ڪو ڳوٺ جو نالو نشان باقي هو.
کيس هڪ سڙيل پوڙهي ملي، جيڪا نچڻ جي انداز ۾ ٽپ
ڏيندي ۽ پنهنجي منهن وڦلي، باهه ۾ سڙيل رک جي ڍيرن
تي ويهي هڪ چُلهه ۾ ڪا شيءِ پچائي رهي هئي. ان کان
معلوم ٿيو ته جرمن ويجهو اچي رهيا هئا، تڏهن اسڪول
جي ماسترياڻي ايتري ته بيمار هئي جو زراعت جو ماهر
۽ سندس نياڻيون کيس اتان کڻي وڃڻ جي همت ڪري نه
سگهيون ۽ نه وري هن کي اتي ڇڏي پاڻ ڪيڏانهن وڃي
سگهيا. جرمنن کي خبر پئجي ويئي ته مزدورن جي
نمائندن جي علاقائي ڪاميٽي جو هڪ ميمبر پنهنجي
ڪٽنب سان ڳوٺ ۾ رهجي ويو آهي. هنن سمورن ڀاتين کي
جهلي ورتو ۽ انهيءَ رات ئي سڀني کي وڻ ۾ لڙڪائي
ڦاسي ڏيئي ڇڏيائون ۽ گهر کي ساڙي ڦلهيار ڪري
ڇڏيائون. پوڙهيءَ اهو به ٻڌايو ته ڊاڪٽرياڻي زينا
جرمن اعليٰ عملدارن وٽ گريگوري جي ڪٽنب جي سفارش ۽
وڪالت ڪرڻ ويئي هئي، پر جرمن آفيسر مٿس انتهائي
ظلم ڪيو ته جيئن هوءَ مجبور ٿي پنهنجو جسم سندس
حوالي ڪري ڇڏي. نيٺ ڇا ٿيو؟ سا ته پوڙهيءَ کي خبر
ڪانه هئي، پر ٻئي صبح جو سوير آفيسر جي گهر مان
زينا جو لاش ڪڍي نديءَ جي ڪناري تي اڇلايو ويو،
جتي اهو ٻن ڏينهن تائين پيو رهيو. پوءِ جرمنن سڄي
ڳوٺ کي باهه ڏيئي ڇڏي، ڇو ته ڪنهن جرمنن جي تيل جي
ٽانڪين کي باهه ڏني هئي، جيڪي پئنچاتي فارم جي
واڙي ۾ رکيل هيون. ان واقعي کي صرف پنج ڏينهن ٿيا
هئا.
پوڙهي گووزديف کي سندس سڙي ويل گهر جي رک جي ڍيرن وٽ وٺي ويئي ۽
کيس اهو وڻ به ڏيکاريو. هي اهو ئي وڻ هو، جنهن جي
ڏار ۾ پاڻ ننڍي هوندي رسو ٻڌي لوڏ ٺاهي لڏندو هو.
هينئر اهو وڻ بلڪل سڪو پيو هو ۽ ان جي هڪ ڏار ۾
پنج ڦاسيءَ جا ڦندا لٽڪي رهيا هئا. پوڙهي نچڻ جي
نموني ۾ ٽپ ڏيندي، دل ئي دل ۾ ڪا دعا پڙهندي
گريگوري کي نديءَ جي ڪپ تي وٺي ويئي، جتي زينا جو
لاش ٻن ڏينهن تائين پيو هو، جنهن سان پاڻ روزانو
خط لکڻ جو وعدو ڪيو هئائين، پر کيس وعدو پاڙڻ
جيترو وقت ملي نه سگهيو هو. هو اتي هوا ۾ لڏندڙ ۽
جهومندڙ گاهه ۾ ٿوري دير بيٺو رهيو ۽ سموري وايو
منڊل تي هڪ نگاهه وجهي جهنگل طرف وڃڻ لڳو، جتي
سندس ساٿي انتظار ڪري رهيا هئا. هن نه ته هڪڙو لفظ
ڳالهايو ۽ نه ئي ڪو اکين مان ڳوڙهو ڳاڙيائين. سندس
چهري تي ڪهڙي قسم جو تاثر هو؟ تنهن کي بيان ڪرڻ
لاءِ لفظ ڪونهن.
جون جي آخر ۾، جڏهن جنرل ڪونيف حملي جي دوران پيش قدمي ڪئي ته
گريگوري ۽ سندس ساٿي جرمن لائن ٽپي وڃڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويا. آگسٽ ۾ کيس نئين ٽينڪ ”ت 34“ ڏني ويئي ۽
سرءُ جي موسم کان اڳ ۾ ئي بٽيلن ۾ هو تمام گهڻو
مشهور ٿي ويو. ماڻهو چوندا هئا ”هن همراهه ته دنگ
ڪري ڇڏيو.“ سندس باري ۾ اهڙيون ڪهاڻيون چيون ۽
لکيون وينديون هيون، جن تي يقين نٿي آيو، پر هيون
سچيون ڪهاڻيون. هڪ رات هو گشت لاءِ نڪتو ۽ انتهائي
ڦڙتائيءَ سان جرمن لائين کي چيريندو اڳيان وڌيو ۽
رستي ۾ سموريون رنڊڪون خير سان پار ڪيائين. بي خطا
توپن جا ڌماڪا ڪندو، دشمنن ۾ ڏهڪاءُ وجهندو هو هڪ
اهڙي شهر ۾ وڃي پهتو، جيڪو اڌ روسي فوج جي گهيري ۾
هو. هو دشمنن جي صفن ۾ افراتفري پيدا ڪندو وڃي
پنهنجي فوج سان مليو. هڪ ٻئي موقعي تي هو جرمن
لائين جي پٺيان هڪ گشتي ٽوليءَ سان گهمندو ڦرندو
وڃي رسدگاهه تي حملو ڪيائين.
سرءُ جي موسم ۾ ٽئنڪن جي هڪڙي ٽوليءَ جي رهنمائي ڪندي رزديف شهر
جي ويجهو هڪڙي قلعي بند ڳوٺ جي فوجي جٿي تي حملو
ڪيائين. اُتي دشمن جو هيڊ ڪوارٽر هو. هو اڃا ڳوٺ
واري موڙ تي مس پهتو ته سندس ٽئينڪ هڪ اهڙي بوتل
سان وڃي ٽڪرائي، جنهن ۾ ڪو بارود پيل هو. دونهن جو
ڪارو ڪڪر ڀڙڪي اٿيو ۽ سڄي ٽئينڪ شعلن ۾ وڪوڙجي
ويئي. پر ٽئينڪ جو عملو پنهنجو ڪم ڪندو رهيو.
ٽئينڪ هڪ وڏي مشعالي وانگر ڳوٺ ۾ ڊوڙندي رهي ۽ ان
۾ موجود سڀ توپون گجنديون رهيون. جرمن سپاهين کي
ڳولي ڳولي ماريائون. گريگوري ۽ سندس ساٿين کي اها
خبر هئي ته ڪنهن به پل تيل جي ٽانڪيءَ يا ٽئينڪ ۾
موجود گولي بارود کي باهه لڳي سگهي ٿي ۽ ٽئينڪ
ڇيهون ڇيهون ٿي ويندي. هو دونهين ۾ گهٽجي رهيا ها
۽ تپندڙ ڳاڙهي لوهه سان سڙي رهيا هئا. سندن ڪپڙن ۾
به باهه لڳي ويئي هئي، پر پوءِ به هو وڙهندا رهيا.
تانجو هڪ ڳرو بم گولو ٽئينڪ جي هيٺان ڦاٽي پيو ۽
ٽئينڪ اٿلي پئي. هوا جي جهوٽي يا ان سان اڏايل ڌوڙ
۽ برف جي ڪري ڪجهه ائين ٿيو جو باهه وسامي ويئي.
گريگوريءَ کي جڏهن ٽئينڪ مان ڪڍيو ويو ته هو
خوفناڪ حد تائين سڙي چڪو هو. هو توپ جي ويجهو
توپچيءَ جي لاش جي پاسي ۾ پيو هو، جنهن جي جاءِ هن
والاري هئي.
ٻن مهينن تائين هيءُ ٽئينڪ هلائيندڙ موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾
لڙڪندو رهيو. چڱڀلائيءَ جو ذرو به آسرو ڪونه هو.
سندس دل هر شيءِ کان بيزار ٿي چڪي هئي. هن ڳالهائڻ
بند ڪري ڇڏيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو ڏينهن جا ڏينهن
وات مان هڪڙو لفظ به ڪونه ڪڍندو هو.
ڪوڪوشڪن وري هميشه رڳو ڪاوڙبو ۽ بڪ بڪ ڪندو رهندو هو. سندس خيال
هو ته ڀڳل هڏ ٻڌڻ مهل پٽيون ٺيڪ نموني ۾ ڪونه
ٻڌيون ويون آهن ۽ گهڻو ڇڪيل آهن، جنهن جو نتيجو هي
ٿيندو ته هڏ صحيح نموني ۾ ڪونه ڳنڍبو ۽ وري ٻيهر
کولڻو پوندو. گووزديف نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ پيو
هوندو هو. هو ڪجهه به ڪونه ڳالهائيندو هو. پر اهو
سولائيءَ سان ڏٺو ويندو هو ته جڏهن نرس ڪلاوديا
ميخائلوونا ويزلين جون لپون ڀري سندس زخمن کي
ڀريندي هئي، تڏهن هو ڏاڍي اشتياق سان پنهنجي زخمن
کي ڏسندو هو يا ڏاڍي غور سان ڊاڪٽرن جا سندس باري
۾ صلاح مشورا ٻڌندو هو.
فقط هڪڙو استيپان ايوانووچ ئي اهڙو ماڻهو هو، جيڪو گُڪو ٿي
هلندو هو ۽ پلنگن ۽ ديوارن کي جهلي مسلسل بڪندو
رهندو هو ۽ ان بم، جنهن کيس زخمي ڪيو هو ۽ اها
بيماري، جنهن کيس وڪوڙيو هو، کي گهٽ وڌ پيو
ڳالهائيندو هو.
ميريسئف پنهنجي جذبات کي لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو ۽ ائين
محسوس ڪرائيندو هو، ڄڻ کيس ڊاڪٽرن جي پاڻ ۾ صلاح
مشوري سان ڪابه دلچسپي ڪانهي. پر پوءِ به، هر ڀيري
جڏهن بجليءَ جي علاج لاءِ پيرن جي پٽي کلندي هئي ۽
هو ڏسندو هو ته سندس پيرن جي ڏکوئيندڙ ۽ خوفناڪ
سوڄ آهستي آهستي پر مسلسل مٿئين پاسي وڌي رهي آهي،
تڏهن دهشت ۽ خوف کان سندس اکيون ڦاٽل ئي رهجي
وينديون هيون.
هو بيچين ۽ غمگين رهڻ لڳو. ڪنهن مريض ساٿيءَ جو ڀوڳ چرچو، بستري
جي چادر ۾ پيل سر يا وارڊ جي پوڙهي امان جي هٿ مان
ٻهاريءَ جو کسڪي وڃڻ به کيس جوش ڏيارڻ لاءِ ڪافي
هو، جنهن کي هو انتهائي مشڪل سان ضبط ڪندو هو. هي
سچ آهي ته اسپتال جي بهترين کاڌي جي وڻندڙ مقدار
جلد ئي سندس قوت بحال ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي پٽين
بدلائڻ وقت يا بجلي جي علاج وقت سندس اڪڙيل جسم کي
ڏسي شاگرد ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي خوف ۽ هراس ڪونه
ٿيندو هو. پر پوءِ به سندس جسم جيترو مضبوط ٿيندو
پئي ويو ته سندس پير وري اوترا ئي خراب ٿيندا پئي
ويا. سوڄ سندس سڄي پيرن کي گهيري ورتو هو ۽ هاڻي
مٿي چڙهڻ لڳي هئي. پير جي چنبي جي حس بنهه ختم ٿي
چڪي هئي. سرجن ان ۾ سئي چڀائيندو هو ۽ اندر تائين
گهيڙائي ڇڏيندو هو ته به اليڪسيءَ کي خبر ئي ڪانه
پوندي هئي. سرجن سوڄ کي روڪڻ جو هڪ نئون طريقو
استعمال ڪيو، جنهن کي ”ناڪا بندي“ پئي سڏيائون، پر
پيرن جي پيڙا تمام گهڻو وڌي ويئي. ايذاءُ بنهه
ناقابل برداشت ٿي ويو. ڏينهن جو اليڪسي وهاڻي ۾
وات هڻيو خاموش پيو هوندو هو ۽ رات جو ڪلاوديا کيس
نشي جي سئي (مارفيا) لڳائيندي هئي.
سرجن پنهنجي صلاح مشوري ۾ ”ڪٽي ڇڏڻ“ جو لفظ گهڻي کان گهڻو
استعمال ڪرڻ لڳا. ڪڏهن واسيلي واسيلي وچ اليڪسيءَ
جي پلنگ وٽ بيهندو هو ۽ پڇندو هو:
”رڙهڻ واري بهادر نوجوان جو اڄ ڪهڙو خيال آهي؟ اسين ڪاٽي ڇڏيون
ته ڪيئن؟ بس کن پل ۾ ڌڪ ئي هڪڙو ۽ معاملو صاف.“
اليڪسيءَ جو بدن ساهه ڇڏي ويندو هو ۽ هو ڏڪي ويندو هو. ڏند ڪرٽي
هو پاڻ کي دانهون ڪرڻ کان روڪيندو هو ۽ رڳو ڪنڌ
ڌوڻي ڇڏيندو هو ۽ پروفيسر گرجندو چوندو هو: ”ها
ها، ڀلي پيو سور سهو! هي تنهنجو معاملو آهي، ڏسون
ته ان مان توکي گهڻو ٿو فائدو پهچي؟“ ۽ هو ڪا نئين
دوا لکي ڏيندو هو.
هن جي وڃڻ کان پوءِ دروازو بند ٿي ويندو هو. سندس پيرن جو آواز
ورانڊي مان گم ٿي ويندو هو، پر ميريسئف پنهنجي
بستري تي اکيون ٻوٽيو پيو هوندو هو ۽ سوچيندو هو:
”منهنجا پير، منهنجا پير، منهنجا پير..........“
ڇا هو پيرن کان سواءِ ئي رهجي ويندو؟ ڇا هو پوڙهي
ملاح ارڪاشا وانگر ڪاٺ جي گهوڙين تي هلندو؟
هڪڙي ٻي ڳالهه به سندس تلخ خيالن کي اڃا به وڌيڪ ڀڙڪايو هو.
اسپتال ۾ اچڻ جي پهرئين ڏينهن هن اهي خط پڙهيا
هئا، جيڪي ڪامي شين کان آيا هئا. انهن ۾ هڪڙا خط
سندس ماءُ جا هئا، جن ۾ اڌ مضمون ته رڳو ان يقين
ڏيارڻ تي هو ته ڳوٺ ۾ سڀ خير آهي. پاڻ، مٽ مائٽ ۽
عزيز قريب سڀ خوش آهن ۽ باقي اڌ مضمون ۾ هدايتون
هيون ته سردي کان پاڻ کي بچائج، مٿو ڍڪج، پيرن کي
پسڻ نه ڏج، خطرن کان پاسو ڪج، جرمنن جي مڪاري کان
هوشيار رهج وغيره وغيره.
نيري رنگ جي لفافن ۾ هڪ ڇوڪريءَ جا لکيل خط هئا، جيڪا ڪارخاني
جي هنري سکيا واري اسڪول ۾ ساڻس گڏ پڙهندي هئي. ان
جو نالو اولگا هو. هينئر هو ڪامي شين جي ڪارخاني ۾
ٽيڪنيشن هئي، جتي پاڻ به ڪجهه وقت ڪم ڪيو هئائين.
هوءَ ڇوڪري سندس ننڍپڻ جي دوست کان ڪجهه وڌيڪ به
هئي ۽ سندس خط عام خطن کان مختلف هوندا هئا. اها
ڳالهه ڪا تعجب جهڙي ڪانهي ته هن هر خط کي ڪيترا ئي
ڀيرا پڙهيو هو ۽ هڪ سادي کان سادي سٽ کي به ان
اميد سان غور سان پڙهي رهيو هو ته شايد منجهس ڪا
خوش ڪندڙ معنيٰ لڪل هجي، حالانڪ هو پاڻ به چڱيءَ
طرح سمجهي نه پئي سگهيو ته هو انهن سٽن ۾ ڇا ڳولي
رهيو هو؟
اولگا لکيو هو ته هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڪم ۾ رڌل هئي.
ايتري قدر جو رات جو به هوءَ گهر ڪانه ويندي هئي ۽
اتي آفيس ۾ ئي سمهي پوندي هئي، ته جيئن اچڻ وڃڻ جو
وقت بچي پوي. اهو به لکيو هئائين ته هو هاڻي ان
ڪارخاني کي سڃاڻي به ڪونه سگهندو ۽ جيڪڏهن کيس اها
خبر پئجي وڃي ته هينئر اتي ڇا تيار ٿي رهيو آهي؟
ته ڪَرَ هو خوشيءَ ۾ چريو ٿي پوي. ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن
کيس هڪ ڏينهن جي موڪل ملندي آهي ۽ گهڻو ڪري اها
مهيني ۾ فقط هڪ ڀيرو ئي ملندي آهي، تڏهن هو
اليڪسيءَ جي ماءُ وٽ ويندي آهي. سندس ماءُ کان حال
احوال ۽ خبرچار وٺندي آهي. امان پوڙهي سندس وڏن
پٽن جي سرد مهريءَ کان سخت پريشان آهي. مٿس هينئر
ڏکيو وقت اچي ڪڙڪيو آهي. سندس صحت به خراب رهڻ لڳي
آهي. اليڪسيءَ کي التجا ڪيل هئي ته هو جلد جلد خط
لکندو ڪري ۽ کيس ڪابه صدمي جهڙي خبر نه ٻڌائي ۽
ڪجهه تفصيل سان ئي خط لکي، ڇو ته هو ئي سندس نيڻن
ٺار، آخري اميد ۽ واحد خوشي جو سبب آهي.
اولگا جو خط وري وري پڙهڻ کان پوءِ اليڪسيءَ ماڻس جي خواب جي
ننڍڙي ڳجهارت ڀڃي ورتي هئي. هن محسوس ڪيو ته سندس
ماءُ هن لاءِ تڙپي رهي آهي، ڇو ته هو ئي سندس
اميدن جو آخري سهارو آهي ۽ هن اهو به محسوس ڪيو ته
جيڪڏهن هن پنهنجي ٽنگن جي باري ۾ ڪجهه لکيو ته
اولگا ۽ ماڻس کي ڪيڏو نه زبردست صدمو پهچندو. هن
تمام گهڻي دير تائين سوچيو ته هو ڇا ڪري، ڇا نه
ڪري؟ نيٺ کيس سچ لکڻ جي همت ڪانه ٿي ۽ هن فيصلو
ڪيو ته ڪجهه ڏينهن ٻيا به سڀ ڪجهه لڪائجي. پوءِ هن
لکيو ته هو بنهه ٺيڪ ٺاڪ آهي ۽ سندس بدلي هڪ محفوظ
علائقي ۾ ٿي آهي. هن ائڊريس جي تبديلي جو سبب هي
لکيو ته کيس مورچي جي پٺيان هڪ خاص ڪم تي مامور
ڪيو ويو آهي ۽ لڳي ٿو ته کيس اتي ڳچ ڏينهن لڳي
ويندا.
۽ هاڻي جڏهن سندس بستري وٽ سرجنن پاڻ ۾ صلاح مشوري دوران ”وڍڻ“
جو لفظ وري وري اچڻ لڳو هو، تڏهن کيس خوف جو احساس
اچي وڪوڙي ويندو هو ته هو لنگڙو لولو بنجي ڪامي
شين ڪيئن وڃي سگهندو؟ هو ڪهڙي ريت اولگا کي پنهنجا
ڪاٺ جا پير ڏيکاري سگهندو؟ ان سان سندس ماءُ کي
ڪيڏو نه روح ايذائيندڙ صدمو پهچندو، جيڪا لڙائيءَ
۾ پنهنجن ٻين پٽن کي ته قربان ڪري چڪي هئي ۽ هاڻي
پنهنجي آخري پٽ جو انتظار ڪري رهي هئي. هو وارڊ جي
حسرت ڀري ۽ اذيت ناڪ خاموشيءَ ۾ پنهنجن خيالن ۾ گم
ٿي ويندو هو.
”وڍي ڇڏيندؤ؟ نه! ٻيو جيڪو وڻيوَ، سو ڪريو پر وڍيو نه! ان کان
وڌيڪ بهتر آهي ته مري وڃجي........ الا! ڪيڏو نه
خوفناڪ ۽ پيڙا ڏيندڙ لفظ آهي ”وڍڻ“ ائين ٿو لڳي ڄڻ
دل ۾ خنجر گهپي ويو هجي – وڍڻ؟ نه هرگز نه! اهو
ڪڏهن به ٿي نه سگهندو.“ اليڪسي سوچيندو هو. هو
خواب ۾ به انهيءَ لفظ کي لوهه جي انبوريءَ جي روپ
۾ ڏسندو هو، جيڪا سندس سڄيل ۽ پکڙيل چنبن کي
ڇنڊيندي ڦاڙيندي رهندي هئي.
(3)
هڪ هفتي تائين ته وارڊ 42 ۾ فقط چار مريض ئي رهيا هئا، پر هڪ
ڏينهن وارڊ جي نرس ڪلاوديا ٻن ملازمن سان گڏجي کٽن
کي سيري هڪ وڌيڪ کٽ جي جاءِ ڪئي ۽ پنجون مريض وارڊ
۾ داخل ڪيو ويو. جنهن مهل مريض کي اسٽريچر تي کنيو
پئي آندو ويو، ان وقت ائين پئي لڳو ته هو بيهوش
آهي، پر جيئن ئي وارڊ ۾ اسٽريچر رکيو ويو ته هن
اکيون کوليون ۽ ٺونٺين ڀر اٿي تجسس سان نهارڻ لڳو.
سڀني کي ڏسندي جنهن وقت سندس نگاه استيپان تي پيئي
ته کيس اک ڀڳائين، ڄڻ کيس چوندو هجي ته: ”ڇا ته
زندگيءَ جو روپ آهي، ايترو خراب به ته ڪونهي.
هون؟“ سندس جسم بم جي ڌماڪي سبب بنهه زخمي هو ۽
کيس بيحد ايذاءُ ٿي رهيو هو، پر پوءِ به هو
انتهائي ضبط ۽ صبرکان ڪم وٺي رهيو هو. جنهن وقت
کيس اسٽريچر تان کڻي پلنگ تي ليٽايو پئي ويو، اوڏي
مهل نرس زخمي پير کي هٿ سان ڇهي ڏٺو هو ۽ ان مهل
اليڪسيءَ جي نگاهه مريضن جي هيڊي چهري ۽ ان تي
نڪري آيل پگهر جي ڦڙن تي پيئي ۽ گڏوگڏ کيس ڪرڀ ۽
پيڙاهه جي جهلڪ به مريض جي سفيد چپن تي ڏسڻ ۾ آئي،
پر مريض جي وات مان رڳو اُف به ڪانه نڪتي. هن صرف
ڏند ڀيٽي ڇڏيا.
بستري تي ليٽڻ سان ئي هن ساڻس آندل ڪتابن ۽ ڪاپين جو ڍڳ ڪٻٽ ۾
سنواري رکيو. هن ڏاڍي خيال سان ڏندن جو ٻورو، برش،
تيل، ڏاڙهي ڪوڙڻ جو سامان ۽ صابڻ هيٺين ڪٻٽ ۾ ٺاهي
رکيا. پنهنجي سموري ڪارنامي کي هڪ تنقيدي نظر سان
جانچي ڏٺو ۽ مطمئن ٿيو. تنهن کان پوءِ هن هڪدم گهر
جي ڀاتين وانگر محبت ڀريئي هڪ گهري ۽ زوردار آواز
۾ چيو:
”چڱو ادا، هاڻي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ ٿي وڃي. منهنجو نالو
رجمينٽل ڪميسار سيميون ورو بيوف آهي. آءٌ ٻيڙي
سگريٽ ڪونه پيئان. طبيعت جو نرم، مهرباني ڪري مون
کي پنهنجي چؤياريءَ ۾ شامل ڪريو.“
هن هڪ خاموش دلچسپيءَ واري نگاهه سان پنهنجي وارڊ جي ساٿين کي
ڏسڻ شروع ڪيو ۽ ميريسئف جي اکين سان سندس اشتياق
ڀريل، ننڍڙين ننڍڙين سونهري اکين جي تيز ۽ چڀندڙ
نگاهه ملي ويئي.
”آءٌ توهان وٽ گهڻو وقت ڪونه رهندس. ٻين جي باري ۾ ته چئي نٿو
سگهان، باقي مون وٽ ايترو وقت بنهه ڪونهي جو آءٌ
هتي گهڻن ڏينهن تائين پيو هجان. منهنجا شهسوار
ساٿي منهنجو اوسيئڙو ڪري رهيا آهن. رڳو برف ڳري ۽
رستا سُڪن ته بس آءٌ هليو ويندس. اسين لال فوج جا
گهوڙي سوار آهيون....... ڇا سمجهيوَ؟!“ سندس
گونجدار آواز وارڊ ۾ ٻُرندو رهيو.
”اسان مان ڪوبه هتي تمام گهڻي عرصي لاءِ ترسڻ ڪونه آيو آهي.
جيئن ئي برف ڳرندي، اسين سڀ هلي چرنداسين.....
ٽنگهون ٽيڙي، پنجاهه نمبر وارڊ ۾!“ ڪوڪوشڪن چيو ۽
منهن ڀت ڏانهن ڪري ڇڏيائين.
اسپتال ۾ ڪوبه وارڊ نمبر پنجاهه ڪونه هو. البت مريضن پاڻ ۾ گڏجي
اهو نالو مردي خاني تي رکيو هو. ڪميسار کي ان بابت
خبر هئي يا نه؟ سا ته پڪ ڪانهي، البت هُن هِن ڀوڳ
جو خوفناڪ مطلب هڪدم سمجهي ورتو، پر هو ڪاوڙيو
ڪونه. هن ڪوڪوشڪن ڏانهن تعجب سان ڏٺو ۽ پڇيو:
”يار، تنهنجي عمر گهڻي آهي؟ اڙي تنهنجي ته ڏاڙهي به اڇي ٿي رهي
آهي. ائين پيو لڳي ته تون وقت کان اڳ پوڙهو ٿي ويو
آهين.“
(4)
نئين مريض ڪميسار جي اچڻ ڪري وارد نمبر 42 جي زندگيءَ جي بنهه
ڪايا پلٽ ٿي ويئي هئي. ٻئي ڏينهن تائين ان ٿلهي
متاري ۽ سنڌ سنڌ چور زخمي ٿيل ماڻهوءَ سڀني سان
دوستي رکي ورتي هئي ۽ جيئن پوءِ استيپان چيو هو ته
”هن هر ماڻهوءَ جي دل جي ڪنجي هٿ ڪري ورتي هئي.“
استيپان سان هو دل کولي گهوڙن ۽ شڪارن جون ڳالهيون ڪندو هو. ٻئي
ڄڻا گهوڙن ۽ شڪار جا شوقين ۽ ماهر هئا. ميريسئف
سان، جيڪو جنگ جي بابت گهڻي ڄاڻ رکندو هو، موجوده
جنگ ۾ هوائي جهاز، ٽينڪ ۽ گهوڙي سوار فوج جي
استعمال متعلق بحث ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙجي
چوندو هو ته اهو ٺيڪ آهي ته هوائي جهاز ۽ ٽينڪ
بنهه ڪارائتيون شيون آهن، پر گهوڙو به ڪا بيڪار
شيءِ ڪانهي. جيڪڏهن گهوڙي سوارن جي نئين سر تنظيم
ٿئي ۽ ٽينڪ ۽ توپ خانو سندس حصي طور ڪم ڪن، ڪيترن
ئي ذهين ۽ بهادر نوجوانن جي تربيت ڪئي وڃي ته جيئن
هو پنهنجي پراڻي تجربيڪار ڪمانڊرن جو هٿ ونڊائين
ته هينئر به گهوڙي سوار فوج اهڙا ڪارناما ڪري
ڏيکاري سگهي ٿي جو سڄي دنيا کي ڏندين آڱريون اچي
وينديون. هن ماٺيڻي ٽينڪ مين سان پڻ ڳالهائڻ جو
ڪونه ڪو بهانو ڳولي ورتو هو ۽ وري جيئن ئي ڪميسار
ڪوڪوشڪن کي شطرنج کيڏڻ جي آڇ ڪئي ته هو پلٽي پيو.
سندس بستري تي شطرنج رکيل هو ۽ ڪميسار پنهنجي ئي
بستري تان اکيون پوريو ستي ستي ڪوڪوشڪن کي چال
ٻڌائيندو هو ۽ اهڙي طرح هن ڪوڪوشڪن کي زبردست شڪست
ڏني ۽ اهڙي طرح سان ڪوڪوشڪن جي دل ۾ سندس احترام
وڌي ويو.
وارڊ ۾ ڪميسار جو اچڻ به ماسڪو ۾ بهار جي شروعات جي تازي ۽
پُسيل هوا وانگر هو، جيڪا روزانو صبح جو دري کلڻ
مهل وارڊ ۾ داخل ٿيندي هئي ۽ رستي واري ڀيڙ ۽ گوڙ
سان وارڊ جي اندر واري ڏکوئيندڙ خاموشيءَ کي درهم
برهم ڪري ڇڏيندي هئي. اهو سمورو جوش ۽ جذبو جاڳائڻ
لاءِ ڪميسار کي ڪا خاص محنت ڪانه ڪرڻي پوندي هئي.
بس هو ته رڳو زندگيءَ جي تڙپ سان ٽمٽار هو. هن جي
نس نس مان زندگي لياڪا پائيندي رهندي هئي. هو درد
جي پيڙاهه کي وساري ڇڏيندو هو يا وسارڻ جي ڪوشش
ڪندو هو.
هو اخبار ڏاڍي شوق سان پڙهندو هو. اخبار ۾ جنگ متعلق تبصرا ۽
مضمون سندس دلچسپيءَ جو خاص موضوع هئا. هو ماني
کائڻ ۽ علاج ڪرائڻ جي وچ ۾ ٻن ڪلاڪن جي وقفن ۾
جرمن ٻولي سکندو هو. وارڊ ۾ ڪنهن کي به ڏاڙهي ڪانه
رکيل هئي، پر پوءِ به هو سڀني کي ”پريا مڙس“ چئي
سڏيندو هو.
اليڪسي سڄو ڏينهن پيو ڪميسار جو جائزو وٺندو هو ۽ اهو معلوم ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندو هو ته آخر هُن جي اٿاه زنده دليءَ جو
ڪهڙو سبب آهي؟ ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه هو ته هو انتهائي
اذيت ۽ پيڙاهه ڀوڳي رهيو هو. کيس ننڊ ايندي ئي
سندس ضبط ٽُٽي پوندو هو ۽ هو ڪنجهڻ لڳندو هو،
ڦٿڪندو هو ۽ ڏند ڪرٽيندو هو. سندس چهري تي ڪرڀ جي
ڪيفيت نمايان ٿي ويندي هئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ هو
ان سڄي حقيقت کان واقف هو ۽ تڏهن ئي هو ڏينهن جو
جاڳندو رهندو هو ۽ ڪونه ڪو تماشو ڳولي وٺندو هو.
پر جيستائين جاڳندو رهندو هو، تيستائين پرسڪون ۽
تازو توانو رهندو هو؛ جهڙوڪر کيس ڪا تڪليف ئي
ڪانهي. هو ڏاڍي اطمينان سان سرجنن سان ڳالهائيندو
هو ۽ جڏهن هو سندس زخمي حصي کي زور ڏيئي معائنو
ڪندا هئا ته هو ساڻن کل ڀوڳ پيو ڪندو هو. پر هو
جنهن نموني ۾ بستري جي چادر پنهنجي مُٺ ۾ ڀڪوڙيندو
هو ۽ جنهن طرح سندس نڪ تي پگهر جا موتي چمڪندا
هئا، صرف ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجيو ٿي ته هن
کي اذيت برداشت ڪرڻ ۾ ڪيڏي نه تڪليف پئي ٿئي.
هواباز سمجهي نه پئي سگهيو ته آخر هي ماڻهو هيڏو
سارو سور سهي ڪيئن ٿي سگهيو ۽ هن ۾ ايتري قوت
برداشت، ايتري طاقت، ايتري توانائي، ايتري زنده
دلي ڪٿان ٿي اچي؟ اليڪسيءَ کي دوائن جي باوجود به
سڄي رات ننڊ ڪانه ايندي هئي، تنهن ڪري سڄي رات هو
اکيون کوليو اُن سُٽ کي سلجهائڻ ۾ لڳو پيو هوندو
هو ۽ پنهنجي ڪنجهڪار کي روڪڻ لاءِ ڪمبل وات ۾ وجهي
ڇڏيندو هو.
هاڻي سرجن معائني دوران لفظ ”وڍڻ“ کي اڃا به وڌيڪ استعمال ڪرڻ
لڳا هئا. هن محسوس ڪيو ته اهو خطرناڪ ڏينهن ويجهو
اچي رهيو آهي ۽ هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته پيرن کان
سواءِ جيئڻ جنجال آهي. |