(3)
آگسٽ جي هڪ صاف شفاف ۽ پرسڪون ٽپهريءَ جو، جڏهن قدرتي نظارن جي
هر شيءِ چمڪي ۽ جڳمڳائي رهي هئي ۽ جڏهن گرم هوا ۾
خزان جي اداسيءَ جي هلڪي هلڪي جهلڪ پيدا ٿي چڪي
هئي – ها، اهڙي ئي هڪ ٽپهريءَ مهل ڪجهه هواباز
ٻوٽن ۾ گهيريل ۽ ور وڪڙ کائي ڪَل ڪَل ڪري وهندڙ
چشمي وٽ وارياسي ڪناري تي ويٺا هئا.
گرميءَ جي ڪري مٿن غنودگي طاري ٿي رهي هئي. هو اوجهري رهيا هئا.
ايتري قدر جو ڳالهائڻ مان نه ڍاپندڙ بوزنازيان پڻ
خاموش هو ۽ پنهنجي ڀڳل ٽنگ تي واريءَ جو ڍڳ گڏ ڪري
رهيو هو. سندس ٽنگ جي هڏي صحيح نموني ڪانه لڳي
هئي. هو سڀئي بوئي مڱن جي ٻوٽن جي پنن پويان اکين
کان اوجهل هئا، پر کين چشمي جي مٿئين پاسي کان
سائي گاهه وچان ويندڙ پيچرو نظر اچي رهيو هو.
بوزنازيان پنهنجي ٽنگ تي واري رکندي، مٿي نهاريو
ته کيس هڪ عجيب منظر ڏسڻ ۾ آيو.
نئون همراهه، جيڪو ڪلهه ئي هتي پهتو هو، رڳو سمهڻ واري پاجامي ۽
بوٽ ۾ جنگل مان ظاهر ٿيو. هن چوطرف نهاريو ۽ جڏهن
کيس ڪوبه نظر ڪونه آيو، تڏهن هن ڊوڙڻ شروع ڪيو. ٻه
سؤ ميٽر ڊوڙڻ کان پوءِ هو هلڻ لڳو. هو پگهر ۾ شل
هو ۽ گهرا گهرا وڏا ساهه کڻي رهيو هو. جڏهن هن
ساهي پٽي ورتي، تڏهن وري ڊوڙڻ لڳو. بورنازيان
پنهنجي ساٿين جو هن ڏانهن ڌيان ڇڪايو. هو ڊوڙڻ ڪري
ٿڪي سهڪي به رهيو هو، پر پوءِ به هو ڊوڙندو ٿي
رهيو. نيٺ بورنازيان کان رهيو نه ٿيو ۽ هن رڙ ڪري
چيو: ”او دوست! ڇا تون زنامينسڪي ڀائرن جو رڪارڊ
ٽوڙڻ جو قسم کنيو آهي؟“
اليڪسي هڪدم بيهي رهيو. سندس منهن تان ٿڪ ۽ درد گم ٿي ويو. هن
بي نيازيءَ سان ڏانهن نهاريو ۽ هڪ لفظ به ڪڇڻ بنان
هلندو جهنگل ۾ گم ٿي ويو. ”اهو ڪير آهي، سرڪس جو
مسخرو يا ڪو چريو؟“ بورنازيان ڪجهه گهٻرائجي پڇيو.
ميجر استروچڪوف ٻڌايو ته: ”هن جا پير ڪونهن. هو نقلي پيرن سان
مشق ڪري رهيو آهي ۽ هو فوج ۾ ٻيهر وڃڻ چاهي ٿو.“
انهن جهوٽا کائيندڙ ماڻهن تي هنن لفظن ته ٿڌي پاڻيءَ جي ڇنڊن جو
ڪم ڪيو. هو ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيا ۽ سڀئي هڪ ئي وقت
ڳالهائڻ لڳا. هو سڀ حيران هئا ته هڪ اهڙو ماڻهو،
جنهن ۾ ڪابه عجيب قسم جي ڳالهه ڪانه هئي، ماڻهن
جهڙو ماڻهو هو، سواءِ ان جي ته هو ڪجهه عجيب انداز
۾ هلي رهيو هو، سو به ڪو پيرن کان محروم هوندو.
کين سندس جنگي هوائي جهاز اڏائڻ وارو خيال بنهه
ناقابل يقين بلڪه بڪواس لڳو. هنن اهڙن ماڻهن جي
واقعن جو ذڪر ڪيو، جيڪي معمولي ڳالهه تان هوائي
فوج مان خارج ڪيا ويا هئا. مثال طور ڪنهن جون فقط
ٻه آڱريون ڪٽجي ويون هيون، ڪنهن کي اعصابي ٿڪاوٽ
هئي ۽ ڪن کي ته رڳو ان ڪري خارج ڪيو ويو، جو سندس
پيرن ۾ سختي پيدا ٿي ويئي هئي. هميشه کان، ايتري
قدر جو جنگ جي زماني ۾ به فوج جي ٻين شعبن جي ڀيٽ
۾ هوابازن جي صحت جو معيار تمام بلند هو ۽ ان کان
سواءِ انهن جو خيال هو ته هوائي جهاز جهڙي پيچيده
۽ بنهه ڦڙتيلي تيز حِس مشين کي بنا پيرن واري
هواباز لاءِ قابو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي.
سڀني کي ان ڳالهه تي اتفاق هو ته ميريسئف جو ارادو محض هڪ دل کي
خوش ڪندڙ آسرو آهي. پر پوءِ به کين ان ۾ ڏاڍي ڪشش
محسوس ٿي. ”يا ته تنهنجو دوست بنهه پهرئين نمبر جو
احمق آهي، يا ته هڪ عظيم انسان. بس ان کان سواءِ
ٽين ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي .“ بورنازيان آخر ۾ وڃي
اهو نتيجو ڪڍيو.
هيءَ خبر کَن پل ۾ هر هڪ وارڊ ۾ پهچي ويئي ته سيني ٽوريم ۾ هڪ
اهڙو ماڻهو موجود آهي، جنهن جا پير ڪونهن. پر
پوءِ به هو جنگي هوائي جهاز اڏائڻ چاهي ٿو. مانيءَ
جي مهل تائين هو توجهه جو مرڪز بڻيو رهيو. جڏهن
هنن کيس ڏٺو ته هو کاڌي جي ميز تي پنهنجي پاسي ۾
ويٺل همراهن سان ٽهڪ ڏيئي کلي پيو، ڏاڍي شوق سان
ماني پيو کائي. ماني کارائيندڙ، حسين ڇوڪرين جي
روايتي انداز ۾ واکاڻ پيو ڪري، پارڪ ۾ پنهنجي
دوستن سان تفريح پيو ڪري، مختلف رانديون سکڻ جي
ڪوشش پيو ڪري ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته والي بال کيڏڻ جي به
ڪوشش پيو ڪري، تڏهن کين هن ۾ ڪا خاص عجيب ڳالهه
نظر ته ڪانه آئي، سواءِ ان جي ته هي ٿورو منڊڪائي
پئي هليو. حقيقت ته هيءَ آهي ته هو حد کان زياده
معمولي ماڻهن مان هڪ ٿي لڳو. هر شخص سندس عادي ٿي
ويو ۽ ستت ئي سڀني ڏانهس خاص توجهه ڏيڻ ڇڏي ڏنو.
هتي پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن هو زينوچڪا سان ملڻ لاءِ آفيس ۾
ويو. هن پنهنجي کاڌي مان هڪ پيسٽري بچائي رکي هئي
۽ اها پاڻ سان گڏ کڻي آيو هو. هن ڏاڍي طمطراق سان
اها پيسٽري زينوچڪا کي پيش ڪئي ۽ پاڻ حجت مان ميز
تي ويهي رهيو ۽ کانئس پڇڻ لڳو ته آخر هوءَ پنهنجو
واعدو ڪڏهن پورو ڪندي؟
”ڪهڙو واعدو؟“ هن ڀرون تاڻي پڇيو.
”زينوچڪا، تون مون کي نچڻ سيکارڻ جو واعدو ڪيو آهي.“
”ليڪن......“ ڇوڪريءَ احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”مون کي ٻڌايو ويو آهي ته تون ايتري ته ڀلي استاد آهين جو
اپاهجن کي نچڻ سيکاريو ڇڏين ۽ چڱا ڀلا ماڻهو ته
توکان نچڻ سکي نه صرف پيرن سان هٿ ٿا ڌوئن، پر
انهن جو دماغ به چٽ ٿيو وڃي، جيئن فيديا سان ٿيو.
ها ته اسين ڪڏهن ناچ سکڻ شروع ڪنداسين؟ پاڻ کي
قيمتي وقت ضايع نه ڪرڻ گهرجي.“
زينوچڪا کي هي نئون ماڻهو ڏاڍو پسند آيو. سندس پير ڪونه هئا، پر
پوءِ به هن چاهيو ٿي ته زينوچڪا کيس نچڻ سيکاري!
ڇو نه؟ هو خوبصورت هو، سندس سانوري چمڙيءَ مان رت
جي ڳاڙهاڻ بکي رهي هئي، هن جا وار نرم ۽ گهنڊيدار
هئا، هو عام ماڻهن وانگر هلندو هو ۽ سندس اکيون
ڏاڍيون خوبصورت هيون، جن ۾ شرارت ڀريل هئي. پر
ساڳئي وقت اداس به پئي لڳيون. زينوچڪا جي زندگيءَ
۾ نچڻ جي ڪا گهٽ اهميت ڪانه هئي. هوءِ ناچ جي ڏاڍي
شوقين هئي ۽ حقيقت ۾ هئي به ڏاڍي سهڻي
ناچڻي........ ۽ ميريسئف، ها، هو به واقعو سهڻو
جوان ۽ ڏاڍو دلڪش به هو.
هوءَ راضي ٿي ويئي، توڙي جو کيس يقين ڪونه هو ته ڪو بنا پيرن
وارو ماڻهو به ناچ سکي سگهي ٿو. تنهن ڪري هوءَ جن
شرطن تي کيس ناچ سيکارڻ لاءِ تيار ٿي هئي، سي ڏاڍا
سخت هئا. هڪ ته کيس فرمانبرداري ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ
گهرجي، ٻيو ته کيس هن جي محبت ۾ گرفتار ٿيڻ کان
بچڻ گهرجي، ڇو ته محبت ڪم ۾ رنڊڪ وجهي ٿي ۽ سڀ کان
وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ ته کيس ان وقت جلڻ پچڻ نه
جڳائي، جيڏي مهل هوءَ ٻين کي پاڻ سان گڏ نچڻ جي
دعوت ڏيندي هجي. ڇو ته صرف هڪ سان نچڻ ۾ فن ڪند ٿي
ٿو وڃي ۽ واڌ نٿي ٿئي ۽ هر وقت ساڳي ماڻهوءَ سان
نچڻ ۾ مزو به نٿو اچي.
اليڪسيءَ اهي شرط دل سان قبول ڪيا. زينوچڪا پنهنجي شعلا
اوڳاڇيندڙ وارن واري مٿي کي جهٽڪو ڏنو ۽ پنهنجي
حسين پيرن کي خوبصورتيءَ سان کڻي، اتي جو اتي ناچ
جو پهريون سبق ڏيڻ لڳي. ڪنهن زماني ۾ ميريسئف کي
پراڻن ناچن سکڻ جو ڏاڍو شوق هو. ڪنهن حد تائين
سکيو به هو. پر هاڻي سندس سامهون ڏکائي اها هئي ته
کيس زنده نرم ۽ متحرڪ پيرن کي سيکارڻو ڪونه هو، پر
هي فن چمڙي جي انهن ڌاڳن کي سيکارڻو هو، جيڪي سندس
مرين سان ٻڌا پيا هئا. ڳرن ۽ نقلي پيرن ۾ زندگي ۽
حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ غير معمولي ۽ غير انساني
جدوجهد ۽ قوت اراديءَ جي ضرورت هئي.
پر انهن کي هن پنهنجي مرضيءَ موجب هلڻ تي مجبور ڪري وڌو. هر
نئين قدم تي – هر ڊوڙ، هر چڪر ۽ هر جهومر تي –
جيڪو ڪجهه هو سکندو هو، ان تي سندس دل خوشيءَ ۾
مست ٿي ويندي هئي. هو ڪنهن ننڍڙي ٻار وانگر خوشيءَ
۾ ٽپ ڏيندو هو. جڏهن هو ڪو نئون ڏاڪو سکي وٺندو هو
ته پاڻ تي سوڀ پائڻ جي خوشيءَ منجهه هو پنهنجي
استادياڻيءَ کي ڀاڪر وجهي زمين تان مٿي کڻي وٺندو
هو. پر ڪنهن کي به ۽ خاص ڪري استادياڻيءَ کي به
ذرو برابر به اندازو ڪونه هوندو هو ته کيس هر نئين
۽ ڏکئي قدم سکڻ تي ڪيڏي نه پيڙا ڀوڳڻي ٿي پوي. اهو
ڪير به ڪونه ڏسندو هو ته جڏهن هو مسڪرائيندي
پنهنجي چهري تان رومال سان پگهر اگهندو هو ته
گڏوگڏ ڏاڍي بي پرواهيءَ سان هو پنهنجي اکين مان
نڪرندڙ بي اختيار لڙڪ به اگهي ڇڏيندو هو.
هڪ ڏينهن هو منڊڪائيندو پنهنجي ڪمري ۾ پهتو. هو ٿڪجي بنهه چور
ٿي چڪو هو، پر پوءِ به ڏاڍو خوش هو.
”آءٌ نچڻ سکان پيو ۽ آءٌ ضرور ڪامياب ٿيندس.“ هن هڪ فاتح وانگر
شان سان ميجر کي ٻڌايو ۽ پنهنجا نقلي پير الڳ ڪري
ٽنگن کي هٿ ڦيرائي کنهڻ لڳو. ميجر کيس ڪوبه جواب
ڪونه ڏنو. هو دريءَ ڏانهن منهن ڪريو، پنهنجن خيالن
۾ گم ويٺو رهيو. گهڙيءَ کان پوءِ ميجر جا ڪلها لڏڻ
لڳا ۽ سندس وات مان عجيب قسم جا آواز نڪرڻ لڳا، ڄڻ
سڏڪا ڀريندو رهيو هجي. اليڪسي ماٺ ميٺ ۾ ڪمبل اوڍي
سمهي پيو. ميجر جو ڪجهه عجيب حال هو. هي شخص، جيڪو
هاڻ جوان نه رهيو هو، جيڪو ڪالهه تائين اسپتال جي
وارڊ ۾ پنهنجو پاڻ کي تيس مار خان ۽ عورت کان
ڪوهين ڏور پيو چوائيندو هو، سو هڪ اسڪولي ڇوڪر
وانگر محبت ۾ غرق ٿي ويو هو. ائين پئي لڳو ته سندس
مرض لاعلاج ٿي ويو هو. هو ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا آفيس
ويندو هو ۽ ڪلاوديا کي ماسڪو فون ڪندو هو. هر
ايندڙ ويندڙ مريض هٿان گل، ميوو، چاڪليٽ ۽ چٺي
چپاٽي پيو موڪليندو هو. هو کيس ڊگها ڊگها خط لکندو
هو، پر هوءَ سندس هر پيش قدمي ٺڪرائي ڇڏيندي هئي.
کيس ذرو به ترس نٿي آيو. هوءَ لکندي هئي ته آءٌ
ڪنهن ٻئي سان محبت ڪريان ٿي ۽ هاڻي ان جو سوڳ
ملهائي رهي آهيان. هوءَ ميجر کي دوستاڻي صلاح
ڏيندي هئي ته هو کيس وساري ڇڏي، مٿس پئسا ۽ وقت
برباد نه ڪري. انهيءَ ئي دوستاڻي ۽ سچي اندازِ
محبت ۾ سڀ کان وڌيڪ دل آزار رويي ميجر کي پريشان
ڪري وڌو هو.
اليڪسي ڪمبل ۾ ليٽيو پيو هو ۽ ڄاڻي واڻي ماٺ هو. ميجر دريءَ
وٽان اٿيو ۽ تڪڙو اليڪسيءَ ڏانهن وڌيو. کيس
ڌونڌاڙي رڙيون ڪرڻ لڳو:
”آخر هوءَ ڇا ٿي چاهي؟ آءٌ ڇا آهيان؟ ٻڌاءِ، ڇا آءٌ محبت لائق
نه آهيان؟ ڇا آءٌ بدصورت آهيان، پوڙهو آهيان يا
ڪوڙهه جو مريض آهيان؟ هن جي جاءِ تي ڪا ٻي هجي ها
ته...... پر بڪڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟“ هو آرام ڪرسيءَ ۾
ڪري پيو ۽ پنهنجو مٿو جهلي ويهي رهيو.
”هوءَ عورت آهي، آهي نه؟ کيس منهنجي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه نه
ڪجهه ته لحاظ پيدا ڪرڻ گهرجي. هو ڏائڻ آهي! آءٌ هن
سان محبت ڪريان ٿو. ڪاش اهو تون جي ڄاڻين. ڇا تون
ان ٻئي ماڻهوءَ کي سڃاڻندو هئين........؟ ٻڌاءِ،
اهو مون کان ڪهڙي ڳالهه ۾ وڌيڪ هو؟ هن آخر هِن
ڇوڪريءَ جو من ڪيئن موهي وڌو هو؟ ڇا هو مون کان
وڌيڪ عقلمند هو؟ ڇا هو گهڻو حسين هو؟ هو ڪهڙي قسم
جو هيرو هو؟“
اليڪسيءَ کي ڪميسار وروبيوف ياد آيو، هن جو سڄيل جسم، وهاڻي تي
رکيل ميڻ جهڙو چهرو، زرد چهرو ۽ ابدي طرح عورتپڻي
جي غم ۾ ٻڏل، عورت جي مجسمي وانگر پاسي ۾ بيٺل هڪ
عورت - ۽ ريگستان ۾ مارچ ڪندڙ سرخ فوج جي باري ۾
اها حيرت انگيز ڪهاڻي.
”هو بس سچو انسان هو، ميجر! هو انقلابي هو. ڪاش تون به اهڙو ٿي
وڃين.“
(4)
اها خبر، جيڪا بنهه ٻٽاڪ ٿي لڳي، سا سڄي سينٽوريم ۾ پکڙجي ويئي:
وڍيل پيرن واري هواباز نچڻ شروع ڪري ڏنو.
زينوچڪا پنهنجي آفيس جو ڪم پورو ڪري، ٻاهر نڪرندي هئي ته کيس
سندس شاگرد ورانڊي ۾ انتظار ڪندو ملندو هو. هو هن
لاءِ ڪڏهن گلن جو ڇڳو ته ڪڏهن چاڪليٽ، نارنگي، اڃا
به ٻيو ڪجهه کڻي ايندو هو. هوءَ سنجيدگيءَ سان هن
جي ٻانهن جهليندي هئي ۽ ٻئي ڄڻا تفريح واري ڪمري ۾
هليا ويندا هئا، جيڪو گرمين ۾ ويران پيو هوندو هو.
اليڪسي اڳ ۾ ئي تاش کيڏڻ واريون ميزون ۽ ڪرسيون
هٽائي، هڪ طرف نچڻ لاءِ جاءِ ڪري ڇڏيندو هو ۽
زينوچڪا ڏاڍي دلچسپيءَ سان کيس ناچ جو ڪونه ڪو
نئون داءُ سيکاريندي هئي. هواباز ڀرون تاڻي کيس
فرش تي پنهنجي ننڍڙن ۽ خوبصورت پيرن سان پيچيده
ڊزائين بنائيندي ڏسندو هو. تڏهن هوءَ ڇوڪري
ڳنڀيرتا ڀريل چهري سان تاڙيون وڄائي ڳڻڻ شروع ڪندي
هئي: ”هڪ، ٻه، ٽي. ساڄي پاسي گهم! هڪ، ٻه ٽي، هڪ
ٻه ٽي – هاڻي کاٻي پاسي گهم. هڪ، ٻه، ٽي. ها، ها،
ٺيڪ آهي. هڪ، ٻه، ٽي، هاڻي جهومر پائي. چڱو هليا،
ٻئي گڏجي نچون.“
بنان پيرن جي ماڻهوءَ کي نچڻ سيکارڻ جو فرض اهڙو هو، جيڪو نه ته
باب گورو خوف سرانجام ڏيئي سگهيو هو ۽ نه ئي پال
سوداڪي فسڪي يا شايد کيس ڪانگ جي رنگ جهڙن ڪارن
وارن ۽ مسڪرائيندڙ اکين وارو سانورو شاگرد وڻي ويو
هو. شايد ٻئي ڳالهيون هيون، فرض ۽ محبت! بهرحال،
ان جو ڪهڙو به سبب هجي، پوءِ هوءَ پنهنجو سمورو
خالي وقت دل سان انهيءَ ڪم ۾ لڳائي ڇڏيندي هئي.
شام جي وقت سمورا هواباز نچڻ ايندا هئا. اليڪسي ڏاڍي لگن سان
نچڻ ۾ حصو وٺندو هو ۽ ناچ جو ڪوبه قسم هٿان ڪونه
وڃائيندو هو. ڪيترا ئي ڀيرا سندس استادياڻيءَ کي
افسوس ٿيو ته هن هروڀرو پنهنجي شاگرد کي اهڙن سخت
شرطن جو پابند ڪري ڇڏيو آهي. اڪارڊين جي ڌن تي
جوڙا ڪمري ۾ نچڻ لڳندا هئا. ميريسئف جوش کان ڳاڙهي
چهري ۽ چمڪندڙ اکين سان ترڪندو جهومندو، چڪر ڏيندو
۽ ڦرندو پنهنجي نازڪ قدمن واري ۽ شعلا اوڳاڇيندڙ
وارن واري ساٿيءَ کي نچائيندو رهيو ته جيئن هن کي
ذرو به محنت نه ڪرڻي پوي ۽ انهن ماڻهن کي، جن هن
بهادر ناچوءَ کي اکين ڏٺو ٿي، تن کي اهڙو ڪوبه وهم
گمان ڪونه ٿي ٿيو ته هو هر ڀيري ڪمري مان ٻاهر
نڪري ڇا ٿو وڃي ڪري؟
هو مسڪرائيندو، رومال سان وڏي شان سان هوا پيدا ڪندو ڪمري کان
ٻاهر نڪتو ٿي. پر دروازي کان ٻاهر نڪرندي ئي
مسڪراهٽ جي جاءِ تي درد ۽ پيڙا اچيو ٿي واسو ڪيو.
چاڙهيءَ جي جهل کي جهليندو، ٿڙندو ۽ ڪنجهندو
چاڙهيءَ تان لٿو ٿي ۽ ماڪ ۾ ڀنل ٿڌيءَ ڇٻر تي ڦان
ٿي ڪري پوندو هو ۽ سمورو بدن زمين سان لڳائي درد ۽
ڪرڀ وچان خوب روئيندو هو. نقلي پيرن کي الڳ ڪري
ٽنگن کي ساهي ڏيندو هو. جڏهن کيس ٿورو آرام ملندو
هو ۽ اذيت ٿوري جهڪي ٿيندي هئي ته وري ٻيهر ڪمري
اندر داخل ٿيندو هو، جتي پگهر ۾ شل اڪارڊين وارو
نغمن جي گونج پيدا ڪري رهيو هو ۽ هو هن ڳاڙهن وارن
واري زينوچڪا وٽ پهچي ويندو هو، جنهن جون اکيون
اڳيئي سندس انتظار ڪنديون رهنديون هيون. هو چپن تي
مسڪراهٽ پکيڙي ڇڏيندو هو، جنهن سان سندس موتين
جهڙن ڏندن جي قطار جرڪي پوندي هئي. پوءِ هو چستي ۽
آهستگيءَ سان چڪر لڳائڻ شروع ڪندو هو. زينوچڪا
سندس خوب خبر وٺندي هئي ته هو کيس ڇو ڇڏي ٻاهر
هليو ويو هو ۽ هو ڀوڳن جي انداز ۾ جوڳو جواب ڏيندو
هو.
انهن انتهائي اڙانگين مشقن پنهنجو ڪم ڪيو. هاڻي اليڪسيءَ کي
پنهنجي نقلي پيرن جو احساس گهٽ ٿيندو پئي ويو.
ائين پئي لڳو ڄڻ هي پير وڻ ۾ پيوند وانگر لڳي ويا
آهن.
اليڪسي بنهه خوش هو. هاڻي کيس فقط هڪڙي ڳڻتي هئي، سا هيءَ ته
اوليا جو ڪو خط ڪونه ٿي آيو. گووزديف ۽ سندس
محبوبا جي افسوسناڪ تجربي کان پوءِ پاڻ جيڪو خط
لکيو هئائين، تنهن کي مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو
هو. هو هاڻي ان خط کي هڪ خطرناڪ خط سمجهندو هو. ان
خط جو جواب اڃا تائين ڪونه پهتو هو. هو بدن جي
ورزش ۽ ڊوڙڻ ۾ روزانو هڪ سؤ قدمن جو واڌارو ڪندو
رهندو هو. روزانو صبح جو ورزش کان پوءِ هو ڀڄندو
خطن جو خانو وڃي کوليندو هو، جتي خطن جا ڍڳ لڳا
پيا هوندا هئا، پر سندس خط ڪونه هوندو هو.
هڪ ڏينهن ناچ جي سبق دوران کيس بورنازيان جو ڪارو مٿو تفريحي
ڪمري جي دريءَ مان ڏسڻ ۾ آيو. سندس هٿ ۾ هڪ خط هو.
پر ان کان پهريائين جو ڪو ڪجهه ڳالهائي، ميريسئف
جهڙپ ڏيئي سندس هٿ مان خط ڦري ورتو ۽ ائين گولي ٿي
ويو، جو ڪنهن کي ڪل ئي ڪانه پئي. سندس استادياڻي
ڪمري جي وچ ۾ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي بيٺي رهي. ”زينوچڪا!
هن زماني ۾ سڀ هڪجهڙا آهن.“ بورنازيان ڪنهن
پوڙهيءَ ماسيءَ وانگر ائين ڦٽاڪو ڇوڙيو. ”سڀئي
گوهي ڏيو گم ٿي وڃن ٿا. انهن مان ڪنهن جي به
ڳالهين تي نه لڳ. انهن کان ائين پري ڀڄ، جيئن
ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان! بهتر ته ائين آهي ته تون مون
کي ئي کڻي پنهنجو شاگرد بناءِ.“
اليڪسي ڊوڙندو ڍنڍ وٽ پهتو. سندس هٿ ۾ خط هو. سندس انداز مان
ائين پئي لڳو، ڄڻ سندس پويان ڪير ڊوڙي ايندو ۽
کانئس هي انمول خزانو ڦري وٺندو. هو هڪ وڏي پٿر تي
چڙهي ويٺو ۽ خط کولي پڙهڻ لڳو. اٿندي ئي سندس نظر
آخري سٽ تي پئي: ”منهنجا جاني، هميشه هميشه لاءِ
تنهنجي ۽ فقط تنهنجي اوليا.“ هن جي بدن ۾ ساهه
پئجي ويو. هن ڪاپيءَ مان ڦاڙيل پنو پنهنجي ران تي
رکي هٿ سان سڌو ڪيو، جيڪو مڙيو سڙيو پيو هو ۽ جنهن
تي مٽيءَ جا نشان ۽ ميڻ بتيءَ جي ڳرندڙ ميڻ جا ڦڙا
ڄميا پيا هئا. اوليا ته هميشه بنهه صاف سٿري رهندي
هئي. پوءِ هينئر آخر کيس ڇا ٿي ويو آهي؟ ۽ پوءِ
جڏهن هن خط ۾ اهي ڳالهيون پڙهيون، تڏهن سندس ڪنڌ
فخر کان اوچو ٿي ويو. خبر پيئي ته اوليا هڪ مهينو
اڳ ڪارخاني کي ڇڏي ڏنو هو ۽ هاڻي هوءَ لهواري
ميدان ۾ ”ڪامي شين“ جي ڇوڪرين ۽ ٻين ڇوڪرين توڙي
عورتن سان گڏ زندگي گذاري رهي آهي. جيئن هن لکيو
هو ته ”هوءَ هڪ وڏي شهر جي چوطرف، جنهن جو نالو
اسان سڀني لاءِ مقدس آهي، ٽينڪن کي روڪڻ لاءِ کڏا
کوٽي رهي هئي ۽ مورچا بندي ڪري رهي هئي.“ اسٽالن
گراڊ جو نالو خط ۾ هڪ ڀيرو به لکيل ڪونه هو، پر هن
جنهن محبت، عقيدت، پريشاني ۽ اميد سان ان ”وڏي
شهر“ جي باري ۾ لکيو هو، ان مان صاف ظاهر هو ته ان
مان سندس مراد اسٽالن گراڊ ئي هئي.
هن لکيو هو ته هن وانگر هزارين رضاڪار ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا
هئا. هو کاٽي کڻي رهيا هئا، مٽي ڍوئي رهيا هئا،
ڪنڪريٽ پکيڙي رهيا هئا ۽ اڏاوت جو ڪم ڪري رهيا
هئا. ان خط مان خوشيءَ جا جذبا ڦٽي رهيا هئا، پر
ڪن ڪن جملن مان اها ڳالهه ظاهر پئي ٿي ته ان وقت
عورتن ۽ ڇوڪرين تي ڪيڏو نه ٿڪائيندڙ ۽ سخت وقت اچي
ويو هو. پهرين ته هن انهن ڳالهين جي باري ۾ لکيو
هو، جن ۾ هوءَ دل جي گهرائيءَ سان محو هئي ۽ پوءِ
هن سندس سوالن جو جواب ڏنو هو. هن ڪاوڙ مان لکيو
هو ته مون کي تنهنجي آخري خط ڏاڍو ڏک پهچايو، جيڪو
”مون کي هتي خندقن ۾“ مليو هو. جيڪڏهن مون کي اها
خبر نه هجي ها ته تون هن وقت محاذ تي آهين، جتي
ماڻهوءَ جي حواسن تي خطرناڪ دٻاءُ هوندو آهي ته
جيڪر آءٌ توکي ڪڏهن به معاف نه ڪريان ها.
هن لکيو هو: ”منهنجا پيارا، اها محبت ڪهڙي، جيڪا قرباني ڏيئي نه
سگهي؟ مٺڙا، اهڙي محبت، محبت ڪانه هوندي آهي.
جيڪڏهن اهڙي ڪا محبت هوندي آهي ته منهنجي خيال ۾
ان کي محبت سڏي نٿو سگهجي. هڪ هفتو ٿي چڪو آهي جو
آءٌ وهنجي سهنجي پاڻ اجاري نه سگهي آهيان. آءٌ
پتلون ۽ بوٽ پائيندي آهيان، پر بوٽ مان پيرن جا پٻ
پيا ڏسبا آهن. منهنجو چهرو ڪاڙهي ۾ ڪڙهي ايترو ته
ڪاراٽجي ويو آهي، جو مٿانئس کل لهڻ شروع ٿي وئي
آهي ۽ چمڙي بنهه کهري ۽ نيري ٿي وئي آهي. جيڪڏهن
آءٌ هن حالت ۾ بنهه بي حال، گندي ۽ ميري، ڳري ڪنڊا
ٿي ويل ۽ بدصورت جي تو وٽ اچان ته ڇا تون مون کان
منهن موڙي وٺندين؟ يا مون تي الزام هڻندين؟ منهنجا
چريا دوست، تون جهڙو ڪجهه به آهين، آءٌ توکي ٻڌائڻ
چاهيان ٿي ته آءٌ تنهنجو هر گهڙيءَ انتظار ۽
اوسيئڙو پئي ڪريان، پوءِ چاهي جهڙو به
هجين......... آءٌ اڪثر تنهنجي ئي باري ۾ سوچيندي
رهندي آهيان ۽ هنن خندقن ۾ اچڻ کان اڳ توکي خواب ۾
به ڏسندي هيس. هتي ته اسان سڀئي ڪاٺ جي تختن تي
ڪرندي ئي مردن وانگر غافل ٿي وڃون ٿا. آءٌ توکي
ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته جيسين آءٌ جيئري آهيان،
تيستائين هميشه تنهنجي راهه نهاريندي رهندس. تون
جهڙو به آهين، منهنجو آهين ۽ آءٌ تنهنجو اوسيئڙو
ڪندي رهنديس........... تون چوين ٿو ته ڪهڙي خبر
ته تنهنجي دشمنن کي محاذ تي ڪجهه ٿي وڃي. پر
جيڪڏهن هنن ’خندقن‘ ۾ مون کي ڪجهه ٿي پوي، ڪو
حادثو پيش اچي ۽ آءٌ لولي لنگڙي ٿي پوان ته ڇا
پوءِ تون مون کي ڌڪاري ڇڏيندين؟ توکي ياد آهي،
جڏهن اسان هنري سکيا گهر ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن
اسان الجبرا ۾ انگن جي جاءِ بدلائڻ سان سوال حل
ڪندا هئاسين؟ ساڳئي طرح اڄ تون منهنجي جاءِ تي
ويهي سوچ. جيڪڏهن تون ائين ڪرين، جيئن تو خط ۾
لکيو آهي ته توکي شرم ڪونه ايندو.“
ميريسئف گهڻي دير تائين ويٺو خط تي غور ڪندو رهيو. ”هي سڀ ڪجهه
ڇا آهي؟ ڇا کيس غيب طرفان خبر پئجي ويئي آهي؟ خدا
طرفان سندس دل ۾ هيءَ ڳالهه پئجي ويئي آهي؟ سندس
ماءُ چوندي هئي ته ’دل غيب جون ڳالهيون ٻڌائيندي
آهي.‘ يا خندقن جي ڪشف ۽ سخت زندگيءَ هن ڇوڪريءَ ۾
ايتري سمجهه ۽ ساڃهه پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ هن دل ۾
اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ورتو هو، جنهن جي ٻڌائڻ جي منجهس
همٿ ڪانه ٿي ٿي؟“ هن هڪ ڀيرو وري خط پڙهيو. نه،
اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانه هئي. هيءَ غيب جي خبر ڪانه
هئي. هي ته رڳو سندس ڳالهين جو جواب هو ۽ جواب به
ڪهڙو!ـــــــــ
اليڪسي ٿڌي آه ڀري، آهستي آهستي ڪپڙا لاٿا ۽ پٿر تي ڪپڙن جو ڍڳ
ڪيو. هو هميشه هن ننڍڙي، تنها ۽ ماٺاريءَ کڏ ۾
وهنجندو هو. هن جاءِ جي فقط کيس ئي خبر هئي. هو
وڻن ٻوٽن سان ڍڪيل هن کڏ ۾ هميشه وهنجندو هو. هن
نقلي پيرن جا ڌاڳا کوليا ۽ آهستي آهستي پٿرن تان
ترڪندو، پاڻي ۾ لهي ويو، ڇو ته اگهاڙين ڪٽيل ٽنگن
سان هلڻ ممڪن ڪونه هو. هو گهڻي دير تائين آرام ۽
سڪون سان وهنجندو رهيو ۽ پاڻي جي سطح تي پاڻ کي
آسودو ڇڏي آسمان کي تڪيندو رهيو.
(5)
ڏکڻ واري محاذ تي صورتحال انتهائي نازل ٿي وئي هئي. ڪيترن ڏينهن
کان وٺي نديءَ جي ڪناري واري محاذ تان لڙائيءَ
متعلق خبرون اخبارن ۾ اچڻ بند ٿي ويون هيون. هڪ
ڏينهن سوويت اطلاعاتي اداري طرفان انهن ڳوٺن جو
ذڪر آيو هو، جيڪي ڊون نديءَ جي ٻئي طرف والگا ۽
اسٽالن گراڊ واري رستي تي هئا. انهن ڳوٺن جي، تن
ماڻهن جي نظر ۾ ڪابه اهميت ڪانه هئي، جيڪي انهن
کان اڻ واقف هئا، پر اليڪسي جيڪو اتي ئي ڄائو ۽
نپنو هو ۽ ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو، تنهن تاڙي ورتو هو
ته ڊون نديءَ وارو بچاءُ دنگ ٽوڙي، دشمن اسٽالن
گراڊ ڏانهن وڌي رهيو آهي.
توڙي جو اطلاعاتي اداري طرفان اڃا اسٽالن گراڊ جو نالو ڪونه
ورتو پئي ويو، پر عام طرح هر شخص جي زبان تي هو.
1942ع جي خزان جي موسم ۾ هي نالو پريشاني ۽ ڏک
وچان زبان تي ايندو هو. ان جو ذڪر ڪنهن شهر جي
نالي وانگر نه، پر ڪنهن اهڙي پياري ۽ قربائتي مٽ
مائٽ جي نالي وانگر ٿيندو هو، جيڪو موت جي منهن ۾
هجي ۽ اليڪسيءَ لاءِ ته اها پريشاني ويتر ڪيترا ئي
ڀيرا وڌي ويئي هئي، ڇاڪاڻ ته اوليا اتي ئي ڪٿي شهر
کان ٻاهر، لهواري ميدان ۾ هئي ۽ خبر ناهي ته کيس
ڪهڙين ڏکين آزمائشن مان گذرڻو پيو پوندو هوندو؟
هاڻي هو روز کيس خط لکندو هو. پر انهن خطن جي ڪهڙي
اهميت هئي، جن تي جنگي ميدان جي ڪنهن ٽپال گهر جو
پتو لکيل هوندو هو؟ ڇا پوئتي هٽندڙ فوجن جي هن
افراتفري ۽ هنگامي ۾ هي خط کيس ملي سگهندا هوندا؟
سو به اهڙي صورتحال ۾، جتي والگا جي ميدانن ۾
گهمسان جي جنگ – سڄو علائقو جهنم بنائي ڇڏيو هجي!.
هوابازن جو سيني ٽوريم ماکيءَ جي ڇيڙيل ماناري وانگر گونججي
رهيو هو. عام تفريحن جا پروگرام ختم ٿي چڪا هئا.
شطرنج، والي بال، اٽي ڏڪر ۽ تاش جون رانديون سڀ
ڪجهه ختم ٿي چڪو هو. هر ماڻهو، ايتريقدر جو حد
درجي جا سست قسم جا ماڻهو به وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ
جاڳي پوندا هئا ته جيئن ريڊيو تان صبح جون ستين
وڳي واريون خبرون ٻڌي سگهن. اطلاعاتي اداري طرفان،
جڏهن هوابازن جا نالا وٺي، سندن ڪارنامن جو ذڪر
ٿيندو هو، تڏهن هر شخص اداس اداس پيو لڳندو هو.
نيٺ سيني ٽوريم ۾ آرام ڪندڙن اعلان ڪيو ته هو هاڻي
بيزار ٿي پيا آهن ۽ هنن مطالبو ڪيو ته کين مقرر
وقت کان اڳ ۾ ئي موڪل ڏيئي محاذ تي موڪليو وڃي.
هڪ ڏينهن پوياڙيءَ مهل هوائي فوج جي عملي جي شعبي کان هڪ ڪميشن
آئي. ڌوڙ مان اڇي ٿيل ڪار مان ڪيترا ئي آفيسر لٿا،
جن جي وردين تي طبي دستي جا نشان لڳل هئا. اڳين
سيٽ تان هڪ ٿلهو متارو آفيسر لٿو، جيڪو اُٿي مس ٿي
سگهيو. هي هو پهرئين درجي جو فوجي سرجن ميرو
ولسڪي. هو هوائي فوج ۾ تمام گهڻو مشهور هو. هواباز
سندس ٻاجهه ۽ شفقت کان ڏاڍا متاثر هوندا هئا.
مانيءَ مهل اعلان ٿيو ته هيءَ ڪميشن انهن رضاڪارن
جي چونڊ ڪندي، جيڪي پنهنجي موڪل اڳواٽ ختم ڪري
محاذ تي وڃڻ چاهين ٿا.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اليڪسي اٿيو ۽ معمول مطابق ورزش ڪرڻ کان
سواءِ ئي جهنگل ڏانهن هليو ويو ۽ نيرن تائين اتي
ئي ويٺو رهيو. نيرن تي به ڪجهه ڪونه کاڌائين. ماني
کارائڻ واريءَ ڇوڪريءَ جڏهن ڏٺو ته هن مانيءَ کي
هٿ به نه لاتو آهي، تڏهن کيس تنبيهه ڪيائين.
اليڪسيءَ کيس ڏاڍو تکو جواب ڏنو، حالانڪ ڇوڪريءَ
ساڻس قرب سان پئي ڳالهايو. جڏهن استروچڪوف کيس
ٽوڪيو ته ميان ڪجهه خيال ڪر، هوءَ ته توسان اخلاق
سان پئي پيش اچي ۽ تون اجايو پيو وهلور وڃين ته هو
ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ماني ڇڏي هليو ويو.
زينوچڪا ڀت تي لڳل سوويت اطلاعاتي اداري جو خبرنامو پڙهي رهي
هئي. اليڪسيءَ ساڻس نه دعا سلام ڪئي، نه ڳالهايو ۽
اڳتي وڌي ويو. هوءَ به ائين منهن ڦيري بيٺي، ڄڻ ته
هن به کيس ڏٺو ئي ڪونه هو. هن صرف آهستي ڪلهن کي
لوڏيو، پر جڏهن هو واقعي کيس نظرانداز ڪري وڃڻ
لڳو، تڏهن کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي
آيا. نيٺ هن کيس سڏ ڪيو. اليڪسيءَ ڪاوڙ مان منهن
ورائي چيو:
”ها، ڇا کپي توکي؟“
”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، تون ڇو ايترو.........“ ڇوڪريءَ تمام
نرم لهجي ۾ کيس ورندي ڏني ۽ سڄي ڳاڙهي ٿي ويئي.
سندس ڳل باهه وانگر دکڻ لڳا ۽ سندس وارن وانگر
شعلا اوڳاڇڻ لڳا.
اليڪسيءَ هڪدم پنهنجي بگڙيل طبيعت تي قابو پاتو ۽ ائين پئي لڳو،
ڄڻ سندس سڄو جسم خالي ٿي ويو هجي.
”اڄ منهنجي قسمت جو فيصلو ٿيڻو آهي.“ هن بنهه آهستگيءَ سان چيو.
”هٿ ملائي ۽ منهنجي لاءِ دعا ڪر........“ هو معمول
کان وڌيڪ منڊڪائيندو، پنهنجي ڪمري ۾ ويو ۽ تالو
لڳائي ڇڏيائين.
ڪميشن تفريحي هال ۾ ويٺي هئي. اتي ئي سندن سمورو سامان نسب ڪيو
ويوـــــ ساهه جانچڻ جو اوزار، مٺين جي دٻاءُ وارو
اوزار، نظر جانچڻ وارو ڪارڊ وغيره. سينيٽوريم جي
سموري خلق پاسي واري ڪمري ۾ گڏ ٿي ويئي هئي. اهي
سمورا، جن پنهنجي موڪل اڳواٽ ختم ڪرائڻ ٿي گهري،
سي قطار ڪري بيٺا هئا. زينوچڪا آئي ۽ ان سڀني کي
هڪ هڪ پرچو ڏنو، جنهن تي لکيل هو ته کيس ڪهڙي وقت
سڏيو ويندو ۽ مڙني کي اتان هليو وڃڻ لاءِ چيائين.
شروع جا ڪجهه ماڻهو، جيڪي ڪميشن وٽ پيش ٿي ٻاهر
آيا، تن واتان اهو افواهه پکڙجي ويو ته ڪميشن
ايتري سخت ڪانهي. ڀلا اهڙي وقت ڪميشن ڪيئن ٿي سخت
ٿي سگهي، جڏهن والگا جي ڪنارن تي خوني جنگ لڳل هجي
۽ سرڌڙ جي بازي لڳائڻ جي مهل مٿان هجي؟ اليڪسي سرن
جي ٻجري تي پير لاڙيو ويٺو هو. جڏهن اندران ڪو
ماڻهو نڪتو ٿي ته هن ان کان اهڙي بي نيازيءَ سان
پئي پڇيو، جو ڄڻ کيس ڪا گهڻي دلچسپي نه هجي.
”ٻڌاءِ، ڪيئن ٿيو؟“
”منهنجو ته ٻيڙو پار آهي.“ ان ماڻهوءَ خوش خوش ورديءَ جو بٽڻ
ٺيڪ ڪندي جواب ٿي ڏنو.
ميريسئف کان اڳ ۾ بورنازيان اندر ويو. هن پنهنجو لڪڻ دروازي وٽ
ڇڏي ڏنو ۽ ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڪوشش ڪندو رهيو ته
جيئن بدن ۾ لوڏو ۽ ٽنگن ۾ منڊ پيدا نه ٿئي. دروازو
کليو ۽ بورنازيان ڪاوڙ مان ڳاڙهو، سٽ ڏيئي ٻاهر
نڪتو ۽ هن ڪاوڙ مان اليڪسيءَ ڏانهن نهاريو، رڙيون
۽ دانهون ڪندو، منڊڪائيندو پارڪ ڏانهن هليو ويو.
”آفيسر شاهيءَ جا غلام! کوهه جا ڏيڏر! کين هوابازيءَ جي باري ۾
اچي ئي ڇا ٿو؟ ڇا سندن خيال ۾ هوابازي به هڪ ناچ
آهي؟ ننڍي ٽنگ؟....... ڪمبختن کي رڳو انيما (گهٽ
رت واري بيماري) ۽ انجيڪشن کان سواءِ ٻيو اچين به
ڇا ٿو؟“
اليڪسيءَ جي دل ٻڏي رهي هئي، پر پوءِ به هو بنهه خوش خوش،
مسڪرائيندو ۽ تيز تيز قدمن سان ڪمري اندر آيو.
ڪميشن هڪ ڊگهي ميز جي ڀرسان ويٺل هئي. وچ ۾ گوشت
جي ڍڳ وانگر پهرين درجي جو فوجي سرجن ميروولسڪي
ويٺل هو. پاسي ۾ هڪ ٻيءَ ميز وٽ زينوچڪا ويٺي هئي.
سندس اڳيان مريضن جي ڪارگزاريءَ جي ڪاغذن جو ڍير
رکيل هو. هوءَ پنهنجي سفيد ۽ ڪلف لڳل ڊريس ۾ هڪ
خوبصورت ۽ ننڍڙي گڏيءَ وانگر ڏاڍي وڻي پئي. سندس
سنهي سفيد رومال مان ڳاڙهن وارن جي هڪڙي چڳ ڏاڍي
ناز ۽ ادا سان ٻاهر لياڪا پائي رهي هئي. هن
اليڪسيءَ کي سندس بيماريءَ جو پروانو هٿ ۾ ڏنو ۽
آهستگيءَ سان سندس هٿ کي زور ڏنو.
”نوجوان، هاڻي بدن جي مٿئين حصي جا ڪپڙا لاهي ڇڏ.“ سرجن اکيون
چُنجهيون ڪندي چيو.
ميريسئف جي ورزش اجائي ڪانه وئي هئي. ڪاڙهي ۾ ڊوڙڻ بيڪار ڪونه
ويو هو. سرجن دل ئي دل ۾ سندس ڳتيل ۽ خوبصورت جسم
جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. سندس بدن جو
هر هڪ حصو، سانوري کل هيٺان تڙپندو نظر پئي آيو.
”تون ته ڀوڳن ڀوڳن ۾ دائود جي مجسمي جي نموني طور تي ڪم ڪري
سگهين ٿو.“ ڪميشن جي هڪ ميمبر چرچي طور چيس.
ميريسئف بنهه آسانيءَ سان سڀني امتحان مان پاس ٿي
ويو. سندس مٺين جو دٻاءُ مقرر معيار کان 50 سيڪڙو
وڌيڪ هو، ساهه جي جانچ ۾ هن ڪانٽي کي اوزار جي
آخري ڇيڙي تائين پهچائي ڇڏيو، سندس رت جو داٻ بنهه
صحيح هو ۽ سندس اعصاب بهترين حالت ۾ هئا. آخر ۾ هن
طاقت جي چڪاس ڪرڻ واري اوزار جا هٿيا ايتري ته زور
سان ڇڪيا، جو مرڳو اسپرنگ ئي ٽٽي پيو.
”هواباز؟“ سرجن پنهنجي چهري تي خوشيءَ جي ڪيفيت پيدا ڪندي پڇيو.
هو پنهنجي ڪرسيءَ تي آرام سان ڍرڪي پيو. هو
”سينيئر ليفٽيننٽ ميريسئف“ جي ڪارڊ جي مٿئين ڪنڊ
تي پنهنجو فيصلو لکڻ ئي وارو هو.
”جي ها.“
”جنگي هواباز؟“
”جي ها.“
”چڱو، همت ڪري اڃا به وڌيڪ ڪارناما سرانجام ڏي. تو جهڙن ماڻهن
جي ضرورت آهي، تمام گهڻي ضرورت آهي........! ها،
پر اهو ته ٻڌاءِ ته توکي تڪليف ڪهڙي هئي؟“
اليڪسيءَ جو منهن لهي ويو. کيس ائين لڳو، ڄڻ سڄو ٺهيل ٺڪيل
معاملو پيو خراب ٿئي. سرجن سندس ڪارڊ جو معائنو
ڪيو ۽ سندس چهري تي حيرانيءَ جي ڪيفيت جهلڪڻ لڳي.
”هان! هي ڇا؟ ڪٽيل پير! هيءَ ڪهڙي بڪواس آهي؟ غلطيءَ وچان ڪنهن
ٻئي جو ڪارڊ ته ڪونه اچي ويو آهي، هان؟ تون چپ ڇو
آهين؟ جواب ڇو نٿو ڏئين؟“ سرجن بنهه رڙيون ڪندي،
حيرانيءَ ۽ پريشانيءَ مان پڇيو. ”نه سائين، اها
غلطي نه آهي.“ جواب ۾ اليڪسيءَ بنهه آهستي چيو،
جهڙوڪر هو ڦاسيءَ تي چڙهي رهيو هجي. ڪميشن جي
ميمبرن ۽ سرجن مشڪوڪ نظرن سان ان ڏٽي مٽي ۽ ڳتيل
بدن واري پرجوش جوان کي ڏٺو ۽ سندن سمجهه ۾ ئي نه
پئي آيو ته آخر معاملو ڇا آهي؟
”پتلون جا پائنچا مٿي کڻ.“ سرجن بي صبريءَ واري لهجي ۾ حڪم ڏنو.
اليڪسيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو. هن ڏاڍي بيوسيءَ سان زينوچڪا
ڏانهن نهاريو ۽ آهستي آهستي پنهنجي پتلون جا پانچا
مٿي کنيا. سندس چهري تي مايوسي ڇانئجي ويئي. هن
ڪاٺ جي پيرن کي کولي ڇڏيو ۽ هٿ پاسن ۾ ڍرا ڪري
ڇڏيا.
”اسان سان مسخري ڪرڻ ٿو چاهين يا تنهنجو اڃا ڪو ٻيو مقصد آهي؟
ڏس ته سهي، اسان جو ڪيڏو وقت زيان ڪيو اٿئي؟
يقينًا تون بنا پيرن جي ته هوائي فوج ۾ وڃڻ جو
سوچي ئي نٿو سگهين، آهي نه ائين؟ پوءِ هي ڊرامو
ڇو؟“ نيٺ سرجن چيو.
”آءٌ رڳو سوچيان نٿو، پر آءٌ ته واپس وڃي ئي رهندس.“ اليڪسيءَ
دٻيل آواز ۾ جواب ڏنو. سندس ڪارين اکين ۾ بغاوت جا
شعلا ڀڙڪي رهيا هئا.
”بنا پيرن جي هوائي فوج ۾ ويندين؟ تنهنجي ڪل ته ڪانه ٿڙي ويئي
آهي!“
”ها، آءٌ بنا پيرن جي هوائي جهاز اڏائيندس.“
اليڪسيءَ جواب ڏنو. هاڻي منجهس بغاوت نه، پر سڪون اوتجي آيو هو.
هن پنهنجي پراڻي طرز تي ٺهيل ورديءَ جي کيسي مان
هڪ رسالي جو صفحو ڪڍيو، جيڪو تمام حفاظت سان
ويڙهيل هو. ”ڏسو!“ هن اهو پنو سرجن کي ڏيکاريندي
چيو. ”هن هڪ پير سان هوائي جهاز هلايو هو ته آخر
آءٌ ٻنهي پيرن کان بنا ڇو نٿو هوائي جهاز اڏائي
سگهان؟“
سرجن اهو پنو پڙهيءَ ۽ اليڪسيءَ کي حيرت ۽ احترام سان ڏٺو. ”ها،
پر توکي ان جهڙو ٿيڻ لاءِ بي پناه محنت ۽ مشق ڪرڻي
پوندي. هن ماڻهوءَ ڏهن سالن تائين مشق ڪئي هئي.
توکي پنهنجا پير ائين استعمال ڪرڻا پوندا، ڄڻ ته
اهي بنهه اصلي آهن.“ هن ڪجهه نرمائيءَ سان چيو.
انهيءَ لمحي اليڪسيءَ کي هڪ غير متوقع ڪمڪ پهتي. زينوچڪا پنهنجي
ميز وٽان ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي. هن ٻئي هٿ ائين ملايا،
جهڙوڪر دعا گهري رهي هجي ۽ سندس رنگ ايترو ته
ڳاڙهو ٿي ويو، جو پگهر جا موتين جهڙا ڦڙا سندس
لوندڙين وٽ ظاهر ٿيڻ لڳا. هن چيو:
”ڪامريڊ سرجن، اوهان هن جو ناچ ڏسو. هي ايترو ته بهترين نچي ٿو
جو ٻنهي پيرن وارا به اهڙو نٿا نچن.“
”ناچ؟ خدا جي ڪا مار پوي. ڇا مطلب آهي تنهنجو.........؟ ڇا تون
به چرچا پئي ڪرين.......“ سرجن جي وات مان بي
اختيار نڪتو ۽ هن چئني طرفن حيرت سان ڪميشن جي
ميمبرن ڏانهن نهاريو.
اليڪسيءَ به هڪدم زينوچڪا وارو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ڏنو. ”اوهان
مهرباني ڪري هينئر فيصلو نه ڪجو. اڄ رات اسان جو
ناچ ڏسڻ اچجو ۽ ڏسجو ته آءٌ ڇا ڪجهه ڪري سگهان
ٿو.......!“
جڏهن اليڪسي دروازي ڏانهن وڃڻ لڳو ته هن ٽِڪ ۾ ڪميشن جي ميمبرن
جي جهلڪ ڏٺي، جيڪي ڏاڍي جوش خروش سان هڪ ٻئي سان
ڳالهائي رهيا هئا.
مانيءَ کان اڳ ۾ اليڪسي زينوچڪا کي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ مليو.
زينوچڪا کيس ٻڌايو ته سندس وڃڻ کان پوءِ به ڪميشن
گهڻي دير تائين سندس باري ۾ بحث ڪيو. سرجن چيو هو
ته ميريسئف هڪ غير معمولي نوجوان آهي ۽ ڪهڙي خبر
ته واقعي هو هوائي جهاز اڏائي سگهي! هڪ روسي ڇا
ڪجهه نٿو ڪري سگهي؟ ان جي جواب ۾ ڪميشن جي هڪڙي
ميمبر چيو ته هوابازيءَ جي تاريخ ۾ ان قسم جو ڪوبه
واقعو ڪونه ٿو ملي. سرجن ان کي جواب ڏنو ته
هوابازيءَ جي تاريخ کي گهڻين ڳالهين جي خبر ڪانه
هئي، پر هن جنگ ۾ سوويت هوابازن ڪيترن ئي نون
ڪارنامن جو واڌارو ڪيو آهي ۽ تاريخ کي نوان نيکام
ڏنا آهن.
رضاڪارن جي روانگيءَ جو جشن ملهائڻ لاءِ هڪ الوداعي ناچ جو
انتظام ڪيو ويو. رضاڪارن جو تعداد ٻه سئو کن هو.
هيءَ هڪ شاندار تقريب هئي. ماسڪو مان فوجي بينڊ
گهرايو ويو هو. هواباز نچي رهيا هئا. انهن سڀني ۾
نمايان ميريسئف هو. هو باهه جي شعلن جهڙن وارن
واريءَ ڇوڪريءَ سان گڏ نچي رهيو هو.
فوجي سرجن ميروولسڪي کليل دريءَ وٽ ويٺو هو. سندس اڳيان ٿڌي
بيئر جو گلاس رکيو هو. هو هڪ پل لاءِ به ميريسئف ۽
ڳاڙهن وارن واري ڇوڪريءَ تان نظر هٽائي نه سگهيو.
هو هڪ سرجن هو، سو به هڪ فوجي سرجن. هو نقلي ۽
اصلي پيرن جي فرق کي چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو.
هاڻي جڏهن هن ڏٽي مٽي بدن واري هواباز کي پنهنجي نازڪ ۽ دلڪش
ساٿيءَ سان نچندي ڏٺو ته هو اهو سمجهڻ لڳو ته ٿي
سگهي ٿو ته هن ۾ ڪو دوکو هجي. آخرڪار اليڪسيءَ
تاڙيون وڄائيندي تماشائين جي گهيري ۾ روسي لوڪ ناچ
”بارنيا“ نچندو ۽ ديوانگي جي حد تائين محنت ۽ چاهه
سان پنهنجي رانن ۽ ڳلن کي ٿڦڪائيندو ۽ ٽپ ڏيندو
نيٺ ميروولسڪيءَ وٽ اچي پهتو. هو پگهر ۾ شل ۽ ڏاڍي
جوش ۾ هو. سرجن خاموشيءَ ۽ تعظيم سان ساڻس هٿ
ملايو. اليڪسيءَ زبان سان ته ڪجهه به ڪونه
ڳالهايو، پر هن پنهنجون اکيون سرجن جي اکين ۾
کپائي ڇڏيون ۽ التجا ڀري نظرن سان ڏسندي جواب جي
تقاضا ڪرڻ لڳو.
”تون پاڻ ٿو ڄاڻين.“ آخرڪار سرجن چيو. ”ته مون کي ڪوبه حق ۽
اختيار ڪونهي ته آءٌ سڌيءَ طرح تنهنجي مقرري ڪنهن
دستي ۾ ڪريان. باقي آءٌ توکي عملي جي شعبي لاءِ هڪ
پروانو ڏيندس ۽ اها به سفارش ڪندس ته مناسب سکيا
کان پوءِ تون هوابازيءَ لاءِ بنهه لائق ٿي
سگهندين. بهرحال، تون منهنجي ووٽ تي ڀروسو ڪري
سگهين ٿو.“
ميروولسڪي سينيٽوريم جي صدر جي ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي هال مان نڪري
ويو. سينيٽوريم جو صدر پڻ ڏاڍو قابل فوجي سرجن هو.
ٻنهي جون دليون حيرانيءَ، تحسين ۽ تعريف جي جذبن
سان ڀريل هيون. هو هنڌ تي ليٽڻ کان پهريائين گهڻي
دير تائين ويٺا سگريٽ پيئندا رهيا ۽ غور ڪندا رهيا
ته واقعي جيڪڏهن روسي ماڻهن کي ڪنهن شيءِ جو ڀوت
سوار ٿي پوي ته هو اها ڳالهه پوري ڪري ئي
ڏيکاريندا آهن.
موسيقي اڃا گونججي رهي هئي، پر ميريسئف مٿئين منزل جي غسل خاني
۾ بند پنهنجي ٽنگن کي ٿڌي پاڻيءَ ۾ وجهيو ويٺو هو.
هو پنهنجا چپ ايترو ته زور سان چٻي رهيو هو، جو
منجهانئن بنهه رت نڪرڻ لڳو هو. درد جي پيڙا کان هو
ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو. سندس ٽنگن تي نقلي پيرن
جي گاٺ جي ڪري رت هاڻيون ڳاڙهيون لڦون پئجي ويون
هيون.
هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ميجر استروچڪوف ڪمري ۾ آيو ته ميريسئف وهنجي
سهنجي، تازو توانو ٿي ٽِڪ جي سامهون ويهي پنهنجي
گهنڊيدار وارن ۾ ڦڻي ڏئي رهيو هو.
”زينوچڪا توکي ڳولي پئي. توکي ته هن مهل هن سان گڏ الوداعي سير
ڪرڻ کپندو هو ۽ تون آهين، سو هتي ويٺو آهين. مون
کي ته هن ڇوڪريءَ تي ڏاڍو رحم ٿو اچي.“
”هليا ته گڏجي هلون.“ ميريسئف ڏاڍي چاهه سان جواب ڏنو. ”هليا،
پاويل ايوانووچ، اچ ته هلون.“ هن التجا ڪئي. هن
خوبصورت ۽ بنهه ڀلوڙ ڇوڪريءَ سان اڪيلائي ۾ گڏ هجڻ
جو خيال، جنهن کيس ناچ سيکارڻ لاءِ هيڏي ساري
تڪليف ورتي هئي، سندس لاءِ ڏاڍو پريشان ڪندڙ هو.
خاص ڪري اوليا جو خط ملڻ کان پوءِ سندن گڏ هجڻ کيس
عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو هو. هو استروچڪوف
کي منٿون ميڙون ۽ ايلاز ڪندو رهيو، تانجو نيٺ هن
ٽوپي کنئي ۽ اٿي گڏ روانو ٿيو.
زينوچڪا گل هٿ ۾ جهليو ورانڊي ۾ سندس اوسيئڙو ڪري رهي هئي. سندس
اڳيان گلن جون ڇڻيل پتيون پکڙيون پيون هيون.
اليڪسيءَ جي پيرن جي آهٽ ٻڌي هوءَ ڏاڍي چاهه سان
اوڏانهن مڙي، پر جڏهن هن ڏٺو ته هو اڪيلو ڪونهي ته
هوءَ ڄڻ وسامي ويئي.
”هليا ته پاڻ جهنگل کان موڪلائڻ هلون.“ اليڪسيءَ ڏاڍي اطمينان
سان تجويز پيش ڪئي.
هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي وڻن جي وچان پراڻي ٿڏي سڙڪ تان هلڻ لڳا. هو
هلندا هلندا ڍنڍ تائين اچي پهتا. ڍنڍ نرم ۽ سفيد
ڌنڌ جي ڪمبل ۾ ڍڪيل هئي ۽ رڍ جي سفيد کل وانگر لڳي
رهي هئي. هوا گهميل هئي ۽ منجهس موسم خزان جي
خوشبو رچيل هئي. چوطرف چنڊ جي ٿڌي چانڊاڻ ڏاڍي
وڻندڙ هئي. هو انهيءَ مست ڪندڙ ماحول ۾ آهستي
آهستي ٽِلي رهيا هئا.
”ائين پيو لڳي ڄڻ اسين ديو هجون ۽ ڪڪرن مٿان هلي رهيا هجون.
ڪيئن، ٺيڪ آهي نه؟“ اليڪسيءَ ڪجهه سوچيندي چيو. هن
محسوس پئي ڪيو ته ڇوڪريءَ جو هٿ زور زور سان سندس
هٿ کي دٻائي رهيو هو.“
”ديو نه پر احمق. اسين پيرن کان وٺي مٿي تائين پُسي پونداسين.
رستي ۾ اسان کي ٿڌ لڳي پوندي.“ استروچڪوف ڇوهه
ڇنڊيندي چيو.
”انهيءَ معاملي ۾ مون کي پرواهه ناهي. منهنجا ته پير ئي ڪونهن
جو پُسن. تنهن ڪري مون کي ته ٿڌ ڪانه لڳي سگهندي.“
اليڪسيءَ کلندي وراڻيو.
”اچو اچو، هن مهل اُتي ڏاڍو مزيدار منظر هوندو.“ زينوچڪا کين
ڍنڍ ڏانهن ڇڪيندي چيو. هو ڍنڍ جي ڪناري سان بيٺل
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺا ۽ ٻيڙي ڍنڍ جي ماٺاري سطح تي
آهستي آهستي ترڻ لڳي. مڪمل خاموشي ڇانيل هئي. ڍنڍ
جي هموار سطح تي چنڊ جو چمڪندڙ اولڙو، آس پاس جي
ماحول ۾ گلن ڦلن جي سڳنڌ جو واسو، ڏاڍو مزو پئي
آيو. نيٺ زينوچڪا ڳالهايو: ”ڏاڍي مشڪل سان يقين ٿو
اچي ته ڪو ويجهو ئي ڪٿي زوردار جنگ لڳي پئي
آهي....... دوستو! توهان مون کي خط لکندؤ نه؟ ڪيئن
اليڪسي! تون ته مون کي خط لکندين نه؟ ها ڀلي خط
ڪيترو ئي مختصر ڇو نه هجي. آءٌ پتو لکيل ڪجهه پوسٽ
ڪارڊ تنهنجي حوالي ڪنديس. ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟ تون
ضرور لکجانءِ. بس رڳو ايترو ئي ڪافي آهي ته: جيئرو
آهيان، ٺيڪ آهيان، ججها سلام ۽ دعا! ۽ ان ڪارڊ کي
پوسٽ جي دٻي ۾ وجهي ڇڏج. ٺيڪ آهي نه؟“
”ٻيلي، آءٌ پڪ ڪونه ٿو ڏيان. توهان کي خبر آهي ته مون کي هتان
وڃڻ جي ڪيتري خوشي ٿي آهي. مون کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ
هٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿي رهي آهي. سو آءٌ ڪجهه چئي
نٿو سگهان. باقي اوهين ڄاڻو پاڻ ۾.“ استروچڪوف
چيو.
پوءِ هو سڀ ماٺ ٿي ويا. ٿوري دير کان پوءِ زينوچڪا چيو ته
”اچو ته ڳايون“ ۽ انتظار ڪرڻ کان سواءِ ريبي نا وڻ
جي باري ۾ گيت ڳائڻ لڳي. هن اڪيلي ئي ڏاڍي درد
ڀرئي آواز ۾ ٻول جهونگارڻ شروع ڪيا. پوءِ
استروچڪوف به ساڻس گڏجي ڳائڻ لڳو. اليڪسيءَ کي وهم
گمان به ڪونه هو ته ڪو استروچڪوف ايتري سريلي ۽
دل کي ڇهندڙ آواز ۾ ڳائي سگهي ٿو. آخر ۾ اليڪسيءَ
پاڻ به گيت جي آخري ٻولن ۾ گڏجي ڳائڻ شروع ڪيو.
|