(10)
اليڪسي هاڻي هڪ نئين تجربي مان گذري رهيو هو. جنهن پل کان وٺي
کيس اهو يقين ٿي ويو هو ته جيڪڏهن هو مشق ڪري ۽
سکي ته بنا پيرن جي به هوائي جهاز اڏائي سگهي ٿو ۽
ٻيهر هوا باز بنجي سگهي ٿو، تنهن گهڙيءَ کان وٺي
زندگيءَ، گرمجوشيءَ ۽ محنت جي هڪڙي زبردست خواهش
سندس دل ۾ باه ٻاري ڏني هئي.
هاڻي زندگيءَ ۾ سندس سامهون فقط هڪڙو مقصد هو. هڪ جنگي هوائي
جهاز اڏائڻ جو مقصد ۽ هو سموريءَ سچائيءَ، ثابت
قدميءَ ۽ فولادي ارادي سان اهو مقصد حاصل ڪرڻ جي
جدوجهد ۾ جنبي ويو. پنهنجي محاذ تائين پهچڻ لاءِ
رڙهندو رهڻ ۾ به هن ساڳئي ثابت قدمي ۽ ساڳئي
فولادي ارادي کان ڪم ورتو هو. سڀ کان پهريائين هن
ذري پرزي سميت انهيءَ پهلوءَ تي غور ڪيو ته ڪيئن
وقت برباد ڪرڻ کان سواءِ جلد کان جلد پنهنجو مقصد
حاصل ڪري سگهي ٿو. پوءِ هن فيصلو ڪيو ته سڀ کان
پهريائين جلد کان جلد کيس پنهنجي صحت بحال ڪرڻ ۽
طاقت حاصل ڪرڻ گهرجي، جيڪا هن فاقن دوران وڃائي
هئي. کيس خوب کائڻ ۽ سمهڻ گهرجي. ٻيو ته کيس هڪ
هواباز جي حيثيت ۾ وڙهڻ لاءِ اهي سموريون صلاحيتون
۽ خوبيون برقرار رکڻيون پونديون. ان غرض کي حاصل
ڪرڻ لاءِ هن فيصلو ڪيو ته جيستائين هڪ بستري تي
پيل مريض لاءِ ممڪن ٿي سگهي ٿو، اوستائين هو
جسماني ورزش ڪندو. ٽيون ۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ
مشڪل ڪم هي ڪرڻو هو ته سندس ٽنگن جي باقي بچيل حصن
کي ڪم ڪرڻ جي لائق بنائڻ ته جيئن انهن جي طاقت ۽
چستي برقرار رهي ۽ جڏهن پوءِ کيس نقلي پير ڏنا وڃن
ته انهن ٽنگن سان هوائي جهاز اڏائڻ سکي.
بنا ٽنگن واري ماڻهوءَ لاءِ هلڻ چلڻ به ڏاڍو مشڪل ڪم هوندو آهي.
پر اليڪسيءَ اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو ته هو
هوائي جهاز، سو به جنگي هوائي جهاز اڏائيندو ئي
رهندو. هي ڪم انتهائي خطرناڪ ۽ جان جوکي ۾ وجهڻ
جهڙو هو. خاص ڪري هوائي جنگ ۾ حصو وٺڻ. ان ۾ هڪ هڪ
شيءِ جو انحصار هڪڙي سيڪنڊ جي به ڏهين پتيءَ تي
هوندو آهي. ان ۾ قدرتي چرپر وانگر هر چرپر کي
توريل تڪيل ۽ بنهه ٺيڪ ٺيڪ هجڻ گهرجي. ان ۾ پيرن
کي به اهڙي طرح ٺيڪ ٺيڪ ۽ اهڙي طرح چستيءَ ۽
تيزيءَ سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو، جهڙي طرح هٿن کي. کيس
پنهنجي مشق کي ايتريقدر وڌائي ڇڏڻ گهرجي جو ڪاٺ جا
ٽڪرا ۽ چمڙي جا ڌاڳا، هي نازڪ ڪم بلڪل زنده عضوي
وانگر سرانجام ڏيئي سگهن.
هر اهو شخص، جيڪو هوابازيءَ جي مهارت رکي ٿو، سو هن ڳالهه کي
ناممڪن تصور ڪندو، ليڪن اليڪسيءَ کي هاڻي يقين اچي
ويو هو ته اهو ممڪن آهي ۽ جڏهن اهو ڪم ممڪن آهي ته
پوءِ هو ان کي مڪمل ڪري ئي ڇڏيندو ۽ پوءِ هن
پنهنجي منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ جو ٻيڙو پنهنجي
ڪلهن تي کڻي ورتو. سمورو علاج ۽ دوائون هو ايتري
ته پابندي ۽ شوق سان استعمال ڪندو هو جو هو خود
ششدر ٿي ويندو هو. هو تمام گهڻو کائڻ لڳو هو. بک
نه به هوندي هيس، ته به هو ٻيو ڀيرو کاڌو کائيندو
هو. ڇا به هجي، پر مقرر وقت واري ننڊ ضرور پوري
ڪندو هو.
اڀري سڀري ورزش ته هو اڳي به ڪندو هو، پر بنا ٽنگن واري ماڻهوءَ
لاءِ اها هاڻي ٺيڪ ڪانه هئي. تنهن ڪري هن پنهنجي
لاءِ ورزش جا نوان طريقا ڳوليا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو
هٿ چيلهه تي رکيو ڌڙ کي اڳيان، پٺيان ۽ ساڄي کاٻي
جهڪائيندو هو. مٿي کي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڏانهن
جهٽڪا ڏيندو هو. هي سڀ ڪجهه هو ايتري زور ۽ طاقت
سان ڪندو هو جو سندس پٺيءَ جو ڪنڊو ٽڙڪاٽ ڪندو هو.
سندس وارڊ وارا دوست سندس ورزش تي کل ڀوڳ پيا ڪندا
هئا. ڪوڪوشڪن گهڻو ڪري مٿس چٿرون ڪندو هو ۽ مٿس
زنامنسڪي برادران، لادو ميگ ۽ ٻين رانديگرن جا
نالا پيو رکندو هو. ڪوڪوشڪن کي انهن ورزشن کان
نفرت هئي. ورزش کي هو اسپتال جي هڪ مصيبت سمجهندو
هو ۽ جيئن ئي اليڪسي ورزش شروع ڪندو هو، هو ورانڊي
ڏانهن هليو ويندو هو.
جڏهن اليڪسيءَ جون پٽيون کلي ويون ۽ هو زياده آزاديءَ سان
پنهنجي پلنگ تي چري ڦري سگهيو ٿي، تڏهن هن ورزش ۾
ٻيو واڌارو ڪيو. هو پنهنجي پلنگ جي شيخن ۾ پنهنجن
ڪٽيل ٽنگن کي ڦاسائي اڃا به وڌيڪ اڳيان پٺيان
جهڪندو هو. پوءِ هن پنهنجي پيرن لاءِ نيون نيون
ورزشون ڳولي ڪڍيون. ٽنگن جي ورزش ۾ کيس ڏاڍي تڪليف
ٿيندي هئي، پر هو هر روز ورزش ۾ هڪ منٽ جو واڌارو
ڪندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته درد ۽ تڪليف کان سندس
اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ هو پنهنجي بي اختيار
نڪرندڙ ڪنجهڪار کي روڪڻ لاءِ پنهنجن چپن کي ايترو
ته زور سان چڪ هڻندو هو، جو انهن مان رت نڪري
ايندو هو. پر پوءِ نيٺ ورزش جي نتيجي ۾ سندس بدن
پهرين وانگر مضبوط ۽ سخت ٿيڻ لڳو هو.
ميريسئف جو سمورو ڌيان سندس ٽنگن تي هو. ڪڏهن ڪڏهن هو خيالن ۾
گم ائين محسوس ڪندو هو، ڄڻ سندس پيرن ۾ سور پيو
ٿئي ۽ بي خياليءَ ۾ هو پيرن کي چورڻ جي ڪوشش ڪندو
هو ۽ تڏهن کيس احساس ٿيندو هو ته سندس پير آهن
ڪٿي! سندس دماغ ۾ پيرن جو خيال ايترو ته واسو ڪري
ويو هو، جو هو ننڊ ۾ پاڻ کي تندرست، تيز تيز پنڌ
ڪندو محسوس ڪندو هو. خواب ۾ کيس ”سگنل“ جو آواز
ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ هو پاڻ کي هوائي جهاز ڏانهن
ڊوڙندو، پرَ تي ٽپ ڏيئي چڙهندو، ڪاڪ پٽ اندر ٽپي
پوندو ۽ جيستائين مستري يورا انجن چالو ڪري،
تيستائين پاڻ کي پينڊلن جي جاچ پڙتال ڪندي پيو
ڏسندو هو. ڪڏهن وري پاڻ ۽ اوليا هٿ هٿ ۾ ڏيئي
اگهاڙن پيرن گلن سان ڇانيل گاهه تي ڊوڙندا نظر
ايندا هئا ۽ گرم ۽ پُسيل زمين جي ڇهاءَ سان لطف
پيا وٺندا نظر ايندا هئا. الا! هي سڀ ڪجهه ڪيڏو نه
خوبصورت هو، ڪيڏو نه مزيدار هو!! پر اک کلندي هيس
۽ پير ياد ايندا هيس ته سندس دل تي نه ڄاڻان ڪهڙي
قيامت برپا ٿي ويندي هئي.
ان قسم جا خواب ڏسڻ کان پوءِ ڪيترا ڀيرا سندس دل اداس ٿي ويندي
هئي. هو سوچڻ لڳندو هو ته خواه مخواه هو پنهنجي
جسم کي تڪليف ڏئي رهيو آهي. هاڻي هو ڪڏهن به پرواز
ڪري نه سگهندو ۽ بلڪل ساڳئي طرح هو ڪامي شين ۾ ان
دلربا ڇوڪري سان گڏ ڪڏهن به اگهاڙن پيرن سان ڊوڙي
نه سگهندوــــــــ اها ڇوڪري، جنهن کي وڇوڙي جي
ديوار اڃا به وڌيڪ دلڪش ۽ محبوب بڻائي ڇڏيو هو.
اوليا سان لڳاءُ هاڻي سندس دل ۾ مسرت جو احساس نٿي جاڳايو.
تقريبًا هر هفتي نرس کيس ”نچڻ“ تي مجبور ڪندي هئي،
يعني هو پنهنجي بستري تي بدن کي هيٺ مٿي ڪندو هو ۽
تاڙيون وڄائيندو هو. تڏهن کيس نرس اهو خط ڏيندي
هئي، جنهن تي اسڪول جي ڇوڪريءَ جا ڄاتل سڃاتل گول
گول ۽ صاف هٿ اکر لکيل هوندا هئا. اهي خط هاڻي
ڏينهون ڏينهن ڊگها ۽ دلنواز ٿيندا پئي ويا. ائين
پئي لڳو ته ان ڇوڪريءَ جي محبت، جنهن جي وچ ۾ جنگ
حائل ٿي ويئي هئي، هاڻي گل جيان ٽڙڻ ۽ سرهاڻ سان
آس پاس واسڻ لڳي هئي. هو خطن ۾ اهي سٽون وڏين
تمنائن ۽ ڏاڍين بي قرارين سان پڙهندو هو، ڇاڪاڻ ته
کيس خبر هئي ته هو انهن جو ڀرپور جواب نٿو ڏئي
سگهي.
هو ۽ اوليا، جن ڪاٺ وڍڻ واري مل جي اسڪول ۾ گڏ تعليم حاصل ڪئي
هئي، رومانوي جذبات ۾ ٻڏل هئا ۽ هو ان جذبات کي
پنهنجي وڏن جي محبت جو اولڙو قرار ڏيندا هئا. تنهن
کان پوءِ هو ڇهن ستن سالن لاءِ هڪ ٻئي کان وڇڙي
ويا. پهرئين ته ڇوڪري هُنري اسڪول ۾ پڙهڻ هلي ويئي
۽ جڏهن هوءَ هڪ هنرمند ماهر بنجي واپس مل ۾ آئي،
تيستائين اليڪسي شهر ڇڏي چڪو هو ۽ هاڻي هو
هوابازيءَ جي هڪ اسڪول ۾ تعليم پرائي رهيو هو.
ٻيهر هو جنگ چالو ٿيڻ کان بنهه ٿورو اڳ ۾ مليا.
ٻنهي کي پاڻ ۾ ملاقات جو وهم ۽ گمان به ڪونه هو.
شايد هو هڪ ٻئي کي وساري چڪا هئا. سندن جدائيءَ
دوران گهڻو ڪجهه ٿي چڪو هو. هڪڙي ڏينهن شام جو
اليڪسي ماڻس سان گڏ رستو وٺيو پئي ويو ته سامهون
هڪڙي ڇوڪري لنگهي. هن ان ڇوڪري ڏانهن ڪو خاص توجهه
ڪونه ڏنو، البت ايترو سو سوچيائين ته ڇوڪريءَ جون
ٽنگون ڏاڍيون ڀليون آهن.
”تو ڇوڪريءَ کي سلام ڇو نه ڪيو؟ هيءَ ته اوليا هئي.“ سندس ماءُ
کيس ڏاڍي جٺ ڪئي.
اليڪسيءَ مڙي پوئتي نهاريو. ڇوڪري به کيس ڏسڻ لاءِ مڙي نهاريو.
جيڏي مهل سندس نگاه پاڻ ۾ ملي، تڏهن اليڪسيءَ
محسوس ڪيو ته سندس دل سيني اندر زور زور سان ڦٿڪي
رهي آهي. هو ماڻس کي اتي ڇڏي ڇوڪريءَ ڏانهن ڊوڙيو،
جيڪا هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ بيٺي هئي.
”تون؟“ هن حيرت مان پڇيو ۽ کيس ائين گهوري ڏسڻ لڳو، ڄڻ ته ڪا
ناياب شيءِ ست سمنڊ پار ڪري آئي هجي.
”اليوشا؟“ ڇوڪريءَ به ساڳئي حيرت ڀريل لهجي ۾ پڇيو، ڄڻڪ کيس
يقين ئي ڪونه پئي آيو.
هنن ڇهن ستن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڏٺو هو. اليڪسي
پنهنجي سامهون هڪ ننڍڙي قد جي نازڪ ڇوڪري ڏسي رهيو
هو، جنهن جو بدن لچڪيدار ۽ دلڪش هو. ان جو چهرو
ڇوڪرن جهڙو هو. اولگا وڏين وڏين ڀورين ۽ چمڪدار
اکين سان ڏانهس ڏٺو ۽ تاڻيل ۽ گهاٽن پلڪن کي آهستي
آهستي مٿي کنيو. جڏهن هو جدا ٿيا هئا، تڏهن هوءَ
مضبوط ۽ گول گول گلابي چهري واري ڇوڪري هئي ۽ هاڻي
ته هوءَ ايڏي ته شاداب، نرم ۽ نازڪ، ايڏي ته پياري
ڇوڪري ٿي پئي هئي جو کيس سڃاڻڻ به مشڪل ٿي پيو هو.
اليڪسيءَ ماڻس کي وساري ڇڏيو ۽ ڇوڪريءَ جي حُسن ۾ گم ٿي ويو. هن
محسوس ڪيو ته هو ستن سالن جي عرصي دوران هڪ ڏينهن
به اوليا کي وساري نه سگهيو هو ۽ سندس ملاقات جا
خواب ڏسندو رهيو هو.
”تون ته هاڻي اهڙي ٿي ويئي آهين جو......!“ هن آخرڪار چيو.
”ڪهڙي؟“ ڇوڪريءَ گجندڙ ۽ ڀرپور آواز ۾ پڇيو. هي آواز به ان آواز
کان مختلف هو، جيڪو هن اسڪول جي زماني ۾ ٻڌو هو.
”اهڙي جو بس!“ اليڪسيءَ پنهنجي گهور لڪائڻ کان سواءِ چيو. ”چڱو،
پر ڪهڙي؟“ ڇوڪريءَ وري کلندي پڇيو.
ماڻس ٻنهي نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي هڪ پل لاءِ ڏٺو ۽ هڪ اداس
مسڪراهٽ سان هوءَ اڳتي وڌي ويئي. پر هو ٻئي اتي
بيٺا ڳالهائيندا رهيا. هو هڪ ٻئي جي ڳالهه اڌ ۾
ڪٽي پنهنجي ٻڌائيندا رهيا ۽ سندن گفتگو دوران گهڻو
ڪري هنن لفظن جو بي اختيار استعمال پئي ٿيو: ”توکي
ياد آهي......؟“ ”تون ڄاڻين ٿي.......؟“ ”هن کي ڇا
ٿيو........؟“ ”ڪٿي آهي........؟“
هو گهڻي دير تائين اتي بيٺا ڳالهائيندا رهيا. نيٺ اوليا ويجهن
گهرن جي درين ڏانهن اشارو ڪيو، جن مان تجسس ڀريل
چهرا ڏانهن نهاري رهيا هئا.
”جيڪڏهن توکي واندڪائي هجي ته درياءَ جي ڪناري ڏانهن ٿورو
هلون.“ اوليا چيو. ٻئي ڄڻا هٿ هٿ ۾ ڏيئي وڃڻ لڳا.
ائين ته هنن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ڪونه ڪيو هو. هنن کي
سڀ ڪجهه وسري ويو ۽ هو هلندا هلندا درياءَ جي
اڀڪپري تي اچي پهتا. اتان کان والگا جي اڻ کٽ
وسعتن ۽ ان جي ٻوڏ واري پاڻيءَ جي ترندڙ برف جي
ڇپن جي عظيم الشان جلوس جو شاندار نظارو ٿي پئي
سگهيو.
ان کان پوءِ ويچاري ماءُ پنهنجي پياري پٽ کي تمام گهٽ گهر ۾
ڏسندي هئي. ڪپڙن جي معاملي ۾ هو ڪڏهن به ڪو خاص
توجهه ڪونه ڏيندو هو. پر هاڻي روزانو هو ڪپڙن تي
استري ڪندو هو، بوٽ پالش ڪندو هو ۽ ٽوپي پائي ٻاهر
نڪرندو هو، جنهن تي هوائي فوج جو بڪل لڳل هوندو
هو. هو روزانو ڏاڙهي ڪوڙيندو هو ۽ شام جو ٽِڪَ ۾
منهن کي ڏسي پوءِ مل جي دروازي تي اوليا سان ملڻ
هليو ويندو هو. ڏينهن جو به اڪثر هو غائب ٿي ويندو
هو ۽ ائين مُنجهيل مُنجهيل رهندو هو. جيڪڏهن کانئس
پڇبو هو ته مڙيئي ابتو سبتو جواب ڏيندو هو. مامتا
جي نگاهه سندس ماءُ کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته پٽس سان
ڪهڙي ويڌن آهي؟ هوءَ سمجهي ويئي. هوءَ پاڻ کي ان
چواڻيءَ تحت تسلي ڏيندي هئي ته: ”پوڙها ته خير اڃا
به وڌيڪ پوڙها ٿيندا ويندا. ڦٽڻ ڦاٽڻ ته نوجوانن
کي گهرجي.“
ان جوان جوڙي هڪ ڀيرو به پنهنجي محبت جو ذڪر زبان تي اچڻ نه
ڏنو. جڏهن هو سج جي هلڪي اس ۾ چمڪندڙ والگا جي
مٿانهن ڪنارن جو سير ڪري ايندو هو، يا شهر کان
ٻاهر ڇانهين جي آرڻ مان، جتي وڏن چهچ ساون پنن سان
وليون زمين تي پکڙيون پيون هونديون هيون، گهمي ڦري
ايندو هو، تڏهن هو پنهنجي گهر منجهه موڪل جا ختم
ٿيندڙ ڏينهن ڳڻي فيصلو ڪندو هو ته اڄ هو ضرور
اوليا سان محبت جو اظهار ڪندو. پر شام جو مل جي
ڦاٽڪ وٽ کيس ملندو هو ۽ ساڻس گڏجي سندس ڪاٺ جي ٻن
منزلن واري گهر ويندو هو، جتي اوليا جو هڪ ڪمرو
هوندو هو. اتي هو ڏاڍي صبر سان ويٺو انتظار ڪندو
هو ۽ اوليا پنهنجي کليل الماريءَ جي دروازي پٺيان
بيهي ڪپڙا بدلائيندي هئي. هو اوليا جي نظر ايندڙ
اگهاڙين ٻانهن، ڪلهن ۽ ٽنگن کان نظر بچائڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. پوءِ هوءَ منهن ڌوئڻ ويندي هئي ۽ اتان
تازي تواني ٿي ورندي هئي. ان وقت سندس ڳاڙها ڳل
گلاب جي ٽڙيل گلن وانگر لڳندا هئا ۽ سندس ڪارا وار
اڌ پُسيل هوندا هئا. هوءَ هميشه سفيد وڳو پائيندي
هئي.
هو سئنيما، سرڪس يا پارڪ گهمڻ ويندا هئا، يا جتي به ويندا هئا
ته اليڪسيءَ لاءِ ڪوبه فرق ڪونه هو. هو نه ته پردي
تي فلم، نه ڪٽهڙي کي ۽ نه وري پارڪ ۾ گهمندڙ ماڻهن
کي ڏسندو هو. سندس اکيون ته بس ان لاءِ هيون ۽ ان
کي ئي ڏسندي ڏسندي سوچيندو هو ته ”اڄ رات، ها
يقينًا اڄ رات واپس گهر ويندي، آءٌ پنهنجي دل کولي
سندس سامهون رکندس.“ پر جڏهن پنڌ کٽي ويندو هو ۽
هو گهر پهچي ويندا هئا، تڏهن سندس همت جواب ڏئي
ويندي هئي ۽ هو ڪجهه به چئي ڪونه سگهندو هو.
هڪ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير هو ٻئي والگا جي ٻيءَ ڀر سير ڪرڻ
نڪري ويا. هو پنهنجي بهترين سفيد پتلون ۽ قميص
پائي کيس ملڻ ويو هو. سندس قميص جا بٽڻ کليل هئا.
سندس ماءُ چيو هو ته سندس سانوري ويڪري چهري تي
اها قميص ڏاڍي ٺهي ٿي. جڏهن هو اوليا جي گهر پهتو
ته هوءَ کيس تيار ملي. هن کاڌي جي رومال ۾ ويڙهيل
هڪ هڙ سندس هٿ ۾ ڏني ۽ ٻئي ڄڻا درياءَ جي ڪناري
ڏانهن روانا ٿي ويا. پوڙهي ملاح ڪاٺ جي گهوڙين تي
ڀٽڪندي ڳري ٻيڙي کي ڌڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي هٿيا
هلائڻ لڳو. هو پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جڏو ٿي ويو
هو. هو پراڻو سپاهي هو. هو ننڍن ڇوڪرن کي ڏاڍو
ڀائيندو هو. هن اليڪسيءَ کي به سيکاريو هو ته
درياءَ جي ڪناري تي ننڍي پاڻي ۾ مڇي ڪيئن ماربي
آهي؟
”چاچا ارڪاشا! ڇا تون اسان کي ڪونه ٿو سڃاڻين؟“
ملاح نوجوان چهرن کي بي نيازي سان ڏٺو ۽ چيائين ”نه“.
”ڇو؟ آءٌ اليوشڪا ميريسئف آهيان. تو مون کي ننڍي پاڻيءَ مان
ڪُنڍيءَ سان مڇي مارڻ سيکاري هئي.“
”شايد مون سيکاري هجي. تو جهڙا ته هتي الاهي ڇوڪرا روزانو پيا
ايندا ويندا آهن. سڀني کي ياد ڪرڻ ته منهنجي وس ۾
ڪونهي.“
”چاچا، پئسا گهڻا ٿيا؟“ اليڪسيءَ پڇيو.
”اهو توهان تي ٿو ڇڏيان. توهان کي ڪجهه گهڻو ئي ڏيڻ گهرجي.
توهين ڪيترا نه خوش پيا ڏسجو. پر تون مون کي ياد
ڪونه ٿو اچين. ها ياد نٿو اچي.“
ٻيڙيءَ تان لهندي سندن پير پسي پيا. اوليا جُتي لاهڻ جي صلاح
ڏني. ٻنهي جوتا لاهي ڇڏيا، پسيل ۽ ٿڌي واريءَ تي
اگهاڙن پيرن سان هلڻ ۾ کين عجيب قسم جي راحت محسوس
ٿي. انهن جي دل چاهيو ته هو ٻارن وانگر ٺينگ ٽپا
ڏين ۽ گوڙ ڪن.
”جهل ته مڃانءِ.“ اوليا چيو ۽ واريءَ تي ڊوڙندي گلن سان ڇانيل
ساوڪ ڏانهن ڀڄڻ لڳي. هن جون مضبوط ۽ سهڻيون ٽنگون
چمڪنديون پئي نظر آيون.
اليڪسي سندس پٺيان ڀڳو. هاڻي کيس پنهنجي سامهون هلڪي چمڪدار رنگ
جي فراڪ جو رڳو پنج رنگو دٻو پئي ڏسڻ ۾ آيو. هو
ڊوڙي رهيو هو ۽ جهنگلي گاهه جا ڇُڳا ۽ گل سندس
پيرن هيٺان لتاڙجي رهيا هئا. کيس پنهنجي پيرن
هيٺان نرم، پسيل ۽ اُس ۾ گرم زمين محسوس ٿي رهي
هئي. ائين پئي لڳو ته اوليا کي جهلڻ انتهائي ضروري
ٿي پيو هجيس. ڄڻ ته مستقبل جو گهڻو دارومدار به ان
ڳالهه تي ئي هجي. کيس محسوس ٿيو ته هتي، گلن سان
جهنجهيل هن اڻ کٽ ساوڪ ۾ هن مست ڪندڙ سڳنڌ ۾ کيس
اهو سڀڪجهه ٻڌائڻ آسان ٿي پيو، جنهن کي زبان تي
آڻڻ جي اڃا تائين کيس همت ڪانه ٿي هئي. پر هر ڀيري
هن سندس ويجهو پهچي کيس جهلڻ لاءِ هٿ وڌايو ٿي ته
ڇوڪري گهُت ڏيئي ٻئي پاسي مڙي ٿي ويئي ۽ ٻليءَ
جهڙي چستيءَ سان سندس حملي کان بچي ٿي ويئي ۽
ٻهڪندي، کلندي ٻئي پاسي ڀڄندي ٿي ويئي. هن پڪو پهه
ڪيو هو ته هوءَ هرگز جهلڻ نه ڏيندي. هو کيس جهلي
نه سگهيو. پوءِ هوءَ گاهه مان نڪري دريا جي ڪناري
تي گرم ۽ سونهري واريءَ تي ليٽي پيئي – سندس چهرو
ٻهڪي رهيو هو. تيز تيز ساهه کڻڻ سان سندس سيني ۾
مانڌاڻ متل هو. هوءَ اتي ليٽي ليٽي کلڻ لڳي. پوءِ
اليڪسيءَ گلن سان جهنجهيل ساوڪ منجهه، سفيد تارن
جهڙي ڊيزيءَ جي گلن جي وچ ۾ اوليا جي تصوير ڇڪي.
ان کان پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي درياءَ ۾ وهنتا ۽ پوءِ
هڪ چئيڪار ٻار وانگر اليڪسي هڪڙي ٻوٽي جي پٺيان
منهن ٻئي طرف ڪري بيٺو ته جيئن اوليا پنهنجا ڪپڙا
بدلائي وٺي. جڏهن اوليا کيس سڏ ڪيو، تڏهن هو موٽي
آيو ۽ ڏٺائين ته هوءَ واريءَ تي ويٺي هئي. هن گاهه
تي چادر وڇائي ۽ چئني ڪنڊن تي ننڍڙا پٿر رکي، پوءِ
کاڌي جي سڄي هڙ کولي رکيائين. هنن پالڪ جي ساڳ،
ٿڌي مڇي ۽ گهر ۾ ٺهيل بسڪيٽن سان مانجهاندو ڪيو.
هن لوڻ ۽ سانڌاڻو آڻڻ به ڪونه وساريو هو. هيءَ
ننڍڙي نازڪ ڇوڪري جنهن گنڀيرتا ۽ ڦڙتيءَ سان
ميزبان جو فرض نباهي رهي هئي، ان ۾ ڏاڍي دلڪشي ۽
ڏاڍي دلربائي هئي. اليڪسيءَ پنهنجو پاڻ کي چيو؛
”هاڻي وڌيڪ نه ٽار، بس هاڻي طئي سمجهه. اڄ شام جو
آءٌ ضرور به ضرور پنهنجي دل جو حال سندس سامهون
بيان ڪندس، آءٌ ثابت ڪندس ۽ کيس قائل ڪندس ته هاڻي
کيس منهنجي زال ٿي وڃڻ گهرجي.“
هو اس ۾ واريءَ تي ليٽيا رهيا. پوءِ هو ٻيهر وهنتا. هنن طئي ڪيو
ته شام جو اوليا جي ڪمري ۾ ٻيهر ملندا. پوءِ هو
مزي مزي سان ٻيڙيءَ ڏانهن اچڻ لڳا. پر تڙ تي نه ته
ٻيڙي هئي ۽ نه اسٽيمر. هو گهڻي دير تائين چاچا
ارڪاشا کي سڏيندا رهيا، ايتريقدر جو سندن نڙيون
ويهي ويون. گاهه جي ميدان ۾ سج لهي رهيو هو. هنن
ڏٺو ته ان وقت عام طور جن رستن تي ويراني هوندي
هئي، اتي ماڻهن جو وڏو هجوم موجود هو. ماڻهن سان
ڀريل ٻه لاريون سامهون لنگهي ويون. هڪ ننڍو فوجي
دستو مارچ ڪري رهيو هو. شهر ۾ ضرور ڪا ڳالهه ٿي
هئي.
”چاچا ارڪاشا ضرور شراب پي مدهوش ٿي ويو هوندو.“ اليڪسيءَ چيو.
”سمجهو ته جيڪڏهن اسان کي رات هتي گذارڻي پوي ته
پوءِ؟“
”جيستائين تون مون سان گڏ آهين، تيستائين مون کي ڪنهن ڳالهه جو
ڊپ ڪونهي.“ اوليا وڏين وڏين چمڪندڙ اکين سان ڏانهس
نهاريندي چيو.
اليڪسيءَ پنهنجون ٻانهون اوليا جي چيلهه جي چوڌاريءَ ڦيري، کيس
ڀاڪر ۾ جهلي سندس دکندڙ چپن تي پنهنجا اڃايل چپ
رکي، ڪا گهڙي دنيا جهان کي وساري ڇڏيو. هيءَ سندن
پيار جي پهرين ۽ آخري چمي هئي. دريا مان ٻيڙيءَ جي
اچڻ جو آواز اچي رهيو هو. هنن ڏاڍي بيزاريءَ مان
ٻيڙيءَ کي ڏٺو، پر پوءِ ان ڏانهن وڌڻ لڳا. کيس
وسوسا ورائي ويا ته خبر ناهي ته هيءَ ٻيڙي کين
ڪهڙي خبر ٻڌائي؟
ماڻهو ماٺ مٺيءَ ۾ ٻيڙيءَ مان ٽپي لهي پيا. سڀ موڪل جي ڏينهن
وارن سٺن ۽ عمدن ڪپڙن ۾ هئا، پر سندن چهرن تي ڏک ۽
اداسي ڇانيل هئي ۽ ائين پئي لڳو ته هو ڏاڍا تڪڙ ۾
آهن. عورتون، روئڻ جي ڪري سڄيل اکين سان ماٺ ڪيو،
سندن پاسي مان لنگهي پئي ويون. کين ڪابه خبر پئجي
نه سگهي ته ڪهڙي ماجرا آهي؟ ٻئي ڄڻا ٽپي ٻيڙيءَ ۾
چڙهي پيا. چاچا ارڪاشا سندن ٻهڪندڙ چهرن کي ڏسڻ
کان سواءِ ئي چيو.
”جنگ........ اڄ صبح جو ريڊيو تي ٻڌايو ويو آهي.“
”جنگ؟ پر ڪنهن سان؟“ اليڪسيءَ بنهه ٽپ ڏيندي پڇيو.
”انهن مردار جرمنن سان، ٻيو وري ڪنهن سان؟“ ڪاوڙ مان هٿيا
هلائيندي چاچا ارڪاشا گجيو. ”ماڻهو ضلعي جي فوجي
آفيس ۾ ويا به هليا. عام ڀرتي پئي ٿئي.“
اليڪسي گهر ڪونه ويو. هو سڌو فوجي آفيس ۾ پهتو ۽ رات جو 12 لڳي
40 منٽن واري گاڏيءَ ۾ چڙهي پيو. هو پنهنجي هوائي
يونٽ ڏانهن پئي ويو، جتي کيس مقرر ڪيو ويو هو. هن
کي مشڪل سان ايترو وقت مليو هو جو ڊوڙي گهران رڳو
پيتي کڻي سگهي. هو اوليا کان موڪلائي به ڪونه
سگهيو هو.
هو هڪ ٻئي کي تمام گهٽ خط لکندا هئا. ان جو سبب هي ڪونه هو ته
ڪو سندن جذبات هڪ ٻئي لاءِ ٿڌا ٿيندا پئي ويا، يا
هو هڪ ٻئي کي وساري رهيا هئا. نه، ائين نه هو. هو
انهن خطن جي راهه تڪيندو رهندو هو، جيڪي هڪ اسڪول
جي ڇوڪريءَ جي هٿ اکرن سان لکيل هوندا هئا. هو
انهن خطن کي پنهنجي کيسي ۾ محفوظ ڪري رکندو هو ۽
انهن خطن کي ور ور ڏيئي پيو پڙهندو هو. اهي ئي خط
هئا، جن کي جهنگل ۾ هئڻ مهل به هو پنهنجي سيني سان
لڳائي رکندو هو. هو هڪ ٻئي کي سٺن ۽ پراڻن دوستن
وانگر خط لکندا هئا ۽ خطن ۾ اهڙي ڪا وڏي ۽ گهري
ڳالهه لکندي ڊڄندا هئا، جيڪا بهرحال اڃا تائين اڻ
چيل رهجي ويئي هجي.
۽ هاڻي اسپتال ۾، وڏي حيرت سان هن محسوس ڪيو (۽ اها حيراني روز
بروز وڌندي پئي وئي) ته خود اوليا اوچتو پيش قدمي
شروع ڪري ڏني هئي. هوءَ هاڻي پنهنجن خطن ۾ بنهه
چٽو ۽ صاف صاف پنهنجي دل جي تڙپڻ جي ماجرا لکندي
هئي ۽ انهيءَ تي افسوس ڪندي هئي ته ان شام ان خاص
لمحن ۾ چاچا ارڪاشا ڇو اچي پهتو هو، جيڏي مهل هو
چپ چپن تي رکي دنيا جهان کي وساري ويٺا هئا. هوءَ
هن کي يقين ڏياريندي هئي ته چاهي ساڻس ڪهڙو به
حادثو پيش اچي، پر هڪ اهڙي هستي موجود آهي، جنهن
تي هر حال ۾ هو پورو پورو ڀروسو ڪري سگهي ٿو. هوءَ
کيس منٿ ڪندي هئي ته گهر کان ڪوهين ڏور، ائين
بيڪار ڦرندي، هميشه هيءَ ڳالهه ياد رکجانءِ ته ڪٿي
ڪو اهڙو گوشو آهي، جنهن کي تون هميشه پنهنجو سمجهي
سگهين ٿو ۽ جتي جنگ ختم ٿيندي ئي وري واپس اچي
سگهين ٿو. ائين پئي لڳو ته هيءَ ڪا ٻي اوليا آهي،
هڪ نئين اوليا، جيڪا هي سڀ ڪجهه لکي رهي آهي. جڏهن
به هو سندس تصوير ڏسندو هو، تڏهن هو هميشه سوچيندو
هو ته جيڪڏهن هوا جي ڪا تيز لهر لڳي ته هوءِ
پنهنجي ڇيٽ جي فراڪ سميت اَڪ جي ڌاڳيدار ٻج وانگر
اڏامي ويندي. پر اهي خط هڪ عورت جا هئا. هڪ سٺي ۽
محبت ڪرڻ واري عورت جا خط – جيڪا پنهنجي پريتم
لاءِ تڙپي رهي هئي ۽ جيڪا پنهنجي محبوب جو انتظار
ڪري رهي هئي. انهيءَ خيال ايندي ئي سندس دل خوش به
ٿيندي هئي ته غمگين به. هو خوشيءَ تي به بي اختيار
ٿي ويندو هو، پر هي سوچي هو غمگين ٿي ويندو هو ته
کيس اهڙي محبت جو ڪوبه حق ڪونهي. ڇو؟ ڇو ته آخر
کيس اهو لکڻ جي جرئت ڇو ڪانه ٿي ته هو هاڻي اُس ۾
سانورو ٿيل، پرجوش ۽ جانٺو جوان ڪونه رهيو آهي،
جنهن کي هوءَ سڃاڻندي هئي. هاڻي ته هو چاچا ارڪاشا
جهڙو جڏو ۽ معذور ٿي چڪو آهي. هو پنهنجي ماءُ کي
به اهو سچ لکي نه سگهيو هو، ڇو ته هوءَ اهو صدمو
سهي ڪونه سگهي ها. تنهن ڪري هو اوليا کي به دوکو
ڏيئي رهيو هو ۽ هو هر تازي خط کان پوءِ خود پنهنجي
ئي فريب جي ڄار ۾ وڌيڪ وڪوڙجندو پئي ويو.
اهو ئي سبب هو جو کيس ’ڪامي شين‘ کان ايندڙ جيڪي خط ملندا هئا،
سي پڙهي سندس دل ۾ متضاد جذبا پيدا ٿيندا هئا.
راحت به ته غم به، اميد به ته اوسيئڙو به. اهي خط
ساڳئي وقت کيس خوش به ڪندا هئا ته بي چين به. هڪ
ڀيري ڪوڙ ڳالهائي، کيس ان ڪوڙ کي لڪائڻ خاطر ڪوڙن
مٿان ڪوڙ ڳالهائڻو پيو. اهو ئي سبب هو جو هو اوليا
کي مختصر، ڦڪا ۽ خشڪ خط لکندو هو.
ان جي ڀيٽ ۾ ”موسمي سرجنٽ“ کي خط لکڻ ۾ کيس سهوليت ٿيندي هئي.
هوءَ ڀوري ۽ وفادار ڇوڪري هئي. آپريشن کان پوءِ،
انتهائي مايوس ڪندڙ گهڙين ۾ جڏهن هن پنهنجي اندر
جو حال اورڻ چاهيو، تڏهن هن ان ڇوڪريءَ کي هڪ ڊگهو
۽ المناڪ خط لکيو هو. جلد ئي کيس ان خط جو جواب
مليو هو. هي خط ڪنهن ڪاپيءَ مان ڇڪي ڪڍيل پني تي
لکيل هو. ڏنگا ڦڏا اکر لکيل هئا. جملن جي آخر ۾
عجب جون نشانيون تمام گهڻيون استعمال ڪيون ويون
هيون، ڄڻ ته نمڪين بسڪٽ تي جيري جا داڻا پيل هجن.
سڄي صفحي تي لڙڪن جا نشان هئا. ڇوڪريءَ لکيو هو ته
جيڪڏهن فوجي نظم وضبط سامهون نه اچي ته جيڪر هوءَ
سڀ ڪجهه ڇڏي سندس ٽهل ٽڪور لاءِ جيڪر اڏامي اچي.
هن التجا ڪئي هئي ته هو اڃا به تڪڙو تڪڙو خط لکي.
ان خط ۾ نادانيءَ واريون ٻاراڙيون حرڪتون ۽ جذبات
اهڙي طرح کنڊريل هئا، جو اليڪسي ڏاڍو غمگين ٿي ويو
۽ هن پاڻ کي ڏاڍو لوڻيو ته ان ڇوڪريءَ جڏهن کيس
اوليا جا خط ڏنا هئا، تڏهن هن ائين ڇو چيو هو ته
اوليا سندس اڻ پرڻيل ڀيڻ هئي. هڪ اهڙي هستي کي
دوکو ڏيڻ گناهه آهي، جيڪا معصوم هجي ۽ محبت جو
مجسمو ۽ پوڄا ڪرڻ لائق هجي. تنهن ڪري هن کيس بنهه
صاف گوئيءَ سان لکيو ته ڪامي شين ۾ سندس محبوبه
رهي ٿي ۽ اهو ئي ته هو سندس محبوبه کي ۽ ماڻس کي
پنهنجي بدنصيبي بابت ٻڌائڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي.
”موسمي سرجنٽ“ جو جواب ايترو ته جلد پهچي ويو، جو ان زماني جي
صورتحال ۾ ڏاڍو حيرت انگيز ٿي لڳو. ڇوڪريءَ لکيو
هو ته هوءَ هي خط هڪ ميجر جي هٿان پئي موڪلي. جيڪو
هڪ جنگي خاطو هو ۽ سندس دستي ۾ آيو هو. هن ساڻس
محبت ڪرڻ چاهي ٿي، پر پاڻ کيس نظرانداز ڪري
ڇڏيائين. حالانڪ هو هڪ سهڻو ۽ خوش مزاج نوجوان هو.
خط جي لهجي مان صاف ظاهر هو ته کيس ڏاڍي مايوسي ۽
صدمو رسيو آهي. هن پنهنجي جذبات کي لڪائڻ جي ڪوشش
ته ڪانه ڪئي هئي، پر بيڪار. ڇوڪريءَ کيس ٽوڪيو هو
ته هن ان وقت ئي کيس سچي ڳالهه ڇو ڪانه ٻڌائي ۽ ڇو
چيو هو ته هاڻي مون کي پنهنجو دوست تصور ڪري؟ خط
جي پڇاڙيءَ ۾ ڪجهه لفظ ٻيا به لکيل هئا، جيڪي پين
سان نه پر پينسل سان لکيل هئا. هن ”ڪامريڊ سينيئر
ليفٽيننٽ“ کي يقين ڏياريو هو ته هوءَ هميشه سندس
سچي دوست رهندي ۽ جيڪڏهن سندس ”ڪامي شين واري“ کيس
دغا ڏيئي وڃي (کيس اها خبر هئي ته محاذ جي پٺيان
عورتون ڪهڙا رنگ ۽ ڍنگ ڏيکاري رهيون آهن) يا هوءَ
ساڻس محبت ڪرڻ بند ڪري ڇڏي يا هوءَ سندس جڏي ٿي
وڃڻ جي ڪري پاسو ڪري وڃي ته ان صورت ۾ کيس گهرجي
ته ”موسمي سرجنٽ“ کي نه وساري. ها، البت کيس گهرجي
ته هو جيڪو به لکي، سو سچ لکي. اهو ماڻهو، جيڪو خط
کڻي آيو هو، تنهن هڪڙو بند ٿيل ننڍڙو پيڪٽ به آندو
هو. ان ۾ ڪجهه رومال هئا، جيڪي هوائي ڇٽيءَ جي
ريشم مان ٺاهيل هئا ۽ جن تي اليڪسيءَ جي نالي جا
اکر ٺاهيل هئا. تماڪ جي ٿيلهي هئي، هڪ ڦڻي، هڪ عطر
جي شيشي ۽ وهنجڻ جي صابڻ جي چڪي هئي. اليڪسيءَ کي
خبر هئي ته جنگ جي ڏکئي وقت ۾ سپاهي ڇوڪرين لاءِ
انهن شين جي ڪيڏي نه وڏي قدر وقيمت ۽ اهميت هوندي
آهي. کيس ڄاڻ هئي ته صابڻ جي هڪ چڪي ۽ عطر جي هڪ
شيشي، جيڪا سوکڙي طور ملي ٿي، انهن ڏينهن ۾ پاڪ
مريم جي تعويذ وانگر گلي ۾ سجائي رکي ويندي هئي.
کيس انهن تحفن جي اهميت جي خبر هئي، تنهن ڪري جڏهن
هن انهن کي ڪڍي بستري جي پاسي ۾ پيل ننڍي ڪٻٽ جي
مٿان سجائي رکيو، تڏهن هو خوشي به محسوس ڪري رهيو
هو ته شرمندگي به.
هاڻي جڏهن هو زبردست سگهه استعمال ڪري پنهنجي وڍيل ٽنگن کي
مرضيءَ مطابق ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪري رهيو هو ۽ ٻيهر
هوائي جهاز اڏائڻ ۽ جنگ ۾ حصو وٺڻ جا خواب ڏسي
رهيو هو، تڏهن مختلف ۽ متضاد خيال کيس وڪوڙي رهيا
هئا. هو اوليا کي مڙيئي گول مول ڳالهيون لکي اڌ
حقيقت ٻڌائيندو هو. اوليا سان سندس محبت ڏينهون
ڏينهن وڌندي پئي ويئي ۽ ٻئي طرف ان ڇوڪريءَ کي،
جنهن کي هو واجبي طرح سڃاڻندو هو، پنهنجي دل جو
سمورو احوال لکندو هو. اها حقيقت سندس ضمير ۾ ڪنڊي
جيان چڀڻ لڳندي هئي.
پر هن بنهه سنجيدگيءَ سان عهد ڪيو ته هو اوليا سان ٻيهر محبت جي
ڳالهه فقط ان وقت ڪندو، جڏهن سندس خواب حقيقت ۾
بدلجي ويندو، جڏهن منجهس وڙهڻ جون صلاحيتون ٻيهر
پيدا ٿي وينديون ۽ جڏهن هو فوج جي صفن ۾ واپس پهچي
ويندو. ان شيءِ سندس جوش ۽ جذبو ويتر وڌائي ڇڏيو
هو ۽ هو اڃا به وڌيڪ لگن سان ۽ تڙپ سان پنهنجي
منزل ڏانهن وڌڻ لڳو هو.
(11)
ـــــــــــ ڪميسار پهرئين مئي تي لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪنهن کي به خبر ڪانه پئي ته اهو ڪيئن ٿيو؟ صبح جي وقت جڏهن کيس
منهن ڌئاري، وارن ۾ ڦڻي پئي ڏني ويئي ته اوڏيءَ
مهل هن نرس کان پڇيو ته موسم جو ڪهڙو حال آهي؟ هن
ڀيري عيد تي ماسڪو شهر جي رونق ڏاڍي وڌيل آهي. هن
کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته رستن تان رڪاوٽون
هٽايون پيون وڃن ۽ کيس ان ڳالهه تي افسوس ٿيو ته
بهار جي موسم جي هن شاندار موقعي تي به مظاهرو ٿي
نه سگهندو. هن ڪلاوديا سان به ڀوڳ ڪيو، جنهن
پنهنجي منهن تي ميڪ اپ جو راڳو ڏنو هو. هو بنهه
نؤبنو پئي لڳو ۽ هر شخص کي اميد ٿي پئي هئي ته آخر
هن بيماريءَ کي ماري مات ڏني ۽ هاڻي شايد هو چڱ
ڀلائيءَ طرف وڌي رهيو آهي.
جيئن ته هو هاڻ اخبار پڙهي نه سگهندو هو، تنهن ڪري ڪجهه ڏينهن
کان سندس پلنگ جي پاسي ۾ ايئرفون لڳايو ويو هو.
گووزديف کي ريڊيو جي باري ۾ ڄاڻ هئي، تنهن پنهنجو
ڪمال ڏيکاريو هو ۽ هاڻي سڄي وارڊ ۾ ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ
جو آواز گونججي رهيو هو. نوين وڳي اعلان ڪندڙ،
جنهن جي آواز کي سموري دنيا جا ماڻهو سڃاڻي چڪا
هئا، بچاءُ جي عوامي ڪميسار جو فرمان ٻڌائڻ شروع
ڪيو. سڀ ماڻهو بنهه خاموش ٿي ويا. سڀني جون نگاهون
ديوار تي لڳل ريڊيو سيٽ تي کتل هيون. انهن هڪ لفظ
به اڻ ٻڌو ڇڏڻ نه ٿي چاهيو. ”عظيم اڳواڻ لينن جي
ناقابل تسخير جهنڊي هيٺ فتح ڏانهن روان دوان وڌندا
هلو.“ جڏهن اهي لفظ چيا ويا، تڏهن به اڃا هڪ خاموش
ڪشيدگي ۽ ڇڪتاڻ موجود هئي.
”هاڻي ڪامريڊ ڪميسار، ٿورڙو انهيءَ تي روشني وجهه.......“
ڪوڪوشڪن چوڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ هڪدم دهشت مان رڙ
ڪيائين: ”ڪامريڊ ڪميسار!“
هر ماڻهوءَ مڙي ڏٺو. ڪميسار بستري تي سنئون ڊگهو ٿيو ليٽيو پيو
هو. سندس چهرو بنهه زرد ٿي ويو هو ۽ ان تي ڏاڍو
سڪون ۽ ميار جهلڪي رهي هئي.
”اڙي، هي ته مري ويو.“ ڪوڪوشڪن رڙ ڪئي ۽ پلنگ وٽ گوڏن ڀر ڪري
پيو. ”اڙي، هي ته مري ويو!“
انهيءَ ئي شام وارڊ نمبر 42 ۾ هڪ نئون مريض آندو ويو. اهو هو
ميجر پاول ايوانووچ استروچڪون. هو ماسڪو جي دفاعي
ڊويزن جي جنگي هوائي دستي جو هواباز هو.
جرمنن عيد جي ڏينهن ماسڪو شهر تي زبردست بمباري ڪرڻ جو فيصلو
ڪيو هو ۽ هو قطارون ڪري اڏامندا پئي آيا. ليڪن هڪ
زبردست خوني جنگ کان پوءِ هو ’پودسول‘ علائقي ۾
نيست ونابود ٿي ويا. انهن مان فقط هڪڙو هوائي جهاز
گهيرو ٽوڙي ڀڄي نڪتو ۽ تمام بلنديءَ تي ماسڪو
ڏانهن وڌڻ لڳو. ائين پئي لڳو ته هو پنهنجو فرض
ضرور پورو ڪندو ۽ هر قيمت تي عيد جي خوشين کي ماتم
۾ بدلائيندو. گهمسان جي جنگ جاري هئي ته استروچڪوف
جي مٿس نظر پئجي ويئي ۽ هو هڪدم پٺيان لڳي چڙهيس.
هو بهترين قسم جو روسي هوائي جهاز اڏائي رهيو هو.
هن زمين کان ڇهه ڪلوميٽر مٿي وڃي جرمن هوائي جهاز
کي جهليو. هن ڏاڍي مهارت سان دشمن جي جهاز کي
نشاني تي آڻي، بٽڻ دٻايو ته کيس گهربل آواز ٻڌڻ ۾
ڪونه آيو. هو حيران ٿي ويو، بٽڻ ڪم ڪونه پئي ڪيو.
هن دشمن کان پاڻ بچائيندي بچائيندي، جڏهن ٻيو ڪوبه رستو ڪونه
ڏٺو، تڏهن آخرڪار پنهنجي جهاز جو چمڪندڙ پنکو دشمن
جي جهاز جي ڌڙ ۾ هڻي ڪڍيائين. زوردار ٽڪر جي نتيجي
۾ هو هوا ۾ بلند ٿي ويو. هن ڪاڪ پٽ جو خول پهرئين
ئي هٽائي ڇڏيو هو. هن محسوس ڪيو ته هو فضا ۾
ڪلابازيون پيو کائي. هن بيهوش ٿيڻ کان اڳ ۾ ڇٽيءَ
جو بٽڻ دٻائي ڇڏيو ۽ آڏي اک سان ڪرندڙ جرمن
”يونڪرس“ جهاز جي پڇ مان دونهين جي لاٽ ڏٺائين. هو
ماسڪو جي ٻهراڙين ۾ هڪ سجايل رستي تي اچي ڪريو.
اتي جي رهواسين سندس ڪارنامو زمين تان اکين سان
روبرو پئي ڏٺو. ماڻهو کيس هڪ گهر ۾ کڻي ويا. هڪڙي
ڇت سان ٽڪرائڻ ڪري سندس گوڏا ڦٽجي پيا هئا. تمام
گهڻا ماڻهو گڏ ٿي ويا. ڊاڪٽر آيو ته وڏي مشڪل سان
کين هٽائي مريض تائين پهتو.
”تازين خبرن“ جي خاص پروگرام ۾ استروچڪوف جي بهادريءَ جي خبر
نمايان نشر ٿي هئي. ماسڪو سوويت جو صدر پاڻ آيو ۽
کيس بهترين اسپتال ۾ وٺي ويو. جڏهن استروچڪوف وارڊ
۾ آيو ته سندس پٺيان پٺيان اسپتال جا ملازم گل،
ميوا ۽ چاڪليٽن جا دٻا کڻي آيا، جيڪي ماسڪو جي
ماڻهن تحفي ۾ ڏنا هئا.
......... ماڻهو خوش مزاج، رلڻو ملڻو ۽ عاشق مزاج ٿي لڳو. وارڊ
۾ داخل ٿيندي ئي پڇيائين ته ٻيلي کاڌي پيتي جو
ڪهڙو بندوبست آهي؟ قاعدا قانون سخت ته ڪونهن ۽ هتي
ڀلا خوبصورت نرسون آهن يا نه؟ ۽ جڏهن کيس گوڏن تي
پٽيون پئي ٻڌيون ويون ته هن نرس ڪلاوديا سان
حجائتو ٿيندي ٽوٽڪا پئي ٻڌايا ۽ ڏاڍي دليري کان ڪم
وٺندي سندس تعريف پي ڪيائين. جڏهن نرس ڪمري کان
ٻاهر نڪتي ته پويان اک ڀڃي چيائين:
”سٺي ڇوڪري آهي. ڏاڍو رک رکاءُ ٿي ڪري، هان؟ شايد هوءَ اسان جي
دلين ۾ خدا جو خوف ويهارڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. پر اسين
به ڀڄڻ وارا ڪونه آهيون. عورتن کي فتح ڪرڻ، قلعن
کي فتح ڪرڻ کان وڌيڪ مشڪل ڪم ڪونهي ۽ ڪوبه قلعو
اهڙو ڪونهي، جيڪو فتح ٿي نه سگهي!“ ائين چئي هو
ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
هو هڪ وڏي گُرگَ وانگر پيش اچي رهيو هو، ڄڻڪ هو اسپتال ۾ سڄو
سال گذاري چڪو آهي. هن اٿندي ئي اتي موجود ماڻهن
کي سندن نالن سان سڏڻ شروع ڪيو. هڪ ڀيري جڏهن کيس
نڪ صاف ڪرڻ جي ضرورت پئي ته هن جهڙپ ڏئي اليڪسيءَ
جو ريشمي رومال کڻي ورتو. هي انهن رومالن مان هو،
جن تي ”موسمي سرجنٽ“ ڏاڍي حُب ۽ اڪير سان سندس
نالو ڀريو هو.
”تنهنجي محبوبا موڪليو آهي، هان؟“ هن اليڪسيءَ کان اک ڀڃندي
پڇيو ۽ رومال کي پنهنجي وهاڻي هيٺ لڪائي ڇڏيو. ”تو
وٽ ٻيا به گهڻا رومال آهن ۽ جي ٻيا نه به هجن ته
به پرواهه ڪانهي. تنهنجي لاءِ ڇوڪري خوشيءَ سان
وري ٻيا تيار ڪري موڪليندي.“
هو سڀ ڪجهه اهڙي ريت ڪندو هو، جو ڪنهن کي به کانئس بيزاري ڪانه
ٿيندي هئي. ها البت ميريسئف کي سندس عورت لاءِ
ايتري نمايان ڪمزوريءَ کان ڪوفت ٿي هئي.
ـــــــــ ٻئي ڏينهن ڪميسار جو جنازو کنيو ويو.
اليڪسي، ڪوڪوشڪن ۽ گووزديف اڱڻ ۾ کلندڙ دريءَ تي ڄمي ويا. هنن
ڏٺو ته گهوڙا هڪ توپ گاڏيءَ کي ڇڪيندا اندر داخل
ٿيا. بينڊ وڄائڻ وارا قطار ڪري بيٺا. هنن هڪ فوجي
جٿي کي اندر ايندي ڏٺو. نرس اندر آئي ۽ مريضن کي
دريءَ وٽان پري هٽڻ لاءِ چيائين. هوءَ معمول مطابق
خاموش ۽ چست پئي لڳي، پر ميريسئف محسوس ڪري ورتو
ته سندس آواز ڏڪي رهيو هو. هوءَ نئين مريض جو بخار
ڏسڻ آئي هئي. اوڏي مهل بينڊ جنازي جي نغمي جي ڌن
وڄائڻ شروع ڪئي. نرس سڄي هيڊي ٿي ويئي. هن جي هٿ
مان ٿرماميٽر ڪري فرش تي ذرا ذرا ٿي ويو ۽ ان جو
پارو ننڍن موتين وانگر فرش تي چرڻ پرڻ لڳو.
ڪلاوديا پنهنجو منهن هٿن ۾ لڪائي وارڊ مان ٻاهر
نڪري ويئي. ”هن کي ڇا ٿيو آهي؟ ڇا هو هن جو محبوب
هو؟“ مريض دريءَ ڏانهن اشارو ڪيو، جتان ماتم جي
ساز جو آواز پئي آيو.
دريءَ مان لياڪا پائيندي، هنن ڏٺو ته ڳاڙهي ڪفن ۾ ويڙهيل لاش
توپ گاڏيءَ تي رکيل هو، جيڪا ڦاٽڪ پار ڪري رستي تي
پهچي چڪي هئي. گلن جا انبار ڪميسار جي لاش مٿان
رکيل هئا. گاڏيءَ جي پٺيان سپاهي هڪڙو هڪڙو ٿالهه
کڻي پئي هليا، جن ۾ اهي تمغا هئا، جيڪي ڪميسار کي
مليا هئا. هڪ، ٻه، پنج، اٺ........ جنرل ڪنڌ
جهڪائي پٺيان پٺيان مارچ ڪري رهيا هئا. انهن جي وچ
۾ واسيلي واسيلي وچ پڻ هو. کيس به جنرلن وارو فوجي
ڪوٽ پاتل هو، پر خبر ناهي ڇو سندس مٿو اگهاڙو هو.
ان جي پٺيان ٿورو پرڀرو ڪلاوديا، سپاهين وچان ظاهر
ٿي. هوءَ به اگهاڙي مٿي سان هئي. هوءَ ٿڙندي پئي
هلي. ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ هن پنهنجي سامهون
واري ڪابه شيءَ ڪانه پئي ڏٺي.
”هيءَ ڪير آهي، ساٿيو؟“ ميجر پڇيو. هن به دريءَ تائين پهچي ٻاهر
ڏسڻ ٿي چاهيو، پر سندس ٽنگن کي پٽيون ٻڌل هيون،
تنهن ڪري هو چري به نٿي سگهيو.
جنازو اکين کان ڏور ٿي ويو. ماتمي نغمي جو هلڪو هلڪو آواز
درياءَ جي ڪناري وٽان اڃا به اچي رهيو هو. منڊي
چوڪيدار ٻاهريون ڦاٽڪ بند ڪرڻ لاءِ اچي چڪي هئي،
پر 42 وارڊ جا مريض اڃا تائين دريءَ وٽ بيٺا
ڪميسار کي پنهنجي آخري سفر تي وڃڻ لاءِ الوداع چئي
رهيا هئا.
”ڇا توهان اهو نٿا ٻڌائي سگهو ته هي جنازو ڪنهن جو آهي؟ ائين
پيو لڳي ڄڻ توهان سڀني کي نانگ سونگهي ويو آهي!
جواب ئي نٿا ڏيو!!“ ميجر بي صبريءَ مان چيو. هو
اڃا تائين اٿي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هو.
نيٺ ڪوڪوشڪن کيس خشڪ ۽ بيزاريءَ واري آواز ۾ جواب ڏنو:
”هي هڪڙي انسان جو جنازو آهي، هڪ سچي انسان جو، هڪ انقلاب دوست
ساٿيءَ جو.“
”سچو انسان“ جو فقرو اليڪسيءَ جي دل تي نقش ٿي ويو. ان کان وڌيڪ
بهتر خراج ممڪن ڪونه هو. اليڪسي ”سچو انسان“ بنجڻ
جي تمنا سان پُر ٿي ويو. ان شخص وانگر، جيڪو هينئر
پنهنجي آخري منزل ڏانهن کڄي پئي ويو. |