سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :12

ٽيون حصو

(1)

1942ع جون گرميون پنهنجي پوري جوڀن تي هيون. ورزشي بدن وارو هڪ نوجوان، جنهن کي هوائي فوج جي وردي پاتل هئي، ماسڪو جي فوجي اسپتال جي شاهه بلوط مان ٺهيل ڳري در مان ٻاهر نڪتو. هو آبنوس جي لڪڻ جي سهاري هلي رهيو هو. سندس قميص جي ڪالر تي سينيئر ليفٽيننٽ جو نشان لڳل هو. ساڻس گڏ هڪ عورت هئي، جيڪا هڪ سفيد پهراڻ پايو پئي هلي. سندس مٿي تي ڳاڙهي نشان (ريڊڪراس) وارو رومال، جهڙو رومال پهرين مهاڀاري جنگ ۾ نرسون استعمال ڪنديون هيون،سندس نرم ۽ خوبصورت چهري ۾ ڏاڍي پاڪيزگي پيدا ڪري رهيو هو. هو ٻئي چانٺ وٽ بيهي رهيا. هواباز پنهنجي مروڙيل سريل ٽوپي مٿي تان لاٿي ۽ نرس جي هٿ تي چمي ڏيڻ لاءِ ڏاڍي عجيب انداز ۾ هيٺ جهڪيو. نرس سندس پيشاني ٻنهي هٿن ۾ جهلي ۽ سندس نرڙ تي چمي ڏني. ان کان پوءِ هواباز ٿڙندڙ انداز ۾ هلندو، تيز قدمن سان چاڙهيءَ تان لٿو ۽ اسپتال جي ڊگهي عمارت سان لڳولڳ درياءَ جي ڪنڌيءَ سان هلڻ لڳو ۽ پوئتي مڙي به ڪونه ڏٺائين.

رات جي سمهڻ جا نيرا، پيلا ۽ ڀورا ڪپڙا پاتل مريض درين مان هٿ، لڪڻ يا ڪاٺ جون گهوڙيون لوڏي کيس الوداع چئي رهيا هئا ۽ گلو ڦاڙي کيس الوداعي نصيحتون ڪري رهيا هئا. هو سڀني کي هٿ لوڏي جواب ڏيئي رهيو هو. هو لڪڻ جي معمولي سهاري سان تيز ۽ ڪجهه ٿڙندڙ انداز ۾ هلي رهيو هو. جيڪڏهن هر قدم سان چمڙي جي معمولي مِچ مِچ جو آواز نه اڀري ها ته ڪر ڪنهن کي هڪ پل لاءِ به اهو گمان ڪونه ٿئي ها ته ڪو هي جانٺو جوان ۽ مضبوط بدن وارو سريلو ماڻهو پنهنجي اصلي پيرن کان محروم آهي.

اسپتال کان موڪل ملڻ بعد کيس صحت بحال ڪرڻ لاءِ ماسڪو جي ويجهو، هوائي فوج جي سينيٽوريم ۾ موڪليو ويو. ميجر استروچڪوف کي پڻ ساڳي سينيٽوريم ۾ موڪليو ويو هو. هن کي هڪ ڪار کڻڻ آئي هئي، پر اليڪسيءَ اسپتال جي انتظاميه کي چيو ته ماسڪو ۾ سندس مائٽ رهن ٿا، جن سان ملڻ کان سواءِ هو ڪونه ويندو. هن پنهنجو ٿيلهو ميجر کي ڏنو، پاڻ پيدل ئي روانو ٿي ويو ۽ وعدو ڪيائين ته هو شام واري بجليءَ تي هلندڙ ريل گاڏيءَ ۾ سينيٽوريم پهچي ويندو.

ماسڪو ۾ سندس ڪوبه مائٽ ڪونه هو، پر هن گاديءَ واري شهر جو سير ڪرڻ ٿي چاهيو. گڏوگڏ ائين بي سهارو هلڻ جي صلاحيتن جو پڻ اندازو ڪرڻ ٿي چاهيو. هن شور مچائيندڙ ماڻهن جي انبوه ۾ گم ٿي وڃڻ ٿي چاهيو، جن کي هن جو تِر جيترو به فڪر ڪونه هو. هن انيوتا کي ٽيليفون ڪيو هو ۽ پڇيو هو ته آيا هوءَ ساڻس 12 وڳي ملي سگهي ٿي ۽ ڪٿي؟ ها، پوشڪن جي مجسمي وٽ........ درياءَ جي ڪناري تي، جتي درياءَ جون ڇوليون هڻندڙ پاڻي سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيو هوندو هو. گرمين جي گرم هوا ۾ وڏا وڏا ساهه کڻي رهيو هو ۽ هوا ۾ ڀيني ڀيني ۽ وڻندڙ سرهاڻ واسيل هئي.

جيڏانهن ڪجي نگاه، تيڏانهن پسجي پرينءَ کي وانگر هر طرف سڀڪجهه ڪيترو نه سهڻو، ڪيترو نه حسين ۽ ڪيترو نه وڻندڙ هو. سندس پاسي مان جيتريون به عورتون لنگهيون، سڀ کيس ڏاڍيون وڻيون. چهچ ساون وڻن ۾ ته غضب جي خوبصورتي هئي. صاف ۽ شفاف هوا ۾ اهڙي ته تازگي هئي، جو ماڻهو مست ٿيو ٿي ويو. فضا ايتري ته صاف ۽ شفاف هئي جو کيس هر شيءِ بنهه ويجهي ٿي لڳي. جيڪڏهن هو هٿ وڌائي ته ڪريملن جي ديوارن کي ڇهي ٿي سگهيو. ان کان اڳ هن انهن ديوارن کي فقط تصويرن ۾ ڏٺو هو. ايوانِ اعظم جي گهڙيال گهر جو گُنبذ ۽ پل جو وڏو ۽ هيٺاهون محراب پاڻي تي جهڪيل پئي نظر آيو. شهر ۾ واسيل مٺڙي ۽ مست ڪندڙ سُڳنڌ کيس پنهنجو ننڍپڻ ياد ڏياري ڇڏيو هو. هيءَ يادگيري اوچتو ڪٿان اچي نڪتي؟ هُن جي دل ايترو زور سان ڇو ڌڙڪي رهي هئي؟ هو پنهنجي ماءُ جي باري ۾ ڇو سوچي رهيو هو؟ موجوده جهور پوڙهي ۽ نٻل ماءُ جي باري ۾ نه، پر تڏهوڪي جوان، قداور ۽ ڊگهن وارن واري، خوبصورت ماءُ جي باري ۾! هو ماءُ سان گڏ هڪ ڀيرو به ماسڪو ڪونه آيو هو.

هو ڪريملن جي ديوار سان لڳولڳ سنسان پنڌ تي هلندو رهيو. ٿوري دير لاءِ وڻ جي ٿڌي ڇانو ۾ هو ساهي پٽڻ لاءِ ويهي رهيو. پوءِ آهستي آهستي هو لال چوڪ ڏانهن ويندڙ چڙهائيءَ تي چڙهڻ لڳو. پڪن رستن تي ۽ چوڪن تي بيٺل وڻن ۾ ساوڪ جي ڀرپور رونق موجود هئي ۽ هلڪي هلڪي ۽ ڀيني ڀيني خوشبوءِ وارن گلن تي ماکيءَ جي مکين جو ڀونڀاٽ پئي پيو.

ـــــــــ ته هي آهي ماسڪو جو شهر!

اسپتال ۾ چار مهينا رهڻ کان پوءِ اليڪسي گرم موسم جو هي شان ۽ رعنائي ڏسي اهڙو ته حيران ٿيو جو پهرين ته کيس محسوس ئي ڪونه پئي ٿيو ته ڪو گاديءَ وارو شهر هوائي فوج جي اصطلاح ۾ ”تياري نمبر پهريون“ جي صورتحال ۾ آهي، يعني ڪنهن به گهڙيءَ دشمن جي حملي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اليڪسي هاڻي هلي هلي ڏاڍو ٿڪجي پيو هو ۽ هو پنهنجي لڪڻ تي گهڻو ٻوجهه وجهي، پاڻ کي گهليندو گورڪي سڙڪ تي هلڻ لڳو. ڏاڍي مشڪل سان هو پاڻ کي پوشڪن جي مجسمي ڏانهن گهلي رهيو هو. رستي ۾ هو ساهي پٽڻ لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا ويٺو هو. هو لڪڻ جي ٽيڪ تي ٿورڙي دير لاءِ بيهي ٿي رهيو ۽ وري هلڻ ٿي لڳو. پوشڪن جي مجسمي وٽ پهچي هو ڇانو ۾ سائي ڇٻر تي ٽنگون پکيڙي ويهي رهيو. هن جون ٽنگون، جيڪي نقلي پيرن سان ٻڌل هيون، درد ۽ پيڙا ۾ جلي رهيون هيون. هو ڏاڍو ٿڪل هو، پر پوءِ به ماحول ۾ جيڪا فرحت ۽ راحت هئي، تنهن مان هو ڍاپيو ئي نٿي. وڻن جي تازي ۽ معطر سرهاڻ ٿڌڙي هير ۾ ترندي، سمورو ماحول واسي رهي هئي. کيس مجسمي جي پاسي ۾ گرم ۽ خشڪ واريءَ تي کيڏندڙ ڳاڙهن ڳٽن وارن ٻارڙن جا خوشيءَ جا ٽهڪ ڏاڍا ڀلا لڳا. ميريسئف اکيون بند ڪريو، ماحول ۾ مگن ٽنگون ٽيڙيو آهليو پيو هو.

پهرين ته ٻارن هواباز ڏانهن ڪو توجهه ئي ڪونه ڏنو. پر جڏهن انهن مان هڪڙو ٻار ڊوڙندي هيڏانهن اچي نڪتو ۽ اليڪسيءَ جي ٽيڙيل ٽنگن سان ٽڪرائي، وڃي واريءَ تي ڪريو، تڏهن هن اٿي پهرين ته ٻوٿ بڇڙو ڪيو، پر هڪدم پوءِ هن جي چهري تي گهٻراهٽ جي ڪيفيت پيدا ٿي ۽ ستت ئي گهٻراهٽ جي جاءِ تي دهشت پکڙجي ويئي. ٻارڙي ڊڄي وٺي رڙيون ڪيون ۽ اليڪسيءَ کان پري ڀڄي ويو. کن پل ۾ ڇوڪرن جو سمورو ولر اچي اليڪسيءَ جي چوڌاري بيهي رهيو. اليڪسي پنهنجن خيالن ۾ گم ويٺو هو. هن ڪجهه به ڪونه ٿي ڏٺو. جڏهن هن اکيون کوليون ته پاڻ کي ٻارڙن جي وچ ۾ گهيريل ڏٺائين، جيڪي خوف وچان ڏانهس ڏسي رهيا هئا. تڏهن وڃي کيس خبر پئي ته هو ڇا چئي رهيا آهن؟

”اڙي ويتامين! تون رڳو ٻٽاڪ پيو هڻين. هي ته سچي پچي هواباز آهي، سينيئر ليفٽيننٽ.“ ڏهن سالن جي هڪڙي زرد چهڙي واري ڇوڪري ڏاڍي گنڀيرتا مان چيو.

”آءٌ ٻٽاڪ ڪونه پيو هڻان. جي آءٌ ڪوڙ ڳالهايان ته ڀلي مري وڃان. آءٌ چوان ٿو ته پير اصلي ڪونهنس، ڪاٺ جا اٿس. بلڪل ڪاٺ جا.“

اوڏي مهل اليڪسيءَ پنهنجي دل ۾ خنجر ٽنبجندي محسوس ڪيو ۽ ڏينهن جي روشني سندس اکين ۾ ڄڻ وسامي ويئي. هن اکيون مٿي کڻي نهاريو. ڇوڪرا، جن جون نظرون اليڪسيءَ جي پيرن تي ٽڪيل هيون، سي پوئتي هٽي ويا.

آخرڪار انهن مان هڪڙي ويجهو اچي کانئس پڇيو: ”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ، تنهنجا پير ڪهڙا آهن، اصلي آهن يا ڪاٺ جا؟ ڇا تون معذور آهين؟“

ننڍڙي نينگر ڏٺو ته هواباز جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون هيون. هوائي فوج جي ليفٽيننٽ جي اکين ۾ لڙڪ! ان جو کيس شعوري اندازو ته ڪونه هو، البت هن جي ننڍڙيءَ دل محسوس ڪيو ته سندس چيل لفظ ”اپاهج“ سپاهيءَ جي دل کي زبردست صدمو پهچايو آهي. هو خاموشيءَ سان سمورن ٻارن جي ولر کي واپس وٺي هليو ويو.

اليڪسيءَ ڪنهن کي پنهنجو نالو پڪاريندي ٻڌو. هو هڪدم اٿي بيٺو. انيوتا سندس سامهون بيٺي هئي. هن انيوتا کي هڪدم سڃاڻي ورتو. هوءَ ايتري حسين ته ڪانه هئي، جيتري تصوير ۾ پئي لڳي. سندس ٿڪيل چهرو زرد ٿي ويو هو. هن کي فوجي وردي ۽ بوٽ پاتل هو. سندس مٿي ۾ پاتل فوجي ٽوپيءَ جو رنگ ڦٽي ويو هو. هن جون ساواڻ تي مائل ۽ ڪي قدر اڀريل اکيون ميريسئف کي تڪي رهيون هيون. انهن ۾ ايتري ته چمڪ ۽ سادگي هئي ۽ انهن اکين مان دوستيءَ جي اهڙي ته روشني پئي چمڪي، جو هيءَ ڇوڪري، جيڪا سندس لاءِ اجنبي هئي، سا کيس سالن جي پراڻي دوست لڳي، جهڙوڪر هنن ٻنهي ننڍي هوندي هڪ ئي اڱڻ تي گڏجي راند روند ڪئي هجي.

هڪ لمحي تائين هو هڪ ٻئي کي خاموشيءَ سان گهوريندا رهيا. نيٺ ڇوڪريءَ ڳالهايو:

”منهنجي ذهن ۾ تنهنجي تصوير بنهه مختلف هئي.“

 ”ڪهڙي تصوير هئي تنهنجي ذهن ۾؟“ ميريسئف پڇيو.

”ها، ڪيئن ٻڌايان؟ ائين سمجهه ته تصوير ڪجهه هن نموني جي هئي ته تون هڪ تمام قداور هوندين ۽ تمام بهادر نظر ايندين. ها، اهو ٺيڪ آهي. وڏيون واڇون، وات ۾ تماڪ واري سُلفي...... بس اهڙو خاڪو هو منهنجي ذهن ۾. گريشا مون کي تنهنجي باري ۾ ائين ٻڌايو هو.

”تنهنجو گريشا، هو اصلي هيرو آهي.“ اليڪسيءَ سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي ۽ ڏٺو ته هن جو چهرو اهو ذڪر ٻڌي ٻهڪي رهيو هو، تڏهن هو لفظ ”تنهنجو“ تي زور ڏيئي ڳالهائڻ لڳو ”تنهنجو گريشا هڪ سچو انسان آهي. آءٌ ڇا آهيان؟ ليڪن تنهنجو گريشا...... منهنجو خيال آهي ته هن سندس باري ۾ توکي ڪونه ٻڌايو آهي.“

”ڇا توکي خبر آهي اليوشا؟ آءٌ توکي اليوشا چئي سگهان ٿي نه؟ آءٌ گريشا جي خطن مان ان نالي جي عادي ٿي ويئي آهيان. توکي ماسڪو ۾ ٻيو ته ڪو ڪم ڪونهي؟ ته پوءِ منهنجي گهر هل. آءٌ ڊيوٽي ڏيو پئي اچان ۽ هاڻي سڄو ڏينهن مون کي موڪل آهي. هليا ته هلون. مون وٽ گهر ٿورڙو وودڪا شراب به پيل آهي. ڇا توکي وودڪا پسند آهي؟ هليا، آءٌ توکي وودڪا پيئارينديس.“

انهيءَ گهڙيءَ اليڪسيءَ جي اکين اڳيان ميجر استروچڪوف جو چهرو اُڀريو ۽ کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ هو اک ڀڃي کيس چوندو هجي ته ”ڏي منهن. ڏٺئي ته ڪهڙي قسم جي ڇوڪري آهي هوءَ؟ اڪيلي رهي ٿي، شراب به موجود آهي! ٻڌاءِ هاڻي ڇا ٿو چوين؟“ پر استروچڪوف ايترو ته رسوا ٿي چڪو هو جو سندس ڳالهه تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪندو. شام ٿيڻ ۾ اڃا ڳچ وقت هو، تنهن ڪري هو ٻئي پراڻن دوستن وانگر کل ڀوڳ ڪندا گهر ڏانهن وڌندا رهيا. اليڪسيءَ کيس ٻڌايو ته گووزديف تي جنگ جي شروعات ۾ مصيبتن جو ڪيڏو نه ڏونگر ڏري پيو هو. انيوتا جڏهن پنهنجن لڙڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ چپن کي چڪ وجهڻ لڳي، اهو ڏسي اليڪسيءَ کي ڏاڍي خوشي ٿي. جڏهن هن گريشا جي محاذ تي بهادريءَ وارن ڪارنامن جو ذڪر ڪيو ته سندس ساواڻ مائل اکين مان شعلا نڪرڻ لڳا. کيس گووزديف تي ڪيڏو نه ناز هو! ۽ جڏهن هن گريشا جي باري ۾ چونڊي سوال پئي پڇيا ته سندس چهري تي ڪهڙو نه رنگ اچي ويندو هو. اوڏي مهل کيس ڪيڏي نه ڪاوڙ آئي هئي، جڏهن پاڻ ٻڌايائين ته گووزديف جي سبب کيس پنهنجي پگهار جو سرٽيفڪيٽ موڪلي ڏنو هو ۽ اهو ته هو ايترو اوچتو ڇو ڀڄي ويو؟ نه ڪا ڳالهه چيائين، نه ڪا چٺي ڇڏيائين ۽ نه وري پنهنجو پتو! ڇا هي به ڪو فوجي راز آهي ته ماڻهو بنا موڪلائڻ جي هليو وڃي ۽ پوءِ هڪ لفظ به نه لکي.

”ها، ڀلا اهو ته ٻڌاءِ، تو ان ڳالهه تي ايترو زور ڇو ڏنو ته هن ڏاڙهي رکي آهي؟“ انيوتا کيس تجسس ڀري نگاهن سان ڏسندي چيو.

”اڙي، بس ائين وات مان نڪري ويو. ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.“

”نه نه، ٻڌاءِ! جيستائين ٻڌائيندين نه، تيستائين جند ڪانه ڇڏينديسانءِ. ڇا اهو به ڪو فوجي راز آهي؟“

”نه، ائين ته ڪونهي. بس ايتري ڳالهه آهي ته اسان جي پروفيسر واسيلي واسيلي وچ ڏاڙهي رکڻ جو نسخو تجويز ڪيو هو......... ته جيئن ڇوڪريون......... منهنجو مطلب آهي ته هڪ خاص ڇوڪري کيس اڃا به وڌيڪ پيار ڪري.“

”ته اها ڳالهه آهي. هاڻي آءٌ سڀ ڪجهه سمجهي ويس.“ هڪدم  انيوتا جي ساواڻ مائل اکين جا روشن ڏيا وسامي ويا. سندس عمر وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي. سندس چهري جي هيڊاڻ اڃا به وڌيڪ نمايان ٿي ويئي. هن جي پيشانيءَ ۽ اکين جي ڪُنڊن وٽ ننڍڙيون ليڪون اُڀري آيون. هوءَ بنهه وساڻل ۽ ٿڪل پئي لڳي. ها، فقط سندس ننڍن ننڍن، ڀريل ڀريل، ٻهڪندڙ ڳاڙهن چپڙن ۽ انهن مٿان اڻ لکي ٻُر منجهان معلوم ٿي ٿيو ته هوءَ اڃا تائين جوان آهي ۽ سندس عمر مشڪل سان ويهه سال کن ٿيندي.

ماسڪو ۾ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته توهان شاندار بنگلن جي ڇانوَ ۾ ڪشادن رستن تان هلندي هلندي، اوچتو ڪنهن موڙ وٽان مڙندي، چند قدم اڳتي ويندا ته توهان ڪنهن اهڙي ننڍڙي گهر وٽ وڃي بيهناد‍، جنهن جون دريون پراڻيون هجڻ جي باعث ڌنڌليون ٿي ويون هجن. اهڙي ئي قسم جي هڪ گهر ۾ انيوتا رهندي هئي. هو هڪ سوڙهي چاڙهي چڙهي مٿي پهتا. ڇوڪريءَ چاٻيءَ سان دروازو کوليو. دروازي جي ڀرسان ئي ورانڊي ۾ کاڌي جي شين جا ٿيلها، ٽين جون ڪجهه ٿالهيون ۽ ڪجهه ٻيا ٿانوَ رکيل هئا. هو انهن شين تان ٽپندا اندر آيا. هو هڪ انڌيري بورچيخاني مان ٿيندا، ٻئي ورانڊي مان اچي، هڪ دروازي وٽ پهتا. سامهون واري دروازي مان هڪ سنهڙي سُڪل پوڙهي عورت جو چهرو لياڪا پائيندو نظر آيو. ”انيوتا! تنهنجو خط آيو آهي.“ پوڙهيءَ چيو ۽ ٻنهي نوجوانن کي ان وقت تائين تجسس مان گهوريندي رهي، جيستائين هو ٻئي ڪمري ۾ اندر داخل ٿيا. پوءِ هوءَ غائب ٿي ويئي.

انيوتا جو پيءُ ڪنهن تعليمي اداري ۾ ليڪچرار هو. جڏهن اداو ٻيءَ جاءِ تي منتقل ڪيو ويو ته سندس ماءُ ۽ پيءُ به ان اداري سان گڏ هليا ويا ۽ هي سڄو گهر انيوتا جي نگرانيءَ ۾ ڇڏي ويا هئا.

”ڏاڍي بي ترتيبي آهي، معاف ڪجانءِ. اصل ۾ ڇا آهي ته آءٌ اسپتال ۾ رهان ٿي ۽ اتان ئي يونيورسٽيءَ هلي وڃان. هن گهر ۾ اچڻ به ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي.“ هن ميزن ۽ ڪرسين تي ٽڙيل پکڙيل شيون ميڙيندي چيو. سندس چهري تي رونق اچي وئي هئي. ”ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن گهر اچان ٿي، تڏهن ايڏي ته ٿڪل هوندي آهيان جو پاڻ کي گهلي گهلي مشڪل سان صوفي تائين پهچايان ٿي ۽ ڪپڙن بدلائڻ کان سواءِ ئي ڦان ٿي ڪريو پوان ۽ وري جڏهن اک کلندي آهي، تڏهن ڊوڙي ڊوڙي اسپتال پهچڻ جيترو وقت مس بچندو آهي. تنهن ڪري صفائي ۽ سٿرائي جو موقعو ئي نٿو ملي.“

ٿورڙي دير ۾ چانهه جي ڪٽلي ٺهڻ لڳي. چينيءَ جون پراڻيون پياليون، جن جو رنگ به لهي ويو هو، ميز تي رکيون هيون. چينيءَ جي پليٽ ۾ مانيءَ جا ڪجهه ٽڪر رکيل هئا؛ هڪ پياليءَ ۾ ڳُڙ جا ڳنڍا رکيل هئا. گذريل صديءَ جي يادگار، اوني جهالر سان چانهه کي گرم رکڻ واري ڪٽليءَ جي پوش ۾ لڪل ڪٽليءَ مان چانهه جي تازي تازي خوشبوءِ، جنگ کان اڳ جي زماني جي ياد ڏياري رهي هئي. ميز جي وچ تي هڪ اڻ کليل بوتل رکل هئي ۽ ٻه نازڪ پيالا پڻ.

اليڪسي آرام ڪرسيءَ تي ويٺو هو. ڪرسي ايتري ته آرامده هئي جو کيس ڏاڍو سڪون آيو ۽ هو ٽنگون ٽيڙي مزي سان ويهي رهيو. انيوتا سندس ويجهو ننڍڙي ٽپائيءَ تي ويهي ڏانهس نهاري، ٻيهر گووزديف جي باري ۾ پڇڻ لڳي. اوچتو کيس ميزبانيءَ جو فرض ياد آيو ۽ هوءَ پاڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي ٽپ ڏيئي اٿي ۽ اليڪسيءَ کي ٻانهن کان جهلي ميز تائين وٺي آئي.

”هڪڙو پيالو ته پيئندين نه؟ گريشا مون کي ٻڌايو هو ته ٽينڪ مين ۽ هواباز به بيشڪ......“ هن پيالو کسڪائي اليڪسيءَ جي ويجهو رکيو ۽ ان ۾ وودڪا اوتڻ لڳي. اليڪسيءَ جڏهن ڏٺو ته ٻيو پيالو خالي آهي، تڏهن پڇيائين: ”۽ تون؟“ ”آءٌ نه پيئندي آهيان.“ انيوتا سادگيءَ سان وراڻيو. ”ٺيڪ آهي، پر سمجهه کڻي ته اسان هن جي نالي ٿا پيئون، گريشا جي نالي جو پيالو؟“

ڇوڪريءَ مسڪرايو. هن خاموشيءَ سان پيالو ڀريو ۽ اليڪسيءَ جي پيالي سان ٽڪرايو ۽ چيو:

”هو سدائين ڪامياب رهي“ ۽ ڳيت ڏيئي هڪ ئي سُرڪ ۾ سڄو پيالو چاڙهي ڇڏيو ۽ هڪدم کنگهڻ لڳي. سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هوءَ ڏاڍي مشڪل سان پاڻ تي قابو پائي سگهي.

اليڪسيءَ تمام گهڻن ڏينهن کان پوءِ وودڪا چکيو هو. هن محسوس ڪيو ته نشو چڙهي رهيو آهي. هن ٻيهر پيالا ڀريا، پر انيوتا ڏاڍي انڪساريءَ سان نهڪر ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو ته ”ڏٺئي ڪونه ته ڇا ٿيو؟ تنهن ڪري ٻيو پيالو نه!“ ”پر ڇا تون منهنجي ڪاميابيءَ جو پيالو ڪونه پيئندينءَ؟“ اليڪسيءَ التجا ڀري لهجي ۾ کيس اپيل ڪئي. ”ڪاش جي توکي خبر هجي ته مون کي هن جي ڪيتري ضرورت آهي.“ ڇوڪري ڏاڍي سنجيدگيءَ سان کيس ڏٺو، پنهنجو پيالو کنيائين، مسڪرائي مٿو لوڏيائين، آهستگيءَ سان سندس هٿ هٿ ۾ جهلي زور ڏنائين ۽ پيالو خالي ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ وري کنگهڻ ۽ منهن بڇڙو ڪرڻ لڳي.

”هي آءٌ ڇا پئي ڪريان؟“ جڏهن هوءَ سامت ۾ آئي ته چيائين. ”۽ اهو به چوويهه ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيڻ کان پوءِ! اليوشا هي سڀ ڪجهه تنهنجي لاءِ پئي ڪريان، تون....... گريشا تنهنجي باري ۾ تمام گهڻو ڪجهه لکيو هو...... آءٌ چاهيان ٿي ته تون خوش نصيب ٿئين، اها منهنجي دلي تمنا آهي ۽ تون ضرور ڪامياب ٿيندين. ٻڌين پيو نه، مون کي يقين آهي ته تون ضرور ڪامياب ٿيندين.“ هوءَ خوشيءَ مان ٽهڪ ڏيڻ لڳي. ”پر تون کائين ڇو نٿو؟ ٿوري ماني ته کاءُ، شرماءِ نه، مون وٽ ٻي به ماني آهي. هيءَ ته ڪلهوڪي آهي ۽ مون کي اڄوڪو وِرو (راشن) اڃا ڪونه مليو آهي.“ هُن مانيءَ واري پليٽ هن ڏانهن وڌائي. ”اڙي کاءُ، بيوقوف ڇوڪرا! کاءُ نه ته توتي نشو چڙهي ويندو ۽ ٻڌاءِ ته پوءِ آءٌ توکي ڇا ڪنديس؟“

اليڪسيءَ مانيءَ جي پليٽ هٽائي ڇڏي. هن انيوتا جي ساواڻ مائل اکين ۽ سندس ننڍن، ڀريل ڀريل ۽ چمڪندڙ ڳاڙهن چپن کي ڏٺو ۽ بنهه آهستي آهستي چيو:

”جيڪڏهن آءٌ توکي چمي ڏيان ته تون ڇا ڪندينءَ؟“ هوءَ هڪدم سنجيده ٿي ويئي. هن خوف ۽ هراس وچان کيس ڏٺو. سندس اکين ۾ ڪاوڙ ته ڪانه هئي، پر هڪ قسم جو تجسس ۽ مايوسي ضرور هئي. ائين پئي لڳو ته ڄڻ هڪ پل پهرين هي اکيون ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڏسي رهيون هيون، جيڪا پري کان هڪ قيمتي هيري وانگر پئي چمڪي ۽ هاڻي ويجهو اچڻ تي خبر پئي ته اها هڪ شيشي جي خسيس ٽڪر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.

”شايد آءٌ توکي هتان ٻاهر ڪڍي ڇڏيان ۽ گريشا کي لکنديس ته توکي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ جي ڪابه خبر ڪانهي.“ هن سرد مهريءَ سان جواب ڏنو ۽ ٻيهر پليٽ ڏانهس کسڪائي، اسرار ڪيو ۽ چيو: ”کاءُ، تون نشي ۾ آهين.“

ميريسئف جو چهرو ٻهڪي اٿيو.

”۽ تنهنجو فيصلو بلڪل صحيح هوندو. تنهنجي مهرباني! آءٌ سموري سوويت فوج جي طرفان تنهنجو شڪريه ادا ٿو ڪريان ۽ آءٌ گريشا کي لکندس ته توکي ماڻهن جي بهترين سڃاڻپ آهي.“

هو 3 وڳي تائين ڪچهري ڪندا رهيا. ڪمري ۾ آڏا پاسيرا ڪرڻا هاڻي ڀت تي سُرندا پئي ويا. اليڪسيءَ جي گاڏيءَ جو وقت ٿي ويو هو. انيوتا کيس اسٽيشن تائين موڪلائڻ آئي هئي. ٻئي ڄڻا هٿ هٿ ۾ ڏيئي پئي هليا. اليڪسي آرام ڪرڻ کان پوءِ جنهن اطمينان ۽ اعتماد سان قدم کڻي هلي رهيو هو، جو انيوتا هيئن سوچڻ تي مجبور ٿي پئي ته: ”جڏهن گريشا لکيو هو ته اليڪسيءَ جا پير ڪونهن ته ڇا هن رڳو ڀوڳ ڪيو هو؟“ اوچتو ئي اوچتو هن اليڪسيءَ کان پڇيو: ”ڇا تو واقعي سنجيدگيءَ سان اهو چيو هو ته گريشا ڏاڙهي رکي آهي؟“ هوءَ هڪ لمحي لاءِ خاموش ۽ ڏکياري ٿي ويئي ۽ پوءِ چيائين: ”آءٌ هاڻي سڀ ڪجهه سمجهان ٿي، آءٌ توکي ايمانداريءَ واري ڳالهه ٻڌائيندس. ائين، جيئن ڪَر آءٌ پنهنجي پيءُ کي چوان ها. اها هيءَ ته شروع شروع ۾ مون کان سندس چهري جا داغ ڏٺا نٿي ٿي سگهيا. ’ڏٺا نٿي ٿي سگهيا‘اهو چوڻ ته ٺيڪ ناهي. منهنجو مطلب آهي ته آءٌ بنهه ڊڄي ويس. نه، ائين به نه! اهو به صحيح ناهي. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن بيان ڪريان؟ تون ته منهنجي ڳالهه سمجهين ٿو نه؟ شايد اها ڳالهه ٺيڪ ڪانه هئي، پر آءٌ ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ الا!هو مون کان خفا ٿي ڀڄي ويو. بيوقوف ڇوڪرو، خدايا! هو ڪهڙو نه ناسمجهه ڇوڪرو آهي. جيڪڏهن تون کيس خط لکين ته اهو ضرور لکجانئس ته مون کي سندس انهيءَ روش ڏاڍي تڪليف پهچائي هئي.

وسيع ريلوي اسٽيشن تي ايڪڙ ٻيڪڙ سپاهين کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪونه هو. ڪي سپاهي ڪنهن خاص ڪم سان تيز تيز ڀڄندا پئي ويا، ڪي ديوار سان ٽيڪ ڏيو بيٺا هئا ۽ ڪي وچ پٽ تي پاٿوليون هڻيو ويٺا هئا. انهن سڀني جي چهرن تي جهنجهلاهٽ ۽ فڪر جا آثار نمايان هئا.

(2)

بجليءَ تي هلندڙ ريل گاڏي ٻهراڙين مان لنگهي اڳتي وڌندي رهي ۽ ان جي سيٽي ڪاوڙ مان رڙيون ڪندي رهي. ميريسئف دريءَ وٽ ويٺل هو، پر کيس هڪ پوڙهي ڌڪي وڃي ديوار سان لڳايو، جنهن جون ڏاڙهي ۽ مڇون صاف ٿيل هيون. پوڙهي کي ويڪري پٽيءَ واري ميڪسم گورڪي ڪٽ ٽوپي ۽ سونهري ڪمانين واري عينڪ پاتل هئي. هن جي گوڏن جي وچ ۾ کُرپو، ڪوڏر ۽ ٻيانو ڪاغذ ۾ ويڙهيا ۽ ڌاڳي سان ٻڌا رکيا هئا.

انهن ڏينهن ۾ هر شخص وانگر هي پوڙهو به سواءِ جنگ جي، ٻي ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ ڪونه سوچي رهيو هو. هن ڏاڍي زور شور سان پنهنجو هٿ اليڪسيءَ جي نڪ جي سامهون لوڏيو ۽ پنهنجي اهميت جتائڻ واري شڪل بنائي هن جي ڪن ۾ چيو:

”ائين نه سمجهه ته ڪو آءٌ غير فوجي آهيان، تنهن ڪري مون کي اسان جي فوجي حڪمت عملي سمجهه ۾ نه ايندي هوندي. آءٌ بنهه چڱيءَ طرح سمجهان ٿو. هي سڀ ڪجهه ان لاءِ آهي ته دشمن کي لالچ جي ڦندي ۾ ڦاسائي والگا جي ميدان ۾ گهڙي اچڻ تي هرکائجي ۽ کيس مجبور ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي رسد واري لائين کي تمام پري تائين کڻي وڃي. تڏهن سندس رابطو پنهنجي محاذ کان ڪٽجي ويندو ۽ جڏهن اتر ۽ ڏکڻ کان وڌي سندس رسد ۽ آمدرفت جو سلسلو وچ مان ڪٽي ڇڏبو ۽ پوءِ دشمن کي گهيري ۾ آڻي ڪچلي ڇڏبو. ها،  هي ڏاڍي هوشياريءَ وارو منصوبو آهي. اسان جي خلاف صرف هٽلر ئي ڪونهي، پر هن سڄي يورپ کي اسان جي خلاف ڀڙڪائي اسان تي حملو ڪرايو آهي. اسان اڪيلا ڇهن ملڪن جي خلاف وڙهون پيا، بنهه اڪيلا! اسان کي پنهنجي ملڪ جي گهڻي پکيڙ جو فائدو وٺي، دشمن کي ڪمزور ڪرڻ گهرجي. ها، اهو ئي هڪ مناسب رستو آهي. آخر اسان جا اتحادي به ته اڃا چَپ سُبيو ويٺا آهن، آهي نه ائين؟ تنهنجو ڇا خيال آهي؟“

”منهنجو خيال آهي ته تون بي مقصد ڳالهيون پيو ڪرين. اسان جي ڌرتي تمام قيمتي آهي ۽ اسان کي ان کان دشمن کي پاڻ سمائڻ جو ڪم نه وٺڻ گهرجي.“ ميريسئف ڪجهه رکائپ واري انداز ۾ جواب ڏنس. کيس اوڏيءَ مهل اهو سڙي رک جو ڍير ٿيل ڳوٺ ياد اچي ويو، جنهن ۾ هو رڙهندو پهتو هو.

ليڪن پوڙهو اليڪسيءَ جي ڪن جي ويجهو ڀُڻ ڀُڻ ڪندو رهيو، تماڪ ۽ ڪافيءَ جي بوءِ سان واسيل ساهه سندس منهن تي ڇڏيندو رهيو.

اليڪسي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳو. گرم ۽ مٽي هاڻي هوا جا جهوٽا سندس چهري تي ٿڦڙ هڻندا رهيا.

”......... تون ته فوجي ماڻهو آهين، ٻڌاءِ ته ڇا هي ٺيڪ آهي؟ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي، پر اسين فاشزم سان اڪيلا وڙهي پيا آهيون. ان باري ۾ تنهنجو ڇا خيال آهي؟ پر اسان جا اتحادي آهن ڪٿي؟ ۽ ٻيو محاذ ڪٿي آهي؟ ۽ هاڻي تون ٿورو تصور ته ڪر، هڪ اهڙي ماڻهوءَ تي ڌاڙيل حملو ڪن ٿا، جيڪو بي فڪر ٿيو، پنهنجي مستيءَ ۾ رت ۽ پگهر هڪ ڪري رهيو آهي. پر اهو ماڻهو ڊڄي نٿو ۽ اڪيلو ئي سينو سپر ڪري ڌاڙيلن سان وڙهي ٿو پوي. هو ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين رت ۾ ڳاڙهو آهي، پر پوءِ به جيڪو هٿيار هٿ اچيس ٿو، سو کڻي وڙهندو ئي رهي ٿو. هو اڪيلو ۽ چئني طرفن کان ڌاڙيل هئا، پر پوءِ به هو وڙهي پيو. ڌاڙيلن وٽ هٿيار آهن. هو ڪيتري عرصي کان وٺي موقعي جي تاڙ ۾ هئا ۽ ها، ان ماڻهوءَ جا پاڙي وارا، انهيءَ لڙائيءَ جو تماشو ڏسي رهيا آهن. هو چانئٺ وٽ بيٺا آهن ۽ اتان بيهي ان ماڻهوءَ سان همدردي ڏيکاري رهيا آهن ۽ چون ٿا: تمام سٺو يار، وارو ڪر. انهن کي مزو چکاءِ. کين اهڙي سيکت ڏي جو ياد ڪن ۽ پٿر کنيو پيا ڏين ۽ چون پيا: ”هاڻي مزو ٿيو نه! هڻ ڏنڊو، هڻ پٿر، زور سان هڻيس. پر هو پاڻ لڙائيءَ ۾ شامل نه ٿا ٿين ۽ اهڙو ئي رويو اسان جي اتحادين جو آهي.........! مسافر، ها اهي اهڙا ئي آهن.......“

ميريسئف ڪنڌ ورائي دلچسپيءَ سان پوڙهي کي ڏٺو. ان ڀريل گاڏي ۾ ٻيا به ڪيترا ئي مسافر پوڙهي کي ڏسي رهيا هئا. هر طرف کان آواز آيو:

”ها، هي صحيح پيو چوي. اسان اڪيلا وڙهي رهيا آهيون، ٻيو محاذ ڪٿي آهي؟“

”پرواه ناهي. اسين ڀرپور حملو ڪنداسين ۽ اسين پاڻ دشمن جو جڙڻ ٻوٽو رلائي ڇڏينداسين. پڪ سان جڏهن تماشو ختم ٿيندو، تڏهن هو ٻيو محاذ کڻي حاضر ٿي ويندا.“

گاڏي ٿوري دير لاءِ بيٺي. ڪيترا زخمي سمهڻ واري لباس ۾ گهوڙين تي يا لڪڻ جي سهاري تي هلندا، گاڏيءَ ۾ چڙهيا. سڀني وٽ گهڻو ڪري ڪاغذ جي ٿيلهين ۾ سورج مکيءَ جو ٻج يا بوهي مڱ هئا، جيڪي هو کائي رهيا هئا. پڪ سان هو ڪنهن سينٽيوريم مان هتي بازار ۾ آيا هوندا. عينڪ وارو پوڙهو هڪدم ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پاسي ۾ بيٺل زخميءَ کي زوريءَ پنهنجي جاءِ تي ويهاريائين، جنهن کي ٽنگ تي پٽيون ٻڌل هيون ۽ پاڻ باغبانيءَ جو سامان کڻي دروازي ڏانهن هليو ويو. اليڪسيءَ جي پٺيان ويٺل هڪ عورت ملامت ڀريل آواز ۾ چيو: ”هن ماڻهوءَ کي شرم اچڻ گهرجي. پاسي ۾ زخمي ماڻهو بيٺو اٿس ۽ هو کيس جاءِ نٿو ڏي! ويچارو ڇوڪرو ڪيڏو نه درد ڀوڳي رهيو آهي، پر هن جي ڪن تي جونءِ به ڪونه ٿي سري! ڪيڏي نه شان سان هي ڏٽو مٽو پنهنجي جاءِ تي ڄميو ويٺو آهي. هون، جهڙوڪر کيس ته ڪڏهن گولي لڳي ئي نٿي سگهي ۽ آهي وري هوائي فوج جو آفيسر، منهن ته ڏسوس!“ انهيءَ ناجائز ملامت تي اليڪسيءَ جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ڪاوڙ مان سندس نڪ جون چوٽيون ڦڙڪڻ لڳيون....... پر هڪدم پوءِ سندس چهرو ٻهڪي ويو ۽ هو اٿي بيهي رهيو:

”دوست هليا، اچي ويهه.“

زخمي حيرانيءَ ۾ بنهه ڏڪي ويو. ”نه مهرباني، ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ! تڪليف نه ڪريو. آءٌ بيهي سگهان ٿو. اسان کي هونئن به ڪو گهڻو پري ڪونهي وڃڻو، رڳو ٻه اسٽاپ ۽ بس.“ ”آءٌ چوان ٿو ويهي رهو!“ اليڪسيءَ دلچسپ صورتحال کي پنهنجي سمجهندي ڀوڳن مان سختيءَ سان چيو. هو گاڏي جي هڪ ڪناري ڏانهن هليو ويو ۽ ديوار کي پٺي لڳائي، ٻئي هٿ لڪڻ تي رکي بيهي رهيو ۽ مسڪرائڻ لڳو. ائين پئي لڳو ته جنهن عورت کيس دٻ پٽي هئي، تنهن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ سندس آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

”ڏسو ته سهي هن کي. او مائي ٽوپلي واري! راڻي بنجيو ويٺي آهين. هن لڪڻ واري آفيسر کي پنهنجي جاءِ ڇو نٿي ڏئين؟ ڪامريڊ آفيسر تون هيڏانهن اچ ۽ اچي منهنجي جاءِ تي ويهه. خدارا کيس گس ته ڏيو، کيس اچڻ ته ڏيو.“

اليڪسيءَ ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. کيس جيڪو لطف آيو، سو ويندو رهيو. انهيءَ گهڙيءَ ڪنڊيڪٽر انهيءَ اسٽاپ جو نالو پڪاريو، جتي کيس لهڻو هيو. گاڏي آهستي آهستي بيهي رهي. ڪي مسافر لٿا، ڪي چڙهيا ۽ گاڏي ٻيهر ڦيٿن کي زور زور سان ڦيرائيندي، سيٽي وڄائيندي، اڳئين موڙ وٽان گم ٿي ويئي ۽ پنهنجي پويان مٽيءَ ۽ ڌوڙ جو طوفان ڇڏي ويئي. پليٽ فارم تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مسافر وڃي باقي بچيو هو. ستت ئي شام ٽاڻي سڳنڌ ۽ سرهاڻ واسيل سڪون ڇانئجي ويو.

ماسڪو ۾ کيس ٻڌايو ويو هو ته سيني ٽوريم تائين پهچڻ جو ڪهڙو رستو آهي؟ هن هڪ سچي سپاهي وانگر ڏسن پتي وارين نشانين جي مدد سان پنهنجو گس ڳولي ورتو. ڏهن منٽن جو پنڌ مس هو. سيني ٽوريم هڪ سهڻي ۽ خوبصورت ڍنڍ جي ڪناري  تي ٺهيل هو. انقلاب کان پهريائين ڪنهن ڪروڙ پتي روسيءَ جي دل ۾ خيال آيو ته گرمين ۾ خوشگوار ۽ پرسڪون گهڙيون گهارڻ لاءِ ڪو اهڙو محل جوڙائجي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ هجي. هن ڪاريگرن کي چيو ته جيڪڏهن اهي ڪا انوکي ۽ نادر شيءِ جوڙي ڏيکارين ته پوءِ هو کين مالا مال ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ ڪاريگرن پنهنجي آقا جي طبيعت مطابق هن خوبصورت ڍنڍ وٽ سِرن جو هڪ عظيم الشان ڍير کڙو ڪري ڇڏيو. ان ۾ ننڍيون ننڍيون ڄاري واريون دريون هيون. برج، ڏيڍيون، ورن وڪڙن وارا رستا ۽ ورانڊا ٺاهيا. گاهه سان ڍڪيل هن ڍنڍ جي ڪنارن تي اڏيل هيءَ اڍنگي عمارت، روس جي نرالن قدرتي حسين منظرن تي هڪ بدنما داغ هئي. ان جاءِ جو منظر ڪيڏو حسين هو!

تمام گهڻا مشهور مصور اتي ايندا هئا. هن جاءِ جو مالڪ پنهنجي مهمان نوازيءَ ڪري سڄي روس ۾ مشهور هو. هي سڀ قدرتي منظر يا انهن جا ڪجهه حصا اڻ ڳڻين تصويرن ۾ سمايل هئا ته جيئن ماڻهو هنن روسي قدرتي منظرن جي شان وشوڪت کان صدين تائين لطف اندوز ٿيندا رهن.

هاڻي هن محل ۾ سوويت هوائي فوج جي زخمين لاءِ سيني ٽوريم قائم هو. امن جي زماني ۾ هواباز پنهنجي ٻارن ٻچن سميت هتي ايندا هئا ۽ هاڻي زخمي هواباز مڪمل صحتياب ٿيڻ لاءِ اسپتالن مان هتي موڪليا ويندا هئا. اليڪسي اسٽيشن کان هيستائين نه ته بس ۾ چڙهي آيو هو ۽ نه ئي پڪي سڙڪ تان، جنهن جي ٻنهي پاسن کان وڻن جون قطارون بيٺل هيون. هو اسٽيشن کان لهي سيني ٽوريم جي پٺئين پاسي کان هڪ پيچري تان هلندو، قدرتي حسن جو لطف وٺندو اتي اچي پهتو هو. هو اتي پهچي ان هجوم ۾ شامل ٿي ويو، جيڪو ٻن هيٺ مٿي ڀريل بسن کي گهيريو بيٺو هو. ڳالهين مان کيس پتو پيو ته هي هجوم انهن هوابازن کان موڪلائڻ آيو هو، جن کي سيني ٽوريم مان موڪل ملي هئي.

موڙ تان مڙندي بسون نگاهن کان اوجهل ٿي ويون. سيني ٽوريم جا مريض ٽڙي پکڙي ويا. اليڪسي اندر داخل ٿيو. کيس هڪ آرمينائي منڊو آفيس ۾ وٺي ويو. غور سان ڏسڻ سان معلوم ٿي ٿيو ته هن جي چهري تي گنڀيرتا ۽ ذهانت هئي ۽ سندس وڏيون اکيون خوبصورت ۽ اداس هيون. رستي ۾ هن ڀوڳن ڀوڳن مان پنهنجي سڃاڻپ ”چنڊ منڊلي“ جي صدر جي حيثيت ۾ ڪرائي هئي ۽ ان ڳالهه تي اصرار ڪندو رهيو ته چنڊ جي چانڊاڻ ۾ اشنان هر قسم جي زخم جو علاج منڊيءَ تي ٽِڪ وانگر نسخو آهي. هن چيو ته چانڊاڻ ۾ اشنان جي لاءِ سخت ترين نظم وضبط جي ضرورت آهي ۽ اهو به ٻڌايائين ته هو ذاتي طرح پاڻ ئي چانڊاڻ ۾ گهمڻ ڦرڻ  جو انتظام ڪندو آهي. ائين پئي لڳو ته هو سراسر ڀوڳ ڪري رهيو آهي.

آفيس ۾ سندس استقبال هڪ ڇوڪريءَ ڪيو، جيڪا اڇو ويس ڍڪيو ويٺي هئي ۽ جنهن جا وار ايترا ته ڳاڙها هئا جو ڄڻ ته منجهانئن شعلا پيا نڪرن.

”ميريسئف؟“ ڇوڪريءَ ڪتاب جدا رکندي پڇيو. ”ڇا تون ئي اليڪسي ميريسئف پيٽرووچ آهين؟“ هن هڪ سوالي نگاه مٿس ڊوڙائي ۽ چيو. ”مون کي چڪر ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪر، سمجهيئي؟ هتي تنهنجو نالو داخل آهي، ميريسئف سينيئر ليفٽينننٽ فلاڻيءَ اسپتال کان اچي پيو ۽ جنهن جا پير وڍيل آهن ۽ تون.........“

هاڻي وڃي اليڪسيءَ کي هن جو گول چهرو نظر آيو. سفيد ۽ حسين چهرو، جيڪو شعلا پيدا ڪندڙ ڳاڙهن وارن ۾ بنهه لڪو پيو هو. سرخ وارن واري هر ڇوڪريءَ جو اهڙو ئي چهرو هوندو آهي. رت جي ٻهڪندڙ ڳاڙهاڻ سندس چمڙيءَ جي رنگ ۾ بدلجي وئي هئي. هن چمڪندڙ، گول گول ۽ چنچل اکين سان حيرانيءَ سان اليڪسيءَ کي ڏٺو.

”بهرحال، آءٌ اليڪسيءَ ميريسئف آهيان. هي منهنجا ڪاغذ آهن...... ڇا تون ليوليا آهين؟“

”نه، ڇو؟ منهنجو نالو زينا آهي.“ هن شڪي نگاهن سان اليڪسيءَ جي پيرن ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ”ڇا تو وٽ ايترا سٺا نقلي پير آهن يا ڪو ٻيو معاملو آهي؟“

”ها، چئبو ته تون زينوچڪا آهين، جنهن فيديا کي موهت ڪيو آهي.“

”چڱو ته ميجر بورنازيان هاڻي کان ئي قصا ڪرڻ لڳو آهي. مون کي هن ماڻهوءَ کان سخت نفرت آهي. هو هر ماڻهوءَ سان چرچا ٿو ڪري. مون ته صرف فيديا کي ناچ سيکاريو هو. ان ۾ ٻي ڪا خاص ڳالهه ته ڪانه هئي.“

”۽ هاڻي تون مون کي ناچ سيکاريندينءَ، ٺيڪ؟ بورنازيان وعدو ڪيو آهي ته هو چانڊاڻ ۾ اشنان لاءِ منهنجو نالو داخل ڪندو.“

ڇوڪريءَ اڃا به وڌيڪ حيرانيءَ سان هن ڏانهن ڏٺو. ”ڇا مطلب آهي تنهنجو، ناچ؟ بنا پيرن جي نچڻ؟ بڪواس، منهنجو خيال آهي ته توکي به هر ماڻهوءَ سان ڀوڳ ڪرڻ جو شوق آهي.“

بنهه اوڏيءَ مهل ميجر استروچڪوف ڊوڙندو ڪمري ۾ آيو ۽ اچي کيس ڀاڪر وڌائين.

”زينوچڪا!“ هن ڇوڪريءَ کي چيو: ”اهو ته طئي آهي ته سينيئر ليفٽيننٽ منهنجي ڪمري ۾ رهندو. ڪيئن، ٺيڪ آهي نه؟“

اهي ماڻهو، جيڪي ڊگهي عرصي تائين اسپتال ۾ گڏ رهندا آهن، سي جڏهن ٻيهر گڏبا آهن ته پاڻ ۾ ڀائرن وانگر ملندا آهن. ميجر کي اوچتو منهن سامهون ڏسي اليڪسي اهڙو ته خوش ٿيو، ڄڻ ته سالن پڄاڻان هڪ ٻئي کي ڏٺو هئائون. استروچڪوف جي سامان جو ٿيلهو سيني ٽوريم ۾ پهچي چڪو هو، تنهن ڪري هو هتي نئون پراڻو ٿي ويو هو ۽ پاڻ کي گهر ڌڻي محسوس ڪري رهيو هو. هو هر ماڻهوءَ کي سڃاڻندو هو ۽ هر ماڻهو کيس سڃاڻندو هو. هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هن ڪيترن سان دوستي ۽ ڪيترن سان جهڳڙو به شروع ڪري ڏنو هو.

جنهن ننڍڙي ڪمري ۾ هي ٻئي رهندا هئا، ان جون دريون پارڪ ڏانهن کلنديون هيون. پارڪ جي پاسن کان ڊگهن وڻن جون قطارون، رنگ برنگي گل ٻوٽا ۽ ساوڪ ڏاڍو حسين منظر پيش ڪري رهيا هئا. کاڌو کائڻ کان پوءِ ستت ئي اليڪسي هنڌ تي ليٽي پيو ۽ ٽنگون ٽيڙي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو.

هن رات جو ڏاڍو پريشان ڪندڙ خواب ڏٺا. نيري برف ۽ چنڊ جي چانڊاڻ! جهنگل کيس ريشمي ڄاريءَ وانگر جڪڙي ڇڏيو هو. هن ان ڄار مان پاڻ ڇڏائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته برف سندس پير پڪڙي ورتا. هن ڏاڍي سخت جدوجهد ڪئي. کيس احساس ٿيو ته ڪو خوفناڪ حادثو پيش اچڻ وارو آهي. ليڪن سندس پير برف ۾ ٺري ڳڱ ٿي ويا هئا ۽ منجهس ايتري همت به ڪانه هئي جو هو پيرن کي برف مان ڇڪي ڪڍي سگهي. هو ڪنجهندو، ڪُرڪندو ۽ پاسا ورائيندو رهيو...... هاڻي هو وري هوائي اڏي تي هو. ڊگهو قداور مستري يورا هڪ عجيب غريب، نرم ۽ بنا پرن واري هوائي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ موجود هو. هن هٿ لوڏيو، ٽهڪ ڏنو ۽ هوا ۾ بلند ٿي ويو. نانا ميخائيل کيس ڀاڪرن ۾ کنيو، ڄڻ هو ڪو ٿڃ پياڪ معصوم ٻار هجي ۽ کيس همٿائيندي چيو: ”پرواه نه ڪر، اسين توکي ٻاڦ جو غسل ڏينداسين. تنهنجي لاءِ ڏاڍو فائديمند رهندو، ٺيڪ آهي نه؟“ پر نانا ميخائيل کيس گرم غسل ڏيڻ بدران برف تي سمهاري ڇڏيو. هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جهڙوڪر برف سندس پٺيءَ سان چهٽي رهي هئي. نه، هيءَ برف ڪانه هئي. ڪنهن رڇ جو گرم گرم جسم مٿس سوار هو. هو اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، ماڻهن کي مدد لاءِ سڏيندو رهيو، پر سندس آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. هن آخري ڀيرو ننهن چوٽيءَ جو زور لاتو ۽ خبر ناهي ڇو سندس اکين ۾ شعلا اوڳاڇيندڙ ڳاڙهن وارن جي گهٽائن مان زينوچڪا جو ٻهڪندڙ چهرو اُڀريو ۽ تجسس ڀريل چنچل اکيون ٻوٽجي ويون.

اليڪسيءَ جي اک کلي پيئي. کيس ناقابل بيان ڳڻتيءَ اچي ورايو. ميجر هلڪا هلڪا کونگهرا هڻي رهيو هو. آخر اُهي ڀيانڪ ڏينهن ڇو ٿا ياد پون؟ هن ته انهن ڏينهن جي باري ۾ سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. پر جڏهن هو انهن ڏينهن جي باري ۾ سوچيندو هو، تڏهن کيس هي ڏينهن غير حقيقي لڳندا هئا.

اليڪسيءَ کي يعني اٺاويهه ڏينهن رهڻو هو، جيڪو تمام ڊگهو عرصو به هو ته بنهه مختصر پڻ. کيس انهيءَ عرصي جو هڪ هڪ پل ’هڪ انسان‘ بنجڻ جي جدوجهد ۾ لڳائڻو هو. هن بستري تي ويٺي ويٺي، دل ئي دل ۾ پنهنجي ورزشن جو خاڪو تيار ڪيو. ان ۾ هن صبح ۽ شام جي جسماني ورزش، پنڌ ڪرڻ، ڊوڙڻ ۽ پيرن جي خاص مشق جو خاڪو تيار ڪيو. انهيءَ منصوبي ۾ کيس هڪ خاص ڪشش محسوس ٿي. ان ۾ سندس ٽنگن جي خاص نشوونما جو امڪان موجود هو. هن امڪان ۾ موجود اهو ئي خيال هو، جيڪو زينوچڪا سان ڳالهائڻ مهل سندس ذهن ۾ اڀريو هو.

ـــــــــ هن ناچ سکڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org