(8)
ميريسئف پڻ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ۽ اڀرو ٿيندو پئي ويو. ايتري قدر
جو هن ”موسمي سرجنٽ“ کي هڪ خط ۾ لکي ڇڏيو هو ته هو
شايد اسپتال مان جيئرو واپس نه اچي ۽ اهو ئي بهتر
آهي. ڇو ته ٽنگن کان سواءِ هڪ هواباز ائين آهي،
جيئن پکن کان سواءِ پکي، جيڪو جيئرو ته هوندو ۽
داڻو پاڻي به پيو چڳندو، پر اڏامي ڪڏهن به ڪونه
سگهندو. هو بنا پکن جي پکي ٿيڻ نٿو چاهي ۽ خراب
کان خراب نتيجي ڀوڳڻ لاءِ تيار آهي. ڪاش اها بري
پڄاڻي جلد ٿئي. هو پنهنجي دل جو ڏک درد فقط ان
ڇوڪري سان ئي سلي سگهندو هو. پر کيس ان قسم جون
ڳالهيون لکڻ ساڻس ظلم ڪرڻ جي برابر هو، ڇو ته هوءَ
ساڻس اقرار ڪري چڪي هئي ته هوءَ ڪيترن ئي ڏينهن
کان منجهس دلچسپي وٺي رهي هئي ۽ جيڪڏهن کيس اهو
خوفناڪ صدمو نه پهچي ها ته هوءَ ڪڏهن به ساڻس سچي
ڪانه ڪري ها.
”اڙي هوءَ توسان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. ڀاءَ منهنجا! مردن جي ڏاڍي
کوٽ آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي تمام سٺي پينشن ملي ٿي ته
پوءِ ان ڳالهه جو ڪنهن کي خيال آهي ته ڪنهن جون
ٽنگون آهن يا نه؟“ ڪوڪوشڪن پنهنجي مختصر راءِ ڏني.
پر اليڪسيءَ کي اهو زرد چهرو ياد آيو، جيڪو سندس چهري مٿان ان
وقت اچي ڪريو هو، جيڏي مهل موت سندس مٿان لامارا
ڏيئي رهيو هو ۽ هن کي خبر پئجي ويئي ته ڪوڪوشڪن جو
اندازو غلط هو. هن کي اها به خبر هئي ته غمناڪ
اعتراف پڙهي ڇوڪري ڏاڍي وياڪل ٿيندي. کيس ”موسمي
سرجنٽ“ جو نالو به ڪونه ايندو هو، پر پوءِ به هو
الائي ڇو کيس پنهنجو رازدان ڄاڻندو هو.
ڪميسار کي سڀني جي دلين جي ڪنجيءَ جي خبر هئي، پر هو اليڪسيءَ
جي دل جي ڪنجي ڳولي نه سگهيو هو. جنهن ڏينهن هن جو
وڏو آپريشن ٿيو هو، تنهن جي ٻئي ڏينهن وارڊ ۾
نڪولائي اوستروفسڪيءَ جي ناول ”دار ورسن جي
آزمائش“ وڏي آواز ۾ پڙهي ٻڌايو ويو. اليڪسيءَ کي
احساس هو ته هي ڪتاب رڳو سندس لاءِ ئي وڏي آواز ۾
پڙهيو پيو وڃي، پر ان ڪهاڻيءَ سندس دل تي ڪوبه پهو
نه رکيو ۽ جيتوڻيڪ پاويل ڪورچانگن (ناول جو هيرو)
سندس ننڍپڻ جي بهادرن مان هڪ هو. پر پاويل هواباز
ڪونه هو. ڇا هن کي خبر هئي ته ’هوا لاءِ تڙپڻ‘ جو
مطلب ڇا آهي؟ اوستروفسڪيءَ اهو ڪتاب ان وقت ڪونه
لکيو هو، جڏهن ملڪ جا سمورا مرد ۽ تمام گهڻيون
عورتون جنگ لڙي رهيون هجن ۽ جڏهن نڪن مان سنگهه
وهندڙ ٻار پڻ بم ٺاهي رهيا هجن.
مطلب ته هن ڀيري ڪتاب رس نه ڄمايو، تنهن ڪري ڪميسار وري ٻيون
اٽڪلون ڪرن لڳو. ڪڏهن ڪڏهن هو ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ
جو قصو ٻڌائيندو هو، جنهن جون ٻئي ٽنگون جڏيون ٿي
چڪيون هيون، پر پوءِ به هو وڏي عهدي تي فائز هو.
استيپان سندس علائقي جي ان ڊاڪٽر جو ذڪر ڪيو، جنهن
جو صرف هڪڙو هٿ سلامت هو، پر پوءِ به اهو ضلعي جو
سڀني کان سٺو ڊاڪٽر هو. شهسواري ڪندو هو، شڪار جو
وڏو شوقين هو ۽ بندوق جو نشانو اهڙو هوس جو ڀڄندڙ
نوريئڙي جي اک ۾ چٽي گولي هڻڻ هن لاءِ ڪا وڏي
ڳالهه ڪانه هئي. ان موقعي تي ڪميسار کي هڪ ماڻهو
ياد آيو، جيڪو سڄو مفلوج هو ۽ سندس فقط هڪ هٿ صحيح
هو. وليمس کي هو ذاتي طرح سڃاڻندو هو ۽ هو زراعتي
اداري جو ڊائريڪٽر هو ۽ هو وڏي پيماني تي تحقيقاتي
ڪم ڪندو هو.
ميريسئف اهي ڳالهيون ٻڌي رڳو مسڪرايو. ٽنگن کان سواءِ سوچڻ،
ڳالهائڻ، لکڻ، حڪم جاري ڪرڻ، ماڻهن جو علاج ڪرڻ ۽
شڪار ڪرڻ به ممڪن آهي. پر هو ته هواباز هو، ڄائي
ڄم کان وٺي هواباز، ننڍپڻ کان وٺي هواباز! هو ان
ڏينهن کان وٺي هواباز هو، جنهن ڏينهن هو ننڍي
هوندي ڇانهين جي آرڻ جي واهيپ ڪري رهيو هو، جتي
زمين تي سڪل پنن ۾ والگا علائقي جون مشهور ڦارين
واريون ڇانهيون لڪيون پيون هيون ــــــــــ ها، ان
ڏينهن هن هڪ آواز ٻڌو ۽ پوءِ ڏٺو ته چاندي جي رنگ
جهڙو هڪڙو چمڪندڙ ڀونئرو اڏامي رهيو آهي ۽ سندس پک
اُس ۾ چمڪي رهيا هئا. اهو هيٺاهين ميدان مٿان
آهستي آهستي اسٽالن گراڊ ڏانهن وڃي رهيو هو.
انهيءَ گهڙيءَ کان وٺي هواباز بنجڻ جي خواب هڪ پل لاءِ به سندس
جند ڪانه ڇڏي. اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران ۽ ڪارخاني ۾
ڪم ڪرڻ دوران اهو ئي خيال سندس دماغ ۾ گونجندو
رهيو.
نوجوان ڪميونسٽ ليگ کيس ڏور اوڀر موڪليو ۽ اتي هن تائگا جهنگل
جي گهراين ۾ آمور نالي نوجوانن جو شهر ٺاهڻ ۾ هٿ
ونڊايو. پر هو پنهنجي هوابازيءَ وارو شوق اتي به
کڻي ويو هو. ان شهر جي اڏاوت ڪندڙن ۾ سندس جهڙا
ٻيا به ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون، جن کي هوابازيءَ جو
شوق هو. اهو يقين ڪرڻ مشڪل هو ته واقعي انهن
پنهنجن هٿن سان ان شهر ۾ هڪ هوائي ڪلب ٺاهي هئي.
شام جي وقت جڏهن هي عظيم الشان اڏاوتي منصوبو ڌنڌ
۾ وڪوڙجي ويندو هو ۽ اڏاوتي ڪم ڪندڙ پنهنجي پنهنجي
بيرڪن ۾ واپس ايندا هئا ۽ دريون بند ڪري، دروازن
اڳيان دونهيون دکائي مڇرن کان بچڻ جو بندوبست ڪندا
هئا، ان وقت هوائي ڪلب جا ميمبر اليڪسيءَ جي
رهنمائيءَ ۾ ڪهاڙيون، ڪوڏريون، ڪارايون ۽ بارود
جون سرنگهون کڻي تائگا ٻيلي ۾ نڪري پوندا هئا. هو
پنهنجي بدن تي مڇرن کان بچڻ لاءِ گاسليٽ مکيندا
هئا. هو وڻ وڍي، کڏون کوٻا ڀري زمين سڌي ڪندا هئا
۽ آخر هنن ان گجگاه ٻيلي ۾ هوائي اڏي لاءِ ميلن جا
ميل زمين سڌي ڪري ورتي هئي.
۽ انهيءَ ئي هوائي اڏي مٿان پهريون ڀيري اليڪسي هڪ تربيتي هوائي
جهاز ۾ چڙهي هوا ۾ اڏاميو هو ۽ آخرڪار سندس ننڍپڻ
جو خواب نيٺ پورو ٿيو هو. پوءِ هن فوجي هوابازيءَ
جي اسڪول ۾ سکيا ورتي ۽ پاڻ استاد بنجي ويو. هو ان
ئي اسڪول ۾ هو ته جنگ شروع ٿي ويئي. اسڪول جي
انتظاميه جي مخالفت جي باوجود به هو پنهنجو ڪم ڇڏي
فوج ۾ شامل ٿيو. سندس زندگيءَ جو سمورو آدرش، سندس
سموريون دلچسپيون، مسرتون، خواهشون، مستقبل جا
سمورا خواب ۽ سموريون ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون فقط
۽ فقط هوابازيءَ سان ڳنڍيل هيون.
۽ پوءِ به هنن ساڻس وليمس جي ڳالهه ڪئي هئي. ”پر وليمس هواباز
ڪونه هو.“ اليڪسيءَ ائين چئي منهن ڀت ڏانهن ڪري
ڇڏيو.
پر پوءِ به ڪميسار اليڪسيءَ جي ”منجهيل سٽ“ کي سلجهائڻ ۾ لڳو
رهيو. هڪ ڏينهن، جڏهن هو بدستور گم سم پيو هو ته
هن ڪميسار جو آواز ٻڌو:
” اليڪسي! اچي وٺ، هي پڙهي ڏس. هي تنهنجي باري ۾ آهي.“
استيپان ڏانهس هڪ رسالو وڌايو، جنهن ۾ هڪ مضمون هو، جنهن تي
پينسل جو نشان لڳل هو. اليڪسيءَ سڄي صفحي تي نظر
ڊوڙائي، پر ڪٿي به کيس سندس نالو لکيل ڏسڻ ۾ ڪونه
آيو. هي مضمون پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي روسي
هوابازن متعلق هو. ان صفحي تي هڪ نوجوان آفيسر جو
اڻ سڃاتل چهرو کيس گهوري رهيو هو.
”پڙهه، پڙهه، اهو تنهنجي ئي لاءِ لکيو ويو آهي.“ ڪميسار چيو.
ميريسئف مضمون پڙهيو. هي مضمون هڪ روسي هواباز ليفٽيننٽ وليريان
ڪارپووچ متعلق هو. دشمن جي مورچي تي اڏامندي کيس
پير ۾ گولي لڳي هئي. هو چچريل پير سان نه صرف
هوائي جهاز اڏائيندو رهيو، پر ڪاميابيءَ سان هوائي
اڏي تي لهي به ويو. سندس پير وڍيو ويو، پر هو
نوجوان فوج مان نڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. تنهن ڪري
سندس لاءِ هڪ نقلي پير ايجاد ڪيو ويو. هو ڪيترن
ڏينهن تائين سخت مشق ڪندو رهيو ۽ جنگ جي ختم ٿيندي
ئي هو فوج ۾ واپس موٽي آيو. هن کي هوابازيءَ جي هڪ
تربيت اسڪول ۾ انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ جيئن مضمون
۾ لکيل هو ته ”هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي هوائي جهاز کي
اڏائڻ جي جوکم جو ڪم به ڪندو آهي.“ کيس انعام ۾
آفيسرن جو ”سينٽ جارج ڪراس“ مليو هو ۽ هو هڪ هوائي
حادثي ۾ فوت ٿيڻ تائين هوائي فوج ۾ خدمتون سرانجام
ڏيندو رهيو.
اليڪسيءَ هڪ ڀيرو، ٻيو ڀيرو ۽ وري ٽيون ڀيرو به مضمون پڙهيو.
اڀرڙو نوجوان ليفٽيننٽ پنهنجي ٿڪل پر پُرعزم چهري
سان کيس ڏسي رهيو هو. سندس چپن تي هڪڙي ٿڪل پر
دلير مرڪ پکڙيل هئي. انهيءَ عرصي دوران سمورو وارڊ
هڪ عجيب تانگهه سان اليڪسيءَ کي ڏسندو رهيو. هن
پنهنجي آڱرين سان پنهنجي وارن کي سنواريو ۽ مضمون
تي چوطرف پينسل سان نشان ڪري ڇڏيو.
”تو مضمون پڙهيو؟“ ڪميسار معنيٰ خيز نگاهن سان کيس ڏسندي چيو.
اليڪسي خاموش رهيو، پر سندس نظر اڃا تائين مضمون
تي ٽڪيل هئي. ”ها ڇا ٿو چوين؟“
”پر هن جو ته هڪڙو پير وڍيل هو.“
”پر تون اشتراڪي هواباز آهين.“
”هو ته فارمين جهاز اڏائيندو هو، اهو به ڪو جهاز هو. اهو ته
رانديڪو هو. ان کي اڏائڻ آسان هو، ان لاءِ ڪنهن
مهارت يا تيز رفتاريءَ جي ضرورت ڪانه هئي.“
”پر تون ته اشتراڪي هواباز آهين.“ ڪميسار پنهنجي ڳالهه تي ڄميو
رهيو.
”سوويت هواباز“اليڪسيءَ ساڳئي طرح مضمون تي نظر ڄمائيندي
بيخوديءَ جي انداز ۾ دهرايو. پوءِ ڪنهن اندروني
روشنيءَ سان سندس چهرو ٻهڪي رهيو هو ۽ پوءِ هن جي
اکين ۾ جوت وري آئي ۽ هو حيران ۽ مسرت ڀريءَ نگاهه
سان پنهنجي بيمار ساٿين کي ڏسڻ لڳو.
ان رات هو هڪ پل لاءِ به ڪونه ستو. سمورو وارڊ گهري ننڊ ۾ ستو
پيو هو. گووزديف پنهنجي بستري تي پاسا ورائي رهيو
هو. استيپان ائين کونگهرا هڻي رهيو هو، ڄڻ سيٽي
وڄائي رهيو هجي. ائين ٿي لڳو ڄڻڪ سندس جگر ڦاٽي
پوندو ۽ ڪميسار هَرَ هَرَ پئي پاسا بدلايا ۽ سندس
ڀيٽيل ڏندن مان ڪنجهڪار نڪريو ٿي ويئي. ليڪن
اليڪسيءَ ڪجهه ڪونه ٿي ٻڌو. رکي رکي هن وهاڻي
هيٺان رسالو ڪڍي، بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ليفٽيننٽ جو
مسڪرائيندڙ چهرو ٿي ڏٺو ۽ نيٺ پاڻمرادو چيائين:
”ڪم ته جان جوکي ۾ وجهڻ جهڙو هو، پر تو ڪري
ڏيکاريو ۽ منهنجو ڪم توکان به ڏهوڻو خطرناڪ آهي،
پر آءٌ به ڪري ڏيکاريندس.“
اڌ رات جو اوچتو ڪميسار جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي ويئي. اليڪسيءَ
ڏٺو ته هو سڄو هيڊو ٿي ويو هو ۽ بنهه خاموش سيٽيو
پيو هو. هن زور زور سان گهنٽي وڄائي. ڪلاوديا
اگهاڙي مٿي سان ڊوڙندي آئي. کن پل ۾ هائوس سرجن
پهچي ويو. ڪميسار کي ڪافور جي سئي لڳائي ويئي ۽
آڪسيجن جي ٿيلهي چاڙهي وئي، پر ائين ٿي لڳو ته
ڪابه تدبير ڪامياب ڪانه ٿي ويئي. آخرڪار ڪميسار
اکيون کوليون ۽ هن ڪلاوديا کي ڏسي مسڪرائي ڏنو، پر
سندس مسڪراهٽ ايتري ته هلڪي هئي، جيڪا ڏسڻ ۾ به
ڪانه ٿي آئي. هن جهيڻي آواز ۾ چيو:
”مون کي افسوس آهي جو توهان مون ڪاڻ خواه مخواه ايترا پريشان
ٿيا آهيو. آءٌ هن ڀيري به جهنم ۾ پهچي نه سگهيس،
تنهن ڪري موهيڙن جي دوا ڪانه آندي اٿم. هاڻي ته
توکي موهيڙن سان ٺاهه ئي ڪرڻو پوندو. ٻيو ڪو چارو
ڪونهي!“
انهيءَ کل ڀوڳ سان سڀني جي منهن تي سرهائي ڊوڙي آئي. هو ڄڻ ته
هڪ شاهه بلوط جو قداور وڻ هو، جيڪو هر طوفان جو
مقابلو ڪري سگهيو ٿي. هائوس سرجن وارڊ مان هليو
ويو. ڪلاوديا کان سواءِ ٻيا سڀ نوڪر چاڪر هليا
ويا. هوءَ ڪميسار جي کٽ جي ايسن تي ويهي رهي. مريض
سڀ سمهي پيا، صرف اليڪسيءَ کي ننڊ ڪانه آئي. هو
رڳو اکيون پوريو پيو هو. هو انهن نقلي پيرن جي
باري ۾ سوچي رهيو هو، جيڪي ڌاڳن سان هوائي جهاز جي
پينڊلن سان ٻڌجي سگهيا ٿي. کيس پنهنجي استاد
هواباز جي ڳالهه ياد آئي. گهرو لڙائيءَ جي زماني ۾
ڪو هواباز هو، جنهن جون ٽنگون ننڍيون هيون. هن
انجڻ جي پينڊلن ۾ ڪاٺ جا ٽڪرا لڳائي ڇڏيا هئا.
”آءٌ به تو جهڙو ثابت ٿيندس، يار جاني.“ هو ڪارپووچ کي پڪاريندو
رهيو: ”آءٌ اڏامندس، آءٌ اڏامندس!“ اهي لفظ ڏاڍي
خوشيءَ مان سندس دماغ ۾ گونجندا رهيا ۽ ننڊ کي تڙي
ڪڍندا رهيا. هو اکيون بند ڪريو ماٺ مٺيءَ ۾ پيو
هو. ائين پئي لڳو ڄڻڪ هو گهري ننڊ ۾ مسڪرائي رهيو
هجي.
ائين پوندي پوندي هن گفتگو ٻڌي، جيڪا پوءِ کيس انتهائي مشڪل
موقعن تي ياد ايندي رهندي هئي.
”پر هي سڀ ڪجهه تون ڇو ٿو ڪرين؟ ايڏي ساري عذاب ۽ پيڙاهه ۾ کلڻ
۽ کل ڀوڳ ڪرڻ انتهائي خطرناڪ ڪم آهي. جڏهن آءٌ
سوچيان ٿي ته تون ڪيڏي نه اذيت ڀوڳي رهيو آهين،
تڏهن آءٌ دل جهلي نٿي سگهان. تون هڪ جدا وارڊ ۾ ڇو
نٿو وڃڻ چاهين؟“
ائين لڳو پئي ته هيءَ نيڪدل ۽ خوبصورت ۽ بظاهر جذبات کان خالي
نرس ڪلاوديا ڪانه پئي ڳالهائي، پر هي ته عورت جو
آواز هو ـــــــ هڪ مخلص ۽ شڪي عورت جو! هن جي
آواز مان ڏک ۽ شايد ٻيو به ڪجهه ٽپڪي رهيو هو.
ميريسئف اکيون کولي ڇڏيون. بتيءَ جي روشنيءَ ۾
وهاڻي تي کيس ڪميسار جو زرد ۽ سڄيل چهرو نظر آيو.
ان جون مهربان ۽ شعلا ڪڍندڙ اکيون نظر آيون ۽ عورت
جي نرم ۽ نازڪ چهري جو هڪڙو رخ نظر آيو. ميريسئف
پنهنجي نگاه اتان هٽائي نه سگهيو، حالانڪه کيس خبر
هئي ته اها ڪا سٺي عادت ڪانهي.
”اڙي، اڙي، هي ڇا! منهنجي پياري نرس! توکي هرگز روئڻ نه گهرجي،
توکي ٿورو برومائيڊ ڏيان؟“ ڪميسار ڄڻ ڪنهن معصوم
ٻچڙيءَ کي پرچائي رهيو هو.
”چڱو تون وري مسخري پيو ڪرين. تون ڪيڏو نه عجيب ماڻهو آهين. سچ
پچ ته هيءَ ڳالهه ڏاڍي عجيب ٿي لڳي ته هڪ ماڻهو ان
مهل ٽهڪ ڏئي، جنهن گهڙيءَ کيس اوڇنگارون ڏئي روئڻ
گهرجي، ان وقت ڪنهن ٻئي جي دلجوئي ڪرڻ جڏهن پاڻ
خود درد ۽ تڪليف کان بُل کائي رهيو هجي. منهنجا
پيارا، منهنجا جاني! هاڻي اڳتي ان قسم جي ڪا حرڪت
نه ڪج، ٻڌين پيو منهنجي ڳالهه ته آءٌ ڇا پئي
چوان؟“
هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ روئڻ لڳي ۽ ڪميسار محبت ڀري نگاهه سان
سندس لڏندڙ ڪلهن کي ڏسي رهيو هو.
”تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي، منهنجي مٺڙي! تمام گهڻي دير ٿي چڪي
آهي. مون کان پنهنجي ذاتي معاملن ۾ هميشه دير ٿي
ويندي آهي. آءٌ هميشه ٻين جي معاملن ۾ سرگرم رهيو
آهيان ۽ هاڻي سمجهان ٿو ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي
آهي. هاڻي ته ڪجهه به نٿو ٿي سگهي.“ ڪميسار ٿڌو
ساهه کنيو. نرس ڪنڌ مٿي کنيو ۽ لڙڪن ڀريل اکين سان
اشتياق سان ڏانهس ڏسڻ لڳي. هن مسڪرايو ۽ ٻيهر ٿڌو
ساه کنيائين. هن پنهنجي خاص پيار ڀري ۽ ڪجهه
ڀوڳائي انداز ۾ چيو: ”منهنجي عقلمند ڇوڪري! هڪ
ڪهاڻي ٻڌ، جيڪا مون کي هاڻي هاڻي ياد پئي آهي.
گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي، گهرو لڙائيءَ جو زمانو
هو. ترڪستان ۾ هي واقعو پيش آيو هو. ها، انقلاب
دشمن ڦورن جو پيڇو ڪندي گهوڙي سوارن جو هڪ جٿو
اڳتي وڌندي وڃي ريگستان ۾ ڦاٿو. هڪڙي اهڙي ويران
بيابان ۾، جتي هڪ هڪ ٿي گهوڙا ڊهڻ لڳا. ڇو ته هي
روسي گهوڙا هئا ۽ کين واريءَ ۾ هلڻ جي عادت ڪانه
هئي. تنهن ڪري اسان جو گهوڙيسوارن جو جٿو پيادل
جٿي ۾ تبديل ٿي ويو. دستي جي اڳواڻ فيصلو ڪيو ته
اسان پنهنجو سمورو سامان ڇڏي ڏيون ۽ فقط هٿيار کڻي
ڪنهن ويجهي شهر ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪريون. ويجهي ۾
ويجهو شهر به سٺ ڪلوميٽر پنڌ تي هو ۽ اسان کي
وارياسي ميدان ۾ پنڌ ڪرڻو پيو. منهنجي ننڍڙي
ڇوڪري، ڇا تون اهو تصور ڪري سگهين ٿي؟ اسان هڪ
ڏينهن هلياسين، ٻئي ڏينهن هلياسين، ٽئين ڏينهن
هلياسين. سج مان باهه جا اُلا پئي نڪتا. اسان وٽ
پاڻي ڪونه هو، اسان جا وات سڪي ويا، چپ ڦاٽڻ لڳا.
هوا سان واري پئي اڏاڻي. واري اسان جي پيرن هيٺان
سُر سُر ڪري رهي هئي، اسان جي ڏندن ۾ ڪرچ ڪرچ
ٿيندي هئي. واري اسان جي اکين ۾ چڀندي هئي ۽ اسان
جي نڙيءَ ۾ ڦاسندي هئي. آءٌ چوان ٿو ته هي هڪ
انتهائي خوفناڪ تجربو هو. جيڪڏهن ڪو ٿاٻو کائي
ڪريو ٿي ته منهن ڀر واريءَ تي پيو هوندو هو ۽
هزارين ڪوششن سان به کانئس اٿيو نٿي ٿيو. ياڪوف
نالي اسانجو هڪ ڪميسار هو، ڏسڻ ۾ ڏاڍو نازڪ مزاج ۽
اڀري جهڙو دانشور ٿي لڳو. هو تاريخدان هو ۽ هڪ
زبردست انقلابي به هو. ائين ٿي لڳو ته هو سڀني کان
اڳ ڪرندو. پر هو اڳيان وڌندو رهيو ۽ ٻين سمورن جو
حوصلو وڌائيندو رهيو. ”بس هاڻي گهڻو پنڌ ڪونهي،
اسين اجهو پهتاسين.“ هو بار بار دهرائيندو رهيو ۽
جيڪڏهن ڪو واريءَ تي ليٽي پوندو هو ته هو پنهنجو
پستول سندس ڇاتيءَ تي رکي چوندو هوس ته ”اٿي هل،
نه ته گوليءَ سان اڏائي ڇڏيندوسانءِ.“ چوٿين ڏينهن
اسين شهر کان صرف 15 ڪلوميٽر پنڌ تي هئاسين. پر
سپاهين ۾ هلڻ جي بنهه طاقت ڪانه بچي هئي. اسين
ائين پئي هلياسين، ڄڻ نشي ۾ چور هجون ۽ ٿڙندا
ٿاٻڙندا پئي وياسين. اوچتو ڪميسار هڪ گيت ڳائڻ
شروع ڪيو. سندس آواز بنهه بي سرو هو ۽ هن جيڪو گيت
پئي ڳايو، سو به بنهه بيوقوفاڻو هو. هي هڪ فوجي
گيت هو، جيڪو پراڻي فوج ۾ ڳايو ويندو هو. پر اسان
سڀ ساڻس گيت ڳائڻ ۾ شامل ٿي وياسين. مون حڪم ڏنو
ته صف سڌي ڪريو ۽ سڀ سپاهي قدم ملائي هلڻ لڳا.
توکي يقين ڪونه ايندو ته اسان لاءِ هلڻ ڪجهه آسان
ٿي پيو هو.
ان کان پوءِ اسان ٻيو گيت ڳايو، پوءِ ٽيون ۽ اهڙي طرح ڳائيندا
رهياسين. ڇا تون اهو تصور ڪري سگهين ٿي؟ آه، کَلَ
ساڙيندڙ گرمي ۽ اسين پنهنجن سڪل ۽ ڦاٽل چپن سان
گيت ڳائيندا رهياسين. اسان کي جيترا گيت آيا ٿي،
سي سڀ اسان ڳاتا ۽ آخرڪار اسين شهر پهچي وياسين.
اسان جو هڪڙو ساٿي به بيابان ۾ رهجي ڪونه
ويو........ چئو تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
”ڪميسار جو ڇا ٿيو؟“
”ڪميسار زنده سلامت آهي. چڱو ڀلو آهي. آثار قديمه جو پروفيسر
آهي. پراڻين آثارن جي کوٽائي ڪرائيندو آهي. هي سچ
آهي ته ان ڏينهن گيت ڳائڻ کان پوءِ سندس آواز تان
کيس هٿ ڌوئڻا پيا. هاڻي هو بنهه جهيڻي آواز ۾
ڳالهائي سگهي ٿو. پر هاڻي کيس آواز جي ضرورت به
ڪهڙي آهي؟........ چڱو، اڄوڪي رات بس، ڪهاڻيون
ختم. هاڻي وڃ، وڃي سمهي پئو پياري ڇوڪري، آءٌ هڪ
گهوڙيسوار سپاهيءَ جي حيثيت سان توسان واعدو ڪريان
ٿو ته اڄ رات ٻيهر آءٌ ڪونه مرندس.“
آخرڪار ميريسئف گهري ننڊ ۾ سمهي پيو ۽ هن خواب ۾ هڪ عجيب وغريب
واريءَ جو بيابان ڏٺو. هن زخمي ۽ رت ٿُڪيندڙ وات
ڏٺا ۽ انهن رت ٿڪيندڙ ڦاٽل چپن مان گيت ڦٽي پئي
نڪتا. هن ڪميسار ’ولودين‘ کي به ڏٺو، جو خواب ۾
جلندڙ پئي لڳو.
هو تمام گهڻي دير کان پوءِ اٿيو. ان وقت منجهند ٿي چڪي هئي. هو
اٿيو ته سندس دل خوشيءَ جي احساس سان ڀريل هئي. هن
جي نگاهه رسالي تي پيئي، جيڪو ننڊ ۾ به سندس هٿ ۾
هو. رسالي جي مڙيل سڙيل صفحي تي هن ليفٽيننٽ
ڪارپووچ جي تصوير ڏٺي، جنهن جي چهري تي مرڪ پکڙيل
هئي. هن صفحو درست ڪيو ۽ هواباز کي اک ڀڳائين.
ڪميسار هٿ منهن ڌوئي، ڦڻي ڏيئي چڪو هو ۽ مسڪرائي اليڪسيءَ جو
جائزو وٺي رهيو هو.
”تو هن کي اک ڇو ڀڳي؟“ ڪميسار خوش ٿيندي پڇيو.
”آءٌ هوائي جهاز اڏائيندس.“
”پر ڪيئن؟ هن جي ته فقط هڪ ٽنگ غائب هئي ۽ تنهنجيون ٻئي ٽنگون
ڪونهن.“
”پر آءٌ ته اشتراڪي انسان آهيان، آءٌ رڳو روسي ناهيان!“
سندس زبان مان هي لفظ ڪجهه اهڙي انداز ۾ نڪتا جي اهي هن ڳالهه
جي ضمانت بنجي ويا ته هو ليفٽيننٽ ڪارپووچ کي ضرور
مات ڏيندو ۽ اڏام ڪري ئي ڏيکاريندو.
مانيءَ جو وقت ٿيو ته سندس لاءِ آندل هر شيءِ کائي چٽ ڪري
ڇڏيائين ۽ وڌيڪ ماني گهريائين. هن جي عجيب ڪيفيت
هئي. هو ڪنهن وقت کليو ٿي، ڪنهن ٽاڻي سينڍ پئي
هنيائين ته ڪنهن مهل جهونگاريائين ٿي ته ڪنهن مهل
پنهنجو پاڻ سان پئي ڳالهيون ڪيائين. جنهن وقت
پروفيسر معائنو ڪرڻ آيو ته هن مٿس خاص رعايت جو
فائدو وٺي کانئس پڇيو ته جلد چڱو ڀلو ٿيڻ جي ڪهڙي
ترڪيب آهي؟ پروفيسر ٻڌايس ته کيس تمام گهڻو کائڻ ۽
سمهڻ گهرجي. پوءِ هن منجهند جي ماني به ٻيڻي کاڌي
۽ ڏيڍ ڪلاڪ تائين سمهڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر کيس ننڊ
ڪانه آئي.
خوشي ماڻهوءَ جو پيٽ ڀري ڇڏي ٿي. هن جڏهن پروفيسر تي سوالن جي
وٺ وٺان شروع ڪئي هئي، تڏهن هو اهو ڪجهه ڏسي نه
سگهيو هو، جيڪو ٻين مريضن ڏٺو هو. واسيلي هميسه
وانگر مقرر وقت تي وارڊ ۾ داخل ٿيو هو. ٺيڪ اوڏيءَ
مهل، جنهن وقت پاڇو سڄي فرش کي اورانگي ان جاءِ تي
پهتو هو، جتان هڪ سِير نڪتل هئي. پروفيسر بدستور
ڏاڍي توجهه سان مريضن کي چڪاسي رهيو هو، پر پوءِ
به هر شخص محسوس ڪيو ته سندس اکين ۾ جيڪا اداسي
هئي، اڳ ڪڏهن به نظر ڪانه آئي هئي. اڄ اڳي وانگر
نه هن گوڙ ڪيو، نه ڪنهن کي دڙڪا ڏنائين. سندس سڄيل
اکين جي ڪنڊن وٽ رڳ لڳاتار ڦڙڪي رهي هئي. شام جي
معائني مهل هو بنهه پوڙهو ۽ ڪمزور لڳي رهيو هو. هن
آهستي آهستي وارڊ جي مائيءَ کي ڇينڀيو ته هن صافو
دروازي تي ڇو رکيو آهي؟ هن ڪميسار جي بخار جو چارٽ
کنيو ۽ دوا لکيائين ۽ ماٺ ميٺ ۾ ٻاهر نڪري ويو.
سندس پويان اسپتال جو خاموش قافلو پڻ هليو ويو.
انهن ماڻهن جي چهرن تي به پريشاني لياڪا پائي رهي
هئي. پروفيسر چائنٺ سان ٽڪرائجي ڪرندي ڪرندي بچيو.
ڪنهن وڌي کيس سهارو ڏنو ۽ ڪرڻ کان بچائي ورتو. ان
ڊگهي، ٿلهي متاري ۽ ڳري آواز واري بي پرواهه
ماڻهوءَ جو ايترو خاموش ۽ نرم ٿي وڃڻ ڪجهه عجيب
پئي لڳو. وارڊ جا سمورا مريض حيرت ڀري نگاهه سان
سندس پيڇو ڪري رهيا هئا. انهن سڀني کي هن قداور
مڙس ۽ نيڪدل ماڻهو سان محبت ٿي ويئي هئي ۽ هن جي
انهيءَ تبديليءَ سڀني کي بي چين ڪري ڇڏيو هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سڀني کي خبر پئجي ويئي ته واسيلي واسيلي وچ جو
اڪيلو پٽ اولهه واري محاذ تي مارجي ويو هو. ان جو
نالو به واسيلي واسيلي وچ هو ۽ هو به ڊاڪٽر هو ۽
وڏو سائنسدان پڻ. هو پنهنجي پيءُ جي عزت ۽ شان هو
۽ سندس اکين جو ٺار هو. معائني جو وقت ٿيو ته سڄي
اسپتال پروفيسر جو انتظار ڪرڻ لڳي. خبر ڪانهي ته
پروفيسر ايندو به يا نه؟ وارڊ 42 ۾ هر شخص سج جي
انهيءَ ڪرڻي تي نظر کپايو ويٺو هو، جيڪو آهستي
آهستي فرش تي سري رهيو هو. آخرڪار پاڇو ان نڪتل سر
وٽ پهتو ته سڀني هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو، ڄڻ چوندا
هجن ته اڄ هو ڪونه ايندو. پر بلڪل اوڏي مهل ورانڊي
۾ ڳرن پيرن جو ڄاتل سڃاتل کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو. پروفيسر
ڪلهوڪي مقابلي ۾ اڄ ٺيڪ ته هو، پر پوءِ به سندس
اکيون سڄيل هيون ۽ نڪ به، جيئن عام طرح زڪام ۾
ٿيندو آهي. جيڏي مهل هن ڪميسار جو چارٽ کنيو ته
سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا، پر هو بدستور ڪاروباري ۽
پرجوش ڏسڻ ۾ پئي آيو، توڙي جو سندس بي پرواهي غائب
ٿي چڪي هئي.
ائين پئي لڳو ته ڄڻ مريضن پاڻ ۾ صلاح ڪري ڇڏي هجي ته اڄ هرڪو
مريض پروفيسر کي خوش ڪرڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪرڻ ۾ هڪ
ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي جاکوڙ ڪندو. هر ماڻهوءَ کيس
ٻڌايو ته هو اڄ بهتر پيو محسوس ڪري. بنهه نازڪ
مريض به ساڻس ڪابه شڪايت ڪانه ڪئي ۽ چيو ته هو ٺيڪ
ٿي رهيو آهي. هر ماڻهوءَ اسپتال جي انتظام جي
واکاڻ ڪئي ۽ علاج جي جادوءَ جهڙي اثر جي تعريف
ڪئي. هي محبت ۽ دوستيءَ جي هار ۾ پوتل هڪ خاندان
هو، جنهن کي هڪ مشترڪه غم پاڻ ۾ گڏي هڪ ڪري ڇڏيو
هو.
واسيليءَ کي وارڊ جو چڪر لڳائيندي حيراني ٿي ته آخر ان صبح جو
کيس ايتري غيرمعمولي ڪاميابي ڇو حاصل ٿي رهي آهي؟
پر ڇا واقعي کيس تعجب ٿيو هو؟ شايد هو انهيءَ خاموش ۽ پيار ڀري
سازش کي سمجهي ويو هو ۽ جيڪڏهن ائين هو ته ان
ڳالهه سندس گهري ۽ ناسور جهڙي زخم جو ايذاءُ سهڻ ۾
سندس گهڻي مدد ڪئي.
(9)
اوڀر طرف کلندڙ دريءَ مان موتئي جي ٽاريءَ لياڪا ٿي پاتا، مٿس
تازا پن اُڀريل هئا ۽ گل ٽڙيا هئا. گلن جي مهڪار
هوا جي لهرن سان سڄي وارڊ کي واسي ٿي ڇڏيو ۽ ٿوري
دير لاءِ اسپتال جي مخصوص بوءِ مان جند ڇٽيو ٿي
پئي.
استيپان جون هيرايل جهرڪيون ڪافي متاريون ٿي ويون هيون. هو
دريءَ تي ايترو ته گوڙ ۽ شور مچائينديون هيون، جو
وارڊ جي مائيءَ کي مجبورًا ٻهارو کڻي کين ڀڄائڻو
پوندو هو. ماسڪو درياءَ مان برف ڳري چڪي هئي ۽
درياءُ هاڻي ٻيڙين ۽ جهازن لاءِ کلي چڪو هو.
ڪوڪوشڪن جي سڀني خراب اڳڪٿين جي باوجود به ڪير به
بهار جي وهڪري ۾ ”ڪونه لڙيو......“ سواءِ ڪميسار
جي باقي سڀيئي مريض تيزيءَ سان چڱا ڀلا ٿي رهيا
هئا. هاڻي وارڊ ۾ گهڻو ڪري اسپتال منجهان موڪل ملڻ
جي باري ۾ بحث ٿيندا هئا.
سڀ کان پهريائين استيپان ايوانوچ کي موڪل ملي. وارڊ ۾ ماٺ
ماٺوڙو لڳو پيو هو. اوچتو ڪميسار پاسو ورائي
استيپان ڏانهن نهاريو ۽ جهيڻي آواز ۾ چيائين:
”ڳوٺ ۾ هن وقت ڇا هوندو؟ ڌنڌ ڇانيل خاموشي ڳرندڙ برف هيٺان
گهميل ڄم ۽ زمين، ڪاٺين ۽ دونهي جي بوءِ. وٿاڻ ۾
ڍڳيون پنهنجي پلال وڇايل سيڄ کي کُرن سان پيون
کرڙينديون هونديون. هينئر سندس ڦرجڻ جو زمانو آهي.
بهار جو زمانو....... سوچيان پيو ته عورتون الاجي
زمين ۾ ڀاڻ وجهي سگهنديون يا نه؟ خبر ناهي ته ٻج ۽
هر ڦار جي سامان جو ڪهڙو حال آهي؟ تنهنجو ڇا خيال
آهي؟ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ آهي نه؟“
”تون واقعي جادوگر آهين ڪامريڊ رجمينٽل ڪميسار، تون ٻين جي دلين
جا ڀيد ڄاڻين ٿو.......... ها، بيشڪ هي عورتون
ڏاڍي ڪم واريون آهن، اهو سچ آهي. پر خدا کي خبر ته
اسان کان سواءِ هو ڪيئن پيون ڪم هلائين؟“
وري ماٺ ڇانئجي ويئي. درياءَ ۾ هلندڙ جهاز جي سيٽي وڳي.
”تون ڇا ٿو سمجهين، ڇا هي جنگ جلد ختم ٿي ويندي؟“ استيپان ڪنهن
سبب جي ڪري آهستي پڇيو، ”ڇا هيءَ جنگ مال جي گاهه
جي ڪٽائيءَ کان اڳ ختم ٿي ويندي؟“
ڪميسار جواب ڏنس ته ”تون ڇو ٿو پريشان ٿئين؟ تنهنجي عمر جي
ماڻهن کي ته فوج ۾ طلبي ڪانه ٿي آهي. تون ته
رضاڪار آهين ۽ تون پنهنجي حصي جي جنگ وڙهي چڪو
آهين. جيڪڏهن هاڻي تون درخواست ڏيندين ته توکي
موڪل ملي ويندي ۽ پوءِ تون عورتن جو ڪمانڊر ٿي
ويندين. محاذ جي پٺيان به عملي ماڻهن جي ضرورت
آهي. آهي نه ايئن؟ تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
اهو چئي ڪميسار ايتري ته پاٻوهه ۽ قرب مان پوڙهي سپاهي ڏانهن
نهاريو جو هو جوش ۽ ولولي سببان دريءَ تان ٽپي هيٺ
لهي آيو، ”ڇا چيئي؟ مون کي موڪل ملي ويندي!“ هن
چيو، ”آءٌ به اهو سوچي رهيو آهيان. آءٌ هينئر به
پنهنجو پاڻ کي چئي رهيو هوس ته سمجهو ته آءٌ ڪميشن
کي درخواست ڏيان ٿو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ آخر به ته
آءٌ ٽي جنگيون وڙهي چڪو آهيان. سامراجي جنگ، گهرو
لڙائي ۽ ڪجهه هن جنگ ۾ به. شايد اهو ڪافي آهي.
هان؟ تون مون کي ڪهڙي ٿو صلاح ڏئين؟“
”تون پنهنجي درخواست ۾ لِک ته آءٌ ان ڪري موڪل ٿو وٺان ته جيئن
محاذ پٺيان عورتن سان گڏجي ڪم ڪريان ۽ اهو به لک
ته توهان کي جرمنن کان بچائڻ لاءِ ٻيا به ماڻهو
موجود آهن.“ ميريسئف ڪاوڙ ۾ بي قابو ٿي ويو ۽
پنهنجي پلنگ تان رڙ ڪري چيائين:
استيپان هڪ مجرم وانگر ڏانهس ڏٺو. ڪميسار ڪاوڙ ۾ ڀرون تاڻي چيو
ته ”استيپان مون کي خبر نٿي پوي ته آءٌ ڪهڙي صلاح
ڏيانءِ؟ تون خود پنهنجي دل کان پڇ، تنهنجي سيني ۾
به روسي دل آهي، اها توکي اهڙي صلاح ڏيندي، جنهن
جي توکي ضرورت آهي.“
پر ٻئي ڏينهن استيپان ايوانوچ کي اسپتال مان موڪل ملي ويئي. هو
پنهنجي فوجي ورديءَ ۾ وارڊ اندر موڪلائڻ آيو. سندس
ڇاتيءَ تي ”سوويت يونين جو هيرو“ جو سونهري ٻلو
لڳل هو ۽ گڏوگڏ ”لينن آرڊر“ ۽ ”بهادري جو ٻلو“ به
لڳل هئا. سندس هر هڪ شيءِ مان، بوٽ کان وٺي سندس
وٽيل مڇين تائين هر شيءِ مان هڪ جانباز روسي
سپاهيءَ جو شان نظر اچي رهيو هو. اهڙي سپاهيءَ جي
تصوير پهرئين مهاڀاري جنگ جي زماني ۾ ڪرسمس جي
ڪارڊن تي ڇپي هئي.
”خدا حافظ چوڻ آيو آهيان ڪامريڊ ڪميسار.“
”سڀ سڻائي، استيوپا، سفر خير سان گذرئي.“ ڪميسار جواب ڏنو ۽
پنهنجي پيڙاهه کي لڪائي سپاهيءَ ڏانهن پاسو
ورايائين. سپاهي گوڏن ڀر هيٺ ويٺو ۽ ڪميسار جو وڏو
مٿو هٿن ۾ جهلي پراڻي روسي رواج موجب ٽي ڀيرا هڪ
ٻئي کي چميائون.
”جلدي چڱو ڀلو ٿي وڃ ڪميسار. خدا توکي صحت سان نوازي ۽ وڏي عمر
عطا ڪري. تنهنجي دل سون آهي سون – تون اسان لاءِ
ماءُ پيءُ کان به وڌيڪ آهين. آءٌ زندگي ڀر توکي
ياد رکندس.“ سپاهي ڏاڍي جذباتي انداز ۾ چئي ويو.
”هاڻ وڃ، وڃ استيپان! هن کي جذباتي ۽ هيجاني ڪيفيت کان بچڻ
گهرجي.“ سپاهيءَ کي ٻانهن کان جهلي، ڇڪيندي نرس
ڪلاوديا ميخائلوونا چيو.
”سوويت حور آهين، ها سوويت حور!“ استيپان تعظيم سان نرس کي جهڪي
سلام ڪيو ۽ انتهائي سنجيده لهجي ۾ چيو.
هاڻي هو جذبات کان بنهه وهلورجي ويو هو. کيس سمجهه ۾ نه پيو اچي
ته اڳيان ڇا چئي؟ انهيءَ حالت ۾ دروازي ڏانهن وڌڻ
لڳو.
”اسان توکي ڪهڙي پتي تي خط لکون؟ ڇا سائبيريا جي ايڊريس تي؟“
ڪميسار مسڪرائيندي پڇيو.
”اهو ڇو ٿو پڇين ڪامريڊ؟ توکي ته چڱيءَ طرح خبر آهي ته محاذ تي
وڙهندڙ سپاهيءَ کي ڪهڙي پتي تي خط لکبو آهي؟“
استيپان ڪجهه گهٻراهٽ مان جواب ڏنو ۽ هڪ ڀيرو وري
سڀني کي جهڪي سلام ڪري، در کان ٻاهر نڪري ويو.
هڪڙي عجيب قسم جي سانت ڇانئجي ويئي ۽ سمورو وارڊ خالي خالي
محسوس ٿيڻ لڳو. گهڻي دير کان پوءِ سانت جو سمنڊ
ٽٽو. هرڪو ساٿي پنهنجي پنهنجي محاذ متعلق ڳالهائڻ
لڳو. هاڻي سمورا مريض صحتياب ٿي رهيا هئا، تنهن
ڪري هرڪنهن پئي چاهيو ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو
جلد محاذ تي پهچي وڃي. ڪوڪوشڪن جون پٽيون کلي
چڪيون هيون ۽ هو هلڻ چلڻ لڳو هو. گريگوري پڻ بسترو
ڇڏي چڪو هو. هو هاڻ گهڻو وقت ورانڊي ۾ لڳل آرسيءَ
جي سامهون بيهي پنهنجو منهن ڏسندو رهندو هو.
انيوتا سان سندس جيتري دوستي گهري ٿيندي ويئي،
اوترو ئي يونيورسٽيءَ جي معاملن جي کيس وڌيڪ ڄاڻ
پئي ٿي. جيئن جيئن دوستي وڌندي پئي وئي، تيئن
تيئن پنهنجي سڙيل، چچريل ۽ مسخ چهري کي گهري نظر
سان ڏسڻ جي عادت پڻ وڌي ويس. انڌيري ۾ يا ڪمري جي
اندر ڇانوَ ۾ ته سندس چهرو ايترو ڀيانڪ ڪونه ٿي
لڳو، پر چڱو ئي ٿي لڳو. سندس نقش وڻندڙ هئا. اُڀو
نرڙ، ننڍڙو پر ٿورو جهڪيل نڪ، ننڍڙيون ڪاريون
مڇون، جيڪي اسپتال ۾ ئي نڪري آيون هيس، سنڌڙي انب
جي ڦار جهڙا تازگيءَ سان ڀريل ۽ نوجوانيءَ جي مٺي
رس سان چڪار، ڀريل، پرعزم چپ ـــــــ پر روشنيءَ ۾
صاف ٿي نظر آيو ته سندس چهرو زخمن جي نشانن سان
ڀريل هو ۽ ان جي چوطرف کل ڇڪيل ۽ تاڻيل هئي. جڏهن
هو گرم پاڻيءَ سان غسل ڪري ايندو هو ته جذبات ۾
وهلور هوندو هو ته سندس زخم وڌيڪ ڳاڙها ٿي پوندا
هئا. اوڏي مهل هو آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندو هو ته سندس
اکيون لڙڪن سان ڀرجي وينديون هيون. اوڏي مهل سندس
ڦٽيل دل تي پهو رکڻ لاءِ اليڪسي کيس چوندو هو:
”تون ٻوٿ ڇو بڇڙو ڪري رهيو آهين؟ ڇا توکي فلم جو هيرو ٿيڻ جو
ارادو آهي، هان؟ جيڪڏهن تو واري ساهيڙي جي محبت
سچي آهي ته پوءِ تنهنجي شڪل سان ڪوبه فرق ڪونه
پوندو. پر جيڪڏهن ڪو فرق پوي ٿو ته پوءِ ظاهر آهي
ته ڇوڪري نادان آهي. اهڙي حالت ۾ ڇوڪريءَ کي چئي
ڇڏ ته جهنم ۾ وڃي پوي. جند ڇٽئي ته لک ٿيو. توکي
وري ڪو اصلي هيرو ملي ويندو.“
”اي، سڀئي عورتون هڪ جهڙيون هونديون آهن.“ وچ ۾ ڪوڪوشڪن ٽپو
کاڌو.
”پنهنجي ماءُ جي باري ۾ به ڇا تنهنجو ساڳيو خيال آهي؟“ ڪميسار
پڇيو.
ڪوڪوشڪن تي انهيءَ خاموش سوال جيڪو اثر ڪيو، تنهن کي لفظن ۾
بيان ڪري ئي نٿو سگهجي. هو ٽپ ڏيئي پنهنجي پلنگ تي
اٿي بيٺو. سندس اکين مان شعلا نڪرڻ لڳا ۽ منهن
سفيد ڪاغذ جهڙو اڇو ٿي ويس.
”هاڻي آئين نه گس تي! ته توکي خبر پيئي نه ته دنيا ۾ تمام ڀليون
عورتون به هونديون آهن.“ ڪميسار صلاح واري انداز ۾
چيو. ”تون هي ڇو ٿو سوچين ته گريشيا خوش نصيب ثابت
ڪونه ٿيندو؟ زندگيءَ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي، ڳولڻ
واري کي خدا به مليو وڃي.
مطلب ته سڄي وارڊ ۾ زندگيءَ جي هڪ نئين لهر ڊوڙي ويئي. فقط
ڪميسار جي طبيعت روز بروز نازڪ ٿيندي ويئي. هو رڳو
ڪافور ۽ مارفيا سُين جي وسيلي ئي زنده هو. استيپان
جي وڃڻ کان پوءِ ته هيڪاري سندس صحت ڪرندي پئي
ويئي. ميريسئف درخواست ڪئي ته سندس پلنگ ڪميسار جي
پلنگ کي اڃا به ويجهو ڪيو وڃي ته جيئن ضرورت مهل
هو سندس ڪا مدد ڪري سگهي. هو روز بروز ڪميسار کي
ويجهو ٿيندو پئي ويو.
اليڪسيءَ کي خبر هئي ته پيرن کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي ۽ ٻين
ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سندس زندگيءَ ۾ ته اڃا به وڌيڪ
مونجهارا ٿيندا. تنهن ڪري هو خودبخود هڪ اهڙي
ماڻهوءَ کي ويجهو ٿيندو پئي ويو، جنهن کي جيئڻ جو
ڍنگ آيو ٿي، جيڪو پاڻ معذور هجڻ جي باوجود به ٻين
کي پاڻ ڏانهن چقمق جيان ڇڪيندو هو. هاڻي ڪميسار
بيهوشيءَ ۽ گهر مان مشڪل سان جند ڇڏائيندو هو. پر
جيڏي مهل به هو مڪمل هوش ۾ هوندو هو ته هميشه
وانگر بنهه تازو توانو پيو لڳندو هو.
هڪ ڀيري جڏهن رات ٺري چڪي هئي ۽ اسپتال جو سمورو گوڙ گهمسان
دٻجي چڪو هو ۽ جڏهن ان سانت کي فقط کونگهرا،
ڪنجهڪارون ۽ سرسام ۾ وڦلندڙ مريضن جون ابتيون
سبتيون ڳالهيون ٽوڙي رهيون هيون، تڏهن ورانڊي ۾
ساڳي ڄاتل سڃاتل ڳرن قدمن جي آهٽ ٻڌڻ ۾ آئي.
دروازي ۾ لڳل آرسيءَ ۾ ميريسئف ورانڊي جي هلڪي
روشني ۾ واسيلي جو پاڇو ڏٺو. هو پٺيان چيلهه تي هٿ
رکيو آهستي آهستي هلي رهيو هو. آخري ڇيڙي تي ويٺل
نرس، جنهن سوئيٽر پئي اُڻيو، ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي. پر
هن هٿ جي اشاري سان کيس هڪ طرف هٽي وڃڻ جو چيو.
سندس سفيد ڪوٽ جا بٽڻ کليل هئا. سندس مٿو اگهاڙو
هو. سندس سفيد گهاٽن وارن جون چڳون لڙڪي ڀروئن
مٿان پئجي رهيون هيون.
”واسيا پيو اچي.“ ميريسئف آهستي آهستي ڪميسار کي ٻڌايو، جنهن
کيس نقلي پيرن جي ڪا خاص بناوت پئي سمجهائي.
واسيلي وچ بيهي رهيو، ڄڻڪ سندس سامهون ڪا رنڊڪ اچي ويئي هجي. هن
ڀڻ ڀڻ ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڀت کان الڳ ڪري وارڊ 42
۾ گهڙي آيو. ڪمري جي وچ تي بيهي ڏاڙهي کنهڻ لڳو،
ڄڻڪ ڪا شيءِ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. سندس وات
مان شراب جي بوءِ اچي رهي هئي.
”اچو ويهو واسيلي وچ. اچو ته پاڻ شام جي محفل مچايون.“ ڪميسار
چيو.
پروفيسر پنهنجا پير گهليندو پلنگ وٽ پهتو ۽ پاڻ کي پلنگ جي
ڪناري تي ايترو ته زور سان ڇڏيائين جو پلنگ جي
اسپرنگن مان چيڪٽ نڪري ويا. هو پنهنجا لؤڻا مهٽڻ
لڳو. اڳي هو دوري مهل ڪميسار جي پلنگ وٽ بيهي جنگ
جي رفتار متعلق گفتگو ڪندو هو، جنهن مان اهو صاف
ظاهر هو ته هو ڪميسار کي ٻين مريضن کان الڳ حيثيت
ڏيندو هو. تنهن ڪري پوئين رات هن جو اچڻ ڪا نئين
ڳالهه ڪانه هئي. پر ميريسئف کي ائين لڳو، ڄڻ هو
ٻئي ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيندا هجن، جيڪا ڪو ٽيون نه
ٻڌي. تنهن ڪري هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، ڄڻ ته ستو
پيو آهي.
”اڄ 29 اپريل آهي، هن جو جنم ڏينهن. هو اڄ 36 سالن جو ٿيو، نه
نه، هُجي ها!“ پروفيسر جهيڻي آواز ۾ چيو.
ڏاڍي مشڪل سان ڪميسار پنهنجو سُڄيل هٿ ڪمبل مان ٻاهر ڪڍيو ۽
واسيلي واسيلي وچ جي هٿ مٿان رکيو. اوڏي مهل هڪڙي
ناقابل يقين ڳالهه ٿي. پروفيسر جي اکين مان لڙڪن
جون لارون وهڻ لڳيون. هيڏي ساري ڏئيت مڙس کي ائين
اوڇنگارون ڏيئي روئيندو ڏسڻ ڏاڍو درد انگيز مرحلو
هو. اليڪسيءَ بنا ارادي جي پنهنجا ڪلها ڇنڊيا ۽
مٿو ڪمبل ۾ لڪائي ڇڏيو.
”محاذ تي وڃڻ کان اڳ هو مون وٽ آيو هو.“ پروفيسر ڳالهائڻ شروع
ڪيو: ”هن چيو ته آءٌ عوامي رضاڪارن ۾ شامل ٿي ويو
آهيان. هن مون کان پڇيو ته کيس سونپيل ڪم ڪنهن جي
حوالي ڪري . هو هتي مون سان گڏ ڪم ڪندو هو. مون کي
ايتري ته حيرت ٿي جو مون کان رڙ نڪري ويئي. آءٌ
سمجهي نه سگهيس ته هڪڙو ماڻهو، جيڪو ڊاڪٽريءَ جو
اميدوار هجي ۽ هڪ بهترين سائنسدان ٿيڻ جون منجهس
صلاحيتون هجن، سو رائيفل ڪيئن ٿي کڻي سگهيو؟ پر هن
سوچيو ـــــــــ مون کي سندس هر هڪ لفظ چٽي طرح
ياد آهي ـــــــــ ”بابا، اهڙو به وقت اچي ٿو،
جڏهن ڊاڪٽريءَ جي اميدوار لاءِ به رائفل کڻڻ لازمي
ٿيو پوي ٿي.“ ها، هن مون کي ائين چيو هو ۽ ٻيهر
مون کان پڇيو هئائين: ”منهنجي جاءِ تي ڪير ايندو؟“
منهنجي لاءِ کيس روڪڻ ته ڪو مسئلو ئي ڪونه هو، رڳو
ٽيليفون کڙڪائڻ جي ضرورت هئي. پر مون ائين نه ڪيو.
هو هڪ فوجي اسپتال جي هڪ شعبي جو ذميوار هو، ڪيئن
منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه؟“
واسيلي واسيلي وچ بيهي رهيو. هو وڏا وڏا گهرا ساهه کڻي رهيو هو،
ڄڻ کونگهرا هڻندو هجي. هن وري ڳالهايو:
”پيارا دوست، ائين نه ڪر. پنهنجو هٿ اندر ڪري ڇڏ. مون کي خبر
آهي ته تنهنجي لاءِ چرڻ پرڻ به ڪيڏي تڪليف جو باعث
ٿي سگهي ٿو. ها، مون سڄي رات ويٺي سوچيو ته ڇا
ڪريان؟ خبر اٿئي ته آءٌ هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي به
سڃاڻندو هوس. تون سمجهين ٿو منهنجي ڳالهه؟ هن جو
به هڪڙو پٽ هو. هو هڪ آفيسر هو ۽ جنگ شروع ٿيڻ وقت
ئي مارجي ويو هو. پوءِ خبر اٿئي ته پڻس ڇا ڪيو؟ هن
پنهنجي ٻئي پٽ کي به جنگ تي روانو ڪري ڇڏيو. سندس
ٻيو پٽ وري جنگي هوائي جهاز جو هواباز هو. جنگ جو
سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ شعبو..........! مون کي اوڏيءَ
مهل اهو ماڻهو ياد آيو ۽ مون کي منهنجي سوچ تي
شرمندگي ٿيڻ لڳي ۽ مون پٽ کي روڪڻ لاءِ ڪنهن کي به
ٽيليفون ڪانه ڪئي......“
”ڇا هاڻي توکي ان ڳالهه جو افسوس آهي؟“
”نه، هرگز نه. ڇا تون منهنجي هن حالت کي افسوس ڪرڻ سڏين ٿو؟ آءٌ
خود پنهنجو پاڻ کان پڇندو آهيان ته ڇا آءٌ پاڻ
پنهنجي اڪيلي پٽ جو قاتل آهيان؟ هو هن وقت هتي هجي
ها ته اسين سڀئي گڏجي پنهنجي ملڪ لاءِ وڌيڪ مفيد
ڪم ڪري سگهون ها. هو باصلاحيت هو، هو ڏاڍو مضبوط،
بهادر ۽ سچار هو. هو روسي ڊاڪٽريءَ جي ميدان ۾ هڪ
مايه ناز هستي ٿي سگهيو ٿي....... ها جيڪڏهن آءٌ
ٽيليفون ڪري ڇڏيان ها.“
”ڇا توکي افسوس آهي ته ٽيليفون ڇو ڪانه ڪيئي؟“
”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟ آه.......... ها، مون کي خبر ڪانهي......
مون کي خبر ڪانهي......“
”سمجهو ته اهو واقعو کڻي اڄ پيش اچي ته ڇا توهان ڪو ٻيو رويو
اختيار ڪندؤ؟“
ماٺ ڇانئجي ويئي مريضن جي ساهه جو هڪ جهڙو آواز اچي رهيو هو.
پروفيسر پنهنجي خيالن ۾ ٻڏيو پيو هو.
”ها؟“ ڪميسار اهڙي لهجي ۾ پڇيو، جنهن ۾ همدردي ۽ غمگساريءَ جي
گونج به شامل هئي.
”مون کي خبر نه آهي..... تنهنجي سوال جو مون وٽ ڪوبه ٺهيل ٺڪيل
جواب ڪونهي. مون کي خبر ڪانهي، پر مون کي ائين ٿو
لڳي ته جيڪڏهن اهي ڳالهيون ٻيهر دهرائجن ته آءٌ به
اهو ئي ڪجهه ڪندس، جيڪو هن کان اڳ ڪري چڪو آهيان.
آءٌ نه ته ٻين روسي پيئرن کان وڌيڪ بهتر آهيان ۽
نه ئي ڪو انهن کان بدتر ئي آهيان...... الا! جنگ
ڪيڏي خوفناڪ شيءِ آهي......!“
”يقين ڪريو ته هيءَ خبر ٻين پيئرن لاءِ به ايتري ئي خوفناڪ آهي،
جيتري توهان جي لاءِ آهي. ان کي برداشت ڪرڻ انهن
لاءِ به ايترو آسان ڪونهي.“
واسيلي واسيلي وچ گهڻي دير تائين خاموش ويٺو رهيو. انهن سست
گهڙين ۾ هو ڇا سوچي رهيو هو؟ سندس اڀريل ۽ سَريل
نراڙ ۾ ڪهڙيون سوچون اُڀري رهيون هيون؟
”ها، تون ٺيڪ پيو چوين.“ هن آخرڪار چيو. ”ها، هن لاءِ برداشت
ڪرڻ آسان ڪونه هو، پر پوءِ به هن پنهنجو ٻيو پٽ به
جنگ تي روانو ڪيو....... تون ڀلو ماڻهو آهين.
تنهنجي مهرباني ڀلا ماڻهو، تنهنجي وڏي وڏي مهرباني
منهنجا پيارا دوست، ها هاڻي ان کان سواءِ ٻيو ڪو
چارو به ڪونهي.“
هو پلنگ تان اٿيو. هن تمام گهڻي نرميءَ ۽ احتياط سان ڪميسار جو
هٿ کڻي ڪمبل اندر رکيو ۽ چوطرف ڪمبل سولو ڪري ماٺ
مٺيءَ ۾ ڪمري مان نڪري ويو.
رات جي پڇاڙڪي حصي ۾ ڪميسار تي بيماريءَ جو ڏاڍو حملو ٿيو. هو
بيهوش پيو پنهنجي بستري تي تڙپندو رهيو، ڏند
ڪرٽيندو ۽ ڪنجهندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن هو خاموش ٿي
ويندو هو ۽ پيرن کان وٺي مٿي تائين سيٽجي ويندو
هو. هر ماڻهوءَ سمجهيو ته هي سندس آخري وقت آهي.
هن جي حالت ايتري ته خراب هئي جو واسيلي واسيلي وچ
پاڻ آيو ــــــــ هو پنهنجي پٽ جي مارجي وڃڻ کان
پوءِ پنهنجي وڏي خالي گهر مان اچي اسپتال جي هڪڙي
ننڍڙي ڪمري ۾ رهيو هو ۽ هڪ معمولي پلنگ تي سمهندو
هو ـــــــــ هن ڪميسار جي بستري تي پردو وجهڻ جو
حڪم ڏنو. سڀني کي خبر هئي ته پردي وجهڻ جو مطلب هي
آهي ته شايد مريض کي وارڊ نمبر 50 ۾ کڻي وڃڻو پوي.
ڪافور ۽ آڪسيجن جي مدد سان هن جي نبض کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي ويا ۽ پوءِ رات وارا سرجن ۽ واسيلي
واسيلي وچ واپس هليا ويا ته جيئن باقي جيڪا رات
بچي آهي، سا سمهي گذارجي. ڪلاوديا نرس لڙڪن سان
پسيل چهري سان مريض وٽ ويٺي رهي. ميريسئف سمهي نه
سگهيو. هو ڊپ ۾ پيو سوچيندو رهيو ته ”ڇا واقعي هي
آخري وقت آهي؟“ ظاهر هو ته ڪميسار اڃا تائين
خوفناڪ درد ۽ ايذاءُ ۾ ورتل هو. هو بار بار وڦلي
رهيو هو. ”پيئڻ، پيئڻ، پيئڻ ڏيو.“
نرس سمجهيو ته مريض کي پاڻي جي ضرورت آهي. سا پاڻي جو گلاس ڀري
آئي. پر مريض پاڻي پيئڻ ڪونه ٿي چاهيو. گلاس سندس
ڀڪوڙيل ڏنڌن سان ٽڪرايو ۽ پاڻي ڇلڪي وهاڻي تي ڪري
پيو. پر مريض وري به چوندو رهيو ”پيئڻ ڏيو!“ هڪدم
اليڪسيءَ کي محسوس ٿيو ته اهو لفظ ”پيئڻ“ نه پر
”جيئڻ“ آهي ۽ هي ٿلهو متارو ماڻهو پنهنجي قوت جو
آخري ڦڙو به گڏ ڪري موت سان وڙهي رهيو آهي ۽
”جيئڻ“ چاهي ٿو.
ٿوري دير کان پوءِ ڪميسار خاموش ٿي ويو ۽ هن اکيون کوليون.
”رب سائين، تنهنجو شڪر آهي.“ ڪلاوديا اطمينان جو ساهه کڻي پردو
هٽائڻ لڳي.
”پردو نه هٽاءِ، ان کي رهڻ ڏي.“ ڪميسار منع ڪئي. ”پياري نرس،
پردو نه هٽاءِ، ان جي ڪري ٿورو آرام ملي ٿو ۽ تون
روئندي نه ڪر. ڇا هن ڌرتيءَ تي اڳي ڏکن جي ڪا ڪمي
آهي؟ تنهنجي لڙڪن کان اڳ ئي ڌرتيءَ تي لڙڪن جي ٻوڏ
موجود آهي. تون ڇو ٿي روئين منهنجي سوويت
حور.......؟ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي جو اسان کي
حورن ۽ تو جهڙي مٺڙي حور سان ملڻ جو موقعو به اوڏي
مهل ملي ٿو، جڏهن موت در جي چائنٺ تي اچي بيٺو
آهي........“ |