سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :20

پڇاڙي

 

اوريل واري ويڙهه پنهنجي سوڀ کي بنهه ويجهي پهچي چڪي هئي. اتر کان وڌندڙ فوجن جي آس پاس واريون خبرون پهچي رهيون هيون ته ڪواسو گورسڪ ٽڪرين تان ٻرندڙ شهر نظر اچي رهيو آهي ۽ اهڙيءَ صورتحال ۾ هڪ ڏينهن برياسڪ محاذ جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اطلاع پهتو ته گذريل نون ڏينهن ۾ روسي هوابازن دشمن جا 47 هوائي جهاز تباه ڪيا آهن ۽ سندن فقط پنج هوائي جهاز تباه ٿيا آهن ۽ رڳو ٽي هواباز مارجي ويا آهن. ٻه هواباز ڇٽين وسيلي لهي پيرين پنڌ پنهنجي هوائي اڏي تي پهچي ويا هئا. روسي فوجن جي تڪڙي پيش قدميءَ واري ڏينهن ۾ هي هڪ غير معمولي واقعو هو آءٌ رابطو ڪندڙ هڪ هوائي جهاز ۾ چڙهي ويٺس، جيڪو ان رجمينٽ ڏانهن ئي پئي اڏاڻو. منهنجو ارادو هو ته اتي وڃي ان دستي جي هوابازن جي جانبازي ۽ بهادريءَ جا داستان معلوم ڪريان ۽ ”پراودا“ (روسي قومي اخبار) لاءِ مضمون لکان. هي هوائي اڏو به انهن ميداني هوائي اڏن مان هڪ هو، جيڪي جنگ جي قيامت خيز ڏينهن ۾ عام هئا. هواباز ۽ هوائي جهاز برچ جي وڻن ۾ قطارون ڪريو ائين لڪا بيٺا هئا، جيئن تتر مادي  پنهنجي ٻچن جي ولر سان ٻوڙن ۾ لڪندي آهي.

اسين پوئين پهر اتي لٿاسين. رجمينٽ جو مصروف ۽ هنگامو برپا ڪندڙ ڏينهن ختم ٿي رهيو هو. اوريل جي علائقي ۾ جرمن هوائي جهاز ڪجهه وڌيڪ جوش ۽ جذبو ڏيکاري رهيا هئا ۽ ان ڏينهن هر ويڙهو هوائي جهاز ست اڏامون ڪري چڪو هو ۽ سج لٿي ڌاري هوائي جهاز پنهنجي اٺين اڏام تان واپس موٽي رهيا هئا. ڪرنل ننڍي قد وارو ماڻهو هو. سندس چهرو سانورو هو ۽ هن سينڌ ڏاڍي صفائيءَ سان ڪڍي هئي. کيس نئون نئون نيرو هوائي لباس پاتل هو. هن صاف انڪار ڪندي چيو ته هو ان ڏينهن جي باري ۾ ڪابه ڪهاڻي نٿو ٻڌائي سگهي. هو صبح جو ڇهين وڳي کان هوائي اڏي تي موجود هو ۽ ٽي ڀيرا پاڻ به اڏامون ڪري چڪو هو. هو ايترو ته ٿڪل هو جو ٺيڪ بيهي به نٿي سگهيو. ٻيا آفيسر پڻ ان ڏينهن اخبار وارن کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. مون سوچيو ته مون کي سڀاڻي تائين ترسڻو پوندو. ويتر، دير به ايتري ٿي چڪي هئي جو واپس موٽڻ به مشڪل هو. جهاز لهندا پئي ويا. سڀني کان آخري هوائي جهاز دستي نمبر3 جي ڪمانڊر جو هو. ڪاڪ پٽ جي شفاف ڇت مٿي کنئي ويئي. سڀ کان اڳ جهاز مان عاج وارو آبنوسي لڪڻ زور سان ٻاهر نڪتو، جنهن تي سونهري گلڪاري ٿيل هئي. لڪل گاه تي ڪري پيو. پوءِ سانوري رنگ جي ويڪري چهري ۽ ڪارن وارن واري ماڻهوءَ پاڻ کي پنهنجي مضبوط ٻانهن جي زور تي مٿي کنيو، ڦڙتائيءَ سان پنهنجي جسم کي هڪ طرف ڪڍيو ۽ پر تي لٿو ۽ پوءِ زور سان زمين تي ٽپ ڏنائين. ڪنهن مون کي چيو ته اهو رجمينٽ جو سڀني کان سٺو هواباز آهي. مون سوچيو: اڄوڪي شام اجائي ڇو وڃي؟ ڇو نه ان سان ئي ڳالهه ٻولهه ڪري وٺجي. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته هن کلندڙ جوشيلي جوان، ڪارين اکين سان مون کي گهوري ڏٺو هو. سندس اکين ۾ ڇوڪرائپ جو اڻ مٽ اٻالوپڻ موجود هو، جنهن ۾ اهڙي ماڻهوءَ جي ٿڪل ٿڪل دانشمندي جو ميلاپ به موجود  هو، جنهن سان گهڻو ڪجهه وهي  واپري چڪو هجي. هن مسڪرائيندي مون کي چيو:

”اڙي بندا خدا جا! آءٌ ايڏو ته ٿڪل آهيان جو ڳالهه ئي نه پڇ. خبر ناهي ڪيئن پنهنجا پير گهليندو پيو هلان ۽ مٿي ۾ چڪر پيا اچن – پر خير، تو ماني کاڌي آهي؟ نه! چڱو، پاڻ ماني کائڻ واري ڪمري ۾ گڏجي ماني ٿا کائون. کاڌي ۾ اسان کي هر ڪيرايل جهاز جي انعام ۾ ٻه سؤ گرام وودڪا شراب ملندو آهي. اڄ آءٌ ڇهه سئو گرامن جو حقدار آهيان جيڪو پاڻ ٻنهي لاءِ کوڙ آهي. ته پوءِ هلين ٿو نه؟ جيڪڏهن تون ڪهاڻي ٻڌڻ لاءِ ايترو بيقرار آهين ته پوءِ اچ ته هلون، گڏجي ماني به کائينداسين ۽ ڪچهري به ڪنداسين.“

آءٌ راضي ٿي ويس. مون کي هي سچ ڳالهائيندڙ ۽ کل مک آفيسر ڏاڍو پسند آيو. اسين ان گس تان وياسين، جيڪو جهنگل مان هوابازن جي هلڻ ڪري پيچرو ٺهي پيو هو. منهنجو نئون دوست تکو تکو هلندو ۽ هر هر ڪو نه ڪو جهنگلي ميوو پٽڻ لاءِ هيٺ ولين ڏانهن جهڪي ٿي ويو. واقعي، هو ڏاڍو ٿڪل هو، ڇو ته سندس قدم مس ٿي کنيا. پر هن عجيب قسم جي  لڪڻ جو سهارو ڪونه ٿي ورتو. اهو بس سندس ٻانهن ۾ لڙڪيل هو. جڏهن اسان نالي پار ڪري ترڪڻيءَ چڙهائيءَ تي مٿي پئي چڙهياسين، تڏهن به هن پاسي ۾ بيٺل ٻوٽن جي ٽارين کي جهلي چڙهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر لڪڻ جو سهارو ڪونه پئي ورتائين.

کاڌي واري ڪمري ۾ پهچڻ شرط سندس ٿڪاوٽ هڪدم اڏامي وئي. هن دريءَ جي پاسي ۾ پيل ميز ويهڻ لاءِ چونڊي، جتان اسين لهندڙ سج جي لالاڻ جو نظارو ڪري پئي سگهياسين. هن ڏاڍي شوق سان پاڻيءَ جي ڀريل ڇَل ڏوڪ ڏوڪ ڪري پيتي. پوءِ خوبصورت ۽ گهنڊيدار وارن واري ماني کارائيندڙ ڇوڪريءَ سان اسپتال واري دوست جي باري ۾ ڀوڳ ڪيو. هواباز ٻڌايو ته هن ڇوڪريءَ ان زخمي هواباز جي ڪري کاڌي ۾ ايترو ته لوڻ وجهڻ شروع ڪيو آهي، جو سڀني جو جيئڻ حرام ٿي پيو آهي. هو ڏاڍي شوق سان ماني کائيندو رهيو ۽ چانپ جي هڏيءَ تان ڏندن سان گوشت پٽيندو کائيندو رهيو ۽ ٻين ميزن تي ويٺل دوستن سان کل ڀوڳ به ڪندو رهيو. هن مون کي چيو ته ماسڪو جون تازيون خبرون ٻڌاءِ. اهو به پڇيائين ته ڪهڙا ڪهڙا نوان ڪتاب ڇپيا آهن ۽ ٿيٽرن ۾ ڪهڙا نوان ڊراما پياهلن ۽ انهيءَ ڳالهه تي افسوس ظاهر ڪيائين ته هو هڪ ڀيرو به ماسڪو آرٽ ٿيٽر ۾ ڪونه ويو آهي. جڏهن اسان آخري گرهه کڻي رهيا هئاسين، تڏهن مون کان پڇيائين:

”ڇا تو رات گذارڻ جو بندوبست ڪيو آهي؟“ مون چيومانس ته ”نه!“ ”ته پوءِ اچ ته هلي منهنجي خندق ۾ ٿا سمهون.“ هن پنهنجا ڀرون تاڻيا ۽ چيائين ته ”اڄ منهنجو ساٿي ڪونه موٽيو آهي.... تنهن ڪري هڪ تختو خالي پيو آهي. آءٌ ڪٿان ڪا صاف چادر کڻي وٺندس ته پوءِ اچ ته هلون.“

سا ڳالهه پڌري پَٽِ هئي ته هو انهن ماڻهن مان هو، جن کي ماڻهن سان ڏاڍو لڳاءُ هوندو آهي ۽ جن کي نون مهمانن سان ڪچهري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي. آءٌ راضي ٿي ويس. خندق ايڏي ته ٿڌي هئي ۽ ٻاهر جهنگلي جيتن جي سريلي آوازن جو سلسلو ايترو سڪون بخشيندڙ هو جو اسان ٻنهي کي ننڊ جا گهيرٽ اچڻ لڳا ۽ اسان ڪچهري ڪرڻ ۽ پيئڻ جو پروگرام ٻئي ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

هواباز ٻاهر ويو ۽ مون زور زور سان ڏنڌڻ ڪرڻ ۽ ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئڻ جو آواز ٻڌو ۽ سندس کنگهار جو آواز پري پري جهنگل تائين هليو ويو. هو ڏاڍو خوش خوش ۽ تازو توانو ٿي اندر آيو. سندس وارن ۽ ڀروئن تي پاڻيءَ جا ڦڙا چمڪي رهيا هئا. هن ڏيئي جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڪپڙا بدلايا. ڪا شيءِ ٺڪاءُ ڪري پٽ تي ڪري. مون هيٺ ڏٺو ۽ مون کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي ڪونه آيو. سندس پير وڃي پٽ پيا هئا! بنا پيرن وارو هواباز! ۽ سو به هڪ جنگي هوائي جهاز جو هواباز! جنهن ان ڏينهن ست اڏامون ڪيون هيون ۽ دشمن جا ٽي هوائي جهاز ڪيرايا هئا!! سا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هئي.

پر حقيقت هيءَ هئي ته سندس نقلي پير، جن تي بنهه ٺيڪ فوجي بوٽ پاتل هئا، پٽ تي پيا هئا! حيرانيءَ مان منهنجو وات پٽيو پيو هو. منهنجي ميزبان خوش مزاجيءَ مان ڏاڍي شرير مسڪراهٽ سان چيو ته: ”ڇا توکي پهرين خبر ڪانه هئي؟“

”منهنجي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته ڪو........“

”مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. مهرباني! پر آءٌ حيران آهيان ته ڪنهن توکي اڃا ٻڌايو ڇو ڪونه؟ اسان جي رجمينٽ ۾ ماڻهو جيترا سٺا هواباز آهن، اوترا ئي گهڻا ڳالهير!. ويتر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هڪ نئون ماڻهو اچي، سو به ”پراودا“ جو خاطو هجي ۽ هو ڊوڙي کيس اهو نه ٻڌائين ته انهن وٽ هتي هڪ عجيب شيءِ آهي. واقعي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي.“

”پر هيءَ ته آهي ئي هڪ غير معمولي ڳالهه، سو ته تون به مڃيندين. بنا پيرن جي جنگي هوائي جهاز اڏائڻ! ڏاڍي دليريءَ ۽ مڙدانگيءَ جو ڪم آهي. مون کي ته هوابازيءَ جي تاريخ ۾ ڪٿي به اهڙو مثال ڪونه ٿو سجهي.“

هواباز ڏاڍي لئي سان سينڍ وڄائي.

”هوا بازيءَ جي تاريخ! تاريخ کي انهن تمام گهڻين ڳالهين جي خبر ڪانه هئي، جيڪي ان هن جنگ دوران اسان هوابازن کان سکيون آهن، پر ان ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ تون يقين ڪر ته هنن پيرن بدران آءٌ پنهنجي اصلي پيرن سان هوائي جهاز اڏائڻ کي هزار ڀيرا وڌيڪ سمجهان ٿو. پر هاڻي ٻيو ڪو چارو به ته ڪونهي. جيڪو ٿيڻو هو، سو ته ٿي ويو.“ هواباز ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيو: ”۽ سچي ڳالهه اها آهي ته هوابازيءَ جي تاريخ کي اهڙن واقعن جي اڳواٽ خبر آهي.“

هن رسالي جو اهو ورق ڏيکاريو، ”پر هن جو ته هڪڙو پير اڃا سلامت هو ۽ ٻيو ته هو جنگي هوائي جهاز ڪونه اڏائيندو هو. هو ته پراڻو ”فارمين“ اڏائيندو هو. مون وراڻيو.

”پر آءٌ ته اشتراڪي هواباز آهيان. ها، اهو نه سمجهجانءِ ته آءٌ ڪو ٻٽاڪ پيو هڻان. هي لفط منهنجا چيل ڪونهن. هي لفظ هڪ مون کان تمام ڀلي ۽ سچي انسان چيا هئا....... (هن لفظ ”سچي“ تي خاص زور ڏنو) جيڪو هاڻي مري چڪو آهي.“

هواباز جي ويڪري ۽ جوشيلي چهري تي دلڪش ۽ وڻندڙ اداسيءَ جي ڪيفيت ڇانئجي وئي. سندس اکيون چمڪڻ لڳيون ۽ سندس مهانڊو پنهنجي عمر کان ڏهه سال گهٽ ڏسڻ ۾ پئي آيو. بنهه نوجوان جهڙو ۽ آءٌ اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته هي ماڻهو، جنهن کي ٿورو اڳ آءٌ ڪرڙوڍ سمجهيو ويٺو هوس، سو ته ٽيويهن سالن جو مس ٿيندو.

”مون کي ان ڳالهه کان نفرت آهي ته ماڻهو مون کان پڇن ته ’ڇا‘، ’ڪڏهن‘ ۽ ’ڪيئن‘ ٿيو؟ پر هن وقت مون کي سڀ ڪجهه ياد پيو اچي..... تون منهنجي لاءِ بلڪل نئون آهين...... سڀاڻي اسين هڪٻئي کان موڪلائينداسين ۽ شايد وري ڪڏهن به نه ملي سگهون ........ تنهن ڪري جيڪڏهن تون ٻڌڻ چاهين ته آءٌ توکي پنهنجي پيرن جي ڪهاڻي کڻي ٻڌايان.......“

هو پنهنجي هنڌ تي ڪمبل ويڙهي ويهي رهيو ۽ پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪيائين. ائين پئي لڳو ڄڻ هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو ۽ ڄڻ هن منهنجي موجودگي وساري ڇڏي هئي. پر هو پنهنجي ڪهاڻي ايڏي ته سهڻي انداز ۾ ۽ ايتري ته صفائيءَ سان ٻڌائي رهيو هو جو مون محسوس ڪري ورتو ته آءٌ هڪ انتهائي اهم ۽ هڪ بي نظير قصو پيو ٻڌان ۽ اهڙو قصو شايد آءٌ ٻيهر ٻڌي نه سگهان. سندس حافظو ڏاڍو تيز هو، ذهن ڏاڍو سٺو هئس ۽ سندس دل ڏاڍي ڪشادي هئي. مون ميز تان اسڪول جي ڪاپي کنئي، جنهن تي لکيل هو: ”اسڪوارڊن نمبر3 جو روزنامچو........“ ان ڪاپيءَ ۾ مون ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي.

هُو جيڪا ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو، سا ايتري ته حيرتناڪ هئي جو مون وڌ کان وڌ تفصيل سان لکڻ ٿي چاهي. هڪڙي ڪاپي ڀرجي وئي. مون کي ٻي ڪاپي طاق مان ملي ويئي. سا به ڀرجي وئي. ميريسئف ڪهاڻي ٻڌائڻ ۾ ۽ آءٌ لکڻ  ۾ ايترو ته محو هئاسين، جو اسان کي ڪا خبر ئي ڪانه پئي ته رات اڇ هڻي چڪي آهي. اليڪسي ميريسئف جي ڪهاڻي ان موڙ تائين پهچي وئي هئي، جڏهن هن ”ريختگوفن“ ڊويزن جا ٽي هوائي جهاز ڪيرائڻ کان پوءِ اهو محسوس ڪيو هو ته هاڻي هو ٻيهر هوابازن جي قطار ۾ شامل ٿي چڪو آهي.

اسين ڪچهري ڪندا رهياسين ۽ رات ماٺ ميٺ ۾ گذري ويئي. ”مون کي صبح جو سوير هوائي جهاز اڏائڻو آهي. مون توکي ٿڪائي وڌو آهي. اچ ته ٿوري دير اک پوري وٺون.“ هن ڪهاڻي جو سلسلو ختم ڪندي چيو.

”ليڪن اوليا جو ڇا ٿيو؟ هن خط جو ڪهڙو جواب ڏنو؟“ مون پڇيو ۽ پوءِ پاڻ کي روڪي چيم: ”معاف ڪجانءِ، شايد هي سوال مون کي نه پڇڻ کپندو هو. جيڪڏهن جواب نه ڏين ته به خير آهي.......“

”ڇو؟“ هن کلندي چيو. ”اسان ٻئي پاڳل هئاسين. مون کي پوءِ خبر پئي ته اوليا کي سڀ ڪجهه اڳ ۾ ئي معلوم هو. منهنجي دوست آندرئي ديگتيارينڪو کيس اڳواٽ سڀ ڪجهه لکي ڇڏيو هو. پهريائين جهاز ڪرڻ جي خبر ۽ پوءِ پيرن وڍجڻ جي، پر جڏهن اوليا ڏٺو ته آءٌ کانئس ڳالهه لڪائي رهيو آهيان ته هوءَ به منهنجي لاءِ اڻ ڄاڻ بنجي وئي. اسين هڪ ٻئي کي دوکو ڏئي رهيا هئاسين. خبر ناهي ڇو؟ ڇا تون کيس ڏسڻ چاهين ٿو؟“

هن ڏيئي جي وٽ ڇاڻي، جهڪي روشنيءَ ۾ مون کي ٻه تصويرون ڏيکاريائين. هڪ تصوير ۾ هوءَ ڇيٽ جو فراڪ پايو، گلن ٻوٽن جي وچ ۾ ويٺي هئي ۽ بي فڪريءَ سان مسڪرائي رهي هئي ـــــــــ ٻيءَ تصوير ۾ ساڳي ڇوڪري جونيئر ليفٽيننٽ ٽيڪنيشن جي ورديءَ ۾ نظر اچي رهي هئي. سندس چهرو تکو ۽ سنهڙو هو ۽ اکين ۾ غور ۽ فڪر جي ڪيفيت جهلڪي رهي هيس. هوءَ ايتري ته ننڍڙي هئي، جو هوءَ فوجي ورديءَ ۾ به هڪ خوبصورت ڇوڪري لڳي رهي هئي. پر ان ڇوڪريءَ جون اکيون ٿڪل ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ پئي محسوس ٿيون. اهڙيون اکيون جن مان ڇڙواڳي غائب ٿي چڪي هئي.

”ڇا توکي وڻي ٿي؟“

”تمام گهڻو.“ مون ڀرپور خلوص سان چيو.

”مون کي به وڻي ٿي.“ هن خوشگوار مسڪراهٽ سان موٽ ڏني.

”۽ استروچڪوف هاڻي ڪٿي آهي؟“

”خبر ناهي. مون کي سندس آخري خط گهڻو اڳ مليو هو، جيڪو هن ”اليڪسي لوڪي“ وٽان ڪٿان موڪليو هو.“

”۽ هو ٽينڪ مين، ڇا نالو اٿس؟“

”تنهنجي مراد گريشا گووزديف مان آهي؟ هو هاڻي ميجر آهي. هن ’پروخورووڪا‘ وٽ مشهور ويڙهه ۾ حصو ورتو ۽ پوءِ ’ڪورسڪ‘ وٽ ٽينڪن جي حملي ۾ به حصو ورتائين؛ توڙي جو اسان ٻئي ساڳئي علائقي ۾ وڙهي رهيا هئاسين، پر هڪ ٻئي سان ملي ڪونه سگهياسين. هو هڪ ٽينڪ رجمينٽ جو ڪمانڊر آهي. خبر ناهي ڇو هن ڪيترن ڏينهن کان مون کي خط نه لکيو آهي. پر خير، پرواه ناهي. جي زنده رهياسين ته جنگ کان پوءِ هڪ ٻئي کي ڳولي لهنداسين. پر ڀلا زنده ڇو ڪونه رهنداسون......؟ چڱو هاڻي ٿوري دير لاءِ سمهي وٺون. رات ته ختم ٿي ويئي......!“

”آءٌ تنهنجي باري ۾ ’پراودا‘ ۾ لکڻ چاهيان ٿو.“ مون چيو.

”ان جو فيصلو توکي ڪرڻو آهي.“ هواباز ڪا خاص گرمجوشي ڏيکارڻ کان سواءِ ئي چيو. پوءِ ننڊهاڻڪي آواز ۾ چيائين: ”پر بهتر ٿيندو ته تون نه لک. گوئبلز سڄي دنيا ۾ هن ڪهاڻي جو پڙهو ڏيندو ته ڏسو، روس وارا بنا پيرن جي هوابازن کي به جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن ۽ ان قسم جون ٻيون به واهيات ڳالهيون ڪندو...... توکي خبر آهي ته فاشسٽ ڪهڙا نه گنديءَ ذهنيت وارا هوندا آهن.“

ٻئي پل هو زور زور سان کونگهرا هڻي رهيو هو. پر آءٌ سمهي ڪونه سگهيس. هن ڪهاڻيءَ جي سادگيءَ ۽ عظمت منهنجي نس نس ۾ اهڙو ته وجدان پيدا ڪري ڇڏيو هو، جو هي ڄڻ ڪو تمام خوبصورت ۽ خيالي داستان معلوم پئي ٿيو. جيڪڏهن ان جو هيرو منهنجي سامهون نه هجي ها ۽ سندس نقلي پير اکين اڳيان فرش تي پيل نه ڏسان ها ته شايد ئي اعتبار ڪري سگهان ها.

ان کان پوءِ آءُ اليڪسيءَ سان تمام گهڻي وقت تائين ملي ڪونه سگهيس. پر جنگ جون موجون مون کي جيڏانهن به گهلي کڻي ٿي ويون، اهي ٻئي ڪاپيون مون سان گڏ هونديون هيون، جن ۾ مون ’اوريل‘ جي ويجهو هڪ هواباز جو ناقابلِ يقين داستان لکيو هو. جنگ جي زماني ۾؛ طوفان کان اڳ گهٽ ۽ وري زبردست جنگ وارن ڏينهن ۾ مون آزاد يورپ وٽان لنگهندي ڪيترا ئي ڀيرا هن جي ڪهاڻي لکڻ چاهي، پر هر ڀيري لکي نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته جيڪو ڪجهه آءٌ لکي ٿي سگهيس، سو هن جي حقيقي زندگيءَ کان ڪيترا ڀيرا ڦڪو ۽ بنهه گهٽ ٿي لڳو.

آءٌ نورمبرگ جي هڪ بين الاقوامي فوجي عدالت جي هڪ اجلاس ۾ موجود هيس. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن ’هرمين گوئرنگ‘ کان آڏي پڇا جو سلسلو ختم پئي ٿيو. لکت ۾ ثبوت کان چڪرائجي ۽ روسي وڪيل جي سوالن کان مجبور ٿي ”جرمن جي ٻئي نمبر نازيءَ“ هٻڪندي ۽ ڏند ڪرٽيندي عدالت کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح روس جي وسعتن ۾ ويڙهه وڙهندي روسي فوج جي ڀرپور ۽ ماهراڻن حملن جي ڪري فاشزم تباه ۽ برباد ٿي ويو. پنهنجو پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هن اکيون مٿي کڻي آسمان ڏانهن نهاري چيو ته: ”خدا جي اها ئي مرضي هئي.“

”ڇا تون هن ڳالهه جو اعتراف ڪرين ٿو ته دغا بازي سان روس تي حملو ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ جرمنيءَ کي شڪست کائڻي پئي، تو هڪ شرمناڪ ڏوه ڪيو هو.“ روسي وڪيل ’رومن رودينڪو‘، ’گوئرنگ‘ کان پڇيو.

”هي ڏوه ڪونه هو. هيءَ هڪ تباه ڪندڙ غلطي هئي.“ گوئرنگ ڀُرون تاڻي، اکيون جهڪائيندي بنهه آهستي چيو. ”آءٌ فقط ايترو چوندس ته اسان اٻهرائيءَ ۽ بي پرواهيءَ وارو قدم کنيو هو، ڇو ته جيئن جنگ دوران واضح ٿيو ته اسين گهڻين ڳالهين کان بي خبر هئاسين. اسان کي گهڻين ڳالهين جي خبر ڪانه هئي. بنيادي ڳالهه اها ته اسين روسين جي ڪردار کان بلڪل اڻ واقف هئاسين ۽ کين سمجهي ڪونه سگهياسين. روسي ــــــ هڪ ڳجهارت هئا ۽ اڃا به آهن. دنيا جي بهترين جاسوسن جو ڄار به روس جي اصلي جنگي قوت جي سُڌ رکي نه سگهيو. منهنجي مراد ٽينڪن، هوائي جهازن ۽ توبن جي تعداد مان ڪانهي. ان باري ۾ ته اسان کي ٿلهي ليکي خبر هئي. منهنجي ذهن ۾ انهن جي صنعت جي وسعت ۽ صلاحيت آهي. منهنجي ذهن ۾ اتي جا ماڻهو آهن. پرديسين لاءِ روسي هميشه هڪ ڳجهارت رهيا آهن. ”نپولين“ پڻ انهن کي سمجهڻ ۾ ناڪام رهيو هوـــــــ ۽ اسان محض نپولين جي غلطي کي دهرايو.“

”روسين جي ڳجهارت“ هجڻ جو ۽ اسان جي ملڪ جي اڻ ڄاتل ”جنگي قوت“ جو مجبور ٿي اعتراف ڪرڻ سان اسان جون دليون فخر جي احساس سان ڀرجي ويون. اسان کي پورو يقين آهي ته سوويت عوام، انهن جون خوبيون، انهن جون صلاحيتون، انهن جي همت ۽ بي لوث قربانيون، جن تي جنگ دوران سڄي دنيا دنگ رهجي ويئي، ’گوئرنگ‘ جهڙن ماڻهن لاءِ ڳجهارتون ئي هيون ۽ آهن. واقعي جرمنن کي ”فوق البشر“ هجڻ واري ”نظريي“ کي جنم ڏيندڙ هڪ اهڙي قوم جي روح ۽ طاقت کي سمجهڻ جي صلاحيت ڪٿان آئي، جيڪا هڪ اشتراڪي ديس ۾ پلجي نپجي تيار ٿي هجي؟ ۽ مون کي هڪدم اليڪسي ياد اچي ويو. شاه بلوط جي ڪاٺ مان ٺهيل ان اونداهي ۽ اداس ڪمري ۾ سندس ڌنڌلي تصوير اڀري ۽ بنهه اتي فاشزم جي اڏي ’نيورمبرگ‘ ۾، منهنجي دل ۾ زبردست خواهش پيدا ٿي ته انهن ڪروڙين سوويت ماڻهن مان هڪ جي ڪهاڻي کڻي ٻڌايان، جنهن ڪيترن ئي مورچن تي دشمن جي منهن تي دانگي ملي ڇڏي هئي.

نيورمبرگ ۾ هيڊي جلد واريون ڪاپيون مون سان گڏ هيون. انهن مان هڪ تي خود اليڪسيءَ جا هٿ اکر لکيل هئا: ”اسڪوارڊن نمبر3 جي وڙهندڙ دستي جو روزنامچو“ فوجي عدالت کان موٽي پنهنجي رهائش گاه تي پهچڻ کان پوءِ مون ڪاپيون پڙهيون ۽ ٻيهر لکڻ شروع ڪيم ۽ اليڪسي ميريسئف جي باري ۾ بنهه سچائيءَ سان داستان لکڻ ويٺس، جيڪو هن مون کي ٻڌايو هو.

- هن جيڪي ڪجهه چيو هو، ان مان گهڻو ڪجهه آءٌ لکي ڪونه سگهيو هيس ۽ انهن چئن سالن جي عرصي ۾ ان مان به گهڻو ڪجهه مون کان وسري به ويو هو. حجاب کان اليڪسيءَ پنهنجي باري ۾ تمام گهٽ ٻڌايو هو ۽ مون کي پنهنجي تصور سان خانه پُري ڪرڻي پئي هئي. ان رات هن جنهن خلوص ۽ تفصيل سان پنهنجي دوستن جا مهانڊا چٽيا هئا، سي مون کي ياد ڪونه رهيا هئا ۽ مون کي پنهنجي تصور جي مدد سان انهن جا نقش اڀارڻا پيا. آءٌ ان سلسلي ۾ حقيقت جي ٺيڪ ٺيڪ عڪاسي ڪري نه سگهيس، تنهن ڪري مان ’هيري‘ ۽ سندس ساٿين ۽ مددگارن جي نالن ۾ بنهه ٿورڙي ڦير گهير ڪئي آهي. جن به ماڻهن کي ڪردارن جي تصوير ۾ پنهنجي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ته مون کي اميد آهي ته اهي مون کي معاف ڪري ڇڏيندا.

مون هن ڪتاب کي ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ جو نالو ڏنو آهي، ڇو ته منهنجي نظر ۾ اليڪسي ميريسئف هڪ ڏيئو آهي، هڪ سچو انقلابي روسي انسان، هڪ اهڙو انسان، جنهن کي ’هرمين گوئرنگ‘ پنهنجي انتهائي شرمناڪ موت واري ڏينهن تائين به سمجهي نه سگهيو ۽ اهڙا سمورا ماڻهو اڃا تائين به کيس نٿا سمجهي سگهن، جيڪي تاريخ جو سبق وسارڻ چاهين ٿا. اهي سمورا ماڻهو، جيڪي اڄ به ”نپولين“ ۽ ”هٽلر“ جي رستي تي هلڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن.

ائين ئي ”ڏونگر منجهه ڏيئو“ ڪتاب جنم ورتو. جڏهن مسودو تيار ٿي ويو، تڏهن مون چاهيو ته هن ڪهاڻيءَ جو خاص هيرو هڪ ڀيرو مسودي کي ڏسي وٺي، پر ڏاڍي ڪوشش جي باوجود مون کي همراه هٿ اچي نه سگهيو.

ڪهاڻي رسالي ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ ريڊيو تي پڻ پڙهي پئي وئي. هڪ ڏينهن صبح جو سوير فون جي گهنٽي وڳي. مون فون کنيو ته مون کي هڪ گهٽيل گهٽيل مرداڻو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو ڪجهه ڪجهه ڄاتل سڃاتل پئي لڳو.

”آءٌ توسان ملڻ چاهيان ٿو.“

”ڪير ٿو ڳالهائي؟“

”گارڊ ميجر اليڪسي ميريسئف.“

ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ اليڪسي منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو. ساڳي چال، ساڳي تيزي، اهو ئي هشاش بشاش چهرو ۽ ڏسڻ ۾ ڏٽو مٽو. جنگ جي چئن سالن ۾ منجهس مشڪل سان ڪا تبديلي آئي هئي.

”مون گهر ويٺي ڪتاب پڙهيو. ريڊيو وڄڻ لڳو، ليڪن آءٌ پڙهائيءَ ۾ ايڏو غرق هيس جو منهنجو ڌيان ريڊيو ڏانهن ڪونه ويو. اوچتو امان جي وات مان نڪتو:

”ٻڌ پٽ! هي تنهنجي باري ۾ چيو پيو وڃي.“ منهنجا ڪن اڀا ٿيا. واقعي، منهنجو داستان ٻڌايو پئي ويو. منهنجي حيرتناڪ تجربن جي باري ۾. آءٌ حيران ٿي ويس. ڪنهن لکيو هوندو هي داستان؟ مون کي ياد ڪونه  پئي آيو ته مون ڪنهن کي اها ڪهاڻي ٻڌائي هئي ۽ پوءِ مون کي هڪدم ياد آيو ته ’اوريل‘ جي ويجهو تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات ٿي هئي، جيڪا ان خندق ۾ ٿي هئي ۽ ڪيئن نه مون پنهنجا تجربا ٻڌائيندي، توکي رات جاڳڻ تي مجبور ڪيو هو. پر هي ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مون سوچيو. پر ڳالهه ڪيڏي نه پراڻي ٿي چڪي آهي. اٽڪل پنج سال کن ٿي چڪا آهن. ڪهاڻي پڙهڻ واري پڙهڻ بند ڪيو ۽ ليکڪ جو نالو ورتائين. اهڙي طرح مون توکي ڳولڻ شروع ڪري ڏنو.“

هن اهو سڀ يڪساهيءَ ۾ چئي ڇڏيو. سندس چپن تي اها ئي مسڪراهٽ پکڙيل هئي، ٿورڙي شرمايل بلڪل اها ئي اليڪسيءَ جي مسڪراهٽ، جنهن کي آءٌ پهرين به ڏسي چڪو هوس.

گهڻن ڏينهن کان پوءِ ٻن سپاهين جي ملاقات جي وقت هميشه کان جيئن ٿيندو آهي، اسان ٻئي ٻيهر جنگ جي سمورن مرحلن مان لنگهياسين. انهن آفيسرن جي باري ۾ ڳالهايوسين، جن سان اسان ٻنهي جي واقفيت هئي ۽ انهن ماڻهن کي نيڪ تمنائن سان ياد ڪيوسين، جيڪي فتح جو ڏينهن اکين ڏسي نه سگهيا هئا. پهرين وانگر هينئر به اليڪسيءَ پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ ۾ ڪجهه هٻڪيو پئي، پر مون کي ايتري ته خبر پئجي وئي ته هن اسان جي ملاقات کان پوءِ به ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون هيون. هو پنهنجي گارڊ رجمينٽ سان گڏ 1943ع کان 1945ع واري مهم ۾ شامل رهيو. منهنجي وڃڻ کان پوءِ اوريل جي ويجهو هن ٻيا به ٽي هوائي جهاز ڪيرايا هئا ۽ پوءِ بالٽڪ ساگر جي ڪناري وارين لڙائين ۾ هن ٻه ٻيا به هوائي جهاز ڪيرايا هئا. مختصر هي ته هن دشمن کان پنهنجي پيرن جي ڏاڍي ڳري قيمت وصول ڪئي هئي. حڪومت کيس ’سوويت يونين جو هيرو‘ جو خطاب ڏنو.

اليڪسيءَ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ به ٻڌايو. مون کي خوشي آهي ته منهنجي ڪهاڻيءَ جو خاتمو ڏاڍو پرمسرت ۽ خوشگوار ٿيو. جنگ کان پوءِ هن ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن سان کيس محبت هئي ۽ هاڻي کين وڪٽر نالي هڪ پٽڙو به آهي. سندس ماءُ ’ڪامي شين‘ ڇڏي هينئر ساڻن گڏ رهي ٿي ۽ پنهنجي پوٽڙي وڪٽر سان وندري ويٺي آهي.

اڄ ڪلهه اخبارن ۾ گهڻو ڪري منهنجي ڪهاڻيءَ جي هيري جو نالو پيو ڇپبو آهي. هن سوويت آفيسر، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ تي حملو ڪندڙ دشمن جي خلاف جدوجهد ۾ سرفروشي ۽ بهادريءَ جو مثال قائم ڪيو، سو هاڻي امن جو مجاهد آهي. ’بڊا پيسٽ‘ ۽ ’پراگ‘، ’پيرس‘ ۽ ’لنڊن‘، ’برلن‘ ۽ ’وارسا‘ پورهيت عوام کيس ڪيترا ئي ڀيرا ڪانفرسن ۽ اجلاسن ۾ ڏٺو آهي. هن سوويت سپاهيءَ جو حيرت ڪندڙ داستان سندن پنهنجي وطن جون سرحدون اورانگهي پري پري تائين پکڙجي چڪو آهي ۽ سچ ته امن جو نيڪ ۽ مقدس مطالبو ان وقت سڌو دل ۾ لهي ٿو وڃي، جڏهن اهو هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي چپن مان ڦٽي نڪري ٿو، جيڪو وڏي همت ۽ بهادريءَ سان جنگ جي سخت آزمائشن وقت مڙس ماڻهو ٿيو بيٺو رهيو.

عظيم ۽ آزاديءَ جي متواليءَ عوام جو هيءُ سپوت اليڪسي ميريسئف امن لاءِ پڻ انهيءَ ئي لڳاءُ، ڌن ۽ سوڀ جي انهيءَ ئي پراعتماديءَ سان وڙهي رهيو آهي، جنهن سان هو جنگ دوران دشمن سان وڙهيو هو.

سچي سوويت انسان – اليڪسي ميريسئف جي ڪهاڻيءَ جا ايندڙ باب خود زندگي لکي رهي آهي.

ماسڪو، 28 نومبر 1950ع

 

 

(ترجمو مڪمل ٿيو صبح جي 3 لڳي ڇاونجاه منٽن تي، تاريخ 10 مئي 1989ع ــــــ پرويز)z

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org