سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :3

 

 (8)

اهڙيءَ طرح ٻن ڏينهن تائين هو برف پوش رستي تي منڊڪائيندو هلندو رهيو. هاڻي سندس پير بنهه سن ٿي چڪا هئا، پر هر قدم کڻڻ سان سور جي سوٽ سندس سموري جسم ۾ ڊوڙي ويندي هئي. هاڻي بک جي جاءِ تي سندس پيٽ ۾ درد ۽ تڪليف کان مسلسل چڪ پوندا ٿي رهيا. ائين ٿي لڳو، ڄڻ سندس آنڊا ٻاهر نڪرندا هجن. هاڻي هو وڻن جا ڪچڙا گوئنچ، ڳردار ڇوڏا وغيره کائڻ لڳو هو. هو جهنگلي ٻوٽن جي ٻچن کي جوشاندي وانگر ڪاڙهي گرم گرم پيئندو هو. اهو گرم گرم ڪاڙهو کيس ڏاڍي فرحت ۽ سڪون بخشيندو هو. ڪاڙهي پيئڻ سان کيس پنهنجو سفر ايترو بي مقصد ڪونه لڳندو هو.

سندس سفر جي اڄ ڇهين رات هئي. هو هڪ وڻ هيٺان پنهنجي چوڌاري باهه ٻاري ويهي رهيو. اڃا ايتري اوندهه ڪانه ٿي وئي. وڻ تي ڪو نوريئڙو ان وڻ جو ميوو ڏندن سان ڪتريندو هيٺ ڪرائيندو ٿي رهيو. اليڪسيءَ اهو ميوو کڻي ان مان ٻج ڪڍي وات ۾ وڌو ۽ چٻيائين. کيس مزو آيو ۽ ٻيا به ميوا ڳولي انهن مان ٻج ڪڍي ڦڪيندو رهيو. انهيءَ منظر کيس هڪ پراڻو منظر ياد ڏياري ڇڏيو....... هڪ ننڍڙو ڪمرو، جنهن ۾ سڀئي ڄاتل سڃاتل شيون رکيل هيون. ڇت ۾ ٽنگيل بتيءَ جي هيٺان هڪ ميز. سندس ماءُ، عيد جي رنگين ڪپڙن ۾ ملبوس، شام جي عبادت کان موٽي هئي. هوءَ وڏي طمطراق سان پيتي مان ڪاغذ جو هڪ ٿيلهو ڪڍي ٿي. ان مان صنوبر جون ڦريون ڪڍي طباق ۾ وجهي ٿي. سڄو خاندان، ماءُ، ڏاڏي، سندس ٻه ڀائر ۽ هو پاڻ – جيڪو سڀني کان ننڍو هو، سڀ ميز جي چوطرف، ڪير به ڪونه ٿو ڳالهائي. ڏاڏي ڪانٽي سان، ماڻس سئي سان کلن اندران ٻج ڪڍن ٿيون ۽ جڏهن ڍڳ ٿيو وڃي ٿو ته هو ڪنهن نه ڪنهن ٻار جي کليل وات ۾ مٺ ڀري وجهيو ٿيون ڇڏين. اهو خوش نصيب ٻار پنهنجي چپن تي هٿ جو لمس ۽ ڇهاءُ محسوس ڪري ٿو. هيءُ هٿ کهرو هو ۽ محنت ۽ مشقت جي ڪري سخت ٿي ويو هو، پر عيد جي ڪري ان هٿ مان خوشبودار صابڻ جي بوءِ ٿي آئي.

ڪامي شين....... ٻالڪپڻ! شهر جي ٻآهران اهو گهر ڏاڍو آرامده هو.......! پر هتي جهنگل ۾...... الا، توبهه! اونداهيءَ ۾ چٻري جو چرڙاٽ اڀريو. لومڙ جي غراهٽ اڀري. مچ جي پاسي ۾ بيمار انسان ٻرندڙ اڱارن کي گهوري رهيو هو. ٿڪل ٽٽل گهاٽي جهنگ ۾ بنهه اڪيلو ۽ سندس سامهون اڻڄاتل رستو خطرن ۽ آزمائشن سان ڀريل.

”پرواهه ناهي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو!“ ان ماڻهوءَ جي وات مان بي اختيار نڪتو ۽ باهه جي آخري شعلن ۾ سندس چپن تي هڪ مسڪراهٽ اڀري، جيڪا پري پري ڀٽڪيل خيالن جي نشاندهي ڪري رهي هئي.

(9)

ستين ڏينهن اليڪسيءَ کي خبر پئجي وئي ته برف جي طوفان واري رات جنگ جو آواز ڪٿان پئي آيو؟ هو ٿڪجي بنهه چور ٿي چڪو هو. هو قدم قدم کان پوءِ ساهي پٽڻ لاءِ بيهي ٿي رهيو، ليڪن پوءِ به رستي تي پاڻ کي گهليندو رهيو.

اوچتو هڪ هنڌ پهچي، جتان جهنگلي رستو هڪدم کاٻي طرف مڙيو ٿي، هو بيهي رهيو. هن جا پير ڄڻ زمين ۾ ونگجي ويا. ان هنڌ جتي رستو بنهه سوڙهو ٿي ويو ۽ جتي ٻنهي پاسن جا وڻ پاڻ ۾ ملي وري الڳ ٿي ٿيا، اتي کيس اهي جرمن موٽر گاڏيون ڏسڻ ۾ آيون، جيڪي ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ هن جي پاسي مان لنگهيون هيون. رستي تي ٻه وڏا وڻ پيا هئا. انهن وڻن جي بلڪل پاسي ۾ بڪتر بند ڊٻل روسي گاڏي بيٺي هئي. ان جا ٽائر سڙي چڪا هئا. بڪتربند گاڏي جي پاسي ۾ ان جي هلائڻ وارن ٽن جرمنن جا لاش پيا هئا. ٻه کليل گاڏيون، جيڪي سڙي بنهه تباهه ٿي چڪيون هيون، سي بڪتر بند گاڏي جي پٺيان بيٺيون هيون. رستي جي ڪناري تي ٻوٽن ۾ ۽ کڏن ۾ چئني طرفن کان رڳو جرمن سپاهين جا لاش پکڙيا پيا هئا. اهو صاف ظاهر هو ته هو دهشت کان ڀڳا ٿي ويا ۽ کين سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا رهيو آهي. هر وڻ ۽ هر ٻوٽي جي پويان موت سندن انتظار ۾ هو. جيڪو جتي ويو، سو اتي ئي موت جي ور چڙهيو.

فوجي آفيسر جو لاش، جيڪو ڪپڙن کان آجو هو، هڪ وڻ سان ٻڌو پيو هو. سندس ڳچيءَ ۾ ڪاغذ جو هڪڙو ٽڪر ٻڌو پيو هو، جنهن تي لکيل هو: ”چڱو، تنهنجي مراد ته پوري ٿي.“ ان لکت کان ٿورو هيٺ لکيل هو ”رذيل ڪتا.“

اليڪسيءَ جنگ جي ان منظر جو جائزو ورتو ۽ کاڌي جي ڪنهن شيءِ جي ڳولا ڪئي. هن کي هڪ ڊبل روٽيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه مليو. ڊبل روٽي برف ۾ پئي هئي. هن ڊبل روٽيءَ کي وات جي ويجهو آندو. کيس ان جي باسي بوءِ ڏاڍي وڻي. هن چاهيو ته ڊبل روٽي کي چوسي ۽ چٻاڙي ۽ چٻاڙيندو ئي رهي. پر هن ان خواهش کي زوريءَ روڪيو ۽ ڊبل روٽي جا ٽڪر ڪري ٻه ٽڪر کيسي ۾ رکي ڇڏيا. باقي هڪ ٽڪر مان ذرو ذرو ڇني وات ۾ وجهندو رهيو، ڄڻڪ ڪا مٺائي هجي، جنهن مان هو گهڻي کان گهڻو لطف حاصل ڪرڻ چاهيندو هجي.

هڪ ڀيرو وري هن جنگ جي منظر جو جائزو ورتو. هڪڙو خيال سندس ذهن ۾ ڊوڙي ويو: ”هتي ويجهو ئي ڇاپي مار ساٿي ضرور هوندا!“ اهو خيال ايندي ئي هن وات جي چوڌاري ٻئي هٿ رکي سموري قوت سان رڙ ڪئي: ”او ڇاپي مار ساٿي، ڪٿي آهيو؟“

هو حيران ٿي ويو. سندس آواز ڪيترو ڪمزور ۽ جهيڻو هو، ايتري قدر جو سندس آواز جو پڙاڏو به اصل آواز کان وڌيڪ تيز هو. ”ڇاپي مار ساٿيو....... او هو!“ اليڪسيءَ تيل سان ڪاري ۽ داغدار برف ۾ پيل لاشن جي وچ ۾ ويٺي هر هر پڪاري رهيو هو.

هن جواب ٻڌڻ لاءِ ڪن کڙا ڪيا، پر جواب ڪونه مليو. هن محسوس ڪيو ته ڇاپي مار ساٿي حملو ڪري پنهنجو ڪم پورو ڪري، مال غنيمت هٿ ڪري هليا ويا هئا.

واقعي، ڀلا هن سنسان ويراني ۾ رهڻ مان فائدو به ڪهڙو؟ پر پوءِ به هو سڏ، واڪا ڪندو رهيو. انهيءَ آس تي ته من ڪو معجزو ٿي پوي. من ڪٿان اهي ڏاڙهي وارا ماڻهو پرگهٽ ٿي پون، جن جي باري ۾ هن گهڻو ئي ڪجهه ٻڌو هو. پر سواءِ سندس سڏ کان پڙاڏي جي ٻيو ڪجهه به کيس ٻڌڻ ۾ نه آيو.

هو ماٺ ڪري ويهي رهيو. مڪمل سانت ڇانئجي ويئي. ٿوري دير بعد کيس ڪنن ۾ ڪو ڄاتل سڃاتل آواز گونجڻ لڳو. هن وڌيڪ توجهه سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. بيشڪ هي توپن جي گهمساني لڙائي هئي. واقعي جتي هو بيٺو هو، اتان رستو اوچتو کاٻي پاسي مڙيو ٿي ۽ ان جي سامهون برف جي سفيد چادر وڇائي پئي هئي. اهو توپن جو آواز به اتان اوڀر کان پئي آيو. ڇاپي مارن جي پيرن جا نشان ان طرف غائب ٿي ويا هئا. يقينًا جهنگل جا اهي بهادر سپوت هتي ڪٿي ئي رهندا هوندا.

اليڪسيءَ پنهنجي منهن ڀڻ ڀڻ ڪئي: ”ڪا ڳالهه ڪانهي، ٺيڪ آهي ساٿيو. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“ هن نئين عزم سان، حوصلي ۽ همت سان، پڪي ۽ اٽل ارادي سان پنهنجو سفر جاري رکيو.

(10)

ان ڏينهن هو برف تي ڏيڍ سؤ قدم به هلي نه سگهيو. شام ٿي چڪي هئي. هن هڪ سڪل وڻ جو ٿڙ جانچيو. ان تي پن ۽ ڪاٺيون وجهي پنهنجي لائٽر سان ٽانڊو ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي، کيس پگهر اچي ويو. لائٽر جي گيس ختم ٿي چڪي هئي. هن لائٽر کي ڇنڊيو، هيٺ مٿي ڪيو، پٿر واري چڪري کي وري وري ڦيرايو، مگر بيڪار! رات اچي ويئي. هن مجبورًا وڻن جي جهڳٽي ۾ پناهه ورتي ۽ گوڏن تي مٿو رکي ويهي رهيو. ان رات جيڪڏهن هو توپن جو آواز نه ٻڌي ها ته شايد سندس همت جواب ڏيئي وڃي ها. هو گولين جو آواز ۽ توپن جا ڌماڪا چٽي طرح ٻڌي ۽ سڃاڻي ٿي سگهيو. انهن آوازن منجهس همت ۽ حوصلو پيدا ڪيو.

صبح جو هو ناقابل بيان ڏک ۽ ڳڻتيءَ جي احساسن سان گڏ اٿيو. هن هڪدم پنهنجو پاڻ کان پڇيو: ”هي ڇا هو؟ ڇا اهو ڪو خوفناڪ خواب هو؟“ هن کي لائٽر ياد آيو ـــــــ پر پوءِ سج جي مهربان روشنيءَ ۾ کيس پنهنجي بدقسمتيءَ جو احساس ڪجهه گهٽ ٿيو. ليڪن هڪ ڳالهه ٻي به خراب ٿي پيئي. هن اٿڻ جي ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي، پر اٿي نه سگهيو. ايتري قدر جو اٿڻ جي ڪوشش ڪندي به نه اٿي سگهيو. اٿڻ جي ڪوشش ۾ سندس ٻه شاخي لٺ به ڀڄي پيئي ۽ هن ڳوڻ وانگر اچي هيٺ ڦهڪو ڪيو. ڪجهه دير کان پوءِ هن ۾ ڪجهه همت پيدا ٿي، ليڪن سندس پيرن ۾ ڪجهه ٿي چڪو هو ۽ اهي هڪ پل لاءِ به سندس بوجهه برداشت ڪري نٿي سگهيا. هو نيٺ هڪ وڻ کي جهلي، ان جي سهاري اٿي بيهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر هو هڪ قدم به کڻي نه سگهيو. انتهائي ڪمزوريءَ ۽ سور جي نئين سوٽ جي شدت کان ساڻو ٿي ٻيهر زمين تي ڪري پيو.

ڇا هي آخري گهڙيون آهن؟ ڇا آءٌ هتي ئي وڻن جي ڇانو ۾ مري ويندس؟ هتي ته جهنگلي جانور منهنجي لاش جي ٻوٽي ٻوٽي ڪري کائي ڇڏيندا. باقي فقط هڏ وڃي بچندا. شايد منهنجو لاش به ڪنهن کي هٿ ڪونه ايندو. ڪير به ان کي دفن ڪري نه سگهندو. ڪمزوريءَ جي شديد احساس کيس ڏاڍو نااميد ڪيو هو ۽ هو مايوس ٿي زمين تي ڪري پيو. ليڪن پري ڪٿي توپن جي گجگوڙ ٿي رهي هئي. اتي زبردست جنگ ٿي رهي هئي، جتي هن جا پنهنجا ماڻهو هئا. ڇا هو هي آخري اٺ ڏهه ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ جي سگهه به نه ٿو ساري سگهي؟

توپن جي گجگوڙ منجهس نئون حوصلو پيدا ڪيو ۽ آخرڪار هو هٿن ۽ گوڏن جي مدد سان جانورن وانگر اڳتي سرڻ لڳو. هن طرح هلڻ کيس ڏاڍو آسان لڳو. پيرن تان بوجهه ختم ٿي ويو هيس، تنهن ڪري منجهن گهٽ تڪليف ٿي ٿي ۽ هو هٿن ۽ گوڏن ڀر تڪڙو به هلي ٿي سگهيو. انهيءَ احساس جي ڪري منجهس خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ هن ذري گهٽ روئي ڏنو. هن زور سان چيو، ڄڻ هو ڪنهن اهڙي ٻئي شخص کي آٿت ڏيئي رهيو هجي، جيڪو بنهه همت هاري چڪو هجي ۽ جنهن کي ان طرح سان اڳتي وڌڻ جو ذرو به يقين نه هجي.

”پرواهه ناهي يار جاني، هاڻ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو!“

هڪ مقرر منزل طئي ڪرڻ کان پوءِ اليڪسيءَ پنهنجا هٿ ٻغلن ۾ لڪائي گرم ڪيا. پوءِ گسڪندو هڪ ننڍي وڻ وٽ آيو ۽ ان مان ٻه چورس ٽڪرا ڪاٽي هٿن تي ٻڌڻ جو بندوبست ڪيو. سندس اوني اسڪارف مان پٽيون ٺاهي هٿ جي ترين تي ڪاٺ جا ٽڪر ٻڌائين. کاٻي هٿ کي ته چڱي طرح اڳڙيون ويڙهي مضبوط ڪري ڇڏيائين، باقي ساڄي هٿ کي وات جي مدد سان مڙيئي اڀرو سڀرو ٻڌائين. بهرحال، هن هٿن ۾ ”جُوتا“ پاتا هئا ۽ هو پنهنجي سفر تي روانو ٿي ويو. هاڻي هن کي هلڻ زياده آسان لڳو. اڳئين منزل تي هن پنهنجي گوڏن تي به وڻ جي ڇوڏيءَ جا ٽڪر ٻڌي ڇڏيا. ٻنپهرن تائين جڏهن ڪافي گرمي ٿيڻ لڳي هئي، هن ڪافي پنڌ ڪري ورتو هو. تڏهن جنگ جو آواز زياده چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. شايد انهيءَ هنڌ کي هو ويجهو پهچي رهيو هو.

جڏهن هو دٻڻ مان لنگهي رهيو هو، جتي پگهريل برف ۽ ڪٿي ڪٿي گاهه جا ٻوٽا اڀريا بيٺا هئا ته اتي کيس هڪ ٻي نعمت نصيب ٿي. هن ڏٺو ته اتي موجوده ٻوٽن ۾ واڱڻائي رنگ جا گول گول ميوا موجود آهن، جيڪي کٽي مٺي رس سان ٽمٽار آهن. اليڪسيءَ ڪنڌ هيٺ جهڪايو ۽ چپن جي مدد سان هڪ ميوو وات ۾ وڌائين ۽ پوءِ جلدي جلدي هڪ کان پوءِ ٻيو ۽ اهڙي طرح هو ميوو کائڻ ۾ جنبي ويو. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ هن کي پهريون ڀيرو سچ پچ مزي جهڙي شيءِ کائڻ لاءِ ملي هئي. هو گاهه جي هڪ جهڳٽي کان ٻئي تائين وڃي رڇ وانگر زبان ۽ چپن سان ميوا کائيندو رهيو. انهن جي کٽي ۽ مٺي رس کيس ايترو ته مزو ڏنو جو اصل کيس ڍؤ ئي ڪونه پئي ٿيو. هن الٽي ڪري وڌي، پر پوءِ به هو کائڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. هن پنهنجي هٿن جا ”بوٽ“ لاٿا ۽ دٻو ميوي سان ڀرڻ لڳو ۽ لوهي ٽوپلو پڻ ڀريائين. ان کي ڏور سان پنهنجي جسم سان ٻڌي اڳتي روانو ٿي ويو.

رات جو هن گسڪي فر جي هڪ پراڻي وڻ هيٺ پناهه ورتي. گڏ ڪيل ميوو کاڌائين ۽ سمهي رهيو. پر کيس مزيدار ننڊ ڪانه آئي. هو ذري ذري ڇرڪ ڀري اٿي ٿي ويٺو ۽ پستول ڪڍي چوڪس ٿي ٿيو. هو فقط پرهه ڦٽڻ مهل سمهي سگهيو هو. صبح جو هن ان وڻ جي چ‍ؤطرف لومڙيءَ جي پيرن جا نشان ڏٺا. هن شڪارين کان ٻڌو هو ته لومڙيءَ کي مرڻ واري جي اڳواٽ خبر پئجي ويندي آهي، تنهن ڪري هوءَ ان جو پيڇو ڪندي آهي ته چئبو ته آءٌ به مرڻ وارو آهيان، تڏهن هيءَ منهنجي چوڌاري پئي ڦري.

”رڳو بڪواس آهي. ڪيڏي نه فضول ڳالهه ٿي لڳي! سڀ ٺيڪ ٿي ئي ويندو!“ هن پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ چيو ۽ هٿن توڙي گوڏن ڀر جهڪي رڙهڻ لڳو.

ان ڏينهن سندس قسمت جو ستارو ٻيهر چمڪيو. خوشبودار صنوبري ٻوٽن ۾ کٽمٺي رس وارا گول گول ميوا ڳوليندي ڳوليندي پنن ۽ ڪکن جي ڍڳ ۾ کيس هڪ ”ڄاهو“ هٿ اچي ويو. هو پنهنجي سموري سفر ۾ ڪنهن جانور يا پکي کي ماري، ان جو گرم گرم خون پيئڻ، گوشت کائڻ جي خواهش دل ۾ سانڍيندو پئي آيو. هن خنجر ڪڍي ”ڄاهي“ کي ڄيري ڦاڙي سندس رت پيتو ۽ گوشت ايتري ته بي صبريءَ سان کاڌو، ڄڻ پاڳل ٿي ويو هجي. هڪ پل لاءِ به هن اهو ڪونه سوچيو ته عام عقيدي موجب ”ڄاهو“ مردار جانور آهي. بس رڳو هن جي گوشت کائڻ جي تمنا پوري ٿي رهي هئي. جڏهن هن سمورو گوشت کائي دنگ ڪيو، ننڍيون وڏيون هڏيون چٻاڙي چوسي ختم ڪيائين، تڏهن سندس پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ کيس آسودگيءَ، گرميءَ ۽ غنودگيءَ جو احساس ٿيو ته وري کيس ڪتي جي گوشت جهڙي سڙاند ۽ ڪراهت جو به احساس ٿيو.

هن ٻيهر هر ڪنهن هڏيءَ کي جانچيو، چٻاڙيو ۽ چوسيو ۽ پوءِ برف تي ليٽي گرمي جو مزو وٺڻ لڳو. هو اتي ڪر سمهي رهي ها، پر کيس لومڙي جي غراهٽن چوڪس ڪيو ۽ اوچتو کيس اوڀر کان توپن جي گوڙ گهمسان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

هن سموري ٿڪاوٽ کي اڇلائي کڻي ڦٽو ڪيو ۽ آرام جي ضرورت کي بنهه وساري ڇڏيو ۽ ٻيهر جهنگل جي گهرائين ۾ روانو ٿي ويو.

(11)

هو جنهن ڌٻڻ مان رڙهندو گذري رهيو هو، ان کان اڳيان هڪ ميدان هو، جنهن ۾ ڪاٺ جي ٿنڀن وارو هڪ اڱڻ هو. ٿنڀا زمين ۾ کتل هئا ۽ انهن ۾ ٻٽيون تارون وڻن ۽ گاهه جي تاندورن سان ٻڌل هيون. انهن نشانن مان لڳو ٿي ته ويجهو ئي ڪٿي انساني آبادي ضرور هوندي. انهيءَ خيال ايندي ئي سندس دل خوشيءَ ۾ جهومڻ لڳي. ٿي سگهي ٿو ته هن ڏورانهين هنڌ به جرمن پهچي ويا هوندا ۽ جيڪڏهن پهچي به ويا هجن ته ڇا ٿي پيو؟ هن جا پنهنجا ماڻهو به ته اتي هوندا ۽ پڪ سان اهي هڪ زخمي ماڻهو کي پناهه ڏيندا ۽ سندس هر قسم جي مدد ڪندا.

اليڪسيءَ پنهنجي صحرائي سفر جي پڄاڻيءَ جو خيال دل ۾ آڻي، آرام ڪرڻ کان سواءِ ئي تکو تکو اڳتي رڙهڻ لڳو. هو رڙهندو رهيو ۽ رڙهندي رڙهندي سهڪڻ ٿي لڳو ۽ منهن ڀر برف تي ڪري ٿي پيو ۽ بيهوش ٿي ٿي ويو. هو دڙي تي پهچڻ لاءِ تيز تيز رڙهڻ لڳو. هن کي يقين هو ته دڙي جي ٻئي پاسي هو ان ڳوٺ کي ڏسي سگهندو، جيڪو سندس لاءِ بهشت هو ۽ سندس اجهو بنجڻ وارو هو. هن پنهنجي هر هڪ نس جو زور لڳائي آباديءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. آخرڪار هو ٿڙندو ٿاٻڙندو ۽ سهڪندو دڙي تي پهچي ويو. هن اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪدم اکيون پوري ڇڏيائين. سندس سامهون ڪيڏو نه ڀيانڪ منظر هو!

ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه هو ته ڪجهه ڏينهن اڳي تائين هي هڪڙو ننڍڙو ڳوٺ هو. باقي رهيل نشانين مان بنهه ظاهر هو ته هتي گهر هئا، ٻهراڙي جا ماڻهو رهندا هئا. گهرن جي ڀتين تي چنبيلي جي ول جهومندي هئي. گهرن ۾ دونهي لاءِ ڇڏيل چمنين مان دونهون نڪرندو هو. پر هينئر اتي فقط اهڙا نشان هئا، جن مان رڳو اندازو لڳائي سگهيو پئي. پريان کوه تي چرخي لڳل هئي ۽ ان تي زنجير ۾ ٻڌل ڪاٺ جو ڏول هوا ۾ لڏي رهيو هو. ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ مهل اتي هڪ سهڻو محراب ٺهيل هو، جنهن جي هيٺان هڪ زنگيل لوهي ڦاٽڪ پنهنجي چُوڙ ۾ هوا تي آهستي آهستي چرپر جو آواز ڪڍي رهيو هو.

ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه هو. سڄو ڳوٺ ويران ۽ سنسان لڳو پيو هو. هڪ سهو اليڪسيءَ کي ڏسي ڊپ وچان ٽپ ڏيئي وٺي ڀڳو. سهو ڦاٽڪ وٽ پهچي پنهنجي پوين ٽنگن تي بيهي، ڪن اڀا ڪري پويان ڏسڻ لڳو. جڏهن هن ڏٺو ته هي وڏو ۽ عجيب قسم جو جانور سندس پٺيان پيو اچي، تڏهن ڇلانگ ڏيئي اجڙيل باغن ڏانهن ڀڄي ويو.

اليڪسي مشيني انداز ۾ اڳتي وڌندو رهيو. سندس وڌيل ڏاڙهي ۽ مڇن سان ڍڪيل ڳلن تي ٻه ڳوڙها ڳڙيا ۽ برف تي ڪري ان ۾ جذب ٿي ويا. هو ڦاٽڪ وٽ بيٺو ڦاٽڪ تي اڌ بچيل تي فقط ”ڪنڊر.......“ لکيل هو. هو آسانيءَ سان سمجهي ويو ته هن سرسبز ڳوٺ جي ٻارن لاءِ ڪنڊر گارڊن باغيچو ٺاهيو ويو هو. هو اڳيان وڌيو. اجڙيل باغيچي ۾ ويو. ٻارڙن لاءِ ٺهيل بئنچون پيل هيون. هو هڪڙي بئنچ تي ويٺو، پر سندس پٺيءَ جو ڪنڊو ڏڪڻ لڳو ۽ هو برف تي ليٽي پيو.

- سندس دل ڏاڍي اداس ٿيڻ لڳي.

بئنچ وٽ برف ڳري رهي هئي. برف اندران ڪاري زمين لياڪا پائي رهي هئي. اليڪسيءَ مٽيءَ جي مٺ ڀري، کيس ان مان بوسن ڇيڻن جهڙي وٿاڻ واري بوءِ اچڻ لڳي.

هن کي اندازو ٿيو ته هتي به ماڻهو رهندا هئا. انهن ڪڏهن، ڪجهه ڏينهن اڳ جهنگ وڍي زمين هموار ڪئي هوندي. هر ۾ ڍڳا جوٽي کيڙ ڪئي هوندي، تَرڏنو هوندو، جهنگلي جانورن کان فصل بچايو هوندو. ايندڙ فصل تائين مشڪل سان ٻن وقتن جي مانيءَ جي فڪر ۾ ٻڏل زندگي - ۽ پوءِ سوويت دور ۾ هتي پئنچائتي فارم ٿيو ۽ ڳوٺاڻا هڪ بهتر زندگيءَ جا خواب ڏسڻ لڳا. کيتي ٻاڙيءَ جون مشينون آيون ۽ ان سان گڏ اطمينان ۽ آسودگي پڻ. شام جي وقت گلابي ڳٽن وارن ٻارڙن لاءِ ڳوٺ جي ماڻهن گڏجي باغيچو ٺاهيو. تنهن کان پوءِ ڪنهن ڪلب گهر، مطالعي جي ڪمري، پڪي رستي ۽ بجليءَ لاءِ سوچيو هوندو...... هينئر ان جاءِ تي هڪ ويران جهنگل ۽ بيابان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. اتي موت جهڙي ماٺ ڇانيل هئي.

جيئن جيئن اليڪسيءَ زياده ٿي سوچيو، تيئن سندس دماغ تيز ڪم ڪرڻ لڳو. سندس ڳوٺ ڪامي شين جو تصور اڀري سامهون آيو ـــــــ وانگا نديءَ جي ڪناري تي هيٺائين ميدان ۾ مٽي، گرد ۽ غبار سان اڏيل سندس ڳوٺ ڪامي شين – هڪڙو ننڍڙو شهر ڪامي شين....... اونهاري ۽ سرءُ جي موسم ۾ هيٺانهين ميدان جون تيز هوائون شهر کي جهنجهوڙينديون، مٽيءَ ۽ واري جا ڪڪر وسائينديون رهنديون هيون ۽ اتي جا رهواسي ڌوڙ ۾ اڇا ٿي ويندا هئا. ڪوٺين ۾، ورانڊي ۾ ۽ دوڪانن ۾ واري جا ڍير ٿي ويندا هئا. اکين ۾ ۽ وات ۾ واري جي ڪرچ ڪرچ پئي ٿيندي هئي. ڪامي شين جا رهواسي نسلن کان وٺي انهيءَ گرد ۽ غبار کي روڪڻ ۽ صاف ۽ شفاف هوا ۾ مزي سان ساهه کڻڻ جا خواب پيا ڏسندا رهيا هئا. اهو سندن خواب فقط سوويت سوشلسٽ ديس ۾ ئي پورو ٿي سگهيو هو. ڳوٺاڻا پاڻ ۾ گڏجي ويٺا، صلاح مشورو ٿيو ۽ واريءَ جي خلاف هڪ مهم جو آغاز ڪيو ويو.

هر ڇنڇر جي ڏينهن شهر جا سمورا ماڻهو، ننڍڙا توڙي  وڏا، ٻار توڙي ٻڍا، مرد توڙي عورتون، ڪوڏرون، بيلچا، ڪهاڙيون وغيره کڻي نڪري ايندا هئا ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ شهر جي چوڪ ۾ پارڪ ۽ رستن جي ڪنارن سان وڻن جون قطارون لڳي ويون. هر طرف رنگ برنگي گلن جو قطارون ٺاهيون ويون هيون، جن جي خوشبوءِ سان جڏهن سمورو وايو منڊل واسجي ويو، تڏهن سڀني ماڻهن، جوانن توڙي پوڙهن ڪيتري نه خوشيءَ جو اظهار ڪيو.................... پوءِ هن پنهنجي تصور ۾ جنم ڀومي جي رستن تي جرمن سپاهين کي مارچ ڪندي ڏٺو، جيڪي وڻن کي ٻارڻ واسطي وڍي رهيا هئا. هن جو پنهنجو شهر دونهي ۾ گهريل هو، جتي سندس گهر هو، اتي هڪ ڀيانڪ چمني ڪنڌ کڻيو بيٺي هئي.

درد ۽ پيڙاهه کان سندس دل ڀور ڀور ٿيڻ لڳي. ”انهن کي هاڻي اڳيان وڌڻ نه ڏجي! جيسين اسان جي جسمن ۾ ساهه جي آخري هڏڪي به موجود آهي، تيستائين ساڻن وڙهندو رهڻ گهرجي. ان روسي سپاهي وانگر، جيڪو جهنگلي ميدان ۾ دشمنن جي لاشن مٿان ڪريو پيو هو.“

اليڪسيءَ ان رستي تي رڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو ڳوٺ ڏانهن ويو ٿي. رک جي ڍڳن مان لاشن جي بدبوءِ اچي رهي هئي. ڳوٺ جهنگ کان به وڌيڪ ويران لڳي رهيو هو. اوچتو کيس هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. رستي جي موڙ وٽ، رُک جي ڍير وٽ کيس هڪ ڪتو نظر آيو، جيڪو ٿلهو متارو، وڏن ڪنن وارو گهريلو ڪتو ٿي لڳو. سندس چنبن ۾ گوشت جو ڪو شڪر هو، جنهن کي هو کائي رهيو هو. ڪتو، جنهن کي سڀني جانورن ۾ وفادار سمجهيو وڃي ٿو، اليڪسيءَ کي ڏسي ڏند ڪڍي گهِرڻ لڳو ۽ سندس اکيون ٻرڻ لڳيون. اليڪسيءَ پنهنجو پستول ڪڍيو. سندس وار ڪانڊارجي ويا. کيس ڪتي کان، جيڪو وحشي بگهڙ بنجي چڪو هو، ڊپ ٿيڻ لڳو. ڪجهه دير هو ٻئي هڪ ٻئي کي تڪيندا رهيا ۽ پوءِ ڪتي پڇ لوڏيو ۽ گوشت جو ٽڪر وات ۾ وجهي اتان ڀڄي ويو.

”ڀڄ، جيترو جلدي ٿي سگهي، هتان ڀڄي وڃ!“ اليڪسيءَ باقي سج جي ڪرڻن جي روشنيءَ جو فائدو وٺي، بنا ڪنهن سنئين گس جي، برف جي ڍيرن کان اڪري رڙهندو جهنگل ۾ هليو ويو ۽ بنا ڪنهن ارادي جي، ان طرف وڌڻ لڳو، جتان توپن جو آواز اچي رهيو هو. اهو آواز کيس چقمق وانگر ڇڪي رهيو هو ۽ هو جيترو آواز کي ويجهو ٿيندو ٿي ويو، اوتري ڪشش وڌندي رهي .

(12)

۽ اهڙي طرح ايندڙ ٻه ٽي ڏينهن اليڪسي رڙهندو رهيو. هن کي وقت جي ڪابه خبر نه ٿي پيئي. هر شيءِ هڪ بي اختيار جدوجهد ۾ گهيرجي ويئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن کيس ننڊ اچي ويندي هئي، يا شايد بيهوش ٿي ويندو هو. هو رڙهندي رڙهندي سمهي پوندو هو. پر اوڀر طرف کيس جيڪا قوت ڇڪي رهي هئي، سا ايتري ته زبردست هئي جو هو ان بيهوشيءَ، ننڊ ۽ خود فراموشيءَ ۾ به رڙهندو رهندو هو. ايتري قدر جو هو ڪنهن وڻ سان وڃي لڳندو هو يا برف تان ترڪي ڪنهن کڏ ۾ وڃي ڪرندو هو. سندس سموري قوت ارادي ۽ سندس سمورا اڻ چٽا خيال فقط هڪڙي نقطي تي جمع ٿي ويا هئا، رڙهندو رهه، هر قيمت تي اڳيان وڌندو رهه ۽ بس!

رستي ۾ هو هر ٻوٽي کي ان اميد سان ڏسندو هو ته من منجهس ڪو ’ڄاهو‘ ويٺل هجي. برف ۽ گاهه هيٺان جيڪي کٽمٺڙا ميوا ملندا هئا، سي کائيندو هو. هڪ ڀيري کيس رستي جي پاسي ۾ ماڪوڙين جو ديرو ڏسڻ ۾ آيو. ماڪوڙيون اڃا ستيون پيون هيون. اليڪسيءَ پنهنجو هٿ ان ڍير ۾ وڌو ۽ جنهن وقت واپس ڪڍيائين ته ماڪوڙيون هٿ تي چهٽيل هيون. هو انهن ڪيڙن کي شوق سان کائڻ لڳو ۽ انهن جي گهاٽي رس واري مادي مان کيس ڏاڍو مزو آيو. هن ٻيهر هٿ اندر وڌو ۽ پوءِ وري وري ائين ڪندو رهيو، تانجو ان حملي سڄي ديري ۾ هنگامو پيدا ڪري ڇڏيو. موٽ ۾ انهن ماڪوڙين به کيس هٿن، چپن، وات ۽ منهن تي چڪ پائڻ شروع ڪيا. اهي سندس وردي ۾ گهڙي ويون. پر کيس اهي چڪ به خوشگوار لڳا. انهن ماڪوڙين کيس مال مليدي ۽ سيري مال پَڙي جو ڪم ڏنو. کيس اُڃ لڳي. هن هڪ کڏي ۾ گڏ ٿيل ڀوري رنگ جو پاڻي ڏٺو. هو پاڻي پيئڻ لاءِ ليٽي پيو، پر هڪدم پري هٽي ويو. ڪاري پاڻيءَ ۾، نيري آسمان جي عڪس ۾ کيس هڪ انتهائي ڀيانڪ چهرو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ڏانهس گهوري رهيو هو. هو هڪ هڏين جي پڃري جو چهرو هو، جنهن تي ڪاري چمڙي چڙهيل هئي ۽ جيڪو ميرن گدلن، سوئن جهڙن وارن سان ڍڪيو پيو هو. اکين جي جاءِ تي ڄڻ ٻن وڏين کڏن مان ٻه گول گول، وحشت کان چمڪندڙ اکيون لياڪا پائي رهيون هيون ۽ مٿي جا چڳيل وار سندس منهن تي پئجي رهيا هئا.

”ڇا هي آءٌ آهيان؟“ اليڪسيءَ پنهنجو پاڻ کان پڇيو ۽ پاڻ کي ٻيهر ڏسڻ جي ڊپ کان هن پاڻي به ڪونه پيتو ۽ برف کڻي وات ۾ وڌائين ۽ وري به ان زبردست چقمقي ڇڪ جي اثر هيٺ هو اوڀر ڏانهن رڙهڻ لڳو.

ان رات هن بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيل کڏ ۾ ترسڻ جو ارادو ڪيو. ان کڏ جي تري ۾ هن کي سڪون ۽ آرام مليو، ڇاڪاڻ ته ان کڏ ۾ هوا جو گذر ڪونه هو.

صبح جو اليڪسي اٿيو ته کيس اڃا به وڌيڪ ڪمزوري محسوس ٿي. هن چيڙ جا ڇوڏا به ڪونه چٻيا، جن جو ڍڳ سندس ورديءَ ۾ موجود هو. هن ڏاڍي تڪليف سان پاڻ کي زمين کان الڳ ڪيو، ڄڻڪ رات هو زمين سان چهٽي پيو هو. هن پنهنجي ڪپڙن، ڏاڙهي ۽ مڇن تان برف ڇنڊڻ کان سواءِ ئي کڏ مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس هٿ کڏ جي ڪناري تان ترڪيو ٿي ويا ۽ هو ٻاهر نڪري نه سگهيو. هن ور ور ڏيئي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري هو کڏ جي تري ۾ وڃيو ٿي ڪريو. هاڻ سندس همت جواب ڏيڻ لڳي ۽ ڪمزوري مٿس ڇانئجڻ لڳي. نيٺ اها ڳالهه سوچي ته ڪنهن ماڻهوءَ کان سواءِ هو هتان ٻاهر نٿو نڪري سگهي، هو ڏڪي ويو. انهيءَ خيال کيس هڪ ڀيرو ٻيهر مٿي چڙهڻ تي مجبور ڪيو، پر هو مشڪل سان ٿورو مٿي آيو ته وري به ترڪي ڪري پيو ۽ بي حال ۽ بيوس ٿي کڏ ۾ پئجي رهيو.

”بس قصو ختم ٿيو. هاڻي سڀ ٺيڪ آهي.“

هو ويڙهجي سيڙهجي کڏ ۾ ويهي رهيو. کيس هڪ خوفناڪ سڪون ۽ اطمينان جو احساس ٿيو، جنهن ان چقمقي عمل کي درهم برهم ڪري ڇڏيو ۽ سندس اٽل ارادي کي مفلوج ڪري ڇڏيو ۽ اهو احساس سندس نس نس ۾ داخل ٿي ويو. هن بي خياليءَ مان مروٽيل خط کيسي مان ڪڍيا، پر پڙهڻ جي قوت به منجهس ڪانه رهي هئي. هن ڪاغذ ۾ ويڙهيل ڇوڪري جي تصوير ڪڍي، جيڪا چيٽ جي فراڪ ۾ گاهه جي ميدان تي ويٺي هئي. هن هڪ غمناڪ مسڪراهٽ سان تصوير کان پڇيو:

”ڇا واقعي اڄ الوداع آهي؟“ ــــــــــ ۽ هڪدم هو ڏڪي ويو ۽ هو تصوير کي ٻيهر هٿن ۾ جهلي خاموش ويهي رهيو. هن کي محسوس ٿيو ته جهڙوڪر هن پاري جهڙي ٿڌي هوا ۾ جهنگل مان هڪ ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي ورتو هو.

هُن يڪدم سستيءَ کي ڀڄائي ڪڍيو. هن اهو آواز سڃاڻي ورتو هو. اهو آواز ”ايل – 16“ جنگي جهاز جو هو. هو اهو ئي ته جهاز اڏائيندو هو. انجڻ جو گوڙ ويجهو ۽ تيز ٿيندو ويو. هوا کي تيزيءَ سان ڪاٽيندي جهاز جو آواز ڪيڏي مهل سينڍ وانگر ٿي پي ويو ته ڪنهن وقت رخ موڙڻ مهل هڪ ڪنجهڪار وانگر ٿي لڳو. نيٺ آسمان جي وسعتن ۾ اليڪسيءَ اهو جهاز به ڏٺو، جيڪو ڌنڌ ۾ ڪنهن وقت لڪي ويو ٿي ته ڪنهن وقت ظاهر ٿي ٿيو. ٺيڪ سندس مٿان جهاز لامارو ڏنو ۽ چڪر ڪاٽي ڏور هليو ويو. پوءِ جلدي ئي جهاز جو گوڙ به ختم ٿي ويو، پر ڪيتري دير کان پوءِ به اليڪسيءَ سمجهيو ته هو اڃا تائين اهو لطيف سينڍ جهڙو آواز ٻڌي رهيو آهي.

هن تصور ئي تصور ۾ پاڻ کي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ ڏٺو. کن پل ۾ هو پنهنجي جهنگل واري هوائي اڏي تي پهچي سگهيو پئي. هن جهاز ۾ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ شايد اندر ئي ديگتيارنيڪو هجي ۽ صبح سويري پيٽرولنگ ڪري رهيو هجي. اهڙن موقعن تي هو دشمنن سان مٺ ڀيڙ ٿيڻ جي اميد ۾ بنهه بلنديءَ تي جهاز اڏائيندو هو......... ديگتيارنيڪو........ هوائي جهاز........ ساٿي،

اليڪسيءَ جي جسم ۾ قوت جو هڪ تازو طوفان اٿيو ۽ هن کڏ جي برفيلي ديوار کي ڏٺو. ”آءٌ هن طرح ته ڪڏهن به نڪري ڪونه سگهندس.“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. ”پر آءٌ هتي ويٺو ويٺو موت جو انتظار به ته نٿو ڪري سگهان!“ هن خنجر ڪڍيو ۽ ڄميل برف کي خنجر سان ۽ واريءَ کي ننهن سان کوٽي کڏ جي ديوار ۾ پير رکڻ جي جاءِ ٺاهڻ لڳو ته جيئن ان جي مدد سان ٻاهر نڪري سگهي. پر هو ايترو ته ڪمزور ٿي چڪو هو جو خنجر جو ڌڪ بنهه آهستي ٿي لڳو ۽ آڱرين جا ننهن به رتو رت ٿي پيا. آخرڪار هو ٻاهر نڪري آيو. کيس تمام گهڻي تڪليف ٿي ۽ زخم رسيا، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به سندس ڪنن ۾ اڃا جهاز جو آواز گونججي رهيو هو. هن بيحد مشڪل سان پاڻ ۾ قوت گڏ ڪئي ۽ ان پاسي رڙهڻ لڳو، جتان جهاز جو آواز اچي رهيو هو.

(13)

ليڪن رڙهڻ ۾ کيس انتهائي دشواري محسوس پئي ٿي. سندس ٻانهون ڪنبڻ لڳيون ٿي ۽ جسم جو وزن جهلي نٿي سگهيون. ڪيترا ڀيرا سندس منهن وڃيو ڳرندڙ برف تي ٿي لڳو. ائين ٿي لڳو ته زمين جي ڪشش جي قوت ۾ ڪئين ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ بنهه ناممڪن ٿي پيو آهي. اليڪسيءَ جي دل گهڻو ئي چاهيو ٿي ته ليٽي پوي ۽ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ کن ته آرام ڪري وٺي، پر اڄ اڳتي وڌندو رهڻ جو عزم ته جنون جي حد اختيار ڪري چڪو هو. ان ڪري هو رڙهندو رهيو ۽ رڙهندو ئي رهيو. هو ڪريو ٿي، اٿيو ٿي ۽ وري رڙهيو ٿي. هن کي هاڻي نه ته بک جو احساس هو ۽ نه ئي درد ۽ پيڙا جو. هن کي ڪابه سڌ ڪانه ٿي پيئي. هن کي توپن ۽ مشين گن جي گوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو.

جڏهن سندس ٻانهن رڙهڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو، تڏهن هن ٺونٺين سان سرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ائين ڪرڻ انتهائي اذيت ناڪ هو. پوءِ هو پاسي ڀر گلاٽيون کائڻ لڳو. ها، هن طرح ڪجهه نمونو ٿي ويندو. هن ڏٺو ته هر هر گلاٽيون کائڻ رڙهڻ کان وڌيڪ آسان هو ۽ ان طرح گهڻي ٿڪاوٽ ڪانه ٿي ٿي. پر ائين ڪرڻ سان سندس مٿو ڦري ٿي ويو ۽ هو بار بار بيهوش ٿي ٿي ويو. کيس تمام گهڻي دير ترسڻو ٿي پيو ۽ ويهي زمين، آسمان ۽ جهنگل جي ناچ جي رڪجڻ جو انتظار ڪرڻو ٿي پيو.

هتي لطيف جو بيت

ايندو

هاڻي گهاٽو جهنگل ختم ٿي رهيو هو ۽ هنڌ هنڌ تي صاف حصا ڏسڻ ۾ ٿي آيا، جتان وڻ وڍيا ويا هئا. اليڪسيءَ هاڻي ان پاسي بلڪل ڪونه ٿي سوچيو ته هو پنهنجن ماڻهن ۾ پهچي به سگهندو يا نه؟ هن پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو ته جيستائين منجهس ذرو به قوت موجود آهي، تيستائين هو ان طرح گيلاٽيون کائيندو اڳتي وڌندو رهندو. جيڏي مهل هو ان خوفناڪ ٿڪاوٽ کان بيهوش ٿي ٿي ويو، جنهن جي تڪليف کان سندس ڪمزور جسم جو انگ انگ ڏکي رهيو هو، تڏهن به سندس ٻانهون ۽ جسم خود بخود گيلاٽين کائڻ جو هي ڏکيو ڪم پورو ڪري رهيا هئا ۽ هو برف ۾ گسڪندو ٿي رهيو توپن جي گوڙ ڏانهن، اوڀر ڏانهن.

اليڪسيءَ کي ياد ڪونه هو ته هن اها رات ڪيئن گذاري هئي ۽ اڳئين صبح جو هن ڪيتريون منزلون طئي ڪيون هيون؟ هرشيءِ هڪ نيم خود فراموشيءَ جي انڌيري ۾ گم ٿي ويئي هئي. پوءِ اوچتو هن کي هڪ غير معمولي آواز پنهنجي خود فراموشيءَ واري حالت مان سجاڳ ڪيو ۽ کيس هوش اچي ويو! هو ويهي رهيو ۽ چؤطرف جائزو وٺڻ لڳو. هو جهنگل جي هڪ صاف حصي ۾ هو، جتان وڻ وڍي ڇڏيا ويا هئا. هر طرف اُس چمڪي رهي هئي. ٻنپهرن جو سج آسمان ۾ بلند هو ۽ کونئر ۽ صنوبر جي خوشبوءِ برف جي گهميل هوا ۾ رچيل هئي. مٿي....... تمام مٿي هڪ چڪور ڳائي رهيو هو.

هڪ ناقابل بيان خطري جي احساس کان اليڪسيءَ چوڌاريءَ نگاهه ڊوڙائي. جهنگ جو هي حصو تازو صاف ڪيو ويو هو. ڪي وڻ ته بنهه هينئر وڍي ڪيرايا ويا هئا، ڇو ته سندن ٽاريون ۽ پن اڃا ساوا ۽ تازا هئا. ساڳئي وقت جتي جتي وڻن کي وڍ آيل هئا، اتان کونئر ماکيءَ جي لار وانگر ڳڙي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو ته جرمن پنهنجن مورچن لاءِ ڪاٺ وڍيندا هجن. ان صورت ۾ ته خير انهيءَ ۾ آهي ته ڀڄي جند ڇڏائجي، متان جرمن ڪاٺيارا پهچي نه وڃن. پر هن پنهنجي جسم کي بي جان، ڳرو ۽ سخت پيڙا ۽ اذيت ۾ گهيريل محسوس ڪيو. منجهس چرڻ جي طاقت ئي ڪانه رهي هئي.

ڇا آءٌ ساڳئي طرح رڙهندو رهان؟ جهنگ ۾ رهڻ جي ڪري منجهس هڪ خاص حس پيدا ٿي پئي هئي، جنهن کيس هوشيار ڪري ڇڏيو هو. هو ڏسي نٿي سگهيو، پر پوءِ به هن محسوس ڪيو ته ڪو ته آهي، جيڪو مسلسل سندس نگراني ڪري رهيو آهي. ڪير هوندو؟ جهنگ ۾ ماٺ ڇانيل هئي. آسمان ۾ هڪ چڪور پنهنجي پرينءَ جي ياد ۾ ڳائي رهيو هو. ڪاٺ ڪُٽي جي کٽ کٽ جو آواز پئي آيو، ڪي جهرڪيون وڻن جي ٽارين تي پاڻ ۾ وڙهي پيون هيون. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به اليڪسيءَ جي بدن جي نس نس ۾ اهو احساس سمايل هو ته ڪا شيءِ سندس جانچ ڪري رهي آهي.

وڻ مان هڪ ٽاري ٽڙڪي. هن مڙي ڏٺو. کيس نون ڄاول چيڙ جي وڻن جو جهڳٽو هوا ۾ لڏندو ڏسڻ ۾ آيو، پر ٻه ٽي ٽاريون اهڙيون به هيون، جن جي لڏڻ جو انداز هوا جي ڪري لڏڻ وارو ڪونه هو ۽ اتان کيس ڀڻ ڀڻ ٻڌڻ ۾ آئي، ماڻهن جي ڀڻ ڀڻ ـــــــــ جهڙي طرح ڪتي کي ڏسي سندس وار ڪانڊارجي ويا هئا، ساڳئي طرح سان هينئر به سندس لڱ ڪانڊارجي ويا.

هن هڪدم ورديءَ مان پستول ڪڍيو ۽ ٻنهي هٿن جي مدد سان گهوڙو چاڙهيو. ائين پئي لڳو ته گهوڙي چاڙهڻ جو آواز ٻڌي وڻن پٺيان ڪو حراسجي ويو هو.

”آهي ڇا، ماڻهو يا جانور؟“ اليڪسيءَ پنهنجو پاڻ کان پڇيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته ان جهڳٽي پٺيان ڪنهن کي پڇندي ٻڌائين ته ”ڇا هي ماڻهو آهي؟“ هي سندس وهم هو، سچ پچ روسي ٻولي ڳالهائيندي ڪنهن کي ٻڌو هئائين؟ ها، ڪنهن ڳالهائي ته روسي ٻولي! ۽ پڪ سان ڳالهائيندڙ روسي آهن. هو خوشيءَ ۾ چريو ٿي پيو؛ هڪ لمحو به نه سوچيائين ته اڳيان دوست آهن يا دشمن؟ ــــــــــ سندس وات مان رڙ نڪري ويئي. هن ٽپ ڏنو ۽ ان طرف رڙهيو، جتان آواز پئي آيو. پر هو هڪدم ڍيري ٿي ڪري پيو، جهڙوڪر کيس ڌڪو ڏيئي ڪيرايو ويو هجي ۽ سندس پستول برف تي ڪري پيو..........

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org