سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(ٻيو حصو)

 

صفحو : 12

 

 

محمد امين خان کوسو

 

        قدرت جون انسان تي جيڪي عنايتون آهن، تن ۾ هڪ هيءَ به آهي ته انسان کي حافظي ۽ ويسر ٻنهي نعمتن سان نوازيو ويو آهي. جيڪڏهن ماڻهوءَ کي حافظو نه هجي ته سندس جيئڻ جنجال ٿي پوي. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن کيس ويسر جي نعمت نصيب نه هجي، تڏهن به سندس زندگي زهر سان ڀرجي وڃي، ڇو ته انسان پنهنجا ڏک ڏاکڙا ۽ غم وساري ئي نه سگهي. سڄو وقت کيس سور ستائيندا رهن. ڪنهن شاعر چيو آهي:

ياد ماضي عذاب هه يا رب
چهين له مجهه سي ميرا حافظه

        محمد امين خان جڏهن هي جهان ڇڏيو ته مان ڪي ڏينهن ڍڪرن ۾ هئس. سندس ڳالهيون وري وري ياد ٿي آيون ۽ اکين جا نيسارا بند ئي نه ٿئي ٿيا.

        ساڻس ملاقات به عجب انداز سان ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم سان لاهور ويو هوس ۽ ”لاهور هوٽل“ ۾ ٽڪيو هوس. نما شام جي مهل هئي. مان به شهر مان ڪم لاهي موٽيس، ته هوٽل جي دروازي تي هڪ شخص کي بيٺل ڏٺم. کيس ڊگهي پٺاڻڪي سلوار، قميص، صدري ۽ پٺاڻڪو چپل پاتل هو. بدن ۾ سنهو، قد ۾ ڊگهو، ساٺيڪو ورهين جو ٿي لڳو. سفيد اڇي ڏاڙهي دن تي پئي پيس. ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيو هو.

        مون اڳتي وڌي کيس هٿ ڏنو ۽ چيو ته ”توهان محمد امين خان کوسا ته نه آهيو؟“

        ”آهيان. پر تون ڪير آن؟“

        ”مان رباني آهيان.“

        ”تو مون کي ڪيئن سڃاتو؟“

        ”مون پير حسام الدين راشديءَ ۽ شاهه صاحب جي-ايم-سيد کان اوهان جون الاهي ڳالهيون ٻڌيون آهن. سنڌ اسيمبليءَ ۾ گذدر جي نيڪ ٽاءِ ۾ اوهان هٿ وڌو هو نه؟“

        هو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

        ”پر پاڻ اڳ ۾ مليا ته ڪونه آهيون؟“

        ”نه“ مون جواب ڏنو.

        ”تو منهنجي تصوير به ڪانه ڏٺي آهي؟“

        ”نه“

        ”پوءِ ته تو سڃاڻڻ سان ڪمال ڪري ڇڏيو.“

        ”ڪابه ڪمال جي ڳالهه ڪانهي. مون ٻڌو آهي ته مولانا عبيدالله سنڌي هڪ دفعي ريل ۾ لاهور اچي رهيو هو. مولانا مودوديءَ سوچيو ته لاهور ۾ اسٽيشن تي الاهي خلق کيس ملڻ ايندي. سو، هڪ اسٽيشن اڳ ۾ وڃي ريل جو انتظار ڪرڻ لڳو. ريل آئي ته پاڻ گارڊ کان مولانا سنڌيءَ جي گاڏي جو پڇي، اندر گهڙيو ته مولانا سنڌيءَ چيس: ”اسلام عليڪم مودودي صاحب“ اهو ٻڌي وائڙو ٿي ويو. ”وعليڪم سلام“ چئي مولانا سنڌيءَ سان مليو ۽ چيائينس ته ”حضرت اوهان مون کي ڪيئن سڃاتو؟“ مولانا سنڌيءَ چيس ته تنهنجا مضمون پڙهيا اٿم. توکي ڏسڻ سان محسوس ڪيم ته اهو شخص تون آهين.“

       

 

 

 

محمد امين خان کوسو– پير حسام الدين راشدي

        ”پر مان ته مولانا سنڌيءَ جو معتقد آهيان.“

        ”مان به“ مون وراڻيو.

        ”ته پوءِ اڄ کان وٺي منهنجو يار آهين.“

        ان ڏينهن کان وٺي محمد امين خان کوسي سان منهنجي ياري ٿي ويئي. ياري به اهڙي جو هڪ دفعي خط ۾ لکيائين ته ”اڄ توکي ساري اکين مان ڳوڙها وهي آيا. وڌيڪ پاڻ ڄاڻ.“

        محمد امين خان ٺل جي پاسي جو ويٺل هو. پر سندس اها عادت هوندي هئي ته سال ۾ هڪ ٻه دفعو ڪراچيءَ، هڪ اڌ دفعو لاهور يا هڪ اڌ دفعو راولپنڊيءَ چڪر تي ويندو هو. ڪجهه زماني جو ڪم، ڪجهه وندر ورونهه. مان تن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ هوندو هوس. چنانچ، محمد امين خان ڪراچيءَ پهتو ناهي، ته مون کي تار ايندي ته ”يڪدم اچ.“ ٽڪندو سدائين هوٽل ۾ هو ۽ سواريءَ لاءِ هڪ ٽئڪسي سڄي ڏينهن لاءِ ڀاڙي تي ٻولي ڇڏيندو هو. پوءِ پاڻ ڪيڏانهن وڃي ته ڇا، نه وڃي ته ڇا. موٽر سڄو ڏينهن هوٽل جي در تي بيٺي هوندي. هوٽل جو ڪمرو ايئرڪنڊيشنڊ وٺندو ۽ ڪوشش ڪري ڪنڊ پاسي سان. ڪمري جي ٽيبل تي تازو ۽ خشڪ ميوو پليٽن ۾ سينگاري رکندو. هڪ ته ڏسڻ سان اکين کي فرحت، ٻيو ته سڄي ڪمي ۾ قدرتي خوشبوءَ. ڪراچيءَ ۾ انهن ڏينهن ۾ ”نيشنل سٽي“ هوٽل ۾ ٽڪندو هو. ڪمري ۾ ٻه پلنگ هوندا هئا. هڪ تي پاڻ ٻئي تي مان. سڄو وقت ڳالهيون اڳين زمانن جون.

        محمد امين خان هونئن ته شاهه صاحب جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشديءَ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي سان محبت ڪندو هو، پر سندس عشق ٻن ڄڻن سان هو: هڪ مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان ۽ ٻيو خانبهادر شهيد الله بخش سومري سان.

        مولانا سنڌيءَ ڪنهن دفعي کيس چيو هو ته ”اسان جو خان اڄ نماز جي امامت ڪندو.“ محمد امين خان اهو سرٽيفڪيٽ هڪ هزار دفعا مون کي وري وري ٻڌايو.

        هڪ ڏينهن وڃان ته چڙيو ويٺو آهي. چوڻ لڳو، ”تون هن کي سمجهائين نٿو؟“ مون چيو ”ڪنهن کي؟“ چيائين، ”مولانا قاسميءَ کي.“ مون چيو، ”خير؟“

        چيائين ته ”اڄ وٽس ويس ته لڳو مولانا سنڌيءَ سان پنهنجي محبت بيان ڪرڻ. هاڻي ڀلا ڪو پڇيس ته بابا، مولانا سنڌي منهنجو، مان مولانا سنڌيءَ جو. اڃا جيئرو جاڳندو ويٺو آهيان. تون ڪير ٿيندو آهين مولانا سنڌيءَ جي محبت جو دعويدار؟“

        مس مس مون کيس ٿڌو ڪيو.

        خانبهادر شهيد الله بخش سومري کي جيترو محمد امين خان ياد ڪندو هو اوترو سندس اولاد به کيس ڪونه ڪندو هوندو. چوندو هو،

        ”سنڌ جي مستقبل جو دستاويز الله بخش جي رت سان لکيل آهي. جيسين اهو نه پڙهيو ويو آهي، تيسين ٻيون سڀ ڳالهيون اجايون آهن.“

        هڪ دفعي خانبهادر الله بخش جي هڪ عزيز کي سکر جي ڊپٽي ڪمشنر وٽ نوڪري ڏيارڻ وٺي ويو. ڊي-سي- غير سنڌي هو. نخرا ڪرڻ لڳو. محمد امين خان دٻ ڪڍيس: ”تون ان شخص جي عزيز کي نوڪري ڏيڻ کان آنا ڪاني ڪري رهيو آهين، جنهن تو جهڙن سوين ڇوڪرن کي روزگار سان لاتو!“ ڊي-سيءَ-اوڏي مهل ئي آرڊر ڏنس.

        محمد امين خان ماڻهن کي خطاب ڏيندو هو. شاهه صاحب جي. ايم. سيد کي ”سيداعظم“، پير حسام الدين صاحب کي ”داناي راز“ مولانا قاسمي صاحب کي ”علم جو سمنڊ“ مون کي، ”رباني منهنجو ليڊر“ خطاب ڏنائين. پير علي محمد راشديءَ کي تمام ڏکيو خطاب ڏنائين. هڪ ڏينهن وٽس وڃان ته منجهيو سنجهيو ويٺو آهي. مون چيو، ”خير ته آهي؟“ چيائين ته ”راشديءَ کي فون ڪيم. ملاقات جو وقت مقرر ڪيو سون. پر چيائين ته خالي هٿين نه اچجانءِ.“ نذرانو کنيو اچجانءِ.“

        مون چيو ته ”تو کيس خطاب ته سٺو ڪونه ڏنو آهي؟“

        چيائين ته ”اها جدا ڳالهه آهي. پر ساڻس تعلقات ته پراڻا آهن.“ شام جو مليو ته چيائين ته ٻه چار هزار رپيا نذرانو ڏيئي آيس.

        مرحوم راشدي صاحب کي شابس هجي، جو محمد امين خان جي وفات تي، جنگ اخبار ۾ نهايت سهڻو مضمون لکيائين ۽ کيس سڪ سان ياد ڪيائين.

        محمد امين خان پاڻ کي به هڪ خطاب ڏنو هو: ”سنڌ پرستيءَ جي امام.“ ان تي هڪ غير سنڌيءَ ڏاڍو بحث ڪيس، پر پاڻ خطاب بدلايائين ڪونه. سنڌ سان محبت سندس رت ۾ سمايل هئي.

        ون يونٽ جي ڏينهن ۾ هيڪر لاهور هجي ۽ لاهور هوٽل ۾ ٽڪيل. ون يونٽ جي گورنر کان ملاقات جو ٽائيم ورتائين. جڏهن سيڪريٽريءَ جي ڪمري ۾ انتظار ڪري ٿڪو، تڏهن سيڪريٽريءَ کي چيائين ته: ”شير آيو آهي، ڪئي سان ملڻ.“

        هو اها ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويو ۽ وڃي گورنر کي دانهن ڏنائين. هن هڪدم اندر گهرايس. محمد امين خان ڪجهه چوي ئي چوي، ان کان اڳ چيائينس ته ”سنڌ جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟“

        محمد امين خان چيس ته، ”جي. ايم. سيد جي معرفت“

        هن پڇيس ته، ”جي. ايم. سيد ڪيئن راضي ٿيندو؟“

        محمد امين خان چيس ”منهنجي معرفت“

        هن چيس، ”اوهان ڪيئن راضي ٿيندا؟“

        محمد امين خان چيس ته، ”اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪريو.“

        گورنر اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ته ڪونه ڪيس، پر زمين جي ڍل جي بقايا معاف ڪيائينس.

        لاهور جو ئي ٻيو واقعو آهي. پاڻ به لاهور هوٽل ۾ ٽڪيل هو ۽ مان به. شام جو وڃان ته هڪ نوجوان ويٺو آهي. ڳالهين ڪندي مون کان ون يونٽ بابت سوال ڪيائين. مون تکو جواب ڏنس. هن وٺي بحث شروع ڪيو. پوءِ ته مون جيڪا ساڻس تعدي ڪئي، سا عمر ڀر ياد رکندو. مزي جي ڳالهه اها ته محمد امين خان هونئن ته سڄو وقت خاموش، پر رکي رکي وچ بحث ۾ چوي ته ”مان نه ون يونٽ جو موافق نه مخالف.“

        آخر ان نوجوان موڪلايو ۽ مون کي چيائين ته ”مان سڀاڻي پنهنجي بزرگ کي وٺي ايندس. اوهان ان سان بحث ڪجو.“

        جڏهن هو هليو ويو ته محمد امين خان مون کي ٿو چوي: (سڀاڳا، مون کان پڇين ته ها؟ ائين ئي بحث ۾ شروع ٿي وئين.)

        ”ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.

        اهو نوجوان سي-آءِ-ڊيءَ وارن جو ماڻهو هو. مان هوٽل ۾ وائي تبائي بڪندو رهندو آهيان، سو مون تي نظر ڪرڻ ايندو آهي.“ مون چيو، ”تو مون کي اڳواٽ ٻڌايو ڇو نه؟“

        چيائين، ته ”مان ته بار بار چوندو رهيس ته نه مان ون يونٽ جو موافق نه مخالف، پوءِ به تو ڪونه سمجهيو.“ ائين چئي اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪيو.

        هيڪر ڪراچيءَ ۾ هڪ هوٽل ۾ ٻئي ڄڻا گڏ هجون. چيائين ته رات ڪاڏي نه وڃجانءِ، مون الانا ۽ سندس گهر واريءَ جي دعوت ڪئي آهي.

        رات جو مرحوم الانا صاحب پنهنجيءَ گهر واريءَ سان آيو. واهه جي ڪچهري ٿي. تن ڏينهن ۾ قائداعظم تي ڪتاب لکي رهيو هو. پر مس فاطمه جناح سان اختلاف ٿي پيا هئس. قائداعظم جي ننڍپڻ جا ڪيئي قصا ٻڌايائين. چيائين ته ”جڏهن ڄائو هو ته سندس والده هڪ باس باسي هئي. سو ڪراچيءَ مان ڪاٺياواڙ جي پاسي، پانلي رياست ۾، سندس آبائي ڳوٺڙي ۾، مقامي پير جي مزار تي جهنڊ لهرائڻ لاءِ کڻي ويس. مائي صاحبه اڍائن سون ميلن جي سفر مان ٻه سو ميل ٻيڙيءَ ۾ ڪيا ۽ پنجاهه ميل بيل گاڏيءَ ۾. ڪنهن ٿي ڄاتو، ته مائي صاحبه جي ڪڇ ۾ جيڪو معصومڙو آهي، سو وڏي هوندي، هندستان جو ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائيندو.“

        محمد امين خان جي پوين ڏينهن ۾ به الانا صاحب ئي کيس ويجهو هو. مون کي تڏهن خبر پئي جڏهن جوڳي جوءِ ڇڏي چڪا هئا.

        الانا صاحب ٻڌايم ته گڙدن جي خرابيءَ ڪري ڳوٺان کڻائي آيس ۽ ڪراچي جي انڪل سريا اسپتال ۾ داخل ڪيائونس. ڊاڪٽرن دستوري ڪارروائي ڪئي. گلوڪوس جون بوتلون چاڙهيائونس. پوءِ اچي سين سان ورتائونس. ٽنب ٽنبان. غريب جڏهن اهي عذاب سهي ٿڪو، تڏهن هڪ ڏينهن موقعو ڏسي اسپتال ڇڏي ويو. بر ملڪ الموت اڳيئي سندس لاڏاڻي جو انتظام ڪري ڇڏيو هو.

        هيڪر مون مٿس زور آندو ته حياتيءَ جو احوال قلمبند ڪر. مس مس وڃي ڳالهه مڃيائين. پر چيائين ته لکڻ لاءِ ماڻهو موڪل. مون مهراڻ جي نائب ايڊيٽر ناشاد کي وٽس موڪليو. چيائينس ته ”ڇوڪرا ڀڄي وڃ، مان عاشق صفت ۽ معشوق مزاج ماڻهو آهيان.“

        محمد امين خان جي وفات سان سنڌ جي تاريخ جو هڪ باب پورو ٿيو. سندس تعلقات رڳو سنڌ ۾ ڪونه هئا. بلوچستان ۾ به هئا. مرحوم ڀٽي، بلوچ سردارن سان گفتگو لاءِ کيس اڳتي ڪيو هو. سنڌ ۾ شروعاتي هاري ۽ مزدور تحريڪن جو محمد امين خان هڪ امام هو. علي ڳڙهه ۾ پڙهي آيو هو. جيئن سنڌ پهتو ته انگريزن جي خلاف قوميت جو جهنڊو بلند ڪيائين. ان سبب سان مٿس خوني حملو ٿيو، جنهن ۾ سخت زخمي ٿيو. حياتي هئس، سو بچي ويو. خانبهادر الله بخش سومري جي ساڻس ڏاڍي دل هوندي هئي. محمد امين خان سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي اهم راز سيني ۾ ساڻ کنيو ويو.

        سندس وفات کان پوءِ هڪ دفعي، ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويٺو هوس، ته سندس ڀاءُ موٽر اچي آفيس جي در تي جهلي. چيائين ته ”ڪراچيءَ کان حيدرآباد وڃي رهيو هوس ته اوچتو محمد امين خان جو آواز ٻڌم: ”ربانيءَ سان ملندو وڃ.“

        مون آفيس جي ڪمري جي دري کولي. رستي تي نٽهڻ اُس کانسواءِ ڪجهه ڪونه هو. دري بند ڪيم ته محمد امين خان جو ٽهڪ ٻڌم ”رباني منهنجو ليڊر.“

گذريل زمانا ياد آيا ۽ اکيون آليون ٿي ويون.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org