سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(ٻيو حصو)

 

صفحو : 8

 

 

مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي

 

دادو ضلعي ۾، ڦڪن جي ڳوٺ کان ٿورو پر ڀرو، ميان يار محمد ڪلهوڙي جو قبو آهي. قبي ۾ اندر گهڙبو ۽ مزار وٽ پهچبو ته مٿانئس ڏنڊا لڙڪندا نظر ايندا. مجاور روايت بيان ڪندو آهي ته ميان سنڌ ڏنڊي جي زور تي ورتي هئي، ان ڪري اڄ به سندس مزار تي ڏنڊا نشانيءَ طور رکيا ويا آهن.

ان روايت جون ٻه معنائون نڪرن ٿيون: پهرين هيءَ ته سنڌ سوٽي سان ٻڌل آهي ۽ ٻي هيءَ ته سنڌ وٺڻ اهڙو ته آسان ڪم آهي جو ان لاءِ ڪاٺيءَ جو هڪ ڏنڊو ئي ڪافي آهي.

تاريخي طور پهرين معنى پوئينءَ کان شايد وڌيڪ صحيح هجي، ڇو ته مون مرحوم حنيف صديقيءَ وٽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڪهاڙي به ڏٺي هئي. ڪنڌ ڪپڻ لاءِ ڪو تکو هٿيار کپي، پوءِ ترار نه ته ڪهاڙي ئي سهي.

سنڌ جو تاريخي نويس اها شاهدي ڏيندو ته مغلن کان سنڌ جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ خود ڪلهوڙن فقيرن کي ڪا گهڻي ترار هڻڻي ڪانه پيئي هئي، ۽ نه وري کين سيکت ڏيڻ لاءِ نادر شاهه کي ايران ۽ افغانستان مان ڪا فوج ظفر موج آڻڻي پيئي هئي. گهوڙي سوارن جي هڪڙي ئي ڪٽڪ سان سڄي سنڌ کي تاراج ڪري، عمر ڪوٽ وڃي، ميان نور محمد کي ڳچيءَ کان جهليو هئائين. ڪجهه سالن بعد، مدد خان پٺاڻ، سندس ئي نقش قدم تي هلندو، سنڌ  پهتو هو ۽ نادر شاهه کان به گهٽ گهوڙي سوارن جي ڪٽڪ سان سڄيءَ سنڌ کي ڦريندو، سٽيندو، ڪٽيندو وڃي مٿي چڙهيو هو.

شايد انهن ۽ ان قسم جي ٻين تاريخي واقعن کان متاثر ٿي، مشهور انگريز مورخ رچرڊ برٽن سنڌي ماڻهوءَ جي ڪردار تي راءِ زني ڪندي، خنجر جي نوڪ، زهر مان ٻوڙي، هي جملو لکيو هو ته ”سنڌي ڪوڙو، گيدي ۽ گدلو آهي.“ برٽن جنهن وقت سنڌي ماڻهوءَ بابت اها ججمينٽ پاس ڪري رهيو هو، ان وقت دودي ۽ دريا خان جو تاريخي ڪردار شايد سندس ذهن ۾ ڪونه هو.

شايد ڪابه قوم پيدائشي طور نه بهادر ٿئي ٿي نه بزدل. بهادريءَ ۽ بزدليءَ جا اسباب به گهڻي قدر تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن تي منحصر هوندا آهن، ڇو ته خود فرد جي عمل جو دارو مدار به وڏيءَ حد تائين مادي حقيقيتن جي تابع هوندو آهي.

ٻهراڙيءَ ۾ جڏهن ڪا زمين سٺو فصل ڪانه ڏيندي آهي، تڏهن هاري ٻڌائيندو آهي ته ”زمين کي ويساهين ڪانه ٿي ملي. سال بسال ڪاهڻ ڪري، طاقت ڇڏي ويئي آهي.“ سنڌي ماڻهن جو به ساڳيو حال آهي.

اسلامي تاريخ جي ٽئين نمبر خليقي حضرت عثمان غني رضه جي زماني ۾، سنڌ بابت انٽيليجنس رپورٽ طلب ڪئي ويئي هئي. ان وقت جي آءِ بي جي عملدار اطلاع موڪليو ته ”سنڌ جو پاڻي کارو، کجور ردي ۽ چور بهادر آهن.“.

اڄ چوڏهن سئو ورهيه گذرڻ کانپوءِ به سنڌ ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جو ڏهڪاءُ آهي. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته سنڌي معاشرو ايامن کان وٺي تلاءَ جي پاڻي وانگر جامد آهي. پنج هزار ورهيه اڳ جيڪا بيل گاڏي موهن جي دڙي ۾ هلندي هئي، ساڳي بيل گاڏي اڄ به اسان جي ڳوٺن ۾ رائج آهي.

سنڌي معاشري جو جمود ڪي قدر انگريزن جي ڏينهن ۾ ٽٽو. ريل ۽ فون ڪجهه چرپر پيدا ڪئي. پر انگريزن هڪ وڏو ظلم به ڪيو. سو هيءُ ته پنهنجي بادشاهيءَ جا ڇاڙتا پيدا ڪرڻ لاءِ __ خصوصاً 1857ع واري بلوي کانپوءِ __ سنڌ ۾ وڏيون وڏيون جاگيرون عطا ڪيائين. اهي ٽوڊي جاگيردار ”شهنشاهه تون اسان جي کي، سلامت رک خداوندا“ جا ترانا ڳائيندا هئا ۽ غريبن جو رت چوسيندا هئا.

سنڌ ۾ پيداوار جو مکيه ذريعو زمين آهي. پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه سال پوءِ، هڪ سروي رپورٽ ذريعي معلوم ٿيو ته ”لکين ماڻهن کي زمين جو هڪ جريب به ڪونهي. ٻئي طرف مٺ جيترا ماڻهو آهن جن وٽ لکين جريب زمين آهي.“

گويا سنڌ جي آبادي ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي: هڪ مٿيون طبقو، جنهن ۾ ڳاڻ ڳڻيا گڻنگ زميندار آهن. هنن لاءِ هيءَ ڌرتي جيئري ئي جنت آهي. سنڌي معاشري ۾ ان طبقي جو جبر صدين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. مجال آهي جو رئيس جي حڪم کان سواءِ  سندس تر ۾ وڻ جو ڪو پن به لڏي سگهي.

چون ٿا ته ٺٽي ضلعي ۾، شاهه عنايت جهوڪ واري خدا جي خلق کي مغلن ۽ ڪهلوڙن جي ظلم کان بچائڻ لاءِ سنڌي عوامي تحريڪ هلائي هئي، جنهن ۾ گهڻي قدر عام ماڻهو شامل ٿيا. اهو ڏسي حاڪمن جي چرچ تي مقامي زميندارن شاهه عنايت جي سري، ڪلهن تان ڪپرائي ڇڏي __ پوءِ ڪهاڙيءَ سان نه ته ڪات سان ئي سهي!

ان قسم جا ڪارناما سنڌ جي زميندار طبقي جو عام شغل آهن. سنڌ جي تاريخ جي صفحن تي، غريبن، مظلومن ۽ سندن واهرو مجاهدن جي رت جا ڇنڊا آهن.

سنڌي معاشري جو مظلوم يعني هيٺاهون طبقو، هارين، نارين ڪمين ڪاسبين، ۽ عام پورهيت ماڻهن تي مشتمل آهي. ان طبقي ۾ لکين پيٽ بکيا ۽ انگ اگهاڙا، اڀاڳا انسان آهن. جيڪي جيئري ئي جهنم ۾ داخل آهن. ڀٽائيءَ جو هي بيت سندن حال جو ترجمان آهي:

”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام“

سنڌ جو اهو هيٺيون طبقو تقريباً جانورن جي ليول تي زندگي گذاري ٿو. هر قسم جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو آهي. زندگيءَ جي بنيادي سهولتن ۽ آسائشن کان محروم آهي. سڀ کان افسوس جي ڳالهه اها آهي ته خود پنهنجن حقن کان محروميءَ جي شعور کان ئي عاري آهي. انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ نالي ماتر سنڌ جو وچولو طبقو آهي، جنهن ۾ وقت گذرڻ سان ۽ تعليم جي وڌڻ سان ۽ روزگار جي ٿورن گهڻن نون ذريعن پيدا ٿيڻ سان هاڻي ٿورو گهڻو ساهه پيو آهي.

اهو طبقو پنهنجي بقاءَ سان گڏ، هيٺئين طبقي جي حقن لاءِ به جدوجهد ڪري ٿو. ان طبقي مان ماضيءَ ۾ برک ديني رهنما، عالم، اديب، شاعر، دانشور، سياسي ڪارڪن ۽ قومي ورڪر پيدا ٿيا، جن سنڌ جي تقدير کي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن مجاهدن ۾، نسبتاً هڪ غير معروف نالو، مرحوم مولوي صاحب حافظ عبدالحميد ڀٽي آهي، جو سنڌ جي ممتاز اديب ۽ دانشور رشيد ڀٽيءَ جو والد بزرگوار هو. موصوف ويهينءَ صديءَ جي آغاز ۾ سنڌ جي وچولي طبقي ۾ دنيي گهراڻي ۾، قديم تخت گاهه اروڙ ۾ پيدا ٿيو. جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن پنهنجن ديني عقيدن موجب زندگي گذارڻ ۽سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا پير پختا ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪيائين. منو سئو ورهين جي ڪامياب زندگي گذاريائين. هن جهان ۾ اڇو اجرو آيو هو ۽ اڇو اجرو موٽي ويو. پنهنجن پوين لاءِ روشن مثال ۽ قابل فخر ڪارناما يادگار ڇڏي ويو الله ۽ رسول جون شال مٿس رحمتون هجن!

مرحوم مولوي صاحب جي ملاقات جو پهريون ڀيرو شرف مون کي ڪيئن ۽ ڪٿي حاصل ٿيو، اهو هاڻي ياد ڪونهيم. پر رشيد ڀٽيءَ سان پهريون ڀيرو ڪڏهن ۽ ڪٿي مليس، اهو چٽو پٽو ياد اٿم. غالباً سال 1954ع هو. مان حيدرآباد ۾ انٽر سائنس جو امتحان ڏيڻ کانپوءِ پوءِ مرحوم حفيظ شيخ جي صلاح تي، ڪراچيءَ هليو ويس ته اتي آرٽس ۾ داخلا وٺان، نوڪري ڪريان ۽ پنهنجي تعليم جاري رکان. حفيظ جي ئي مدد سان ميٺا رام هاسٽل ۾ رهائش جو عارضي انتطام ٿيو. ستت اتي نور الدين سرڪيءَ سان وقفيت ٿي، جو تڏهن سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن هو. هيڪر ساڻس گڏ سنڌ مدرسيءَ واري هاسٽل ۾، ادبي سنگت جي اجلاس لاءِ ويس. سرڪي ۽ مان سڌو رشيد ڀٽي جي ڪمري تي وياسين. هو گنجيءَ ۽ گوڏ ۾ ننڊ پيو هو. اٿاريو سونس. منهن تي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي، کٽ تي سڌو ٿي ويٺو. مون سندس چهري کي جاچيو ته آمريڪي افسانه نويس او هينري ياد آيو. هن هڪ افسانو لکيو آهي Christ & the Devil ان افساني ۾ هڪ آرٽسٽ ٻن چهرن جي تلاش ۾ آهي: هڪ اهڙو معصوم جهڙو حضرت عيسيٰ ۽ ٻيو اهڙو ڀيانڪ جهڙو خود شيطان. مون کي رشيد ڀٽي جي چهري ۾ او هينري جي آرٽسٽ کي گهربل معصوم چهرو نظر آيو. منهن مهانڊي ۾ صفا گول گپو. اکيون اهڙيون نرم، اهڙيون پاڪ ۽ پوتر، جهڙيون ٻليءَ جي پونگڙي جون. جڏهن خوش ٿي نهاري ته ڄڻ ڪنواري ڇوڪري ٿي مسڪرائي، پر جڏهن دل کولي ٽهڪ ڏئي ته ڄڻ ڌرتي جو زلزلو آيو.

انهيءَ ملاقات  کانپوءِ اسان جون تڪڙيون تڪڙيون گڏجاڻيون ٿيون جن جي نتيجي ۾ رشيد ڀٽيءَ سان واقفيت آهستي آهستي سنگت ۾ تبديل ٿي. جڏهن هڪ ٻئي جي ويجهو آياسين تڏهن پتو پيو ته منهنجويار ڪنهن گهرو پرابلم ۾ ورتل آهي. مولوي صاحب مرحوم ٻه شاديون ڪيون هيون، جنهن جو نتيجو اهو ئي نڪتو جو اهڙين حالتن ۾ نڪرندو آهي، يعني ٻنهي زالن جا ٻار ڏچي ۾. رشيد جو هڪ مائٽ هوندو هو ماستر صاحب مرحوم. عجيب انسان هو. (هاڻي کيس مرحوم لکندي ڏاڍو عجب ٿو لڳي) نياز همايوني کيس ٽيٿر ڪوٺيندو هو، ڇو ته ڏند اڇاترا هئس ماستر صاحب جو مهيني ماسي ڪراچي چڪر لڳندو هو، ان جو خاص سبب هو رشيد ڀٽيءَ جو گهرو پرابلم. آخر اهڙو وقت آيو جو ماستر صاحب هڪ دفعي سکر مان سهي سنبري رشيد ڀٽيءَ کان ڪراچي ڇڏائڻ آيو. اها ڳالهه اسان سڀني کي ڏاڍي ڏکي لڳي، پر هئاسين لاچار! ماستر  صاحب دڙڪو ڏنو ته رشيد ڀٽي گهر کان پري رهندو ته مولوي صاحب کيس ملڪيت مان حصو پتي ڪونه ڏيندو. اهو هو پهريون پهريون تاثر، جو مولوي صاحب جي باري ۾ منهنجي ذهن تي ويٺو.

مولوي صاحب جي رشيد ڀٽيءَ سان مبينه رنجش جو ڪارڻ رڳو گهرو حالتون ڪونه هيون. مولوي صاحب کي ٻڌايو ويو ته هو ته رشيد ڪراچيءَ ۾ ڪارن ڪافرن جي ور چڙهي ويو آهي ۽ دين ڌرم بابت وائي تبائي بڪي ٿو.

ڳالهه ۾ ٿورو گهڻو سچ هو. رڳو رشيد کي نه پر اسان سڀني کي ٻرڪو جاستي اچي ويو هو. ترقي پسنديءَ جو پهريون مطلب اهو ٿي سجهيو ته مذهب جي پيرويءَ کان آجو ٿجي جو اها هڪ دقيانوسي ڳالهه آهي. ٻيو ته سڀ کان اعليٰ ۽ اتم ڳالهه اها آهي ته زندگيءَ جي مڙني نعمتن کان منهن موڙي، مزورن ۽ ڪلارڪن جون انجمنون ٺاهجن. پر جي ائين به نه ڪري سگهجي ته پوءِ انهن بابت قصا ۽ ڪهاڻيون لکجن. درحقيقت جوانيءَ جو زمانو ڏاڍو پرجوش ٿئي ٿو. ماڻهو، جذبات جي رو ۾ وهي، الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري ٿو. بعضي ته ڪيس ٿي ٿا وڃن. مرحوم حسن ناصر جو قضيو مونکان ڪڏهن ڪونه وسرندو. گلاب جي گل جهڙو خوبصورت ۽ ڪيهر شينهن جهڙو باهمت نوجوان، نادان دوستن جي سنگت ۾، موت جي منهن ۾ هليو ويو. پوليس وارن کي ته اهڙو شڪار الله ڏياري، لاش ئي گم ڪري ڇڏيائون،  وارثن کي ڪو ٻيو مئل ماڻهو ڏيکاريائون، جن لاش وٺڻ کان ئي انڪار ڪيو. ڪامريڊن جي لڏي ۾، مون کي هڪ ئي سيبتو ماڻهو مليو__ سوڀو گيانچنداڻي. کيس ڏسي ڪتابن ۾ گوتم ٻڌ ۽ گانڌيءَ بابت لکيل احوال ياد ايندو هو. پر سنڌي مائرن سوڀي جهڙا سدورا پٽ ڪل گهڻا ڄڻيا آهن!

انهن ڪامريڊن جي مقابلي ۾ ٻئي طرف جيڪو ٽولو هو، تن ۾ اڪثر منهن ۾ مومن پر اندر ۾ ابليس هئا. هو مذهبي ڪفن چور هئا. دين جي نالي تي دنيا جا مطلب سڌا ڪندا هئا، وٽن ڪفر جي فتوائن جي فيڪٽري سدائين چالو هوندي هئي سندن مڪروهه صورت ڏسي ڀلارو ڀٽائي ياد ايندو هو!

ملان مرئي ماءُ، پتو ڦاٽئي پيٽ ۾،
سڃاڻي الله، ٽٻي ڏنئي ڌوڙ ۾.

زندگي جي انهيءَ چوراهي تي ٽپتاين ۽ ٺڳن کان بچائڻ لاءِ اسان جي واهر واسطي ٽيون گروپ به موجود هو، اهي هئا اسان جا والدين. ماءُ ۽ پيءُ کان مٿي اولاد جو خيرخواهه ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ٿئي، پر اسان جي مٿن نگاهه ئي ڪانه ٿي پيئي، ڇو ته گهر جو پير چلهه جو مارنگ ٿيندو آهي. مولوي صاحب ۽ رشيد ڀٽيءَ جي معاملي ۾ به اها صورتحال واقع هئي. غالباً مون کي مولوي صاحب جو پهريون پهريون ديدار تڏهن نصيب ٿيو جڏهن رشيد سان ملڻ لاءِ سکر ويس. ان ڀيري رشيد مون کي سکر شهر خوب گهمايو. ڪوبه اهم هنڌ ۽ ماڳ ۽ ڪابه تاريخي جاءِ، آدم شاهه ڪلهوڙي جي مقبري کانسواءِ ڪانه ڇڏيائين. اسان نيرن پاڻي ڪري، گهمڻ گهتڻ نڪرندا هئاسين ته عين ان مهل مولوي صاحب لڪڻ هٿ ۾ کنيون، گهر يا پريس مان ٻاهر نڪرندو هو ۽ نوڪر کي جيپ

گيراج مان ڪڍڻ لاءِ چوندو هو. کيس سڌ ته هوندي هئي ته مهمان ٽڪيل آهي، پر هو اڪثر ماٺ ڪري جيپ ۾ چڙهي هليو ويندوهو. پنج ست ماڻهو ساڻس سدائين گڏ هوندا هوندا.

ستت ڀٽيءَ وٽ منهنجو اچڻ وڃڻ تڪڙو تڪڙو ٿيڻ لڳو ۽ مان اڪثر مولوي صاحب جي منهن پوڻ لڳس. هيڪر ڪنهن طرح پريس ۾ هليو ويس ۽ اتي ڪٽنگ مشين ۽ ٽائيپ جا ڪيس ڏسي رهيو هوس، جو مولوي صاحب اندران پنهنجي ڪمري مان نڪتو. نهايت خنده پيشاني سان کيڪاريائين. ۽ ايڏيءَ تعظيم و تڪريم سان مليو جو سندس ڀئو ڀولو دل ۽ دماغ تان لهي ويو. ان کان پوءِ جڏهن به سکر ويندو هوس ته اڪثر ساڻس ملاقات ڪندو هوس. بعضي اسان جي هلڪي سلڪي ڪچهري به ٿي ويندي هئي. مرحوم مولوي صاحب سرار مکڻ ماکي هو! ملائڪ ماڻهو هو! ڪڻڪ رنگو، گول چهرو، اکين ۾ شرافت، چاپئين ڏاڙهي، جنهن ۾ اڇا ۽ ڪارا گڏ هئا، بت ۾ البت ڀريل، ڳورو مڙس. جڏهن وک کڻي هلي ته ائين ڀانئجي ته لڱائي ٿو. اڪثر لڪڻ هٿ ۾، لباس قميص ۽ سلوار، بعضي ڊگهو چولو ۽ گوڏ به ڪندو هو. مٿي ۾ مون کيس اڪثر جناح ڪئپ ڏٺي. ٻيو دل تي اهو تاثر اٿم ته نيروٽي پوتڙو يا بوڇڻ بت تي وڙهيندو هو.

هفتيوار ”المنار“ اخبار، جنهن جو پاڻ مالڪ ۽ ايڊيٽر هو، بوقت ضرورت، لٺ باٺي وانگر به استعمال ڪندو هو. ان ۾ ”شذرات“ جو ڪالم لکندو هو. سندس اخبار نويسيءَ جو قصو مون سڀ کان اول مرحوم پير حسام الدين راشدي کان ٻڌو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مرحوم پير صاحب مرحوم مولوي صاحب گڏجي اخبار ڪڍندا هئا. ان ئي زماني ۾ مرحوم پير صاحب جا پهريان پهريان ادبي ڪتاب مرحوم مولوي صاحب جي سنگت ۽ ساٿ ۾ ڇپيا. تن ڏينهن ۾ پير صاحب اڃا اسڪالر ڪونه بنيو هو، پر نو آموز لکندڙ هو. ”فداي الراشدي“ تخلص ڪندو هو. جڏهن اسان سندس سنگت ۾ آياسين، تڏهن سنڌ جو مڃيل مورخ هو. چنانچ اسان تي ائين ئي شفقت ڪندو هو، جيئن بزرگ ننڍن تي ڪندا آهن. ڪچهريءَ ۾ جڏهن ڀٽي موجود هوندو هو تڏهن پير صاحب سکر ۾ اخبار نويسيءَ ۽ مرحوم مولوي صاحب جي سنگت جا قصا ڪڍندو هو. هيڪر رشيد ڀٽيءَ کي فرمائش ڪيائين ته مون کي پنهنجا پراڻا ڪتاب آڻي ڏي. ڀٽيءَ کي سڀ ڪتاب ته هٿ ڪونه آيا پر جيڪي مليس سي آڻي پير صاحب کي ڏنائين. مولوي صاحب جي پريس ۾ ڇپيل اڪثر ڪتاب مذهبي نوعيت جا هئا. انهن ٽاڻن ۽ آثار جي آڌار تي مون مولوي صاحب جو جيڪو ذهن ۾ نقشو تيار ڪيو، سو هن ريت هو.

مولوي صاحب بنيادي طرح مذهبي ماڻهو هو. مذهب سان محبت مولوي صاحب کي وڏن کان ورثي ملي هئي. الور جي پاسي سندن ڏاڏنگ ۾ هڪ درگاهه اڄ تائين موجود آهي. غالباً اهو ساڳيو بزرگ آهي، جنهن لاءِ رشيد ڀٽيءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته وٽس جن پڙهندا هئا.

 

 

 مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي

( مان ان ڳالهه لکڻ تي کيس چيڙائيندو هوس) الور مولوي  صاحب جو اباڻو ڳوٺ آهي. چنانچ اتي کيس وڏن کان ورثي ۾ ٿورو گهڻو شايد ٻنيءَ جو ٻارو به مليو. ابتدا ۾ اها ڪا ايڏي وڏي ملڪيت ڪانه هئي، جنهن جي آڌار تي ماڻهو سکر جهڙي گجندڙ شهر ۾ گهر ٻڌي وهي، پر مولوي صاحب شهر جي واءُ لڳڻ کانپوءِ به پنهنجي ٻني ٻاري کي وساريو ڪونه، بلڪه اُن کي صحيح معنيٰ ۾ ڊيولپ (Develope) ڪيو، ازانسواءِ پنهنجي پريس قائم ڪيائين. هفتيوار اخبار ڪڍي پنهنجواثر رسوخ وڌايائين. ضرورتمند ماڻهن سان گڏجي مختلف آفيسن ۾ سندن ڪمن ڪارين سان وڃڻ سندس روزمره جو نيم هو. ان طرح هو صحيح معنيٰ ۾ عام ماڻهن جي مسئلن کان واقف رهندو هو ۽ عوامي ليول تي عام ماڻهن جو هڏڏوکي، ساٿي ۽ مددگار رهندو هو. موٽ ۾ خدا جي اها خلق رڳو سندس مڙهيءَ جيپ ۾ پيٽرول ڪانه وجهرائيندي هئي، پر اوليءَ سوليءَ کيس ڪم به ايندي هئي. شهر جي هندو واپارين سان ڀائيچارو ڪري روهڙيءَ ۾ سارين ڇڙڻ جو ڪارخانو هنيائين. قدرت کيس قناعت جي نعمت سان نوازيو هو. سو، رڳو پاڻ وچولي درجي جي هڪ خوشحال ماڻهوءَ جي حياتي ڪانه گذاريائين، پر پنهنجن پوين لاءِ به گهڻو ڪجهه ڇڏي ويو. جاگيراڻي محلي ۾ ان جي آسپاس ڪافي پڪين جاين ۾ رهندڙ ماڻهو مولوي صاحب جا ڪرائيدار آهن. اهي سڀ جايون هاڻي مولوي صاحب جي خاندان جي ملڪيت آهن، ۽ انهن جي قيمت لکن ۾ ته ضرور هوندي. سنڌ جي حساب سان وچولي طبقي  ۾ اشراف ماڻهو ان کي چئبو آهي، جيڪو پنهنجيءَ سهنجيءَ وارو هجي، اوڙي پاڙي ۾ عزت هجيس، غريب غربيءَ کي اوکيءَ مهل سڏ ۾ سڏ ڏئي، رڳو پاڻ سڻڀو ٽڪر نه کائي پر مهمان لاءِ به دسترخوان ڪشادو ڪري، الله ۽ رسول جو نالو وٺندو هجي، ان معيار تي پرکبو ته مرحوم مولوي صاحب هڪ آئيڊيل سنڌي نظر ايندو.

پاڪستان ٺهيو ته پان وڌيو. چڱن ڀلن پنهنجن ٻارن کي سنڌي اسڪول موڪلڻ بدران اردو سيکاري ۽ انگريزي پڙهڻ لاءِ ڪانوينٽ اسڪول ۾ ويهاريو. ڄڻ ته شاهه، سچل، مخدوم معين، مخدوم نوح ۽ لنواريءَ جي لعل محمد زمان جي ٻولي غير مهذب هئي.پر مولوي صاحب ان غير سنڌي ڪلچر کان ڪوهين دور رهيو. سڄي ڄمار رهيو سکر جي وچ ۾، پر پنهنجي ڪنڊ وسايائين جا خالص سنڌي ماحول جي ڏک ڏيندي هئي. سندس گهر مان جيڪا ماني پچي ايندي هئي، سا رڳو پنڊين ۾ رکيل ڪانه هوندي هئي، پر ان ۾ ساءُ سڳنڌ به خالص سنڌي ٻوڙ ۽ مانيءَ جو هوندو هو. گويا ماڊرن اکر جي هوا ڪڏهن به مولوي صاحب جي جيئري سندس گهر جي ماحول کي گرد آلود نه ڪيو.

گهرن جي ٻنڀي اڳيان، نڪ سامهون روزگار جو هڪ ذريو يعني پريس هنيائين ته دل جي پاسي يعني کاٻي طرف الله جو گهر اڏيائين، يعني جي پير گهر مان نڪري ته رزق حلال جي ڳولا ۾ يا وري الله جي گهر ڏانهن کڄي. خبر ناهي ته سونهاري سنڌ اهڙا اصحابي انسان اڃا ڪيترو زمانو ڏسي سگهندي! رمضان شريف جي مهيني ۾ انهيءَ مسجد ۾ خاص رونق اچي ويندي هئي. بجليءَ جون سفيد راڊون نوراني سمون پيدا ڪري ڇڏينديون هيون. تر جا مولودي اچي گڏ ٿيندا هئا. اهڙِ ريت مولوي صاحب جسماني لذت جي طالبن لاءِ روحاني غذا جا اسباب به مهيا ڪري ڏيندو هو. پر تڏهن منهنجي اک پٽيل ڪانه هئي، گهڻو پوءِ جڏهن مون ۾ ماڻهپو موٽي آيو ۽ قدرت انهيءَ مسجد شريف ۾ سجدي ڏيڻ جي سعادت نصيب ڪئي، تڏهن جوڳي جوءِ ڇڏي چڪا هئا.

مولوي صاحب هڪ سجاڳ ذهن وانگر وقت جي حالتن ۽ سياست ۾ پوري دلچسپي رکندو هو، پر ان ميدان خار زار ۾ سوچي سمجهي وک کڻڻ جو قائل هو. بنيادي طرح قومپرست ۽ محب وطن ماڻهو هو. غالباً جوانيءَ ۾ خلافت تحريڪ سان وابسته رهيو هو، جنهن جا اثرات سڄي عمر سندس ذهن تي رهيا. هونئن مقامي ليول تي پيرزادا پارٽيءَ سان دعا سلام رکندو هو.

جڏهن رشيد ڀٽي تي ڪامريڊ سياست جو پاڇو پيو ۽ جيل ياترا نصيب ٿي ته مون مولوي صاحب کي اداس ڏٺو. منهنجي خيال موجب ان جو سبب اهو ڪونه هو ته سندس پيٽ ڄائو پٽ جيل ۾ بند هو، پر ان ڪري جو هن کي جن خيالن جي پرچار جي الزام هيٺ پڪڙيو ويو هو، سي مولوي کي پسند ڪونه هئا. ان ئي سبب ڪري هو رشيد ڀٽيءَ جي اڪثر سنگتين کان به شاڪي رهندو هو، جي کيس مٿي ڦريل ماڻهو لڳندا هئا. زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ پاڻ ان صورتحال سان سمجهوتو ڪري چڪو هو. هوڏانهن رشيد ڀٽي به زماني جا ڏنگ سهي، پڪو پختو ٿي چڪو هو. منجهس به ڪي قدر مرحوم مولوي صاحب واريون خصلتون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون. وڏڙن جي تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ، ڪفايت ۽ قناعت ڪرڻ، وک سوچي سمجهي کڻڻ، سنڌ سان محبت ڪرڻ پر گاسليٽي ڪامريڊ کان پاڻ بچائڻ، کري کوٽي کي سڃاڻڻ، پراڻا لاڳاپا نڀائڻ، گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ زماني جا فرض ادا ڪرڻ وغيره وغيره. پوءِ، پيءُ ۽ پٽ هڪ ٻئي جو ادب ڪندا هئا. هاڻي رشيد ڀٽي مولوي صاحب جو پڳدار پٽ هو ۽ مولوي صاحب کي مٿس ناز هو.

ڀٽائي صاحب رحمت الله عليه لاءِ روايت آهي جڏهن سندس والد بزرگوار شاهه حبيب جي وفات جو وقت ڀرجي آيو، تڏهن پيءُ کان پرڀرو هو. چنانچ شاهه حبيب کيس سڪ سان ساري هڪ بيت چوائي موڪليو:

”جيڪي مئي ڪنداءُ، سو جانب ڪريو جيئري“

ڀٽائي صاحب بيت ٻڌي جواب موڪليو:

”متان ٿئين ملول، حد ٻنهي جي هيڪڙي.“

مولوي صاحب هي جهان دل جي عارضي سببان ڇڏيو. هو علاج لاءِ ڪجهه ڏينهن واسطي اسپتال ۾ داخل ٿيو. اهو سمورو وقت پڳدار پٽ رشيد ڀٽي ۽ ٻيا هردم سندس حضور ۾ حاضر هوندا هئا. ”اسان ويٺا ڳوڙها ڳاڙيندا هئاسين، پر پاڻ مرڪي اسان کي رنن وانگر رئڻ جا طعنا ڏيندو هو.“ رشيد ڀٽيءَ مولوي صاحب جي وفات تي سندس ياد ۾ سڪ سان هڪ مضمون لکيوآهي.

اهي ڳوڙها رشيد ڀٽيءَ طرفان پنهنجي پياري پيءُ جي حضور ۾ ادب، سڪ ۽ پيار جو نذرانو هئا. هي اهو ساڳيوئي ڪامريڊ رشيد ڀٽي هو، جنهن کي مرحوم مولوي صاحب چوائي موڪليو هو: ”پنهنجي وڪالت جي آفيس جي ٻاهران نالي جي تختيءَ تي تو پنهنجو نالو رشيد ڀٽي لکيو آهي. رشيد الله جي صفت آهي، عبدالرشيد لک.“ انهيءَ تي رشيد ڀٽيءَ مذاق ۾ جواب ڏنو هو، ”بابا، الله ڀٽي ٿوروئي آهي.“ پر اهو رشيد ڀٽي ٻيو هو. تڏهن ”آتش جوان تها“ وارو معاملو هو هاڻي “Steel was tempered” ان ڳالهه جو ثبوت اهو مضمون آهي، جو رشيد ڀٽيءَ پنهنجي پياري پيءُ جي سڪ ۾ لکيو آهي. مضمون ڪراچيءَ جي ”پيغام“ رسالي ۾ ڇپيو آهي.

آمريڪي رسالي ”لائف“ ۾ جواهر لعل نهروءَ جي موت تي هڪ مضمون شايع ٿيو هو. گهڻن سالن جي ڳالهه آهي، پر مون کي اڃا ياد آهي ته مضمون جي شروعات هنن لفظن سان ٿئي ٿي ته ”گلاب، گينڊي ۽ نرگس جي گلن سان ڍڪيل، جواهر لعل جو جنازو، هڪ مٿاهين هنڌ تي عام ماڻهن جي آخري ديدار لاءِ رکيو هو. ماڻهن جي هڪ ڊگهي قطار ڪمري جي هڪ دروازي کان داخل ٿي،  پنهنجي محبوب ليڊر کي هٿ ٻڌي آخري سلام ڪري ٻئي دروازي مان ٻاهر نڪري رهي هئي. جنازي جي ڀرسان هڪ انسان ويٺو هو.__ جواهر لعل جي ڌيءَ اندرا گانڌي. جڏهن گلاب جي ڪا پنکڙي هيٺ ڪري ٿي پيئي، ته اندرا اها پنکڙي کڻي، ادب سان، پنهنجي پياري پيءُ جي منهن جي ڀرسان ٿي رکي.“

رشيد ڀٽي، پنهنجي مضمون ۾ سمورو وقت، لفظن جي گلابن جو پنکڙيون ادب سان کڻي، مرحوم مولوي صاحب جي قدمن ۾ رکندو رهيو آهي. مضمون پڙهڻ وٽان آهي. ان ۾ رشيد ڀٽيءَ پنهنجي وڏن بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي، جي قديم سنڌ جي تاريخي شهر اُچ شريف مان لڏي، ٻئي تاريخي شهر اروڙ ۾ اچي ويٺا هئا. هو دين جا مبلغ هئا، غريبن جا همدرد هئا، نيڪ انسان هئا. مرحوم مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ انهن وڏڙن جي ئي پر ورتي ۽ پاڻ کي انهن جو لائق جاءِ نشين ثابت ڪيو. هو زندگيءَ جي آخرين لمحي تائين هڪ بهادر انسان وانگر پنهنجن اصولن تي قائم رهيو.

رشيد ڀٽي هيڪر مون کي ٻڌايو هو: ”بابي موڪلائڻ مهل اسان کي هڪ ئي وصيت ڪئي هئي: ”مڙس ٿي رهجو، پنهنجي ڳالهه مڃائجو.“

غالباً سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ عزت ۽ آبروءَ سان زندگي گذارڻ جو اهو ئي سونهري اصول آهي، جو مرحوم مولوي صاحب پنهنجي اولاد کي قول ۽ فعل سان سيکاري ويو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org