غني خان
پير حسام الدين راشديءَ جي ملڪ جي اندر توڙي
ٻاهر، برک عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان سٺي ڏيٺ ويٺ
هوندي هئي. ڪچهريءَ ۾، ڪڏهن ڪڏهن، غني خان جو ذڪر
ڪندو هو، ته وڏو شاعر ۽ مصور آهي، سياست کان پري
آهي، سمورو وقت ڪتاب ۽ پان، پير صاحب جون اهي
ڳالهيون ٻڌي، مون کي غني خان سان ملاقات جو شوق
جاڳيو، پر ان جي صورت ڪا به نظر ڪا نه آئي.
ڳالهه کي ورهيه وري ويا. قسمت
حيدرآباد مان اسلام آباد وٺي ائي اتان غني خان جو
ڳوٺ، چارسده، ڪو پنجاهه سو ميلن جي پنڌ تي ٿيندو.
مون وٽ سرڪاري موٽر به هئي. پر عني خان جي ملاقات
کانپوءِ به محروم رهيس، ڇو ته سرڪار جا سندن
خاندان سان اختلاف هئا.
گذريل سال، اسلام آباد ۾، پٺاڻن جي
هڪ ادبي تنظيم جلسو ڪيو، جنهن ۾ مون سندن مدد ڪئي
ڏاڍا خوش ٿيا. هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي، پاڻ ئي مون
کي چيائون ته اجمل خٽڪ ۽ غني خان سان توهان جي
ملاقات ڪرايون. ان وچ ۾ وفاقي حڪومت جا ساڻن لڳ
لاڳاپا خوشگوار ٿي ويا هئا، سو مون کي سندن دعوت
قبول ڪرڻ ۾ راهه هموار نظر آئي.
هن سال، مارچ مهيني ۾، هڪ ڏينهن شام
جو، منهنجو پٽ عزيز ۽ مان انهن پٺاڻن اديب دوستن
سان، موٽر ۾ چارسده روانا ٿياسون. نوشهري جي قريب،
اسلام آباد کان پشاور ويندڙ قومي شاهراهه ڇڏي ساڄي
طرف ڦرڻو پوي ٿو سومهاڻيءَ مهل، غني خان جي ڳوٺ
پهتاسون. سندس گهر، پٺاڻ خاندانن جي دستور موجب،
هڪ ننڍي ڪوٽ وانگر هو. ڪوٽ جي ڦاٽڪ وٽ هٿياربند
پهريدار نظر آيا. اندر خوشنما باغيچو هو، جنهن جي
اڳيان ٺاهوڪو بنگلو هو. نوڪر اچي سلام ڪيو ۽ ڪار
جو دروازو کولي، اسان کي وٺي ويو، غني خان پنهنجي
بستري تي ليٽيل هو. ائين ٿي لڳو ته ڪنهن سبب ڪري
اٿڻ ويهڻ کان عاجز آهي. ڀاڪر پائي مليو. خوش مرحبا
کان پوءِ پهرين ڳالهه اها ڪيائين ته ٻارڙا صبح کان
پشاور ويا آهن. اڃان نه موٽيا آهن. فون به ڪم ڪا
نه ٿي ڪري، ان ڪري ڪنهن کان پڇي به ڪو نه ٿو
سگهجي. ڳڻتيءَ ۾ آهيان. اڃا اها ڳالهه ڪري رهيو هو
ته سندس ٻارڙا خيريت سان پهچي ويا. غني خان جو
انتظار دور ٿيو، ته اطمينان سان ڪچهري شروع
ڪيائين. چيائين ته مون کان هيڪر ڪنهن عمر جو
پڇيو،مون کيس چيو ته ”سٺ ورهيه.“ ولي خان پاسي ۾
ويٺو هو، تنهن چيو ته ”ستر ورهيه ته منهنجي عمر
آهي.“ مون چيو ته ”پوءِ مان ايڪهتر جو هوندس“ کلي
چيائين ته ”در اصل منهنجي عمر چوراسي ورهيه آهي.“
غني خان ايڏيءَ عمر جي باوجود گل
وانگر خوبصورت هو. رنگ جو ڀورو، ۽ بدن ۾ ڀريل هو.
اٿڻ ويهڻ ۾ هلاکيءَ جو سبب اهو ٻڌايائين ته پنج ست
سال اڳ پنڊيءَ جي هڪ سرجن غلط دوائون ڏيئي، سندس
ڦڦڙ سڪائي ڇڏيو. چيائين ته ”هاڻي هڪڙي ڦڦڙ تي هلان
ٿو، ٻه وکون کڻان ٿو ته اڀساهي ٿئي ٿي، بسترو ۽
مان، ماني به اِتي کاوان. ماڻهن سان به اِتي ملان،
ته ڪتاب رسالو به اتي پڙهان. لاچار اٿڻو ويهڻو
پوي، ته نوڪر کي سڏ ڪيان. ان ڪري بستري سان گڏ
بجليءَ جي گهنٽي رکي ڇڏي اٿم.“ ائين چئي گهنٽي
وڄايائين، ته نوڪر آيو. چيائين ته قهوو کڻي اچ،
قهوو اچي ئي اچي، ان کان اڳ پاڻ سگريٽ دکايائين.
مون کيس منع ڪئي، ته هڪڙي ڦڦڙ واري شخص لاءِ ٻيڙي
ڇڪڻ ڪا چڱي ڳالهه ڪانهي. پر جڏهن ساڻس پوريءَ طرح
حالي احوالي ٿيس ته ڀانيم ته ڀلي ڇڪي. (غمزده دل
کي، دنيا جي رڻ پٽ ۾، ڪنهن نه ڪنهن ڪڪر جي ڇانو
کپي – پوءِ اهو تماڪ جي دونهين جو ڪڪر ڇو نه هجي).
غني خان جوانيءَ ۾ انجنيئريءَ جي
اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا ويو، اتان موٽيو ته وڏن
جي چوڻ تي، شانتي نڪيتن ۾، ٽئگور وٽ وڌيڪ تعليم ۽
تربيت لاءِ هليو ويو. چيائين ته ”شانتي نڪيتن ۾
اعليٰ ڊگرين وارا استاد معمولي پگهار تي پڙهائيندا
هئا. ڪلاس روم ڪو نه هوندا هئا. استاد ۽ شاگرد وڻن
هيٺان ويهندا هئا. عجب ماحول هوندو هو. مون کان
اهي ڏينهن اصل وسري نه ٿا سگهن. ٽئگور جي شخصيت
نهايت شاندار ۽ پروقار هئي. ڪپهه جهڙي سفيد ڊگهي
سونهاري هئس، جنهن کي شئمپو هڻندو هو. شوقين مڙس
هو. سندس خيال شاعرانا هئا. مهاتما گانڌيءَ کي
ساڻس اختلاف هو، جو انهيءَ خيال جو هو ته جيسين
انگريزن کان آزادي نه ملي آهي، تيسين شاعراڻا خيال
رڳا سهڻا گل آهن.
مون غني خان جي ڳالهه ٻڌي کيس چيو
ته هڪ طرف ته اوهان جي خاندان ڪانگريس ۽ مسلم ليگ
جي اڳواڻن وانگر انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ
جدوجهد ڪئي ۽ جلسا جلوس ڪيا، ٻئي طرف، پير حسام
الدين راشديءَ جي چوڻ موجب، توهان وري هڪ انگريز
خاتون سان شادي ڪري، گهر ٻار سندس حوالي ڪيا. اهو
ڪيئن؟ کلي چيائين ته منهنجي گهر واري انگريز ڪا نه
هئي. پارسي خاندان جي هئي. منجهائس مون کي هڪ پٽ ۽
ٻه نياڻيون ٿيون. هڪ نياڻي پنهنجن ۾ پرڻايم پر زال
مڙس گڏ رهي نه سگهيا. هڪ ڏينهن منهنجي ڌيءَ مڙس
سان رُسي، پنهنجن ناناڻن ڏي بمبئيءَ هلي وئي. هاڻي
ٻئي چوٿين سال خط پٽ لکي، مون کي پنهنجيءَ خيريت
جو اطلاع ڏيندي آهي. البت، ٻي نياڻي ڪئناڊا پڙهڻ
ويئي ۽ اتي هڪ گوري سان شادي ڪيائين. هيڪر مڙس کي
مون وٽ وٺي آئي. چيومانس ته اسان سڄي عمر گورن سان
وڙهياسين. هيءُ توسان پرڻيو ڪيئن؟ بندوق ٿو هڻانس.
چيائين ته ”بابا اهڙو ڪم نه ڪجانءِ، منهنجو ڏاڍو
خيال رکندو آهي.“ ان کانپوءِ ٻئي ڄڻا ولايت هليا
ويا.
غني خان جو ناٺي ته بندوق کان بچي
ويو. پر سندس اڪيلي پٽ کي ڪنهن شخص بندوق هڻي ماري
وڌو. قسمت ۾ پٽ سان گڏ، گهرواريءَ جي وفات به لکيل
هئس. اوچتو، ڪنهن حادثي ۾ پاڻ به زخمي ٿي پيو.
پشاور ۾ علاج لاءِ اسپتال داخل ٿيو ته مٿان پڻس
وفات ڪري ويو. کيس ڄاڻ ڪو نه ڪيائون، سو پيءُ جي
جنازي ۾ به شريڪ ٿي ڪو نه سگهيو. هاڻي گهر ۾،
پنهنجيءَ ننهن ۽ سندس ٻن ابهم ٻارن سان گڏ رهندو
آهي.
سنڌي شاعر جي چوڻ موجب
” ڦٽيل دل فراق جا، ويٺي مينهن وسائي“
موضوع کي مٽائڻ لاءِ کيس مرڪي چيم ته غني
خان مون ته اوهان کي رڳو سگريٽ ڇڪيندي ڏٺو آهي.
پير حسام الدين راشدي چوندو هو ته اوهان کي وسڪيءَ
جي چسڪي به وڻندي هئي؟ کلي ڏنائين. چيائين ته پير
صاحب جي مون سان دل هوندي هئي. مٺو ماڻهو هو، سچ
چوندو هو. مان چسڪيءَ تي قناعت ڪو نه ڪندو هئس.
جام ڀري ڀري پيئندو هوس. پر، ڪجهه سالن کان ڊاڪٽرن
منع ڪئي آهي. منهنجيءَ ميز تي دوائن جو هي ڀريل
کارو ته ڏس ! “
ايتري ۾ نوڪر ماني کڻي آيا. ڪابلي پلاءُ،
جنهن ۾ روسٽ ٿيل مرغي، قشمش ۽ باداميون وجهندا
آهن، ڇيلي ۽ ڪڪڙ جا ٻوڙ، ڪباب، سبزي، دال قيمي جا
ڪٽليٽس، سلاد، ميوو وغيره، مطلب ته آسودي گهر جي
ماني هئي. غني خان بستري ۾ ئي ٽيڪ ڏئي ويٺو. ماني
به کائيندو رهيو ۽ ڪچهري به ڪندو رهيو.
منهنجي ننڍي پٽ مجيب هڪ اردو اديب عتيق
فڪريءَ جي ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته 1948ع ۾ دهليءَ ويس
۽ ابو الڪلام آزاد سان مليس، وزارت هند جي ڪرسيءَ
منجهس ڪو به ڦيرو ڪو نه آندو هو. هميشه وانگر قرب
سان مليو ۽ منجهند جي مانيءَ تي سڏيائين. ان ڏينهن
عبدالغفار خان جو پٽ عبدالغني خان به وٽس مهمان
هو.“ اها ڳالهه خيال ۾ رکي، غني خان کي چيم ته
جيڪڏهن انگريزن جي وڃڻ کانپوءِ اوهان جي خاندان جو
حڪومت پاڪستان سان ٺاهه ٿي وڃي ها ته شايد اوهان
کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. چيائين ته اها ئي
ته ڳالهه آهي. در اصل اسان جو آزاديءَ کان ستت ئي
پوءِ، ملڪ جي هاءِ ڪمانڊ سان ٺاهه ٿي ويو هو، پر
اسان جي ئي صوبي جي ڪن اڳواڻن کي کڻڪ پئجي ويئي،
تن شرارت ڪري اهو ٺاهه ڦٽائي ڇڏيو، جو کين اچي
سيءَ ورتو ته پوءِ کين ڪير پڇندو.
غني خان پاڻ شاعر ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ مشهور
آهي. سو پڇيو مانس ته خانداني اثر ڪري، ڪڏهن خود
توهان کي به سياست جو شوق جاڳيو؟ کلي چيائين ته
جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ هئس ته اندرا گانڌيءَ سان گڏ
شانتي نڪيتن ۾ پڙهندو هئس. هڪ دفعي اتان موٽياسون،
ته اسان کي آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي
ميٽنگ ۾ وٺي ويا. جڏهن ڪن اڳواڻن ڏکين مسئلن تي
بحث شروع ڪيو، ته مان ماٺڙي ڪري، اندرا جي ران تي
مٿو رکي، سمهي پيس، ننڊ وٺي وئي.“
غني خان شانتي نڪيتن جا ڪيئي قصا ٻڌايا.
ٽئگور کان متاثر ٿي لڳو. چيائين ته عمر خيام کي
شهرت جي آسمان تي پهچائڻ وارو شخص سندس مترجم
ايڊورڊ فزجرالڊ هو. خوش قسمتيءَ سان ٽئگور کي به
اعليٰ پايي جو مترجم نصيب ٿيو.
غني خان جون ڳالهيون ته ڏاڍيون دلچسپ هيون،
پر ڳچ رات گذري چڪي هئي ۽ ٻاهر سردي وڌي وئي هئي،
سو پاڻ ئي چيائين ته ”اوهان کي سفر جو ٿڪ هوندو،
آرام ڪريو.“
اسان کانئس موڪلائي بيڊروم ۾ آياسين. هيٽر
ٻري رهيو هو. ڪمرو ۽ بسترو گرم هو. آسي پاسي ڪتابن
جون قطارون هيون. مون هڪ ڪتاب ۾ هٿ وڌو. پر، سرد
رات ۾ گرم بستري اهڙو ته مزو ڏنو، جو ريشمي وهاڻي
تي ڪنڌ رکڻ سان ننڊ وٺي ويئي.
صبح جو غني خان پاڻ ته الائي ڪيڏيءَ مهل ننڊ
مان اٿيو . اسان کي بيڊ ٽي
Bed – Tea
پوري ستين بجي ملي. چاءِ پيتي
سون، ته نوڪر ناشتو کڻي آيا. مان ۽ منهنجو پٽ
عزيزالرحمان تيار ٿي، غني خان جي ڪمري ۾ وياسين.
اڃا آهليو پيو هو. ناشتي جا ٻه ٽي گرهه به ڪي
اوڏيءَ مهل کنيا هئائين. منهنجا پٺاڻ دوست اسان
جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ ڦوٽو گرافر وٺي آيا هئا. غني
خان چين ته ترسو ته مان ڏاڙهي لاهڻ جو بندوبست
ڪريان. گهنٽي وڄايائين ته نوڪر آيو ۽ سندس سيرب جو
سامان کڻي آيو. غني خان اهو ئي بستري ۾ ليٽيو رهيو
۽ ڪچهري ڪندو رهيو. ڳالهه ڪيائين ته پاڪستان ٺهڻ
کان پوءِ هڪ دفعي پوليس گهر ۾ آئي. الزام هنيائون
ته ڪافر آهين. مونکي مصوريءَ جو شوق هو. حضرت
عيسيٰ ۽ مهاتما ٻڌ جا ڪيئي مجسما ۽ تصويرون ٺاهيون
هئم. منهنجي گهرواريءَ ڏاڍي چاهه سان ڊرائنگ روم
کي انهن سان سينگاريو هو. پوليس وارن جي جيئن مٿن
نظر پئي، ته چيائون، ”آهي نه ڪافر هي بت ڏسو“ ٻه
ٽي ٻيا اهڙا الزام هڻي، حيدرآباد جي جيل ۾ اماڻي
ڇڏيائون. جيل ۾ ڏاڍي جٺ هئي. ڏک ۽ بک جي ڪمي ڪا نه
هئي. پر هڪ ڳالهه هئي، زندان جي چوديواريءَ ۾
شاعري مون وٽ موٽي آئي. چيائين ته ”مون جڏهن به ڏک
ڏٺو آهي، ته شاعريءَ مون سان لنو لاتي آهي. سک جا
ڏينهن آيا ته شاعري رسي ويئي.“
مون چيو ته ”غني خان ڪن ماڻهن جو خيال آهي،
ته خوشحال خان پشتو جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي ۽ ڪي
وري رحمان بابا جي تعريف ڪن ٿا. اوهان جي راءِ
ڪهڙي آهي.“؟
چيائين ته ”ٻئي ساڳي ڳالهه آهن. مان پاڻ کي
ئي پشتو جو وڏو ۾ وڏو شاعر سمجهان ٿو.“
سندس ڳالهه ٻڌي، مون کي هڪ لطيفو ياد آيو،
ڪنهن راجپوت کان پڇيائون ته ”سچو راجپوت ڪير آهي“
چيائين ته ”اهو جيڪو پاڻ کانسواءِ، ٻئي ڪنهن کي به
راجپوت نه مڃي.“
نوڪر سيرب لاهي واندو ٿيو ته غني خان چيس:
”اٿار“ ڪجهه پاڻ همت ڪيائين، ڪجهه نوڪر ٽيڪ ڏنس.
غني خان لڪڻ جي ٽيڪ تي ”ويل چيئر“ ۾ ويٺو. نوڪر
ويل چيئر ڪاهي، کيس ٻاهر باغيچي ۾ وٺي آيو. سندس
ننهن جون ڪي ساهيڙيون اچڻ واريون هيون. تن لاءِ
باغيچي ۾ وڻن جي هيٺان، گول دائري ۾ واڻ جون کٽيون
وجهي، مٿن گاديلا ۽ چادرون وڇائي، طول وهاڻا رکي،
پٺاڻن جي طرز تي بيٺڪ تيار ڪئي هئائين. اتي ڦوٽو
گرافر اسان جون تصويرون ڪڍڻ لڳو. مون غني خان کي
ڪي ادبي ڪتاب تحفي طور ڏنا. ڦوٽو گرافر غني خان جو
عقيدتمند هو، تنهن وري کائنس سندس شعر جو ڪتاب
گهريو. غني خان چيس ته مون وٽ ڪاپي ڪانهي. پر،
سندس ڊرائيور چيو ته مون وٽ آهي. ڊوڙندو ويو، سو
ڪاپي کڻي آيو. چڱو ضخيم ڪتاب هو. غني خان ڪتاب تي
آٽو گراف ڪرڻ لڳو ته مون سندس ڪنهن لاڳاپيدار
دانشور جو ذڪر ڪڍيو. يڪدم چيائين ”متان مٿس ڀروسو
ڪيو اٿيئي.“ اهو دانشور ڪو معمولي ماڻهو ڪو نه هو.
جو غني خان ايڏيءَ آزاديءَ سان مونکي راءِ ڏئي ها،
پر مون ۾ سندس ايڏو ته اعتماد ٿي ويو هو، جو
پنهنجي خاندان جا ڏک سور به ڪڍيائين، ڄڻ ته مان
سندس ڪو ويجهڙو عزيز ۽ پراڻو ساٿي هئس. قرب ۽
اخلاص ۾ ڪيڏي نه خوشبو ٿئي ٿي !
هيڪر خبر نه آهي ته ڪهڙي خيال ۾ هو. چيائين
ته ”ڪنهن زماني ۾ هت کنڊ جو ڪارخانو هنيو هئم.
پوءِ وڪڻي ڇڏيم. هاڻي وري ڪارخانو هڻڻ جو خيال
اٿم. هڪ دوست آهي. جو ٻه چار ڪروڙ رپيا ڏيندو.
سوچان ٿو ته ڪنهن خانداني دوست کان زمين وٺي
ڪارخانو هڻان.“
قدرت انسان جي خمير ۾ انڊلٽ جا سڀ رنگ ڀري
ڇڏيا آهن. ماڻهو چوراسي ورهيه ٽپي، مٿي چڙهي، اٿڻ
ويهڻ کان عاجز هجي ۽ پنهنجن جي دائمي جدائيءَ جا
داغ به سهندو رهي! پوءِ به مٽيءَ جي هن ماڳ ۾ سندس
دلچسپي قائم رهي. اهو به انساني فطرت جو هڪ رنگ
آهي! نه ته ڀلا هن جهان جو ڪاروبار ڪيئن هلندو؟
انسان جيڪڏهن گوتم ٻڌ جي تعليم موجب، خواهشن
کي سراسر ختم ڪري ڇڏي، ته پوءِ گرميءَ ۽ سرديءَ کي
منهن ڏيڻ لاءِ ايئر ڪنڊيشنر ۽ هيٽر ڪيئن ٺاهي ها.
راڪيٽ ۾ چڙهي چنڊ تي پير ڪيئن رکي ها؟
پر، مون غني خان جي راءِ تي تبصرو ڪرڻ مناسب
ڪو نه سمجهيو. البته کيس ايترو چيم ته ”غني خان
ڏاهن جو چوڻ آهي ته انسان جيسين ڪا نه ڪا تخليق
ڪندو رهي ٿو، تيسين زندگيءَ ۾ سندس دلچسپي قائم
رهي ٿي.“
چيائين ته هائو. ليڪن، مون کي احساس آهي ته
جيئن پوءِ تيئن، مون مان جنسي خواهش ختم ٿي رهي
آهي. ان ڳالهه جو تخليقي قوت سان وڏو واسطو آهي.
مون کيس تجويز ڏني ته پشتو زبان ۽ ادب جي
ترقي لاءِ ڪو سٺو ادارو قائم ڪرڻ کپي.
چيائين ته افسوس آهي ته پشتوءَ جي اڃا صحيح
صورت خطي به ڪا نه ٺهي آهي. پبلشر سٺا ڪونهن.
اخبار رسالي جو انتظام ڪونهي. در حقيقت پشتوءَ جو
سڄو ڪم رليو پيو آهي. مون کي اها به خبر ڪانهي، ته
منهنجا شعر جا ڪتاب ڪنهن ڇاپيا، ڪڏهن ڇاپيا ۽ هاڻي
ڪهڙي صورتحال آهي؟ پر تنهنجي صلاح سهڻي آهي. البت
ان لاءِ وسيلا کپن. سو، تون اداري جو خاڪو ٺاهي
ڏي، ته مان هلنديءَ پڄنديءَ وارن سان ڳالهايان.
غني خان
مون پڇيس ته توهان ڪڏهن انگريزيءَ ۾ شعر چيو
آهي؟
چيائين ته، ” نه، مان پشتو جو شاعر آهيان.“
هر شاعر کي پنهنجي ڪلام ٻڌائڻ جو ڏاڍو شوق
هوندو آهي. پر، منهنجي ترغيب ڏيڻ جي باوجود، غني
خان ڪو به اهڙو مظاهرو ڪو نه ڪيو. سندس نشست
برخواست ۾ وڏي بردباري هئي. ان کان به وڏي ڳالهه
اها آهي ته کيس غم برداشت ڪرڻ جو وڏو حوصلو هو.
مون سان پنهنجن ڏکن ۽ سورن جو ذڪر ائين ڪيائين، جو
ڄڻ ته ڪنهن ٻئي شخص جو ذڪر ڪري رهيو هجي. مون سندس
چهري تي غم جو ڪو به ڪڪر ڪو نه ڏٺو.
اسان باغ ۾ جنهن هنڌ ويٺا هئاسين، اتي چيل
جي ڊگهن وڻن جي گهاٽي ڇانو هئي. آسي پاسي گل ۽
ميوي جا وڻ هئا. هلڪي هلڪي ٿڌڙي هوا پئي لڳي. غني
خان چيو ته هيءَ زمين زرعي لحاظ کان ڏاڍي زرخيز
آهي. ليڪن، پرتي ڪجهه علائقو پهاڙي آهي. افغانستان
جي سرحد به ڪا گهڻي پري ڪانهي. هيڪر افغان سرڪار
مون کي نياپو موڪليو، ته اسانوٽ هجرت ڪري اچ. توکي
باغ بستان، زمين مڪان سڀ ڪجهه ڏينداسون، پر مون نه
مڃيو. مون کي پنهنجيءَ مٽيءَ سان محبت آهي. مون ۽
منهنجي گهر واريءَ هي گهرڙو ڏاڍيءَ سڪ سان ٺهرايو
هو. اچ ته توکي گهمايان.
غني خان جو گهر دنيا کان نرالو هو. ان جي
اندر ۽ ٻاهر ۾ ڪو به فرق ڪو نه هو. ورانڊي ۾ پلنگ
۽ صوفا ائين ئي رکيل هئا. جيئن بيڊروم ۽ ڊرائنگ
روم ۾ سينگاري رکبا آهن. ائين کڻي چئجي ته اندر
ڪڍي ٻاهر رکيو هئائون. ماڻهوءَ کي جتي وڻي اتي
وهي. شانتي نڪيتن غني خان تي ڏاڍي ڪا اونهي ڇاپ
هڻي ڇڏي هئي:
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لهي نه لالي
ورانڊي جو فرش آئيني وانگر چمڪي رهيو هو.
غني خان چيو ته منهنجيءَ گهرواريءَ کي صفائيءَ جو
ڏاڍو خيال هوندو هو. روزانو فرش کي صابڻ سان
ڌئاريندي هئي. اها روايت قائم رکي اٿم.
اسان ورانڊي مان گهمندا، ڊرائنگ روم ۾
آياسين. مون اهڙي ڊرائنگ روم اڳي ڪڏهن ڪا نه ڏٺي
آهي. وچ ايشيا جي طرز تي سينگاريل هئي. پاسي ۾
سياري جي باهه لاءِ عمدو بخارو هو ۽ ان جي چوڌاري
قيمتي غاليچن تي طول وهاڻا رکيل هئا. مون سوچيو ته
ڪڏهن ته سياري جي سرد راتين ۾ هن بخاري ۾ باهه
ٻرندي هوندي! غني خان جي گهر واري ۽ ٻارڙا گڏجي
چاءِ پيئندا هوندا.
ڀتين تي گوتم ۽ عيسيٰ جون بيشمار تصويرون
هيون ۽ سائيڊ ٽيبلن تي غني خان جي دوستن ۽ احبابن
جون، گذريل رات غني خان وري وري ڪنهن خاتون جو
نالو ٿي کنيو. پر مون حجاب ڪري کائنس ڪو نه پڇيو
ته ڪٿان جي هئي، ڪير هئي؟ هڪ ٽيبل تي بي انتها
خوبصورت خاتون جي تصوير رکيل هئي. ڏسڻ سان نشو ٿي
ڏنائين. غني خان سندس نالو کنيو، ته سمجهه ۾ آيو
ته گذريل رات سندس نالو وري ڇو کنيو هئائين. بي
اختيار ڀٽائي ياد آيو:
اجهاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين !
مون غني کي چيو ته اڄڪلهه ڪٿي آهي؟
چيائين ته گذاري ويئي!
غني خان، ويل چيئر ۾، هڪ ڪمري کان ٻئي تائين
Alice in wonderland وانگر پنهنجو
گهر گهمائيندو رهيو. ڪڏهن پنهنجن ٺاهيل مجسمن،
ڪڏهن تصويرن ته ڪڏهن ڪتابن جو ذڪر ڪندو رهيو. کيس
ڏسي، الائي ڇو، اوچتو مون کي ننڍپڻ ۾ چارلس لئمب
جو پڙهيل مضمون
DREAM CHILDREN
ياد آيو. مصنف ڏاڍيءَ سڪ سان
پنهنجن ٻارڙن جو ذڪر ڪندي، مضمون جي آخر ۾ لکيو
آهي ته ”پوءِ منهنجا اهي ٻارڙا، آهستي آهستي پوئين
پيرين هٽندا، مون کان پري هليا ويا ۽ نظرن کان گم
ٿيڻ کان اڳ چوندا ويا ته اسين تنهنجا سچا ٻچا ٻار
ٿوروئي آهيون. اسين ته تنهنجين اڃايل اکڙين جون
حسرتون ۽ خواب آهيون.
مون سوچيو ته غني خان جي گهرواري ۽ ٻارڙا به
کيس اڪيلو ڇڏي ڪيڏو نه پري هليا ويا!
تازو، اسلام آباد ۾ چيني سفارتخاني جي دعوت
۾ هڪ شخص مون سان مانيءَ جي ميز تي گڏ ويٺو.
چيائين ته غني خان وٽ اعليٰ درجي جون مغل مئنيچر
پينٽنگس آهن ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي نوادرات آهن، جن لاءِ
آمريڪي خريدار کيس لکين ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
مون چيو ته هائو، پر اهو ڪاڪ محل هاڻي ڪهڙي ڪم جو
آهي. ۽ ڪنهن لاءِ آهي؟
جڏهن گهر گهمي، ٻاهر باغيچي ۾ آياسين ته مون
غني خان کان موڪل گهري، غني خان خاموش رهيو، پوءِ
اکيون کڻي، سڪ سان چيائين : ”اپريل جي مهيني ۾ هي
سارو چمن گل ئي گل هوندو . موٽي اچجانءِ.“
مون سندس دل رکڻ لاءِ هائو ڪئي ۽ ڀاڪر پائي
کانئس موڪلايو.
جڏهن ڪار ٻاهر نڪتي، ته غني خان هٿ لوڏي
سلام ڪيو. مون کيس سلام ڪندي، دل ۾ چيو ته ” غني
خان هن چمن جو سڀ کان سهڻو گل ته تون ئي آهي. مون
تنهنجو ديدار ڪيو. ورهين جو خواب پورو ٿيو.“
جڏهن ڪار، واهه جي ڪناري سان، رستي تي ڊوڙڻ
لڳي ته مون کي غني خان بابت پير حسام الدين
راشديءَ جي محفلن ۾ ٻڌل ڳالهيون ياد آيون ۽ انهن
محفلن ۾ وهندڙ مٺا ماڻهو ياد آيا، جيڪي هڪ هڪ ٿي،
هي جهان ڇڏي، ڪنهن بهتر جهان ۾ هليا ويا. پوءِ غني
خان جا ٻارڙا ياد آيا، جيڪي به هڪ هڪ ٿي، هن جهان
۾ کيس اڪيلو ڇڏي ويا. اتمان زئي ڏسي، موهن جي دڙي
جي آمهون سامهون، سنڌوءَ درياءَ جي ٻئي پار،
پنهنجو ڳوٺ ياد آيو، جتي ننڍيءَ عمر ۾ مان شام جو
پڌر تي، پنهنجن هم عمر ٻارن سان گڏ راند ڪندو هئس.
پاسي ۾ سنجهين وارو کوهه هوندو هو، جتان نار جو
پاڻي نيسر مان وهندو، ڪسيءَ ۾ هليو ويندو هو. اها
ڪسي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ سان تار وهندي رهندي هئي ۽
پاسي وارين ٻنين ۾ هلي ويندي هئي.
ڀر واري ڳوٺ مان هڪ ٻڪرار، ٻئي ٽئي ڏينهن،
اسان جي ڳوٺ ايندو هو ۽ ڪسيءَ جي ڪناري تي ويهي
ڪافيون ڳائيندو هو. سندس آواز ڏاڍو مٺو هوندو هو.
سنگتين جي چوڻ تي ڪڏهن هڪ خاص ڪافي ڳائيندو هو،
جنهن جي ٻڌڻ سان ماڻهن تي جادو ٿي ويندو هو.
ڪار قومي شاهراهه تي اچي چڙهي ته ڊرائيور ان
جي رفتار تيز ڪري ڇڏي. ستت اسان اٽڪ وٽ اچي
پهتاسين. اتي سنڌو درياءَ جي پل آهي ۽ جبلن ۾ رستي
کي وروڪڙ آهن. اڳي ته شايد ڪي اڻاوا لڪ هوندا هئا.
ڪار پل تي چڙهي، ته مون درياءَ ڏي نهاريو. اڇو
اجرو پاڻي پل جي هيٺان وهندو ٿي ويو. هزارن سالن
کان ائين ئي وهندو رهيو هو.
مون پل تان پنهنجي ڳوٺ نگاهه ڪئي. پڌر تي
ٻارڙا راند ڪري رهيا هئا. ٻڪرار ٿڌي پاڻيءَ سان
وهندڙ ڪسيءَ جي ڪناري تي اهائي ڪافي ڳائي رهيو هو،
جنهن جي ٻڌڻ سان جيءَ ۾ جادو لڳي ويندو هو:
لڪڙا لنگهي ويا قاتلا
وڃي ٿيا مومل جا مهمان
وڃي ٿيا مومل جا مهمان
جڏهن ڪافي ڳائي پوري ڪيائين، ته مون ڳراٽڙي
پائي کائنس پڇيو : ”انساني زندگيءَ جي آخرين حقيقت
اها ئي آهي؟“
منهنجو ننڍپڻ جو يار، شايد تيز رفتارڪار جي
لوڏن ۽ ٿڌيءَ هوا جي جهوٽن ڪري، منهنجو سوال سمجهي
ڪو نه سگهيو. |