مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
انسان جي ذهني تربيت گهڻن ئي ذريعن سان ٿئي
ٿي، پر مکيه شايد ٻه آهن: هڪ چڱن ماڻهن جي صحبت
وسيلي، ۽ ٻيو سٺن ڪتابن پڙهڻ سان. قدرت مولانا
غلام مصطفيٰ قاسميءَ کي ٻيئي نعمتون نصيب ڪيون.
محمد امين خان کوسو کيس ”علم جو سمنڊ“
ڪوٺيندو هو. سنڌ جي اڳوڻن عالمن ۽ علمي مرڪزن جو
ڪو منجهائيندڙ مسئلو هجي يا تاريخ ۽ تذڪري جي
ڪتابن سان وابسته ڪو معاملو. ٻئي ڪنهن هنڌان جواب
نه ملي، ته قاسمي صاحب وٽان پڪ ئي پڪ ملي ويندو.
قاسمي صاحب واقعي علم جو بحر بي ڪنار آهي. پر مون
کي جنهن ڳالهه متاثر ڪيو، سو آهي سندس اعلى اخلاق.
اخلاق ئي انسانيت جو معراج آهي- اهو ابتدائي
سبق کيس سندس استاد مولانا عبدالڪريم ڪورائيءَ قول
۽ فعل وسيلي ڏنو هو. مون سان سندس ڳالهيون ڏاڍيءَ
سڪ سان ڪندو هو. چوندو هو ته ”مون کي منجهانئس
مخدوم معين ۽ محمد هاشم جي خوشبوءَ ايندي هئي.“
بزرگ اصل ۾ ويٺل ته ڪوٽ ڀٽي، تعلقي رتيديري جو هو،
پر پڙهائيندو ڳوٺ ڪور سليمان ۾ هو.
پر اها باڪمال هستي، جنهن جي صحبت ۾ قاسمي
صاحب رچي ريٽو راس ٿيو، سا هئي امام انقلاب،
مولانا عبيدلله سنڌي.
مولانا سنڌي پنهنجي دور جي ديوقامت شخصيت
هو. بڙ جي تناور درخت جي گهاٽيءَ ڇانوَ هيٺان ڪو
به ٻوٽو اسري ڪو نه سگهندو آهي. مولانا سنڌيءَ جي
عقيدتمندن سان به ساڳي ويڌن ٿي. ڪو به عقيدتمند
سندس جُتيءَ ۾ پير ته پائي ڪو نه سگهيو، پر، پارس
پٿر لوهه کي ڇهندو، ته ان کي سون ضرور بنائي
ڇڏيندو. قاسمي صاحب، انهن خوشنصيب انسانن مان هو،
جن جي مٿي تي مولانا سنڌيءَ هيڪر ٻاجهه ڀريو هٿ
گهمايو. بس، ان نعمت عظميٰ حاصل ٿيڻ کان پوءِ،
قاسمي کان زندگيءَ جون ٻيون سڀ لذتون وسري ويون:
”چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏنس يار ڏُهي.“
مولانا عبيدالله سنڌي مون ڪو نه ڏٺو. بابا
سائين سندس نالو ڏاڍيءَ سڪ سان کڻندو هو. عجب
انسان هو. سندس جيڪو به عقيدتمند ڏٺم، تنهن تي
”مفتون“ جي اها مصرع سورهن آنا صادق هئي:
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين
مان نه رڳو.“
هيڪر قاسمي صاحب ۽ مان ڪراچيءَ ۾، کڏي مدرسي
۾ مولانا محمد اسماعيل وٽ ڪچهري ڪرڻ وياسين. اتي
مولانا سنڌيءَ جون ڳالهيون نڪتيون. هڪ پير مرد،
جنهن کي مولوي بروهي ٿي ڪوٺيائون، مون کي ٻڌايو
ته: ”رباني صاحب، مولانا سنڌي جلاوطنيءَ جو عرصو
گذاري، سنڌ موٽيو هو. هند تي انگريز جي حڪومت هئي
۽ سنڌ تي الله بخش سومري جي. مولانا سنڌي هن ئي
مدرسي ۾ ئي اچي ٽڪيو هو. هندستان جي هاڪارن عالمن
جا هشام هئا. جمعي نماز کان پوءِ ته ماڻهو اچي
ڳاهٽ ٿيا. ڪو شخص اٿي بيٺو ۽ ادب سان عرض ڪيائينس
ته: ”سائين، اسان اوهان جي قرآن دانيءَ جي ڏاڍي
هاڪ ٻڌي آهي. اڄ الله جي ڏني مان ڪجهه ٻڌايو.“
مولوي بروهيءَ چيو ته: ”مولانا سنڌي جلالي
ماڻهو هوندو هو. هر ڪنهن کي ساڻس حجائتو ڳالهائڻ
جي همت ڪانه ٿيندي هئي. پر ان ڏينهن سندس طبيعت
شايد جمالي رنگ ۾ هئي. سواليءَ جي صدا ٻڌي، هڪدم
اٿيو، ۽ سورت نون پڙهي، ان جو تفسير بيان ڪيائين.“
مولوي بروهي ڳالهه ڪندي گهڙي کن لاءِ خاموش
ٿي ويو. پوءِ ڀريل گلي سان چيائين: ”رباني صاحب،
مان توهان کي ڇا ٻڌايان! جنهن مهل مولانا سنڌي
تفسير بيان ڪري رهيو هو، ان مهل مون ته ائين محسوس
ڪيو، ته قرآن پاڪ آسمان مان اجهو هاڻي نازل ٿي
رهيو آهي.“
مولانا سنڌيءَ جو ٻيو قصو ٻئي دوست ٻڌايو.
چيائين ته ”هندستان مان هجرت ڪرڻ بعد، جنهن وقت
مولانا سنڌي افغانستان ۾ هو، ان وقت ترڪيءَ جو
سفير ساڻس ملڻ آيو. مولانا جو وقت ”اڻ هوند“ جي
حالت ۾ بسر ٿي رهيو هو. پر خدا تي توڪل رکندو هو*
سواءِ ڪنهن ڳڻ ڳوت جي ترڪي سفير کي چاءِ جي دعوت
ڏيئي ڇڏيائين. بعد ۾ جڏهن سندس ساٿين کيس چيو ته،
”سائين، سفير صاحب جي چاءِ پارٽيءَ جا اسباب ڪير
مهيا ڪندو؟“ تڏهن بي فڪريءَ سان کين جواب ڏنائين
ته ”رکو رب تي.“ پر، سندس هڪ ساٿيءَ کي الڪو ٿي
پيو. سو وڃي افغانستان گورنمينٽ جي ڪنهن ليڊر سان
اها ڳالهه ڪڍيائين. تنهن چيو ته ”اوهان ڪو فڪر نه
ڪريو. اسان سڀ انتظام ڪنداسين.“ مقرر وقت تي ڪنهن
باغ ۾ چاءِ پارٽي جو شاهي انداز سان اهتمام ٿيو.
گلم غاليچا وڇايا ويا. کاڌي ۽ ميواتن جا انبار لڳي
ويا. ترڪيءَ جي سفير جي وڏي شان مان سان دعوت ٿي
ويئي.
ان دوست چيو ته ان واقعي کي ڳچ ڏينهن گذري
ويا. هڪ ڏينهن مان مولانا سنڌيءَ وٽ ويٺو هوس، ته
ڪنهن اچي ڄاڻ ڪيو، ته ترڪيءَ جو سفير، مولانا
سنڌيءَ سان ملڻ لاءِ در تي اچي پهتو آهي. اهو ٻڌي
مان ته اهڙو ششدر ٿيس، جو ڪوٺيءَ کي ڪا دري هجي
ها، ته ان مان ٽپو ڏيئي ٻاهر ڀڄي وڃان ها. پر ڀڄڻ
جو ڪو رستو ئي ڪو نه هو. هوڏانهن مولانا سنڌي هو،
جو بي فڪرو پنهنجيءَ کٽ تي ويٺو هو. ڪچي ڪوٺي هئي،
جنهن ۾ ڀڳل ڪرسي ۽ کٽ پيل هئي. کٽ جو هڪ پائو به
ڀڳل هو، سو ان جي هيٺان سرون ڏيئي، کٽ کي ويهڻ ۽
سمهڻ جي لائق بڻايو ويو هو. ايتري ۾ ترڪيءَ جو
سفير ڪمري ۾ داخل ٿيو. مولانا سندس آڌر ڀاءُ ڪيو،
۽ ڀڳل سڳل ڪرسي اڳيان ڪري، ويهڻ لاءِ چيائينس.
سفير، پنهنجيءَ حڪومت پاران، مولانا سنڌيءَ جي
دعوت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سونهري فريم سان هڪ
عاليشان ترار کيس تحفي طور پيش ڪئي. مولانا حڪم
ڪيو ته ”مهمان لاءِ چاءِ ٺاهه.“ مون گاسليٽ جي
اسٽوو (چلهي) تي ڪٽلي چاڙهي، چاءِ جو ڪوپ ٺاهي،
ترڪي سفير کي پيش ڪيو. هن چاءِ پيتي ۽ خالي ڪوپ
واپس ڪندي، مولانا سنڌيءَ کي نهايت ادب سان
چيائين: ”سائين، شاهي ضيافتن ۾ ته اسان چاءِ
روزانو پيا پيون. پر، اڄ اوهان سڪ سان جيڪا چاءِ
پياري، ان جو مٺو ذائقو انشاءَالله سڄي عمر زبان
تي رهندو. هن دنيا ۾ خلوص کان وڌيڪ ڪابه نعمت
ڪانهي.“
مولانا سنڌيءَ جيترو عرصو جلاوطنيءَ جا سور
سٺا، ايترو عرصو غالباً ٻئي ڪنهن به اڳواڻ ڪونه
سٺا. جڏهن سندس جلاوطنيءَ جو عرصو آخرڪار پورو ٿيو
۽ موٽي ملڪ ۾ آيو ته سندس سياسي خيالن ۾ زمين
آسمان جو فرق اچي چڪو هو. جڏهن هجرت ڪري افغانستان
ويو هو، تڏهن ٻيو شخص هو، جڏهن دنيا جي مختلف
ملڪن: افغانستان، روس، ترڪيءَ ۽ حجاز مقدس ۾ ورهين
جا ورهيه رهي، موٽي وطن موٽيو، تڏهن سندس سياسي
فڪر سراسر بدلجي چڪو هو. تنگ نظريءَ کي سختيءَ سان
نندڻ لڳو هو. خدا جي خلق جي معاشي ڀلائي جو ڏاڍو
اونو هوس.
پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اهي
ڏينهن اهي شينهن“ ۾ سنڌ جي شخصيتن جا جيڪي به خاڪا
لکيا آهن، تن ۾ گهڻي ۾ گهڻي تعريف غالباً مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جي ڪئي اٿس ۽ تاثر اهو ڏنو اٿس ته
”اسان ۾ ان زماني ۾ اها شناس ئي ڪانه هئي، جو سندس
سياست کي سمجهي سگهون.“
اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾، وچ
ايشيا جي ملڪن واري تهذيب جي مطالعي جو هڪ مرڪز
آهي، جنهن جو سربراهه ملڪ جو ممتاز عالم، ڊاڪٽر
احمد حسين داني آهي. پير حسام الدين راشديءَ جي
ڪري ساڻس منهنجي به محبت ٿي ويئي. هن پنهنجي سينٽر
جي جنرل جا ڪجهه پرچا مون کي تحفي طور ڏنا. انهن ۾
هڪ دلچسپ مضمون هو، جنهن جو عنوان هو:
The Interaction of Islam and Socialism: in the
religious thought of the Muslims of Birtish
India.
مصنف برصغير جي ديني عالمن جي سياسي سوچ ۽
ارتقا جو جائزو ورتو هو. مضمون جي شروعات ڪن اهم
عالمن جي بيانن سان ۽ اختتام مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جي ڪلڪتي واري تاريخي تقرير تي ڪيو هئائين.
فاضل مضمون نگار، مسعود غزنويءَ، جڏهن اهو
مضمون لکيو هو، تڏهن پاڻ آمريڪا جي پيننسلوانيا
رياست جي ”روزمينٽ ڪاليج“ ۾، شعبه تاريخ جو
ايسوسيئيٽ پروفيسر هو. ”اسلام جي تاريخ ۽ ڪلچر“
سندس مطالعي جا خاص موضوع هئا. زير بحث مضمون، سنه
1973ع ۾، آمريڪا جي مشيگان اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾،
ايشيا جي مطالعي جي سلسلي ۾، ”وچ – اولهه“ بابت،
ٻاويهينءَ ساليانيءَ ڪانفرنس لاءِ لکيو هئائين.
سندس مضمون ۾ مولانا عبيدالله سنڌيءَ متعلق
مستند معلومات ۽ ان جو علمي تجزيو ڏنل آهي. مون کي
راشدي صاحب جي مضمون کان گهڻو وڌيڪ وڻيو. حقيقت
اها آهي ته مون مولانا سنڌيءَ جي شخصيت بابت جيڪي
به ٿورا گهڻا مضمون پڙهيا آهن، تن سڀني ۾ سٺي ۾
سٺو هو. منجهانئس ڪي ٽڪرا هت پيش ڪريان ٿو:
1. مولانا سنڌيءَ جي شخصيت جا گهڻا ئي رخ
آهن. سک خاندان ۾ ڄائو هو. ننڍيءَ عمر ۾ اسلام
ڏانهن متوجهه ٿيو. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ مسلمان
ٿيو.
2. ديوبند جي سربراهه، مولانا محمود الحسن ”شيخ
الهند“ جي پيارن شاگردن مان هو. ديوبند مان علم جي
تحصيل بعد سنڌ ڏانهن موٽيو. ليڪن، ستت ئي کيس واپس
سڏيو ويو.
3. شيخ الهند، برصغير کي انگريزن جي غلاميءَ
مان نجات ڏيارڻ لاءِ کيس بين الاقوامي حمايت حاصل
ڪرڻ لاءِ ڪابل موڪلڻ جو فيصلو ڪيو.
4. مولانا سنڌيءَ ڪابل ۾ ستن سالن جو ڊگهو
عرصو نهايت نراسائيءَ ۽ نااميدي ۾ گذاريو. آخرڪار
کيس اها ڳالهه ذهن نشين ٿي ويئي ته انگريزن جي
غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ديوبند جي
اسڪيم مان ڪو به کڙتيل نڪرڻو نه آهي. ڇو ته
افغانستان جي حڪومت، برصغير کي آزادي ڏيارڻ جي نه
ته لائق آهي ۽ نه وري نيڪ نيت.
5. پهرينءَ مهاڀاري لڙائيءَ جي آخر ۾، ڪيترن
ئي هندستاني مسلمان عالمن ڪانگريس ۾ شموليت اختيار
ڪئي. ان ئي سلسلي ۾ مولانا سنڌي، ڪانگريس جي ڪابل
واريءَ برانچ جو صدر چونڊيو.
6. ڪابل ۾ رهائش دوران، مولانا سنڌيءَ روس
جي انقلابي بولشوويڪ حڪومت سان لڳ لاڳاپو قائم
ڪيو. سنه 1922ع ۾ ماسڪو وڃڻ جو فيصلو ڪيائين. روس
جي انقلابي حڪومت مولانا سنڌي ۽ سندس ساٿين جو
مهمانن جي حيثيت ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو. (درحقيقت، ان
زماني ۾، ماسڪو سڄيءَ دنيا جي انقلابين کي پاڻ
ڏانهن ڇڪي رهيو هو.)
7. مولانا سنڌي هڪ سخت مذهبي، باضابطه عالم
۽ شريعت جو پابند، مسلمان هو. پر، هڪ غير مذهبي
معاشري ۽ حڪومت ۾ جيڪو مشاهدو ڪيائين، ان سندس ذهن
تي دور – رس اثر ڇڏيا.
8. مولانا سنڌي لڳ ڀڳ نو مهينا ماسڪو ۾
رهيو. ان وچ ۾ روسي حڪومت جي غير ملڪي ڪميسار،
جارجي واسليچ چيچرن
Georgi Vasilyevich Chicherin سان ملاقاتون ڪيائين، ۽ روسي حڪومت تي زور
ڀريائين ته برصغير جي آزاديءَ واسطي انقلاب آڻڻ
لاءِ مالي تعاون ڪري.
9. روس کان اها خاطري وٺڻ کان پوءِ، پاڻ
ماسڪو مان ترڪيءَ ۽ اتان حجاز وڃڻ جو فيصلو
ڪيائين، ته ڪانگريس جي وسيلي، برصغير ۾ انقلاب آڻڻ
لاءِ، هندستاني اڳواڻن سان رابطو پيدا ڪري.
10. ترڪي ان وقت ڪمال اتا ترڪ جي آندل سڌارن
واري دور مان گذري رهي هئي. مولانا سنڌي ٽي سال
ترڪيءَ ۾ رهي، حالتن جو جائزو ورتو.
11. جڏهن برصغير ۾، روسي حڪومت جي مالي مدد
سان به ڪانگريس جي وسيلي، انقلاب آڻڻ لاءِ، سندس
سموريون ڪوششون ناڪامياب ٿيون، تڏهن في الحال عملي
سياست کي ڇڏي، حجاز مقدس روانو ٿيو ۽ اتان جي
حڪومت کي خاطري ڏنائين ته سياست ۾ ڪو به حصو نه
وٺندس.*
12. ايندڙ تيرهن سال فقط علم، سوچ ۽ ويچار
لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. سمورو عرصو پڙهيائين ۽
پڙهيائين. سندس مطالعي جو خاص موضوع هو شاهه ولي
الله.
13. مولانا سنڌيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”ڪابل
۾ پورا ست سال مون ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ گذاريا ته
برصغير جي تاريخ جو دنيا جي هاڻوڪين حالتن سان
ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ائين محسوس ڪيم ته برصغير ۾ ڪي
ٿورڙا ماڻهو آهن، جن کي تاريخ جي صحيح سمجهه آهي.
جن کي ڪي قدر پروڙ آهي سي، سڀ يورپ مان پڙهي آيا
آهن ۽ اتي دنيا جي عظيم انقلابن جو مطالعو ڪيو
اٿن.
14. مون خود ”فرانس جي انقلاب“
French Revolution ۽ تاريخ تي ان جي ڇڏيل اثرن جو اڀياس ڪيو.
جڏهن ان منظر تي غور ڪيم، ته برصغير جي تاريخ ۾ هڪ
انقلاب گجندي ۽ اڀرندي ڏٺم. عالمگير جي وفات 1707
کانپوءِ بر صغير جي تاريخ بي قراريءَ جي ڪيفيت ۾
گذري رهي هئي. مون کي ان ۾ روشنيءَ جي فقط هڪ ئي
لاٽ نظر آئي ؛ ” شاهه ولي الله جي سوشلسٽ تحريڪ“
ان منظر کي خيال ۾ رکي، مون بر صغير ۾ انقلابي
تحريڪ جو نقشو تيار ڪيو.
بقول مضمون نگار، مولانا سنڌي جڏهن هندستان
ڏانهن موٽيو ته ”سوشلسٽ صوفي“ بنجي چڪو هو. هاڻي،
سندس صوفيانه وحدانيت ۾، ”ديوبند واري متحده
قوميت“ ۽ ”مغربي قوم پرستي“ ٻنهي لاءِ گنجائش
موجود هئي. ”جدت پسندي“، ”انقلابيت“ ۽ ”سوشلزم“
سندس فڪر جا مرڪزي نقطا هئا. اسلام جي حيثيت
”عالمي انقلاب“ واري هئي.
مولانا سنڌيءَ شاهه ولي الله کي پنهنجو امام
قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته : ”مسلسل انقلاب ئي
اسلام جو روح آهي* “ پاڻ اهو سبق ”حجته الله بالغه“ مان پرايو هئائين، جنهن جي
مطالعي ۾ سندس قول موجب، اڌ صدي گذاري هئائين.
مولانا سنڌي 7 مارچ 1939ع تي، ڪراچي پهتو.
* 3 جون 1939ع ۾ چوويهن ورهين جي جلا وطنيءَ کانپوءِ، جمعيت
العلماءَ هند، جي سالياني ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين
۽ اهڙي ته تاريخي تقرير ڪيائين، جنهن هندستان جي
ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو. سندس سوانح نگارن جو چوڻ آهي
ته امام انقلاب، عبيد الله سنڌيءَ جي اها تقرير بم
گولي وانگر هئي. سنڌ کان بنگال تائين هندستان جي
مڙني مذهبي حلقن کي ڏڪائي ڇڏيائين !
سندس تقرير جا مکيه نقطا هي هئا:
1 – سوشلسٽ انقلاب دنيا تي ڇانئجي رهيو آهي،
بر صغير ان کان بچي نه ٿو سگهي. بر صغير جي رهاڪن
کي ان لاءِ تيار ٿيڻ کپي. ان جو سڀ کان صحيح طريقو
اهو آهي ته مسلمانن، هندن ۽ سکن جا دانشور، پنهنجن
پنهنجن عقيدن جي روح ۾، سوشلزم سان هم آهنگي پيدا
ڪن. مسلمان شاهه ولي الله کي پنهنجو امام بنائي
ائين ڪري سگهن ٿا.
2 – انگريزن جي حڪومت هيٺ رهندڙ هندستاني
باشندا مغرب ڏانهن منفي طريقو ڇڏي ڏين. گذريل ٻن
سون سالن ۾ هنن برطانيه ۽ مغرب جي سلسلي ۾ پنهنجي
سيني ۾ جيڪي جذبا سانڍيا آهن، تن سندن ترقيءَ جا
رستا روڪي ڇڏيا آهن. کين مغرب کان سکڻ ۽ پرائڻ جي
ضرورت آهي. ايتري قدر جو کين پنهنجو لباس لاهي
مغربي لباس استعمال ڪرڻ کپي. خاص طرح مغربي نظام
جو علم ۽ حڪومت جي ادارن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کپي. کين
چٽيءَ طرح سمجهي ڇڏڻ کپي ته بر صغير کي فقط سياست
نه ، پر سماجي انقلاب جي وڌيڪ ضرورت آهي.
3 – اقتصادي ترقي ۽ يورپي نموني وانگر
سڪيولر نيشلزم آزاديءَ جي جدوجهد جو بنياد هئڻ
گهرجي. مهاتما گانڌيءَ وارو مذهبي علامتي انداز،
قومي تحريڪ کي نقصان رسائيندو.
مولانا سنڌيءَ زندگيءَ جا پويان پنج ورهيه
انهن ئي اصولن جي پرچار ۾ هيٺين ريت گذاريا:
1 – دهليءَ جي جامع اسلاميه سان گڏ، شاهه
ولي الله جي سوچ ۽ تعليم کي سمجهائڻ لاءِ ”بيت
الحڪمته“ قائم ڪيائين.
2 – پنهنجن خيالن جي پرچار لاءِ ڪتاب ۽
ڪتابڙا لکيائين.
3 – بر صغير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سفر ڪري، تقريرون
ڪيائين.
4 – آخر ۾ ” جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽي “
ٺاهيائين.
وفات کان ٿورا ڏينهن اڳ پنهنجيءَ آخرين
تقرير ۾ فرمايائين ته مشرق تي مغرب جي غلبي جا چار
مکيه سبب آهن.
1 – حريت پسندي
Liberalism
2 – صنعتي نظام
Industrialism
3 – عسڪريت
Militarism
4 – اشتراڪيت
Socialism
بر صغير جي رهاڪن کي به اهي طور طريقا هڪ نه
ٻيءَ صورت ۾ اختيار ڪرڻ گهرجن، ڇو ته مساوات کي
عملي جامو پهرائڻ لاءِ مغربي طريقا اختيار ڪرڻ
ضروري آهن. مولانا سنڌيءَ جو چوڻ هو ته ”جيستائين
اوهان فلش سسٽم“ رائج نه ڪندا، تيسين ڀنگيءَ جو
بڇڙو ڪم ڪيئن ختم ڪري سگهندا ؟“
مولانا سنڌي ته اصولي طرح، سوشلزم جي
انتهائي صورت جي خلاف به ڪو نه هو، پر احساس هئس
ته اهو موجوده حالتن هيٺ، هندستان ۾ هلي ڪو نه
سگهندو.
اسلام، ڪن حدن اندر ”خانگي ملڪيت“ جي اجازت
ڏئي ٿو. مولانا سنڌيءَ جو خيال هو ته جيڪڏهن
معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ ضروري ٿي پوي، ۽ وقت جي
تقاضا به هجي، ته فرد کان ” خانگي مليڪت“ جو حق
کسي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پاڻ قرآن ڪريم جي هن آيت
شريف جو اڪثر حوالو ڏيندو هو:
” يقينن، الله مومنن کان سندن زندگيون ۽
ملڪيتون خريد ڪري ورتيون آهن (ان جي اجر ۾) سندن
لاءِ آخرت ۾ جنت آهي.“
مولانا سنڌي ان ڳالهه سان به متفق ڪو نه هو
ته ڪو سوشلزم جو روح ”غير مذهبي“ آهي. هو چوندو هو
ته سوشلزم ته انساني بنيادي مسئلن کي صحيح نموني
تي حل ڪرڻ لاءِ حسابن ۽ رياضيءَ وانگر ڄڻ هڪ قسم
جو علم آهي.
مولانا سنڌي ائين به چوندو هو ته ”اسلام
وانگر، سوشلزم به ماڻهن ۾ هڪ ئي نظريي ۽ فڪر جي
وحدت پيدا ڪري ٿو. پر انسان ذات جي اڳيان
مابعدالطبيعات
(
Meta – Physics)
جا اعليٰ آدرش به آهن.
سندس خيال هو ته سوشلزم کي اتحاد ۽ انساني
ترقيءَ ڏانهن هڪ شروعاتي قدم جي حيثيت ۾ ، ”غير
مذهبي“ قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي. ساڳيءَ ريت، روسي
ڪميونسٽن کي به
”غير مذهبي ماڻهو“ ڪوٺي ڪو نه ٿو سگهجي.
مولانا سنڌي چوندو هو ته ، ”لادين شخص“ ته
اهو آهي، جنهن جو ڪو به دين ايمان نه هجي، يعني
وٽس ڪي به اهڙا اعليٰ آدرش
(Ideals)
۽ زندگيءَ جا اعليٰ قدر
(Values) نه هجن، جيڪي سندس ذاتي
غرضن ۽ خواهشن کان مٿانهان هجن. ڪميونسٽ ته اهي
شخص آهن، جن جي اڳيان وڏا اخلاقي قدر ۽ اعليٰ آدرش
آهن. هنن هڪ فرسوده دين کي ختم ڪيو آهي، پر ائين
ڪندي خود هڪ نئين دين جو بنياد وڌو آهي. * روس ۾ جڏهن انقلاب آيو ته ان وقت ان جو مذهب ”عيسائيت“
هو. بعد ۾ ڪي اسلامي علائقا به ان جي قبضي ۾ آيا.
مولانا سنڌي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”جڏهن 1922ع
۽ 1923ع ۾ مون روسي ڪميونسٽن کي هڪ نئين عالمي
نظام کي تشڪيل ڏيندي ڏٺو، تڏهن ياد آيم ته ڪنهن
زماني ۾ اسلام به ائين ئي هڪ عالمي انقلاب جو
پيغام کڻي اٿيو هو.“
مولانا سنڌيءَ کي خاطري هئي ته روسي ڪميونسٽ
هڪ ڏينهن پنهنجي انقلاب جي ٻيءَ اسٽيج ڏانهن وک
وڌائيندا.
جنهن ۾ کين ”خدا جي وجود جي انڪار ڪرڻ واري
فلسفي
(Godless Society) جي ضرورت ڪا نه رهندي.“
مولانا سنڌي جو مثال ان سلي وانگر آهي، جو
انگورين ڀلو هجي. مون مٿي عرض ڪيو آهي ته ماڻهو جي
تربيت چڱن ماڻهن ۽ ڪتابن جي صحبت وسيلي ٿيندي آهي.
سو، مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي ذاتي جوهر کي چمڪڻ
جو موقعو ديوبند جي تاريخي مدرسي ۾ مليو. ان مدرسي
وڏا وڏا انسان پيدا ڪيا. مولانا حسين احمد مدني،
مولانا انور شاهه ڪشميري، مولانا اشرف علي ٿانوي ۽
ٻيا، هر هڪ پنهنجيءَ جاءِ تي پهاڙ هو. پر مولانا
سنڌي انهن پهاڙن ۾ ڄڻ ته ٻرندڙ جبل هو، جو سڄي عمر
باهه وَسائيندو رهيو. مان جڏهن به تاريخ جي انهيءَ
دور تي نظر ڪندو آهيان ته بر صغير جي مذهبي عالمن
جي صف ۾ ٻي فقط هڪڙي شخصيت، قد و قامت ۽ سياسي
استقلال جي لحاظ کان، مولانا سنڌيءَ جي هم پايه
نظر ايندي آهي. اها آهي امام الهند، مولانا ابو
الڪلام آزاد.
مولانا آزاد، هندو مسلم اتحاد جو حامي هو.
دهليءَ ۾ تقرير ڪندي جامع مسجد جي اڳيان چيائين ته
:
”آسمان مان هڪ ملائڪ لهي اچي جامع مسجد جي
مناري تي بيهي ۽ مون کي چوي ٿو ته ”هندستان اڄ ئي
آزاد ٿي سگهي ٿو، بشرطيڪ هندو مسلم اتحاد ختم ٿئي“
ته مان آزاديءَ تان هٿ کڻڻ پسند ڪندس، پر هندو
مسلم اتحاد جي حمايت ڪو نه ڇڏيندس.
مولانا آزاد جو خواب شرمنده تعبير ڪو نه
ٿيو. هندو ۽ مسلم اتحاد ٽٽي پيو ۽ ملڪ ٻن آزاد
رياستن ۾ ورهائجي ويو. ليڪن ان جي باوجود مولانا
ابو الڪلام آزاد جي شخصي عظمت کان ڪير انڪار ڪري
سگهي ٿو ! مولانا سنڌيءَ وانگر، سندس صبر ،
استقلال ۽ قول ۽ فعل جي عظمت کي ڏسي ماڻهو سوچي ٿو
ته ملائڪن آدم کي آخر بي سبب سجدو ڪو نه ڪيو هو.
مان جڏهن به منجهيل هوندو آهيان ته دل کي
حوصلو ڏيڻ لاءِ سندس ڪتاب ”غبار خاطر“ پڙهندو
آهيان. هر دفعي نئون لطف ايندو آهي. مولانا آزاد
انتهائي سنجيده ۽ اونهو مفڪر آهي.
خدا جي وجود، ڪائنات جي اسرارن ۽ زندگيءَ جي مقصد جهڙن
ڳنڀير مسئلن تي سندس سوچ ۽ تحرير هڪ طرح جي آهي ته
زندگيءِ جي عام رواجي ننڍڙين ڳالهين تي سندس طرز
تحرير جو لطف وري ٻيو آهي. در اصل اهي ننڍڙيون
ننڍڙيون ڳالهيون ئي زندگيءَ کي حسين بنائينديون
آهن.
ابو الڪلام آزاد جي لکڻ جو اندازو اهڙو ته
پيارو آهي، جوسندس ڪتاب پڙهه ته ڄڻ ماڻهو مصنف سان
گڏ ويٺو آهي ۽ سڄو منظر پاڻ اکين سان ڏسي رهيو
آهي.
مولانا عبيدا سنڌي
مولانا ابو الڪلام آزاد
حسرت موهانيءَ لاءِ چون ٿا ته هڪ دفعي شعر
چيائين:
جب سي ديکي هي بو الڪلام ڪي نثر
شعر حسرت مين ڪڇ مزه نه رها
مولانا آزاد ”غبار خاطر“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو
”زندگيءَ جو هڪ سيارو جو موصل ۾ گذريو، سو ڪڏهن به
وساري نه سگهيو آهيان. موصل جغرافيائي لحاظ کان
معتدل خطي کان ٻاهر نه آهي، پر آسپاس جي علائقن ان
کي ٿڌو هنڌ بنائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ديار بڪر ۾
ايڏي ته سخت سردي پوندي آهي، جو جيسين رستن تان
برف کوٽي نه هٽائي وڃي، تيسين گهرن جا دروازا کلي
ڪو نه سگهندا آهن. جنهن سال مان اتي ويو هوس، ان
سال غير معمولي برف پئي هئي. برفباري کانپوءِ جڏهن
آسمان صاف ٿيندو هو ۽ آرمينيا جي جبلن جون سرد
هوائون لڳنديون هيون، تڏهن ڇا ٻڌايان ته ڪيڏو نه
سيءُ پوندو هو!
مون کي ياد آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته سيءُ
پوندو هو، جو مٽن تان ڍڪڻ لاهبو، هو ته سڄو پاڻي
برف وانگر ڄميل هوندو هو. پر مون کي پوءِ به
سرديءَ جي شڪايت ڪا نه هئي. جنهن شيخ جي گهر ۾
ٽڪيل هوس، ان جي ٻارن کي سڄو ڏينهن برف جي گولن
ٺاهيندي ۽ کيڏندي ڏسندو هوس. ”ستي ڪبيره“ يعني شيخ
جي ماءُ جو نوڪراڻين کي حڪم هوندو هو ته منهنجو
آتشدان چوويهه ڪلاڪ روشن رکن. پاڻ به ڏينهن ۾ ٻه –
ٽي دفعا مون کان پڇندي هئي ته : ”مجمرهه جو ڇا حال
آهي؟“ هڪ لوهي ڪٽلي روشندان جي محراب جي زنجير سان
ٻڌل هوندي هئي ۽ پاڻي ان ۾ هر وقت جوش کائيندو
رهندو هو. جڏهن به گهرو، ته قهوو ٺاهي پيو.
اتان جي جاين ۾ آتشدان سدائين روشن رهندا
آهن ۽ ايڏا ته ڪشادا هوندا آهن، جو انهن ۾ ڪيتريون
ئي ديڳڙيون ساڳئي وقت لٽڪائي سگهبيون آهن. آتشدان
جي محراب ٺاهڻ مهل ان ۾ ڪنڍا وجهي ڇڏيندا آهن.
بلڪل ائين ئي جيئن اسان جي جاين جي ڇتين ۾ وجهندا
آهن. انهن ڪنڍن ۾زنجير بڌندا آهن. جنهن سان وري
ديڳڙي يا ڪٽلي آتشدان جي مٿان ٻڌي ڇڏيندا آهن. ڪن
ڪن شهرن جي سرائن ۾ به آتشدان هوندو آهي. سياري جي
مند ۾ سراءِ وارو انهيءَ ئي آتشدان تي پلاءُ چاڙهي
دم ڏيئي، اوهان کي کارائيندو ۽ چوندو:
” جائي گرم مگزاريد و بخوريد“
مون ”غبار خاطر“ سئو کن دفعا ته پڙهيو
هوندو، پر سندس ”تذڪرو“ به پڙهيو اٿم ۽ ”انڊيا ونس
فريڊم“ جا ٻيئي ڇاپا پڻ؛ يعني هڪ جيڪو ٽيهه ورهيه
اڳ ڇپيو هو ۽ ٻيو جنهن ۾ هاڻي سيل مهر ٿيل مواد
شايع ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت دهليءَ مان ”ترجمان
القرآن“ به گهرايو اٿم. پر اهو اڃا پڙهي ڪو نه
سگهيو آهيان. مولانا آزاد جي ڪتابن جا هونئن ته
ڪئين ڇاپا نڪتا آهن. پر سڀ کان مستند ڇاپا ساهتيه
ايڪيڊميءَ دهليءَ شايع ڪيا آهن.
نقادن جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو آهي ته ابو الڪلام کي تقرير تي وڌيڪ ملڪو
حاصل هو يا قلم تي وڏو ڪمال هو. غالباً هو ٻنهي
ميدانن جو بي مثال شهسوار هو.
* بيشڪ خدا جي لاءِ اهو مشڪل نه آهي ته هو هڪ ئي انسان ۾ گهڻيون
ئي خوبيون جمع ڪري. خوش نصيب آهن اهي اکيون جن
مولانا سنڌيءَ ۽ ابو الڪلام کي ڏٺو ۽ ٻڌو.
*
ڪن ماڻهن جي شخصيتن ۾ مقناطيس واري ڪشش ٿيندي آهي.
مان جڏهن ابوالڪلام آزاد يا آلبرٽ آئنسٽائين جي
تصوير ڏسندو آهيان ته من جا مونجهارا لهي ويندا
آهن ۽ زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي ويندو آهي، ڀٽائي
صاحب ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:
جوڳيئڙا ته جهانَ ۾ نوري ۽ ناري،
ٻري جن ٻاري، آئون نه رهندي تن ري.
گذريل سال مان سرڪاري وفد ۾ دهليءَ ويس. دل
۾ وڏي اڪير کڻي ويس ته ابو الڪلام جي مزار تي
حاضري ڏيندس. جامع مسجد جي اڳيان. سرمد شهيد جي
پٺيان سندس مزار آهي. چڱو وڏو پارڪ آهي، ان ۾
پٿرجي هڪ ڇٽيءَ هيٺان سنگ مرمر سان ٺهيل سندس مزار
آهي. پارڪ جي چوڌاري لوهي ڪٽهڙو آهي ۽ ان کي سيخن
جو دروازو آهي، جنهن کي هاڻي ڪلف هڻي ڇڏيو اٿن.
فقط تڏهن کولين ٿا، جڏهن ڪو وڏو ماڻهو اچي ٿو، مون
وڏا وس ڪيا، پر مزار تائين پهچڻ قسمت ۾ ڪو نه هو.
آخرڪار پارڪ جي پٺيان وڃي، هڪ لوهي ڊرم تي چڙهي
بيٺس ته لوهي جهنگلي تائين منهنجا هٿ وڃي پڳا.
اتان بيهي پري کان سندس تربت جو نظارو ڪيم ۽ فاتح
پڙهيم. موٽيس ته جامع مسجد جي پاسي ۾ ڪتابن جي
دڪانن تي هليو ويس ۽ سندس لکيل ۽ مٿس لکيل ڪي
انگريزي ۽ اردو ڪتاب خريد ڪري، هوٽل ڏانهن موٽيس.
خوش قسمتيءَ سان انهن ڪتابن ۾ مولانا آزاد تي لکيل
تازه ترين ڪتاب
Abul kalam Azad by Land Douglas به ملي ويو.
مٿس مولانا جي آخري عمر جي تصوير سر ورق تي ڏنل
آهي. جڏهن ڪتاب کڻي هوٽل تي پهتس ته ڪافي دير
تائين مولانا جي انهيءَ تصوير کي سڪ سان ڏسندو
رهيس. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ سوچڻ لڳس ته
مولانا جي زندگيءَ ۾ زيارت ته نصيب ڪا نه ٿي. پر
بعد از وفات سندس تربت تي گلن چاڙهڻ جي سعادت به
نصيب نه ٿي. ائين سوچيندي زيب النساءِ مخفيءَ جي
هڪ رباعيءَ جون پويون ٻه سٽون ياد آيم.
اورنگزيب عالمگير جي نياڻي زيب النساءِ وڏي
پايي جي فارسي زبان جي شاعره هئي. ”مخفي“ تخلص
اختيار ڪيو هئائين. سندس ديوان بابا سائينءَ وٽ
هوندو هو. هاڻي مون وٽ محفوظ آهي.
چون ٿا ته لاهور جي شاعر عاقل خان رازيءَ
زيب النساءِ کان متاثر ٿي، کيس هڪ رباعي لکي موڪلي
هئي؛
بلبل رويت شوم گر چمن بينم ترا
مي شوم پروانه گر در انجمن بينم ترا
خود نمائي مي ڪني اي شمع محفل خوب نيست
من همين خواهم ڪه در يڪ پيرهن بينم ترا
اها ربائي ٻڌي، زيب النساءِ جواب ۾ عاقل خان
کي هينئن چوائي موڪليو:
بلبل از گل بگذرد چون در چمن بيند مرا
بت پرستي کي ڪند گر برهمن بيند مرا
در سخن مخفي شدم مانند بو در برگ گل
هر ڪه دارد ميل ديدن در سخن بيند مرا
*
مون هندستان جي قوم پرست مسلمان عالمن جي
تاريخ جو ايڏو مطالعو ته ڪو نه ڪيو آهي، پر سندن
تذڪري ۽ تاريخ تي جيڪو ٿورو گهڻو پڙهيو اٿم، ان جي
آڌار تي ڀايان ٿو ته ان دور ۾ غالباً ٻه وڏا عالم
پيدا ٿيا: هڪ مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ ٻيو مولانا
عبيد الله سنڌي.
قاسمي صاحب مولانا آزاد ڏٺو به، ٻڌو به،
مولانا سنڌي کان ته سڌيءَ طرح هدايت حاصل ڪيائين ۽
سندس زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين ساڻس رفاقت
ڪيائين. مولانا سنڌيءَ جي تعليم جو مٿس ڪجهه نه
ڪجهه اثر به پيو. مولانا سنڌيءَ جي تعليم موجب
انسانن جو خوف اجايو آهي. خوف رڳو خدا جو هئڻ
گهرجي. زندگيءَ ۾ اهو فقط نگاهه انسان کي بي خوف
بنائي ڇڏي ٿو ۽ اندر جو اطمينان نصيب ڪري ٿو. هر
ڳالهه ۾ ڪوشش پوري پوري ڪبي، پر توڪل خدا تي ڪبي.
نتيجو اهو ته ڳڻتي ڪا به ڪا نه، سدائين مٿي هيٺان
فرحتي وهاڻو. هيڪر مون کي چيائين ته ” ادا، مون
سڄي عمر ايڏن وڏن انسانن سان گڏ گذاري آهي. جو
هاڻي ڄامڙن ۽ جيتامڙن کي چوڌاري ڏسي چوندو آهيان
ته ڪهڙي ڪن ڪچري ۾ اچي ڦاٿو آهيان.“
ڪنهن دفعي مون ساڻس ڳالهه ڪئي ته هندستان جي
ڊاڪٽر ضياءُ الدين لاءِ ٻڌايو اٿم ته جيڏي مهل
گهرندو هو، اوڏي مهل کيس ننڊ کڻي ويندي هئي ۽ جنهن
مهل لاءِ ٻڌائيندو هو، عين ان مهل ننڊ مان پنهنجو
پاڻ جاڳي اٿندو هو. اهو ڏيکاري ٿو ته کيس اندر جو
اطمينان نصيب هو. هتي مون جهڙا ڪمزور ماڻهو آهن.
جو ويچارا ننڊ جون گوليون وٺڻ کانپوءِ به اڌ رات
تائين، بقول علي احمد بروهي، چپٽيون وڄائيندا. ننڊ
کي سينڍون ڏيندا ٿا رهن ته:
آءُ جاني، آءُ ڍولڻ
قاسمي صاحب اعتماد سان چيو ته ”مان به ڊاڪٽر
ضياءُ الدين وانگر ڪري سگهان ٿو.“ ان ڏينهن، اسان
ٻئي ڄڻا لاهور هوٽل ۾ ٽڪيل هئاسين.مولوي صاحب
منجهند جي ماني کائي ستو. پنجن منٽن ۾ ننڊ کڻي ويس
کونگهرا هڻڻ لڳو. چئين بجي اٿڻ جو چيو هئائين. ڪو
ٻن ٽن منٽن جو فرق ٿيو هوندو. جو پاڻ چئين بجي ننڊ
مان اٿي کڙو ٿيو.
قاسمي صاحب سان منهنجي ملاقات کي هاڻي ڀريا
ٽيهه ورهيه ٿيا. اول پاڻ سنڌ سرڪار جي اطلاعات
کاتي ۾ نوڪري ڪندو هو. سائين غلام مصطفيٰ شاهه
جڏهن سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسپال هو، ته کيس پاڻ وٽ
عربيءَ جي استاد جو عهدو آڇيائين. قاسمي صاحب
اطلاعات کاتي مان نوڪري ڇڏي، ايس ايم ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ هليو آيو. ڪجهه وقت گذريو ته سائينءَ
غلام مصطفيٰ شاهه جي ڪوشش سان، حيدرآباد ۾ شاهه
ولي الله ايڪيڊمي قائم ٿي. قاسمي صاحب ان جو
ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. ايڪيڊمي ننڍڙو ادارو آهي. ٺٽي
جي ضلعي ڪائونسل ان کي ڪجهه مالي مدد ڏيندي آهي.
هاڻي ڪجهه امداد شايد سرڪار جي زڪوات فنڊ مان به
مليس ٿي. انهن وسيلن جي آڌار تي، شاهه ولي الله جا
ڪجه ڪتاب به شايع ڪيا اٿس ۽ هڪ سٻنڌڙو ڪتبخانو به
قائم ڪيو اٿس.
1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ فيصلو ڪيو، ته شاهه
ڀٽائيءَ جي ڪلام کي ٻين شاعرن جي ڪلام کان جدا
ڪري، مستند رسالو ٺاهڻ جو ڪم شمس العلما دائود
پوٽي جي وفات کانپوءِ قاسمي صاحب اڳتي هلائي. ان
نسبت سان بورڊ سان سندس قريبي تعلق قائم ٿيو.
هونئن، ان کان اڳ به مولانا سنڌيءَ جو ”التمهيد“
ڪتاب ۽ غالباً ڪو ٻيو ڪم به بورڊ سندس حوالي ڪيو
هو.
اڳتي هلي بورڊ فيصلو ڪيو، ته مخدوم نوح عليه
الرحمته قرآن شريف جو جيڪو فارسي ترجمو ڪيو آهي،
اهو شايع ڪجي، ٻن ٽن عالمن ان ترجمي جي نقل
نويسيءَ جو ڪم شروع ڪيو هو، پر ان کي مڪمل ڪرڻ کان
اڳ الله کي پيارا ٿي ويا. بورڊ سوچ ويچار ڪري اهو
ڪم قاسمي صاحب جي حوالي ڪيو. تن ڏينهن ۾ بورڊ جي
آفيس حيدرآباد جي سول لائنس واري بنگلي مان گاڏي
کاتي ۾ ”امين منزل“ ۾ منتقل ٿي هئي. مولوي صاحب
روز شام جو هيرآباد مان بس ۾ چڙهي ايندو هو. جتي
دادي ليلان وارن جي جاءِ ۾ مسواڙ تي رهندو هو.
ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ امين منزل ۾ قرآن ڪريم جي فارسي
ترجمي تي ڪم ڪندو رهندو هو. آخر اهو علمي ڪم پورو
ڪيائين ۽ بورڊ قرآن ڪريم جو اهو تاريخي ترجمو شايع
ڪيو. تن ڏينهن ۾ بورڊ جي آفيس امين منزل جي پٽ ۽
وچينءَ ماڙيءَ تي هوندي هئي. مٿينءَ ماڙيءَ تي مان
پهريائين ڇڙو ۽ پوءِ سگهرو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن
گهران قاسمي صاحب کي چاءِ بسڪوٽ موڪلي ڏيندو هوس.
پر جي واندو هوندو هوس ته ساڻس وڃي ڪچهري ڪندو هوس
۽ سندس علم ۽ اخلاق کان فيضياب ٿيندو هوس. ڏاڍو
متاثر ڪيائين.
هڪ دفعي شايد اسان ٻئي ڄڻا ڪتابن جي نمائش
جي سانگي سان لاهور به گڏجي وياسين. اتي لاهو هوٽل
۾ ڇهه ست ڏينهن گڏ ٽڪياسين. اهي ڏينهن مون کي
سدائين ياد رهندا.
1974ع ڌاران، سائين غلام مصطفيٰ شاهه بورڊ
جي آفيس جون جايون سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس تي
ٺهرايون. اتان ٻه سال پوءِ، جڏهن مان سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ پرو وائيس چانسيلر مقرر ٿي ويس، ته
قاسمي صاحب بورڊ جو چيئرمين ٿيو. 1979ع ۾ مان موٽي
بورڊ ۾ آيس ته چيائين ” ادا، بورڊ جو سيڪريٽري
تون، ته چيئرمن به تون“ ان قول تي حرف به حرف عمل
ڪيائين. مون زندگيءَ ۾ اهڙو با اخلاق عملدار ٻيو
فقط هڪ ڄڻو ڏٺو: اهو هو ايڪڊمي آف ليٽرس جو
چيئرمين شفيق الرحمان، قاسمي صاحب منهنجو عملدار
ڪو نه هو: سڄڻ ۽ ساٿي هو.
1984ع ۾ مان اسلام آباد بدلي ٿيس، ته پهريون
ڪم اهو ڪيم جو کيس چين گهمايم. اسان چار پنج سال
سنڌي ادبي بورڊ ۾ گڏجي ڪم ڪيو هو. هاڻي، سوچان ٿو
ته اهو زمانو منهنجي زندگيءَ جو سونهري دور هو.
مسئلا ته هر دور ۾ ۽ هر هنڌ ٿين ٿا. پر ” ٻه ته
ٻارنهن“ جي مصداق اسان انهن کي گڏجي منهن ڏيندا
هئاسين. سرڪاري ڪم ڪار سان ته اڪثر ڪراچيءَ وڃڻ
ٿيندو هو. اتي اول ” نارٿ ويسٽرن هوٽل“ ۾ ۽ پوءِ ”
قصر ناز“ ريسٽ هائوس ۾ ٽڪندا هئاسين. ڊبل ڪمرو
وٺندا هئاسين. صبح جو ناشتو ڪري، يا رات جي ماني
کائي پلنگن تي، ڪڏهن ويٺي ويٺي، ڪڏهن ليٽي، پهرن
جا پهر ڪچهريون ڪندا هئاسين. الله بخش شيخ پٽيوالو
ڪچهريءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ، چاءِ جو گرم گرم ڪوپ
وقفي وقفي کانپوءِ ٺاهي ڏيندو رهندو هو. اهي
ڪچهريون نه سائينءَ قاسمي صاحب کان وسري سگهنديون
۽ نه مون کان .
*
سائين قاسمي صاحب پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون
ٻڌائيندو هو. ڪڏهن مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو
احوال ٻڌائيندو هو. ڪڏهن ديوبند جا قصا ڪڍندو هو.
پاڻ ذات جو چانڊيو آهي. سو ڪڏهن نواب غيبي خان
چانڊيي جا ٽوٽڪا به ٻڌائيندو هو. سندس ننڍپڻ غربت
۾ گذريو هو. ڳالهه ڪندو هو ته ڪنهن مدرسي ۾ گڏ
پڙهندا هئاسين. ٻيا طالب علم هيڏي هوڏي ويندا هئا
ته اسان ديڳڙي مان ٻوڙ ۽ ٻوٽيون ڪڍي، کائي، هڏا
چوسي، وري ديڳڙي ۾ وجهي، ٻه چار گلاس پاڻيءَ جا
اوتي، ٻين طالب العلمن جي لاءِ وري چلهي تي چاڙهي
ڇڏيندا هئاسين.
غربت جو اهو دور گذاري، قاسمي صاحب نيٺ خدا
جي فضل سان مڇيءَ مانيءَ وارو ٿيو. هير آباد ۾
پنهنجو بنگلو ٺهرايائين. اولاد کي ڊاڪٽريءَ ۽
انجنيريءَ جي تعليم ڏياريائين. سندس ٻار هاڻي
پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن. قاسمي صاحب ملڪ جي متعدد
ادارن جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي ۽ ڪن ٻين
منصبن تي به فائز آهي. منهنجي خيال موجب، سندس
ڪامياب زندگيءَ جا ٻه ڪارڻ آهن: هڪ علم ۽ ٻيو
اعليٰ اخلاق.
هڪ دفعي مان مرحوم پير حسام الدين راشدي،
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ مولانا غلام محمد
گراميءَ سان گڏ ويٺو هوس. اڳوڻن عالمن ۽ بزرگن جا
قصا نڪتا. ڪنهن چيو ته هن دور ۾ اهي بزرگ آخرڪار
ڪيڏانهن پر ڪري، اڏامي ويا؟ ان تي مولوي گراميءَ
چيو ته هن زماني ۾ به هڪ اهڙو بزرگ موجود آهي، جو
اڳوڻي زماني جي بزرگن جون سڪون لاهي ٿو. ملاڪاتيار
۾ رهي ٿو. مييون اسحاق سڏجي ٿو. سنڌ جي گهڻن ئي
وڏن ماڻهن جا نالا کنيائين ته وٽس دعا لاءِ ويا
هئا. انهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو به نالو
کنيائين. اسان کي شوق ٿي بيٺو سو بزرگ سان ملڻ
وياسين.
نوين ڏهين جو ٽيم هوندو، جو اسان پير صاحب
جي موٽر ۾ حيدرآباد مان ملاڪاتيار پهتاسين. ڄاڻ
ڪرايوسون، چيائون ته انتظار ڪريو. ويٺي ويٺي پهر
گذري ويا. ڏاڍا ڪڪ ٿياسون. اهو سڄو وقت هلڪو ٺهڪو
ٻڌڻ ۾ پئي آيو. پڇا تي خبر پئي ته اڳئين ڏينهن تي
ڇتي ڪتي جو کاڌل ڪو ماڻهو آيو هو، جو بزرگ ميين
اسحاق جي حويليءَ کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو. ميين صاحب
حڪم ڪيو ته اهو در پاڙان پٽي ڪڍو. در نڪتو ته
چيائين ته هاڻي سموري مٽي کوٽي پاسي ڪريو، ته پوءِ
ٻاهر نڪرندس. اهو ٺهڪو انهيءَ سبب ڪري هو ۽ اسان
جي طويل انتظار جو به سبب اهو ئي هو. ويٺي ويٺي،
ميين صاحب جي معتقدن کان جيڪي ڳالهيون ٻڌيون سون.
تن مان محسوسو ٿيو ته مييون صاحب غالباً مجذوب شخص
آهي. ڪڏهن مسجد ۾ جماعت سان نماز ٿيندي رهي. پر
پاڻ ليٽيو پيو هجي، ڪو معتقد پيرن کي زور ڏيندو
رهيس، ڪڏهن نماز پڙهڻ بيهي، ته سڄي سڄي رات گذري
وڃي. هڪ دفعي جمعي جي نماز پڙهايائين. نکون ويڙهڻ
لڳا. ته ڪنهن مئل ڪوِل تي نظر پيس. چيائين ته
”ابا، هيءَ ڪوِل ڪنهن ماري؟ “ ڪير جواب ڏئي. اوسي
پاسي جون خلقون جمعي جي نماز لاءِ اچي گڏ ٿيون
هيون. سي سڀ سڏايائين. راڄ اچي مڙيا، پر اهو پتو
ڪيئن پوي ته ڪوِل ڪنهن ماري؟
سائين جي ايم سيد هڪ دفعي ٻڌايو ته مون
زندگيءَ ۾ ٻه ماڻهو ڏٺا، جن جون اکيون به وساري نه
سگهندس. هڪ ميين اسحاق جو والد ۽ ٻيو ڪرشنا مورتي.
جيئن شينهن جي اکين ۾ ڪير به ڏسي ڪو نه سگهندو
آهي. تيئن سندن اکين ۾ به ڪير ڏسي ڪو نه سگهندو
هو.
*
منجهند مهل ڌاران اسان کي سڏ ٿيو ته بزرگ
ياد ڪري رهيو آهي. اسان کي هڪ ڪچيءَ ڪوٺيءَ ۾ وٺي
ويا. ڪوٺيءَ جي تر کي گارو آيل ڪو نه هو. ڊاٻ کي
تازي ٻهاري ڏني هئائون. جنهن تي ڦرئي جا ليڪا پڌرا
بيٺا هئا. ان ڊاٻ تي هڪ ننڍي نک وڇايل هئي، پاسي ۾
کجيءَ جي مصلي مٿان هڪ پراڻو ڪيمخاب جو مصلو وڇايل
هو. بزرگ مصلي مٿان ويٺو هو. اسان کي ڏسي اٿي
بيٺو. اسان کي اڳيئي ٻڌائي هوشيار ڪري ڇڏيو هئائون
ته ڪنهن کي هٿ ڪو نه ڏيندو آهي. پر اسان مان هر هڪ
سان قرب سان هٿ ملايائين. سندس عمر شايد سٺ ورهين
جي قريب هوندي. ننڍڙي سونهاري رکيل هئس. جنهن ۾
اڇن سان ڪجهه ڪارا وار به هئا. منهن ۾ رت ڪونه.
غالباً سادي غذا ۽ گهڻيءَ عبادت سببان لباس به
انتهائي سادو. پوتڙي جي گوڏ، ساديءَ ململ جو چولو
۽ رواجي ڪپڙي جي ٽوپي مٿي ۾ گرامي صاحب ڪو هفتو
ڏهه ڏينهن اڳ وٽس ويو هو. کيس ” تحفته الڪرام“
(فارسي) جي فرمائش ڪئي هئائين. سو ساڻ کنيو هليو
هو. پر بزرگ ڪتاب هٿ ۾ ڪو نه ورتس. سندس هڪ معتقد
ورتو. جو بزرگ جي اشاري تي پنا اٿلائيندو ويو.
ائين ڪتابن جون ڳالهيون نڪتيون. مون بزرگ کان سندس
خانداني ڪتبخاني جو پڇيو . چيائين ته اسان جي ڪنهن
وڏي سڀ ڪتاب درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيا. ان کانپوءِ ڪن
عربي ۽ فارسي ڪتابن جو ذڪر آيو. ڪلاڪ ٻه نهايت
شاندار علمي ڪچهري ٿي. جڏهن بزرگ کان موڪلايوسين
ته سندس خليفن چيو ته سائينءَ جو حڪم آهي ته مهمان
لنگر کائي پوءِ وڃن. ماني کڻي آيا، پر نهايت سادي،
صحيح معنيٰ ۾ لنگر جي ماني، ملاڪاتيار مان ٻاهر
نڪتاسين، ته قاسمي صاحب چيو ته ” مون ڏکين کان
ڏکين ڪتابن جو
بزرگ سان ذڪر ڇيڙيو، ليڪن حيرت آهي ته نه فقط سڀ ڪتاب سندس ٻڌل هئا پر
پڙهيل به هئا.“ قاسمي صاحب ميين اسحاق جي علم کان
متاثر ٿيو. پر مان قاسمي صاحب جي علم کان متاثر
ٿيس. مجلس ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب به موجود
هو. جو فارسي زبان جو گوهر هو ۽ مولانا غلام محمد
گرامي به پنهنجي جاءِ تي وڏو عالم هو، ليڪن ٻنهي
ڄڻن مڪمل خاموشي اختيار ڪئي. فقط قاسمي صاحب ميين
اسحاق سان علمي گفتگو ڪري سگهيو. ان تي مون کي
محمد امين کوسي جا اکر ياد آيا: مولا نا غلام
مصطفيٰ قاسمي علم جو سمنڊ آهي.“
هڪ دفعي مون کي خبر پئي ته هڪ مرڪزي وزير
سوچي رهيو آهي ته مولوي صاحب کي فلاڻو عهدو وٺي
ڏجي. مون مولوي صاحب سان اها ڳالهه ڪئي ۽ صلاح ڏني
ته اوهان پاڻ وڃي ملوس. خوش ٿيندو. اوهان جو ڪم ٿي
ويندو. مولوي صاحب جواب ۾ چيو ته ، ”ادا ڪيترن
ماڻهن کي خوش ڪري ڪيترن کي ڪنداسين؟ ڇو نه الله کي
خوش ڪيون، ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ضرورت
ئي نه پوي.“
|