مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
سنه 52-1953 جي ڳالهه آهي. مان مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي، حيدرآباد
جي ڦليلي ڪاليج ۾، وڌيڪ تعليم لاءِ داخل ٿيس. اسان
کي انگريزي نصاب ۾ هڪ ڪتاب پڙهائيندا هئا، جنهن جو
نالو هو
Struggle of the Modern Man
ان ۾ هڪ سبق هو، جنهن جو عنوان
هو
Tolerance
سَهَپَ.
سبق جو سبق اهو هو ته انسانذات، روز اول کان وٺي اڄ ڏينهن
تائين، جيڪا به ترقي ڪئي آهي، ان جو راز ”سهپ“ ۾
سمايل آهي. سهپ انساني تهذيب جو روح آهي. جنهن
انسان ۾ سهپ ڪانهي، ان ۾ ماڻهپو ڪونهي ۽ جنهن ۾
گهڻي کان گهڻي آهي، سو صحيح معني ۾ مهذب انسان
آهي.
جنهن انسان کي ڪابه طاقت ڪانهي، مسڪين ۽ مجبور آهي، تنهن ۾ سهپ
جو مادو آهي، ته اهو سندس ڪمزوريءَ ۽ مجبوريءَ ڪري
آهي. پر، جيڪڏهن قسمت ڪنهن انسان کي نوازيو آهي،
کيس مٿاهين منصب تي وهاريو آهي، ماڻهن ۾ سندس مڃتا
آهي، مالي لحاظ کان خوشحال آهي ۽ پوءِ منجهس سهپ
جو مادو آهي ته اهو سندس عظمت ۽ تهذيب جو دليل
آهي. زندگيءَ ۾ مون کي ڪيترائي اهڙا ماڻهو مليا،
جيڪي بظاهر مهذب هئا، وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا
هئا، ڳوڙها خيال ۽ ويچار ظاهر ڪندا هئا، مهذب،
سائنس، سياست ۽ فلسفي تي فر فر ڳالهائيندا هئا،
پر، جڏهن آزمائش جي ڪا گهري آئي، ته انتهائي خود
غرض بلڪ ڪم ظرف ثابت ٿيندا هئا. ڊگرين ۽ ڪتابن جي
مطالعي مٿن جيڪا قلعي چاڙهي هئي، سا هڪڙي ئي رهڙي
سان لهي ويندي هئي.
پر، پنج آڱريون برابر ڪونهن. قدرت جي گلستان ۾ هر قسم جا گل ۽
ڪنڊا موجود آهن. هڪ اهڙو ماڻهو به ڏٺم، جو جڳ کان
جدا اهو؛ جنهن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ اعلي تعليم
ڪانه ورتي هئي؛ مغربي ۽ مشرقي فيلسوفن جا مقولا به
ياد ڪونه هئس؛ سنڌ جي مروج معيار موجب، آسودن
خاندانن مان به هو، ماڻهن ۾ سندس عزت ۽ تعظيم به
گهڻي هئي، پر منجهس ايڏي ته سهپ هئي، جو سوچيندو
هوس ته هن شخص کي، سڄيءَ عمر ۾ ڪڏهن ڪاوڙ به آئي
آهي يا نه؟
مخدوم صاحب جي پهرين ڀيرو زيارت سنه 1954ع ۾ نصيب ٿي. مرحوم
مولانا غلام محمد گراميءَ سان ساڻس گهڻي هوندي
هئي. مرحوم هڪ دفعي مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي
هليو. ان زماني ۾ مخدوم صاحب حيدرآباد جي عامل
ڪالونيءَ ۾ رهندو هو. مانيءَ کان پوءِ مجلس ۽
شاعري جو پروگرام هو. رات جو دير دير تائين رونق
رهي. اهو مخدوم صاحب جي ڦوهه جوانيءَ جو زمانو هو.
گلاب جي گل وانگر خوبصورت هو.
چئن سالن کانپوءِ، خانبهادر کهڙي جي رهائشگاهه تي سندس ٻيو
ديدار نصيب ٿيو. مان بورڊ ۾ نئون نئون ملازم ٿيو
هوس، خانبهادر کهڙو ان جو صدر هو، ۽ مخدوم صاحب
ميمبر. ميٽنگ پوري ٿي، ته کهڙو صاحب ٻاهر نڪتو.
ڪنهن چيو ته هالن جي مخدوم صاحب کي رخصت ڪرڻ ويو
آهي. مون ان شخص کي چيو ته، ”سفيد لباس ۾ اهو نحيف
۽ ناتوان شخص مخدوم صاحب هو؟“
چيائين ته ”هائو“. مون کي اعتبار ئي ڪونه آيو، ڇو ته گلاب جو گل
ڪو ڪومائجي ويو هو! ماڳهين سڃاپڻ کان ٻاهر هو. پڇا
ڳاڇا تي پتو پيو ته، مخدوم صاحب ڪافي عرصي کان
زيابيطش جي عارضي ڪري، عليل آهي.
ٻن چئن سالن کان پوءِ وري ساڻس ملاقات ٿي. ڏٺم ته سندس بدن جي
سگهه ۽ چهري جي رونق موٽي آئي هئي. تندرست ۽ توانو
ٿي لڳو. پڇا ڳاڇا تي پتو پيو ته مخدوم صاحب پنهنجي
علاج جو حد درجي خيال رکيو هو. ايتريقدر جو سندس
ڊاڪٽر ڪرنل نجيب ماڻهن کي ٻڌايو هو ته ”مون مخدوم
صاحب جهڙو باضاطه
(Disciplined)
شخص زندگيءَ ۾ ڪو ورلي ڏٺو
هوندو.“ زيابيطش ۾ خاص ڳالهه کاڌي جي پرهيز آهي.
هڪ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته مخدوم صاحب ايڏي ته پرهيز
ڪئي، جو جوئر جا داڻا تارازيءَ ۾ تورائي، انهن جو
اٽو ڳوهرائي، ماني پچرائي کائيندو هو. نه گرهه
گهٽ، نه وڌ. اها ڳالهه مخدوم صاحب جي صبر ۽ برداشت
جي قوت جي نشاندهي ڪري ٿي.
مخدوم صاحب سنڌ جي پيرن جي طبقي جي صف اول ۾ شمار ٿئي ٿو.
انهيءَ طبقي ۾ هاڻي صبر ۽ برداشت جي قوت ڪانه رهي
آهي. صبر ۽ سهپ ئي انساني اخلاق جو معيار آهي.
افسوس آهي ته سنڌ جون اهي خانقاهون جتان ڪنهن
زماني ۾ نور جا چشما ڦٽي نڪرندا هئا، سي هاڻي
ويران آهن. سجادهه نشين پئسي ۽ سياسي اقتدار جا
بکيا ٿي پيا آهن. ڪي ته خدا جي خلق جا ڳوڙها اگهڻ
بدران ان کي ڏنگين ٿا. پاڻ کي برهمڻ ۽ عام ماڻهن
کي اڇوت سمجهن ٿا. سندن ڪرتوت ڏسي ڏندين آڱريون
اچيو وڃن. سنڌ جي هڪ ڊپٽي ڪمشنر سال کن اڳ مون سان
اتر سنڌ
جي
هڪ متبرڪ درگاهه جو ذڪر ڪندي چيو ته، ”پير- ته پري
ٿيا، خود بيبين جو اهو حال آهي، جو ويهين ويهين
رپئين حويليءَ مان هيروئن جون پڙيون پيون وڪڻن.
مجبور ٿي اسان کي حويليءَ جي در تي خانگي ڪپڙن ۾
پوليس بيهارڻي پئي، تڏهن وڃي اهو آزار بند ٿيو.“
اها ڳالهه ٻڌي، مون کي ته الهه بچائي سمي جو ڪتاب ”سپر ڪوهستان“
ياد اچي ويو. ان ۾ پيرن تي ڏاڍو سخت مضمون لکيو
اٿس. کين سنڌ جي تباهيءَ جو ڪارڻ قرار ڏنو اٿس.
ساڳي ڳالهه انگريز اديب رچرڊ برٽن به ڪئي آهي.
ليڪن انهن ئي پيرن جي طبقي ۾ اڄ به مخدوم صاحب جهڙا اعلي انسان
موجود آهن. کين ڪانيءَ ڪرامت جي دعوا ته ڪانهي. پر
پنهنجي بلند اخلاق جي سونهن سببان ماڻهن جي دلين
کي موهي ڇڏيو اٿن ۽ پنهنجن نيڪ نام بزرگن جي وقار
تي حرف اچڻ نه ڏنو اٿن.
هڪ دفعي مخدوم صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته جڏهن ڀٽو صاحب ملڪ جو
صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر هو، تڏهن کانئس
پڇيائين ته، ”مخدوم صاحب، توهان کي ڇا گهرجي؟“
مخدوم صاحب جواب ۾ چيس، ”ڪجهه نه. الله سائينءَ
اسان جي خاندان جي جيڪا عزت ڪئي آهي، فقط اها
برقرار رکجو.“
مخدوم صاحب جو ملتان جي مخدوم صاحب سان پراڻو خانداني تعلق آهي.
لاهور جي گورنر هائوس ۾ هڪ دفعي مخدوم سجاد حسين
قريشيءَ تڏهوڪي گورنر پنجاب، مون کان پڇيو ته
”رباني، ٻڌو اٿم ته مخدوم صاحب هالن مان ڪوهه
مريءَ آبهوا بدلائڻ لاءِ اچي رهيو آهي؟“ مون
هائوڪار ڪئي، ته مون کي به وٽانئن اهڙو ئي اطلاع
مليو آهي. تڏهن چيائين ته ”کيس چئه ته سڌو ڪوهه
مريءَ نه وڃي. اول مون وٽ لاهور ۾ لهي. ڏو-پهرو
ڪري پوءِ اڳتي وڃي. سندن سفر لاءِ منهنجي ريلوائي
سيلون حاضر آهي، ۽ جي هوائي جهاز گهرجي ته اهو
موڪلي ڏيان.“ مون مخدوم صاحب سان ڳالهه ڪئي، پر
پاڻ انهن ڳالهين کان بي نياز هو.
مون مخدوم صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڏهه پندرهن ورهيه ويجهڙو
ڏٺو. سندس شوق ۽ شغل ٻه هوندا هئا: هڪ ڪتاب ۽ ٻيو
راڳ. جواني جي زماني ۾ به، جڏهن سنڌ جا ڪي پير، اٺ
۽ گهوڙا ۽ ڪي وري ڪتا ۽ سوئر پاليندا آهن، اتي
مخدوم صاحب اديبن ۽ شاعرن جي پرورش ڪندو هو. رسالا
۽ ڪتاب ڇپائيندو هو. اڳتي هلي، سنڌ جي ممتاز اداري
سنڌ ادبي بورڊ جو صدر مقرر ٿيو. بورڊ جي ميٽنگ ۾
ايندو هو ته ٽي-اي بل ڪونه وٺندو هو. مخدوم نوح
وارو قرآن ڪريم جو تاريخي نسخو بنا ڪنهن اجوري جي.
بورڊ کي ڇپڻ لاءِ ڏنائين، پر ٻين چڱن ڀلن بيٺل
ماڻهن ۽ خود بورڊ جي ميمبرن وانگر بورڊ کان معاوضو
ڪونه ورتائين. ورندو، پيڪيجز لميٽيڊ لاهور وارن
کان بورڊ کي ان ڪم لاءِ ڪجهه مالي امداد وٺي
ڏنائين. ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ وٽس ٻه گهر هئا، هڪ
گاڏي کاتي ۾ ٻيو سول لائينس ۾. بورڊ کي آفيس لاءِ
جاءِ گهربي هئي. مخدوم صاحب سول لائينس وارو بنگلو
بورڊ کي آفيس لاءِ جاءِ گهربي هئي. مخدوم صاحب سول
لائينس وارو بنگلو بورڊ کي ڏنو. اڳتي هلي، بورڊ کي
معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب کي اهو بنگلو وڪڻڻ جو
ارادو آهي. بورڊ کيس عرض ڪيو ته بنگلو اسان کي ئي
وڪڻو. جنهن قيمت تي پاڻ ٻه چار سال اڳ ورتو
هئائين، ان ئي قيمت تي بورڊ کي ڏنائين. اڳتي هلي
سندس سياسي مخالفن انهيءَ ڳالهه تي به اعتراض
واريو ۽ سندس احسان کي سندس ئي خلاف استعمال ڪيو.
مخدوم صاحب ماٺ ڪري بورڊ کي پئسا موٽائي ڏنا ۽ گهر
واپس ورتو. پنهنجن مخالفن کي ڪڏهن زبان سان به برو
ڀلو ڪونه چيائين. ويهينءَ صديءَ ۾ شاه عبدالڪريم
بلڙيءَ واري جي صبر جي روايتن کي تازو ڪري
ڇڏيائين.
مون ڪنهن شخص کي چيو ته ”مخدوم صاحب ايڏو صبر ڪنهن کان سکيو
آهي؟“ هن جواب ڏنو ته وڏن کان ورثي ۾ مليو اٿس.
سندس والد بزرگوار مخدوم غلام محمد صاحب وڏو صابر
شاڪر شخص هو. محمد فقير کٽياڻ سان محبت هوندي هئس.
فقير صاحب قلندر شخص هوندو هو. جڏهن مخدوم صاحب
سان هالين ملڻ ايندو هو ته ”سر بازار مي رقصم“
انداز سان ايندو هو. هالن جي ڀريءَ بازار مان
جهمريون وجهندو، ڳائيندو، وڄائيندو، نچندو ايندو
هو.
شاهه صاحب جي. ايم. سيد ڳالهه ڪئي ته هڪ دفعي فقير صاحب مخدوم
صاحب سان ملن آيو. هڪ ڪمري ۾ وهڻ لاءِ غاليچو
وڇايل هو. ٻئي ڄڻا ان جي ٻن ڪنڊن ۾ آمهون سامهون
وڃي ويٺا. نه فقير صاحب ڪو اکر چيو، نه مخدوم صاحب
ئي ڪجهه فرمايو. ڪجهه دير کانپوءِ فقير صاحب
موڪلائي ويو. ڪنهن شخص حيرانيءَ جو اظهار ڪندي چيو
ته ”هيءَ ڪهڙي قسم جي ملاقات هئي؟“ ٻئي جواب ڏنس
ته ”الله وارن جون ڪچهريون ائين ئي ٿينديون آهن.“
چون ٿا ته مخدوم صاحب جو جد امجد، مخدوم نوح عليه الرحمة خود
عجب انسان هوندو هو. سنڌ جي مڃيل متبرڪ هستي هو.
دنيا جي لذتن کان پاڻ پلي چڪو هو. سدائين سچ جي
تلاش ۾ هوندو هو. رات جو دير دير تائين مسجد ۾
عبادت ڪري گهر ايندو هو. تڏهن زندگي سادي هوندي
هئي. گهر وارا هڪ جانڊي کاري هيٺان کير جو وٽو ۽
جوئر جي ماني رکي سمهي پوندا هئا. هڪ دفعي صبح جو
ڏسن، ته کاري هيٺان کير ته ڪونهي، پر ماني ائين جو
ائين رکي آهي. پڇا تي مخدوم نوح چيو ته ”مون ته
ماني کاڌي هئي.“ جاچ تي پتو پيو ته ٻانهيءَ مانيءَ
جي پاسي ۾ مال لاءِ کڙ جو ٽڪر به رکيو هو. مخدوم
صاحب انهيءَ کي ماني سمجهي، کير سان کائي ڇڏيو.
کيس کڙ ۽ مانيءَ جي ذائقي ۾ ڪوبه فرق محسوس ڪونه
ٿيو. سونهاريءَ سنڌ اهڙا الله وارا به ڏٺا.
مخدوم نوح جي صبر ۽ پرهيز گاريءَ جي هاڪ سندس ئي حياتيءَ ۾ پري
پري پهتي. اڪبر بادشاهه سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ جڏهن
لشڪر چاڙهي موڪليو، تڏهن سپهه سالار خان خانان کي
تاڪيد ڪيائين ته ”ٺٽي تي حملو ڪرڻ کان اڳ هالن ۾
مخدوم نوح جي درگاهه تي حاضري ڏجانءِ، جو اصل
حڪومت الله وارن جي آهي.“
مخدوم نوح جي حياتيءَ جي احوال جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته هڪ دفعي
ڪينجهر جا ڪي مهاڻا مخدوم صاحب وٽ ميڙ ڪري ويا ته
اسان سان گڏجي ٺٽي هلو ۽ سندس جي حاڪم کان اسان کي
ڍل ۽ محصول معاف ڪرائي ڏيو. مخدوم نوح سندن ڳالهه
قبول ڪئي. سفر ٻيڙيءَ رستي ٿيو. جڏهن ٺٽي جي
ٻاهران پهتا ته مغرب جي مهل هئي. مخدوم نوح چيو ته
” اڳو پوءِ سانجهيءَ جي نماز پڙهي پوءِ شهر ۾ داخل
ٿيون.“ ٻيڙيءَ ڪناري سان لنگر هنيو. مخدوم نوح هيٺ
لهي وضو ڪرڻ لڳو. سندس ڌيان ته ڪنهن ٻئي هنڌ هو.
وضو ڪندي، درياهه جي ڪناري تي بيٺل گاهه جڏهن هٿن
کي لڳس ته ماڻهن کي چيائين ”ابا، اسان جي مسجد ۾
هيءُ گاهه ڪنهن پوکيو آهي؟“
چون ٿا ته هڪ دفعي دعوي ڪيائين ته هنن ٻن اکين سان الله کي ڏٺو
اٿم. جڏهن مخدوم جعفر بوبڪائيءَ کي اها خبر پيئي
تڏهن چوائي موڪليائينس ته ”اهي اکيون ڪي ٻيون
هونديون، جن الله کي ڏٺو هوندو. هاڻي هيئن ڪيو جو
اهي اکيون ٻوٽيون ۽ پوءِ ٻڌايو ته اڃا الله نظر
اچي ٿو.“ مخدوم نوح جواب ۾ چيو ته، ”هائو، نظر اچي
ٿو.“ تڏهن مخدوم جعفر چيس ته، ”پوءِ ته منهنجو چوڻ
صحيح آهي، ته اهي ڪي ٻيون اکيون آهن، جي الله کي
ڏسن پسن ٿيون.“ چون ٿا ته اهو ٻڌي مخدوم نوح چيو
ته ”جي نه هجي جعفر، ته نوح ٿئي ڪافر“*
مخدوم نوح فقط عربي ۽ فارسيءَ جو عالم ڪونه هو*
پر سنڌي زبان جو به وڏو شاعر هو. افسوس آهي ته
سندس شعر اڄ ناپيد آهي. ڪي ٿورڙا بيت وڃي بچيا
آهن، جي سندس شاعرانه عظمت تي شاهد آهن. هي بيت
ڀٽائي صاحب ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، پر درحقيقت
مخدوم نوح جو آهي:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ ڀانيو ماڻهان
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
مٺو فقير نالي هڪ شخص هوندو هو، جو سندس حاضريءَ جو ماڻهو هو ۽
کيس ڪافيون ڳائي ٻڌائيندو هو. مخدوم نوح کيس مخاطب
ٿي، هڪ بيت چيو:
مٺا، مٺائيءَ جون ڪر ڪي ڳالهڙيون
ڪيئن ٿا گذرن ڏينهڙا، ڪيئن ٿيون گذرن راتڙيون
ابابڪر نالي سندس هڪ خليفو هوندو هو، جنهن سان ڏاڍي محبت هوندي
هئس. چون ٿا ته جڏهن مخدوم نوح جي لاڏاڻي جو.
وقت آيو، تڏهن ابابڪر کي سڪ سان ساري چيائين:
ابابڪر آءٌ، سامين سفر سنباهيو
متان ٿئي پوياءُ، سارئين سنياسين کي
ابابڪر اهو ٻڌي مرشد کي چوائي موڪليو:
اچان ٿو اچان، ڪجو ڪو جٽاءُ
متان ٿئي پوياءُ، ساريان سنياسين کي
هنن بيتن ۾ اکرن جي گهٽ وڌائي ٿي سگهي ٿي ڇو ته مخدوم نوح جو
ڪلام محفوظ رهي ڪونه سگهيو. فقط سندس معتقدن کي ڪي
بيت زباني طرح ياد رهيا، جن ۾ غلطيءَ جو امڪان رد
ڪري نٿو سگهجي. پر اهي بيت مخدوم نوح جي دردمند دل
جي نشاندهي ڪن ٿا. هڪ ٻئي بيت ۾ دنيا
جي بي ثباتيءَ جو نقشو چٽيندي فرمايو اٿس:
متان ڏسي موهجين، دنيا وارو ڌڄ،
جدا ڪر جودئون، ڇاهيءَ کي ٿي ڇڄ
اڄ نه ٿئي، سڀان، سڀان نه ٿئي اڄ
نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ
مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃئي ٿو ويسلا
مخدوم نوح جي خاندان ۾ مخدوم امين محمد، پکن وارو وڏو شاعر ٿي
گذريو آهي. سندس هڪ ڪافي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عام
مشهور آهي:
سڄڻن جا ساريو سانگ
آئون ويٺي روز رڙان
سنڌي ادبي بورڊ مخدوم امين محمد جو سمورو ڪلام ”ڪليات امين“ جي
نالي سان شايع ڪيو آهي.
ڀانئجي ٿو ته شعر شاعريءَ جي سوغات سائين مخدوم محمد زمان کي
وڏن کان ورثي ۾ ملي. طالب المولي تخلص اختيار
ڪيائين ۽ ڪوشش ڪري، خالص سنڌي طرزن تي ڪلام
چيائين. خاص ڪري ڪافيون چيائين. هونئن غزل ۽ نظم
به چيائين. سندس شعر مکڻ ۽ ماکيءَ وانگر مٺو آهي:
تنهنجو حسن اچي نه حسابن ۾
تون پاڻ ئي پنهنجي جوابن ۾
....
عمر عاجزن سان نه ڪر مال مستيون
هلي ڪين سگهنديون، اهي هوڏ هستيون
جوانيءَ ۾ هڪ ڪافي چيائين مان تڏهن حيدرآباد ۾ ڪاليج پڙهندو
هوس. منجهند جي مهل ڪاليج مان موٽندي، هوٽلن، پان
ٻيڙيءَ جي دڪانن، گاڏي کاتي، تلڪ چاڙهيءَ ۽ ٻين
هنڌن تي، رستي ويند،ي ريڊئي تي سندس ڪافين جا
ڪوڪرا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا؛
تو دلڙي يار ڌتاري،
پو، بر، ڪانه ڪيئي پوئواري.
ڪافي حسين بخش خادم ڳائي هئي ۽ واهه جا ڳائي هئائين. سنڌي ۾
چئبو آهي ته اهڙي ڳايائين، جو مٽ ڀڃي ڇڏيائين.
ڪافي ٻڌڻ سان بت مان سيسراٽ نڪري ويندا هئا، اکين
مان ڳوڙها وهي ايندا هئا.
گهڻا گهڻا سال پوءِ جڏهن مان مخدوم صاحب جي قريب قريب آيس، ته
پاڻ هڪ ڀيري اسدالله شاهه حسينيءَ ۽ مون کي عارف
المولي جي دعوت تي ڊٺڙي وٺي ويو. رات جي مانيءَ
کانپوءِ راڳ جي محفل ٿي. چاندي فقير سڄي رات سندس
ڪلام ڳايو. صبح جو سج اڀاري اٿياسين. موٽر ۾ چڙهي
حيدرآباد روانا ٿياسين ته ماڪڙ وانگر ماڻهو موٽر
کي ورائي ويا. عجب نظارو هو. اڄ ڏينهن تائين مون
کان وسري نه سگهيو آهي. مخدوم صاحب سان ماڻهن کي
عقيدت ڪانه هئي، عشق هو. موٽر جي مٽيءَ ۾ لٽجي ويا
پر ڪافي پنڌ تائين ان جي پٺيان ڊوڙندا آيا.
چاندي فقير شايد راڳ وديا جو وڏو ڄاڻو هو. پر مون کي سندس ڳائڻ
اصل ڪونه وڻيو. فقط مخدوم صاحب جي ادب ڪري سڄي رات
ويٺو رهيس. چاندي فقير جي ڳائڻ ۾ ٺاهه ٺوهه گهڻو
هو، پر هونئن سراسر بي روح هو ۽ ان ”سوز“ کان خالي
هو، جيڪو الله سائينءَ مخدوم نوح، مخدوم امين محمد
۽ مخدوم طالب المولي کي عطا ڪيو هو. جنهن راڳ ۽
ڪلام ۾ سوز ۽ ساز ڪونهي، سو ڪهڙي ڪم جو؟ سنڌ جي هڪ
فارسي گو شاعر چيو آهي:
مي گريم ومي خندم چون برق به سحاب اندر
مي سوزم ومي سازم چون خون به کباب اندر
مخدوم صاحب وارا پاڻ کي ”صديقي“ يعني حضرت ابوبڪر صديق جو اولاد
ڪوٺيندا آهن. پر، مون ننڍي هوندي ڪنهن ڪتاب ۾
پڙهيو هو ته مخدوم نوح اصل ۾ سمو هو. اهو مغالطو
شايد ان ڪري پئدا ٿيو هجي، جو مخدوم صاحب جي متبرڪ
خاندان کي سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ عوام سان عشق آهي. مون
کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ته سنڌي ڪلچر جو مثالي
نمونو ڏيکارڻ لاءِ تون سنڌ جي ڪنهن به فقط هڪ
ماڻهوءَ تي هٿ رک ته مان جيڪر مخدوم صاحب جو نالو
کڻان. اٿيءَ ويٺيءَ ۾، کاڌي پيتي ۾، لباس ۽ پوشاڪ
۾، رسم ۽ رواج ۾، مزاج ۽ ذهن ۾ مون مخدوم صاحب کان
وڌيڪ سچو سنڌي ٻيو ڪونه ڏٺو. پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو
اٿس:
روز ازل کان آهيم لاتو، ڳڻن ڀريءَ کي ڳلي ڳلي
طالب المولي سنڌڙي پوڄيان، ڪير ٿئي جو جهلي جهلي
سنڌ جو هڪ برک ماڻهو هڪ دفعي مخدوم صاحب سان مليو ۽ سرڪار جي
چوڻ تي کيس سنڌ کان ٻاهر هڪ صوبي جي گورنري
آڇيائين. مخدوم صاحب منهنجي روبرو ٺهه پهه جواب
ڏنس ته ”سنڌ کان ٻاهر گورنري قبول ڪري، مان پنهنجي
صوبي جي ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندس؟“
مخدوم صاحب جي سچائي ۽ صاف گوئيءَ کي ڪي ماڻهو غلط سمجهندا آهن.
منهنجيءَ سمجهه موجب هو هن زماني ۾ سنڌ جي وڏن
ڏاهن مان هڪ آهي. مختلف موقعن تي سندس زبان مان
ڏاهپ جا عجيب گفتا ٻڌا اٿم. هيڪر ڪنهن ذاتي معاملي
۾ پاڻ تمام ڏکويل هو. مان وٽن ويٺو هوس. نوڪر اچي
اطلاع ڏنو ته ”مختيارڪار صاحب آيو آهي. چئي ٿو ته
سائين جن اڄ ملاقات جو ٽائيم ڏنو هو.“ مخدوم صاحب
جن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ٿڌو ساهه ڀري چيائونس ته ”ابا
مختيارڪار صاحب کي وڃي چئه ته اڄ ته اسان پاڻ سان
به ملاقات ڪونه ٿا ڪريون.“
ٻئي دفعي مون کي چيائيون ته، ”رباني، ٿڪجي ٿو ماڻهوءَ جو خيال.
جسم جو ٿڪ ته ڪا ڳالهه نه آهي.“
هيڪر هوائي جهاز ۾ لاهور وڃي رهيا هئاسون. پاڻ بورڊ جو چيئرمين
هو ۽ مان سيڪريٽري. تن ڏينهن ۾ علامه قاضي تازو
تازو هي جهان ڇڏي ويو هو. مخدوم صاحب جي ساڻس دل
هئي. کيس ۽ سندس گهر واريءَ کي هنسن جي جوڙي سان
تشبيهه ڏيندو هو. ڪنهن مهل جهاز ۾ پنهنجيءَ ڪرسيءَ
تان ڪنڌ ورائي، مون کي چيائين، ”رباني، هي فارسي
شعر خبر ناهي ته ڪنهن جو آهي، پر ڪيڏو نه بامعني
آهي:
”عدم جي راهه، ڪيڏي نه هموار آهي
جنهن هيڪر مٿس پير رکيو
تنهن وري ڪنڌ ورائي پوئتي ڪونه ڏٺو.“
مخدوم صاحب ان زماني ۾ ڏاڍو سفر ڪندو هو. مون کي اهو هفتو ۽
ڏهاڪو ڪونه سجهي، جيڪو هڪ هنڌ گذاريو هجيس. اڄ
هالن ۾، هفتي کانپوءِ حيدرآباد، ٻئي هفتي ڪراچي،
ٽئين هفتي لاهور، چوٿين هفتي پنڊي، مطلب ته مهيني
جا ڏهه پندرهن ڏينهن سفر ۾ ۽ ڏهه پندرهن ڏينهن
هالين گذاريندو هو.
وقت جي گذرڻ سان ماڻهوءَ جي ذميوارين ۾ فرق اچي ٿو. جيڪي شيون
ڪنهن زماني ۾ اهم ڀانئبيون آهن، سي پنهنجي وقت
وڃائي وهن ٿيون. پوئين دفعي ملاقات دوران ٻڌايائين
ته ”راڳ سنگيت جون محفلون به ختم ٿي ويون.“ مون
سبب پڇيو ته فرمايائين ته ”اڳي راڳ جي مجلس روح
رهاڻ لاءِ هوندي هئي. هاڻي ان موقعي تي به ماڻهو
درخواستون کنيون، قطارون ڪيون بيٺا آهن، ته زماني
جو هي ڪم ڪرائي ڏيو، هو ڪم ڪرائي ڏيو.“
مخدوم صاحب اولادي ٿيو، پٽڙا جوان ٿيا، اڳتي هلي پيءُ مان ڦري
ڏاڏو ٿيو، ته لازمي طرح سندس سوچ ويچار ۾ به فرق
آيو. هاڻي سندس گهڻو تڻو وقت هالن ۾ ئي گذري ٿو.
حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ سندس پنهنجا بنگلا آهن،
پر قسمتي ڪو هالن کان ٻاهر نڪري ٿو.
هڪ هنڌ ويهي آخر ماڻهو ٿڪجي پوي ٿو. سو، مون کيس عرض ڪيو ته
اوهان آبهوا بدلائڻ لاءِ اسلام آباد ۽ ڪوهه مريءَ
جو چڪر هڻو ته سٺو، مس مس وڃي سندس پروگرام بيٺو.
پر ڪوهه مريءَ ۾ جيڪي ٽي ڏينهن ٽڪيو، سي هوٽل جي
ڪمري مان ڪونه نڪتو جڏهن پنڊيءَ پهتو، تڏهن به
جيئن هوٽل جي ڪمري ۾ گهڙيو ته وري واپسيءَ تي،
جهاز جي مهل، ان مان ٻاهر نڪتو. سندس طبيعت جو اهو
رنگ ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اهي ڏينهن ياد آيا،
جڏهن پاڻ جوان هوندو هو ۽ موج ۽ مستيءَ ۾ هوندو
هو.
وڏيرو عثمان چانيهو صحبت ۽ خدمت گذاريءَ لاءِ ساڻس گڏ آيل هو.
ساڻس ڳالهه ڪڍيم، تنهن به ڏک جو اظهار ڪيو. اسان
سڀني جي آس هئي ته مخدوم صاحب وندر ورونهن لاءِ
ڪمري کان ٻاهر پير ڪڍي، پر کيس ڄڻ ته دنيا جي
نظارن لاءِ ڪا رغبت ئي ڪانه رهي هئي. گوشي نشينيءَ
جي گودڙي پائي ڇڏي هئائين وڏيري چانيهي ٻڌايو ته
هت ته ٺهيو، پر خود ولايت ۾ به مخدوم صاحب هوٽل جي
ڪمري مان ٻاهر پير ئي ڪونه ڪڍي. مون اها ڳالهه ٻڌي
محسوس ڪيو ته مخدوم صاحب کي تنهائي جو سخت احساس
آهي. کيس ڪنهن دل گهرئي دوست جي ضرورت آهي. اهڙو
ساٿي گهرجي، جيڪو سندس دل جي گهراين ۾ ديد وجهي
سگهي ۽ ساڻس ڏک سک ونڊي ورهائي سگهي. مٿس سچل جي
هيءَ سٽ سورهن آنا صادق آهي:
”اڪيلو آهيان، ماڻهونئڙن جي ميڙ ۾.“
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪي چاليهه ورهيه گذريا آهن تن ۾ سنڌ ۾
ادبي اوسر جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان. سڄي عمر
ادبي ادارن ۽ تحريڪن سان گڏ گذاري اٿم. مون اديبن
۽ شاعرن جي صفن ۾ مخدوم صاحب کان وڌيڪ نفيس ۽ اهل
دل انسان ڪونه ڏٺو. وڏي ماڻهوءَ هوندي به منجهس
پيار ۽ نوڙت ڏٺي. ميويدار وڻ ئي جهڪي بيهندو آهي.
جنهن انساني ۾ گهڻي ۾ گهڻي عظمت هوندي، ان ۾ ئي
اوتري ئي نياز ۽ نوڙت هوندي.
چون ٿا ته ڏاهن جي مجلس ۾ هيڪر سوال اٿيو ته ادب جو دروازو ڪيڏو
وڏو آهي ڪنهن ڪيئن چيو ته ڪنهن ڪيئن چيو. ڪنهن شخص
چيو ته ادب جو دروازو تمام وڏو آهي، زمين کان
آسمان تائين آهي. جيڪو سڀني کان سياڻو هو، سو
خاموش رهيو. جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو تڏهن چيائين
ته ادب جو دروازو ايڏو ته ننڍو آهي، جو جيڪو منجهس
پير پائيندو، تنهن کي ڪنڌ نمائي وک وجهڻي پوندي.
سنڌ جي سياڻن جي مقرر ڪيل انهيءَ معيار تي مخدوم صاحب اڄ به ۽
سڀاڻي به، سورهن آنا صحيح ۽ صادق نظر ايندو.
حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخلا دوران، هيڪر مخدوم صاحب جن، مون
سان ملاقات لاءِ حيدرآباد قرب جا پير ڀري آيا.
ڪچهري ڪندي، شعر و ادب ۾ سندن دلچسپيءَ جون
ڳالهيون نڪتيون، جن مان ڪن جي مون کي اڳ خبر ڪانه
هئي. سو، ڪي ڳالهيون سندن ئي لفظن ۾ هت بيان ڪريان
ٿو:
شعر ۽ ادب ۾ دلچسپي اوهان کي وڏن کان ورثي ۾ ملي، يا ذاتي ذوق و
شوق سببان؟ اها چڻنگ اوهان جي دل ۾ ڪيئن دکي؟
منهنجي پئدائش جنهن خاندان ۾ ٿي، سو صدين کان علمي ادبي لحاظ
کان، هڪ مثالي ڪردار جو مالڪ رهيو آهي. حضرت مخدوم
نوح رحمت الله عليه کان پوءِ“ اسان جو ٻيو هڪ
بزرگ، فتح محمد صاحب نالي ٿي گذريو آهي، جنهن
رسالو ”فتحي“ لکيو هو. شاعر ته ڪونه هو، پر بلند
پايه اديب ۽ مصنف ضرور هو. اهڙيءَ طرح غلام رسول
صديقي صاحب به وڏو اديب ٿي گذريو آهي. خود منهنجو
پڙڏاڏو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ به شاعر هو. منهنجو ڏاڏو
شاعر ڪونه هو، ليڪن والد صاحب شاعر هو، چاچو مخدوم
غلام حيدر صاحب بلند پايه اديب ۽ مصنف هو، سندس ڪي
ڪتاب ”سفينه النوح“ وغيره مشهور آهن. ديوبند جو
فارغ التحصيل عالم هو. اهڙي طرح، خانداني ماحول ۽
روايت جو منهنجي ذهن تي ڪجهه نه ڪجهه اثر ضرور پيو
هوندو.
ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين، اوهان کي ڪهڙين شخصيتن متاثر ڪيو آهي؟
سڀ کان اول والد محترم جي ذات گرامي. منهنجو مرشد
به پاڻ هو. منهنجي ذات تي گهرا اثر ڇڏيائين. اڄ به
مون تي سندس شخصيت جو اثر آهي.
ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟
مون جنهن ماحول ۾ اک کولي، ان ۾ علم هو. بزرگ هئا. عزيز و اقارب
هئا، والدين هئا، چاچو هو. قدرت مون کي ڀاءُ ڪونه
ڏنو. جيڪڏهن ڪو هو ته اهو ننڍپڻ ۾ گذاري ويو.
اهڙيءَ طرح، مان پنهنجي خاندان ۾ هڪڙو ئي ٻار هوس،
تنهن ڪري سڀني جي توجهه جو مرڪز هيس، لاڏ ڪوڏ سان
پليس. منهنجي ڏاڍي پيار سان پرورش ڪئي وئي. والد
محترم صوم و صلوات جو پابند ۽ سير و سياحت جو
شوقين هو، ان ڪري تعليم ۽ تربيت لاءِ مون کي چاچي
سائينءَ محترم مولوي مخدوم غلام حيدر صاحب جي
حوالي ڪري ڇڏيو هئائين. چاچي محترم منهنجي تعليم و
تربيت ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪئي. حافظ ولي محمد
صاحب مجاور درگاهه حضرت غوث الحق سرور نوح منهنجو
سڀ کان پهريون استاد مقرر ٿيو. اڳي پاڻ منهنجي
والد محترم ۽ منهنجن ٽن چاچن جو به استاد رهي چڪو
هو. قرآن ڪريم جي تعليم کانئس ورتم. حفظ ته نه ڪري
سگهيس. البت ڏسي پڙهڻ تي عبور حاصل ڪيم. ان وقت جي
ماحول ۾ گهڻيون ئي قابل قدر هستيون شامل هيون، جن
۾ شاعر، اديب ۽ عالم به هئا. اڪثر ڪري منهنجي والد
وٽ ايندا هئا. انهن ۾ محمد فقير کٽياڻ، سيد مهدي
شاهه (جهانيان وارو) ۽ ٻيا فقير فراءَ شامل هئا.
ڪي شاعر هئا ته ڪي راڳ ۽ سنگيت جا شوقين. سو، ڪڏهن
ڪڏهن صوفيانه ڪلام جون محفلون به ٿينديون هيون، جن
۾ وڏي چاهه سان شريڪ ٿيندو هيس. ان طرح رفتي رفتي
علم ۽ ادب ڏانهن راغب ٿيس. اسان جي شهر هالن ۾
ڪيترائي ننڍا وڏا شاعر هئا. جڏهن کين خبر پئي، ته
مان به شاعريءَ جو شوق رکان ٿو، ته اسان جي
ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو. انهن مان ڪن جا نالا
اڃا ياد اچن ٿا، مثلن انور هالائي، ڊاڪٽر سليم
هالائي، محمد عمر اختر، منهن جو سنڌي استاد محترم
آخوند عبدالرحمان انجم.
ان زماني ۾، مون ڪي تخلص اختيار ڪيا، مثلن طالب تخلص اختيار
ڪيم. هڪ ڏينهن جمعي جي نماز پڙهي رهيو هوس. اسان
جي درگاهه جو خطيب حاجي قابل انصاري جمعي يا عيد
جو خطبو پڙهندو هو ۽ ان ۾ ”طالب المولي مذڪر“ جا
لفظ چوندو هو. سندس خطبو ٻڌي منهنجي ذهن ۾ اُها
ڳالهه آئي ته ”طالب المولي“ تخلص اختيار ڪريان.
تنهن کان پوءِ اُهو تخلص اختيار ڪيم.
بزم ”طالب المولي“ ڪيئن ٺهي؟
بزم ”طالب المولي“ جو بنياد، پير علي محمد ريلائيءَ رکيو.
دادوءَ ۾ رهندو هو. اظهر تخلص ڪندو هو. اسان جي
خاندان سان تعلق هئس.هڪ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان ته
بزم طالب المولي لاءِ اسان ڪابه امداد ڪڏهن ڪانه
ورتي. نه سرڪار کان، نه وري ڪنهن خانگي فرد کان.
اوهان سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ڪيئن ٿيا؟
ايوب خان جڏهن فوجي انقلاب جي ذريعي برسر اقتدار آيو، ته هن سنڌ
جي سڀني سياستدانن کي ادبي بورڊ تان هٽائي ڇڏيو.
محمد ايوب کهڙو ان وقت جو وزير دفاع بورڊ جو صدر
هو، پير علي محمد راشدي ۽ آغا بدرالدين ميمبر هئا.
ايوب سرڪار حيدرآباد جي ڪمشنر مرحوم نياز احمد کي
بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو. ان ڳالهه تي سنڌ جا ڪي
عالم ۽ ادبي ناخوش ٿيا. سندن خيال هو ته سنڌ جو ڪو
عالم اديب شاعر بورڊ جو صدر ٿئي. مرحوم ذوالفقار
علي ڀٽي جي مشوري تي، جو ايوب خان جو وزير هو، مون
کي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. اُها غالبن سن
1961ع جي ڳالهه آهي.
اوهان کي سنڌي شاعريءَ ۽ ڪافيءَ سان وڌيڪ رغبت آهي؟
هونئن ته سنڌي شاعريءَ ۾ قصيدو رباعي مثنوي، غزل، نظم، آزاد
نظم، هائيڪو ۽ ٻيون اصناف سخن موجود آهن. پر
”ڪافي“ ۽ ”بيت“ جهڙي مقبوليت ڪنهن کي به نصيب نه
ٿي. خود سنڌ جي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
زماني ۾ ٺٽي ۾ فارسيءَ جا ڪيترائي شاعر موجود هئا،
جي غزل، قصيدو رباعي چوندا هئا. شاهه صاحب فارسي
زبان کان چڱي طرح واقف هو. جنهن جو ثبوت اهو هو جو
روايت آهي ته مولانا روميءَ جي مثنوي ساڻن گڏ
هوندي هئي. خود سندن ڪلام ۾ ڪن شاعرن جا فارسي شعر
موجود آهن. تاهم، شاهه صاحب دانسته طرح ڌاريءَ
ٻوليءَ ۽ غير سنڌي اصناف سخن ۾ ڪلام چوڻ کان پاسو
ڪيو. شاهه صاحب وطن دوست شاعر هو. صحيح معني ۾
عوام جو شاعر هو. منهنجي اُها پڪي پختي راءِ آهي
ته ٻيو شاهه، ڀٽائي نه پئدا ٿيو آهي، نه ٿيندو.
سچل ۽ بيدل به قومي رنگ ۾ شاعري ڪئي آهي. سندن ڪلام جي خصوصيت
اها آهي ته ان کي به شاهه جي ڪلام وانگر ڳائي
سگهجي ٿو. منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته جو ڪلام
سنڌي سر ۽ سنگيت جي تار تي ڳائي نه سگهبو، سو
مقبول ٿي نه سگهندو. مثلن هائيڪو۽ آزاد نظم کي
ڳائي نٿو سگهجي، ان ڪري هائيڪو ۽ آزاد نظم کي عوام
۾ مقبوليت حاصل نه ٿيندي آزمائي ڏسو!
اوهان هڪ بزرگ روحاني رهنما آهيو ته ساڳئي وقت سنڌ جي سُکئي
ستابي طبقي ۾ به اهم حيثيت رکو ٿا. اوهان جي ڪلام
مان پڌرو آهي، ته اوهان کي سنڌ جي ڪک پن سان پيار
آهي. سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت اڻ پڙهيل ۽ غريب
ماڻهن تي مشتمل آهي. ان جو مکيه سبب جاگيردارانه
نظام آهي.
اوهان ان تضاد کي ڪيئن حل ڪندا آهيو؟
ذهني الجهن ته ضرور پئدا ٿئي ٿي. جڏهن پنهنجن ڀائرن کي خراب
حالت ۾ ڏسون ٿا، ته دل ڏاڍي ڏکوئجي ٿي. غريبن وٽ
نه زمين آهي، نه وري آمدنيءَ جو ڪو بيو وسيلو آهي
کين بي پناهه مشڪلاتون درپيش آهن پر، سچ پڇو ته
مون جڏهن به سنڌ جي سماجي ۽ تاريخي پس منظر تي غور
ڪيو آهي، ته ائين محسوس ڪيو اٿم ته جاگيرداراڻه
طبقي کان به وڌيڪ غير ملڪي ماڻهن سنڌ کي ڪچليو
آهي. پوءِ اُهي پشاور کان آيا، يا لاهور کان، يا
قنڌار ۽ ملتان کان. انهن ۾ ارغون ۽ ترخان به شامل
هئا، ته نادر شاهه به. سنڌ ۽ اهل سنڌ تي ڏاڍا ظلم
ڪيائون. انگريزن جي دور حڪومت ۾ به سنڌ سان
امتيازي سلوڪ روا رکيو ويو. انگريزن حڪومت
سنڀاليندي ئي، هندن کي نوازڻ شروع ڪيو. سندن
سرپرستي ڪئي. ايتري قدر جو هندو سڀني شين تي قابض
ٿي ويا ۽ سارو ڪاروبار ۽ نظام سندن هٿن ۾ هليو
ويو. مون کي ياد آهي ته پاڪستان کان اڳ، مسلمانن
جي ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ داخلا به ڪانه ملندي هئي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪي مسلمان هند ڇڏي هجرت ڪري آيا، تن کي
اسان ته سنڌي سمجهون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته سنڌي
ڳالهائڻ، ٻولائن ۽ سنڌي ثقافت ۾ فخر وٺن. پر حقيقت
ائين ڪونهي.
ڳالهه پري وڃي نڪرندي. رڳو ڪراچي پورٽ جي آمدني سنڌ تي خرچ ڪئي
وڃي، ته ڪجهه نه ڪجهه مسئلا حل ٿي وڃن. هي ڌاڙا
ڦرون بک ۽ افلاس جي ڪري ئي ته آهن. بهرحال،
جيستائين سنڌ مان احساس محرومي ختم ڪرڻ جو سوال
آهي ته منهنجي خيال موجب ان جو صحيح طريقو اهو آهي
ته پاڪستان جي اندر سنڌ جا رهاڪو پنهنجن حقن لاءِ
جدوجهد ڪن. انشاءَ الله فتح حق جي ئي ٿيندي. ذاتي
نوعيت جو هڪ سوال آهي. اوهان ڪڏهن عشق به ڪيو آهي؟
اهو ڪهڙو انسان آهي، جنهن عشق نه ڪيو آهي؟ انسان جي فطرت آهي،
ته عشق ڪري. ان جا طور طريقا الڳ ۽ مختلف ٿين ٿا.
مون پنهنجو پهريون ۽ آخري بي وصال عشق ڪيو. ان
باري ۾ گهڻي ڳالهه ڪانه ڪبي. فقط هڪ شعر عرض آهي:
لوگ پتهر کو خدا مان که معصوم رهي
هم ني انسان کو چاها تو گنهگار هوئي.
سنڌي زبان جو هڪ مشهور شعر
آهي، جو مان سمجهندو هوس ته محمد زمان
لنواريءَ واري جو آهي. پر برادرم انور
هالائيءَ ٻڌايو ته مخدوم نوح جو آهي. شعر آهي
ته:
”اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن
آهي اکڙين، عجب بر پسڻ جي.“
هن
شعر ۽ مٿيئن واقعي جي وچ ۾ ڪجهه تسلسل معلوم
ٿئي ٿو.
مخدوم
نوح جو قرآن جو فارسي ترجمو سندس قرآن دانيءَ
جو وڏو ثبوت آهي. سڄي قرآن ۾ هر هنڌ بسم الله
الرحمان الرحيم جي نئين نئين معني ڪئي اٿس.
عام مترجم ”حروف مقطعات“ جو ترجمو ڪونه ڪندا
آهن، پر مخدوم صاحب ڪيو آهي. مثلن ”الم“ جو
ترجمو ڪيو اٿس ”منم خداي که مي دائم.“
|