پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه
نرڙ ۾ ٿورڙو گهنج ۽ اکين ۾ شور وجهي نهاريندو ته ماڻهوءَ جو
هيانءُ ڦاڙي وجهندو. الله سائينءَ کيس منهن ۾ ڪا
ڏيا ڏني آهي!
1954ع جي ڳالهه آهي. اسان تڏهن سنڌ مسلم آرٽس ڪاليج ڪراچيءَ ۾
پرهندا هئاسين. ڪاليج جي شاگردن جي ارڏائي چئي کڻي
بس ڪر. جنن کي نيسائي ڇڏين. پر ڇا چئجي شاهه صاحب
جو رعب. پاڻ پرنسپال هوندو هو. جڏهن ڪاليج ۾ پير
پائيندو هو ته ڄڻ شينهن ٻيلي ۾ نڪتو. شاگرد استاد
سڀ چپ. مجال آهي جو ڪو وڻ جو پن لڏي! جيپ مان لهي،
پنهنجي آفيس جي ڪمري ۾ هليو ويندو. پر اتي به مون
ڪڏهن کيس ٺهي ٺڪي آرام سان ويٺل ڪونه ڏٺو. ڪرسيءَ
تي ويهي امالڪ ٻئي ٽنگون کڻي ميز تي رکندو.
ڪو شاگرد درخواست کڻي سندس آفيس ۾ اندر گهڙيو ناهي، ته شاهه
صاحب جي هڪڙيءَ هڪل ”Yes? “ سان سندس متيون منجهي وينديون. پر جي همت ڪري، اڳتي وڌيو ۽
ڪاغذ شاهه صاحب جي ميز تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو،
ته اڌ منٽ ۾ ان تي ڪجهه رهڙي، چپ ڀڪوڙي، ورائي اهو
ڪاغذ شاگرد ڏانهن واپس اڇلائيندو. درخواست منظور
ٿي يا نامنظور، ان جي ڏسڻ جو ڪنهن کي حوصلو هوندو!
عزت سان ماڻهو آفيس مان ٻاهر نڪتو، اهائي غنيمت.
شاگردن مٿس ”ٿور- ڳالهائو“ نالو رکيو، ڇو ته شاهه صاحب هر ڳالهه
جو ٻن لفظن ۾ جواب ڏيندو هو.
مان ڪاليج جو باضابطه شاگرد ڪونه هئس. داخلا ورتي هئم، ٽرم به
رکيا هئم، پر ڪاليج ۾ پڙهڻ ڪونه ويندو هوس. مون
جهڙي ذهين شاگرد لاءِ آرٽس جو امتحان ڏيڻ واسطي
پندرهن ڏينهن پڙهڻ ڪافي هئا. رهيو سوال ڪاليج ۾
حاضريءَ جو، سو مرحوم احسان بدوي، سنگت ۾، اها
ونگار وهي ويندو هو. انهيءَ سبب ڪري مون شاهه صاحب
جو ڪاليج ۾ گهڻو جلوو ڪونه ڏٺو. پر ڇٺيءَ ڇماهيءَ
جڏهن ڪاليج ۾ ليئو پائيندو هوس، ته مٿيون لقاءُ
ڏسندو هوس.
مان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نئون نئون ڪلارڪ مقرر ٿيو هوس. ٻين غربين
وانگر نوڪري به ڪندو هوس ۽ ڪاليج ۾ به پڙهندو هوس.
پنهون خان منهنجو سپرنٽيڊنٽ هو. ميرپورخاص جو سيد
غلام حيدر شاهه، جو اصل ۾ غالبن شاديءَ پليءَ جو
زميندار هو، تعليم کاتي جو نئون نئون وزير مقرر
ٿيو هو. پيرزادو عبدالستار وڏو وزير هو. پنهنجي
وزارت کي بچائڻ لاءِ ٻارنهن وزير کنيا هئائين.
ان زماني ۾ پاڪستان ۾ اڃا جمهوريت جي بوءِ بانس هئي ۽ ماڻهن ۾
ماڻهپو ۽ سهپ. اخبارون آزاد هيون. مون کي ياد آهي
ته غلام قادر لاکير خانبهادر کهڙي جي اخبار ”نواءِ
سنڌ“ ۾، نيوز ايڊيٽر هو. ٻارهن وزيرن واريءَ وزارت
جي خبر ڏيئي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي ٻن وزيرن
لاءِ لکيائين ته ”فلاڻو ۽ فلاڻو به وزير. الله جو
شان، اڄ گڏهن به گج پاتا.“
پر شابس هجي انهن ٻن وزيرن کي! نه ته ”نواءِ سنڌ“ جا اشتهار بند
ڪرايائون ۽ نه بدناموسيءَ جو نوٽيس ڏنائونس.
غلام حيدر شاهه کي وزارت ۾ چڱي عزت هئي. سنڌ جي چيف منسٽر جي
موجوده رهائشگاهه جي پاسي ۾ بنگلو مليس. نالو هئس
”پروين هائوس.“ شاهه صاحب سنڌ جي سادات جي رسم
رواج موجب پنهنجيءَ فيمليءَ کي ڪراچي ڪونه وٺي
آيو. بنگلي ۾ اڪيلو رهندو هو. آئي وئي جو آڌر ڪرڻ،
فون تي عقلمنديءَ سان نياپو ڏيڻ ۽ وٺڻ، نوڪرن تي
اک رکڻ ۽ خرچ پکو هلائڻ لاءِ کيس هڪ ڀروسي جوڳي
ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. پنهون خان کي پنهنجو پي.
اي.
(P.A)
مقرر ڪيائين ۽ چيائينس ته
بنگلي لاءِ ڪو ماڻهو هٿ ڪري ڏي. پنهون خان جي
نگاهه مون تي پيئي. ائين مون وڃي پروين هائوس
وسايو.*
شاهه صاحب وڏو زميندار ڪونه هو. مان سندس خرچ پکو
تمام ڪفايت سان هلائيندو هوس ۽ نوڪرن تي به سختي
ڪندو هوس، ان هوندي به سدائين خرچ جون دانهون ڪندو
هو.
شاهه صاحب جو دين دنيا ۾ شايد هڪ ئي دل گهريو دوست هو، سائين
غلام مصطفيٰ شاهه، پروين هائوس ۾ سندس جيڪي
ملاقاتي هئا، تن ۾ گهڻي ۾ گهڻو ايندو ويندو هو.
جڏهن وزير صاحب گشت ۾ نه هوندو هو، ته سائين غلام مصطفيٰ شاهه
روزانو شام جو وٽس اچي ٺڪاءُ ڪندو هو. ٻئي ڄڻا
ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندا هئا. سندن انهيءَ تعلق
ڪري، مون کي وزير صاحب جن جي قريبي دوستن جا فون
نمبر ياد ڪرڻا پيا، تن ۾ سرفهرست سائين غلام مصطفي
شاهه هو. اڪثر ڪري کيس ئي فون ڪندو هوس. پر، کانئس
ڪڏهن به پنهنجو ڪو فائدو ڪونه ورتم. بلڪ ساڻس اها
ڳالهه ئي ڪانه ڪيم، ته ڪو مان توهان جي ڪاليج جو
شاگرد به آهيان.
ان ڳالهه کي ٽي چار ورهيه گذري ويا. مان سنڌي ادبي بورڊ ۾
اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيس، ته شام جو بورڊ جي نائب
چيئرمين، سائين جي. ايم. سيد جي رهائشگاهه تي ساڻس
روزانو ملاقات ٿيڻ لڳي. جڏهن کيس خبر پئي ته مان
لکڻ پڙهڻ وارو نوجوان آهيان ته منهنجي مٿي تي محبت
۽ شفقت جو هٿ رکيائين.
ساڻس ميل ملاقات جو گهڻو موقعو تڏهن مليو، جڏهن بورڊ جون آفيسون
حيدرآباد کڄي آيون ۽ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر مقرر ٿيو. انهيءَ حيثيت ۾، هو بورڊ ۾
چيئرمين کان پوءِ ٻيو نمبر اهم ميمبر هو. ان وقت
تائين مان کيس ڪافي قريب اچي چڪو هوس. مون کي
پنهنجي بنگلي تي هڪ ٻه دفعا دعوتن ۾ به سڏيائين.
ان وچ ۾ هڪ عجيب اتفاق ٿيو، جنهن منهنجن نظرن ۾ سندس عزت هيڪاري
وڌائي ڇڏي. ڇا ٿيو ته جويي صاحب کي پنهنجي ڪنهن
دوست جا ٻه ڪتاب، سنڌ يونيورسٽي پريس مان ڇپائڻا
هئا. مون کي چيائين ته ”پريس جي دستوري فارم تي،
پرنٽر جي حيثيت ۾ تون صحيح ڪر.“ مون گهڻو گوش ئي
ڪونه ڪيو، ڇو ته اهو ڀوڳائي- مڙس تڏهن منهنجو به
دوست هو. پر مون اڃا کيس ڪونه سڃاتو هو. ماڻهوءَ
کي مڃائڻ سولي ڳالهه ڪانه آهي. پروف جويو صاحب
پڙهندو هو. سڄاڻ ته ڪتابن ۾ ڪو مسالو موجود هو.
شايع ٿيا، ته ان ڳالهه تي اچي ممڻ متو. آخرڪار ضبط
ٿيا. ان صورت حال جو فائدو وٺي، ڪنهن ”سڄڻ“
انڪوائري ڪرائي ته اهي ڪتاب يونيورسٽيءَ ۾ ڇپيا
ڪيئن؟ خوش قسمتيءَ سان تعليم کاتي ۾ جويي صاحب جو
ئي هڪ دوست انڪوائري آفيسر مقرر ٿيو. مون کي خوشي
ٿي ته هو اسان جي مدد ڪندو. هڪ ڏينهن سڏي ڪتابن جي
ڳالهه پڇيائين. مون صحيح ڳالهه ٻڌايس. چيائين ته
اها لکي ڏي. اهو ٻڌي مون کي البت تشويش ٿي، سو
جويي صاحب سان اچي سڄو احوال ڪيم، جو هو سندس
ويجهو دوست هو. هن اشراف ماٺ ميٺ ۾ جويي صاحب سان
دوستي نڀائي ۽ مون کي قربانيءَ جو ٻڪرو بنايو. اتي
مون کي خبر پئي ته ”مار! مان، نه ڏني نه ورتي،
اجايو ڏچي ۾ اچي ويو آهيان.“ واهر لاءِ هيڏي هوڏي
واجهايم. ته ڪاريءَ وارا ڪک ڏٺم. ڏاڍو ششدر ٿيس،
ڇو ته يونيورسٽيءَ ۾ انڪوائريءَ جي نتيجي طور هاڻي
خود بورڊ ۾ به ممڻ مچڻ وارو هو ته اداري جي هڪ
ذميوار عملدار اهڙا ڪتاب ڪيئن ڇپايا. ائين بي سبب
مان خطري ۾ اچي ويس. ڪتاب لکيا هڪڙي، ڇپايا ٻئي،
جزا سزا مان پيو ڀوڳيان!
مصيبت جي اهڙن موقعن تي منهنجي مدد هميشه قدرت ڪئي آهي. هن ڀيري
۾ به ائين ئي ٿيو. اوچتو سائين غلام مصطفي شاهه
وائيس چانسيلر مقرر ٿي آيو. منهنجي لاءِ ڄڻ ته
آڌيءَ جي اونداهيءَ ۾ چوڏهين جو چنڊ اڀريو. ساڻس
وڃي احوال ڪيم. ڳالهه ٻڌائين ۽ دلجاءِ ڏنائين.
جڏهن بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ انهيءَ معاملي تي
ميٽنگون ٿيون، ته شينهن وانگر گجندو آيو. انڪوائري
ڪندڙ عملدارن کي دٻ ئي هڪڙي ڪڍيائين، ته ڪک پن ٿي
ويا. الله منهنجي آبرو بچائي ورتي.
هڪ دفعي سائين ۽ مان گڏجي پنڊيءَ آياسين. ايئرپورٽ تي پڇيائين
ته ”ڪاٿي رهندين؟“ مون چيو ته ”ڪنهن هوٽل ۾.“
چيائين ته ”نه، مون سان گڏ هل.“ پنديءَ جي سول
لائينس ۾، مردان جي پاسي جو هڪ سردار سندس دوست
هو. ان وٽ وڃي ٽڪياسين. امان الله خان نالو هوس.
واهه جو ماڻهو هو. مکڻ ماکيءَ مان ٺهيل هو. اسان
جون ڪي خدمتون ڪيائين!
اتي هڪ ڏينهن سائين مون کي ساڻ وٺي مولانا ڪوثر نيازيءَ سان ملڻ
هليو. هو تڏهن اطلاعات ۽ نشريات جو وزير هو. ٽي.
ويءَ تي سنڌيءَ ۾ خبرون ڪونه اينديون هيون. اسان
ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو. نتيجي طور ٽي. ويءَ تي
سنڌيءَ ۾ خبرون جاري ٿيون. پر سائينءَ سنڌ سان رڳو
هڪڙو ڀال ڪونه ڀلايو. سڄي عمر سنڌ جي خدمت ڪيائين.
اها ڳالهه سندس دين ايمان ۾ داخل هئي. جڏهن شريف –
ڪميشن ايوب خان جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌي زبان جو ڪم
پئي لاٿو، تڏهن سائينءَ ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ وڏي
ڀڄ ڊڪ ڪئي. سنڌ ۾ تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر هو، ته
سست ۽ ٽوٽي ڪامورن کي چست ڪرڻ لاءِ ڏاڍا هٿ پير
هنيائين. وائيس چانسلر ٿيو، ته يونيورسٽيءَ کي
سڌارڻ لاءِ وڏا وس ڪيائين. يونيورسٽيءَ جي شهر مان
ڄام شوري منتقلي ته ڪڏهوڪو شروع ٿي چڪي هئي، پر،
ڪيمپس تي جيڪي عمارتون ٺهيون هيون، سي ڄڻ ته گهوڙن
جا طنبيلا هئا. وي. سي. آفيس، سينٽرل لئبرري،
سنڌالاجي ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ جهڙيون ڪيئي عاليشان
عمارتون ٺهرايائين. خود علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو
قبو به سائينءَ جوڙايو.
ڄامشوري ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جون اڳوڻيون جايون، بلڪل بيڪار
هونديون هيون. انهن جي تعمير تي هڪ دفعي چوٻول
ٿيو. مرحوم محمد صالح قريشي وائيس چانسلر هوندو
هو. هڪ دفعي ادبي بورڊ جي ميٽنگ ۾ آيو ته پير حسام
الدين راشديءَ چيس، ”اوهان سڄو ڏينهن کرپي هٿ ۾
کنيو، ويٺا جاين جي کوٽ کوٽان ڪيو. ان مان ڇا
ورندو؟ سنڌ جي واقعي خدمت ڪرڻي آهي، ته نوجوانن جي
تعليم ڏي توجهه ڏيو.“
يونيورسٽيون اهڙا ادارا آهن، جتي مستقبل جي تعمير ٿئي ٿي. سنڌ
جي ڪابه يونيورسٽي سوربون، الاظهر، ڪئمبرج ۽
آڪسفورڊ ته ڪانه ٿي سگهي، ڇو ته انهيءَ اعلي پد تي
پهچڻ لاءِ قومن کي وڏو تهذيبي سفر ڪرڻو پوندو آهي.
پر، ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اهو سوجهرو به ڪونه رهيو،
جيڪو انگريزن جي زماني ۾ هوندو هو. ڪاليجن ۽
اسڪولن جي تعليم جو حال ته ان کان به بدتر هو. خاص
ڪري پرائمري تعليم ته ترين ڀر اچي پئي هئي.
انگريزن جي زماني ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جو استاد
جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، ته گهٽيءَ ۾ ڳوٺاڻا، ادب
ڪري، آڱرين ۾ پن جي دکايل ٻيڙي به لڪائي ڇڏيندا
هئا. اهي ڳالهيون خواب خيال ٿي ويون. امتحانن ۾
نقل نويسيءَ جي ڌم ٿي ويئي. شاگرد جڏهن بي. اي ۽
ايم. اي پاس ڪري نڪرندا هئا، ته انگريزيءَ ۾ رڳو
نوڪريءَ لاءِ صحيح درخواست به لکي ڪونه سگهندا
هئا. سائينءَ ان صورتحال کي سڌارڻ ۾ مددگار ثابت
ٿئي ها. پر سنڌ، سندس علم ۽ وسيع تجربي جو ڪوبه
قدر ڪونه ڪيو. نه فقط ايترو، بلڪ کيس اهڙو ته
دلشڪستو ڪيو ويو، جو آخرڪار سنڌ يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسيلريءَ تان به استعيفا ڏيئي ڇڏيائين.
اتفاق سان، ان ڏينهن ۾ مان ڪنهن ڪم سان ڪراچيءَ وڃي رهيو هوس.
بورڊ جي جيپ ۾ هوس. پاڻ پٺيان پئي آيو. موٽر
روڪيائين ۽ چيائين ته جيپ جي ڊرائيور کي چئو ته
پٺيان اچي. رستي تي ڳالهيون ڪندو هليو. صاف صاف
اکرن ۾ چيائين ته ”رباني، يونيورسٽيءَ ۾ سرڪار جو
نمائندو وائيس چانسيلر آهي، يا ڪو شاگرد؟ جيڪڏهن
ڪوبه شاگرد آهي ته وائيس چانسيلر ڪم ڪيئن
هلائيندو؟“
جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو – وائيس چانسيلر مقرر ٿيس ته
سائين قرب جا پير ڀري مون وٽ آفيس ۾ آيو. ڏاڍو خوش
ٿيس. جڏهن يونيورسٽيءَ سان پنهنجا پلئه آجا ڪيم ۽
سنڌي ادبي بورڊ ۾ موٽي آيس، ته اتي سائينءَ جي مان
۾ دعوت ڪيم. پنجاهه سٺ ماڻهو سڏيم. ادبي بورڊ
واريءَ وڏيءَ ڇٻر تي چڱو چهچٽو ٿيو.
هفتي کن کان پوءِ تڏهوڪو صوبائي تعليمي وزير، ادبي بورڊ گهمڻ
آيو. ”ميڏي دل وچ ڪلمان.“ هڪ ڏينهن اڳ سائين غلام
مصطفي شاهه ڪراچيءَ ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مليو.
چيائين ته ”رباني، مان وزير کي ڪيئن جهليان ته تو
وٽ نه اچي؟“ مون کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي. پر
کيس ڪا کڻڪ هئي، ڇو ته غوث علي شاهه صاحب بعد ۾
ٻڌايو ته، ”ادا، توهان جا ڪي همعصر دوست هئا، جن
توهان جي خلاف باهيو هو. پر هاڻي الله ڪندو ته
منهنجي دوري کانپوءِ اوهان کي ڪو ڪونه ستائيندو؟“
اتي سائينءَ وارو اشارو سمجهه ۾ آيو ۽ حضرت عيسي
وارو مقولو ياد آيو ته، ”يا خدا، مون کي دوستن کان
بچاءِ.“
اسلام آباد ۾ هڪ وڏي ماڻهوءَ هيڪر مون کي چيو ته ”مان گهگهه
اونداهيءَ ۾ به نااميديءَ جو قائل نه آهيان.“ اها
ڳالهه سائين غلام مصطفيٰ شاهه تي سورنهن آنا صادق
آهي. ڪي ڪي انسان اهڙا ته باهمت هوندا آهن، جي نه
فقط پنهنجن معاملن ۽ مسئلن کي دليريءَ سان حل ڪندا
آهن، ليڪن ٻين مرده دلين کي به هڪڙيءَ ئي هڪل سان
جياري ڇڏيندا آهن. جڏهن کلندا آهن، ته باغن ۾ گل
ٽڙي پوند آهن. اهڙيون ڪرشمه ساز شخصيتون قدرت ورلي
پئدا ڪندي آهي. مان علم نفسيات جو ماهر ته ڪونه
آهيان، پر ڀايان ٿو ته قدرت سائين غلام مصطفيٰ
شاهه کي انهيءَ نعمت سان نوازيو آهي. هو دشمن لاءِ
ڪک جو ڪان ۽ دوست لاءِ ٿڌي ڇانو آهي. پاڻ لاڙ جي
مٽياري سيدن مان آهي. سندس بزرگ سيد عبدالرحيم
شاهه، وڏو علم پرور، سخي ۽ ديندار شخص هو. شاهه
ولي الله جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ سوين ايڪڙ زمين
وقف ڪئي هئائين. سائينءَ جي حياتيءَ جو ڪجهه
احوال، برادرم اياز قادريءَ ۽ مرحوم استاد عبدالله
شيخ (جو نوشهري هاءِ اسڪول ۾ منهنجو استاد هو) هڪ
ننڍڙي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپايو آهي. پر درسي ڪتاب
جي انداز ۾ لکيل آهي. سائينءَ جي سوانح عمري لکڻ
لاءِ قلم کي ترار کان وڌيڪ تکو ڪرڻو پوندو، ڇو ته
سندس شخصيت ۾
Rainbow-Culture
جي سموري رنگينيءَ سان گڏ، کنوڻ جا تجلا ۽ وسندڙ
ڪڪرن واري گجگوڙ به آهي.
اسلام آباد ۾، هڪ دفعي، سائينءَ ڳالهين ٻولهيون ۾ مون کي پنهنجي
ننڍپڻ جا ڪيئي دلچسپ واقعا ٻڌايا. چيائين ته جڏهن
منهنجي شادي ٿي ته چاليهه ميل گهوڙي
تي سفر ڪرڻو پيم. ڄاڃين جو ڪٽڪ ساڻ هو. جڏهن
ساهرن جي ڳوٺ کي سڻاوا ٿياسون ته هڪ شاهي ڇرو آڻي،
هٿ ۾ ڏنائون ته ڪنوار جي ڳوٺ ۾ ائين ڪو هٿين خالي
داخل ٿبو آهي! ان زماني جي لباس جو ذڪر ڪندي
چيائين ته ڪنوار جا ويس وڳا ته هاڻي تصور کان ٻاهر
آهن. پر گهوٽ جي لباس تي ڪا محنت ٿيندي هئي! سڄي
وڳي تي ڀرت ۽ زريءَ جو ڪم ٿيندو هو.
سنڌ جو اهو ڪلچر هاڻي ناپيد آهي. جيڪڏهن ڪو ماهر يا محقق اڄ سنڌ
جي انهن ريتن ۽ رسمن کي گڏ ڪرڻ گهري ته کيس ڪنهن
ڪتاب ۾ به ڪو ذڪر نظر ڪونه ايندو.
پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه
سائين سنڌ جي هڪ سکئي ستابي ۽ مان مرتبي واري سادات خاندان ۾
پيدا ٿيو. سندس چاچو علي محمد شاهه، علامه آءِ.
آءِ. قاضي صاحب سان گڏ ولايت ويو هو ۽ بئريسٽري
ڪري آيو هو. وڏيءَ ڏيا وارو مڙس هو. پري پري سندس
هڪل ٻڌبي هئي. سائينءَ مون کي ٻڌايو ته هيڪر ڪنهن
بزرگ کيس چيو ته ”اوهان جي شڪل مان اسان کي علي
محمد شاهه پيو نظر اچي.“ ٻئي دفعي سائينءَ جي
مردان واري دوست سردار امان الله خان*
مون کي ٻڌايو ته ”غلام مصطفيٰ
شاهه جڏهن علي ڳڙهه ۾ پڙهندو هو ته ان زماني ۾ به
سندس ايڏو رعب هوندو هو، جو جهڙي تهڙي شاگرد کي
سندس ڪمري جي ويجهو لنگهڻ جي همت ڪانه ٿيندي هئي.
فقط مان اڪيلو سندس دوست هوندو هئس.“
انهن ڳالهين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته سائينءَ جي رڳن ۾ جيڪو
رڪ آهي، سو، غالبن، سندس چاچي (مرحوم) علي محمد
شاهه جي شخصيت جو نفسياتي اثر آهي.
سنڌ ۾ لاڏ ڪوڏ سان پليل سکين ستابن جا ٻار ورلي ڪي محنتي ۽ ذهين
شاگرد ٿيندا آهن. پر، سائينءَ جو طالب العلميءَ جو
ڪئريئر اڄوڪن نوجوانن لاءِ سبق آموز آهي. چيائين
ته ”پرائمري تعليم لاءِ ميلن جا ميل روزانو گهوڙي
تي چڙهي وڃڻو پوندو هو. ڪاڙهو تتو اهڙو جو خدا جي
پناهه! هاءِ اسڪول جي تعليم ڪراچيءَ ۾ نصيب ٿيم.
پر ڪاليج جي تعليم لاءِ پرديس جو پنڌ ڪرڻو پيم.
علي ڳڙهه ۾ وڃي داخلا ورتم. انهن تڪليفن هوندي به
بورڊن ۽ يونيورسٽين جي ڪيترن ئي امتحانن ۾ حسابن،
انگريزيءَ ۽ ٻين ڪمن ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن
کنيم.“
ڪراچيءَ ۾ پنهنجن ڪاليجي استادن جو جڏهن به ذڪر ڪيائين ته سندن
نالا ايڏي ته احترام سان کنيائين جو ڄڻ ته سندس
مربي ۽ محسن هجن. کيس ان ڳالهه تي فخر هو ته ”مون
کي ڪاڪي ڀيرومل، رام پنجواڻيءَ ۽ اي. ايل. شيخ جي
صحبت ۽ محبت نصيب ٿي.“
علي ڳڙهه ۾ تعليم دوران کيس ايئر فورس ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو، پر
مائٽ ان ڳالهه ۾ راضي ڪونه هئس. چائين ته ”امان ته
ڳالهه ٻڌي مصلي تان ئي ڪانه اٿي.“
سائين ڦوهه جوانيءَ جي زماني ۾ ڪجهه عرصو خاڪسار تحريڪ سان به
وابسته رهيو. اهو وڏيءَ سياسي ڪشمڪش وارو دور هو.
ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي چڪي هئي. چين جي پاسي
جپانين انگريزن جا ٻه جهاز سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيا هئا،
انگريز دل لاهي ويٺا هئا. ائين ٿي لڳو ته هو
هندستان ۾ گهڻو وقت رهي ڪونه سگهندا.
دهليءَ مان ”ڊان“ اخبار نڪرندي هئي. سائين ٻه مهينا ان ۾ ڪم ڪيو
۽ شوق جا ڳيس ته هندستان جو فوجي وقايع نگار ٿيان.
ان وچ ۾ پاڻ
(M.A)
۽ لا
(LAW) جون ڊگريون حاصل ڪيائين. پوءِ اعلي تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت هليو ويو. اتان موٽيو ته سنڌ
۾ هڪ تعليم دان جي حيثيت ۾ ڪئريئر شروع ڪيائين.
هاڻي سنڌ ته ڇا پوري پاڪستان ۾ ڪي ٿورا اهڙا تعليم
دان ملندا، جي ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن تقريبن
اڌ صدي تعليم جي خدمت ۾ گذاري اٿس ۽ پاڪستان جي
چئني صوبن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد ۾ قابل
تعريف رڪارڊ ڇڏيو اٿس.
بلوچستان ۾ منهنجي دوست، بلوچي اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري جنرل،
گلزار مريءَ مون کي ڳالهه ڪئي ته، شاهه صاحب جڏهن
ڪوئيٽا آيو ته هالي ته شهر ۾ هل ٿي ويو ته وري ٻيو
زلزلو آيو آهي. ماڻهو اڄ ڏينهن تائين سندس ساراهه
جا ڍڪ ڀريندا آهن.“
سائين ملڪ جي 1988ع وارين عام چونڊن ۾، قومي اسيمبليءَ لاءِ
اميدوار بيٺو. بنا مقابلي چونڊيو. اول قومي
اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پوءِ مرڪزي تعليمي وزير ٿيو.
جنهن ڏينهن آفيس ۾ وزارت جي ڪرسيءَ تي ويٺو، ان
ڏينهن ئي مون کي سڪ سان سڏيائين: ”تون مون وٽ
ڪيڏيءَ مهل ايندين؟“ مون چيو ”جڏهن اوهان حڪم
ڪريو.“ چيائين ”هينئر ئي هليو اچ ته منجهند جي
ماني گڏجي کائون.“
هڪ ڏينهن اسلام آبد ۾ انگريز سفير سان منهنجي واقفيت ڪرائيندي
چيائين ته ”منهنجو پراڻو دوست آهي.“ مون پنهنجا
پراڻا دوست آزمايا هئا. ٿورڙي حيثيت ملڻ تي، سندن
مزاج ۾ فرق اچي ويندو هو. سائين ته منهنجو سائين
هو. مان سندس نيازمند هوس. مون کي پراڻو دوست
ڪوٺيائين ته دل ڀرجي آئي ۽ ڀٽائي ياد آيو؛
جکرا جئين شال، تنهنجو مدو ڪين نه سڻان،
جئين تو اچي ڪالهه، نالائق نوازيا.
سائينءَ تعليمدان جي حيثيت ۾ سڄي عمر، اول سنڌ، پوءِ سڄي
پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي. ليڪن، قدرت کيس قلم جي
قوت سان به نوازيو آهي. جيڪا انگريزي ۽ سنڌي لکندو
آهي، ان ۾ زندگي ۽ زندهه دليءَ جي جهلڪ نظرا يندي
آهي. مون سندس ڪتاب
British in the Continent ته ڪونه پڙهيو آهي. پر سندس مختلف مضمون پڙهي، اها راءِ
قائم ڪئي اٿم. گذريل ڪيترن سالن کان
Sind Querterly
رسالو ڪڍندو رهيو آهي، جو پنهنجيءَ نوعيت جو رسالو
آهي. ان ۾ هڪ مضمون
How Green is my Village سائينءَ جي دل جي آرسي آهي.
سائين ۽ پير حسام الدين راشدي جي پاڻ ۾ سڪ هوندي هئي. هيڪر، مون
پير صاحب کي چيو ته ”راڳ جي ڪا محفل ڪجي. سنڌ جو
راڳ ڄڻ ته ختم ٿي ويو آهي. اردو گانن ۽ پاپ ميوزڪ
ٻڌڻ سان بلڊ پريشر لهڻ بدران چڙهي ٿو.“ چيائين ته
”صلاح سٺي آهي. محفل جو پاڻ ٻئي بندوبست ڪريون يا
ڪنهن ٽئين کي به شريڪ ڪريون.؟“ مون چيو ته ”راڳ جي
محفل جو مزو آهي هم خيال ماڻهن سان. سائين غلام
مصطفيٰ شاهه سان صلاح ڪريون.“ اهو ٻڌي ٽهڪ ڏنائين
۽ چيائين ته، ”ابا، غلام مصطفيٰ شاهه سونو ماڻهو.
اهڙا ڍولڻ ڪٿي! پر راڳ ۽ غلام مصطفيٰ شاهه! ميان،
ڪا عقل جي ڳالهه ڪر. راڳ ۽ سنگيت سان دشمني يا
اورنگزيب عالمگير کي هئي يا غلام مصطفيٰ شاهه کي!
مون کي ته حيرت آهي ته هو تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر
ڪيئن ٿيو؟ پوليس جو آءِ. جي. ڇو نه ٿيو؟“ ان ڳالهه
کي ورهيه وري ويا. پير صاحب ويچارو هي جهان ڇڏي
ويو. پر سندس ڳالهه نه وسري. هيڪر اسلام آباد ۾
رات جو سائينءَ سان سندس گهر ۾ ڪچهري ويٺي ڪيم.
ٽيون ڄڻو ڪوبه ڪونه هو. هتان هتان جون ڳالهيون
نڪتيون ته سائينءَ انگلستان جي ڪن دوستن جو ذڪر
ڪيو ۽ هڪ رسالو ان ۾ انگريزي طرز جي هڪ سرخ عمارت
جي رنگين تصوير هئي. هڪ ڪمري ۾ فانوس ٻري رهيو هو.
فانوس جي چوڌاري پتنگ پسبا آهن. اهو منظر پراسرار
هوندو آهي. سائين کان سوال ڪيم ته ”اوهان کي
جوانيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن ڏانهن
Tender Feelings
به هنيون؟“ سائينءَ کان سوال ته ڪري ويٺس پر دل ۾
ڏاڍو پڇتايم ته ايتري حجت ٺيڪ ڪانه هئي.
سائين سوال ٻڌي ناراض ته ڪونه ٿيو. ورندو دل جي سموريءَ سچائي
سان جيڪو احوال ڏنائين، سو ٻڌي مرحوم پير صاحب ياد
آيم ۽ دل ۾ کيس چيم ته ”سائينءَ جي باري ۾، اوهان
جو اندازو صحيح ڪونه هو. سنڌو درياهه کي سيراب
ڪندڙ چشما همالا جبل جي سنگلاخ سرزمين مان ئي
ڦٽندا آهن. حافظ چيو هو:
ببي که رقص کنان ميرود بناله چنگ
کسي که اذن نميداد استماع سماع
جيئن ڳوٺن ۽ راڄن جا چڱا مڙس ٿيندا آهن، تيئن قومن ۽ قبيلن جا
به چڱا مڙس ٿيندا آهن. منهنجي خيال ۾، سائين غلام
مصطفيٰ شاهه سنڌ جي چڱن مڙسن جي صف اول ۾ آهي. عمر
جي لحاظ کان ستر ورهين جي پيٽي ۾ هوندو. پر، سندس
وجاهت ۽ جلال اڳئين وانگر قائم آهي. دعا آهي ته رب
ڪريم کيس وڏي ڄمار ڏئي.
وقت ڏاڍي ظالم قوت آهي. شينهن کي لومڙي بنايو ڇڏي. پر، سائين
قدرت کان عجب سڀاءُ وٺي آيو آهي. زماني جون گرميون
۽ سرديون، سندس فولادي شخصيت تي اثرانداز ٿي ڪونه
سگهيون. ڪڏهن به مصلحت بيني اختيار ڪونه ڪيائين،
جيڪي سچ سمجهيائين، ان جو علي الاعلان اظهار
ڪيائين_____ اها عظيم انسان جي نشاني آهي.
سنڌ ڏاڍن جو ڏيهه آهي. چنيسر کي چيڙائڻ ۽ دودي کي مارائڻ ان جي
تاريخي روايت آهي. ڊڀري واري مرحوم سيد قراري شاهه
جو گفتو مان عمر ڀر نه وساري سگهيو آهيان. ايئر
ڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ٿڌو بيئر پياريائين، عمدي ماني ۽
انب کارايائين ۽ چيائين: ”يار، مان ٿلهيءَ کل وارو
ماڻهو آهيان.“ سنڌ جي بي رحم معاشري ۾ واقعي اهڙو
ئي جوان جالي سگهي ٿو. سنهيءَ کل واري نازڪ نفيس
انسان کي ته علامه قاصيءَ وانگر مهراڻ جي موجب ۾
پناهه وٺڻي پوندي.
سائين غلام مصطفيٰ شاهه، هڪ حقيقت پسند انسان وانگر، پنهنجي واٽ
تان ڪنڊا هٽائيندو ۽ وڏيءَ همت سان وک اڳتي
وڌائيندو رهيو. هڪ دفعي اسلام آباد ۾ ٻئي ڄڻا موٽر
۾ سندس گهر وڃي رهيا هئاسون. چيائين ته ”رباني،
جيڪڏهن سڪندر ۽ قلندر، ٻنهي کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي،
ته پوءِ ڊپ ڇا جو؟“
مان
شاهه صاحب کي نازڪ موقعن تي ڏاڍو ڪم آيس. جڏهن
ون يونٽ لاءِ حيدرآباد ۾ ووٽ ٿيا ته پاڻ
ڪراچيءَ ۾ هو. رات جو ٻارهين بجي پروين هائوس
۾ پوليس کيس گرفتار ڪرڻ آئي. مون اٽڪل بازيءَ
سان پوليس ۽ سي. آءِ. ڊيءَ جي صوبيدار کي
منجهائي وڌو ۽ شاهه صاحب کي گرفتاريءَ کان
بچايو. جڏهن اسر جو اها ڳالهه ٻڌائي مانس ته
ڏاڍو پريشان ٿيو. خبر ناهي ته ڪهڙو. خيال آيس،
سو حيدرآباد ون يونٽ لاءِ ووٽ ڏيڻ ويو. سندس
گرفتاريءَ جا وارنٽ ته اڳيئي جاري ٿيل هئا.
فورن گرفتار ٿيو ۽ سکر ۾ ٻه مهينا نظر بند
رهيو. مون پرپٺ سندس گهر ۾ سئي سڳو به گم ٿيڻ
نه ڏنو. ڀاڻس سيد غلام محمد شاهه بعد ۾ منهنجو
شڪريو ادا ڪيو.
سردارن
امان الله خان ڏاڍو مٺو ماڻهو هو. تازو هي
جهان ڇڏي ويو.
|