سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(ٻيو حصو)

باب-

صفحو :4

نواب نور احمد خان لغاري

 

مان ستن اٺن ورهين جو ٻار هئس، جو تاجپوري نوابن جو نالو ڪن ته پيم. اسان جي ڳوٺ آڳرا کان ميل کن پري، محبت ديري جتوئيءَ جو ننڍو شهر آهي. اتي بابا سائينءَ جو هڪ دوست رهندو هو. عبدالعليم شاهه، گاهي ماهي جڏهن ٻنهي ڄڻن جي ملاقات ٿيندي هئي، ته چاچو عبدالعيلم شاهه اڪثر ڪري تاجپوري نوابن جو ذڪر ڪڍندو هو. اهڙيءَ ريت، مون پهريون دفعو نواب ولي محمد خان ۽ نواب گل محمد خان تاجپوريءَ جا نالا ٻڌا ۽ دل تي اهو تاثر ويٺم ته سنڌ ۾ تاجپوري نوابن جو هڪ وڏو خاندان آهي، جو علم پرور ۽ مهمان نواز آهي.

ان ڳالهه کي چاليهارو کن ورهيه گذري ويا. سن 1974ع ڌاران مان سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هوس. سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس تي، ڪراچيءَ کان اسلام آباد ويندڙ قومي شاهراهه تي بورڊ جي احاطي اندر، سيڪريٽريءَ جي بنگلي ۾ رهندو هوس. خانه فرهنگ ايران جي ڊئريڪٽر آغا يوسف ڪيوان شڪوهيءَ سان گهري گهاٽي سنگت ٿي. اڪثر ڪري، آفيس جي ڊيوٽي ڏيئي، لطيف آباد ۾ خانه فرهنگ هليو ويندو هوس، جتي منجهند جي ماني، شڪوهيءَ وٽ کائي، سمهي پوندو هوس. شام جي چاءِ پي، شڪوهي ۽ مان ڄامشوري ايندا هئاسون، جتي منهنجي گهر جي اڳيان، ڪرسيون ڪڍي، کليل ميدان ۾ ڪچهري ڪندا هئاسون ۽ بعضي رات جي ماني به گڏ کائيندا هئاسون. اونهاري جي مند هوندي هئي، ٿڌڙي هوا گُهلندي رهندي هئي، چنڊ اڀري ايندو هو، سامهون قومي شاهراهه تي ڪراچيءَ کان اسلام آباد ويندڙ موٽرن، بسن ۽ ٽرڪن جي بتين جي جهرمر لڳي پيئي هوندي هئي. ڏاڍو لطف ايندو هو. اهي ڪچهريون عمر ڀر، نه شڪوهيءَ کان وسري سگهنديون ۽ نه مون کان.

هڪ دفعي ڪچهري ڪندي، شڪوهيءَ ٻڌايم ته انجمن ايران پاڪستان دوستيءَ جي حيدرآباد برانچ ٺهي آهي، جنهن جو صدر ۽ سرپرست آهي، تاجپور جو نواب نور احمد خان لغاري، اهو هو نواب صاحب سان منهنجو پهريون پهريون غائبانه تعارف. پهرين پهرين ملاقات ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿي، سو هاڻي ياد ڪونهيم.  پر ايترو ياد اٿم ته خانه فرهنگ حيدرآباد جي پايي وجهندڙ، سنڌ جي تاريخ جي ممتاز عالم ۽ منهنجي محسن، مرحوم پير حسام الدين راشديءَ هڪ دفعي کلي مون کي چيو ته، ”بابا، اهو نواب نور احمد خان لغاري ڪير آهي؟ ٻڌو اٿم ته شڪوهيءَ وارن کي ڏاڍيون دعوتون ٿو کارائي. پاڻ کي ته پڇي ئي ڪونه ٿو!“.

ستت ئي نواب صاحب اسان کي دعوت کارائي. پر ان کان اڳ خانه فرهنگ ۾ سندس زيارت نصيب ٿي. عمر پنجاهه پنجونجاهه ورهين جي پيٽي ۾، منهن مهانڊا سراسر معصوميت جي تصوير، اکين ۾ حياءُ، منهن تي مرڪ، گول چهرو، ننڍي ٺهندڙ ڏاڙهي، بدن هلڪو، لباس گهڻو ڪري سفيد رنگ جي سلوار قميص، سياري ۾ ان جي مٿان نيري يا ناسي رنگ جو انگريزي ڪوٽ پائيندو هو. ڳالهائڻ ٻولهائڻ آهستو ۽ نرم. تڪيو ڪلام: ”سائين، جيءُ سائين.“ ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته سنڌ جي مثالي اشراف انسان جي تصوير ڪڍڻي هجي ته نواب نور احمد خان لغاريءَ جو تصور ڪجي.

 

نواب نور احمد خان لغاري

حيدرآباد کان پندرهن ويهه ميل اوڀر طرف، ميرپور خاص ويندڙ رستي تي، سندس آبائي ڳوٺ تاجپور هوندو هو ۽ ان سان لاڳيتو گجي وٽ ٻن اڍائن سون ايڪڙن ۾ سندس باغ هوندو هو. باغ جي اڳيان هڪ سٻنڌڙو بنگلو ٺهيل هوندو هو، جنهن جي اڳيان وڏي ڇٻر هوندي هئي. ڇٻر جي الهندي ڪناري سان گلن جي ٻارن ۽ بيدمشڪ جي ڊگهن وڻن جي قطار هوندي هئي. نواب صاحب جون اونهاري جون دعوتون انهيءَ چمن ۾، ۽ سياري جون دعوتون بنگلي اندر ٿينديون هيون. دعوتون گهڻو ڪري سندس ذاتي دوستن يا علمي ماڻهن جون ٿينديون هيون. سرڪاري ڪامورن جي به ڪا ٽهل ٽڪور ٿيندي هئي، يا نه، اهو مون کي معلوم ڪونهي. انهن دعوتن ۾ هونئن ته طرحين طرحين طعام پچي ايندا هئا، پر گُنديءَ ۾ پڪل ڪڪڙ ۽ پلاءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! نواب صاحب جهو ڪمدار گُندي وجهندو هو. کڏ کوٽي اندر گاري سان گندي لنبندا هئا، جا باهه تي پچي پچي اندران ڳاڙهي ٿي ويندي هئي. گنديءَ جي تري ۾ رکندا هئا باهه، پر رڳا ٽانڊا. انهن جي مٿان نوڪدار شيخن ۾ ڪڪڙ مصالا ڏيئي ٽنگيندا هئا. هيٺان هڪ ٿانءَ ۾ چانور رکندا هئا. پوءِ گنديءَ کي مٿان لنبي بند ڪري ڇڏيندا هئا. جهيڻيءَ باهه جي توَ تي ڪڪڙ پيا پچندا، پيا پچندا، تان ته ڳري پٽ جهڙا نرم، پر سوڪ ٿي ويندا. ڪڪڙن مان مصالحي وارو ريشو ٽيپو ٽيپو ٿي، چانورن تي ڪرندو رهندو، جنهن ۾ چانور رسبا ۽ پچندا رهندا. مقرر وقت تي گُندي کولي، ڪڪڙ  ۽ پلاءُ ٻاهر ڪڍندا. ڇا چئجي انهن جو ذائقو‘ ڪير ٿو چوي ته سنڌ کي رڌ پچاءَ ۾ ڪمال ڪونهي! جنهن شخص اهو پلاءُ ۽ ڪڪڙ هيڪر کاڌا هوندا، تنهن کان عمر ڀر نه وسرندا. اونهاري وارين دعوتن جي ٻي خصوصيت اها هوندي هئي جو اها انبن جي مند هوندي هئي، ان ڪري نوڪر پڪل ڪڪڙن جا ٿالهن مٿان ٿالهه ڀري آڻيندا، پلاءَ جا ٿالهه ڀري آڻيندا، ۽ نواب صاحب جي باغ مان انبن جا ٿالهن مٿان ٿالهه ڀري آڻيندا، ٻيون ڀاڄيون، ٻوڙ، ڪباب، قيما، اوڦراٽا ۽ ميوا الڳ.

اجهو مهينو ماسو گذريو ناهي ته دوستن جون موٽرون ڀرجي نواب صاحب جي گُجي واري باغ تي دعوتون کائڻ وينديون پر انهيءَ مهمان نوازيءَ کانپوءِ به نواب صاحب کي اطمينان ڪونه ٿيندو هو، تنهنڪري پنجين پندرهين ڏينهن پهريائين هيرآباد واري گهر ۾ ۽ پوءِ ڊاڪٽر ڪالونيءَ واري بنگلي تي، خاص خاص دوستن کي ”دال مانيءَ“ تي سڏيندو هو. انهيءَ دال مانيءَ جون وري ٻيون خصوصيتون هونديون هيون. مثلاً پلا پڪل، پلا تريل، پلا سجيل، پلي جو ٻوڙ، پلي جو پلاءُ، آنيون تريل، آنين جو ٻوڙ، پڪل گوشت جون رانون، مغز تريل، ڪباب، ميڪروني، ڪوفتا، قسم قسم جا ٻوڙ، ڀاڄيون، آچار، شربت، لسي، سائي چاءِ، ڪاري چاءِ، ٻاٽليون ۽ مٺاڻ جا نوان نوان نمونا، پر نواب صاحب جي مسلڪ موجب، دوستن جي اها خدمت به ڪافي ڪانه هئي، ان ڪري کين تحفا ڏيڻ به ضروري سمجهندو هو. اعليٰ درجي جا ريڊيا، واچون، ريشمي چادرون، ولائتي سينٽ جون شيشيون، ربيع ۽ خريف جي فصلن موجب اناج جون ٻوريون، انبن جا کارا، ليمن جا ٽوڪرا وغيره.

صبح جو ڏهين يارهين ڌاران تاجپور مان حيدرآباد پهچندوهو. رات هميشه تاجپور ۾ رهندو هو. بهرحال جيئن ئي حيدرآباد پهچندو هو ته ٻين دوستن سان گڏ مون کي به فون ڪري سار سنڀال لهندو هو. سندس خاص خاص دوستن جو حلقو نه تمام وڏو ۽ نه تمام ننڍو هو. ٻه ڄڻا بهرحال سندس پڳ مٽ يار هئا. مان سندن نالا کڻڻ مناسب نٿو سمجهان. ڇو ته دوستي رکڻ سولي، دوستي نڀائڻ ڏکي. چون ٿا ته اڳي سنڌ وارن وٽ دوستي جون شاندار روايتون هونديون هيون. پڳ مٽ يار ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندا هئا، بلڪ مئي جيئري نڀائيندا هئا.  اهي ڳالهيون هاڻي خواب خيال آهن. اڄڪلهه دوستي گهڻو تڻو غرض ۽ مطلب جي آهي. برطانوي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل چيو آهي:

We have no permanant friends

We have no permanant foes

We have only permanant interests.

(اسان جا ڪي به دائمي دوست ڪونهن
اسان جا ڪي به دائمي دشمن ڪونهن
اسان جا فقط دائمي مفاد ۽ مطلب آهن.)

نواب صاحب جي رحلت کانپوءِ انهن پڳ مٽ يارن پاڻ ڪيئن ملهايو، اها نواب صاحب جي پوين کي خبر هوندي. بهرحال، مرحوم پاڻ جيسين حال حيات هو ته سندن نالا ائين کڻندو هو، ڄڻ ته منجهن سندس ساهه پيل هجي. جڏهن پير حسام الدين راشديءَ سان لڳ لاڳاپو ٿيس ته کيس به پنهنجي قرب ۾ اهڙو ته ڪڙي ڇڏيائين، جو مون کي مفتون جو ڪلام ياد اچي ويو:

”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو“.

پير صاحب جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته پهريائين رٽز هوٽل ۽ پوءِ اورينٽ هوٽل ۾ ٽڪندو هو. نواب صاحب کانئس ٻئي هوٽلون ڇڏائي ڇڏيون ۽ ڊاڪٽر ڪالونيءَ واري بنگلي ۾ هڪ ڪمرو سندس بلي ڪري ڇڏيائين.

پير صاحب جڏهن  حيدرآباد ايندو هو ته ڪا محفل مچندي هئي! سڀ کان اول مون کي، شڪوهيءَ کي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کي سڏ ٿيندو هو. ان کانپوءِ ٻيا احباب جويو صاحب، اسدالله شاهه حسيني وغيره اچي گڏ ٿيندا هئا. نواب صاحب جي رشتيدارن مان نواب بهادر علي خان ۽ نواب عبدالعلي خان سدائين گڏ هوندا هئا.

ڪڏهن ڪڏهن پير صاحب کي حيدرآباد آئي وٿي پئجي ويندي هئي ته پوءِ اسان کي ڪچهريءَ لاءِ ڪراچي سڏي وٺندو هو. اڪثر ڪري نواب صاحب، مان، عبدالعلي خان ۽ شڪوهي نواب صاحب جي موٽر ۾ ڪراچيءَ ويندا هئاسين.

نواب صاحب سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي لحاظ کان وڏو زميندار هو. سندس وڏن وٽ ته شايد ويهه پنجويهه هزار ايڪڙ زمين هئي، پر اها ڪجهه ته خاندان ۾ تقسيم ٿيندي رهي ۽ ڪجهه ايوب خان وارن زرعي سڌارن ۾ سرڪار جي ور چڙهي ويئي. پر نواب صاحب کي به هزارين ايڪڙ زمين حصي ۾ آئي. حيدرآباد ۾ ٻه بنگلا هئس ۽ ٽيون تاجپور ۾ ٺهرائي رهيو هو، جو مون بهرحال هميشه زير تعمير ڏٺو.

هڪ دفعي شڪوهيءَ مون کي چيو ته نواب صاحب جي پنهنجي رهڻي ڪهڻي تمام سادي آهي. اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي، ڇو ته مون ته سندس رڳو اعليٰ درجي جون دعوتون ڏٺيون هيون. پر اڳتي هلي مون کي به اهو احساس ٿيو ته قدرت نواب صاحب کي ”اميري“ ۽ ”غريبي“ ٻئي سوغاتون عطا ڪيون هيون. صحيح معنيٰ ۾ هڪ سکئي ستابي شخص هجڻ جي باوجود، هن پنهنجن نيڪ نام وڏڙن جي پيروي ڪندي، پنهنجي طبعيت ۾ فقيريءَ جو انگ برقرار رکيو هو. رسول الله ﷺ جن ڏانهن هڪ حديث منسوب آهي ته دعا گهري اٿن ته ”يا الله، هڪ ڏينهن مونکي روزي سان رک ۽ ٻئي ڏينهن مون کي پيٽ ڀري کائڻ جيتري روزي نصيب ڪر.“

هيڪر رات جو مان حيدرآباد مان شڪوهيءَ سان گڏ اوچتو نواب صاحب سان ملڻ لاءِ تاجپور ويس. اسان کي زير تعمير بنگلي جي پٺيان هڪ ڪچيءَ جاءِ ۾ وٺي ويا. نواب صاحب هڪ ڪوٺيءَ ۾ واڻ جي کٽ تي آهليو پيو هو. پاسي ۾ هڪ پراڻيءَ ٽپائيءَ تي ننڍو ٽي وي سيٽ ۽ ٻه ٽي ڪرسيون پيون هيون. اسان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ڀاڪر پائي مليو ۽ حال احوال ورتائين. سندس مٺيءَ مرڪ ۾ مقناطيسي ڪشش هوندي هئي. هڪڙي ئي ديدار سان دوستن جا دک دور ڪري ڇڏيندو هو. اسان اڃا ڪچهري ڪري رهيا هئاسين جو نوڪر سندس رات جي ماني کڻي آيو. جيڏي چاهه سان اعليٰ درجي جا طعام کارائيندو هو، اوڏيءَ ئي سڪ سان سرنهن جو ساڳ ۽ دال جي پيالي اڳتي وڌايائين، ٽنءَ رڪيبيءَ ۾ شايد ڇولا هئا.

ٻئي دفعي نواب صاحب ۽ مان سندس موٽر ۾ تاجپور وڃي رهيا هئاسين ته رستي تي مون سنڌ جي هڪ وڏي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪيو ۽ نواب صاحب کي ٻڌايو ته سندس اثر بيشڪ گهڻو آهي، پر مالي لحاظ کان سندس سالياني آمدني ڏهن ٻارهن لکن کان وڌيڪ ڪانهي. اها ڳالهه ٻڌي نواب صاحب کلي چيو ته ، ”بش! ته سائين پوءِ ته پاڻ غريب کانئس گهڻو وڌيڪ خوش آهيون.“

پئسو واقعي وڏي ڳالهه آهي. ناهي ته ماڻهو ويڳاڻو آهي. پر جي ضرورت کان زائد آهي ته ماڻهو کي مٿي ۾ ڀاڻ پيدا ٿو ڪري. حيرت آهي ته لکن سان هٿن ڌوئڻ کانپوءِ به نواب صاحب جي فقيرانه سڀاءَ ۾ فرق نه آيو. آس پاس جي زميندارن سان سندس قديمي لاڳاپا هوندا هئا، خاص ڪري خان بهادر غلام حيدر وساڻ ۽ ٻيرانيءَ جي نواب ڄام ڪرم علي خان جو مون سان سڪ سان ذڪر ڪندو هو. هڪ دفعي مون کي ڄام ڪرم علي خان جي دعوت تي سندس ڳوٺ به وٺي هليو. دعوت ڇا هئي، شاهي ضيافت هئي. مسئلي تي ڪافي سوچ ويچار ڪرڻ بعد، مون ائين محسوس ڪيو ته نواب صاحب اميرن سان امير ۽ فقيرن سان فقير هوندو هو. سنڌ جو زميندار پنهنجي ڏاڍائيءَ جي ڪري مشهور آهي. هو خدا جي غريب مخلوق کي اڇوت سمجهندو آهي. پر نواب صاحب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هو ته انسان ذات جو اعليٰ نمونو هو. پاڻ ڪنهن کي گهٽ وڌ چوي، تنهن جو ته تصور به نٿو ڪري سگهجي. البت سندس ڪي لڳ لڳاپي وارا خود کيس ستائڻ لاءِ دڙڪن جون ڪوڙيون چٺيون لکندا هئا ۽ پئسا طلب ڪندا هئا. کيس خبر هوندي هئي ته اهي ڪير آهن، تاهم ڪڏهن به انهن جي خلاف پنهنجي زبان تي حرف  نه آندائين. پاڻ جو مکڻ ماکيءَ وانگر مٺو هو، ته ڪنهن ٻئي کي به ڪوڙو ڪونه ڪوٺيائين، بقول ڀٽائي،”هٿان حبيبن، ڪونه ڏکويو ڪڏهين.“

نواب صاحب جا وڏا فارسيءَ جا گوهر هوندا هئا. سندس خاندان جو پايو وجهندڙ نواب ولي محمد خان لغاري سنڌ جي تاريخ جو هيرو آهي. هو سنڌ جي ٽالپر خاندان جو مشير ۽ مکيه وزير هوندو هو. منجهس ڪيئي خوبيون هيون. درويش صفت انسان هوندو هو. سندس پيڙهيءَ ۾ ڪيئي اڪابر، صوفي شاعر ۽ درويش پيدا ٿيا. اهو سلسلو هلندو هلندو، نواب نور احمد خان لغاريءَ تائين پهتو هو. نواب صاحب عربي ۽ فارسي ڪونه ڄاڻندو هو، پر ستن پيڙهين جو سنڌي ڪلچر سندس ذات ۾ سمايل هو. گلابي گل هو، تاڃي پيٽي سچو پٽ هو. سندس خاندان ۾ فقيريءَ جو ڌاڳو مون سندس هٿن تائين محفوظ ڏٺو. سندس وڏا جهوڪ شريف جي گاديءَ جا عقيدت مند هئا. سنڌ جي تصوف ۾ جهوڪ شريف جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي. پر اهو ڪيئن ٿو به ٿي سگهي ته جهوڪ شريف تي رحمت جي جيڪا برسات وسي، ان کان آس پاس جا پٽ ۽ پڌر مستفيد نه ٿين. چنانچه نواب صاحب جي ”درويش در“ جي معتقدن ۾ سنڌ جي هندن جو وڏو تعداد هوندو هو. هو مرشد کان رڳو ذڪر، فڪر ڪونه وٺندا هئا، پر چون ٿا ته ڪي ته روزا به رکندا هئا، قرآن شريف جي تلاوت ڪندا هئا، مسجد ۾ نماز پڙهندا هئا، هونئن نالي ۾ هندو هوندا هئا. ائين به ڪونهي ته رڳو جيئري هن جهان ۾ سندس زندگي ائين هوندي هئي. وصيعت ڪندا هئا ته مئي پڄاڻان مرشد جي پيرن ۾ پورجو. درازن ۾ سچل جي پيرانديءَ ۾ نماڻي فقير جي قبر ان ڳالهه جي ثابتي آهي. درحقيقت سنڌ ۾ اسلامي تصوف جهڙو ڪمال ڏيکاريو آهي، اهڙو ٻيو ورلي ڪٿي نظر ايندو.

مون مٿي عرض ڪيو آهي ته نواب صاحب پاڻ عربيءَ ۽ فارسيءَ کان اڻ وقف هو، پر سندس خاندان ۾ وڏڙن جا عربي ۽ فارسي مخطوطا هوندا هئا، جي ڪڏهن ڪڏهن پير صاحب کي به ڏيکاريندو هو. انهيءَ زماني ۾ شاهه ايران آسپاس وارن ملڪن ۾، خاص ڪري پاڪستان ۾، فارسي زبان کي وري زور وٺائڻ ٿي گهريو. سنڌ ۾ صديون اڳي، فارسي”گهوڙِ چاڙهسي“ جي حيثيت رکندي هئي. هاڻي وري پشاور، پنڊي، لاهور، ملتان، ڪوئيٽا ۽ ڪراچيءَ ۾ ”خانه فرهنگ“ قائم ٿيا ۽ پير صاحب جي ڪوششن سان شاهه ايران جي ڀيڻوئي، آغا پهل بود وزير ثقافت جي حڪم تي حيدرآباد ۾ به خانه فرهنگ قائم ٿيو. انهيءَ تعلق ڪري، اسلام آباد مان ايراني حڪومت جي اهلڪارن جو حيدرآباد اچڻ جو سلسلو شروع ٿيو. آقاي تسبيحي نالي هڪ شخص پنڊيءَ ۾ داتا گنج بخش لئبرري ۾ ڪئٽالاگر هوندو هو. ان لئبرريءَ ۾ فارسيءَ جا قلمي گڏ ڪيا ويندا هئا، آقاي تسبيحي فارسي قلمي. ڪتابن ڏسڻ لاءِ حيدرآباد ايندو رهندو هو. هڪ دفعي مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کيس سنڌ جو تاريخي ڪتبخانو ڏيکارڻ لاءِ پير صاحب جهنڊي وارن وٽ وٺي ويو. تسبيحي اهو ڪتبخانو ڏسي ڏاڍو خوش ٿي موٽيو. ان کان پوءِ مهيني ماسي حيدرآباد جو چڪر لڳائيندو هو ۽ سائين قاسمي صاحب جي علم ۽ فضل جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو. هڪ دفعي تسبيحي حيدرآباد آيل هو ۽ اتفاق سان پير صاحب به حيدرآباد ۾ هو، جو هڪ شخص اچي ڳالهه ڪڍي ته وٽس ڪي ناياب قلمي ڪتاب آهن، جن ۾ هڪ قرآن مجيد آهي جو ڳچيءَ ۾ پائڻ واري لاڪيٽ جيترو مس ٿيندو، پر اکر اهڙا چٽا اٿس، جو آسانيءَ سان پڙهي سگهجن ٿا. اها ڳالهه هئي ته عجيب، پر ناممڪن ڪونه ٿي لڳي، ڇو ته اسان ٻڌو هو ته ڪاتبن قرآن ڪريم لکڻ ۾ ڪيئي ڪمال ڏيکاريا آهن. مثلاً چانور جي داڻي تي سڄيون سڄيون سورتون لکيون اٿن،  جهانگير پنهنجي تزڪ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته سندس هڪ شاهي ملازم پستي جي کوپي تي چار خانا ٺاهي، انهن ۾ عاج سان چار جدا جدا شڪليون ٺاهيون آهن. هڪ خاني ۾ ٻه پهلوان ڪشتي لڙي رهيا هئا، ٻه ماڻهو پاسي ۾ تماشو ڏسي رهيا هئا؛ ٻئي خاني ۾ هڪ ماڻهو تخت تي ويٺو هو، چوڌاري ملازم بيٺا هئا ۽ تخت تي هڪ وڻ ڇانو ڪري بيٺو هو؛ ٽئين خاني ۾ هڪ بازيگر هڪ ٽنگ تي بيٺو هو، سندس ڪاٺيءَ تي هڪ ٻڪري بيٺي هئي ۽ هڪ بازيگر دهل وڄائي رهيو هو؛ چوٿين خاني ۾ هڪ ماڻهو حضرت عيسى جي پيرن تي مٿو رکي ويٺو هو. هڪ پير مرد ان سان ڳالهائي رهيو هو ۽ ڀرسان چار ماڻهو بيٺا هئا. اهو سڄو لقاءُ پستي جي هڪ کوپي تي ڏيکاريل هو.

بهرحال، ان شخص قرآن ڪريم جو اهو ننڍڙو نسخو آڻي ڏيکاريو، پر ٻي جيڪا ڳالهه ڪيائين سان ته پهرينءَ کان به وڌيڪ هئي. چوڻ لڳو ته وٽس ديوان حافظ جو هڪ اهڙو نسخو آهي، جو حافظ جي حياتيءَ ۾ لکيل آهي. اها ڳالهه اهڙي ئي حيرت انگيز هئي، جيئن ڪو شخص اها دعويٰ ڪري ته وٽس شاهه جي رسالي جو هڪ اهڙو نسخو آهي، جو ڀٽائي صاحب جي حياتي ۾ لکيل آهي. تسبيحيءَ ان شخص کي نسخو آڻڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايائين ته ڳالهه صحيح نڪتي ته مان هيترن سون آمريڪي ڊالرن ۾ اهو نسخو وٺندس. پر اهو شخص گس گساءُ ڪرڻ لڳو. آخر نواب صاحب جي زور ڀرڻ تي نسخو ڏيکارڻ لاءِ آماده ٿيو. اسان کي واعدو مليو ته فلاڻي ڏينهن نواب صاحب جي رهائشگاهه يا فاران هوٽل ۾، جتي تسبيحي ٽڪيل هو، انهيءَ نسخي جو ديدار ٿيندو. ڏاڍا خوش ٿياسين. مقرر ڏينهن تي اتي اچي گڏ ٿياسين. تسبيحيءَ ديوان حافظ جي سڄي تاريخ بيان ڪري ٻڌائي ۽ چيو ته ”مون هاڻي ارادو بدلايو آهي، اهو نسخو داتا گنج بخش لئبرري بدران پنهنجي ذاتي ڪتبخاني لاءِ وٺندس.“ اهو ٻڌي پير صاحب کلي چيو ته ”تسبيحيءَ جي نيت خراب ٿي آهي. هو اهو نخسو هتان سستو خريد ڪري، شاهه ايران کي هزارين ڊالرن ۾ وڪڻڻ گهري ٿو.“ اهو ٻڌي اسان پير صاحب کان پڇيو ته ”شاهه ايران ان نسخي لاءِ ايڏي وڏي رقم ڏيندو؟“ پير صاحب مڪمل اطمينان سان چيو ته ”واهه جو ڏيندو.“ آخرڪار انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. اهو شخص مذڪور نسخو رومال ۾ ويڙهي کڻي آيو. اسان چوڌاري گول دائرو ڪري ويٺاسين پير صاحب رومال کولي نسخو ڪڍيو ۽ جلدي جلدي پنا ورايا جي نيري رنگ جا هئا ۽ ڪاري مس سان لکيل هئا. تسبيحيءَ اهو ڏسي دانهن ڪري چيو ته ”آغا، هي ته فورٽ وليم ڪاليج ڪڪلتي جو ڇاپي نسخو آهي!“ پير صاحب ۽ تسبيحي هڪٻئي ڏانهن نهاري مشڪڻ لڳا. مون پير صاحب کان پڇيو ته ”جي فورٽ وليم ڪاليج جو ڇاپي نسخو آهي ته گهڻو لهي؟“ پير صاحب چيو ته ”پنجاهه رپيا به ڪونه لهي.“ اهو ٻڌي اهو شخص هڪ هٿ ۾ نسخو ۽ ٻئي هٿ ۾ رومال کڻي روانو ٿيو.

آغا ڪيوان شڪوهيءَ حيدرآباد ۾ جيڪا ايران پاڪستان دوستيءَ جي انجمن ٺاهي هئي، تنهن جي طرفان نواب صاحب کي ايران جي دوري جي دعوت ملي. نواب صاحب ديرينو ماڻهو هو، تنهن ڪري تڪڙ ڪري، هائو يا نه ڪانه ڪيائين. ٿورين گهڻين ڏينهن، پير صاحب جي ڪوشش سان، مون کي به ايران جي دوري جي دعوت ملي. نواب صاحب اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”سائين هاڻي گڏجي ايران گهمنداسون ۽ اوهان کي عمري جو شوق آهي، سو به هلي پورو ڪري اينداسون.“ پاڻ سال ۾ هڪ ٻه دفعا مديني  ويندو هو. مديني جي گورنر جو ڀاءُ سندس گهرو گهاٽو واقف  ٿي ويو هو، ايران جي دوري لاءِ ايران سرڪار اوٽ موٽ جون ٽڪيٽون موڪليون هيون. اسان هڙان پئسا ڏيئي، انهن ۾ جدي جو اضافو ڪرايو. تن ڏينهن ۾ نواب صاحب طبيعت جي خرابي، خاص ڪري بلڊ پريشر جي شڪايت ڪندو هو. پر ڪجهه ته کيس اڳئيي ايران ڏسڻ جو شوق هو، ڪجهه منهنجي رفاقت تي آماده ٿيو. ائين اسان وڃي ايران نڪتاسين. هوائي اڏي تي ”هنر و مردم“ رسالي جي ايڊيٽر آعا خدابنده لو ۽ شڪوهيءَ اسان جو استقبال ڪيو. ۽ اسان کي رودڪي هوٽل ۾ ٽڪايائون، جيڪا ننڍي هئي، پر منجهس هر قسم جي آسائش موجود هئي. ميزبانن هدايتون اهي ڏنيون ته ”جيڪي وڻيو، سو ڪيو، رڳو بل صحيح ڪري ڇڏيو.“ نواب صاحب ۽ مون کي ٻه ڪمرا آمون سامهون مليا، جن ۾ ايراني روزانو ميون جا ٽوڪرا اسان جي استقبال لاءِ رکي ويندا هئا. نواب صاحب ۽ مون پهريان ٻه ٽي ڏينهن ايران شوق سان گهميو. رضا شاهه ڪبير جي رهائشگاهه، قاچاري بادشاهن جي گلستان محلات، مسجد سپهه سالار ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي جايون نئين دور جون بازارون ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور ڏٺاسين. مون سڄو وقت سوٽ ڪوٽ پاتو، پر نواب صاحب ڄاڻي واڻي سلوار قميص پاتي. هوڏانهن ايرانين جو اهو حال هو جو مون جڏهن ميرا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ ڏنا ته ڌوٻيءَ منهنجي سلوار بابت پڇيو ته ”آغا هي ڇا هي؟“ مون چيس ته ”سلوار،“ تڏهن پنهنجيءَ پينٽ تي هٿ گهمائي چيائين ته ”سلوار ته هيءَ آهي.“ مون سلوار بابت پڇيس ته ”ڀلا تنهنجي خيال موجب هيءَ ڇاهي؟“  تڏهن چيائين ته ”بستري جي چادر.“ درحقيقت، شاهه ايران جي ڪوششن سان، ايران تيزيءَ سان ماڊرن نه پر مغرب زده ٿي رهيو هو.  چيائون ٿي ته نئون فيشن هڪ ڏينهن پئرس ۾ شروع ٿيندو آهي ته ٻئي ڏينهن تهران پهچندو آهي، لنڊن جو وارو ٽئين ڏينهن ايندو آهي. اسان سڄي تهران ۾ هڪ عورت به اهڙي ڪانه ڏٺي جيڪا ايران جي اصلوڪي قومي لباس ۾ هجي. جيڪڏهن عمر ٽيهن ورهين جي اندر هئس ته ٽائيٽ جينس پاتل هئس ۽ جي ٽيهن ورهين کان مٿي عمر جي هئي ته اسڪرٽ پاتل هئس. بزارين ۾، گلين ۾، دڪانن تي، هوٽل ۾، چوطرف نسواني حسن ۽ جسم جي نمائش هئي. جيڏانهن نگاهه ڪر ته ڄڻ پرين جا ٽولا هڪٻئي کان وڌيڪ بقول سنڌي شاعر:

”فوجان حسن ديان چڙهيان.“

رضا شاهه ڪبير جي رهائشگاهه کي ميوزيم بنايو هئائون. اهو ڏيکاري ميوزم جي سرپرست (ڊئريڪٽر) وٽ چاءِ پيارڻ وٺي ويا. پر اسان جو اتان اٿڻ تي ارواح ئي نه ٿئي. خاتون هجي به اهڙي ملوڪ، هڪ ته سونهن بي حساب، ٻيو ڇا چئجي سندس اندازِ دلربائي. چئه ته رڳو ويٺو ڏسجيس. پر ان کان به وڌيڪ حسين عورت اسان شيراز ۾ ايران ايئر جي آفيس ۾ ڏٺي. اکين تي اعتبار ئي نه پيو اچي. ”رشڪِ بتانِ آذري“ وارو محاورو مٿس سو فيصدي صادق هو. ڪتابن ۾ سو اهڙيون سهڻيون تصويرون برابر ڏٺيون هيون سون. نواب صاحب چيو ته ”سائين، ڪيئن ٿا ڀانيون؟“ مون عرض ڪيو ته ”سائين، ڪوهه ڪاف جون پريون اڳي ٻڌيون هيون سون، اڄ اکين سان ڏٺيون سين.“

تهران ۾ هڪ وڏ گهراڻي عورت اسان جي دعوت ڪئي، جڏهن سندس گهر پهتاسين ته ويهڻ شرط پڇائين ته ”آغا، وسڪي يا وائن؟“ اسان جواب ۾ چيو ته ”خانم، ميوي جي رس.“ اهو ٻڌي ميزبان ائين محسوس ڪيو، ته اسان ڪي پٿر جي دور جا انسان آهيون، جي ويهين صديءَ ۾ ڀلجي اچي ايران پهتا آهيون.

شيراز ۾ يونيورسٽيءَ وارن اسانجي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جهڙيءَ هڪ بلند و بالا هوٽل جي چوٽيءَ تي رات جي ماني جي دعوت ڪئي. سڄي هوٽل رڪ ۽ شيشي سان ٺهيل  هئي، ڄڻ ته ڪا آمريڪا جي عمارت هئي. حد نگاهه دور دور شهر جون روشنيون هليون ويون. گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سٺ مهمان اسان جي اعزاز ۾ سڏايل هئا، پر سڀ جوان ۽ فئش ايبل مرد ۽ عورتون. مانيءَ کان ڪلاڪ کن اڳ شراب ۽ ناچ جو دور هليو. شايد ان پوري بدمست گروهه ۾ نواب صاحب ۽ مان ٻه اڪيلا انسان هئاسين، جيڪي ميوي جي رس پي رهيا هئاسين، نه ته چوطرف شراب جي جامن جي ٽڪرائجڻ، عورتن ۽ مردن جي معنيٰ خيز ٽهڪن ۽ مغربي موسيقيءَ جو شور ۽ هنگامو هو.

مذهب سان بيگانگيءَ جي حالت اها، جو مسجدن ۾ نمازي نظر ڪونه اچن، اصفهان ۾ گائيڊ اسان کي هڪ شاندار مسجد ڏيکاري، جا اڳين بادشاهن جي جوڙايل هئي. مسجد جا ٿنڀ چوڏهن فوٽ ڊگها، پاڙ کان چوٽيءَ تائين سڄي جا سڄا سنگ مرمر جي هڪ ئي ٽڪر جا ٺهيل، منجهس ڏهه هزار ماڻهو هوند وڏي آرام سان نماز پڙهي سگهن. پر سڄي مسجد ويران، ڪنڊ ۾ ڦاٽل ڪپڙن سان فقط هڪ ماڻهو نماز پڙهي رهيو هو. اسان جي ايراني گائيڊ جي حالت اها هئي ته مسجد جي صحن ۾ پاڻ سگريٽ ڇڪي رهيو هو!

شيراز ۾ اسان کي حافظ ۽ سعديءَ جي مزارن تي وٺي ويا. حافظ جي مزار تي چڱي رونق هئي. ان کي حافظيه ڪوٺين ٿا. لئبرريءَ ۾ ماڻهو ڪابتن جو مطالعو ڪري رهيا هئا. پر سعديءَ جي مزار تي عجب تماشو نظر آيو. اندر قبي ۾ (جيڪو جديد مغربي طرز جو ٺاهيو اٿن)، ٽاٻر ٻار قبر جي مٿان ٽپا ڏيئي رهيا هئا. مون کان اهو منظر ڏٺو ڪونه ٿيو. اڪيلو ٻاهر نڪري آيس. بيا سڀ ٻاهر نڪتا ته اڪيلو وري اندر ويس. جڏهن دعا گهريم ته حافظ ۽ سعدي جي تعليم ۽ ايران جي قديم ڪلچر کي ياد ڪري، منهنجون اکيون ڀرجي آيون. ۽ ائين محسوس ڪيم ته هي اجنبي ماحول گهڻي دير جٽاءُ ڪونه ڪندو.

اسان تهران، اصفهان ۽ شيراز جا شهر ڏٺا. ليڪن مشهد شڪوهيءَ جي نالائقي سببان رهجي ويو. بهرحال، تخت جمشيد ڏيکارڻ وٺي هليا. هي ايران جو اهو قديم تختگاهه هو، جنهن کي سڪندر بادشاهه، دارا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ ساڙي ٻاري ڇڏيو هو. شاهي درٻار ۽ محلاتن جا پٿر مان ٺهيل فلڪ بوس منارا اڃا تائين زمين تي ڪريا پيا آهن ۽ ماضي جي داستان ياد ڏياري رهيا آهن. تخت جمشيد جي سامهون وڏي ميدان ۾ پلاسٽڪ جا گهر اڏيل هئا، جنهن ۾ شاهه ايران، ايراني بادشاهت جي اڍائي هزار ورهين جو جشن ملهائڻ جي لاءِ دنيا جي بادشاهن، راڻين ۽ وزيراعظمن کي ٽڪايو هو. مون ماضيءَ جي عبرت جا اهي نشان وڏي چاهه سان ڏٺا. جڏهن گائيڊ تخت جمشيد ۾ ٻڌائي رهيو هو ته هتي دارا پنهنجي درٻار ڪندو هو، هتي سندس حرمسراءِ هئي، هتان سڪندر بادشاهه حملو ڪيو هو، تڏهن گهڻا سال اڳ ٻڌل هڪ سنڌي ڪافي ءَ جا ٻول منهنجن ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳا:

”ٿيا شاهه سڪندر، دارا،
جن جوڙيا تخت هزارا،
سڀ خان وڄائي ويا وارا،
هيءَ دنيا آهي فاني
ڪنهن سان نه نڀائي جاني.“

        ايران ۾ نواب صاحب جي طبيعت فقط پهريان ڪجهه ڏينهن بحال رهي. پوءِ سمورو وقت هو ڄڻ ته پنهنجي طبيعت تي زور ڏئي پاڻ کي گهليندو رهيو. آغا خدابنده لو، اسان جو ميزبان، خود هڪ وڏو ڊاڪٽر هو، تنهن سندس چڪاسون ڪرايون ۽ مون کي چيو ته پاڪستان پهچڻ شرط کيس اسپتال ۾ داخل ڪرائج. اهو ٻڌي مون کي انتظار ٿي پيو. شيراز ۾ اڌ رات جو مان پنهنجي ڪمري مان نڪري، نواب صاحب جي ڪمري ۾ کيس ڏسڻ ويس، هو جاڳي رهيو هو. مون کيس سڪ سان عرض ڪيو ته ”ڪهڙي خدمت ڪريان؟“ چيائين ته ”ويهي مٿي کي زوري ڏي.“ ڳچ ڳچ رات تائين مان کيس زور ڏيندو رهيس. اهو منظر مون کان ڪڏهن به نه وسرندو.

        اسان ايران ايئر وارن جي غلطيءَ سببان عمري تي وڃي نه سگهياسين. سندن لاپرواهي ڪري، جدي ڏانهن هڪٻئي پٺيان ٽي جهاز نڪري ويا. لاچار نواب صاحب جي چوڻ تي دٻئيءَ هليا وياسين، جتي الاهي هندو سندس مريد هئا. اتي نواب صاحب جي چهري ۾ ڪجهه سرهائي آئي ۽ کل ڀوڳ ۾ حصو وٺڻ لڳو. هندو مريدن سندس واهه جا خدمت ڪئي. سندن زالون مون کي نواب صاحب جو خليفو سمجهي سڳا وٽرائينديون رهيون: ڪا مٿي جي سور لاءِ، ڪا سنڌن جي سور لاءِ، هڪ مائيءَ ڊگهو سڳو وٽرايو. مون جڏهن کانئس سبب پڇيو ته رازداريءَ سان چوڻ لڳي ته شاديءَ کي ٻه ٽي سال ٿي ويا اٿم، پر ٻار ٿئي ئي ڪونه ٿو، اهو سڳو چيلهه کي ٻڌندس ته من ٻار ٿي پويم. اهو ٻڌي مون به کيس رازداريءَ سان مشورو ڏنو ته ”ڪجهه هٿ پير به لوڏجانءِ، رڳو سڳي جو آسرو نه ڪجانءِ.“

        اسان غالباً ٽي ڏينهن دبئيءَ ۾ ٽڪياسون. چوٿين ڏينهن نواب صاحب چيوته ”ادا اوهان وڃو مديني. مان سڄو بندوبست ڪريان ٿو. مان وطن موٽان ٿو.“ مون محسوس ڪيو ته اصل ڳالهه اها آهي ته مون کي مديني ۾ حاضري ڏيڻ جي اڃا اجازت ڪانهي. جهازن ڇٽي وڃڻ جا رڳو بهانا آهن. جلال الدين روميءَ چيو آهي ته :

 اين سبب را، آن سبب آرد پديد

        سو نواب صاحب کي عرض ڪيم ته اوهان کان سواءِ اڪيلو مان به ڪو نه ويندس. جي فيصلو پوئتي موٽڻ جو آهي ته ماشاءَالله گڏجي پوئتي موٽون ٿا. ائين اسان عمرو ادا ڪرڻ کان سواءِ، ايران گهمي واپس وطن پهتاسين.

        پاڪستان پهچڻ کانپوءِ هفتو کن مس نواب صاحب ڳوٺ رهيو هوندو. فورن ڪراچيءَ جي انڪل سريا اسپتال ۾ داخلا ورتائين ۽ گڙدي جي ماهر ڊاڪٽر جعفري نقويءَ جو علاج شروع ڪيائين. مان سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ڪراچي پهتس. پاڻ منجهند جي ماني کائي رهيو هو ته مٿان ڊاڪٽر رت جون چڪاسون ڪري رپورٽ کڻي آيو ۽ پڇائين ته مون سان مريض جي پاران ڪير ڳالهائيندو؟ پير صاحب مون ڏي اشارو ڪيو. مان ڊاڪٽر سان گڏ ٻاهر ورانڊي ۾ ويس. ڊاڪٽر چيوته ”هت نواب صاحب جو علاج ڪونهي. جيڪڏهن اڄ کيس لنڊن وٺي وڃي سگهو ٿا ته ڳالهه سڀاڻي تي نه وجهو.“

مان واپس ڪمري ۾ گهڙيس ته نواب صاحب منهنجو چهرو لٿل ڏسي پڇيو ته ”سائين ڊاڪٽر ڇا چيو؟“ مان ڳالهه لڪائڻ لڳس. ان تي نواب صاحب فرمايو ته ”سائين، مون کان ڳالهه لڪايو نه. مان موت کان ڊڄان ڪونه ٿو. ڳوٺ ويندس اُتي سنگت ساٿ کان موڪلائيندس ۽ کٽ تي ويهي، موت کي چوندس ته اچ، مان هلڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجي پيءُ به ائين ڪيو هو، منهنجي ڏاڏي به ائين ڪيو هو، ۽ مان به ائين ڪندس.

چڱڀلائي ۾ اهي اکر چوڻ آسان آهن، پر جڏهن موت جو سايو سر تي اچي تڏهن اهڙي ڳالهه چوڻ لاءِ شينهن جي دل کپي مان قسم کڻي چئي سگهان ٿو ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ انسان اهڙو ضرور ڏٺو، جنهن کي موت جو ڊپ ڪو نه هو. نواب نور احمد خان لغاري ڀلن جو اولاد هو. هن دنيا ۾ سرهو آيو هو ۽ سرهو ويو. پر مون جهڙن گهڻن کي غمن ۾ گڏي ويو. فيض شايد اهڙن ئي محبوبن لاءِ چيو هو:

        ويران هي ميڪده خم و ساغر اداس هين

        تم ڪيا گئي ڪه روٺ گئي دن بهار ڪي.

حيدرآباد مان پهريائين پهريائين شڪوهي ايران بدلي ٿي ويو، ستت ئي پوءِ نواب صاحب هميشه هميشه لاءِ موڪلاڻيون ڪيون ۽ پوءِ اسد الله شاهه حسينيءَ هي جهان ڇڏيو، آخر ۾ پير صاحب الله کي پيارو ٿيو. پر انهن مکڻ ماکيءَ جهڙن مٺن ماڻهن جون محفلون، نقل نظير، کل ڀوڳ، ٽهڪ، زماني جا قصا ۽ داستان ڪيئن وسري سگهندا. جڏهن اهي ڏينهن ياد ايندا اٿم، تڏهن اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا آهن ۽ ٿڌو ساهه ڀري چوندو آهيان ته ”منهنجا مولا، اسان جون اهي محفلون ۽ مجلسون ڇو اجڙي ويون! منهنجيءَ مٺيءَ سنڌ جا اهي مٺا ماڻهو ڪاڏي هليا ويا .“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org