محمد ابراهيم جويو
سنڌ، عيسوي ويهينءَ صديءَ ۾ ٻه وڏا اديب ۽
دانشور پيدا ڪيا. ٻئي غريب گهرن ۾ پيدا ٿيا ۽
پنهنجي غربت تي ناز ڪيائون. سڄي عمر غريبن جا
حمايتي ٿي رهيا ۽ ڪڏهن به اميرن سان سودو نه
سليائون. نه وري ڪنهن خانَ خانَ جي پٽ جي پرواهه
ڪيائون. محنت ۽ اورچائيءَ سان اهڙو ته نالو پئدا
ڪيائون، جو تاريخ جي صفحن تي مهر هڻي ڇڏيائون.
پهريون ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ سنڌ جي آسمان
تي اڀريو ۽ٻيو پوئين اڌ ۾. پهرئين جو نالو هو
ميرزا قليچ بيگ ۽ ٻئي جو محمد ابراهيم جويو.
قدرت مون کي پهرئين جي زيارت نصيب ڪا نه
ڪئي، پر ٻئي سان زندگيءَ جو وڏو حصو گڏ گذريو.
ننڍي هوندي ميرزا قليچ بيگ بابت ”قرب قليچ“ ڪتاب
پڙهيو هوئم. ان ۾ هڪ هنڌ ميرزا صاحب لکيو هو ته
”جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته اهڙا غريب هوندا
هئاسين، جو بت ڍڪڻ لاءِ قميصون به ڪو نه هونديون
هيون. امڙ اسان کي زالاڻا چولا پارائي، مٿان انهن
کي ڪوٽ سان ڍڪي ڇڏيندي هئي.“
محمد ابراهيم جويي جي ننڍپڻ جي غربت جون ان
کان به وڌيڪ دلخراش ڳالهيون ٻڌم.
ميرزا صاحب صوفي ماڻهو هو. سڄي عمر پنهنجا
مداح ۽ دوست پئدا ڪيائين. ڀٽائيءَ جي اها سٽ ميرزا
صاحب جهڙن ڀلن ماڻهن تي سورهن آنا صادق آهي:
”هٿان حبيبن ڪو نه ڏکويو ڪڏهين“.
جيئري ئي پنهنجي قبر ٺهرائي ڇڏي هئائين.
ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ وڃي ليٽندو هو ۽ پاڻ کي چوندو هو:
”قليچ، هڪ ڏينهن تو کي هت اچڻو آهي“.
املداس جي وڻ ۾ آکيرو ٺهرايو هئائين. منجهند
جي مهل جڏهن پکي پکڻ ذڪر ڪندا هئا ته وڻ تي چڙهي،
آکيري ۾ ويهي، ساڻن گڏ ذڪر ڪندو هو.
دنيا جي بي ثباتيءَ جو شدت سان احساس هئس
مون کي ياد آهي ته چاليهه ورهيه اڳ اسان محبت ديري
جتوئيءَ جي هاءِ اسڪول ۾ سندس هڪ ڊرامو اسٽيج ڪيو
هو. ان ۾ سندس غزل جو هڪ شعر مون کي دل تي نقش ٿي
ويو:
”ڇا ڪندو ڪو اصل تي يا نسل تي پنهنجو غرور
هي بزرگيون، باغ، بنگلا، خواب آهي يا خيال!“
دنيا جي بي ثباتيءَ جي احساس سببان ئي
پنهنجي زندگيءَ جو پل پل سجايو گذاريائين. روزمره
جا نيم مقرر ڪري ڇڏيا هئائين. انهن ۾ اها ڳالهه به
شامل هئي ته روزانو ٿورو يا گهڻو ڪو نه ڪو ڪتاب
لکندو رهندوهو. غالباً ادب جي هر موضوع تي قلم
کنيائين، ڪنهن تي اصلوڪا ڪتاب لکيائين ته ڪنهن تي
دنيا جا عجب جواهر ترجمو ڪيائين. پاڪستان ايڪيڊمي
آف ليٽرس هاڻي هر سال سٺي ڪتاب تي ويهه هزار رپيا
انعام ڏيندي آهي. جنهن زماني ۾ ميرزا صاحب ڪتاب
لکيا، ان زماني ۾ ڪو ويهه رپيا به انعام ڪو نه
ڏيندوهو. پر سندس اندر ۾ جيڪو فنڪار هو، ان کي ماٺ
ڪري ويهڻ ۾ قرار ڪو نه ايندو هو. چون ٿا ته ٽن سون
کان به وڌيڪ ڪتاب لکيائين. فردوسيءَ جي قول ”عجم
زنده کردم، بدين فارسي“ موجب، سنڌي ادب کي لازوال
ڪري ڇڏيائين.
سنڌ جهڙي بي قدري سماج ۾، جيڪڏهن ميرزا صاحب
جهڙي گوهر جو قدر نه ٿيو، سندس ياد ۾ ڪو به ادار
قائم ڪو نه ٿيو، ڪا به ايڪيڊمي ڪانه ٺهي، ڪو به
منارو ڪونه جڙيو، کيس ”بعد از وفات“ سنڌ جي ڪنهن
به يونيورسٽيءَ اعزازي ڊگري ڪانه ڏني، ته ان ۾ ڪا
به حيرت جي ڳالهه ڪانه آهي. (جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪا به
شناس هجي ها، ته علامه آءِ آءِ قاضي خودڪشي ڇو ڪري
ها؟) ميرزا صاحب جي شخصيت انهن مڙني ڳالهين کان
مٿي آهي. جن کي شناس هئي، تن سندس قدر ڪيو. يعني
انگريزن کيس ”شمس العلماءُ“ جو خطاب ڏنو ۽ غالباً
ڪو ٻنيءَ ٻار به تحفي طور ڏنو.
محمد ابراهيم جويي جي شخصيت، جتي ڪيترين ئي
ڳالهين ۾ ميرزا صاحب سان مشابہ آهي، اتي ڪن ڳالهين
۾ کانئس سراسر مختلف به آهي. هن ميرزا صاحب وانگر
ٽي سو ڪتاب ته ڇا، پر شايد ٽي سو مضمون به ڪونه
لکيا. ان جي باوجود سنڌي ادب جي عمارت اڏڻ ۾ سندس
خذمتون ڪنهن به اعلى کان اعلى اديب کان وڌ نه آهن
ته گهٽ به نه آهن. سندس خاص ڪارنامو اهو آهي ته هن
سنڌي ادب کي ”نئين سوچ“ عطا ڪئي.
ميرزا صاحب غير سياسي ماڻهو هو. هر ڪنهن کي
دعا ڏيندو هو. ”شهنشاهه تون اسان جي کي سلامت رک
خداوندا“. جهڙا شعر به لکيائين. محمد ابراهيم جويو
پيدائشي باغي هو. سڄي عمر ان اصول تي ڪاربند رهيو
ته:
اس کيت سي دهقان کو ميسر نه هو روزي،
اس کيت ڪي هر خوشه گندم کو جلاندو.
جويو صاحب نئينءَ سنڌ جي، قيادت لاءِ پئدا
ٿيو هو. پير حسام الدين راشديءَ، ڳالهين ڪندي، هڪ
ڏينهن مون کي چيو هو ته ”اسان کي سنڌ سان محبت جو
سبق جويي صاحب ڏنو.“
ويهين صديءَ جي برگزيده سنڌي شخصيت علامه
آءِ آءِ قاضي کي به جويي صاحب سان محبت هئي. ڪي ڪي
بي سمجهه ماڻهو علامه صاحب جا جويي صاحب جي خلاف
ڪن ڀريندا هئا. علامه صاحب ڏاهو ماڻهو هو. ڳالهه
هر ڪنهن جي ٻڌندو هو، پر راءِ پنهنجي قائم ڪندو
هو. هڪ دفعي مان ساڻس ملڻ ويس. بنگلي جي صحن ۾
موڙا پيل هئا. هڪ تي علامه صاحب جي اهليه ويٺل
هئي. پاڻ بنگلي ۾ اندر هو. مان موڙي تي ويٺس ته
علامه صاحب جي اهليه چيو ته اڄ صبح ڪي ماڻهو آيا
هئا، جن علامه صاحب کي اوهان جي خلاف پئي ڪجهه
چيو. مون چيو ته ”منهنجي خلاف“؟ چيائين ته، ”نه،
سوهيو جي خلاف“. مون چيو، ”سوهيو“؟ ايتري ۾ علامه
صاحب اندران نڪتو. پنهنجي اهليه جي ڳالهه ٻڌي، چوڻ
لڳو:
Darling, you mean “our good joyo.”
مون جويي صاحب کي پهريون دفعو 1954ع ۾
حيدرآباد ۾ سرائي اميد علي مرحوم جي دڪان تي ڏٺو.
خاڪي رنگ جي سلوار قميص ۽ سنهڙي فريم واري عينڪ
پيل هئس. سرائي صاحب سان زماني جي ڪا ٿوري گهڻي
ڳالهه ٻولهه ڪري، موڪلائي ويو.
محمد ابراهيم جويو
سال کن بعد مان حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ويس ته
اتي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ کيس ٻيهر ڏٺم.
مون کي سندس ويجهو اچڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳو
هوندو. 1955ع ۾ ”مهراڻ“ رسالو شايع ڪيائين، جنهن
مون جهڙن گهڻن ئي نوآموز لکندڙن کي سندس گرويدو
بنائي ڇڏيو.
”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ سنڌ دوست ۽ ترقي پسند
اديبن جي خيالن جو ترجمان ٿي آيو. ترقي پسند ادبي
تحريڪ جي لهر غالباً سنڌ ۾ سنه 1936ع ۽ 1937ع
ڌاران پهتي هئي. ان زماني ۾ سنڌ بمبئيءَ جي ون
يونٽ ان زنجيرون ٽوڙي آزاد ٿي هئي. صوبي ۾ ڌرتيءَ
سان محبت جي لهر اڀري هئي. ”الوحيد“ جو ”آزاد سنڌ
نمبر“ ان حقيقت تي شاهد آهي. ان زماني جي سنڌ دوست
۽ ترقي پسند اديبن ۾ محمد امين کوسي، برڪت علي
آزاد، حيدر بخش جتوئي، حشو ڪيلراماڻي ۽ سوڀي
گيانچنداڻي، جا نالا کڻي سگهجن ٿا. حيدر بخش جتوئي
جو ڪتاب ”هارين جون ڪهاڻيون“ ان دور جي ادب ۾ ”سنگ
ميل“ جي حيثيت رکي ٿو. هو سٺي سرڪاي عهدي تي هو،
پر آزاديءَ ۽ سنڌ سان محبت جي ڪري، انگريزن جي
نوڪريءَ جو ڳٺ ڳچيءَ مان لاهي اڇلائي ڇڏيائين.
حيدربخش جتوئيءَ ۽ ٻين اهڙڻ سنڌ دوست اديبن جيڪي
سلا پوکيا، سي اڳتي هلي انگوريا ۽ پاڪستان کان اڳ
ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بيناد پيو.*
پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هندن ۽ مسلمانن جي لڏ
پلاڻ ڪري، سنڌ جهڙي نسبتاً سانتيڪي صوبي ۾ به چڱي
اٿل پٿل آئي. ادبي تحريڪون ۽ تنظيمون به گهڻي قدر
متاثر ٿيون هندو اديب ۽ ناشر هندستان هليا ويا.
هوڏانهن جيڪي مسلمان هجرت ڪري آيا، تن جي ٻولي
اردو هئي. سنڌ ۾ گهر ڪري رهڻ جي باوجود هنن سنڌي
ٻولي سکڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي، ڇو ته اردو
قومي ٻولي هئي. رڳو سنڌ نه پر سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري،
نشر و اشاعت جي مرڪزن ۽ ۾ اردو ڇانيل هئي. رفتي
رفتي، حالتون ٺرڻ لڳيون* سنڌي ادب جون اجڙيل انجمنون به وري آباد ٿيڻ لڳيون. غالباً،
1952ع ۽ 1953ع ڌاران ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو
وري بنياد پيو. مرحوم عبدالغفور انصاري، مرحوم
احسان بدوي، مرحوم نبي بخش دائودپوٽو، نورالدين
سرڪي، شايد جمال ابڙو ۽ ٻيا ڪي دوست، جن جا نالا
هاڻي مون کي ياد ڪونه ٿا اچن، ان جا ابتدائي ڪارڪن
هئا. مون کي سنڌي ادبي سنگت سان مرحوم شيخ حفيظ
متعارف ڪرايو. هڪ ڏينهن ميٺارام هاسٽل ۾ افسانو
ويٺي لکيئين. چيائين ته سنڌي ادبي سنگت افسانن جي
چٽاڀيٽثي ڪرائي آهي. مون چيس ته مان به لکان؟
چيائين ته ڀلي لک. مون افسانو لکي کيس ڏنو، جو
پنهنجي افساني سان گڏ سنگت جي سيڪريٽريءَ
عبدالغفور انصاري کي ڏيئي آيو. هفتي کن کان پوءِ
انصاري مون کي ميس ۾ مليو. چيائين ته سڄيءَ سنڌ
مان تقريباً پنجاهه کن افسانا آيا آهن ۽ پهرين ڏهن
سٺن افسانن ۾ تنهنجو افسانو به شامل آهي. هفتي کن
کان پوءِ نتيجو ظاهر ٿيو ته منهنجي ئي افساني کي
ججن پهريون نمبر انعام ڏنو. ان کان اڳ مان ڪتاب ۽
رسالا ته پڙهندو هوس، پر لکڻ ڏانهن توجہ ڪو نه هو.
ادبي سنگت جو انعام مون ۾ لکڻ جو شوق پئدا ڪيو.
ستت ماهنامي نئين زندگيءَ جي ايڊيٽر مولانا
عبدالواحد سنڌيءَ مون کي ڳولي لڌو ۽ رسالي لاءِ
افسانو گهريو. ٻئي طرف جويي صاحب انعام يافته
افسانو مهراڻ ۾ شايع ڪيو. ائين مون سنڌي ادبي سنگ
جي گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو. اتي اياز قادريءَ،
نورالدين سرڪيءَ، دادا موتيرام، شيخ حفيظ، مرغوب
بخاري، خواجه سليم، رشيد ڀٽي، احسان بدويءَ، رشيد
آخوند، ڪريم بخش خالد، پوهوءَ ۽ ٻين سان ميل
ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. انهن مان ڪي ته اڳيئي دوست ۽
واقف هئا پر ڪي نوان يار ٿيا. مهيني ماسي انهن
گڏجاڻين ۾ جويو صاحب به شريڪ ٿيندو هو. سنگت جا
ڪارڪن سندس تمام گهڻو احرام ڪندا هئا ۽ کيس،
پنهنجو بزرگ تصور ڪندا هئا. سنگت جي گڏجاڻين جو
دستور اهو هوندو هو ته ڪونه ڪو اديب پنهنجو شعر،
افسانو، يا مضمون پڙهندو هو، جنهن جي خوبين ۽
خامين بابت حاضرين راءِ ڏيندا هئا. جڏهن جويو صاحب
ڪنهن به تحرير تي راءِ ڏيندو هو ته ڪنهن جي مجال
نه هوندي هئي جو سندس راءِ کان پوءِ ڪا راءِ ڏئي.
سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم رڳو ڪراچيءَ تائين
محدود ڪانه هئي. ان جون سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به
برانچون قائم ٿينديون رهيون. هڪ اهڙو وقت به آيو
جڏهن سنگت جون سنڌ جي 36 شهرن ۾ شاخون هيون ۽
سموريون سرگرم هيون.
سنڌي ادبي سنگت رڳو نوآموز اديبن جي تاديب
ڪا نه ڪندي هئي. اها سجاڳ ذهن وارن دانشورن جو
مرڪز هئي. ان مرڪز مان وقت بوقت سنڌ جي حقن لاءِ
آواز اٿندو هو. مثلاً سنڌي زبان کي صوبي جي سرڪاري
زبان بڻائڻ جو مطالبو سڀ کان پهريائين سنڌي ادبي
سنگت جي پليٽ فارم تان اٿيو. اها 1953ع – 1954ع جي
ڳالهه آهي. 1955ع ۾ جڏهن ننڍن صوبن جي مرضيءَ جي
خلا مٿن ون يونٽ مڙهيو ويو، تڏهن سنڌي ٻولي، ادب ۽
ڪلچر جي تحفظ لاءِ سنڌي ادبي سنگت ئي سڀ کان گهڻو
پاڻ پتوڙيو. پاڪستان ٺهڻ کان ستت پوءِ ڪراچيءَ کي
سنڌ کان جدا ڪرڻ ڪري سنڌ جا ماڻهو ناخوش هئا، سي
ون يونٽ جي مسلط ٿيڻ کان پوءِ باهه ٿي ويا، جنهن
ماڳهين صوبن جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو. 1958ع جي
مارشل لا آقي باقي سندن جذبات کي مجروح ڪيو ڇو ته
1957ع ۾ تڏهوڪيءَ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ون يونٽ
کي ٽوڙڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو. سو سنڌ جي ماڻهن
ائين محسوس ڪيو ته مارشل لا ون يونٽ کي بچائڻ آيو
هو. سنڌ ۾ اردو ٻولي ڳالهائيندڙن جا ٻار ان زماني
تائين، پرائمري اسڪول ۾ سنڌي سکندا هئا ۽ سنڌي
ڳالهائيندڙن جا ٻار اردو سکندا هئا. مارشل لا جي
هڪ عملدار حڪم جاري ڪري، سنڌي ٻولي سکڻ وارو اهو
قانون ختم ڪري ڇڏيو، جنهنڪري سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو
ڳالهائيندڙن باشندن کي هڪ ٻئي ويجهو اچڻ جو جيڪو
ٿورو گهڻو موقعو هئو، سو به ختم ٿي ويو. ٻئي ڌريون
هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ بدران هڪ ٻئي کان دور ٿي
ويون. ڪجهه عرصو پوءِ حيدرآباد ۾ رهندڙ هڪ مهاجر
باشندي سنڌين جي خلاف پنجابي، پٺاڻ، مهاجر اتحاد
قائم ڪيو. ٻئي طرف ٽپال کاتي سرڪيولر جاري ڪيو ته
لفافن ۽ ڪارڊن تي ايڊريس ۽ ”سنڌ“ لفظ لکڻ ڏوهه
آهي. انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي صوبي ۾
سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل هئي. سنڌي اسڪول ۽
ڪاليجن ۾ تعليم جو ذريعو هئي، ڪورٽن ۾ عدالتي زبان
هئي، روينيو رڪارڊ سنڌيءَ ۾ رکيو ويندو هو، سنڌيءَ
۾ اخبارون ۽ رسالا ڇپبا هئا، سنڌيءَ ۾ ٽائيپ
رائيٽر ٺهي هئي، پرنٽنگ پريسن ۾ سنڌي ٽائيپ
استعمال ٿيندي هئي ايڏي ترقي يافته زبان کي آزادي
ملڻ کان پوءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ بدران،
1958ع واري مارشل لا جي اختياريءَ وارن جيڪا
تعليمي ڪميشن مقرر ڪئي، تنهن اها سفارش ڪئي ته
آئينده پرائمري اسڪولن ۾ فقط پهريان ٽي درجا سنڌي
ٻوليءَ ۾ تعليم ڏجي. مٿي ذڪر ڪيل فيصلن ۽ تعليمي
ڪميشن جي انهيءَ سفارش جو منطقي نتيجو اهو نڪتو ته
سنڌ جا ماڻهو، جيڪي هڪٻئي پٺيان ناانصافين ڪري
اڳيئي باهه ٿيا ويٺا هئا، سي ٻوليءَ تي اهو وار
برداشت ڪري نه سگهيا. اٿي کڙا ٿيا. سنڌي ادبي سنگت
جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي حيثيت
برقرار رکڻ لاءِ تحريڪ هلي، سالن جي جدوجهد کان
پوءِ سنڌي اديبن ۽ سنڌي عوام جي سوڀ ٿي ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي اڳوڻي حيثيت بحال ٿي. جويي صاحب ان
جدوجهد ۾ سڀ کان اهم رول ادا ڪيو.
انسان سر الاهي آهي. منجهس ڪيئي قوتون
پوشيدهه آهن. جڏهن اهي قوتون متحرڪ ٿين ٿيون، تڏهن
پهاڙن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ريت جا ذرڙا بنائي ڇڏين
ٿيون.
سنڌي اديبن ۽ شاعرن جيڪا تحريڪ اڀاري، اها
سنڌي ٻوليءَ جي مطالبي پوري ٿيڻ سان ختم ڪانه ٿي،
بلڪ ان سنڌي جي وچولي طبقي ۾ سنڌ شناسيءَ جو احساس
شدت سان پئدا ڪيو. انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد سنڌي
اديبن جي سرگرمين جو مرڪز هو. حميد سنڌي ”روح
رهاڻ“ رسالو ڪڍيو هو، جنهن جا ساليانا جلسا سنڌ
شناسيءَ جي احساس جا بي مثال مظهر هئا. (افسوس آهي
ته انهن جلسن جون فلمون ٺاهڻ جو ڪنهن کي خيال ڪونه
آيو.) ان وقت تائين، سنڌي شاگردن ۾ به ڪجهه شعور
پيدا ٿي چڪو هو ۽ سنڌي اديبن سان ساٿ ڏيئي رهيا
هئا. اڳتي هلي اديبن ۽ شاگردن جي گڏيل ساٿ ون يونٽ
جي خلاف ايڏي ته سخت نفرت پيدا ڪئي، جو سرڪار کي
1969ع ۾ ان مان هٿ ڪڍڻا پيا ۽ يحى خان جي حڪومت کي
ان جي تابوت ۾ آخرين ڪو ڪو ٺوڪڻو پيو. هاڻي ون
يونٽ جي حيثيت انهيءَ ناجائز ٻار واري آهي، جنهن
جو پيءُ سڏائڻ لاءِ ڪو به تيار ڪونهي.
1955ع کان 1960ع تائين، سنڌ جي اها جدوجهد
عيسوي ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، سنڌ جي تاريخ جو
غالباً اهم ترين باب قرار ڏني ويندي. ان ۾ سنڌي
اديبن هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ سندن سرواڻ
محمد ابراهيم جويو هو.
1957ع ۾ جڏهن پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري هو، تڏهن وٽس اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جو عهدو
خالي ٿيو. سنڌ سڃي ڪانه هئي، پر سندس نظر انتخاب
مون تي ئي پئي. مون کي ساڻس رڳو محبت ڪانه هئي.
عقيدت هئي. هڪ دفعي پاڻ بورڊ جي آفيس مان ڪنهن ڪم
سانگي ٻاهر ويو. فون جي گهنٽي وڳي. مولوي
اعجازالحق قدوسيءَ جي فون هئي. فون جويي صاحب جي
ميز تي رکيل هوندي هئي. مولوي صاحب فون تي
ڳالهائيندي، جويي صاحب جي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
جڏهن موٽي پنهنجيءَ ڪرسيءَ تي آيو ته مون کان رهيو
نه ٿيو. کيس ٽوڪيو ته مولوي صاحب اسان کي انهيءَ
ڪرسيءَ لاءِ وڏو احترام آهي. اوهان کي ان تي ويهڻ
نه کپندو هو. مولوي صاحب اهو ٻڌي هڪو ٻڪو ٿي ويو.
جويو صاحب 1951ع – 1961ع تائين ڏهن سالن جو
مسلسل عرصو بورڊ جي سيڪريٽريءَ ٿي رهيو، انهن ڏهن
سالن ۾ جنهن عشق سان سنڌ جي هن قومي اداري کي
ٺاهيائين، تيئن ڪنهن شخص پنهنجي ذاتي گهر کي به
ڪونه ٺاهيو هوندو. سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ
بنيادي ڪم بورڊ ان ئي عرصي ۾ ڪيو. اڳتي هلي جڏهن
پاڻ کهڙي صاحب ۽ ٻين ميمبرن جي ناراضپي سبب بورڊ
ڇڏي ويو، تڏهن اسان ايترا پڪا پختا ٿي چڪا هئاسون،
جو بورڊ کي سندس ئي گهڙيل واٽن تي هلايوسون. نه
فقط ايترو بلڪ مون کي آنڌ مانڌ رهي ته ڪيئن به ڪري
کيس واپس بورڊ ۾ آڻيان. ٽي چار ورهيه ڏاڍا جتن
ڪيم. سيد ميران محمد شاهه منهنجي مدد ڪئي. آخرڪار
قدرت منهنجو پورهئو ثابت ڪيو ۽ جويو صاحب موٽي
بورڊ ۾ آيو. ان وقت پاڻ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو حيدرآباد
۾ عملدار هو. بورڊ ۾ اعزازي سيڪريٽريءَ طور چارج
ورتائين. پر جيڏيءَ سڪ سان مون کيس بورڊ ۾ موٽائي
آندو هو، اوڏي ئي مون کي منجهانئس مايوسي ٿي. هو
اهو ساڳيو جويو صاحب ئي ڪونه رهيو هو.
درحقيقت انسان جي زندگيءَ ۾ هر ڏينهن هڪ
نئون تجربو آڻي ٿو. هو جيڪو عرصو بورڊ کان ٻاهر
رهيو هو، ان عرصي ۾ نون نون تجربن سببان سندس خيال
بدلبا رهيا هئا. سو منجهانس اها اميد رکڻ ئي اجائي
هئي ته هو ائين ئي هوندو جيئن اڳي هو.
مان جن ڳالهين ڪري کانئس مايوس ٿيس، انهن جو
تفصيل ڏيڻ ته هت ممڪن ڪونهي ۽ مناسب به ڪونهي، پر
نموني طور هڪ واقعو بيان ڪريان ٿو.
بورڊ ۾ ٻه غريب ملازم هوندا هئا: هڪ مولوي
محمد صديق ماعر ۽ ٻيو سومار علي سومرو. ٻين ملازمن
وانگر سندن پگهارون به پوريون ساريون هونديون
هيون. بس غريب پنهنجي پيٽ گذر ۾ پورا هوندا هئا.
1965ع واريءَ جنگ کان پوءِ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري
ادارن ۾ هڪ رسمي سرڪيولر پهتو ته ڪوشش ڪري خرچ ۾
ڪفايت ڪريو. درحقيقت اهو سرڪيولر واپڊا، اي – ڊي –
سي ۽ پي – آءِ – اي جهڙين وڏين ڪارپوريشنن لاءِ
هو، ”جن ۾ سوين هزارين اعلى عهديدار ۽ ملازم پيا
پلجن. سنڌي ادبي بورڊ ته هڪ ننڍڙو ادارو هو، جنهن
۾ ڪنهن پٽيوالي کي ڪڍڻ جي به گنجائش ڪانه هئي، پر
جويي صاحب ڇا ڪيو، جو نه ڪيائين هم نه تم، قلم جي
هڪڙي ئي رهڙي سان مولوي محمد صديق ۽ سومار عليءَ
جون سالن جون سروسون ختم ڪري، ٻنهي کي بي روزگار
ڪري ڇڏيائين.
سنڌي ماڻهوءَ کي ان زماني ۾ نوڪري ملڻ آسمان
مان تارن لاهڻ جي برابر هو. ويچارا مسڪين ورهين جي
نوڪري بيگناهه وڃائي ويهي رهيا. پر سندن اندر جي
آهه عرش تائين اڏامندي وئي. رزق رب جي هٿ ۾ آهي.
اتي جو اتي مرحوم سيد سردار علي شاهه، سومار علي
کي مهراڻ اخبار ۾ پناهه ڏني ۽ ٻئي طرف ڊاڪٽر
الانا، مولوي محمد صديق کي سنڌالاجي ۾ سڏايو.
سرڪاري سرڪيولر ته سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙي اداري
جيڪو ادبي بورڊ کان ڪيئي دفعا وڏو هو، وڌيڪ لاڳو
پئي ٿيو. پر ڊاڪٽر الانا ان کي کنگهيو به ڪونه.
مولوي صاحب جا سنڌي عربي ۽ فارسي اکر موتين جهڙا
هوندا هئا. فوراً کيس پاڻ وٽ نقل نويس مقرر
ڪيائين. ائين ٻئي مسڪين بک مرڻ کان بچي ويا.
انهي زماني ۾ هڪ ڏينهن ڪامريڊ مولوي نذير
حسين سان ملاقات ٿي. کيس سخت غصي ۾ ڏٺم. جويي صاحب
جي خلاف ڳالهائي رهيو هو. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇو
ته منهنجي جويي صاحب سان محبت هئي. سوچڻ لڳس ته
ڪمزوريون ڪنهن ۾ ڪونهن، عيبن کان آجو ڪير آهي؟
جويي صاحب جي سڀ کان وڏي خوبي اها ڏٺي هئم ته سنڌ
سان واسطو رکندڙ اجتماعي معاملن ۾ مون ڪڏهن به
منجهس لچڪ ڪانه ڏٺي هئي، سندس ذهن هميشہ صاف هو.
مثلاً جڏهن ون يونٽ ٽُٽو، ته سنڌي محب وطن ٻن
گروهن ۾ تقسيم ٿي ويا. هڪڙا ڪراچيءَ کي سنڌ سان
ملائڻ جي حق ۾ هئا ته ٻيا ڪراچيءَ کي جدا ڪرڻ جي
فائدي ۾ جويو صاحب اڪيلو شخص هو جنهن جو ذهن بلڪل
صاف هو. چيائين ته ”ڪڏهن زندهه قومن به پنهنجا شهر
پاڻ ڇڏيا آهن. ڇا به ٿي پوي، ڪراچي ڪونه
ڇڏينداسين.“ اڳتي هلي هر ڪنهن اها ڳالهه قبول ڪئي.
هاڻي ڪو هڪڙو به سنڌي دانشور ڪونه ملندو، جيڪو
ڪراچي کي جدا صوبو بنائڻ جي حق ۾ هجي.
ڪراچي صوبي جو مثال ته هڪ آهي. اهڙا سوين
سوال هوندا، جن ۾ جويي صاحب سنڌي دانشورن جي
رهنمائي ڪئي هوندي. سندس سڀ کان سهڻي ڳالهه اها
هئي ته پاڻ اڳتي وڌي ڪڏهن به پنهنجيءَ ذات کي
نمايان ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪيائين. هميشہ پاڻ کي
نماڻو ۽ پوئتي رکيائين. پر جيستائين قومي غيرت جو
سوال هو ته ڪنڌ اوچو رکيائين.
هڪ دفعي ايراني عالمن جو هڪ وفد بورڊ ۾ آيو.
پير صاحب جي چوڻ تي اسان وفد جي مان ۾ دعوت ڪئي.
مرحبائي خطبو جويي صاحب لکيو. پر پڙهڻ لاءِ مون کي
چيائين. جڏهن مون کيس چيو ته، ”سائين اوهان ڇو نٿا
پڙهو؟“ تڏهن چڙ مان چيائين ته ”اڙي، هي ايراني
پنهنجا ڪتاب ڪونه کڻي ويا هئا!“
مون ڀانيو ته وفد جا ڪي عالم بورڊ جي
لئبرريءَ مان ڪي ڪتاب اڌارا وٺي ويا هئا، جي
موٽايا ڪونه اٿن. سو کيس چيم ته ”ڪهڙا ڪتاب؟ مون
کي ته خبر ئي ڪانهي!“
چڙ مان چيائين ته، ”اڙي، نادر شاهه سنڌ جي
ڦرلٽ ڪري ڪتاب ڪونه کڻي ويو هو؟“
مون زندگيءَ ۾ محنتي ماڻهو گهڻا ڏٺا، پر
جويي صاحب جهڙو ڪونه ڏٺو. بورڊ ۾ جيڪي ڪتاب ڇپجڻ
لاءِ ايندا هئا، تن ۾ ٻوليءَ جون گهڻيون ئي غلطيون
هونديون هيون. جويو صاحب انهن تي ڏاڍي محنت ڪندو
هو. پر، ڪتاب تي پنهنجو نالو ڪونه ڏيندو هو. هڪ
ڪتاب ياد ٿو اچيم. نالو هيس ”اقتصادي انصاف“. رسڪن
جي ڪتاب
“Unto This Last” جو سنڌي ترجمو هو. مرحوم غلام رضا ڀٽي جو ترجمو ڪيل هو. پر،
جويي صاحب ان ڪتاب کي بجنسي شروع کان آخر تائين
نئين سر ترجمو ڪيو. اڄ ڪتاب پڙهو ته محسوس ئي ڪونه
ٿيندو ته پاڻ ڪتاب تي ڪابه محنت ڪئي اٿس. ساڳي
محنت سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي شروعاتي جلدن تي ڪيائين.
سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ست جلد آهن. پهرين ٻن ٽن جلدن
۽ پوين جلدن جي زبان ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي،
ڇو ته پهريان جلد جويي صاحب جا درست ڪيل آهن. پر
انهن ۾ به شايد جويي صاحب جو نالو ڪٿي نظر ڪونه
ايندو.
جويي صاحب جو اصول هو ته ”نيڪي ڪر، درياهه ۾
وجهه“.
جويي صاحب جي شخصيت گهڻين ئي خوبين جي حامل
آهي. ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته سنڌ ۾ صحيح
سنڌي صورت خطيءَ جو جويي صاب کان وڏو ماهر ٻيو
ڪونهي. پنچوئيشن يعني بيهڪ جي نشانين، اکرن تي
زير زبر ڏيڻ جو فن مٿس ختم ٿيو. ڪتابن جي ڇپائيءَ
تي سندس قول سَنَدَ جي حيثيت رکي ٿو. پر انهن
ڳالهين ڪري سندس شخصيت بابت، اها راءِ قائم ڪرڻ تي
جويو صاحب فقط هڪ وڏو اديب آهي، جويي صاحب سان وڏي
۾ وڏو ظلم ڪرڻو آهي. منهنجي خيال ۾ هو هن دور جي
سنڌ جي بلند پايه مشاهيرن مان آهي. ڪيترا اهم بيان
۽ دستاويز جيڪي سنڌ جي تقدير کي بدلائڻ جو ڪارڻ
بنيا سي سندس سجاڳ ذهن ۽ سوچ جو نتيجو هئا. ڪيترن
اهم ڪميشنن جون رپورٽون جي وڏن ليڊرن جي نالي ۾
ظاهر ٿيون، سي سندس ئي محنت جو نتيجو هيون.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
”پاڻيءَ هاري سڀڪا، جا سر گهڙو ڀري
ڪا لئه سنڌي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري“.
جويي صاحب سڄي عمر سڪ سان سنڌ جا گهڙا ڀريا.
هو انهيءَ ڏوهه سببان ڪيئي دفعا حاڪمن جي عتاب جو
نشانو به بڻيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ کيس سنڌ سان
محبت ڪرڻ سببان سنڌ مدرسي مان نوڪريءَ مان ڪڍيو
ويو. ون يونٽ جي زماني ۾ کيس سال ٻن لاءِ سنڌ مان
نيڪالي ڏني ويئي. پر اهي سختيون سندس ايمان کي
ڪمزور ڪري ڪونه سگهيون. مان زندگيءَ جو چڱو حصو
ساڻس گڏ رهيو آهيان ان ڪري سندس مزاج کان واقف
آهيان. هن پنهنجي خانگيءَ زندگيءَ ۾ ڏاڍو ڏک ڏٺو
آهي. ميران ٻائيءَ ته زهر سان ڀريل هڪ ئي پيالو
پيتو هو. سنڌ جي هن لائق فرزند اهڙا ڪيئي پيالا
پيتا هوندا. پر ڪڏهن به هيڻي نه ٻوليائين. سندس
همت ۽ جرئت کي سو سلام آهن.
پر ان ڳالهه جو مطلب اهو نه آهي ته هو ڪو
ٿلهيءَ کل وارو ماڻهو آهي. سندس سيني ۾ انتهائي
نرم ۽ گداز دل آهي.
هڪ دفعي اسان گڏجي ڀٽ شاهه وياسين. سانجهيءَ
جي مهل اتي پهتاسين. راڳ شروع ٿيو ته اسان به پڙ ۾
پاسو وٺي ويٺاسين. ڀٽائيءَ جي فقيرن صدا بلند ڪئي:
”آئون نه گڏي پرينءَ کي
تون ٿو لهين سج.“
ڀٽائي، جي درگاهه، رات جي تاريڪيءَ جا
پهريان پاڇا، فقيرن جو ڪارو ويس، دنبوري جي تان، ۽
مٿان ڀٽائي جو الهامي ڪلام:
آئون نه گڏي پرينءَ کي
تون ٿو لهين سج
محمد ابراهيم جويي جي اکين مان ڳوڙها وهي
آيا.
ماڻهن جي ڪردار ۽ عمل کي جاچڻ، تڪڻ تورڻ جو
آخرين پيمانو تاريخ جا ورق هوندا آهن. جديد دور ۾
سنڌ جي مسئلن تي نگاهه رکڻ، حالتن موجب صحيح رخ
اختيار ڪرڻ، سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ، جڏن ۽ ڏڏن
کي ساڻ وٺي هلڻ، هن دور جي سنڌي اديب ۽ شاعر جون
امتيازي خصوصيتون آهن. شايد پاڪستان جي ڪنهن به
ٻيءَ ٻوليءَ جا اديب پنهنجي عوام سان ائين گڏ سچا
نه رهيا آهن جيئن سنڌي زبان جا اديب. پر سمورن
سنڌي اديبن ۽ شاعرن جون خدمتون هڪ پڙ، ۾ وجهبيون ۽
ٻئي پڙ ۾ اڪيلي محمد ابراهيم جويي جون خدمتون، ته
انصاف جي تارازيءَ ۾ شايد جويي صاحب وارو پڙ وڌيڪ
وزندار ثابت ٿيندو.
ميرزا قليچ بيگ لاءِ منهنجي بي پناهه محبت
ڏسي، هڪ دفعي ڪنهن دوست حسرت سان مون کي چيو هو
”افسوس آهي ته تو قليچ ڪونه ڏٺو.“
مون کيس جواب ڏنو هو، ”هائو، پر مون کي خوشي
آَهي ته مون محمد ابراهيم جويو ڏٺو.“
|