سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو: 1

صفحو : 13

بادشاهه خاتون

هيءَ خاتون ڪِرمان جي ”قراختائي“ گهراڻي جي ڇهين حاڪم يا ملڪہ هئي، ۽ ”صفوة الدين“ جي لقب سان مشهور آهي. هوءَ قطب الدين جي ڌيءُ هئي. ڏاڍي فاضل ۽ قابل، شاعره ۽ خوش نويس هئي. هن کان اڳي، سندس ڀاءُ ”سيور غتمش“ بادشاهه هو، مگر سن 603هه (1206ع) ۾ هيءَ خاتون، پنهنجي ڀاءُ کي ماري پاڻ تخت تي ويٺي، ۽ اٺ سال بادشاهي ڪيائين. نيٺ ”سيور غتمش“ جي زال لشڪر وٺي مٿس ڪاهي آئي، ۽ کيس شڪست ڏيئي، سندس ڀاءُ جي قصاص ۾ قتل ڪيائينس. هيٺيان بيت بادشاهه خاتون جا آهن:

درون پردهء  عصمت ڪہ تڪيہ گاهِ من است،
مسافرانِ هوا راگذر بہ دشواري است،
هميشہ باد سرِ زن بزيرِ مقنعہ......
ڪہ تارو پود وي از عصمتِ نڪو ڪاري است.
 

****

 

پريجان خانم

هيءَ ايران  جي صفوي بادشاهه”طهماسپ“ پهرئين جي ڌيءُ هئي، ۽ ڏاڍي عالي دماغ ۽ حڪومت جي طلب ڪندڙ هئي. بادشاهه جي مرڻ وقت، حرمخاني جا ماڻهو ٻه طرف ٿي پيا. هڪڙا شاهه طهماسپ جي پٽ حيدر مرزا جي پاسي، ۽ ٻيا حيدر مرزا جي ڀاءُ اسماعيل مرزا جي پاسي. جو ”قهقہ“ جي قلعي ۾ قيد هو. ”پريجان خانم“ اسماعيل مرزا جي طرفدار ٿي، ۽ نيٺ، ڪوشش ڪري، انهيءَ کي ايران جو بادشاهه ڪري، تخت تي ويهاريائين. جيسين هو تختگاهه تائين آيو، تيسين هن خانم پاڻ بادشاهي پئي هلائي، جڏهن اسماعيل مرزا تخت تي قائم ٿيو، تڏهن پريجان جو هٿ سرڪاري ڪمن مان ڪڍي ڇڏيائين. جڏهن هو مئو، تڏهن ماڻهن شاهه عباس جي پيءُ، شاهه محمد کي شيراز مان بادشاهيءَ هلائڻ لاءِ گهرايو _ تيسين پريجان خانم زور ڪري حڪومت جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ لڳي. جڏهن شاهه محمد اچي تخت نشين ٿيو، تڏهن هن پريجان خانم کي مارائي ڇڏيو.

****

  

بغداد خاتون

 هيءَ امير ”چوپان “ جي ڌيءُ هئي، جو مغلن جي بادشاهه سلطان ابو سعيد وٽ امير الامراءَ هو. چوپانين جي بادشاهي چاليهه سال هلي. اُهي چنگيز خان جي اولاد مان  هئا. بغداد خاتون ڏاڍي خوبصورت، هوشيار ۽ جرائت واري هئي. هوءَ شيخ ”حسن ڪبير“ جي زال هئي، جو انهيءَ وقت جي بزرگن مان هو. سلطان ابو سعيد هن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو، ۽ انهيءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. تنهنڪري لاچار ٿي، شيخ حسن هُن کي طلاق ڏيئي ڇڏي. چون ٿا، ته چنگيز خاني بادشاهن جو دستور هوندو هو، ته جنهن جي زال ڏي رغبت ڪندا هئا، سو انهيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو هو. سلطان سعيد هن زال کي حڪومت جي ڪم ۾ اهڙو هوشيار ڏٺو، جو بادشاهيءَ جو سڄو ڪم ڪار هن جي حوالي کڻي ڪيائين _ جنهنڪري انهيءَ خاتون کي ”خنڪار“ (يعنيٰ خداونِد ڪار) سڏيندا هئا، جڏهن سلطان سعيد وفات ڪئي، ۽ ”ارپا خان“ سندس جاءِ تي بادشاهه ٿيو، تڏهن هن ”بغداد خاتونءَ تي اها تهمت آندي ته هن سلطان ابو سعيد کي زهر ڏيئي ماريو آهي _ انهيءَ عذر تي کيس مارائي ڇڏيائين.

****

 

 

 بهروزه خانم

  هوءَ شاهه اسماعيل صفوي پهرئين جي بيبي هئي، جو هجري ڏهين صديءَ ۾ ايران جو بادشاهه هو. هوءَ ڏاڍي بهادر ۽ خبردار زال هئي. ”چالدران“ واري جنگ، جا شاهه اسماعيل ، سلطان سليم خان عثمانيءَ سان ڪئي، تنهن ۾ ”بهرزوه خانم“ بادشاهه سان گڏجي وڙهي، ۽ قيد ٿي پيئي، ڪي تاريخ وارا هن جو نالو ”تاجلي خانم“ ٿا لکن، ۽ شاهه اسماعيل جي سُريت ٿا چون ۽ نه پرڻيل زال.

 ****

 

 تندو خانم

هوءَ  حُسين بن اويس جي ڌيءُ هئي، جو ترڪمان سردارن مان هڪڙو هو. هوءَ ڏاڍي حسين، بهادر ۽ قابل عورت هئي. پنهنجي چاچي، احمد بن اويس سان گڏ مصر ۾ آئي. اتي مصر جي چرڪس بادشاهن مان مَلڪ طاهر انهيءَ سان نڪاح ڪيو، پر پوءِ هن کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين، تنهن کان پوءِ، هن پنهنجي سؤٽ ”شاهه وله“ سان شادي ڪئي ۽ موٽي بغداد ۾ آئي اتي هن جو چاچو احمد مري ويو ۽ ”شاهه وله“ تخت ٿي ويٺو، پر”تندو“ مڙس کي ماري، پاڻ بادشاهي وٺي ويٺي. محمد شاهه پٽ قرا يوسف مٿس ڪاهي آيو، ۽ هڪڙو سال برابر بغداد کي گهيرو ڪري ويهي رهيو. ”تندو“ اهڙي چالاڪي ڪئي، جو لِڪي دجله نديءَ جي رستي نڪري، وڃي ”تستر“ جو قبضو ورتائين. اتي جي ماڻهن کيس سندس مڙس جي پوٽي محمود سان گڏ، حڪمرانيءَ جي مسند تي کڻي ويهاريو، پر تندو محمود کي به ماري، سنه 819هه ۾، پاڻ اڪيلي خودمختيار حڪمران ٿي. بصري ۾ عربن سان جنگ ڪيائين، وچ وارا ٻيٽ هٿ ڪيائين. نيٺ، سنه 822هه (1419ع) ۾ وفات ڪري ويئي.

 ****

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org