ارجمند بانو بيگم
هيءَ ”تيمورلنگ“ يا ”تمرلنگ“ بادشاهه جي بيبي
(زال) هئي. هن جو اصل نالو ”امة الحبيب“ هو، ۽
سلطان يزدانيءَ جي ڌيءُ هئي. جو ايران جي ”ڪاؤسي“
نسل مان هو، ۽ آتش پرست هو، جو پوءِ اسلام تي آيو
هو. هن جا ڪي وڏا به ، خليفي عمر رضه جي ڏينهن ۾
مسلمان ٿيا هئا. ”امة الحبيب“ جا پيءُ _ ماءُ
مسلمان ٿيا، ليڪن پاڻ في الحال نه ٿي _ نڪي هنن کي
زور ڪيو. هوءَ ڏاڍي هوشيار ۽ قابل هئي، تنهن ڪري
آزاد رهندي هئي. نيٺ تيرهن ورهين جي عمر ۾ هوءَ
مسلمان ٿي.
هوءَ اهڙي همت واري ۽ مرداني هئي، جو
مڙساڻي پوشاڪ ڍڪيندي هئي، ڇوڪرن وانگي علمي توڙي
جنگي تعليم وٺندي هئي، ۽ گهوڙي سواري، تير اندازي
۽ سپاهگيريءَ جو هنر چڱي طرح سکي. شريف ماڻهن جي
صحبت ۾، هن جي اخلاقي تعليم به گهڻي وڌي. تنهن
کانپوءِ، هوءَ ڀرتي ٿي. بادشاهي جنگي مدرسي ۾
سورهن مهينا وڃي رهي، جنهن ۾ هن کي جنگي عملدار
ٿيڻ جي سَنَد ملي. گهڻن شهزادن ۽ وڏن ماڻهن شاديءَ
لاءِ ڇڪيس، پر هن سڀني کي جواب ڏيئي ڇڏيو، جو
ڄاتائين ته بهادر عورت جي لاءِ اهو هڪڙو قيد ۽ بند
آهي.
اڻويهين ورهين جي عمر ۾ هوءَ تُرڪي جي
سلطان ”بايزيد، جي فوج ۾ وڃي بيٺي، ۽ سگهوئي
پنهنجي هوشياريءَ، چالاڪيءَ، ايمانداريءَ ۽
عقلمنديءَ جي ڪري ”ليفٽيننٽ“ جو عهدو حاصل ڪيائين.
هيءَ خوبصورت عورت، چوويهن ورهين تائين فوجي
نوجوانن جي وچ ۾ اهڙيءَ پاڪدامنيءَ سان رهي، جيئن
ڪا ڀيڻ پنهنجن ڀائن جي وچ ۾ رهي. سلطان بايزيد هن
جي جرائت ۽ بهادريءَ جي بيحد تعريف ڪندو هو، ۽
ڏاڍا گهڻا انعام ڏيندو هوس.
انهيءَ وقت ڌاري بايزيد جي تميور بادشاهه
سان جنگ شروع ٿي، ۽ ”امة الحبيب“ به انهيءَ جنگ ۾
وڙهي. آخر بايزيد کي شڪست آئي، ۽ ”امة الحبيب“
ٻين بهادرن سان گڏ قيد ٿي پيئي. انهيءَ وقت هن کي
زرهه ۽ هَود پيل هو، ۽ هٿيار لڳل هوس. تيمور هن کي
دشمن جي طرف وارن مان، سڀني کان زياده بهادريءَ ۽
همت سان وڙهندي ڏٺو هو، تنهنڪري هن ڏي سندس خاص
ڌيان ٿيو. هن جي ڪشادي پيشاني، ڪشادو سينو، مضبوط
هٿ _ پير ۽ خوبصورت شڪل ڏسي، سڀڪو حيران ٿي ويو.
جڏهن پهريندي سڀ قيدي آيا، تڏهن تيمور حڪم ڪيو ته
سڀني کي قتل ڪريو. هيءُ حڪم ٻڌي، ”امة الحبيب“
تيمور جهڙي شوخ، ضدي ۽ خونخوار بادشاهه کي جرائت
ڪري، عرض ڪيو ته ”اي امير، مون کي ڪو عرض ڪرڻو
آهي، ۽ جيسين آءٌ پنهنجيءَ دل جو احوال ڪري نه
رهان، تيسين مون کي روڪ نه ٿئي“. تيمور جي اجازت
ملڻ تي هن هڪڙي ڏاڍي دلچسپ تقرير ڪئي، جنهن جو
مختصر مطلب هي هو ته ”اي بادشاهه، تو جو بي سبب
بايزيد تي چڙهت ڪئي، ۽ هزارن خدا جي بيگناهه بندن
جي خونريزي ڪئي، سو تو اهڙو ڳرو گناهه ڪيو آهي،
جنهن جو ٻوجهه قيامت تائين تنهنجيءَ گردن تي رهندو
تو ڏاڍيءَ بيرحميءَ سان ستر هزار بيگناهه تُرڪ
ٺڳيءَ سان سُرنگهه جي وسيلي اڏائي ڇڏيا، ۽ انهن جي
پيارن ٻچن کي يتيم، ۽ زالن کي بيوهه ڪيو. بوجو
توکي يقين رکڻ کپي ته تو انهن بهادر ترڪن جي رت ۾
پنهنجي گهوڙي جا سُنب نه ڀريا، پر اسلام جي بيخ
ڪني ڪئي، ۽ جن مسلمانن يورپ ۾ فتحون ڪيون، ۽ ڪيئي
بادشاهتون زير و زبر ڪيون، تن تي تو بيرحمي ۽ ظلم
ڪيو! جيتوڻيڪ بادشاهه بايزيد، نياز سان، خلق جي
بچاءَ لاءِ، توکي صلح جو پيغام موڪليو ته به تو هٺ
۽ وڏائيءَ کان هن جي ڳالهه نه مڃي: پڪ ڄاڻج ته نيٺ
هڪڙي ڏينهن تنهنجي به حياتي پوري ٿيندي، ۽ خدا جي
اڳيان توکي حاضر رهڻو پوندو _ پوءِ انهيءَ جي سوال
جو ڪهڙو جواب ڏيندين؟ آءٌ هن بابت ٻيو وڌيڪ چوڻ
نٿي گهران، فقط هيترو عرض ڪريان ٿي ته جڏهن اسين
سڀ قيدي ٿيا آهيون، ۽ اسان جا هٿ پير زنجيرن سان
ٻڌل آهن. تڏهن تون اهو ڪهڙو بُزدلي ۽ نفرت جهڙو
حڪم ٿو ڏين ته هن بيوسيءَ جي حالت ۾ اسان کي قتل
ڪن!“ ائين چئي، ”امة الحبيب“ مٿي مان پنهنجو لوهه
جو خود لاهي هيٺ اچلايو، ۽ چوڻ لڳي ته ”ڏس، ڏس! اي
بادشاهه، آءٌ هڪڙي ناتجربيڪار عورت آهيان: انهيءَ
مان ئي تون کڻي قياس ڪر ته جنهن قوم جون زالون
اهڙيون بيڊپيون ۽ همت واريون آهن، تن جا مرد ڪهڙا
نه بهادر ۽ دلير هوندا!“.
تيمور توڙي ٻيا درٻاري، هن جي گفتگو ٻڌي ۽
هن جي صورت ڏسي، حيران ٿي ويا. تيمور جهڙي زبردست
۽ قهار شخص هن کي نرميءَ سان فقط هيترو چيو ته ”اي
بهادر خاتون، جيڪي تو چيو سو سڀ درست ۽ بجا آهي،
ليڪن حقيقت هي آهي ته جدا جدا فتحن حاصل ٿيڻ ڪري،
اسان کي هيءُ نئون خيال دل ۾ آيو، هاڻ وڃ، مون
توکي ۽ تنهنجن نثار قيدين کي معافي ڏني.“
هيءُ ٻڌي، ”امة الحبيب“ بادشاهه کي سلام
ڪيو، ۽ پنهنجن همراهن سميت آزاد ٿي، وري وڃي
بايزيد جي لشڪر سان گڏي. هن جي وڃڻ کانپوءِ تميور
شاهه سلطان يزدانيءَ ڏي ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ جو پيغام
موڪليو. هن تميور کي خونخوار بادشاهه ڄاڻي انڪار
ٿي ڪيو، پر جڏهن ڌيءُ سان صلاح ڪيائين ۽ هن جو
اعتراض ڪونه ڏٺائين، تڏهن قبول ڪيائين. تيمور ڏاڍو
خوش ٿيو، ۽ ٻئي ڏينهن يارهن هزار فوج وٺي ”جبل
الطير“ جي ميدان ۾ آيو، جتي يزدانيءَ جي ٻاويهه
هزار فوج لٿل هئي، اتي هن جو نڪاح ٿيو، ۽ تيمور
ڪابِين ۾ چين جو ملڪ لکي ڏنو. يـزدانيءَ به
پنهنجيءَ ڌيءُ کي ججهو ڏاج ڏيئي ۽
چڱيون نصيحتون ڪري رخصت ڏني، ۽ ”امة الحبيب“
شاهي محلات ۾ اچي داخل ٿي. سندس نالو
مٽائي، ”حميده بانو بيگم“ رکيو ويو. جيتوڻيڪ تيمور
کي اڳيئي ٽي بيگمون ٻيون به هيون، ته به هن بيگم
سگهوئي پنهنجي ظاهري ۽ باطني حسن، روشن دماغيءَ،
بيدار مغزيءَ چڱن اخلاقن ۽ عادتن جي ڪري، نه رڳو
تيمور جهڙي جابر ۽ قهار بادشاهه کي، پر ساري
حرمسراءِ جي بيگمن کي موهي ڇڏيو، ۽ اهڙي هر دلعزيز
ٿي ويئي، جو ڳالهه ڪرڻ کان ٻاهر! انهيءَ کانپوءِ
جڏهن به ڪڏهن بادشاهه جنگ تي ويندو هو، تڏهن حميده
بانو بيگم ساڻس رهندي هيس، ۽ اڪثر خوفناڪ وقتن ۽
هنڌن تي، هٿيار ڍڪي، بهادرن جهڙي جوانمردي
ڏيکاريندي هئي.
هڪڙي ڀيري ”اصطخر“ جي حاڪم شريف حسن فساد
ڪيو، ۽ باغي ٿيو، حميده بانو، زور ڪري بادشاهه جي
اجازت وٺي، ٻارهن هزار فوج ساڻ ڪري اوڏي وئي، شريف
حسن، ٺڳي ڪري ڏانهنس نياز نامو لکيو، جنهن ۾ هن
عذر خواهي ڪئي ۽ معافي گهري، ۽ لکيائين ته جنهن
وقت بيگم ايندي، تنهن وقت قلعي جو دروازو کولي
ڇڏيندس. انهيءَ تي ڀروسو ڪري، بيگم منزلگاهه ۾
بيخبر سُتل هئي، ته رات جو اوچتو دغاباز شريف حسن
لشڪر سميت اچي مٿن پيو ۽ بيگم تنبوءَ کي گهيرو ڪري
ويو. حميده بانو بيگم هڪدم اُٿي، ۽ هٿيار ڍڪي
اڪيلي ٻاهر آئي. ڊڄڻ کانسواءِ، هڪل ڪري چيائين ته
”اي دغا باز ٺڳ شريف حسن، ڪٿي آهين؟ نڪري هيڏي
ٿيءُ ۽ پنهنجي بهادري ڏيکار!“ شريف حسن جو جوان پٽ
سندس سامهون آيو، تنهن کي جهٽ ۾ هڻي ڪيرائي
وڌائين، پوءِ لشڪر ۾ تير هڻن لڳي. شريف حسن جو حڪم
هو ته هن کي ماريو نه، پر جيئرو قيد ڪريو. ايتري ۾
بيگم جا پهري وارا پنج سئو سوار به ٿيار ٿي اچي
پهتا ۽ پيادا به آيا، پوءِ دشمن جي وچ ۾ ڪاهي پيا.
بيگم خود پنهنجيءَ ترار سان ڪيترائي ماڻهو ماري
وڌا، دشمن کي خوف ٿيو، جو سمجهائون ته سڄو لشڪر
اچي اسان تي ڪاهي پيو آهي، سي ڊپ ۾ اٿي ڀڳا ۽
حميده بانو بيگم فتحياب ٿي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ هن
کي تمام گهڻا زخم رسيا. اُتان ڪوچ ڪري، ٽيهن ميلن
جي مفاصلي تي ”سلطانيه“ جي ڳوٺ ۾ اچي منزل ڪيائين،
جتي ڦٽن جو علاج ڪيائين، ۽ سگهوئي ڇُٽي چڱي ڀلي
ٿي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ بيگم جا ٽي هزار ماڻهو ماريا
۽ گهڻا زخمي ٿيا. انهيءَ هوندي به، هن بهادر بيگم
وري ”اصطخر“ تي ڪاهيو، ۽ باغي حاڪم سان وڃي وڙهي.
نيٺ يارهين ڏينهن قلعو فتح ڪيائين. شريف حسن جنگ ۾
مارجي ويو، ۽ هن جي زال ۽ ٻار گرفتار ٿي هن وٽ
آيا. انهن سان هن ڏاڍي مهربانيءَ جي هلت ڪئي. پوءِ
”اصطخر“ ۾ ٻيو هڪڙو معتبر فوجي عملدار ڇڏي، پاڻ
موٽي تيمور وٽ آئي.
هيءَ بيگم، عربي ۽ فارسي زبان کانسواءِ،
چيني ۽ زردشتي ٻولي به ڄاڻندي هئي، ۽ راڳ يا علم
موسيقيءَ ۾ به ماهر هئي، شاعره به هئي. عربيءَ ۽
ترڪي زبان ۾ شعر چوندي هئي _ اڪثر انهيءَ جو مضمون
بهادريءَ ۽ همت جو هوندو هو. حاضر جواب في البديهه
شعر چوڻ واري به ڏاڍي هئي، نثر ۾ به چڱي انشاء
پردازي ڪندي هئي. گهڻا فرمان سرڪاري عهديدارن ڏي
سندس هٿ جا لکيل هوندا هئا، ۽ جيڪي رپورٽون يا
عريضيون بادشاهه وٽ اينديون هيون، تن جا جواب به
بادشاهه جي حڪم سان هوءَ پاڻ لکندي هئي. هن ڪي
ڪتاب به تصنيف ڪيا _ خاص ٻه ڪتاب جي تميور جي مرڻ
کانپوءِ هن قسطنطنيه ۾ رهي لکيا، تن مان هن جي
قابليت ثابت ٿئي ٿي. هڪڙي جو نالو”خواتين ترڪي“
آهي. ۽ ٻئي جو امير تميور جا ”فتوحات
هنديه“.پهريون تمام وڏو ڪتاب آهي. جو ترڪيءَ جي
شريف زالن بابت آهي، ۽ انهيءَ ۾ زالن کي چڱيون
چڱيون نصيحتون به ڪيل آهن، ۽ ٻيو ڪتاب ”فتوحات“ ته
هڪڙو تاريخي خزانو آهي، جنهن ۾ امير تيمور جي
بهادرين، عادتن، اخلاقن، توڙي ٻئي ملڪي ۽ قومي
احوال جو بيان آهي. انهن ٻنهي ڪتابن جو فرانسيسي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي، ۽ انهيءَ مان وري ٻين
يورپي ٻولين ۾ به ترجمو ٿيل آهي.
حميده بانو بيگم کي سبڻ _ ڀرت ڀرڻ جو به
شوق هوندو هو، ۽ زرهون به ٺاهي ڄاڻندي هئي، تيمور
بادشاهه سندس هٿ جون جڙيل زرهون جنگ ۾ ڍڪيندو هو،
هڪڙي ڳالهه سا هن جي بابت ناخوشيءَ جهڙي هئي، ته
هوءَ دين اسلام جي سخت پابند نه هئي، نڪي پنج ئي
وقت نماز پڙهندي هئي _ فقط نالي جي مسلمان هئي.
بلڪ ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ ته پنهنجي اڳوڻي زردشتي
مذهب ڏي ميل رکندي هئي. هن جا مذهبي خيال هڪڙي وڏي
خط مان معلوم ٿا ٿين. جو هن هڪڙي مشهور آتش _ پرست
سردار ڏي لکيو هو. اهوئي سبب آهي جو عربي نويس هن
کي اڪثر مُلحد ۽ ڪافر سڏيندا آهن.
مٿي چيو ويو آهي ته تيمور کي ٻيون به ٽي
بيگمون هيون: انهن مان ٻه تميور جي حياتيءَ ۾ مري
ويون. ۽ باقي حميده بانو بيگم ۽ فخر النساءَ بيگم
رهيون. جڏهن تيمور سخت بيمار ٿيو، تڏهن حميده،
پيار مان پڇيس ته ”حضور، منهنجي لاءِ ڪهڙو حڪم
آهي؟“ تيمور چيو ته پياري حميده، آءٌ حڪم ڪريان ٿو
ته مون کان پوءِ توکي تخت تي ويهارين“. پوءِ ته
سگهو ئي تيمور مري ويو، ۽ حميده بيگم جو ماٽيجو
پٽ، يعني فخرالنساء جو پٽ ميرالنشاهه، ٻين ڪن
سردارن سان ڏاڍي ڪُشت خون ڪرڻ کانپوءِ بادشاهه ٿي
تخت تي ويٺو. حميده بانو بيگم، پنهنجو زر ۽ جواهر
ساڻ کڻي، سڌي گرجستان جي تخت شهر ”ٽفلس“ ۾ وڃي رهڻ
لڳي.
تيمور بادشاهه 36 ورهيه بادشاهي ڪئي، ۽
سنه 807هه (1404ع) ۾، ايڪهتر ورهين جي عمر ۾ وفات
ڪيائين. حميده بانو بيگم کي تميور مان ست ٻار ٿيا،
پر اهي سڀ ننڍي هوندي ئي مري ويا، تنهن ڪري اولاد
جي نه هئڻ ڪري، هوءَ ڪتابن پڙهڻ سان دل وندرائيندي
هئي. پردو ڪونه ڪندي هئي، ۽ باغن، جهنگلن ۽ بازارن
۾ گهوڙي تي چڙهي گهمندي هئي. گهڻن خود غرض سردارن
کيس مخفي طرح چيو ته ”جي چوين ته اسين ميرالنشاهه
کي ماري، توکي تخت تي ويهاريون، جيئن تيمور
بادشاهه جي مرضي هئي، مگر هن نيڪ خاتون کي
بادشاهيءَ جي لالچ نه ٿي، ۽ هنن کي صاف چيو ته
”مون کي دين ۽ دنيا جي سرخرو ئي گهرجي.“
ٽفلس ۾ جڏهن حميده بانو بيگم جي نسبت ۾
خوف جون خبرون اُٿڻ لڳيون، تڏهن هوءَ وري قسطنطنيه
۾ اچي رهي، جتي وفات ڪيائين. حميده بانو بيگم وٽان
مُئي کانپوءِ، ڪو مال خزانو ڪونه نڪتو. هڪڙو وڏو
ڪتبخانو نڪتو، جنهن ۾ اٽڪل پوڻا ٻه لک ڪتابن جا
هئا. انهن مان گهڻا مڙئي علم هيئت ۽ تاريخ جا هئا.
هن جي عمر پوري اڻهٺ ورهيه هئي. ٽن ڏينهن جي تپ
کان پوءِ وفات ڪري وئي.
|