بادشاهه بيگم
هيءَ بيگم، اورنگزيب عالمگير بادشاهه جي ڌيءُ ۽
محمد اعظم شاهه جي حقيقي ڀيڻ هئي، جو پڻ ”دلرس
بانوءَ جي پيٽان هو، هن کي دستور موجب، ننڍي
هوندي کان قرآن شريف پڙهائڻ کانپوءِ مذهبي تعليم
ڏني ويئي. ٿورن ورهين ۾ هوءَ لکڻ پڙهڻ ۾ ڏاڍي
هوشيار ٿي. ذهن تمام چڱو هوس، تنهن ڪري هڪڙو ٻڍو
عالم پڙهائڻ لاءِ رکي ڏنائونس، جنهن ضروري علم سڀ
سيکاريس. بادشاهه پاڻ مذهب جو پابند هو، سو اڪثر
هن جو امتحان وٺندو هو، ۽ هن جي ترقي ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيندو هو. هڪڙي ڀيري عالمگير ڪنهن جنگ کان موٽي
آيو، تڏهن درٻار جي شاعرن فتح جي مبارڪباديءَ لاءِ
ڪي قصيدا پيش ڪيا، بادشاهه بيگم به هڪڙو قطعو
جوڙي محلات جي بيگمن جي طرفان موڪليو. بادشاهه خوش
ٿيو، مگر هو اڪثر شعر کي پسند نه ڪندو هو، تنهن
اُنهيءَ ڪاغذ جي پٺيان لکيو ته ”برخوردار من!
شاعريءَ جي اجائي ۽ لاحاصل مشغوليءَ ۾ رهڻ توکي
مناسب نه آهي. هيءُ هنر، جو فخر جي لائق آهي، ته
عام ماڻهن لاءِ آهي، نه عزت ۽ اعليٰ درجي وارن
ماڻهن لاءِ،“ انهيءَ وقت کان وٺي، شهزاديءَ
شاعريءَ کان توبهه ڪئي، ۽ رڳو مذهب جي ضروري علم،
۽ رياضي ۽ هيئت جي علمن جو محاورو ڪندي هئي. قرآن
شريف سان خاص محبت هوندي هيس. هن جي علمي لياقت
ڏسي، بادشاهه کيس گهڻو پسند ڪندو هو. شهزاديءَ
”بدر النساء“ جي ماءُ نواب ٻائيءَ کي ريس ٿيندي
هئي، ۽ بادشاهه کي چوندي هئي ته تون ”دلرس بانوءَ“
جي اولاد جي پاسداري ٿو ڪرين. بادشاهه ٻنهي ڀيڻن
جو سندس روبرو امتحان وٺندو هو، جنهن ڪري نواب
ٻائي شرمندي ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ بدر النساء به
گهڻو پڙهيل هئي، ته به بادشاهه بيگم ڏاڍي ذهين ۽
قابل هوندي هئي.
بادشاهه بيگم ڏاڍي خوبصورت هئي، ۽ شرم ۽ حيا به
گهڻو هوندو هوس. علم ۽ تدبر، دانائي ۽ بردباريءَ،
۽ عالي حوصلگيءَ ۽ فياضيءَ ۾ محلات جي بيگمن ۾
لاثاني هئي. عالمگير جهڙو خبردار ۽ خدا پرست
ماڻهو، جو هن جي تعريف ڪندو هو، سو بي سبب نه هو.
جيتوڻيڪ هوءَ فضول خرچ ۽ اسراف واري نه هئي، ته به
خير ۽ فيض جا ڪم گهڻا ڪيائين. فيض الله خان ڪوڪو،
جو بادشاهه بيگم جو ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ هو، ۽ ڏاڍو
صالح ۽ پرهيز گار ماڻهو هو، سو ديوانو ٿي پيو،
تنهن تي هن ڪيترائي هزار رپيا خرچيا ۽ ٻيا به
گهڻائي فيض جهڙا ڪم ڪيائين.
****
صاحب جي بيگم
هيءَ بيگم، اميرا لامراء نواب علي مراد خان جي
ڌيءُ هئي، جو شاهجهان بادشاهه جي راڄ ۾ سڀني اميرن
کان مٿي هو، ۽ ڪشمير ۽ پنجاب جي صوبن جو حڪم هو.
بلخ جي اُزبڪ بهادرن سان جنگ ڪرڻ ۾ هن نالو ڪڍيو
هو. هڪڙي ڀيري هن بادشاهه کي پاڻ وٽ مانيءَ جي
دعوت ڏني هئي، ته سئو رڪابيون سون جون ڍڪن سان، ۽
ٽي سئو چانديءَ جون، دسترخاني تي رکيون هئائين. هن
لاهور ۾ راوي نديءَ مان هڪڙي نهر شهر ۾ آندي هئي،
جنهن جي ڪناري تي مشهور ”شالامار باغ“ تيار ٿيو،
جنهن تي اٺ لک رپيا لڳا. انهيءَ نواب جي اها ڌيءُ،
امير خان ”مير ميران“ جي زال هئي، جو ڪابل جو
مشهور حاڪم هو. ڪابل ۾ مغلن جي بادشاهيءَ منجهه
تمام گهڻا فساد ۽ جنگيون ٿيون هيون. عالمگير جي
زماني ۾ به افغانن فساد ڪيو، ۽ ايمن خان بادشاهه
ٿي ويٺو، تنهن کي جيتي، بادشاهه حڪومت امير خان جي
حوالي ڪئي، جنهن بهادريءَ سان فساد بند ڪيو، ۽
عقلمنديءَ ۽ تجويز سان ماڻهن کي ٺاهي فرمانبردار
ڪيو. هيءَ بيگم ڪابل جي حڪمرانيءَ ۽ انتظام ۾ مڙس
سان شامل ۽ شريڪ رهندي هئي، ۽ انهيءَ جي مشورت سان
ملڪرانيءَ جو ڪم تمام چڱي طرح هلندو هو.
هڪڙي ڀيري اورنگزيب عالمگير بادشاهه، رات
جي وقت خلاصگيءَ ۾، صوبن جون رپورٽون پئي پڙهيون،
ته ڪابل جي رپورٽ ۾ هن نواب امير خان جي وفات جي
خبر لکيل ڏٺي. بادشاهه کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي. ڪابل جي
فسادي ماڻهن جو حال سجهيس ٿي. نواب ارشد خان، جو
گهڻا ڏينهن ڪابل ۾ ديوان ٿي رهيو ۽ اُتي جو چڱو
واقف هو، تنهن کي هڪدم گهرائي چيائين ته ”امير خان
مري ويو. اهڙي سرڪش ملڪ جو حاڪم کان سواءِ رهڻ،
خوف کان خالي نه آهي _ ڊپ آهي ته ٻئي صوبيدار جي
پهچڻ کان اڳي، بغاوت نه پکڙجي وڃي“. ارشد خان جرﺃت
ڪري عرض ڪيو ته قبلا، امير خان جيئرو آهي، ڪير ٿو
چوي ته مري ويو آهي“! بادشاهه چيو ته ”ڪابل جي
رپورٽ ۾ ائين لکيل آهي“ ارشد خان چيو ته ”حضور،
اهو برابر هوندو، مگر افغانستان جي حڪومت جو
انتظام ”صاحب جي بيگم“ جي عقلمنديءَ ۽ سياڻپ تي
منحصر آهي، جيسين اُها اُتي هوندي، تيسين بد
انتظاميءَ جو ڊپ ڪونهي.“ بادشاهه هڪدم فرمان جاري
ڪيو ته ”جيسين شهزادو شاهه عالم ڪابل ۾ اچي، تيسين
اها بيگم حاڪم ٿي رهي“.
انهيءَ وچ ۾ صاحب جي بيگم کي ڏاڍيون مشڪلاتون پيش
آيون، جي هن بهادريءَ سان اُڪاريون. خوفناڪ
ڪوهستان مان صحيح سلامت لشڪر وٺي اچڻ، ڏاڍن
جوانمردن جو ڪم آهي. هيءَ بيگم، لشڪر جو انتظام
قائم رکي، اهو ڪوهستان لنگهي، ميدان ۾ آئي. پنهنجي
مڙس امير خان جي مرڻ جي ڳالهه بلڪل ڳجهي رکيائين.
هڪڙو شخص پنهنجي خير خواهن مان، جنهن جي امير خان
جهڙي شڪل هئي، تنهن کي انهيءَ جي پوشاڪ ڍڪائي ۽
آئينه دار پالڪيءَ ۾ ويهاري، فوج کي منزل بمنزل
ڪوچ ڪرائيندي آئي. سپاهين توڙي عملدارن _ سڀني
ائين پئي ڄاتو ته سردار جيئرو آهي، ۽ ڏهاڙي صبح جو
دستور موجب، پالڪيءَ وٽ اچي سلام ڪري ويندا هئا.
جڏهن لشڪر ڪوهستان لنگهي ميدان تي آيو، تڏهن هن
بيگم حقيقت جي ڳالهه ظاهر ڪئي، ۽ پاڻ مڙس جي
ماتمداريءَ ۾ ويٺي. افغان سردار سڀ پري پري کان
تعزيت جي لاءِ آيا، ۽ انهيءَ عذر سان اچي هنن لشڪر
جو بندوبست تمام پورو ڏٺو، جنهن ڪري فساد جو خيال
دل ۾ نه آين. بيگم هنن کي ڏاڍي عزت ۽ آبروءَ سان
ملي. جڏهن هو معذرت ڪري پنهنجن پنهنجن جاين تي
ويا، تڏهن بيگم چوائي موڪلين ته ”جيڪڏهن بادشاهه
جي فرمانبرداريءَ ۾ هليا ايندؤ، ته اوهان جو جيڪو
وظيفو مقرر آهي، سو دستور موجب پيو ملندوَ، پر جي
فساد يا سرڪشيءَ جو خيال هجيوَ ته بسم الله، آءٌ
به تيار آهيان ۽ منهنجو لشڪر به تيار آهي، اچو ته
ميدان ۾ فيصلو ڪريون. جي آءٌ زال ماڻهو فتحياب
ٿيس، ته قيامت تائين منهنجو نالو مشهور رهندو، پر
جي خدانخواسته اوهين فتحياب ٿيؤ، ته زال ماڻهوءَ
سان جنگ ڪرڻ ۽ جيتڻ ڪري اوهان جو نالو نه ٿيندو،
بلڪل بدنامي ٿينديوَ_ ۽ فساد کي ته پوءِ بادشاهه
پاڻ به نيٺ بند ڪري سگهندا“ افغان سردارن کي پڪ
هئي ته ”صاحب جي بيگم“ ڪا رواجي بيگم نه آهي، سو
هڪدم سر جهڪائي فرمانبردار رهيا، ۽ آئيندي جي خير
خواهيءَ جو انجام ڪري، پنهنجي پنهنجي وطن هليا
ويا. شاهه عالم کي ڪابل پهچڻ تائين گهڻو وقت لڳي
ويو، تيسين ”صاحب جي بيگم“ بلڪل خاطر خواهه
بندوبست رکيو آئي.
ٻه ورهيه برابر هن ڪابل جو انتظام رکيو، ۽
اتي جي حڪومت هلايائين، پوءِ برهانپور ۾ شاهي
درٻار ۾ اچي حاضر ٿي، جتي بادشاهه تمام گهڻو مانُ
ڏنس، ۽ تنهن کانپوءِ، بادشاهه کان موڪل وٺي، حج
پڙهڻ ويئي. عربستان ۾ به هن سخاوت حد کان وڌيڪ
ڏيکاري . مڪي جا شريف ۽ ٻيا معزز ماڻهو، سندس
استقبال لاءِ اڳيان آيا.
”صاحب جي بيگم“ کي پنهنجو اولاد ڪونه هو،
پنهنجي مڙس جو اولاد هوس، جنهن کي هوءَ پنهنجي
اولاد وانگي سنڀاليندي هئي. اُهي، هن بادشاهه جي
برهانپور واريءَ درٻار ۾ کيس حوالي ڪيا، جن کي
بادشاهه چڱا چڱا عهدا ڏنا.
هڪڙي ڀيري ”صاحب جي بيگم“ جي پالڪي هڪڙي
گهٽيءَ مان لنگهيو ٿي وئي، ته اوچتو هڪڙو مست
بادشاهي هاٿي سندس سامهن آيو. بيگم جي چوبدارن
گهڻو ئي پيلبان کي رڙيون ڪري چيو ته هاٿيءَ کي
پاسي ڪر، پر هو ڪجهه به ڪري نه سگهيو. جڏهن هاٿي
سڌو پالڪيءَ کي ويجهو آيو، تڏهن بيگم جي ماڻهن
انهيءَ کي سونڊ ۾ تير هنيا. هاٿيءَ ڪابه پرواهه
ڪانه ڪئي. ۽ هڪدم پالڪيءَ تي سونڊ لاتائين. ڪهار،
ڊپ کان پالڪي زمين تي اڇلائي، هڪڙي پاسي ڀڄي ويا.
بهادر بيگم بيحواس نه ٿي: جيئن هاٿيءَ جي سونڊ
پالڪيءَ تي آئي، تيئن ٽپ ڏيئي، پالڪيءَ مان لهي،
پاسي واري هڪڙي صراف جي دڪان ۾ گهڙي ويئي، ۽ در
بند ڪري ڇڏيائين. پر، انهيءَ ڳالهه جي ڪري امير
خان ڏاڍو ڪاوڙيو، جو چيائين ته بيگم پردو ڇڏي ٻاهر
نڪتي. ٿوري عرصي کانپوءِ، بادشاهه جي سمجهائڻ سان،
هنن جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو. بادشاهه چيس ته ”بيگم
ائين ڪرڻ سان پنهنجو به پردو رکيو، ۽ تنهنجي به
ناموس قائم رکيائين، جي هاٿي سونڊ ۾ کڻي پري
اڇلائي ڇڏييس ها ته ڪهڙو حال هئي ها؟“
****
پونجي خاتون
هيءَ خاتون دکن هندستان جي بادشاهه، يوسف عادل
شاهه، جي بيبي هئي. انهن ڏينهن عادل شاهي گهراڻي
جو تخت _ شهر بيجارپور هو.
سنه 916هه (1510ع) ۾ جڏهن يوسف عادل شاهه
وفات ڪئي، تڏهن سندس صغير پٽ اسماعيل عادل شاهه
تخت تي ويٺو، ۽ڪمال خان دکني نائب السلطنت مقرر
ٿيو، جو ننڍڙي شهزادي جي نالي تي حڪومت هلائيندو
هو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ کي دل ۾ خيال آيو ته ”ڇو نه
اهو نالو به لاهي ڇڏيان، ۽ آءٌ خود بادشاهه ٿيان!“
پونجي خاتونءَ کي سندس ارادي جي خبر پئجي ويئي،
تنهن ڪوشش ڪئي ته ڪمال خان کي برطرف ڪريان، پر
درٻار جا امير ۽ فوج جا سردار سڀ ڪمال خان جي
حوالي هئا _ هوءَ ويچاري ڇا ڪاري ٿي سگهي؟ هن کان
سواءِ ٻيو چارو ڪونه ٿي ڏٺائين، ته يا ڪمال خان کي
گم ڪجي، يا عادل شاهي خاندان گم ٿي وڃي. هن وجهه
ڏسي، يوسف تُرڪ کي، جو صغير شهزادي اسماعيل جو
”ڪوڪ“ يا ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ هو _ سمجهائي، ڪمال خان
ڏي موڪليو، جنهن ماٺ ماٺ ۾ هڪڙي ئي خنجر جي ڌڪ سان
ڪمال خان کي پورو ڪري ڇڏيو. يوسف ته هڪدم پڪڙيو
ويو، ۽ اُتي جي اُتي قتل ڪيو ويو.
ڪمال خان جي ماءُ، انهيءَ وقت ڪمال خان جي
پٽ صفدر خان کي سڏي، کيس همٿايو ته”اسماعيل عادل
شاهه ۽ پونجي خاتون کي ماري، تون تخت تي ويهي رهه،
جو اهو وجهه چڱو آهي، ۽ ساري فوج توسان شامل
رهندي“. پوءِ سمجهايائينس ته ”پيءُ جي مرڻ جي خبر
ظاهر نه ڪر، ماڻهن کي وڃي چئو ته ڪمال خان ٿو چوي
ته مون کي اسماعيل عادل شاهه جي سسي گهرجي، سا
لاهي آڻي ڏيو“ .
پونجي خاتون کي اڳئي ئي سُجهيو ٿي ته اسان
تي آفت اچڻي آهي. قلعي ۾ انهيءَ وقت ڪمال خان جي
طرف جا ٽي سئو مغل ۽ ٻه سئو دکني ۽ حبشي سپاهي
موجود هئا، انهن کي پونجي خاتون سڏي چيو ته ”اوهان
کي خبر آهي ته هيءُ تخت عادل شاهه جو آهي، اسماعيل
اڃا ٻار آهي، ڪمال خان، اسان کي برطرف ڪري، پاڻ
بادشاهه ٿيڻ ٿو گهري: اوهان مان جيڪي اسان جا
خيرخواهه، طرفدار ۽ وفادار آهن. سي قلعي ۾ رهي
اسان جي مدد ڪريو، ۽ جيڪي پنهنجو ساهه پيارو ڪن،
سي قلعي مان نڪري وڃن. اوهين دشمنن جي گهڻائيءَ
کان نه ڊڄو ڪمال خان کي پنهنجي نمڪ حرامائيءَ جي
پاڻيهي سزا ملندي“. پڪ هئي ته اهڙيءَ حالت ۾ ڪير
ٿو پونجي خاتون جو طرف وٺي؟ ٽن سون مغلن مان اڍائي
سئو، ۽ حبشين ۽ دکنين مان فقط سترهن سپاهي پونجي
خاتون جا طرفدار ٿيا، ٻيا سڀ، قلعي مان نڪري، وڃي
صفدر خان سان گڏيا. اها عقلمندي ڪري. هن خاتون
دشمنن کي قلعي مان ڪڍي ڇڏيو، نه ته جيڪر پهرين
خود انهن مان خرابي پهچيس ها، تنهن کانپوءِ هن
هيئن ڪيو جو چئني پاسن کان قلعو کڻي بند ڪيائين،
انهن ٻن _ ٽن سون سپاهين کي محلات جي ڇت تي بيهاري
ڇڏيائين، ۽ پاڻ پونجي خاتون، دلشاد آغا خواجه
سراءِ، يوسف عادل شاهه جي ڀيڻ، ۽ ٻيون ڪي زالون،
اسماعيل عادل شاهه سان گڏ، تير _ ڪمان هٿ ۾ کڻي،
ڇت تي بيهي رهيون. صفدر خان وڏو لشڪر وٺي قلعي تي
ڪاهي آيو. ڇت تان پونجي خاتون ۽ سندس طرفدارن،
انهن تي پهڻ آڻي وسايا، اتفاق سان، انهيءَ وقت
مصطفيٰ آقا، عادل شاهي خاندان جو هڪڙو قديم نمڪ
حلال سردار، پنجاهه توبون توپچين سميت وٺي، خاتون
جي مدد لاءِ اچي نڪتو _ اُهي مٿي اچي توبون هڻن
لڳا، صفدر خان پنهنجيءَ ماءُ جي حڪم پٺيان، موٽي
ويو ته وڏيون توبون آڻي قلعي کي ڀڃي ڀوري اُڏائي
ڇڏي. پونجي خاتون ۽ ٻين زالن ڏٺو ته جي اهي توبون
آيون، ته پوءِ اسين ڪي به ڪري نه سگهنديونسين،
انهيءَ کان اڳي ڪا تجويز ڪبي، ته ڪري سگهبي. سو،
سڀني اهو ٺهراءُ ڪيو ته مرد سپاهي سڀ لڪي وڃن، ۽
زالون اتي بيٺيون رهن دشمن سمجهندو ته سپاهي زالن
کي قلعي ۾ ڇڏي، پاڻ ڀڄي ويا آهن. نيٺ ائين ڪيائون
_ سپاهي هيڏي هوڏي لڪي ويا، ۽ زالون بيهي رهيون.
دشمنن جڏهن فقط زالن کي ڏٺو ، تڏهن خوش ٿي قلعي تي
ڪاهي آيا، ۽ قلعي جو دروازو ڀڃي وڌائون، زالن آڱر
به نه چوري بيٺي تماشو ڏٺائون. صفدر خان مرضي هئي
ته پهريون دروازو ڀڃي ٻيو به ڀڃي، ته اوچتو لڪيل
سپاهين ٻاهر نڪري مٿن اهڙي زور سان حملو ڪيو، جو
هي بيهي نه سگهيا. انهيءَ طرح، ٻن _ ٽن سون ماڻهن،
هڪڙيءَ وڏيءَ فوج سان وڙهي، هنن کي شڪست ڏني، ۽
پنهنجو قلعو بچايو.
****
|