سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تحفة النسوان

ڀاڱو؛ 3

صفحو : 24

ڀاڱو ٽيون

 

ٻين مشهور عورتن جو مختصر احوال

 

 عرب جون ٻيون ڪي مشهور ۽ بهادر عورتون

عرب جي بهادر عورتن  مان _ جن شام ملڪ جي فتحن ۾ وڏو حصو ورتو_ ڪن ٿورين جا نالا هي آهن:”اُم حڪيم“، ”هند“، اُم ڪثير“، ”اَسماء“، ”اُم ابان“، ”اُم عماره“، ”خوله“، ”لُبنيٰ“، ۽ ”عضيره“. انهن جو بيان ”واقدي“ جي ڪتاب ۾ ڏنل آهي، جنهن مان معلوم ٿيندو، ته انهن اهڙيون جنگي خدمتون ڪيون، ۽ اهڙي شجاعت ۽ مردانگي ڏيکاري، جا مرد ماڻهن کان به نه پڄي سگهي.

****

حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنہ جي زماني ۾، ”عتبہ بن غزوان“ سندس طرفان امير هو، انهيءَ جي زال ازده بنت حارث هئي، جا هڪڙي مشهور طبيب جي ڌيءُ هئي. جڏهن مڙس ”مدينه الفرات“ جي ماڻهن سان جنگ ۾ مشغول هو، تڏهن هوءَ پاڻ پنهنجيس جوش وارين تقريرن سان مڙس جي طرف وارن کي همتائيندي هئي.

        وري، عتبہ جي ڌيءُ، ”اُم ابان“ نالي، ايان بن سعيد جي زال هئي، جو دمشق جي عيسائي حاڪم ”توما“ جي هٿان جنگ ڪندي شهيد ٿيو. هيءَ عورت، پنهنجي مڙس جي وير وٺڻ لاءِ، جنگ جا هٿيار ٻڌي نڪتي، ۽ گهڻي تائين دشمن سان وڙهندي رهي. دمشق جو لشڪر جيتوڻيڪ قلعي ۾ بند هو، ۽ چوڌاري گهيرو ٿيل هو، ته به ٺُلن ۽ ڀتين تان مسلمانن پاران پئي وڙهي. ”ام ابان“ اهڙي هوشيار تير انداز هئي. جو ڪوبه  تير نه گسندو هوس. انهيءَ جنگ ۾ هڪڙو پادري، سون جي صليب هٿ ۾ ڪري، فتح جي لاءِ دعا گهرڻ واسطي لشڪر ۾ نڪري آيو. هن عورت، ارادو ڪري، چتائي، اهڙو تير هنيو جو هن جي  هٿان صليب ڪيرائي ڇڏيائين، جا مسلمانن کڻي ورتي، عيسائي، انهيءَ کي مذهبي بي آبرو ئي سمجهي، ڪاوڙ مان، گهيري ڪيل قلعي جو در کولي، مسلمانن تي ڪاهي آيا. اهڙو زور وارو حملو ڪيائون، جو مسلمان ڊڄي ويا. رومي لشڪر انهيءَ صليب جي وري هٿ ڪرڻ لاءِ ڏاڍا مٿا هنيا، پر دال نه ڳرين. جيـڪي ٿـــي ويـــجهو آيا، تــن تـي ”اُم ابان“ ٿي تيرن جو وسڪارو ڪرايو. نيٺ هن چتائي اهڙو هڪڙو تير هنيو جو ”توما“ جي اک ۾ وڃي لڳو، ۽ هو دانهون ڪندو اٿي ڀڳو. انهيءَ  وقت اُم ابان خوشيءَ ۾ هيءُ شعر اتي جو اتي ٺاهي پڙهيو:

اُم ابان فا طلبي بثارڪ،
صولي عليهم صولة للتدارڪ،
قدضج جمع القوم من نبالڪ.
 

(يعني، اي ام ابان! تون پنهنجو وير وٺ، ۽ هنن تي هڪٻئي پٺيان حملا ڪندي وڃ، هو تنهنجن تيرن کان دانهون ڪري ڀڳا.)

****

”يرموڪ“ جي مشهور لڙائي ٿي گذري آهي، جنهن ۾ مسلمان زالن ڏاڍي بهادري ڏيکاري. انهيءَ غزوه ۾ مسلمانن کي، رومين ذري گهٽ شڪست ڏيئي ڀڄائي ٿي ڇڏيو، جي زالون تررايون ڪڍي سندن مردن جي مدد لاءِ نه اچن ها. هند، خوله، اُم حڪيم، ۽ ٻيون ڪي قريشي عورتون، مرداڻو حملو ڪري آيون. خليفي ابوبڪر رضه جي نياڻي ”اَسماء“ (جنهن جو ذڪر مٿي آيل آهي)، هڪڙي گهوڙي تي چڙهي، پنهنجي مڙس زبير سان ٻِٽُ بِيٺي هئي، ۽ هن سان گڏ ترار پئي هنيائين.

****

”صفين“ جي مشهور جنگ ۾ ڪيتريون ئي مسلمان عورتون، حضرت علي رضه الله تعاليٰ عنہ جي طرفان، جنگ ڪرڻ شريڪ هيون. جوش واريون تقريرون پئي ڪيائون، شعر به پئي پڙهيائون، ۽ تراريون به پئي هنيائون. انهن مان ”زرقا“، ”عڪرشه“ ۽ ”اُم الخير“ مشهور آهن.

****

سن 77هه ۾ جڏهن عبدالملڪ شام ۾ خليفو هو، ۽ حجاج  ثقفي عراق جو حاڪم هو، تڏهن شبيب خارجي موصل  ۾ فساد برپا ڪيو. خوارج جو فرقو انهن ڏينهن ۾ خونريزيءَ ڪري ڏاڍو مشهور هو، انهيءَ شبيب جي زال ”غزاله“ ۽ سندس ماءُ ”جهيزه“ به جنگ م شامل هيون. حجاج، شبيب کي شڪست ڏيڻ لاءِ پنج سردار هڪٻئي پٺيان موڪليا، ليڪن هڪڙو به جنگ جي ميدان مان جيئرو موٽي نه آيو. نيٺ لاچار ٿي. عبدالملڪ نيون فوجون شام مان موڪليون، جي حجاج پاڻ وٺي وڙهڻ لاءِ نڪتو. شبيب موصل مان هلي ڪوفي ۾ آيو، ليڪن حجاج اڳي ئي اتي اچي لهي پيو هو.

”غزاله“ نذر مڃيو هو ته “آءٌ مري جَهري، ڪنهن به طرح ڪوفي جي مسجد ۾ ٻه  رڪعتون نفل پڙهنديس“ ڏينهن مٿڀرو ٿيو، ته هوءَ مڙس سان گڏ، فقط ستر ماڻهو وٺي، جامع مسجد ۾ آئي _ جيتوڻيڪ  شهر سڄو دشمن جي لشڪر سان ڀريو پيو هو _ شبيب پاڻ ترار کڻي مسجد جي در تي بيهي رهيو، ۽ ”غزاله“ اندر وڃي آرام سان نماز پڙهڻ لڳي. وري نماز به رواجي هلڪي نه پڙهائين. خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ ان جي مدد گهرڻ لاءِ، قرآن شريف جون تمام وڏيون سورتون پڙهائين، جي ياد هيس. پهرينءَ رڪعت ۾ سوره ”بقر“ پڙهيائين، ۽ ٻيءَ ۾ سوره، ”آل عمران“ _ اهي ٻيئي سورتون ٻه _ ٻه  اڍائي _ اڍائي پارا آهن! ”غزاله“ نماز پڙهي، موٽي پنهنجي منزلگاهه تي آئي، ۽ حجاج جي ساري فوج ڏسندي رهي.

جڏهن لڙائيءَ جو وقت آيو، تڏهن حجاج ڪوفي، بصري ۽ شام جو لشڪر وٺي نڪتو. انهن جي مقابلي ۾ شبيب جو لشڪر ڪي به ڪين هو، ليڪن اهو ڏاڍيءَ همت ۽ بهادري سان وڙهيو. حجاج پنهنجي لشڪر جي پٺيان بيٺو هو، ۽ هنن کي پئي همتايائين. ائين، ڪاهيندي ڪاهيندي، هن خوارج جي مسجد قبضي ۾ آندي.

”غزاله“ ۽ ”جهيزه“ به لڙائي ۾ مشغول هيون. حجاج ڪي ماڻهو موڪليا، جن لڪي لڪي پٺيان وڃي ”غزاله“ کي ڌڪ هڻي ماري وڌو. ”ابن خلڪان“ پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”جهيزه“ به انهيءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويئي، مگر ”ابن اثير“ ۽ ”طبري“ لکن ٿا ته انهيءَ کان ٿورا ڏينهن پوءِ به هوءَ جيئري هئي.

شبيب لاچار هٽي ٻئي پاسي هليو ويو، ۽ ”دجله“ ندي لنگهندي، پُل تان پاڻيءَ ۾ ڪِري پيو، ۽ زرهه جي بار کان ٻُڏي مئو.

انهيءَ جنگ ۾ ”غزاله“ خود حجاج سان به وڙهي هئي، جنهن ۾ هن کي ڀڄائي ڇڏيائين _  حجاج اهڙو زبردست هو، جنهن سڄو عراق ۽ حجاز ڪنبائي ڇڏيو هو. هڪڙي شاعر انهيءَ جنگ تي شعر به چيو هو، جنهن جو هڪڙو بيت هي آهي:

هلا برزت اليٰ غزالہ في الوشي:
بل ڪان قلبڪ في جناح الطائر!
 

(يعني، اي حجاج، تون لڙائيءَ ۾ غزاله سان سامهون ٿيڻ لاءِ ڇو نه نڪتين: ڀلا، ڪيئن نڪرندين، جو تنهنجي دل پيئي ڌڙڪي!)

سنه 90 هه ۾، وليد بن عبدالملڪ جي خلافت ۾ مسلمانن بخارا تي فوج ڪشي ڪئي، فوج جو سپهه سالار ”فتيبہ“ هو. عرب ۾ ”اُزد“ جو قبيلو بهادريءَ جي ڪري مشهور آهي. انهيءَ جا گهڻا ماڻهو هن سان هئا. بخارا جا تُرڪ به، ڏاڍي تياري ڪري، مسلمانن سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. جڏهن ٻيئي لشڪر سامهون ٿيا، تڏهن اُزد وارن چيو ته ”اُنهيءَ وقت جي دَستور موجب، پهرين اسان کي هڪ _ هڪ ٿي دشمن سان زور آمائڻ جي موڪل ملي. ترڪن ۾ به چونڊ چونڊ ماڻهو هئا، انهن اهڙو سخت مقابلو ڪيو، جو اُزدي هٽندا هٽندا منزل تائين آيا. اتي ترڪن زور سان مسلمانن تي حملو ڪيو. زالن 0ٺو ته هاڻ ٿا مسلمان شڪست کائين. تڏهن اهي هڪدم اٿي کڙيون ٿيون: پنهنجن مڙسن کي اڳيان ڦري آيون، ۽ لٺين سان هنن جي گهوڙن کي ماري، دشمن جي سامهون ٿيڻ لاءِ هنن کي موٽايائون. انهيءَ ڪري، مسلمانن کي شرم کان همت پيدا ٿي، ۽ اهڙي زور سان هو ترڪن تي ڪاهي ويا، جو هنن کي ڀڄائي ڪڍيائون. هتي جيتوڻيڪ زالن ترار نه هنئي، مگر اها فتح رڳو زالن جي همت، غيرت ۽ ڪوششن جو نتيجو هئي.

****

 سنه 178هه (794ع) ۾، هارون رشيد جي زماني ۾، وليد بن طريف خارجيءَ ”خابور ۽ نصيبين“ ۾ بغاوت ڪئي. خليفي مشهور سردار  يزيد شيبانيءَ کي انهيءَ فساد بند ڪرڻ لاءِ موڪليو. گهڻين لڙاين کان پوءِ خارجين شڪست کاڌي، ۽ وليد مارجي ويو. وليد جي ڀيڻ ”فارعہ“ کي _ جنهن کي ڪي ”فاطمہ“ ۽ ”ليليٰ“ به سڏين ٿا _ جڏهن کيس پنهنجي ڀاءُ جو حال معلوم ٿيو. تڏهن هوءَ پاڻ زرهه ڍڪي. هٿيار ٻڌي. گهوڙي تي چڙهي، شاهي لشڪر تي ڪاهه ڪري آئي. سردار يزيد ٻين کي هٽائي، پاڻ انهيءَ سان مقابلو ڪرڻ آيو، ۽ ”فارعہ“ جي گهوڙي کي هڪڙو نيزو هنيائين، ۽ هن کي چيائين ته ”تون ڇو ٿي پنهنجي مڙس کي بدنام ڪرين، موٽي هلي وڃ!“ ”فارعہ“ ميدان کان موٽي، ليڪن اکين مان هنجون پئي وهيس ۽ پنهنجو جوڙيل قصيدو پئي پڙهيائين، جو تمام وڏو آهي، ۽ اهڙي علميت منجهس ڏيکاريل آهي جو عالم انهيءَ جي تعريف ڪندا آهن. انهيءَ قصيدي جو هڪڙو بيت هي آهي.

فيا شجر الخابور ماليءَ مورقا،
ڪانڪ لم تجزع علي بن طريف؟
 

(يعني، اي خابور جا وڻ، اوهين ڇو سرسبز آهيو _متان اوهين وليد جي موت جي ڪري بيقرار آهيو؟)

سنه 153هه (808ع) ۾، منصور جي خلافت ۾، روم جي قيصر ”ملطيہ“ (مالٽا) تي ڪاهه ڪئي، ۽ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيائين. خليفي منصور، قيصر کي سيکت ڏيڻ لاءِ فوج موڪلي، صالح بن علي ۽ عباس بن محمد انهيءَ جا سپهه سالار  هئا. انهن پهرين وڃي ”ملطيہ“ کي نئين سر آباد ڪيو، پوءِ فوج وٺي قسطنطنيه ڏي هليا، ۽ قيصر جا گهڻائي شهر هٿ ڪيائون.

”ام عيسيٰ“  ۽ ”لبابہ“ _ اهي ٻيئي عورتون صالح بن علي جون ڀيڻون ۽ خليفي منصور جون پُڦيون هيون. هنن اڳي ڪا اها سُکا ڪئي هئي ۽ اهو نذر مڃيو هو ته جڏهن بني اُمين جي حڪومت برباد ٿيندي، تڏهن اسين جهاد ڪنديونسين. انهيءَ سُکا يا نذر پوري ڪرڻ لاءِ، هي جهاد ۾ اچي شامل ٿيون هيون. انهيءَ جنگ ۾ هو اهڙيءَ بهادريءَ سان ته وڙهيون، جو مڙسن کان گهٽ ليکجڻ ۾ نٿي آيون.

انهيءَ کانپوءِ جيڪي ”صليبي“ جنگيون ٿيون، تن ۾ نه رڳو مسلمان زالون، پر عيسائي زالون به بهادريءَ سان مڙسن وانگي وڙهيون. مثلاً: هڪڙو مسلمان امير، ”اُسامه“ نالي جنگ ۾ وڙهيو هو، ته ساڻس گڏ سندس ماءُ ۽ ڀيڻ به هٿيار کنيو پئي وڙهيون.

 ****

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org