سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :15

ٻئي ڏينھن شھزادي کان موڪلائي مسافريءَ تي روانو ٿيو، ويندي وقت شھزادي کي چيائين تھ: ٻارھن مھينن تائين منھنجي واٽ ڏسجئين، جي انھي وچ ۾ نھ موٽيس تھ سمجھجئين تھ مري ويس. ائين چئي موڪلائي اٿي روانو ٿيو. ڪيترن ڏينھن جي مسافريءَ بعد ھي اچي انھيءَ شھر ۾ پھتو جتي انينگ پري قيد ۾ ھئي. اتي ڏسي تھ گھر گھر ۾ پيا صبح جو دھل وڄن. ھن کي ڏاڍو عجب لڳو نيٺ ھڪڙي ماڻھوءَ کان پڇيائين تھ:ادا، ھي ڪھڙو اسرار آھي، جو ھر گھر ۾ دھل پيو وڄي؟ ان شخص ٻڌايس تھ: ادا، ڪاڻي شھزادي جي سوني پادر واري راڻيءَ سان شادي ٿيڻي آھي، جا ڪا ڌوتي الاجي ڪٿان وٺي آئي آھي، تنھن جي خوشيءَ ۾ دھل ٿا وڄن. دلبر چور اھا ڳالھھ تھ کيس پڪ ٿي تھ اھا انينگ پري آھي. سو انھيءَ ڌوتيءَ رن جا پار پتا پڇيائين، جنھن مان خبر پيس تھ ان ڌوتيءَ کي ھڪڙو پٽ جوان ھو، جو ڪيڏانھن مسافريءَ تي ويو ھو، جتي مري ويو ھو. پوءِ دلبر چور ويس بدلائي، ان ڌوتيءَ جي گھر ويو. اتي پھچي ھن گھر جو دروازو کڙڪايو. اندران آواز آيس تھ: ڪير آھين؟ دلبر چور تھ: اما! آءٌ تنھنجو پت آھيان. مائيءَ جو پٽ جو ٻڌو سا ھڪدم ٻاھر نڪري آئي ۽ پٽ کي روئي ڀاڪر پائي اندر وٺي وئي، جتي دلبر چور ٻڌايس تھ: اما آءٌ رلندو رلندو وڃي چورن جي ور چڙھيس، جتان مس مس جند ڇڏائي آيو آھيان. پوڙھي رن اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ۽ پٽ کي سڄي انينگ پريءَ واري ڳالھھ ڪري ٻڌايائين. دلبر چور اھا ڳالھھ ٻڌي ماءُ کي چيو تھ: اما! تون ٻين لاءِ پئي زالون آڻين، مون کي بھ تھ شادي ڪراءِ. ڌوتي اھا ڳالھھ ھڪدم بادشاھھ وٽ وئي ۽ وڃي عرض ڪيائين تھ: سائين! منھنجو پٽ جيڪو گم ٿي ويو ھو سو خير سان موٽي آيو آھي، ھاڻي مھرباني ڪري ان جي شاديءَ جو ڪو بلو ڪريو. بادشاھھ ھڪدم پوڙھيءَ ڌوتيءَ جي پٽ جي شاديءَ جو بندوبست ڪيو ۽ سڄي شھر مان سھڻي ۾ سھڻي ڇوڪري ڳولي، ان سان دلبر چور جي شادي ڪرائي. دلبر چور اتي مزي سان رھڻ لڳو.

ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن ڌوتيءَ کي چيائين تھ: اما! اھا پري آءٌ بھ تھ ڏسان جنھن جي ڪري تون ھيڏا ڪشالا ڪري وئي ھئينءَ. ڌوتيءَ چيس تھ: پٽ! تون اندر محلات ۾ ڪيئن ويندين؟ دلبر چور چيو تھ: اما! اھو تھ تمام سولو آھي، تنھن جي ننھن اندر ايندي ويندي آھي، آءٌ ھن جا ڪپڙا ڪري اندر ھليو ويندس، ڪير ئي ڪو نھ شڪبو. ڌوتيءَ رن کي اھا صلاح ڏاڍي وڻي سو ٻئي ڏينھن دلبر چور کي پنھنجي ننھن جا ڪپڙا پارائي پاڻ سان محلات ۾ وٺي وئي. جڏھن محلات ۾ اندر آئي، تڏھن پري کان ھن کي انينگ پريءَ جي جاءِ ڏيکاري پاڻ گھر موٽي آئي ۽ دلبر چور کي سمجھائي وئي تھ ماٺ ڪري ڏسي ھليو اچج، ڳالھائج ٻولھائج نھ متان ڳالھھ کلي پوي. دلبر چور ماٺ ڪري پريءَ جي جاءِ ۾ آيو، ۽ منھن تان برقعو کنيائين، پر پريءَ ڪو نھ سڃاتس. پوءِ ھن ٻڌايس تھ: آءٌ دلبر چور آھيان ۽ تنھنجي ڳولا ۾ نڪتو آھيان. اتي پريءَ بھ کيس سڃاتو ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. دلبر چور دلداري ڏنس ۽ چيائينس تھ: تون ھاڻي بيفڪر رھھ، تنھنجا ڏک اچي پورا ٿيا آھن. ھاڻي تون رڳو ھيئن ڪر جو سڀاڻي بادشاھھ کي چئو تھ ڀلي منھنجي شادي ڪريو. پوءِ ھو لڳندا خوشين ۾، ۽ تون سڀاڻي رات جو اتر واري دروازي کان ڪنھن اٽڪل سان نڪري اچجئين، جتي آءٌ ھڪ ڀلو اٺ بيھاريو بيٺو ھوندس. اھا صلاح بيھاري ھي موٽي ڌوتيءَ جي گھر آيو.

شام جو پريءَ بادشاھھ کي چوائي موڪليو تھ: بادشاھھ سلامت! مون ھاڻي گھڻو ڏک ڪيو، پر وريو ڪجھھ بھ ڪو نھ. ھاڻي اوھين ڀلي شاديءَ جو سانباھو ڪريو، آءٌ تيار آھيان. بادشاھھ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سڄي شھر ۾ جشن ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينھن انجام موجب دلبر چور ھڪڙو ڀلو اٺ وٺي، اترئين دروازي کان اچي بيھاريو ۽ پري بھ پھريدارن کان پاڻ لڪائي، ھيرا جواھر ۽ ٻيا قيمتي زيور پاڻ سان کڻي ٻاھر نڪتي، جتي اڳئي دلبر چور اٺ سنڀرايو ھڪيو بيٺو ھو. پوءِ تھ ٻئي ڄڻا اٺ تي چڙھي راتو واھھ اٺ ھڪليندا ۽ منزلون ڪندا اچي واپس پنھنجي گھر پھتا. جتي شھزادو ۽ پري پاڻ ۾ ملي ڏاڍا خوش ٿيا. صبح جو اتان سامان کڻي واپس پنھنجي اباڻي ملڪ ڏي ڪوچ ڪيائون. ھلندي ھلندي منزلون ڪندي ھڪڙي رات ڪنھن جھنگ ۾ اچي منزل ڪيائون. شھزادو ۽ انينگ پري تھ سمھي رھيا پر دلبر چور پھري تي ويھي رھيو. ڪجھھ دير کان پوءِ جنھن وڻ ھيٺ ھي ستا پيا ھئا ان وڻ تي ٻھ پکي پاڻ ۾ ڳالھائڻ لڳا. ھڪڙي ٻئي کي چيو تھ نانا! ڪا ڳالھھ ٻڌاءِ. تڏھن ٻئي چيو تھ ابا! وڏن جون ڳالھيون وري ڪھڙيون ھونديون، اھي مڙيئي اونڌعون ابتيون ھونديون. تنھن تي ننڍو پکي چوڻ لڳو تھ: نانا! وڏن جون وڏيون ڪلائون آھن. تنھن تي ناني چيو تھ: چڱو ٻچا! ھاڻي ٻڌ. ھن وڻ ھيٺ جيڪي ٻھ ڄڻا ستا پيا آھن، انھن تي اڄ رات ھڪ بلا ايندي جا ھنن جو ساھھ پي ويندي ۽ ھي مري ويندا. اتي ننڍي چيو تھ: جيڪڏھن اتان بچن تھ؟ تنھن تي ناني چيو تھ: جي اتان بچن تھ صبح جو ھتان ھڪ ڏوڌياڻي لگھندي جنھن جي ڏڌ ۾ زھر ھوندو، اھو پيئندا تھ مري ويندا، پر جيڪڏھن اتان بچندا تھ رستي تي ھڪ ٻير بيٺل آھي جنھن جا ٻير پڪا ڳاڙھا ٿيو بيٺا آھن، پوءِ اھي ٻير کائيندا تھ مري ويندا، پر جيڪڏھن اتان بھ بچيا تھ پوءِ محلات ۾ پھچڻ تي بادشاھھ جو ڪتو، جنھن جو وات زھر سان ڀريل آھي، سو اچي ٻنھي کي چٽيندو تھ مري ويندا، پر جي اتان بھ بچيا تھ شھزادي جي ڪوٺيءَ جو دروازو جنھن کي سري کائي ڇڏيو آھي ۽ اندران پورو ٿيو پيو آھي، سو مٿان ڪرندن ۽ مري ويندا، پر جي اتان بھ بچيا تھ پوءِ شھزادو ۽ پري محلات ۾ ستل ھوندا تھ ڇت مان ھڪڙو نانگ نڪرندو جنھن کي ھي ٽيون شخص جيڪو ويٺو پھرو ڏئي سو ماريندو ۽ ان جي رت جا ڦڙا پريءَ جي ڳل تي ڪرندا، پوءِ شھزادو ان کي چمي ڏيندو تھ مري ويندو، پر جي اھو شخص ترار کي ڪپھھ ويڙھي پاڻيءَ ۾ پسائي پريءَ جي ڳل تان اگھڻ جي ڪوشش ڪندو تھ پري سجاڳ ٿي پوندي ۽ پوءِ انھيءَ شخص کان اھا خبر پڇندي. پوءِ ھي شخص حقيقت ڪري ٻڌائيندو تھ پاڻ پنڊ پھڻ ٿي ويندو. اھا ڳالھھ ٻڌي ان ننڍي چيو تھ نانا! ھيءُ تھ وڏو ظلم ٿيندو. ڀلا پوءِ وري ھي شخص ڪيئن پنھنجو اصلوڪي صورت ۾ ايندو.  تنھن تي ناني چيو تھ: انھيءَ راڻيءَ کي پٽ ڄمندو جنھن جي آڱر جي رت جا ڇنڊا ان پنڊ پھڻ تي وجھبا تھ وري ساڳي اڳئين شڪل وٺندو. اھا ڳالھھ ٻڌي دلبر چور ويچار ماٺ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين تھ: اڃا ڪي گھڻيون مصيبتون سر تي لکيل آھن، پوءِ بھ الاجي پريءَ کي پٽ ڄمي يا نھ سو اڃان انھن خيالن ۾ ئي ھو تھ ڏسي تھ برابر ھڪڙي بلا آھي جا سٽيندي شھزادي ۽ پريءَ ڏي پئي اچي. دلبر چور بھ ھڪدم ڪڍنديئي تلوار جو بلا کي ھنئي تھ بلا ٻھ ٽڪر، بس پوءِ تھ بلا کي کڻي ڪنھن پاسي اڇلائي ڇڏيائين ۽ پاڻ ويھي پھرو ڏيڻ لڳو. صبح ٿيو تھ شھزادو ۽ پري ننڊ مان اٿيا ۽ سنڀري پنڌ پيا تھ ھڪڙي ڏوڌياڻي ڏٺئون، جا مٿي تي چاڏي رکيو پئي آئي. اتي شھزادي ۽ پري چاڏي ڏسي دلبر چور کي چيو تھ: ادا! ڪيترا ڏينھن ٿي ويا آھن تھ ڏڌ مکڻ ڪو نھ کاڌو اٿئون، سو اڄ کائينداسون. تنھن تي دلبر چور چيو تھ: ھائو! ضرور کائبو. پوءِ جھڙو ڏوڌياڻيءَ جي مٿي تان چاڏي ٿي لھرايائين تھڙو ھٿ نڪري ويس ۽ چاڏي وڃي پٽ تي ڪري ۽ سڀ ڏڌ مکڻ خراب ٿي ويو. اتي ڏوڌياڻي وٺي گھوڙا گھوڙا ڪئي تھ: منھنجو ڏڌ مکڻ زيان ٿي ويو. تنھن کي پئسا ڏئي جند ڇڏائي ھي مسافريءَ تي روانا ٿيا. ڪجھھ پنڌ ڪرڻ کان پوءِ رستي تي ڏٺائون تھ ھڪڙي ٻير آھي جا ٻيرن سان ڳاڙھي ٿي پئي آھي. اتي شھزادي ۽ پريءَ، دلبر چور کي چيو تھ: اسين آھستي آھستي ھلون ٿا، تون اتان ٻٽي ٻير تھ پٽيو اچجانءِ. دلبر چور، جو اڳيئي انھيءَ لاءِ تيار ھو سو توبرو کڻي، اچي بيٺو ٻير پٽڻ. پر توبري ۾ اڳئي ٽنگ ڪري ڇڏيو ھئائين، سو جيڪي ٻير وجھي سي سڀ وڃو پٽ تي ڪرن. نيٺ ماٺ ڪري توبرو آڻي شھزادي کي ڏنائين. شھزادو توبري ۾ ڏسي تھ ھڪ بھ ٻير نھ آھي، سو دلبر چور کان پڇيائين تھ: ڇو، ھن ۾ ھڪڙو بھ ٻير ڪو نھي. دلبر چور چيو تھ: متان توبري ۾ سوراخ تھ ڪونھي. ڏسن تھ برابر توبري ۾ ھڪ شاھي ٽنگ ٿيو پيو آھي. بس پوءِ تھ ماٺ ڪري اٿي پنھنجي پنڌ پيا. نيٺ ھلندي ھلندي  اچي پنھنجي شھر ۾ پھتا ۽ پنھنجي محلات ڏي ھليا. اڃا پھتا ئي مس تھ دلبر چور بھ نڪا ڪئي ھم نڪا ڪئي تم، يڪدم ڪڍندي ئي تلوار ڪتي جي سسي لاھي ڇڏيائين. اتي سڀني ماڻھن چيو تھ: سائين! انھيءَ ڪتي کي ڇو ماريو؟ دلبر چور چيو تھ: مون سمجھيو تھ ڇتو ڪتو آھي، ان ڪري ماري ڇڏيومانس.

ان بعد شھزادو ۽ پري ٻئي پنھنجي محلات ڏي ويا. اڃان ٿورو پرڀرو ئي ھئا تھ دلبر چور ھڪدم وڌي وڃي در جي مٿئين چائنٺ کي تلوار ھنئي تھ در جي چائنٺ اچي ھيٺ ڦھڪو ڪيو. اتي شھزادو اچي ڪاوڙيو، چي: تون تھ رڳو اجايو نقصان پيو ڪرين. اتي دلبر شھزادي کي چيو تھ: شھزادا! اسان ۾ اھو رواج آھي تھ نئون گھوٽ ڪنوار اچي تھ در جي چائنٺ ڪيرائي ويندي آھي. ھاڻي وري سڀاڻي نئين ٺھي ويندي، اوھين دلجاءِ ڪريو. پوءِ شھزادو ۽ پري محلات ۾ وڃي آرامي ٿيا ۽ ويچارو دلبر چور اگھاڙي ترار ھٿ ۾ ڪري پھري تي ويھي رھيو. کيس ننڊ بھ ڏاڍي ھئي پر ڇا ڪري، سر تي جا ٻري آئي ھيس سا ڪيڏانھن ٽاري. نيٺ اڌ رات جي مھل ڏسي تھ برابر نانگ آھي جو مٿان ڇت مان لھندو شھزادي ۽ پريءَ ڏي پيو اچي. دلبر چور بھ الله کي ياد ڪري ھڪدم ترار ڪڍي وٺي نانگ کي ھنئين. نانگ تھ ٻھ ٽڪر ٿي پيو، پر ھڪڙو رت جو ڦڙو اچي ستل پريءَ جي ڳل تي پيو. ھن اتي بھ ھمت نھ ھاري، ترار جي منھن کي ڪپھھ ويڙھي پاڻيءَ ۾ پسائي، ان سان ھري ھري ڪري رت اگھيائين، پر پريءَ کي جو ٿڌاڻ لڳي سا ھڪدم سجاڳ ٿي پئي ۽ اکيون کولي ڏسي تھ دلبر چور بيٺو آھي. اتي پريءَ کي شڪ پيو دلبر چور مونکي چمي ڏني آھي، سو ڪاوڙجي چيائين تھ: ادا! توکي ائين واجب نھ ھو ۽ ھيءُ تو ڇا ڪيو. اتي دلبر چور چيو تھ: انينگ پري جيڪو ٿيو سو ٺيڪ ٿيو ۽ انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ. پر پري چئي تھ: نھ! تون ٻڌاءِ تھ ائين ڇو ڪيئي؟ اتي گوڙ تي شھزادو بھ سجاڳ ٿي پيو ۽ جڏھن اھا حقيقت ٻڌائين تڏھن دلبر چور کي حقيقت ٻڌائڻ لاءِ چوڻ لڳو. دلبر چور چوڻ لڳو تھ: مون توھان جي ھيتري ساري خدمت ڪئي آھي، ان جي عوض اھا ڳالھھ نھ پڇو. پر شھزادو ۽ پري ضد تان نھ لٿا. نيٺ دلبر چور مجبور ٿي سڄي پکين واري ڳالھھ ڪري ٻڌائي ۽ آخر ۾ جڏھن نانگ واري ڳالھھ تي پھتو تڏھن چيائين جي پڪ نھ ٿئيو تھ ھو وڃي ڏسو، نانگ مئو پيو آھي. شھزادي ۽ پريءَ جو وڃي نانگ کي ڏٺو تھ دلبر چور ھڪدم پنڊ پھڻ ٿي ويو. اتي شھزادي ۽ انينگ پريءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو تھ اسان ھي ڇا ڪيو. پر ھاڻي ڳالھھ ھٿن کان ٻاھر نڪري وئي.

آخر قدرت ۾ آسرو ڪري ويھي رھيا. ڪجھھ ڏينھن بعد انينگ پريءَ کي پٽ ڄائو. تڏھن ڇا ڪيائون جو ننڍڙي شھزادي کي انھيءَ پنڊ پھڻ جي مٿان بيھاري ان جي ھڪڙيءَ آڱر کي ٽڪو ڏئي رت جو ڦڙو ان پھڻ تي وڌائون تھ دلبر چور وري جيئرو ٿي پيو. بس پوءِ تھ ڏاڍيون خوشيون ٿي ويون. پوءِ شھزادو ۽ پريءَ، ھن کي گھڻيئي مال متاع ڏئي خوش ڪري پنھنجي ڳوٺ روانو ڪيو.

13 – ڌڻ وڇوڙو ۽ پريون *

ھڪڙو ھو بادشاھھ. بادشاھھ تھ پاڻ ڌڻي آھي، پر ھيءُ بھ زماني جو ھڪڙو بادشاھھ ھو. ھن کي چار زالو ھيون، پر اولاد ڪو نھ ھوس. سو انھيءَ غم کان رستي تي اونڌي منجي ڪري وڃي سمھي رھيو. ھڪڙي ڏينھن فقيرن جي ھڪڙي ٽولي اچي اتان لنگھي ۽ بادشاھھ کي اھڙي حالت ۾ ڏسي پڇيائون تھ: بادشاھھ سلامت! اوھان پنھنجي ھھڙي حالت ڇو بنائي آھي؟ بادشاھھ ھنن کي ورندي ڏني تھ: بابا! انھيءَ ڳالھھ کي ڇڏي ڏيو ۽ پنھنجو رستو وٺي ھليا وڃو. فقير ھليا ويا. وري ٻئي ڏينھن فقيرن جي ٻي ٽولي آئي جن بھ بادشاھھ کان ساڳيءَ ريت پڇيو ۽ بادشاھھ بھ ساڳيءَ طرح جواب ڏنو. وري ٽئين ڏينھن فقيرن جي ٽين ٽولي آئي آھي جن بھ بادشاھھ کان ساڳي ريت سوال ڪيو ۽ بادشاھھ بھ اڳوڻي وانگر انھن کي جواب ڏئي روانو ڪري ڇڏيو. نيٺ چوٿين ڏينھن فقيرن جي چوٿين ٽولي اچي لنگھي جن بھ ساڳيءَ طرح بادشاھھ کان پڇيو ۽ بادشاھھ بھ اڳوڻي وانگر جواب ڏنو، مگر انھن فقيرن بادشاھھ کي چيو تھ: اي بادشاھھ! اسين توکي ھھڙي حالت ۾ ڏسي، ھتان ائين ڪو نھ وينداسين، توکي اسان سان پنھنجو حال ضرور ڪرڻو پوندو. بادشاھھ انھن کي چيو تھ: مونکي جي انجام ڏيو تھ منھنجي مراد پوري ٿيندي، تھ پوءِ آءٌ اوھان کي احوال ڏيان. فقيرن بادشاھھ سان اھو واعدو ڪيو تھ اسان تنھنجي مراد پوري ڪنداسين، جنھن تي بادشاھھ کين پنھنجو احوال ٻڌايو. فقيرن چيو تھ: بادشاھھ سلامت! الله ڪندو تھ توکي پٽ ٿيندو، پر ھڪڙو شرط آھي، جو توکي قبول ڪرڻو پوندو. اھو ھي آھي تھ توکي ھڪڙي راڻيءَ مان نانگ ڄمندو، ٻيءَ مان طوطو، ٽئين مان گابو ۽ چوٿينءَ مان پٽ ڄمندو. بادشاھھ خيال ڪيو تھ پٽ تھ ٿئي، پوءِ جيڪي ٿيو سو ٺھيو. سو يڪدم اھو شرط قبول ڪيائين. پوءِ فقير کيس دعا ڪري ھليا ويا ۽ بادشاھھ موٽي محلات ۾ آيو.

ٿوري گھڻين ڏينھن راڻيون اميدواريون ٿيون ۽ ڏھن مھينن کان پوءِ فقيرن جي قول موجب، ھڪڙيءَ راڻيءَ کي نانگ، ٻيءَ کي طوطو، ٽئينءَ کي گابو ۽ چوٿينءَ کي پٽ ڄائو. نانگ تھ بروقت ئي رستو وٺي ھليو ويو. طوطو بھ وڏو ٿي اڏامي ويو. گابو جڏھن وڏو ٿيو، تڏھن بادشاھھ رسو وجھي ٻڌي ڇڏيس، باقي شھزادو ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالڻ لڳا.

خدا جي قدرت سان بادشاھھ جون چارئي راڻيون مري ويون، تنھن ڪري بادشاھھ ٻي شادي ڪئي. بادشاھھ کي جيڪو پٽ ڄائو ھو، تنھن کي ”ڌڻ وڇوڙو“ ڪري سڏيندا ھئا ۽ اھو پنھنجي ماٽيجي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو. ڌڻ وڇوڙو جڏھن ڪجھھ وڏو ٿيو، تڏھن روز شڪار ڪري پنھنجي ماٽيجي ماءُ کي آڻي ڏيندو ھو، جا اھو شڪار رڌي پچائي پاڻ بھ کائيندي ھئي ۽ ھن کي بھ کارائيندي ھئي.

ھڪڙي ڏينھن دستور موجب ڌڻ وڇوڙو شڪار تي ٿي ويو تھ واٽ تي ڪن ٻارن کي راند ڪندي ڏٺائين. ھيءُ بھ انھن سان ويھي راند ڪرڻ لڳو، جنھن ڪري شڪار تي نھ وڃي سگھيو. شام ٿي وئي سو ھي بنا شڪار جي گھر واپس آيو. ماٽيجي ماءُ پڇيس تھ: اڄ ڇا ماري آيو آھين؟ ھن چيو تھ: ڪجھھ بھ نھ. جنھن تي ماڻس ڪاوڙجي ھن کي جون جي ماني آڻي ڏني. اھڙيءَ طرح ڌڻ وڇوڙي کي ٻارن سان راند روند ڪندي مزو اچي ويو ھو، سو شڪار جو بھانو ڪري نڪرندو ھو، ۽ ٻارن سان راند روند ڪري ھٿين ٺلھو واپس موٽي ايندو ھو. انھيءَ ڪري ماٽيجي ماءُ بھ کيس رڳو جون جون مانيون پئي کارايون، تنھن ڪري ويچارو ڌڻ وڇوڙو ضعيف ٿي ويو.

ڌڻ وڇوڙو ڏھاڙي پنھنجي ڀاءُ گابي کي جھنگ ڏانھن چرڻ لاءِ اماڻي ايندو ھو. گابي پري پري ملڪن مان طاقت واريون ٻوٽيون، نانگيليءَ جي ول وغيره گاھھ کائي شام جو موٽي ايندو ھو، انھيءَ ڪري متارو ۽ جڙ ڏاند ٿي پيو. گابي جو پنھنجي ڀاءُ ڌڻ وڇوڙي کي روز بروز اڀرو ٿيندي ڏٺو سو ھن کان پڇيائين تھ: ادا! خير تھ آھي، تون ڏھاڙي اڀرو ٿيندو ٿو وڃين. ڌڻ وڇوڙي ماٽيجي ماءُ جي جون جي ماني ڏيڻ واري ڳالھھ ڪري ٻڌايس، تھ: ادا! آءٌ رڳو انھيءَ سبب ڪري ضعيف ٿي ويو آھيان. گابي چيو تھ: ادا! آءٌ جو روز چرڻ ويندو آھيان ۽ پري پري کان اھڙيون طاقت واريون ٻوٽيون ۽ گاھھ کائي ايندو آھيان، جو جيڪر ماڻھو کائي تھ اھو بھ شينھن ٿي پوي. اڳتي تون روز شام جو منھنجي موٽڻ وقت واٽ تي اچي بيھندو ڪر، ۽ مونکي ھڪڙي ڪک ۾ ٺپڪي ھڻندين، تھ اتان کاڌو نڪري ايندو، تون اھو کائي ڇڏيندو ڪر، ۽ ٻيءَ ڪک ۾ ٺپڪي ھڻندين تھ اتان پاڻي نڪري ايندو، اھو پي ڇڏيندو ڪر تھ تون بھ مون وانگر زور وٺي ويندين. ان بعد ڌڻ وڇوڙو ائين ڪرڻ لڳو ۽ ٿورن ئي ڏينھن ۾ زور وٺي ويو.

شھزادي ڌڻ وڇوڙي جي ماٽيجي ماءُ جو ھن کي مچندو ڏٺو. تنھن کي اچي حسد جاڳيو تھ ھيءُ ڇوڪرو زور ڪيئن وٺندو وڃي. انھيءَ ڳالھھ جي انت لھڻ لاءِ ھن پنھنجي ڌيءَ کي سمجھائي ڇڏيو تھ شام جو شھزادو ڌڻ وڇوڙو گابو وٺڻ ويندو آھي، اڄ تون بھ ھن سان گڏجي وڃ، ۽ ڏس تھ ھو ڇا ٿو ڪري. شام جو ڌڻ وڇوڙي کي ڀيڻس اچي چنبڙي، چي: ادا! اڄ آءٌ بھ توسان گڏجي ھلنديس. ھن گھڻو ئي نٽايو، پر ڇوڪري پڪي پڙھايل ھئي، تنھن ھن جي پٺ نھ ڇڏي. لاچار شھزادو ڌڻ وڇوڙو ھن کي ساڻ وٺي ويو. جڏھن گابو آيو، تڏھن شھزادو ڌڻ وڇوڙو دستور موجب ان جي ڪکن مان کاڌو ڪڍي کائڻ لڳو. اھو ڏسي ڇوڪريءَ پڇيس تھ: ادا! ڇا ٿو کائين؟ مونکي بھ تھ ڏي. تنھن تي ھن ڇوڪريءَ کي بھ ڪجھھ کاڌو ڏنو. ڇوڪريءَ ان مان ڪجھھ کاڌو، ۽ ڪجھھ لڪائي ڇڏيائين. شھزادو ڌڻ وڇوڙو ۽ سندس ڀيڻ جڏھن گھر پھتا، تڏھن شھزاديءَ اھو لڪايل طعام ماءُ کي وڃي ڏنو، ۽ چيائين تھ: اما! ادو اجھو ھيءُ کاڌو گابي مان ڪڍي روز کائيندو آھي. راڻيءَ سھي ڪيو، تھ اھو زور ھن کي گابي وٺايو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org