سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :22

نيٺ ھڪڙي ڏينھن چؤٻول جي اچي دل ٿي تھ ڇو نھ ٻاھر نڪري پسار ڪجي اھو خيال ڪري ھوءَ پنھنجي ستر سھيلين سميت ٻاھر نڪتي، ڇا ڏسي تھ مار، قدرت جو جھان ئي ھتي آھي! ان ڏينھن کان پوءِ ھر روز شام جو پنھنجن ساھيڙين سميت مٿي اچي تلاءَ جي ڪناري تي غسل ڪندي ھئي ۽ ڪجھھ ڪناري تي سير بھ ڪندي ھئي.

ھڪڙي ڏينھن دستور موجب ھوءَ جيئن تلاءَ ۾ غسل ڪرڻ لاءِ گھڙي تھ اوچتو ھڪڙو وڏو مڪنو ھاٿي اچي ھن جي چيلھھ ۾ پنھنجي شاھي سونڍ وجھي پٺيءَ تي کڻي رمندو رھيو؛ پر اھڙو تڪڙو ويو جو ھن جي رئي بھ ڏسڻ ۾ ڪا نھ آئي. چؤٻول جي کڄي وڃڻ تي سندس ساھيڙين کي اچي ڊپ ورتو، تھ اجھو ٿي ڌوپال ديو کي خبر پوي، اتي خيال ڪيائون ھلو تھ بر منھن ڪري ھلون نھ تھ ڌوپال جيئرو ڪو نھ ڇڏيندو ائين چئي ھنن سڀني کڻي بر منھن ڪيو.

ڌوپال ديو پنھنجي ڌيءَ کي ڏسڻ لاءِ جمعي جمعي ڏينھن ايندو ھو. چؤٻول جي کڄي وڃڻ بعد ٻئي ڏينھن جمعو ھو. ڌوپال دستور مطابق اتي آيو تھ ڇا ڏسي تھ ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آھن. ھي منھن مٿو پٽيندو ٻاھر اچي ميدان تي بيٺو ۽ وڏي آواز سان رڙيون ڪرڻ لڳو، جنھن تي ھزارين ديو، پريون، جن، ڀوت اچي ڪٺا ٿيا. ڌوپال ھر ھڪ کي چؤٻول جي کڄي وڃڻ جو ٻڌايو، ليڪن ڪنھن بھ ائين ڪو نھ چيو تھ اسان کي خبر آھي. ڌوپال ڪاوڙ ۾ ڀرجي سڀني ڀوتن کي چيو تھ: خبردار، ھڪدم منھنجي ڌيءَ منھنجي حوالي ڪريو نھ تھ سڄو ننگر ٿو ناس ڪريان، اتي ڪن ديون ٻاھر نڪري عرض ڪيو تھ: سائين! اوھان خاطري ڪريو، اسين ھر طرح ڪوشش ڪري اوھان کي پنھنجي ڌيءَ ملائينداسين. آخرڪار اسان ديون کان ڪير لڪائيندو ۽ اوھان جي ڌيءَ ڪيڏانھن ويندي. ائين چئي سڀئي ديو، جن ڀوت ۽ پريون ڪاوڙ ۾ باھھ ٿي اڏامڻ لڳا ۽ سڄي آسمان ۾ پکڙجي ويا. ھنن سالن جا سال ڪوشش ڪئي پر پتو ڪو نھ پيو، آخر اچي ڌوپال کي پنھنجي ناڪاميابيءَ جي خبر ٻڌايائون، جنھن تي ڌوپال غصي ۾ اچي سڀني ديون، پرين، جنن ۽ ڀوتن کي جادو ھڻي پنڊ پھڻ ڪري ڇڏيو. ڌوپال ديو بھ وڏا وس ڪيا ليڪن سڀ بيڪار. نيٺ بيوس ٿي ڌيءَ جي جدائيءَ کان ھن اعلان ڪيو تھ جيڪو مون کي چؤٻول ملائيندو ان کي پنھنجي دولت، جادو، راڄ ڀاڳ ۽ چؤٻول راڻي سڀ ڏيندس.

ان اعلان کي ڪجھھ وقت گذريو تھ ٻھ ديو ”گل جنگي“ ۽ ٻيو ”گل خيرو“ اچي ھن وٽ حاضر ٿيا، جي پڻ ان زماني جا مشھور پھلوان ديو ھئا. انھن ٻنھي ڀائرن اچڻ سان کيس عرض ڪيو تھ: سائين! اسان اوھان جو ڪيل اعلان ٻڌو آھي. جيڪڏھن پنھنجي قول تي قابو رھو تھ اسين اوھان جي ڌيءَ جي ڳولا ڪري اوھان سان ملايون. ڌوپال ھنن جي بھادري اڳئي ٻڌندو ھو، تنھن ڪري ڪجھھ پڪ ٿيس تھ ھاڻي ڌيءَ ملندي ۽ ھي جوڌا جوان ضرور پاڻ ملھائيندا. اِھو خيال ڪري ھنن کي چيائين تھ: بابا! آءٌ پنھنجي قول تي قابو آھيان ۽ اوھان جي ڪجھھ مدد بھ ڪري سگھان ٿو. ائين چئي ھن يڪدم ٻھ طلسمي گھوڙا ھنن جي حوالي ڪيا ۽ چيو تھ: ھي گھوڙا ھڪ ئي ڏينھن ۾ اوھان کي سڄي دنيا جو سير ڪرائيندا. اتي ٻئي ڀائر ٽپ ڏئي گھوڙن تي چڙھي ويٺا ۽ ديو کي چيائون تھ: جيڪڏھن ٻارنھن مھينن اندر موٽي آياسين تھ وھواھھ، نھ تھ سمجھجو تھ مري وياسين.

ٻئي جوان گھوڙن کي ھڪليندا ھڪليندا اچي ھڪڙي وڏي برپٽ ۾ پھتا، ھيڏانھن ھوڏانھن نظر ڪيائون تھ ڪا وسئون نظر اچي، پر ڪجھھ بھ ڏسڻ ۾ نھ آيو، لاچار ٿي اتيئي سمھي پيا. اڃان اک ئي مس لڳن تھ اوچتو ”ڌو ڌو“ جو آواز ھنن جي ڪن تي پيو. ھن ٻئي ڄڻا يڪدم تراريون ڪڍي بيھي رھيا. ڏسن تھ ھڪڙو پيرسن، اڇي ڏاڙھي، درويشاڻي لباس ۾ پيو اچي، ھي ٻئي ڄڻا يڪدم وڌي اچي ان درويش جي پيرن تي ڪري پيا تھ خدا جي واسطي اسان کي دڳ لاءِ! فقير ھنن کان پڇيو تھ: ٻچا! اوھين ھن رڻ پٽ ۾ ڪيئن آيا آھيو؟ شايد اوھان کي خبر نھ آھي تھ ھي رڻ پٽ ھڪڙي وڏي واسينگ نانگ جو آھي، جنھن ڪري ھتي اوھان جو رھڻ خطري کان خالي نھ آھي ۽ اوھين جنھن ڪم لاءِ نڪتا آھيو، سو اوھان کان زور آھي. اوھان جي ڀلائي ان ۾ آھي تھ اوھين واپس ھليا وڃو. پر ھنن جوانن با ادب ٿي عرض ڪيو تھ: فقير سائين! اسين انجام ڪري نڪتا آھيون، ھاڻي کڻي اسان کي سر ڏيڻو پوي، پر مڙنداسين ڪڏھن بھ نھ، ۽ پنھنجو ڪيل انجام ضرور پورو ڪنداسين. درويش ڏٺو تھ ھي جوان اڻ ٽر آھن ۽ مڙندا ڪو نھ، تنھن ڪري ھنن جي ڪجھھ مدد ڪرڻ گھرجي. اھو خيال ڪري درويش ٻنھي ڀائرن کي چيو تھ: جي وڃو ٿا تھ ٻڌو، اھا چؤٻول راڻي ھڪڙي مڪني ھاٿيءَ جي قيد ۾ آھي، جو ھتان کان پنج ھزار ڪوھھ اولھھ طرف کان ھڪڙو وڏو رڻ پٽ آھي، جو پڻ ھزارين ڪوھن ۾ آھي، ان رڻ پٽ جي وچ ۾ ھڪڙو وڏو تلاءُ آھي، ان تلاءَ جي وچ ۾ ھڪڙو وڏو بڙ جو وڻ آھي، جنھن جي جريبن ۾ ڇانو آھي. ان بڙ جي چوٽيءَ ۾ ھڪ شاھي ڏرڙ آھي، ان ڏرڙ ۾ مڪني ھاٿي، چؤٻول کي قيد ڪري مٿان ھڪڙو ڀاري پٿر ڏئي ڇڏيو آھي. اھو ھاٿي چؤٻول جي عشق ۾ گرفتار آھي، جنھن ڪري ھن چؤٻول کي پاڻ وٽ رکيو آھي. پر ھڪڙي ڳالھھ ياد رکو تھ اھو ملڪ ان مڪني جي قبضي ۾ آھي ۽ اتان جا سمورا جانور ان ھاٿيءُ جو راڄ آھن. جنھن ڪري متان اوھان تي ڪو حملو ڪن. ان لاءِ ھي ٽي ٺڪريون اٿو، جي اوھان کي مشڪل ۾ ڪم اينديون. اوھين جنھن مھل چؤٻول شھزادي کي کڻي گھوڙن تي سوار ٿيندا تھ ھڪدم مڪني کي خبر پوندي، پوءِ ھو ھاٿين جي لشڪر سان اوھان تي ھلان ڪندو، پوءِ جنھن وقت سمجھو تھ ھاڻي ھاٿي اچي پھتا آھن تھ يڪدم پھرين ٺڪري اڇلائيندا تھ ھڪڙو وڏو سمنڊ ٿي پوندو، جنھن ۾ ڪيترا ھاٿي لڙھي ويندا، پر اڃان گھڻا ھاٿي اوھان جي پٺ ڪين ڇڏيندا، وري جڏھن اوھان کي سوڙھا پون تھ ٻي ٺڪري اڇلائيندا تھ وڏو جھنگل ٿي پوندو، جنھن ۾ سڀ ھاٿي وچڙي بيھي رھندا، پر مڪنو ھاٿي وڏا وڏا وڻ سونڍ سان پاڙئون پٽيندو اوھان جي پويان پيو ايندو، وري جڏھن ڏسو تھ مڪنو اچي ويجھو پھتو آھي تھ ھي ٽئين ٺڪري اڇلائيندا تھ زمين آسمان باھھ ٿي ويندو، جنھن ۾ اھو مڪنو ھاٿي سڙي خاڪ ٿي ويندو. ھاڻي اوھين ڀلي وڃو، خدا توھان جي مدد ڪندو. ائين چئي اھو پيرسن بزرگ جيڏانھن جو ھو اوڏانھن روانو ٿي ويو. اتي ٻنھي ڀائرن کي پڪ ٿي تھ اجھو ٿا چؤٻول راڻيءَ کي ھٿ ڪريون. ائين چئي ٽپ ڏئي گھوڙن تي سوار ٿي، اولھھ طرف روانا ٿيا ۽ ٿورن ئي ڏينھن بعد اچي ان تلاءُ جي مٿان بيٺا. ڏسن تھ برابر ھڪ شاھي بڙ جو وڻ تلاءَ جي وچ ۾ آھي. پر ھنن کي ان بڙ تي ڪجھھ بھ نظر نھ پئي آيو، باقي ان تلاءَ جي ڪناري تي لکن ھاٿين جا پير ھئا. اھو رات جو پويون پھر ھو، ھنن خيال ڪيو تھ ھاڻي انھيءَ بڙ مٿان چڙھي ڏسجي تھ برابر چؤٻول راڻي آھي يا نھ اھو خيال ڪري يڪدم گل جنگي ديو ٽپ ڏئي ان تلاءَ ۾ گھڙيو ۽ ترندو ترندو وڃي ان بڙ وٽ پھتو، مٿي چڙھي ڏسي تھ برابر ھڪڙو وڏو پٿر آھي جيڪو ھڪ وڏي ڏرڙ جي منھن مٿان ڏنل آھي. ھن يڪدم ان پٿر کي سيري ڏٺو تھ برابر اندر شھزادي ويٺل ڏسجڻ ۾ آيس. ھن چؤٻول کي ڏٺو، چؤٻول ھن کي ڏٺو ۽ ڏسڻ شرط عاشق ٿي پئي ۽ زار زار روئڻ لڳي. جنھن تي گل ديو ھن کان روئڻ جو سبب پڇيو. چؤٻول چيو تھ: ھينئر مڪنو ھاٿي اچڻ وارو آھي، سو توکي ڏسندو تھ جيئرو نھ ڇڏيندو. گل ديو چيو تھ: مون کي مارڻ وارو ھڪ خدا آھي، باقي ھاٿيءَ ۾ ڪا بھ طاقت ڪانھي، تون ڪو بھ فڪر نھ ڪر، اسان کي تنھنجي پيءُ ڌوپال ديو موڪليو آھي. اتي چؤٻول راڻي وري اچي زار زار رني ۽ گل جنگي ديو کيس دلداري ڏئي پڇيو تھ: مڪنو ھينئر ڪٿي آھي؟ چؤٻول چيو تھ: مڪنو ڏينھن جو سڄو وقت مون وٽ ھوندو آھي ۽ رات جو پنھنجا فيصلا وغيره ڪرڻ ويندو آھي، ھاڻي مڪني جي اچڻ جو وقت آھي، تون وڃ وري رات جو اچجانءِ تھ وڌيڪ احوال ڪنداسين. ائين چئي چؤٻول اندر ڏرڙ ۾ لھي وئي ۽ گل جنگي ديو ھن جي مٿان ساڳيو پٿر ڏئي، پاڻ پٿر تان لھي، تلاءُ مان تري اچي ڀاءُ سان مليو. اتي اوچتو ڪيھھ ٿي، جنھن مان ھنن سمجھيو تھ مڪنو ھاٿي اچي پيو، تنھنڪري ٽري ڪجھھ پاسو ڪجي. اھو خيال ڪري پريان جھنگل ۾ وڃي لڪا، ايتري ۾ ھڪڙو وڏو ھاٿي رئيءَ سان زمين آسمان ھڪ ڪندو اچي تلاءُ ۾ گھڙيو ۽ ان بڙ جي ھيٺان بيھي پنھنجي وڏي سونڍ سان اھو پٿر لاھي، چؤٻول کي سونڍ ۾ کڻي تلاءُ کان ٻاھر نڪري، ڪناري تي پنھنجي سيني تي چوءُ ٻول کي رکي، سندس اڳيان قسمين قسمين ميوا رکيا ۽ دستور مطابق ڏينھن گذاري، وري چؤٻول کي سونڍ سان کڻي ان ڏرڙ ۾ وجھي، مٿان پٿر ڏئي ھليو ويو. اتي سج بھ لھي ويو، جنگي ۽ خيري ديون خيال ڪيو تھ چؤٻول کي کڻڻ جو وجھھ آھي. ائين چئي گل جنگي ديو تلاءُ ۾ گھڙيو، بڙ تي چڙھي وڃي چؤٻول کي ڪڍيو ۽ ڪلھن تي کڻي اچي ڪناري تي رسيو، پوءِ يڪدم گھوڙن تي سوار ٿي روانا ٿيا.

اڃان ھنن ٿورو پنڌ مس ڪيو تھ اوچتو چو طرف رڙيون ٿيڻ لڳيون. پريان ڏسن تھ مڪنو پنھنجي ھاٿين جي لشڪر سان ٽٽو اچي، ھاڻي گل جنگي ۽ چؤٻول اڳئين گھوڙي تي ۽ گل خيرو پوئين

...” گل جنگي ديو ۽ چوٻول شھزادي اڳئين گھوڙي تي، ۽ گل خيرو ديو پوئين تي ۽ سندس پٺيان مڪنو ھاٿي ڪاھيندو پئي آيو“....

تي. ھوڏانھن مڪنو بھ اچي ھنن جي ويجھي ٿيو، گل خيري پھرين ٺڪري اڇلي تھ وڏو سمنڊ ٿي پيو، جنھن ۾ ڪيترا ھاٿي لڙھي ويا، پر اڃا ڳپل ھاٿي ساڻ ڪيو مڪنتو ڪاھيندو آيو. وري جڏھن ويجھو پھتو تھ ٻي ٺڪري اڇلايئين تھ وڏو جھنگل ٿي پيو، جنھن ۾ سڀ ھاٿي وچڙي پيا، پر مڪنو راڙيون ڪندو وڻ سونڊ سان پٽيندو، ھنن جي پويان پئي آيو. اڃان ويجھو مس آيو تھ ٽئين ٺڪري بھ ھن اڇلي تھ زمين آسمان باھھ ٿي ويو، جنھن ۾ مڪنو ھاٿي سڙي خاڪ ٿي ويو. پوءِ ھي بھ اچي ڪنھن آبادي جي ويجھا پھتا. اتي ھنن خيال ڪيو تھ ھن سان ڪير شادي ڪري؟ جنھن تي گل خيري چيو تھ: ادا گل جنگي! تون وڏو آھين ۽ تون ئي شادي ڪر. نيٺ اھي صلاحون ڪري گھوڙن تي سوار ٿيا ۽ ٿورن ڏينھن بعد اچي ڌوپال ديو وٽ پھتا.

ڌوپال ديو جو ڌيءَ لاءِ سڪيو پئي، سو ھن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان خوشيءَ ۾ پنڊ پھڻ ٿيل ديو، پريون سڀ آزاد ڪيائين. پوءِ وڏي شان سان گل جنگي ديو کي چؤٻول سان پرڻايو، جنھن تي ڪيترن ديون کي ساڙ ٿيو، پر ڌوپال جابر ديو ھو، تنھنڪري ساڻس ڪو بھ پڄي نٿي سگھيو. آخر ڌوپال شاديءَ بعد دولت، جادو ۽ راڄ جو مالڪ گل جنگيءَ کي بنائي، پاڻ باقي حياتي بندگيءَ ۾ صرف ڪئي. پوءِ ھنن ٻنھي ڀائرن سالن جا سال ڪوھھ قاف ۾ پئي حڪومت ھلائي.

٢٠ – ديو ۽ شھزادو *

ھڪڙو بادشاھھ ھو، جنھن کي ڇھھ ڀائر ھئا. خدا جي قدرت جو ستن ئي کي اولاد ڪو نھ ھو. گھڻئي پِير ڏوريائين، فقير پڇيائين تھ من ڪو پونير پيدا ٿئي، پر پنھنجي وس ۾ ڪو نھ ھئس، رات ڏينھن ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو ھو تھ من ڪو اولاد ٿئي. خدا جي قدرت ڪن سالن پڄاڻان ھڪڙي ڀاءُ جي گھر ۾ اميدواري ٿي. ڏھھ مھينا پورا ٿيا ۽ چنڊ جھڙو شھزادو ڄائو. خوشيءَ جي ڪھڙي ڳالھھ ڪجي! شاھي خزاني جا در کلي ويا، غريب غربا سڀ ڍاپجي ويا.

اڃا شھزادي کي ڄائي اٺ ئي ڏينھن مس ٿيا ھئا تھ ھڪڙي ديو، فقير جو روپ بنائي، دروازي تي نم جا پن ٻڌل ڏسي اچي سئين ھنئين. ٻانھي خيرات کڻي آئي پر فقير نھ ورتي، چي: تنھنجي ھٿ جي خيرات نھ وٺندس، پر آءٌ شھزادي جي ماءُ جي ھٿان خيرات وٺندس. ٻانھي وڃي اندر راڻيءَ کي ٻڌايو. راڻي اڃا پوري چاق بھ نھ ٿي ھئي، مٿي تي پاڻي بھ ڪين وڌو ھئائين. پر سڪي سڪي ٻچو مليو ھوس، تنھن فقير کي رنج ڪرڻ مناسب نھ ڄاتو ۽ پاڻ خيرات در تي کڻي آئي.

فقير ھن جي ھٿ مان خيرات وٺي ڪجھھ پڙھي شوڪار ھنيس تھ ھوءَ ٻڪري ٿي پئي. پوءِ اڳيان پاڻ پٺيان ٻڪري، ھلندا ھلندا ھڪڙي شھر ۾ اچي پھتا. شھر جي ٻاھران ھڪڙو گنبذ ھو، جنھن تي سؤ مڻن جي ڇپ رکيل ھئي، جا رڳو ديو لاھيندو ھو ۽ ديو چاڙھيندو ھو، ڪنھن ٻئي کي ان جي لاھڻ جي طاقت ڪا نھ ھئي. ديو اھا ڇپ لاھي ٻڪري کي بھ وٺي اندر ويو ۽ ڇپ ڏئي گس بند ڪري ڇڏيائين. ٻڪري تي ڪجھھ پڙھي ان کي اصلي شڪل ۾ آندائين، ۽ راڻيءَ کي چيائين تھ: مون سان شادي ڪري ھتي سکي ٿي ويھھ. ھاڻ ڪڏھن بھ وري پنھنجن جو منھن ڏسڻ تھ ٺھيو پر ٻاھر جي ھوا بھ ڪا نھ لڳندئي. راڻي بھ ڪجھھ وقت روئي پٽي رضا تي راضي رھي ديو سان کڻي شادي ڪئي.

ھوڏانھن ٻانھيءَ ڏٺو تھ راڻيءَ خيرات ڏيڻ تي دير ڪئي، سا سڌ سماءَ لاءِ در تي آئي، ڪا پھر نھ ڏسي ھيڏانھن ھوڏانھن لوھون ڏنائين پر ڪٿي بھ راڻي ڏسڻ ۾ ڪانھ آيس، سو وٺي دانھون ڪيائين. سڄي محلات ۾ روڄ راڙو لڳي ويو، چڙھيل ڪنا لھي ويا. ستئي ڀائر سک ڦٽائي ڳولا ۾ لڳي ويا. لشڪر، رعيت مطلب تھ ھڪڙي ھڪڙي ماڻھو ڳولا ڪئي، پر راڻيءَ جو پتو نھ پيو. پڇا مان فقط اھا خبر پئي تھ ھھڙن اھڃاڻن وارو فقير برابر شھر مان نڪتو، جنھن جي پٺيان ھڪڙي ٻڪري لڳي وئي. ڀائرن کي پڪ ٿي تھ اھو فقير ڪو ديو ھو جو راڻيءَ جو روپ مٽائي کيس ٻڪري بنائي وٺي ويو آھي. پوءِ تھ ستئي ڀائر قسم کڻي گھوڙن تي چڙھي نڪتا تھ جيستائين راڻي نھ ڳولي اينداسين تيستائين اسان کي کاڌو پيتو حرام آھي.

ستئي ڄڻا پڇائيندا پڇائيندا ھڪڙي شھر ۾ اچي پھتا. اتي ھنن کي رات پئجي ويئي، سو پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تھ رات ھتي گذارجي، صبح جو اٿي وري ڳولا ڪجي. شھر جي ٻاھران ھنن کي ھڪري جھوپڙي ڏسڻ ۾ آئي، ھي لنگھي اندر ويا تھ ھڪڙي پوڙھي ڏٺائون. پوڙھيءَ کين ڪپڙن مان سڃاتو تھ ھي ڪي وڏ گھراڻا آھن، سو سندن چڱيءَ طرح آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ جھڙو جھوپڙيءَ جو حال ھو، سو سندن اڳيان حاضر ڪيائين. خبرن چارن کان پوءِ وڏي ڀاءُ پوڙھيءَ کي خبر ٻڌائي تھ اسان جي ڀاڄائي، ھڪڙي فقير کي در تي خيرات ڏيڻ وئي پر وري نھ وري. خبر پئي آھي تھ ان فقير جي پٺيان ھڪڙي ٻڪري لڳي وئي، جنھن مان انومان ڪڍيوسين تھ اھو فقير ڪو ديو ھو جو راڻيءَ کي ٻڪريءَ جي شڪل ۾ وٺي ويو آھي. ان جي ڳولا ڪندي ھتي اچي پھتا آھيون، رات ھتي ترسنداسون صبح جو اٿي اڳتي وينداسون. پوڙھيءَ کين چيو تھ: ابا! جنھن لاءِ تڪليفون سٺيون اٿو ۽ جيڪي اھڃاڻ ڏنا اٿو تن مان سمجھان ٿي تھ توھان جي ڀاڄائي ھتي آھي، جا مون پاڻ فقير جي پٺيان ويندي ڏٺي ھئي. برابر اھو فقير ڪونھي، ھڪڙو ديو آھي جو شھر جي اتر پاسي ھڪ گنبذ ۾ رھندو آھي. گنبذ جو دروازو سؤ مڻن جو پٿر آھي، جو پاڻ لاھيندو ۽ پاڻ چاڙھيندو آھي. روز صبح جو اٿي ماڻھوءَ جي شڪل ۾ ٻاھر نڪرندو آھي ۽ در چاڙھي شھر ۾ چوپڙ راند ڪرڻ ويندو آھي ۽ سج لٿي وري گنبذ ۾ ايندو آھي. پر ابا! ھو ديو آھي تنھنڪري خيال ڪجو، تڪڙ نھ ڪجو. ڀائرن سڄي رات پاسا ورائيندي گذاري. ننڊ غائب ٿي وين ۽ سڄي رات ڀڃ گھڙ ڪرڻ لڳا تھ ڪھڙي نموني ھن سان مقابلو ڪجي. نيٺ صلاح بيٺن تھ صبح جو ڀلي ھو نڪري وڃي تھ ھلي گنبذ کي چئني طرفن کان جاچيون ۽ لڪي ويھون. جڏھن سج لٿي مھل ھو موٽي اچي تڏھن کيس مقابلي لاءِ للڪاريون ۽ کانئس ٻانھن جي گھر ڪريون. جي سنوت نھ ڏي تھ پوءِ پنھنجي ستن تلوارن کان ڏاڍو ڪو نھ ٿيندو. اھا صلاح سٽي پوڙھيءَ کان موڪلائي اٿي روانا ٿيا. پوڙھي وڃڻ مھل بھ کين ھوشيار رھڻ جو تاڪيد ڪيو.

ھلندي ھلندي ھي ستئي ڀائر اچي گنبذ وٽ پھتا. انھي مھل ديو چوپڙ راند کيڏڻ لاءِ شھر ڏي روانو ٿي ويو ھو. ھنن گنبذ کي چئني طرفن گھمي ڦري ڏٺو. پر ڪا بھ ڳڙکي ڪانھ ڏٺائون، جو اندر جو احوال وٺي سگھن. گھڻئي راڻيءَ کي سڏ ڪيائون، پر ٻيو ٿيو خير. ھي لڪي ويھي رھيا. سج بھ اچي اندر ٻاھر ٿيو تھ ديو بھ آيو. ھي جوان بھ ٽپ ڏئي الر ڪري آيا. ديو ھنن کي ڏسي ڪو نھ ڊنو، ھنن ايندي شرط ديو کي چيو تھ: اسان جي جيڪا ٻانھن کڻي آيو آھين سا يڪدم ڏي، نھ تھ سو ٽڪرا ڪري ڇڏينداسونءِ ديو ھڪل سان کين چيو تھ: ٻانھن برابر مون وٽ آھي پر آءٌ اوھان کي اصل نھ ڏيندس. اڃان ھي الر ڪرڻ جي تياري ۾ ھئا تھ ديو ھنن تي اھڙو ڪو منتر پڙھي شوڪاريو جو ستئي ڀائر پنھنجن گھوڙن سميت پنڊ پھڻ ٿي پيا. پوءِ ديو ڇپ لاھي اندر ھليو ويو.

ٻٽي سال گذري ويا پر ڀائر وطن نھ وريا. محلات ۾ رات ڏينھن روڄ راڙو لڳو پيو ھو. شھزادو اڄ ننڍو سڀان وڏو، جڏھن ٻارھن سالن جو ٿيو، تڏھن ھڪ جيڏن جون ٽوڪون کيس ٽھڪائڻ لڳيون. سڀ ڪو ٿوريءَ گھڻيءَ تي ڦھڪايو ڏيندو ھوس تھ: تون اھڙو تھ نڀاڳو آھين جو ڄمندي ماءُ وڃايئي، پوءِ پيءُ ڇھھ چاچا گم ڪيئي. ھڪ جيڏن جا طعنا مھڻا سھي ھڪ ڏينھن ڪاوڙ ۾ گھر آيو ۽ چاچين کي چيائين تھ: سڀ ڪو مونکي نڀاڳو ٿو سمجھي. ھاڻي آءٌ وڃان ٿو، جي حياتي ھونديم تھ امان، بابا ۽ چاچن سان گڏيو ايندس نھ تھ آءٌ بھ انھن سان گڏ. اڃان اڳوڻا ڦٽ ڇٽائي ڪين ھا، ھي تھ انڌن اڳيان لٺ ھو سو چاچيون ھن کي چنبڙي پيون، پر ھيءُ مڙس پنھنجيءَ تي چڙھيو بيٺو ھو ۽ ھڪ بھ نھ ٻڌي، چاچين کي روئندو ڇڏي گھوڙي تي چڙھي الله توھار ڪيائين. سڌ ٻڌ وارو ھو، سو پڇڻا نھ منجھڻا، پڇائيندو پڇائيندو ھڪڙي ڏينھن انھيءَ شھر ۾ اچي نڪتو جتي ديو رھندو ھو. شھر جي منھن ۾ پوڙھيءَ جي جاءِ ڏٺائين، ناني ناني ڪري لنگھي وٽس ويو. پوڙھيءَ کي سڀ حال ڏنائين ۽ رات رھڻ جي موڪل گھريائين. ڳالھين ڪندي ۽ حال وٺندي پوڙھيءَ چيس تھ: ابا! برابر تنھنجي ماءُ ديو وٽ آھي. ديو تنھنجن چاچن کي گھوڙن سوڌو پنڊ پھڻ ڪري ڇڏيو آھي، جي گنبذ جي چوڌار بيٺا آھن. تون ننڍڙو آھين، آءٌ ڊڄان ٿي تھ تون بھ نھ ديو جي ور چڙھي وڃين. شھزادي چيو تھ : آءٌ حلالي ھوندس تھ سڀني کي ڇڏائيندس، نھ تھ سر تان آسرو آءٌ بھ کڻي آيو آھيان. پوءِ پوڙھيءَ کي پيسا ڏنائين جا شھر مان سيڌو سامان وٺي آئي. رات جو کائي پي سمھي رھيو.

صبح جو اٿيو ۽ پوڙھيءَ کان پڇيائين تھ ھاڻي ڪھڙي پاسي وڃان. پوڙھيءَ کيس ڏس ڏئي چيو تھ: ديو ھاڻي چوپڙ راند ڪرڻو ويو ھوندو، تنھن ڪري خبر چار وٺڻ لاءِ ھيءَ مھل چڱي اٿئي. شھزادو يڪدم گھوڙي تي چڙھي گنبذ وٽ آيو، چوڌاري ڦريو پر اندر وڃڻ جي واھھ ھٿ نھ آيس. گھڻيئي سڏ واڪا ڪيائين پر ٻيو ٿيو خير. خيال آيس تھ گنبذ جي ھيٺان سرنگھھ ھڻي اندر وڃان. اھو خيال ڪري پوڙھيءَ وٽ موٽي آيو ۽ کانئس اچي اھڙا اوزار گھريائين. پوڙھي وئي تنھن پاڙي مان رنبو ۽ ڪوڏر وٺي آڻي ھن کي ڏني. جي کڻي شھزادو وري گنبذ وٽ آيو ۽ ھڪ جاءِ رٿي کوٽڻ شروع ڪيائين. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ، نيٺ ھڪڙي ڏينھن سندس محنتون صاب پيون، ۽ سرنگھھ وڃي گنبذ ۾ چاڙھيائين. ھيءُ اندر گنبذ ۾ داخل ٿيو. سبحان الله! ڇا ٿو ڏسي تھ گنبذ ناھي، پر محل آھي سندس ماءُ ھڪڙي ھندوري ۾ پئي جھولي. راڻيءَ مدت پڄاڻان جو آدمزاد ڏٺو سو چيائين تھ: اي انسان! توکي موت ھتي وٺي آيو آھي، خدا جي واسطي واپس موٽي وڃ. پر ھو اما اما ڪري اچي پيرن تي ڪريس. راڻيءَ کي پاڻ سڃاڻايائين، جنھن تي راڻيءَ چيس تھ: ابا! ھيءُ ديو زور آور آھي، تون ھن سان وڙھين ڪو نھ سگھندين، ماٺ ڪري موٽي وڃ. مونکي سمجھو تھ مري وئي. شھزادي چيس تھ: اما! ھيستائين پھچي ويو آھيان، خدا گھريو تھ ديو کي ماري توکي پاڻ سان وٺي ويندس. اتي ديو جي اچڻ مھل اچي ٿي، راڻيءَ پٽ کي چيو تھ: ابا! ھاڻ مئي جي اچڻ جي مھل ٿي آھي، توکي ھتي ڏسندو تھ آھر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيندو، تنھن ڪري ھاڻي وڃ. شھزادي چيس تھ: اما! سانجھيءَ ديو کان پڇج تھ سندس ساھھ ڪٿي آھي؟ آءٌ ھاڻي وڃان ٿو تون اندران سوراخ بند ڪري ڇڏ آءٌ ٻاھران بند ڪري ٿو وڃان، وري سڀاڻي ايندس. شھزادو سرنگھھ بند ڪري موٽي پوڙھيءَ وٽ آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org