سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :7

خيرن سان صبح ٿيو، بادشاھھ اٿي، خدا جو نالو وٺي، گز ڪمان کڻي، قسمت آزمائڻ لاءِ باغ ڏانھن روانو ٿيو. باغ ۾ پھچڻ سان ھن بسم الله ڪري، تير ڪشي وڻ ۾ ھنيو. قدرت خدا جي، تير لڳڻ سان ڇھھ انب اچي ھيٺ ڪريا. بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ميوا ميڙي محلات ۾ اچي راڻين کي کارايائين. آخر سندس اميدون پوريون ٿيون، ڌڻيءَ جي در عرض اگھجي ويو. ٿورن ئي ڏينھن ۾ ڇھن ئي راڻين کي اميد ٿي؛ ڏينھن پڄاڻا ڇھن ئي کي پٽ ڄاوا. جيڪو شھزادو سڀني کان پوءِ ڄائو، سو سڀني ڀائرن ۾ خوبصورت ھو، ان ڪري ان جو نالو ”لعل شھزادو“ رکيائون.

شھزادا اڄ ننڍا سڀان وڏا، آخر اچي جوان ٿيا. اتي بادشاھھ کي سندن شاديءَ جو خيال ٿيو. انھيءَ بادشاھي ۾ اھو رواج ھوندو ھو تھ شاديءَ لا بادشاھي ٻار گز ڪمان ۾ وجھي اڇلائيندا ھئا ۽ جن گھرن ۾ اھي تير ڪرندا ھئا، اتان انھن جي شادي ڪرائي ويندي ھئي. ان ڪري بادشاھھ بھ شھر ۾ پڙھو گھمارايو تھ، سڀاڻي شاھي رسم موجب شھزادا تير اڇلائيندا، ھرڪو جوان اچي حاضر ٿئي. شاھي ھوڪو ھو ۽ وري سالن کان پوءِ مس مس اھو تماشو ٿي ٿيو، سو ماڻھن جا ڀِينڀا لڳي ويا. امير امراء، غريب غرباءَ اچي حاضر ٿيا. ٿوري دير کان پوءِ شاھي حڪم ٿيو ۽ شھزادن ڪمانون تيار ڪري، ڇڪي وٺي تير اڇلايا؛ جن مان پنج تير تھ وڃي جدا جدا گھرن ۾ ڪريا، باقي لعل شھزادي جو تير وڃي ھڪڙي بُنڊ ۾ لڳو. سڀ حيران ٿي ويا ۽ نوڪر چاڪر ھڪدم اھو کڻڻ لاءِ ڊوڙيا. اتي وڃي ڏسن تھ بنڊ ۾ ھڪڙي ڀولڙي ويٺي آھي. نوڪرن ڀولڙيءَ کي آڻي بادشاھھ وٽ حاضر ڪيو، لعل شھزادي انھيءَ کي قسمت جو لکيو سمجھي ڀولڙيءَ سان شادي ڪئي.

ٻيا شھزادا تھ پنھنجي راڻين سان خوش گذارڻ لڳا، پر لعل شھزادو ڀولڙيءَ سان پرڻجڻ ڪري سدائين غمگين رھڻ لڳو. ڀلا ڇا لڳي ڀولڙي، ڇا لڳي انسان! ويچارو سڄو ڏينھن محل کان ٻاھر يارن دوستن سان پيو دل وندرائيندو ھو ۽ رات جو اچي پنھنجو منھن وٺي سمھي رھندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن بادشاھھ کي خيال ٿيو تھ، خبر وٺان تھ ڪھڙي شھزادي کي سگھڙ راڻي ملي آھي ۽ ڪنھن جو گھر سٺو ٿو ھلي. اھو خيال ڪري ھن سڀني شھزادن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تھ: ڪيترن ڏينھن کان دل اٿم تھ اوھان سان گڏجي ماني کان، تنھنڪري سڀاڻي توھين سڀ پنھنجي پنھنجي گھران ماني تيار ڪرائي کڻي اچجو. سڀئي شھزادا بادشاھھ سان ھائوڪار ڪري پنھنجي گھرن ڏانھن موٽيا ۽ اچي پنھنجين راڻين سان حقيقت ڪيائون. لعل شھزادي پيءُ وٽ تھ ھائوڪار ڪئي، پر ھاڻي اچي ڳڻتين ورايس تھ آءٌ ڪيئن ۽ ڪٿان ماني تيار ڪرائي ابي وٽ کڻي وڃان. سندس ٻانھيءَ جڏھن کيس ملول ڏٺو، تڏھن کانئس پڇيائين تھ: شھزادا! اوھان کي ڪھڙي ڳڻتي آھي؟ لعل شھزادي چيس تھ: سڀاڻي بادشاھھ سلامت اسان سڀني ڀائرن جي ماني کائيندو، ٻين جون تھ زالون موجود آھن جي عاليشان ماني تيار ڪري ڏينديون، پر منھنجو ڪير آھي جنھن کان اھڙو بندوبست ٿئي؟ تون بھ تھ اھڙو سٺو رڌي ڪا نھ ڄاڻين جو بابي سائين جي کائڻ لائق ھجي. ٻانھيءَ لعل شھزادي کي دلاسو ڏنو ۽ چيائينس تھ: شھزادا! اوھين دل نھ لاھيو، خدا مڙيئي چڱي ڪندو.

خير، جڏھن ھئو مئو ٽريو، تڏھن ٻانھي اچي ڀولڙيءَ کي ساري حقيقت ٻڌائي؛ ڇو تھ دراصل اھا ڀولڙيءَ جي ويس ۾ ھڪڙي پري ھئي، جنھن کي ٻانھيءَ ھڪ دفعو ڏسي ورتو ھو. ٻانھيءَ ڀولڙيءَ کي شھزادي واري سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، جنھن ٻانھيءَ کي چيو تھ: شھزادي کي دلاسو ڏي ۽ تون وڃي بنڊ جي ڀرسان بيھي چئو تھ، اوڀر واريءَ ڪنڊ ۾ رکيل طعام ڏيو. ٻانھيءَ يڪدم حڪم جي پيروي ڪئي ۽ بنڊ وٽان جيڪو طعام مليو سو کڻي آڻي شھزادي کي ڏنائين، جنھن اھو کاڌو کڻي وڃي بادشاھھ جي اڳيان حاضر ڪيو. بادشاھھ ٻين شھزادن جي آندل طعامن مان ٿورو ٿورو کائيندو جڏھن لعل شھزادي جي گھران آيل ڍاڪونءَ جو ڍڪ لاٿو، تڏھن سڄي مجلس طعام جي ھڳاءُ سان واسجي وئي. طعام جي خوشبوءَ وڃي بادشاھھ جي پيٽ ۾ بک جا چڪ وڌا، بس اکيون ٻوٽي جنبي ويو، مڙس کائيندو بھ وڃي ۽ ساراھھ بھ ڪندو وڃي، چي: عمر نبري وئي پر ھھڙو کاڌو نھ کاڌم. مطلب تھ ساراھھ مان ڍاپي ئي نھ پيو. گھڙي کن ۾ سڄو ڍاڪون صفا ڪري، ٻين شھزادن ڏانھن ڏسي، کلي چيائين تھ: ابا! اسان جي ننڍي ننھن توھان جي زالن کان گوءِ کڻي وئي. اھو ٻڌي پھرين تھ لعل شھزادو ڏاڍو خوش ٿيو، پر پوءِ جنھن مھل اھا يادگيري پيس تھ سندس گھر ۾ ڀولڙي آھي، تڏھن سڄي خوشي خاڪ ٿي ويس ۽ دل ۾ چوڻ لڳو تھ الاجي ٻانھيءَ ڪٿان طعام آندو آھي، مون واري ڀولڙيءَ ۾ اھڙي ساڃھھ ڪٿان آئي!.

وقت گذرندو رھيو. ھڪڙي ڏينھن وري بھ بادشاھھ شھزادن کي گھرائي چيو تھ: سڀاڻي ھرڪو شھزادو پنھنجي گھران ھڪ ھڪ رومال ڀرائي کڻي اچي. سڀني اچي وري بھ پنھنجي زالن سان حقيقت ڪئي. پر لعل شھزادو وري بھ اچي فڪر ۾ پيو تھ، ھاڻي ڀولڙي ڪيئن ڀرت ڀريندي؟ سو ويچارو وري بھ ويڳاڻو ٿي ويھي رھيو. ٻانھيءَ جڏھن شھزادي کي غمگين ڏٺو، تڏھن کانئس ڳڻتيءَ جو سبب پڇڻ لڳي. لعل شھزادي چيس تھ: اڳي تھ ھو مانيءَ جو سوال، پر ھاڻي آھي رومال ڀرڻ جو سوال، ھاڻي ٻڌاءِ تھ ڀلا منھنجي زال ڀولڙي، سا ڪيئن رومال ڀريندي؟ ٻانھي وري بھ شھزادي کي دلداري ڏئي، سڌو ڀولڙيءَ وٽ آئي ۽ رومال واري ڳالھھ ڪري ٻڌايائينس. ڀولڙيءَ ھن کي وري بھ ان بنڊ ڏانھن موڪليو تھ، بنڊ کان وڃي رومال گھر. ٻانھي وري بھ بنڊ وٽ وئي ۽ کيس اتان گھربل رومال ملي ويو، جو آڻي لعل شھزادي کي ڏنائين. تنھن وري اھو رومال آڻي بادشاھھ کي ڏنو. ٻين شھزادن بھ پنھنجا پنھنجا ڀرايل رومال آڻي بادشاھھ جي اڳيان حاضر ڪيا، پر سڀني کان لعل شھزادي جو آندل رومال نھ رڳو بادشاھھ کي پسند آيو، پر امير وزير بھ ان ئي رومال جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. ايتريءَ واکاڻ تي بھ لعل شھزادي کي ڪا خوشي ڪا نھ ٿي ۽ ھو اھڙو ئي غمگين ٿي واپس پنھنجي محلات ۾ پھتو.

ٿورن ڏينھن گذرڻ بعد، لعل شھزادو وري بھ اچي وڏي مونجھاري ۾ پيو، ڇو تھ ھن دفعي بادشاھھ سڀني شھزادن کي گھرائي چيو تھ: سڀاڻي آءٌ پنھنجي ننھرن کي ڏسڻ ايندس ۽ اوھان جا گھر بھ اچي گھمندس. ٻين کي تھ ڪو فڪر ئي ڪو نھ ھو، پر لعل شھزادو دل ۾ سوچڻ لڳو تھ، ھاڻي ڪھڙي منھن سان بادشاھھ کي پنھنجي زال ڏيکاريندس. انھيءَ فڪر ۾ ويٺو ھو تھ ٻانھيءَ وري بھ اچي پريشانيءَ جو ڪارڻ پڇيس. ھن کيس سڄو قصو ڪري ٻڌايو. ٻانھيءَ وري بھ کيس دلداري ڏني تھ: ڀلي بادشاھھ اوھان جو گھر ۽ زال ڏسي؛ جي زال ڀولڙي آھي تھ ڇا ٿيو؟ آءٌ گھر کي اھڙو تھ سينگاريندس جو بادشاھھ ڏسي خوش ٿيندو. ائين چئي ٻانھي وري ڀولڙيءَ وٽ آئي ۽ کيس ساري ڳالھھ ٻڌايائين. جنھن چيس تھ: دلجاءِ ڪر، سڀ ڪجھھ ٺيڪ ٿي ويندو.

ٻئي ڏينھن بادشاھھ پنھنجا امير وزير وٺي پنھنجي ننھرن ۽ سندن گھر ڏسڻ لاءِ اچي نڪتو، سڀني شھزادن جون زالون ھار سينگار ڪري، عطر عنبير ملي، تيل مساڳ ملي، پنھجي سھري جي آجيان لاءِ تيار ٿي ويٺيون. ڀولڙيءَ بھ ڇا ڪيو جو پنھنجي پوش واري کل لاھي، وھنجي سھنجي سينگار ڪري، محلات ۾ ھڪ اھڙي ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويٺي، جتي اوندھھ گھڻي ھئي؛ پر ھوءَ اھڙي تھ حسين ھئي جو ڪوٺيءَ ۾ ڄڻ تھ ڪا بتي پئي ٻري. بادشاھھ بھ گھمندو گھمندو ٻين شھزادن جي زالن وٽان ٿي اچي لعل شھزادي جي گھر پھتو. جڏھن ھلندي ھلندي پريءَ واري ڪوٺيءَ وٽ پھتو تھ ھن جي نظر وڃي پريءَ تي پئي. بادشاھھ، پريءَ کي ڏسڻ سان بيھوش ٿي ڪري پيو. يڪدم ٻانھيءَ ۽ پريءَ اچي کيس اٿاريو ۽ گلاب ڇٽڪاري کيس ھوش ۾ آندو. ھوش ۾ اچڻ بعد ھن سڀني اميرن وزيرن سان لعل شھزادي جي زال جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي ۽ خوش ٿي واپس موٽيو.

لعل شھزادي جڏھن پنھنجي گھر ۾ ھھڙي سھڻي زال ڏٺي ۽ پنھنجي پيءُ کان ان جي تعريف ٻڌي، تڏھن وائڙو ٿي ويو ۽ وڌي اچي ٻانھيءَ کان ان راز جي حقيقت پڇيائين، جنھن چيس تھ: شھزادا! ھينئر وقت ڪونھي، باقي سڀاڻي توھان کي ٻڌائينديس.

آخر رات گذري، صبح ٿيو ۽ لعل شھزادو جنھن کي سڄي رات اڻ تڻ لڳي پئي ھئي، سو سويل ئي ٻانھيءَ وٽ آيو ۽ چيائينس تھ: ھاڻي جلدي ٻڌاءِ تھ ڪھڙو اسرار آھي؟ ٻانھيءَ عرض ڪيو تھ: شھزادا! توھان جي زال، حقيقت ۾ ڀولڙي نھ، پر ھڪ پري آھي. پريءَ جو ٻڌي لعل شھزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻانھيءَ کان صلاح پڇيائين تھ: اھڙي ڪا اٽڪل ٻڌاءِ جو ھي وري لاٿل کل نھ پائي. ٻانھيءَ چيو تھ: شھزادا! جنھن وقت ھوءَ وھنجندي آھي، ان وقت کل لاھي پري رکندي آھي. اوھين ڪٿي لڪي ويھو ۽ وجھھ ڏسي اھا کڻي باھھ ۾ وجھجو، پوءِ نھ کل ھوندي ۽ نھ وري پھريندي. اھا صلاح لعل شھزادي کي بھ وڻي، تنھن ڇا ڪيو جو ٻئي ڏينھن جڏھن ڀولڙي کل لاھي پري رکي وھنجڻ لڳي تڏھن شھزادي موقعو ڏسي اھا کل کڻي باھھ ۾ اڇلائي. کل اڃان ٿوري سڙي تھ ان پريءَ ڀريل دلو کڻي يڪدم ان جي مٿان وڌو ۽ لعل شھزادي کي چيائين تھ: اي شھزادا! تو منھنجا پر ساڙيا آھن، توکي ائين ڪرڻ نھ گھربو ھو، پر ھاڻي جيڪي ٿيو سو ٿيو؛ باقي مان وڃان ٿي، منھنجو نالو ”سبز پري“ آھي، مان چين ولايت جي ويٺل آھيان؛ جيڪڏھن مونکي ھٿ ڪرڻو ھجئي تھ ھاڻي اتي اچي ڳولي لھجئين. ائين چئي ھن وٺي ڀڙڪو کاڌو  ۽ اڏامي ھلي وئي. لعل شھزادي ويچاري جا طاق ئي لڳي ويا، پوءِ پري ڏسندي ڏسندي نظرن کان غائب ٿي وئي.

سڄي رات آنڌ مانڌ ۾ گذاري ٻئي ڏينھن لعل شھزادو ھڪ ڀلو گھوڙو تيار ڪري، ناڻي سان خرزين ڀري، سبز پريءَ جي ڳولا ۾ روانو ٿيو. منزلون ڪندي ڪندي آخر ھڪڙي ھنڌ سندس گھوڙو بنھھ ٿڪجي پيو ۽ ھي لاچار لھي پيو. گھوڙي کي اتي جھنگ ۾ ڇڏي، ناڻي سان ڀريل خرزين بھ اتي لڪائي، پاڻ وري بھ پنڌ ڪاھي پيو ۽ ھلندي ھلندي اچي ھڪڙي سڃي باغ ۾ پھتو. اتي ڏسي تھ ھڪ ديو ستو پيو آھي، جنھن کي گوڏن تائين ڊڀ ڄمي ويا آھن. لعل شھزادي کوھھ تي اچي ٻوڪو کڻي باغ کي پاڻي ڏيڻ لڳو. پاڻي ڏيندي ڏيندي ھن کي اتي ڇھھ مھينا گذري ويا. آخر باغ بھ سائو ٿيو ۽ ديو بھ ڇھن مھينن جي ننڊ ڪري اٿيو. لال شھزادو ماما ماما ڪري وڃي ديو جي پيرن تي ڪريو. ديو چيس تھ: اي آدمزاد! جيڪڏھن ماما نھ چئين ھا تھ سرنھن جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ ھا، پر ھاڻي جيڪي گھرڻو اٿئي سو گھر. تڏھن لعل شھزادي چيس تھ: ماما! خدا جو ڏنو ٻيو سڀڪي اٿم، باقي مونکي چين ولايت ۾ سبز پريءَ وٽ وڃڻو آھي؛ ڪو ڏس پنڌ ڏي. ديو چيس تھ: پنھنجي ساھھ کان کٽو ٿيو آھين ڇا، جو ديون ۽ پرين جي ملڪ ۾ ٿو وڃين؟ ھو جتي ڏسندئي اتي کائي کپائي ڇڏيندءِ! لعل شھزادو منٿ ڪرڻ لڳس تھ: ماما! اھا کٽي منھنجي قسمت، توھين مھرباني ڪري ڪو ڏس پتو ڏيو. تڏھن ديو چيس تھ: پٽ! اسين اڃا ٻار ھئاسين تڏھن سبز پري ھتان اڏامندي ويندي ڏٺي ھيم، وري نھ ڏٺي اٿم نھ ڪو سندس پتو اٿم.باقي اڳتي منھنجو ڀاءُ ويٺو اٿئي، شايد ان کان ڪو ڏس پتو ملئي. لعل شھزادي موڪلائڻ وقت ديو کان گھر ڪئي تھ: ماما! ڪا سوکڙي پاکڙي ڏينم! تڏھن ديو کيس ھڪ اڏند کٽولي ڏني ۽ چيائينس تھ: ھن کي جتي چوندي اتي پھچائيندءِ. لعل شھزادو اڏند کٽولي وٺي ٻاھر نڪتو ۽ ان تي ويھي چيائينس تھ: اڏام اڏند کٽولي جتي منھنجو ٻيو مامو. اڏند کٽولي اڏاڻي ۽ کن پل ۾ لعل شھزادي کي اچي ٻئي ديو وٽ پھچايائين.

لعل شھزادو ڏسي تھ ھي بھ اڳئين ديو وانگر ستو پيو آھي ۽ ان جو باغ بھ ويران لڳو پيو آھي. ھن ان کي بھ يڪدم پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو. جڏھن باغ سائو ٿيو تھ ديو بھ ڇھن مھينن جي ننڊ ڪري اٿيو. لعل شھزادو ھن کي بھ ماما ماما ڪري اچي پيرين پيو. ھن آڌر ڏيئي اچڻ جو مطلب پڇيو. لعل شھزادي سموري حقيقت بيان ڪري ٻڌايس. تڏھن ديو چيس تھ: بابا! گھڻو وقت اڳي سبز پريءَ کي ھتان لنگھندي ڏٺو ھئم، وري ڪو بھ پتو نھ آھي تھ ڪيڏانھن ويئي، باقي منھنجو وڏو ڀاءُ اڳيان ملندءِ؛ شايد اھو ڪو ڏس پتو ڏي. خير لعل شھزادي ان کان بھ موڪلائڻ وقت سوکڙي گھري، جنھن ھڪ ڏنڊو ڏنس ۽ چيائينس تھ: ھي ”پڪڙ ڏنڊا، پڪڙ سيلھي“ اٿئي ھن کي جنھن تي حڪم ڏيندين، ان کي ھي پڪڙي ڏاڍي مار ڏيندو ۽ جيستائين وري تون نھ جھليندين تيسين ڏنڊي جو سٽڪو پيو پوندو.

لعل شھزادو ”پڪڙ ڏنڊا پڪڙ سيلھي“ کڻي ٻاھر نڪتو ۽ اڏند کٽوليءَ تي چڙھي، ان کي چيائين تھ: اڏام ڙي کٽولي! جتي منھنجو ٽيون مامون! اڏند کٽولي يڪدم وٺي اڏامڻ ڙي لڳي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ لعل شھزادي کي آڻي ٽئين ديو وٽ پھچايائين ۽ ڏسي کڻي تھ ھن ديو جو بھ اھو ئي حال، اھا ئي ننڊ جي حالت ۽ اھڙو ئي اجڙيل باغ. لعل شھزادي ھن باغ کي بھ پاڻي ڏيڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري عرصي ۾ باغ بھ سائو ٿي ويو تھ ديو بھ ننڊ مان سجاڳ ٿيو. لعل شھزادي ھن ديو کي پنھنجو مطلب ٻڌايو ۽ ڏس پنڌ پڇيو. تڏھن ديو چيس تھ ھتان اوڀر طرف ڪن مھينن جو پنڌ ڪبو تھ ھڪڙو کوھھ ايندو، جنھن کي لوھي ڪوٽ ڏنل آھي. اتي سبز پريءَ جون ساھيڙيون ۽ ٻانھيون روز پاڻي ڀرڻ اينديون آھن ۽ اھو پاڻي گاڏين تي کڻي واپس وينديون آھن. تون جڏھن اتي پھچين تڏھن لڪي ڪنھن گاڏيءَ ۾ لڙڪي پئج، پوءِ پاڻھي وڃي سبز پريءَ وٽ پھچندين. پر، ھيءَ ٽوپي وٺ جيڪڏھن ھيءَ مٿي ۾ پائيندين تھ تون سڀني کي پيو ڏسندين پر توکي ڪوئي ڪو نھ ڏسندو.

لعل شھزادي ديو کان موڪلائي، ٻاھر اچي ٽوپي مٿي ۾ پاتي ۽ اڏند کٽوليءَ تي اڏامي اچي ان لوھي ڪوٽ واري کوھھ وٽ لٿو. اڏند کٽوليءَ کي ھڪ ھنڌ لڪائي پاڻ بھ لڪي ويھي رھيو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪيتريون ئي پريون گاڏيون ڪاھي آيون ۽ جڏھن پاڻي ڀري واپس وڃڻ لڳيون تڏھن لعل شھزادو بھ ديو جي ڏنل ٽوپي پائي ھڪڙي گاڏيءَ جي دريءَ تي چڙھي ھنن سان گڏجي ھليو. سڄي واٽ ھي پرين جون ڳالھيون ٻڌندو ھليو ۽ ھنن کي چڱيءَ طرح جاچيندو رھيو مگر ھن کي ڪنھن بھ ڪو نھ ٿي ڏٺو.

جڏھن سڀئي اچي سبز پريءَ جي شھر ۾ رسيا، تڏھن لعل شھزادي انھن پرين جي پٺ ورتي ۽ سبز پريءَ جي محلات ۾ پھتو. ھو پنھنجي راڻيءَ کي ملڻ لاءِ بيتاب ھو سو ان جي تلاش ڪرڻ لڳو. اڱڻ ۾ ھن اچي ڏٺو تھ سبز پريءَ جي ماءُ نوڪرن کي پئي چوي تھ: ھي پاڻي ھتي رکو، سبز پري تھ ڪجھھ کائي پئي بھ ڪا نھ ٿي، آءٌ وڃان ٿي ان جي جاچ ڪرڻ. اھو ٻڌي لعل شھزادي بھ ان جي پٺ ورتي ۽ اچي ڏسي تھ ھڪڙي ڪوٺيءَ ۾ سبز پري اونڌي منھن پئي آھي ۽ اھڙو تھ ڳري وئي آھي جو چري بھ نھ ٿي سگھي. ماڻس وٽس پھچي چيو تھ: ڌيءَ! اٿي ڪجھھ کاءُ پيءُ، ڇو ٿي پنھنجي عمر ڳارين، تنھنجو لعل شھزادو ھتي ڪيئن ايندو؟ سبز پريءَ جواب ڏنس تھ: امان! منھنجي شادي لعل شھزادي سان ٿيل آھي، جيستائين ھو ھتي نھ ايندو تيستائين منھنجي اھا ئي حالت رھندي. ماڻس ھن کي گھڻو ئي سمجھايو پر ھن نھ مڃيو. نيٺ ھوءَ مايوس ٿي ھلي وئي ۽ سبز پري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. لعل شھزادي بھ اڳتي وڌي پاسو وٺي اچي سندس ڀرسان ويٺو ۽ سبز پريءَ کي سڏ ڪري، ٽوپي مٿي مان لاھي ھن کي پنھنجي شڪل ڏيکاريائين. سبز پري، لعل شھزادي کي پاڻ وٽ ڏسي خوشيءَ مان اڇل ڏئي ھن کي کڻي ڀاڪر پاتو. ھن جي ڳالھائڻ تي ماڻس يڪدم ڊوڙندي آئي، پر لعل شھزادي يڪدم ٽوپي مٿي ۾ وجھي ڇڏي، جنھن ڪري ھو ڪنھن کي بھ ڏسڻ ۾ نھ آيو. سبز پريءَ کي خوش ڏسي ماڻس چيس تھ: ڪھڙو سبب آھي جو اوچتو ڏاڍو خوش پئي نظر اچين؟ لعل شھزادو آيو آھي ڇا؟ سبز پري چيس تھ: ھو ويچارو ھتي ڪيئن اچي سگھندو؟ باقي ھاڻي مون ھن کي وسارڻ جو فيصلو ڪيو آھي. ھاڻي مونکي ڪجھھ آڻي ڏي تھ کان. پر ماڻس کي ھن اوچتي تبديليءَ تي شڪ پئجي ويو، سو وري ڌيءَ کي چيائين تھ: ڌيءَ! تو ضرور لعل شھزادي کي ڏٺو آھي تڏھن خوش ٿي آھين؛ مونکي حضرت سليمان جو قسم آھي تھ آءٌ تنھنجي لعل شھزادي کي ڪجھھ بھ نھ ڪنديس، جيڪا ڳالھھ ھجي سا چئي ڏي. ماءُ جي قسم کڻڻ تي سبز پريءَ لعل شھزادي کي چيو تھ: منھنجا مٺا لعل! امان کي پاڻ ڏيکار. تڏھن لعل شھزادي ٽوپي لاٿي. سبز پريءَ جي ماءُ ھن خوبصورت آدمزاد کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿي. ھنن ٻنھي لاءِ ماني گھرائي کين کارائي ڍؤ ڪرايو. پوءِ پاڻ وڃي پنھنجي مڙس سبز پريءَ جي پيءُ سان ڳالھھ ڪيائين، جو پڻ لعل شھزادي سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو.

ڪجھھ ڏينھن خير خوشيءَ جا گذريا تھ ھڪ ڏينھن سبز پريءَ جي پيءُ وٽ چار ديو آيا، جن کي ھن سبز پريءَ جي سڱ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو، انھن اچي سڱ گھريو. سبز پريءَ جي ماءُ پي اچي لعل شھزادي سان ڳالھھ ڪئي، جنھن کين دلاسو ڏنن تھ: توھين ڪو بھ فڪر نھ ڪريو، آءٌ اڪيلو سڀني سان وڙھندس ۽ کين ماري مڃائيندس. انھي ڏڍ ملڻ تي سبز پريءَ جي پيءُ انھن ديون کي صاف جواب ڏئي ڇڏيو. ديون کي جو جواب مليو، سي ڪاوڙجي وڙھڻ لاءِ تيار ٿي اچي ميدان تي بيٺا، چي: ڪھڙو پھلوان ديو آھي جو اسان سان مقابلو ڪندو! لعل شھزادو بھ ٽوپي پائي اچي ميدان تي بيٺو ۽ ”پڪڙ ڏنڊا پڪڙ سيلھي“ کي حڪم ڪيائين تھ: وٺ ھنن ديون کي، نھ ڇڏ ھنن مان ھڪڙو! پوءِ تھ اچي ديون ۾ ڪٽڪو پيو. ديو ھي اوچتا ڏنڊا کائي مٿا ڪٽائي وٺي ڀڳا ۽ وري پوئتي بھ نھ نھاريائون. بس پوءِ تھ خوشيون ٿي ويون. ڀير تي ڏونڪو لڳي ويو. لعل شھزادو ۽ سبز پري ھيڪر وري بھ خوش گذارڻ لڳا.

ڳچ ڏينھن رھڻ کا پوءِ لعل شھزادي آخر ڳوٺ ورڻ جو خيال ڪيو ۽ سبز پريءَ ۽ ان جي ماءُ پيءُ کي سموري ڳالھھ ٻڌائي کانئن موڪل گھري، جن ھن کي خوشيءَ سان موڪل ڏني. ھلڻ وقت سبز پريءَ ھن کي ھڪ سڱ ۽ وارن جو وانگوڙو ڏنو ۽ چيائينس تھ: جڏھن توکي منھنجي سڪ لڳي تڏھن ھن وارن جي وانگوڙي کي تؤ ڏيندين ۽ ھن سڱ کي ڦوڪ ڏيندين تھ آءٌ اچي تو وٽ حاضر ٿينديس. لعل شھزادو موڪلائي جڏھن ھلڻ لڳو تھ پرين ھن کي آڻي کوھھ وٽ ڇڏيو، جتان ھنن جي سرحد ھئي. اتان اڏند کٽوليءَ تي چڙھي اچي ٽئين ديو وٽ پھتو.

حال احوال ڏنائين ورتائين تھ ديو ڍونگ ڪري چيس تھ: اھو نسورو ڪوڙ آھي، پريون ٿيون سڱ تي اچن! تون ماٺ ڪري اھو وانگوڙو ۽ سڱ مون کي ڏيئي وڃ. جڏھن لعل شھزادي ڏيڻ کان انڪار ڪيو تھ ديو اچي ڪاوڙيو ۽ چيائين تھ: نٿو ڏين تھ آھر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيندوسانءِ. لعل شھزادي يڪدم پڪڙ ڏنڊا، پڪڙ سيلھي کي حڪم ڪيو جنھن اچي ديو تي ڏنڊن جو ڪٽڪو وڌو، تڏھن ديو وٺي رڙيون ڪيون، چي: مون بس ڪئي، اچي ھي ديڳڙو بھ وٺ! جنھن کي جڏھن بھ جھڙو طعام چوندين تھ توکي تيار ٿي ملندو، رڳو منھنجي جند ڇڏ. تڏھن لعل شھزادي ديڳڙو وٺي ڏنڊي کي بس ڪرڻ جو حڪم ڏنو، تڏھن وري ويچاري ديو تان موچڙا لٿا.

ھاڻي لعل شھزادي دل ۾ خيال ڪيو تھ جي ٻين ديون وٽ ويندس تھ اھي بھ اھڙي لالچ ڪندا، سو اڏند کٽوليءَ تي چڙھي سڌو اچي اتي پھتو، جتي سندس گھوڙو پئي چريو. خرزين ناڻي جي ھٿ ڪيائين. پوءِ ديڳڙي کي طعام تيار جو حڪم ڏنائين، جنھن يڪدم ست رڇي تيار ڪري ڏنس. پوءِ وانگوڙي کي تؤ ڏنائين ۽ سڱ ڦوڪيائين تھ سبز پري ستر سھيلين سان اچي حاضر  ٿي، ۽ لعل شھزادي کي جھنگ ۾ ڏسي سبز پريءَ پڇيس تھ: تون ڇو اڃا ڳوٺ نھ پھتو آھين؟ تڏھن لعل شھزادي جواب ڏنس تھ: ھي طعام تيار ڪرايم مگر اڪيلو کائڻ تي دل نھ لڳي ان ڪري توکي گھرايم. ھاڻي ويھھ تھ کائون. پوءِ تھ سڀني گڏجي طعام کاڌو ۽ سبز پري وري بھ موڪلائي سھيلين سميت رواني ٿي وئي ۽ لعل شھزادو بھ سڀ سامان پاڻ سان کڻي، گھوڙي تي سوار ٿي اچي خير جو پنھنجي ڳوٺ پھتو. پيءُ ۽ ڀائرن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سموري حقيقت کين ٻڌايائين.

ٻئي ڏينھن ھن محل کي سينگاري تيار ڪيو ۽ پوءِ سبز پريءَ کي گھرائڻ لاءِ وارن جي ونگوڙي کي تؤ ڏيئي وري سڱ کي ڦوڪ ڏني تھ سبز پري ستر سھيلين سان اچي پھتي. سڀئي پاڻ ۾ ملي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھميشه لاءِ گڏ گذارڻ لڳا.

6 – چاندني چال پري *

ھڪڙو ھو بادشاھھ، دنيا جي ھر خوشي کيس حاصل ھئي، پر رڳو اولاد نھ ھئڻ جو ڏک ھئس. ھر وقت اھا ئي ڳڻتي ھوندي ھئس تھ کانئس پوءِ ھيڏي ساري بادشاھيءَ جو ڪير مالڪ ٿيندو؟ انھيءَ ڪري، ھن ڇھھ شاديون ڪيون، پر سندس دل جي مراد پوري ڪا نھ ٿي. نيٺ اميرن وزيرن کيس ستين شادي ڪرڻ جي صلاح ڏني. پھرين انڪار ڪيئين، پر جڏھن وزيرن اميرن گھڻو زور رکيس تڏھن ھائوڪار ڪيائين. پوءِ تھ چئني طرف چارئي روانا ٿي ويا. آخر ھڪڙي شاھوڪار جي ھڪ سدا ملوڪ ڌيءَ جو سڱ بادشاھھ لاءِ ڇڪايائون ۽ انھيءَ سان بادشاھھ شادي ڪئي. شاديءَ کان پوءِ بادشاھھ جي دل ٻين ڇھن ئي راڻين تان کڄي وئي، ۽ سندس اڪثر وقت نئين ڪنوار وٽ گذرندو ھو. مڄاڻ تھ اھي ڇھھ ئي راڻيون ڪي اميد سان ھيون. بادشاھھ کي انھي ڳالھھ جي سڌ ئي ڪا نھ ھئي؛ پر نئين راڻيءَ کي انھي ڳالھھ جي کڙڪ پئجي وئي، سو انھن راڻين جي خلاف بادشاھھ جا ڪن ڀرڻ لڳي. نيٺ بادشاھھ ٻڌي ٻڌي ڪڪ ٿي پيو، سو حڪم ڏنائين تھ: انھن ڇھن ئي جون اکيون ڪڍي، کين انڌي کوھھ ۾ وجھي ڇڏيو بس حڪم جي دير ھئي، بادشاھھ جي ماڻھن ڇھن ئي راڻين جون اکيون ڪڍي، کين ھڪڙي انڌي کوھھ ۾ ڇڏي آيا. باقي ستين راڻي خوش ٿي ويھي بادشاھھ تي حڪم ھلائڻ لڳي.

ھيڏانھن ھي ڇھئي راڻيون، اللهجي آسري، ھڪ دائي جي آسري تي پئي تڳيون؛ جو روز رکي سڪي ماني اچي کين ڏئي ويندي ھئي، جنھن کي پاڻ ۾ ونڊي ورڇي پيون کائينديون ھيون.


*  ێۑ٪ کإڵێێ إّجڎ (جڠڵڤۑ ڎۆێڏۑ) ڶإڷ ڠبڈإڵڎڐإڤ ڶۑڶڼ ڦإڷ ڶڵۑ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org