سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :6

شھزادو ويچارو ڪنھن جو واقف ڪو نھ ھو، تنھنڪري جتين واري جاءِ وٽ اچي ويھي رھيو. جڏھن ڪچھري پوري ٿي تھ ھر ھڪ کي جتي سنئين ڪري ڏيندو ويو. اوچتو مٿس بادشاھھ جي نگاھھ پئي، سو پڇيائين تھ: ھيءُ ڇوڪرو ڪير آھي؟ جنھن تي ڇوڪري ٻڌايس تھ: بادشاھھ سلامت! آءٌ فلاڻي بادشاھھ جو پٽ آھيان ۽ توسان ملڻ آيو آھيان. بادشاھھ کي ھن تي ڏاڍي ڪھل آئي ۽ حڪم ڏنائين تھ: شھزادي کي ھڪدم وھنجاري بادشاھي مھمان سراءِ ۾ رھايو. شھزادي اتي ٻھ – ٽي ڏينھن رھي ڏاڍا ٿڪ ڀڳا ۽ پوءِ بادشاھھ کان موڪلايائين. بادشاھھ ھن کي فقط چار سؤ رپيا ڏنا، جي کڻي شھزادو واپس موٽيو.

پھرين منزل تي ڏسي تھ ھڪڙو جوڳي، نانگ کنيو در در تان پيو خيرات وٺي ۽ جي وري ڪنھن کيس خيرات نٿي ڏني تھ وري نانگ کي ٿي ماريائين، انھي ڪري تھ جيئن گھڻي خيرات ملي. شھزادي کي نانگ تي ڏاڍو رحم آيو، سو جوڳي کان پڇيائين تھ: جوڳي! نانگ وڪڻندين؟ جوڳي وراڻيو تھ: ھائو، سؤ روپيا نانگ جو ملھھ اٿئي. شھزادي يڪدم سؤ رپيا جوڳي کي ڏئي نانگ خريد ڪيو ۽ اڳتي روانو ٿيو. ٻيءَ منزل تي وري ھڪڙو طوطو سؤ رپين ۾ خريد ڪيائين. اھڙي طرح باقي ٻھ سؤ رپيا، نانگ ۽ طوطو کڻي اچي گھر ڀيڙو ٿيو. جتي باقي ٻن سون مان ھڪڙو ڀلو گھوڙو ورتائين ۽ باقي پئسا ماءُ کي ڏنائين. قدرت خدا جي اھڙي ٿي جو ٻن ڏينھن کان پوءِ سندس پيءُ واري ملڪيت جا ٺڪر ڀتر ٿي وئي ھئي، سا اصل صورت ۾ اچي وئي، پوءِ تھ ٻئي ماءُ پٽ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ ڏاڍي آرام سان رھڻ لڳا.

نانگ ۽ طوطو شھزادي جا وفادار دوست بنجي ويا ھئا، ھڪڙي ڏينھن نانگ شھزادي کي چيو تھ: شھزادا! تنھنجي حياتي خطري ۾ آھي، تنھنڪري اڄ کان پوءِ جيڏانھن وڃي، تيڏانھن مون کان موڪل وٺي پوءِ وڃج. شھزادي سندس اھا ڳالھھ مڃي، ۽ پوءِ جيڏانھن بھ ويندو ھو تيڏانھن نانگ کان پڇي پوءِ ويندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن شھزادي دل ۾ خيال ڪيو تھ، آءٌ ڪو نانگ جو نوڪر ڪو نھ آھيان، تنھنڪري ھاڻي کانئس ڪو نھ موڪلائيندس. اھو خيال ڪري گھوڙي تي چڙھي ھليو ويو. ھلندي ھلندي ھڪ اھڙي ھنڌ وڃي پھتو جتي نانگ ۽ بلائون تمام گھڻا ھئا، اھي گھوڙي جي پيرن کي وڪوڙي ويا. شھزادو ڏاڍو عاجز ٿيو تھ، ايتري ۾ سندس نانگ اچي حاضر ٿيو ۽ سڀني نانگن سان مقابلو ڪري انھن کي ڀڄائي ڇڏيائين: ۽ شھزادي کي چيائين تھ: تون بنا اجازت ڇو آئين؟ ائين چئي اندر مان ھڪ ڳوڙھي ڪڍي ۽ شھزادي کي ڏئي چيائين تھ: جيڪڏھن ھيءَ ڳوڙھي پنھنجي ھٿ تي گھي جنھن بھ شيءِ کي اھو ھٿ لائيندين تھ اھا سوني ٿي پوندي. ھاڻي تنھنجو ٿورو لٿو، اسان جي الله واھي. جڏھن ضرورت پوئي تڏھن مونکي ياد ڪج تھ آءٌ حاضر ٿيندس. ائين چئي نانگ موڪلائي ھليو ويو.

ڇوڪرو وري گھوڙي تي چڙھي اڳتي ھليو تھ ڇا ڏسي ھڪڙو محلات آھي، جنھن جي دروازي تي لکيو پيو آھي تھ، جيڪو ماڻھو ھڪڙي رات ۾ ھن محلات جي اڀرندي پاسي کان سونين سرن سان ماڙي ٺھرائيندو، تنھن سان شھزادي شادي ڪندي. شھزادي کي بھ شوق ٿيو تھ نانگ جي ڏنل ڳوڙھي بھ آزمايان ۽ شھزاديءَ سان شاددي بھ ڪريان. اِھو پھھ پچائي، يڪدم ڀير تي وڃي ڏؤنڪو ھنيائين تھ ھڪڙي ٻانھي نڪري آئي، جنھن اچي شرط ٻڌايس ۽ نالو نشان ورتس. ٻانھيءَ گھڻو ئي سمجھايس تھ: اي شخص! انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ، ھتي ڪيترائي شھزادا آيا ۽ ناڪام ٿي ويا ۽ ڪاٺ ۾ پيا سڙن، تون بھ ماٺڙي ڪري موٽي ھليو وڃ. شھزادو نھ مڙيو ۽ شرط شروط قبول ڪري ڪم کي لڳي ويو. ھن ڇا ڪيو جو يڪدم سرون گھرائي، ڪيترائي مزدور بيھاري رات وچ ۾ ماڙي ٺھرائي تيار ڪرائي ۽ سج اڀرڻ کان اڳ نانگ جي ڏنل ڳوڙھي ھٿ تي گھي، سرن کي لاٿائين تھ سڀ سونيون ٿي پيون. پوءِ تھ ڏاڍو خوش ٿيو. صبح جو سج اڀرڻ سان ماڙيءَ جو اولڙو شھزاديءَ جي محلات ۾ پئي پيو. جنھن پنھنجي ٻانھيءَ کان پڇيو تھ: اھو اولڙو ڇا جو آھي؟ ٻانھي دري کولي ڏسي تھ مار! سونين سرن سان ماڙي تيار بيٺي آھي! پوءِ رڙ ڪري شھزادي کي چيائين تھ: شھزادي! اڄ تنھنجو خير ڪونھي، ماڙي ٺھي تيار ٿي وئي آھي، ھاڻي توکي شادي ڪرڻي پئي! پوءِ انجام موجب شھزاديءَ ساڻس شادي ڪئي، ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ اتان موڪلائي، ڪنوار سميت پنھنجي ملڪ موٽي آيو.

اتي شھزادو، شھزاديءَ سان منھن ڏئي نھ ڳالھائي..... شھزادي ڏاڍي ششدر ٿي. اھڙيءَ طرح ڪيترائي ڏينھن گذري ويا. نيٺ ھڪڙي ڏينھن راڻيءَ کيس چيو تھ: ھيترا ڪشالا ڪري مونکي وٺي آيو آھين، پوءِ ڪھڙو سبب آھي جو مون سان ڳالھائين بھ نٿو، جيڪڏھن آءٌ توکي نٿي وڻان تھ وڃي پيترول پريءَ سان وھانءُ ڪر. شھزاديءَ جو ايترو چوڻ ۽ شھزادي جو بر ٿيڻ، چي: ھاڻي جي پرڻبس تھ اھا پيترول پري، نھ تھ ائين ئي چڱو آھيان. شھزادي چئي تھ ويٺي پر پوءِ اچي مٺي، پوءِ تھ ڪيتريون ئي منٿون ڪيائينس پر شھزادو پنھنجي ڳالھھ تان ڪو نھ لٿو، سھي سنڀري گھوڙي تي چڙھي پيترول پريءَ جي ڳولا ۾ روانو ٿيو. وڃڻ کان اڳ ماءُ کي ٻڌائي ويو تھ جيڪڏھن اڱڻ ۾ لڳل نم سڪي وڃي تھ سمجھجائين تھ منھنجو خير نھ آھي، پوءِ منھنجي طوطي کي پڃري مان ڪڍي ڇڏج، اھو پاڻھي اچي منھنجي مدد ڪندو. ائين چئي  موڪلائي اٿي ھليو. پڇائيندو پڇائيندو اچي جبلن وٽ پھتو، تنھنڪري گھوڙي کي اتي ڇڏي، پيرين پيادو جبل تي چڙھڻ لڳو. اڃان ٿورو پنڌ مس ڪيائين تھ کيس چار شخص گڏيا، جيڪي پنھنجي آڏو ڪپڙي، ديڳڙو، ڏنڊي ۽ سيلھي ۽ اڏند کٽولي رکيو پئي وڙھيا. ھيءُ وڌي وٽن ويو ۽ کانئن وڙھڻ جو سبب پڇيو. جنھن تي ھڪڙي کيس ٻڌايو تھ: اسان جو جھيڙو ھن ڪپڙي تان آھي، جنھن ۾ ھي تاثير رکيل آھي تھ جيڪڏھن ھن ۾ پاڻي وجھي ڪنھن مئل ماڻھو کي پيارجي تھ اھو جيئرو ٿي پوندو. تنھن تي شھزادي کانئن پڇيو تھ: باقي ھي ٽي شيون ڪھڙي ڪم جون آھن؟ جنھن تي ھنن کيس ٻڌايو تھ: ديڳڙي جي خاصيت ھيءَ آھي تھ ڪنھن بھ وقت تي ھن کان دل گھريو طعام گھربو تھ ملندو. جيڪڏھن ڪنھن دشمن کي ڦيھھ ڪڍائڻي ھجي تھ ھن ڏنڊي ۽ سيلھي کي چئبو تھ وٺ! پوءِ ايستائين ڪو نھ ڇڏيندي، جيستائين مالڪ ھن کي بس ڪرڻ جو حڪم نھ ڏيندو، ۽ ھن اونڌي کٽولي ۾ اھا خاصيت آھي تھ جنھن بھ پاسي چئبس تھ ھلي اتي ڇڏيندي. پر ھر ڪو چئي ٿو تھ ڪپڙي مونکي ملي. ھاڻي تون اسان جو امين آھين، جيڪو تون فيصلو ڪندين سو اسان کي قبول آھي. شھزادي چين تھ: آءٌ تير اڇلايان ٿو، جيڪو اڳ ۾ اھو تير آڻيندو، ان کي ڪپڙي ملندي. ائين چئي زور سان وٺي تير اڇلايائين. چارئي ڄڻا انھيءَ تير جي پٺيان ويا، شھزادي ڇا ڪيو جو سڀ شيون کڻي اڏند کٽوليءَ تي چڙھي چيو تھ: ھل اتي جتي پيترول پريءَ جو ملڪ آھي. شھزادي جو ايترو چوڻ ۽ اڏند کٽوليءَ جو اڏامڻ. چئن شخص جو اھو ڏٺو سي تھ منھن مٿو پٽيندا رھجي ويا.

شھزادو ساعت کن ۾ اچي پيترول پريءَ جي ملڪ ۾ پھتو. شھزادي ڏٺو تھ اتي تمام وڏا ٻيلا آھن، تنھنڪري منجھي پيو، وري نانگ ياد آيس، سو نانگ کي مدد لاءِ سڏ ڪيائين جيڪو يڪدم اچي حاضر ٿيو ۽ کانئس سڏائڻ جو سبب پڇيائين. جنھن تي ھن نانگ کي سڄو احوال ٻڌايو. نانگ ڳل ڦوڪي پاڻ مان مڻ ڪڍي ڏني ۽ چيو تھ: شھزادا! جيڪڏھن ھيءَ مڻ سڄي ھٿ سان گھي اھو ھٿ ڪنھن بھ ماڻھو کي لائي، جيڪو جانور چوندين سو ٿي پوندو. وري ڏائي ھٿ سان گھي اھو ان کي لائيندين تھ وري اصلي شڪل ۾ اچي ويندو. شھزادي مڻ وٺي، نانگ کي اجازت ڏني ۽ سڄي ھٿ کي مڻ لائي چيو تھ: ڀولڙي ٿيان. ٿوري دير ۾ ڏسي تھ پاڻ ڀولڙو ٿي پيو آھي، پوءِ تھ گھڙي کن ۾ ٻيلا لتاڙي ويو ۽ وڃي پيترول پريءَ جي شھر ۾ پھتو ۽ اتي ٻئي ھٿ کي مڻ گھي لائي پاڻ تي لاتئين تھ ساڳيو ماڻھو ٿي پيو.

شھر ۾ ھڪڙي ڪراڙي جو گھر ڏسي ھي ان ۾ گھڙي ويو ۽ ماسي ماسي ڪري وڃي ساڻس مليو. ڪراڙي چيس تھ: تون وري ڪڏھن کان منھنجو ڀاڻيجو ساماڻو آھين: پر ھن جڏھن کيس مٺ ناڻي جي ڀري ڏني تڏھن يڪدم راضي ٿي پئي ۽ کيس رھڻ جي اجازت ڏني. شھزادو ڇا ڪندو ھو جو روز ديڳڙي مان سٺا سٺا طعام ڪڍي، پاڻ بھ کائيندو ھو ۽ پوڙھيءَ کي بھ کارائيندو ھو.

شھزادو روز رات جو اڏند کٽوليءَ تي چڙھي، پيترول پريءَ جي محل ۾ ويندو ھو ۽ اتي پريءَ جي کٽ تي ڪا نھ ڪا نشاني رکي ايندو ھو. پيترول پري روز ائين نيون شيون ڏسي ڏاڍي حيران ٿيندي ھئي، نيٺ ھڪڙي ڏينھن پنھنجي پيءَ کي انھيءَ ڳالھھ جي دانھن ڏنائين. بادشاھھ ٻٽي ٻانھيون پھري تي رکيون ۽ انھن کي حڪم ڪيائين تھ: جڏھن چور اچي ۽ جي اوھين ان کي پڪڙي نھ سگھو تھ فقط ھيءَ خوشبوءِ سندس ڪپڙن تي ھڻي ڇڏجو، پوءِ آءٌ پاڻھي ان

..... ”شھزادو اڏند کٽولي تي ويھي اڏاڻو، ۽ ھي چارئي يار منھن مٿو پٽيندا رھجي ويا“.....

جو بندوبست ڪندس. خير، ٻانھيون پھري تي وڃي بيٺيون. دستور موجب شھزادو اڏند کٽولي تي چڙھي اچي محلات ۾ پھتو، پھرين تھ ٻانھين کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوءِ جڏھن کيس پڪڙي نھ سگھيون تڏھن سندس ڪپڙن ۾ کٿوري ھڻي ڇڏيائون، شھزادو بھ جند ڇڏائي اچي گھر کان نڪتو ۽ ٻانھين جي سڄي حرفت سمجھي، ڇا ڪيائين جو يڪدم اھي ڪپڙا لاھي پوڙھيءَ کي ڏنائين تھ: ڌوٻيءَ کي ڏيئي اچ تھ رات وچ ۾ ڌوئي ڏئي. پوڙھي ڪپڙا وڃي ڌوٻيءَ کي ڏئي آئي.

ڌوٻيءَ ھھڙا نوان، اڇا ۽ خوشبودار ڪپڙا ڏٺا سو خيال ڪيائين اڄ تھ پائي مزو وٺان پوءِ سڀاڻي کڻي ڌوئي ڏيندس. سو شھزادي جا اھي ڪپڙا پھري گھمڻ لاءِ نڪتو، ٻاھر تھ اڳئي بادشاھي سپاھي پئي ڦريا، تن جو ڌوٻيءَ کي خوشبودار ڪپڙا پھريل ڏٺا، سو کڻي سوگھو ڪيائونس، چي: ھل چور جا پٽ، تون ٿو بادشاھھ جي محلات ۾ چوريءَ گھمين. ڌوٻيءَ ويچاري گھڻيون ئي: دانھون ڪوڪون ڪيون، پر ڪنھن بھ سندس ڪا نھ ٻڌي، سڌو آڻي بادشاھھ وٽ حاضر ڪيائونس. بادشاھھ ڌوٻيءَ کان پڇيو تھ: ھي ڪپڙا تنھنجا آھن؟ ڌوٻيءَ چيو تھ: جيئندا قبلا! ھي ڪپڙا منھنجا ڪونھن، پر مونکي فلاڻي پوڙھي ڌوئڻ لاءِ ڏئي وئي آھي، ان وٽ ڪو چور ھوندو، باقي مونکي ڪا بھ سڌ ڪانھي. بادشاھھ يڪدم ان پوڙھيءَ کي گھرايو، ۽ کانئس پڇا ڪئي. جنھن تي پوڙھيءَ چيو تھ: سائين! برابر مون وٽ ھڪڙو مھمان رھندو آھي، مونکي انھي ڪپڙا ڏنا ھئا. بادشاھھ يڪدم پوڙھي سان پنھنجا ماڻھو موڪليا، جن وڃي شھزادي کي ٻڌو. شھزادو وڃڻ کان اڳي پوڙھيءَ کي چيو تھ: منھنجن ھنن چئن شين جي پارت ھجيئي، ۽ جڏھن مونکي ڦاھي ڏيئي ڇڏين، تڏھن تون مزور ڪري يڪدم منھنجو لاش کڻائي ھت اچج ۽ ڪپڙيءَ ۾ پاڻي وجھي مون کي پيارج تھ آءٌ جيئرو ٿي پوندس.

خير، شھزادو بادشاھھ وٽ حاضر ٿي ڏوھھ جو قبولدار ٿيو، جنھن تي ھن کي موت جي سزا جو حڪم مليو ۽ ڦاھي ڏئي سندس لاش پوڙھيءَ جي حوالي ڪيو ويو، جنھن اڳ ۾ ئي مزور تيار ڪري بيھاري ڇڏيا ھئا. شھزادي جو لاش کڻائي گھر آئي ۽ ڪپڙيءَ جو پاڻي پياريائينس تھ يڪدم جيئرو ٿي پيو.

ھڪڙي ڏينھن شھزادي پوڙھيءَ کي ڀولڙي بنائي ۽ پاڻ ڀولڙائي بڻجي پوڙھيءَ کي شھر ۾ نچائڻ لڳو، سڄو ڏينھن نچائي تماشو ڪري شام جو موٽي گھر وٺي ايندو ھوس ۽ ٻيو ھٿ گھمائي ماڻھو ڪري ڇڏيندو ھوس. انھيءَ تماشي مان جيڪي پئسا ملندا ھئس سي سڀ پوڙھيءَ کي ڏئي ڇڏيندو ھو، جنھنڪري پوڙھي بھ انھيءَ ۾ خوش ھئي. آخر سندن ناچ جي ھاڪ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي. جڏھن پيترول پريءَ جي ڪن تائين ڀولڙيءَ جي ناچ جي ھاڪ پھتي، تڏھن ھن پيءُ کي چيو تھ: مونکي بھ ڀولڙيءَ جو ناچ ڏيکاريو. بادشاھھ يڪدم ڀولڙائيءَ کي گھرائي چيو تھ: منھنجي ڌيءَ کي اھو ناچ ڏيکار. ڀولڙائيءَ عرض ڪيو تھ: بادشاھھ سلامت! منھنجي پٺيان ٻار ۽ ماڻھو ٿا ھلن، جن کان ڀولڙي ٽھي ٿي، ۽ مزي جھڙو ناچ نٿي ڪري. پر جيڪڏھن انھن ماڻھن کي روڪيو تھ پوءِ آءٌ ناچ ڏيکاريندس. بادشاھھ سندس اھا ڳالھھ قبول ڪئي، ۽ پيترول پريءَ سان بھ گڏ فقط ھڪڙي ٻانھي ويھاري فقير کي اندر محلات ۾ وڃي ناچ ڏيکارڻ جو حڪم ڏنائين. فقير ڀولڙي وٺي اندر ويو ۽ پيترول پري ۽ ٻانھيءَ کي اڪيلو ڏسي مڻ سان ھٿ گھي، ٻنھي کي ڀولڙيون بنائي ھڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري، پاڻ ٻاھر نڪري ھليو ويو، ۽ وري ڪڏھن بھ ڀولڙي ڪا نھ نچايائين. ڪيترا ڏينھن تھ اندر گھر ۾ ويٺو رھيو. جڏھن بادشاھھ کي انھيءَ ڳالھھ جي خبر پئي تڏھن گھڻي ئي ڳولا ڪيائين پر فقير ڪٿي ٿو ھٿ اچي.

ڪن ڏينھن کان پوءِ شھزادو حڪيم جو ويس ڪري شھر ۾ گھمڻ لڳو ۽ ھو ڪو ڏيڻ لڳو تھ: ڪو چريو کريو ھجي، يا بيمار ھجي تھ ان جو علاج ڪرايو. اھا ڳالھھ ھلندي ھلندي بادشاھھ جي ڪن پھتي. بادشاھھ يڪدم حڪيم کي گھرائي کانئس پڇيو تھ: تون چرين ۽ کرين جو علاج ڪندين؟ ھن چيو تھ: جيڪڏھن انھيءَ بيمار جو بازو مونکي ملندو تھ آءٌ ان کي چريي مان سنئون ڪندس. بادشاھھ لاچار اھو شرط قبول ڪيو، ۽ وٺي وڃي پيترول پريءَ جي محلات ۾ ڇڏي آيس. جتي ھن علاج شروع ڪيو. ھو ڇا ڪندو ھو جو اڪيلائيءَ ۾ پيترول پريءَ کي مڻ سان انسان بڻائي ان سان ويھي ڳالھائيندو ٻولھائيندو ھو. اھڙيءَ طرح رھاڻ ڪري وري کيس ٻيو ھٿ گھمائي ڀولڙو ڪري ھليو ويندو ھو. اھڙيءَ ريت ڏھاڙي ھو علاج ڪرڻ جي بھاني سان ايندو ۽ ملاقات ڪري وري واپس ھليو ويندو ھو. تان جو مھينو کن گذري ويو. ان عرصي ۾ پري ۽ شھزادو پاڻ ۾ ٺھي ويا. مھيني کانپوءِ شھزادي بادشاھھ کي چيو تھ: پري ھاڻي تندرست آھي، اوھين روبرو جاچي ڏسو. بادشاھھ روبرو وڃي ڏٺو تھ پري پنھنجي اصل شڪل ۾ ويٺي آھي. تنھن کان پوءِ وري ٻانھيءَ کي بھ انسان ڪيائين ۽ بادشاھھ کان پريءَ جي ٻانھن گھريائين. بادشاھھ وعدي موجب پيترول پريءَ جي شادي شھزادي سان ڪئي.

ٿورن ڏينھن اندر شھزادي پنھنجي وطن ڏانھن ورڻ جو ارادو ڪيو ۽ بادشاھھ کان موڪلائي پنھنجي وطن ڏانھن راھي ٿيو. ھلندي ھلندي ھڪ درياءَ جي ڪناري تي اچي ڪجھھ وقت ترسيا. پيترول پريءَ ان درياءَ ۾ تڙ ڪيو. ھن کي سونا وار ھئا، انھن وارن مان ھڪڙو وار درياءَ ۾ ڪري پيو جو ھڪڙي مڇيءَ کاڌو ۽ اھا مڇي مھاڻي جي ڄار ۾ ڦاسي شھر ۾ وڪامڻ آئي. ان شھر جو شھزادو پنھنجي نوڪرن سان گڏ اتي جي بازار ۾ آيو ۽ کيس اھا مڇي ڏاڍي سھڻي لڳي، تنھنڪري مھاڻي کان مڇي خريد ڪري، ان کي چيرڻ جو حڪم ڏنائين. مھاڻي جڏھن وڍي تھ اھو وار ڏسڻ ۾ آيس، مھاڻي وار لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر شھزادي ڏسي ورتس ۽ وار ان کان وٺي سڌو پنھنجي پيءُ وٽ آيو ۽ چيائينس تھ: ھنن وارن واري عورت مونکي پرڻايو نھ تھ آءٌ ڦاھو کائي مرندس. بادشاھھ پٽ کي گھڻو ئي سمجھايو، پر ھو نھ مڙيو. آخرڪار بادشاھھ لاچار ٿي شھر جون ڌوتيون گھرايون ۽ انھن مان ھڪ وڏيءَ ڌوتيءَ تي سونن وارن واري زال جي ڳولا جو ڪم رکيائين، جا بادشاھھ کان موڪلائي ٻيڙا ڀرائي اوڀارو رواني ٿي.

ھلندي ھلندي ڌوتيءَ جو ٻيڙو ڀونگڙيءَ وٽ پھتو جتي شھزادو ۽ پيترول پري لٿل ھئا. ڌوتيءَ ٻيڙا ٿورو پرڀرو بيھاريا ۽ پاڻ پيرين پيادي ڀونگڙيءَ ۾ آئي. جا ڏسي تھ برابر سونن وارن واري عورت ويٺي آھي. شھزادو انھي مھل گھمڻ ويو ھو تنھنڪري ھيءَ ھيڪلي ويٺي ھئي. ڌوتيءَ اچڻ سان پيترول پريءَ کي چيو تھ: ڌيءَ! مان تنھنجي سڳي ماسي آھيان. تون مونکي شايد نھ سڃاڻين. جو تن ڏينھن ۾ تون تمام ننڍي ھئينءَ ۽ پاڻ کي ملئي بھ گھڻا ڏينھن ٿي ويا آھن ۽ خبرون چارون ڪندي ڪندي ھن کان سندس ماءُ پيءُ ۽ ٻين عزيزن جا نالا نموني سان پڇي ورتائين. پيترول پريءَ بھ ھيڪلو گذاري ڪڪ ٿي پئي ھئي، تنھنڪري ھروڀرو بھ کڻي قبول ڪيائين تھ تون منھنجي ماسي آھين.

شھزادو جڏھن گھمي ڦري آيو تڏھن پرائي عورت پسي پريءَ کان پڇيائين تھ: ھيءَ ڪير آھي؟ پريءَ چيو تھ: ھيءَ منھنجي ماسي آھي. شھزادي پريءَ کي سمجھايو تھ: ڏسجئين متان ڪا ڌوتي ھجي ۽ وجھھ وٺي توکي يا مونکي نقصان پھچائي، تنھنڪري ھن کي پاڻ وٽ رھڻ نھ ڏي. پر پريءَ چيو تھ: نھ ھيءَ برابر منھنجي ماسي آھي ۽ منھنجن عزيزن جي نالن کان بھ واقف آھي. شھزادي لاچار کڻي ماٺ ڪئي، ۽ ڌوتي اتي ھنن سان رھڻ لڳي.

ڳچ ڏينھن گذري ويا پر ڌوتيءَ ڪو بھ ذڪر نھ ڪڍيو، جنھن مان شھزادي کي شڪ جاڳي، ۽ شھزادو ھميشه گھمڻ ڦرڻ ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن ان ڌوتيءَ، پريءَ کي چيو تھ: ڌيءَ! اسين بھ گھر ۾ ويھي ويھي اٻاڻڪيون ٿي پيون آھيون، ھل تھ ھتان درياءَ جي ڪناري تان ٿورو سير ڪري اچون. پريءَ بھ اھا ڳالھھ قبول ڪئي ۽ ڌوتيءَ سان گڏ درياءَ تي گھمڻ وئي. جڏھن درياءَ جي ڪناري تي آيون تھ ڌوتيءَ چيو تھ: ڌيءَ! ھو وڻن جو جھڳٽو ڪھڙو نھ سھڻو پيو لڳي، ھل تھ اھو ڏسي اچون. ائين ڪندي ڪندي انھن ٻيڙن وٽ اچي نڪتيون. اھي ڏسي ڌوتيءَ پريءَ کي چيو تھ: ڌيءَ! ھي ٻيڙا تھ ڪي نئين نموني جا پيا ڏسجن، ٿورو چڙھي تھ ڏسون. پريءَ ٻيڙن تي چڙھڻ کان انڪار ڪيو مگر ھوءَ ريھي ريبي آخر کيس ٻيڙيءَ تي وٺي ويئي. جڏھن ٻيڙي تي چڙھيون تڏھن ڌوتيءَ وٺي زور سان ٻيڙيءَ کي لتون ھنيون جنھن مان ناکئا سمجھي ويا، سو وٺي ٻيڙا ھاڪاريائون ۽ تکا تکا ھلندا ويا. اتي پريءَ کي پتو پيو تھ برابر دشمن ۾ ڦاٿيس پوءِ تھ گھڻيون ئي دانھون ڪيائين پر ڪجھھ بھ نھ وريو. نيٺ بيوس ٿي ويھي رھي. ٻيڙا اچي پنھنجي ملڪ ۾ پھتا. پري بھ بادشاھھ وٽ پھتي ۽ کيس چيائين تھ: جنھن عورت جو مرد مري ويندو آھي ان کي بھ چار مھينا عدت ۾ گذارڻا پوندا آھن، پر منھنجو مڙس تھ جيئرو جاڳندو آھي. تنھنڪري ٻھ -  ٽي ڏينھن ترس، وقت گذرڻ بعد آءٌ توسان شادي ڪنديس.

ھوڏانھن شھزادو موٽي اچي ڏسي تھ مار! ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آھن، ڀونگي خالي پئي آھي، جنھنڪري چوطاق ٿي پٽ تي ڪري پيو ۽ بيھوش ٿي ويو. ھوڏانھن سندس گھر ۾ بيٺل نم جو وڻ اوچتو سڪي ويو تنھنڪري شھزادي جي زال ۽ ماءُ سھي ڪيو تھ شھزادي ڏانھن خير نھ آھي ان ڪري طوطي کي پڃري مان ڪڍي ڇڏيائون. شھزادي، پريءَ کي سڀ حقيقتون نانگ ۽ طوطي جون ٻڌائي ڇڏيون ھيون ۽ ڪپڙي ۽ سيلھي جا بيان بھ پريءَ کي معلوم ھئا، تنھنڪري پريءَ کي خاطري ھئي تھ منھنجي ڳولا ۾ طوطو ضرور ايندو تنھنڪري روزانو ڪوٺيءَ تي اناج ھاري ڇڏيندي ھئي، جنھن تي پکي اچي گڏ ٿيندا ھئا.

طوطو بھ رلندو رلندو اچي ان ڪوٺيءَ تي سھڙيو ۽ چوڳو چڳڻ لڳو. شام جو پري ڏسي تھ طوطو ويٺو آھي. پريءَ طوطي کان خبر چار پڇي جنھن سموري حقيقت ٻڌايس ۽ پريءَ بھ کيس پنھنجي خبر چار ڏني. طوطو پريءَ وٽ رھي پيو. جنھن کيس کارائي پياري تازو ڪيو، پوءِ خط لکي سندس ڳچيءَ ۾ ٻڌي پنھنجي پيءُ ڏانھن موڪليو تھ ھن کي ڪپڙي ڏجو. طوطو اڏامندو اچي پريءَ جي پيءُ وٽ پھتو اتان ڪپڙي کڻي يڪدم شھزادي وٽ آيو ۽ درياءَ مان چھنب سان ٻٽي ڦڙا پاڻيءَ جا وجھي شھزادي جي وات ۾ اوتيائين تھ شھزادو يڪدم اٿي کڙو ٿيو. پوءِ ھلندو ھلندو انھيءَ ھنڌ آيو جتي پري قيد ٿيل ھئي.

شھزادي اچڻ سان بادشاھھ کي چيو تھ: يا مونکي منھنجي ٻانھن ڏي يا مون سان جنگ ڪر. بادشاھھ پنھنجي پٽ کي چيو تھ: پريءَ جو مڙس آيو آھي، تنھنڪري ھن کي ٻانھن ڏيڻ گھرجي، ٻيءَ صورت ۾ جنگ ڪرڻي پوندي. پٽ جواب ۾ چيس تھ: بابا! اھو ھڪ ڄڻو آھي، ڪيئن جنگ ڪندو ۽ اسان وٽ لشڪر آھي اھو تھ پاڻ چڱو؛ ڀل جنگ ڪري. بادشاھھ، پٽ کي موڙي نھ سگھيو ۽ جنگ جو اعلان ڪيو ۽ شھزادي کي چيائين تھ: تون بھ لشڪر گڏ ڪر اسين جنگ ڪنداسون، پر پريءَ جي ٻانھن واپس ڪين ڏينداسون. شھزادي چيو تھ: مان ھيڪلو جنگ ڪندس. اوھان ڀلي پنھنجو لشڪر آڻيو. بادشاھھ لشڪر آڻي گڏ ڪيو ۽ پاڻ ۽ شھزادو لشڪر جي اڳواڻي ڪرڻ لڳا.

شھزادي وري سيلھيءَ کي حڪم ڪيو تھ: پڪڙ وي سيلھي! تھ اھا دشمن جي ساري لشڪر کي وري آئي ۽ گاھھ جي گڏي وانگر سمورو لشڪر بادشاھھ ۽ ان جي پٽ سميت سيلھيءَ ۾ سوگھا ٿي ويا، مٿان جو ڏنڊي کي حڪم ڪيائين تھ مار وي ڏنڊي! بس ڏنڊي اچي ساري ٻڌل لشڪر کي ڪٽيو سڀ ماري مات ڪيائين. اھڙيءَ طرح فتح حاصل ڪري پريءَ کي آزاد ڪيائين ۽ بادشاھي ھٿ ڪري مال غنيمت سميت اچي پنھنجي گھر پھتو ۽ زال کي چيائين تھ: اِجھا پيترول پري آندي اٿم. جا پڻ ڏاڍي خوش ٿي ۽ پوءِ سڀ پاڻ ۾ ملي خوش ٿيا.

5 – سبز پري *

زماني جو ھڪڙو بادشاھھ ھو، جنھن کي ڪو بھ اولاد ڪو نھ ھو. اولاد جي سڪ ۽ تخت جي وارث لاءِ ھن ھڪٻئي پٺيان ڇھھ شاديون ڪيون، پر ڇھن ئي زالن، مان ڪو بھ اولاد نھ ٿيس. نيٺ ھڪڙي ڏينھن نااميد ٿي، ٽھ – واٽي تي منجي اونڌي ڪري وڃي سمھي رھيو ۽ مالڪ جي در ٻاڏائڻ لڳو. رات اڃان ٿوري گذري تھ فقيرن جو ھڪڙو ٽولو اتان اچي لنگھيو ۽ بادشاھھ کي لتاڙيندو ھليو ويو. وري ٻيو ٽولو آيو، اھو بھ بادشاھھ کي لتاڙيندو ھليو ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٽيون ٽولو آيو جو اچي ھن وٽ بيھي رھيو. انھيءَ ٽولي مان ھڪڙي فقير، بادشاھھ کي چيو تھ: اٿي کڙو ٿيءُ! بادشاھھ چيس تھ:بابا!جيئن توکان اڳ ٻيا فقير لنگھي ويا آھن، تيئن تون بھ پنھنجي واٽ وٺي ھليو وڃ. اھو جواب ٻڌي فقير وراڻيو تھ: نھ، ائين ھرگز نھ ٿيندو، تون ڏکويل ٿو ڏسجين، تنھنجو مطلب الله ڪندو، پر اسين ڪنداسين، تون اٿي ۽ ھتي سمھڻ جو سبب ٻڌاءِ! بادشاھھ، فقير جي دڙ دلاسي تي اٿي ويٺو ۽ اولاد نھ ٿيڻ جي سڄي حقيقت فقير کي ٻڌائي چيائين تھ: ڇھھ شاديون ڪيون اٿم تھ بھ ڌڻيءَ جي ڪا مھر نھ ٿي آھي. فقير بادشاھھ کي چيو تھ: بس، ايتري ڳالھھ تي ھھڙا حال کڻي ڪيا اٿئي! ھاڻي ھيئن ڪر جو صبح جو سويل الله جو نالو وٺي، گز ڪمان کڻي وڃي پنھنجي باغ ۾ قسمت آزماءِ؛ جي ڇھھ انبڙيون ڪريون، تھ ڇھھ ڌيون ڄمندءِ؛ ۽ جي ڇھھ انب ڪريا تھ پوءِ ڇھھ پٽ ڄمندءِ؛ وڃ اھا اٿئي اسان جي دعا. ھاڻي فقيرن کي واٽ ڏي تھ لنگھي وڃن. بادشاھھ اٿي کڙو ٿيو ۽ فقير پنھنجي واٽ وٺي ھليا ويا. بادشاھھ اچي محلات ڀيڙو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org