سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :21

ٻين بادشاھن کي جڏھن اھا خبر ملي تڏھن ھو سڀئي گڏجي وڏا لشڪر وٺي چوگرد ڦري آيس. ھيڏانھن حسنا پري ديون جي مدد وٺي آئي ۽ ان جي حڪم ٻڌڻ سان ديون يڪدم وٺي طوفان کڙو ڪيو، اڃان طوفان بند ئي مس ٿيو تھ وري ڳڙن جو مينھن وسڻ شروع ٿيو، طوفان ۽ ڳڙن جي مينھن اھڙو ڪم ڪيو جو دشمن جو لشڪر وٺي ڀڳو. اھا حالت ڏسي بادشاھھ پنھنجي لشڪر کي حڪم ڪيو تھ جيڪي بادشاھھ چڙھي آيا آھن تن سڀني کي قيد ڪريو، بس پوءِ تھ ڪاھي آيل بادشاھن کي کڻي قيد ڪيائون ۽ ٻئي ڏينھن بادشاھھ انھن کي پنھنجي درٻار ۾ گھرايو، جن سڀني آڻ مڃي جيئندان گھريو ۽ جيڪي سندن ھٿن ۾ ملڪ ھئا، سي سڀئي ھن جي حوالي ڪيائون.

جڏھن ڳالھھ سموري ٺري وئي، تڏھن بادشاھھ سڀني پاڙيسري بادشاھن جا شھزادا گھرايا، جن جي اچڻ تي بادشاھھ انھن مان ھڪ شھزادو چونڊيو ۽ ان کي چيائين تھ: جي تون منھنجو گھر ناٺي ٿي رھين تھ آءٌ توکي پنھنجي ڌيءَ پرڻايان. شھزادي پنھنجن مائٽن سان صلاح ڪئي ۽ پوءِ ھائوڪار ڪيائين. شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي. شادي ڪرڻ کان پوءِ شھزادو بھ پنھنجي سھري جي در تي پنھنجو نئون محلات ٺھرائي رھڻ لڳو. بادشاھھ ڏٺو تھ آءٌ تمام پيرسن ٿي ويو آھيان، سو ھڪڙي ڏينھن پنھنجا وزير امير گھرائي انھن جي روبرو پنھنجي تخت ۽ تاج جو مالڪ پنھنجي ناٺيءَ کي ڪري ڇڏيو. ڪالھھ ڏٺاسين تھ ڏاڍا خوش ويٺا ھئا.

١٨ – اگھور ديو *

ھڪڙي وڏي جھنگل ۾ ”اگھو“ نالي مشھور ۽ ظالم ديو پنھنجو زور ڄمايو ويٺو ھوندو ھو. ڪو بھ مسافر ڀلجي جيڪڏھن انھيءَ جھنگل جي ڀرسان اچي لنگھندو ھو تھ ھن ظالم ديو جو شڪار بنجي ويندو ھو. ماڻھوءَ کي ماري، ان جو ڌڙ ھڪڙيءَ کڏ ۾ اڇلي ڇڏيندو ھو، ۽ ان جو سر ھڪڙي وڏي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيندو ھو. ڪيترن ئي ماڻھن کي ھن ائين ماري ڇڏيو، جنھن ڪري ماڻھن جا ھزارين سر انھيءَ وڻ ۾ لٽڪيا پيا ھوندا ھئا. ٿوريئي وقت ۾ ھن جي قھر جي خبر ملڪن ۾ پکڙجي وئي ۽ ڪو بھ ماڻھو ڀلجي بھ انھيءَ پاسي ڪو نھ ويندو ھو.

ان زماني ۾ ھڪڙو بادشاھھ ھوندو ھو، جو ڏاڍو سخي ھو ۽ سخاوت جي ڪري ملڪن ۾ مشھور ھو. پنھنجي سڄي بادشاھي ڌڻي جي نالي تي ڏئي، فقط پنھنجي زال، جيڪا ان وقت اميدواري ھئي، پاڻ سان وٺي اٿي ھليو. ھلندي ھلندي انھيءَ جھنگل جي ڀرسان اچي نڪتا، جتي اگھور ديو رھندو ھو. بادشاھھ پنھنجي زال کي انھيءَ جھنگل ۾ ھڪڙي بڙ ھيٺان جھوپڙي ٺاھي، ان ۾ ويھاري پاڻ جھنگل ۾ شڪار تي ويو ۽ انھي وڻ وٽ وڃي پھتو، جتي ماڻھن جون سسيون ٽنگيل ھيون. اوچتو روئڻ ۽ ٿوريءَ دير بعد کلڻ جو آواز ٻڌائين، بادشاھھ وائڙو ٿي ويو ۽ ٽھڪ تي مٿي نھاريائين. وڻ ۾ ھزارين انساني سسيون ڏسي بادشاھھ دھلجي ويو. سسيون پھريائين روئڻ لڳيون، پوءِ وري کلڻ لڳيون. اتي بادشاھھ دل جھلي انھن کان پڇڻ لڳو تھ: توھين روئو ڇو ٿيون ۽ کلو ڇو ٿيون؟ ھنن جواب ڏنس تھ: اسين روئون ۽ کلون انھيءَ ڪري ٿيون جو توکي ھن اگھور ديو جي خبر ڪانھي. روئون انھيءَ لاءِ ٿيون تھ تنھنجي جواني ھھڙي عذاب جي لائق نھ ھئي ۽ کلون انھيءَ لاءِ ٿيون تھ اجھو تون بھ گھڙيءَ پل ۾ اسان جھڙو ٿي ويندين. ايتري ۾ اول اچي طوفان ڇٽڪيو، ان کان پوءِ ڪجھھ مينھن جون بوندون پيون، گجگوڙ ڪندي مٿان اگھور ديو بھ اچي ڪڙڪو ڪيو. بادشاھھ ويچارو بھ ھن ظالم جي چنبي ۾ اچي ويو، جنھن سندس سسي لاھي، ٻين سسين سان گڏ ٽنگي ڇڏي ۽ ڌڙ کي وڃي انھيءَ کڏ ۾ اڇليائين. ڪافي انتظار کان پوءِ راڻي ويچاري ڏاڍي حيران ٿي. اتي سج بھ اچي لٿو پر بادشاھھ نھ موٽيو، اھڙيءَ طرح ڏينھن کان پوءِ ھفتا گذري ويا، پر بادشاھھ جو پتو ڪو نھ پيو. راڻي ويچاري انھيءَ جھوپڙيءَ ۾ ويٺي ھوندي ھئي، جنھن کي قدرتي روز پئي مليو.

ٿوري گھڻي ڏينھن راڻيءَ کي پٽ ڄائو. شھزادو ڏکيو سکيو اتي پئي نپنو. جڏھن اٺن ڏھن ورھين جو ٿيو، تڏھن قدرت ھن کي اھڙي طاقت ڏني جو انھيءَ عمر ۾ بھ جھنگل ۾ وڃي شينھن جي ٻچن سان راند روند ڪندو ھو ۽ شڪار ڪري ماءُ کي آڻي ڏيندو ھو.

ھڪڙي دفعي جھنگ مان شينھن جو ٻچو کڻي راند لاءِ پنھنجي گھر ڏانھن ٿي آيو تھ شينھڻ گجگار ڪري ھن جي پٺيان ڪاھجي پئي، واٽ تي اتفاق سان ھن جي پير ۾ ھڪ ڪاٺيءَ جو ٽڪر لڳو، ايذاءُ کان شينھڻ دانھن  ڪري اتي ڪري پئي. شھزادو پٺيان نھاري ڏسي تھ شينھڻ ويچاري مصيبت ۾ ڦاٿي پئي آھي. ھن کي ان تي ڏاڍو رحم آيو، سو واپس موٽي اچي، ھن جي پير مان اھو ڪاٺيءَ جو ٽڪر ڇڪي ڪڍيائين. جنھن تي شينھڻ ڏاڍي راضي ٿي ۽ کيس پنھنجو ٻچڙو ڏئي، ان کي چيائين تھ: اڄ کان تون ھن شھزادي جي ملڪيت آھين، جي حلالي ٻچو ھوندين تھ ھن سان ساري عمر وفاداري ڪندين. ائين چئي شينھڻ جھنگ ڏانھن ھلي وئي. شھزادو پوءِ اھو شينھن جو ٻچو کڻي ماءُ وٽ آيو. ماڻس کي شينھن ٻچي آڻڻ کان ڏاڍو اچي خوف ٿيو پر شھزادي ھن کي اھا سڄي حقيقت بيان ڪري ٻڌائي. اھڙيءَ طرح جھنگ ۾ راند روند ڪندي شينھن جو ٻچو ۽ شھزادو اچي جوان ٿيا.

ھڪڙي ڏينھن شھزادي ڳالھين ڪندي ماءُ کان پڇيو تھ: اما! منھنجو پيءُ ڪٿي آھي ۽ اسين ڪھڙي سبب ڪري ھن جھنگ ۾ رھون ٿا؟ تنھن تي سندس ماءُ کيس اول کان آخر تائين سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌائي شھزادي کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ماءُ کان پيءُ جي وڃڻ وارو طرف پڇي، اوڏانھن روانو ٿيو. ماڻس گھڻو ئي روڪيس پر ھيءُ نھ مڙيو. ھلندي ھلندي شھزادو اچي انھن سسين واري وڻ وٽ پھتو. ھن اڃان اھو اسرار پئي ڏٺو تھ ديو بھ مينھن واءُ ڪري اچي ڪڙڪيو. شھزادي کي پڪ ٿي تھ منھنجي پيءُ کي مارڻ وارو اھو ئي آھي. سو ڪاوڙ ۾ ديو کي ڦيرائي ڦيرائي وٺي جو اڇليائين تھ الاجي ڪھڙي طرف گم ٿي ويو. ديو جي مرڻ سان اِھو سٽيل طلسم ٽٽي پيو، جھنگ مان ڦري ميدان ٿي ويو. ديو کي ماري شھزادو پنھنجي ماءُ وٽ موٽي آيو ۽ کيس سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌايائين.

پوءِ تھ ٻئي ماءُ پٽ اٿي پنڌ پيا، ۽ ھلندا ھلندا ھڪڙي محلات وٽ اچي پھتا. محلات جي دروازي تي نھ ڪو ھو پھريدار ۽ نھ وري ڪو ماڻھو ھو. ھي بھ ماٺ ميٺ ڪري اندر ھليا ويا، ليڪن کين ڏاڍو عجب لڳو جو ڏٺائون تھ اتي ڪا بھ پھر ڪا نھ ھئي، پوءِ تھ ھي اتي پنھنجو گھر ٺاھي ويھي رھيا. شھزادو روز ھرڻ جو شڪار ڪري ايندو ھو، جنھن مان پاڻ کائي پي باقي جيڪي بچائيندا ھئا، سو محلات جي پٺان ھڪڙي کڏ ھئي، ان ۾ ڦٽو ڪندا ويندا ھئا. مڄاڻ جو انھيءَ کڏ ۾ شھزادي جو اھو اڌ مئو ڪيل اگھور ديو وڃي ڪريو ھو، سو ھنن جو روانو بچايل ۽ ڦٽو ڪيل گوشت کائي پئي تڳيو، آخر اٿي ھلڻ چلڻ جھڙو ٿيو.

ھڪڙي ڏينھن شھزادو جھنگ ڏانھن شڪار جي سانگي نڪري ويو، ديو جو ھاڻ نؤ بنو ٿيو ھو، سو گھمندو گھمندو محلات ۾ آيو، جتي ھڪڙي زال ڏسي ان تي عاشق ٿي پيو. نيٺ ٿوري گھڻي ڏينھن ھيءَ مائي بھ ديو سان ٺھي وئي ۽ ھن جي واسطي بھ کاڌي جو خيال ڪرڻ لڳي. پوءِ پٽ کي چيائين تھ: ابا! ھڪڙي ھرڻ مان پنھنجي پورت ٿي نٿي ٿئي سو اڳتي جيڪر ٻھ ھرڻ آڻين تھ ڏاڍو چڱو. شھزادو ماءُ جو حڪم مڃي روز ٻھ – ٽي ھرڻ ماري ايندو ھو. شھزادي جي ماءُ ھڪڙو ھرڻ پاڻ لاءِ ۽ ھڪڙو ھرڻ ديو کي ٺاھي لڪ چوريءَ کارائيندي ھئي. راڻي جا ديو سان روزانو چوريءَ ملاقات ڪري بيزار ٿي چڪي ھئي، سو اگھور ديو کي چيائين تھ: تون جيڪر منھنجي پٽ کي ختم ڪري ڇڏين تھ پوءِ پاڻ ٻئي آزادي سان مزا ماڻيون. اگھور ديو جي شھزادي اڳيان تھ ھلي نھ سگھندي ھئي، تنھن ھن کي صلاح ڏني تھ: تون پيٽ جي سور جو بھانو ڪري، کيس چئو تھ گرڙ پکي جون وٺيون آڻي ڏي. پوءِ نڪي اھي آڻي نڪي وري موٽي، پاڻھي اتي ختم ٿي ويندو. اھا صلاح ڪري راڻي يڪدم وٺي رڙيون ڪيون، چي پيٽ سور مران، شھزادي ماءُ جو اھو حال ڏسي کانئس پڇيو تھ: اما! آخر ان جو علاج بھ آھي يا نھ؟ ماڻس چنگھي چنگھي چيس تھ ابا! مونکي گرڙ پکيءَ جون وٺيون آڻي ڏي. اڳتي بھ جڏھن ائين سور ٿيندو ھئم تھ پڻھين اھي وٺيون گھرائي ڏيندو ھئم. جنھن جي ڦڪي ڀريندي ھئس تھ: سور ڇڏي ويندو ھئم. شھزادي چيو تھ: اما! تون فڪر نھ ڪر، آءٌ توکي ڪيئن بھ ڪري وٺيون آڻي ڏيندس. ٻئي ڏينھن شھزادو سھي سنڀري شينھن کي ساڻ ڪري وٺين آڻڻ لاءِ روانو ٿيو. ٿوري گھڻي ڏينھن ھي اچي گرڙ پکيءَ واري ھنڌ پھتا. گرڙ پکيءَ جو آکيرو ھڪڙي وڏي بڙ تي ھو. ھي بھ انھيءَ بڙ جي ھيٺان اچي ويھي رھيا.

انھيءَ ڏينھن گرڙ پکي پنھنجن ٻچن کي چئي ويو ھو تھ جيڪڏھن شڪار نھ لڳم تھ توھان کي اچي کائيندس. سو ويچارا ٻچا انھيءَ ڊپ ۾ ويٺا ھئا تو اوچتو ھڪڙي ازدھا بلا وڻ تي چڙھندي ڏٺائون، سو وٺي رڙيون ڪيائون. ھيٺان شھزادو ويٺو ھو، تنھن جو بلا کي ڏٺو سو يڪدم ترار سان ان بلا کي ماري، ٽڪر ٽڪر ڪري، انھن ٻچن جي آکيري ۾ وڃي ڇڏيائين. ٻچا بھ بکايل ھئا، تن کائي ڪيو ڍؤ، ۽ ٻيو بھ ڪيترو حصو بچائي رکي ڇڏيائون. ڪجھھ وقت کان پوءِ گرڙ پکي بھ واڪا ڪندو اچي پنھنجي آکيري تي انڌن وانگر ڪريو. ٻچا ھن کي ڏسي ٽڙي پکڙي پري وڃي ويھي رھيا ۽ گرڙ پکي اھي بچيل ٽڪر کائي جڏھن ڍؤ ڪيو، تڏھن رڙ ڪري چيائين تھ: ڪو بچيو بھ آھي يا سڀ کائي ڇڏيم! تنھن تي سڀئي ٻچا ڦري آيس. انھن کان پڇيائين تھ: پوءِ مون ھي ڇا کاڌو آھي تنھن تي ٻچن سڄي ڳالھھ ڪري ٻڌائي.

گرڙ پکي ٻچن جي اھا ڳالھھ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شھزادي کي چيائين تھ: شھزادا! تو اسان تي مھرباني ڪئي آھي، ھاڻي جيڪي گھرڻو اٿئي سو گھر. شھزادي چيو تھ: مونکي تنھنجون وٺيون گھرجن. گرڙ پکي يڪدم وٺيون آڻي ڏنس ۽ ھڪڙو ٻچو بھ کيس آڻي ڏنائين. جنھن کي چيائين تھ: مون توکي شھزادي جو خذمتگار ڪيو آھي، جي حلالي ھوندين تھ شھزادي سان وفادار ٿي رھندين.

شھزادو اھي وٺيون ۽ گرڙ پکيءَ جو ٻچو وٺي پنھنجي گھر پھتو، ۽ وٺيون آڻي ماءُ کي ڏنائين. ماڻس ھن کي جيئرو جاڳندو ڏسي سڙي وئي. وٺيون وٺي لڪ چوريءَ ھڪڙي پاسي اڇلي ڇڏيائين، ۽ اگھور ديو کي سڏي چيائين تھ: شھزادو اتان بھ جيئرو اچي نڪتو، ھاڻي ڇا ڪجي؟ اگھور ديو چيس تھ: ھاڻي وري ٻيءَ بيماريءَ جو بھانو ڪري کيس آبحيات آڻڻ لاءِ چئو، اميد تھ اتان جيئرو ڪو نھ موٽندو.

شھزادي جا ماءُ وري بھ بھانو ڪري، تڏو وڇائي سمھي رھي، شھزادو جڏھن شڪار ڪري واپس آيو تھ ماڻس وٺي رڙيون شروع ڪيون، چي:ھاءِ گھوڙا مران ٿي، مري ويس! شھزادي ماءُ جي اھا حالت ڏسي کانئس پڇيو تھ: اما! خير تھ آھي، وري توکي ڇا ٿي ويو؟ ماڻس چيس تھ: ابا، خير ڪونھي. مون کي ھاڻي سڄي بت ۾ سور پئجي ويو آھي، سو منھنجو جي علاج نھ ڪندين تھ آءٌ مري ويندس. پٽس پڇيس تھ: ٻڌاءِ تھ ڪھڙي دوا آڻيان؟ ماڻس چيس تھ: ابا، ھن مرض لاءِ آبحيات کپي، اھو آڻي ڏي، ويچاري شھزادي اھو بھ قبول ڪيو.

شھزادو ھاڻي اتان آبحيات آڻڻ لاءِ سنڀري تيار ٿي نڪتو پاڻ سان سنگتي شينھن ۽ گرڙ پکيءَ جو ٻچو، جو ھاڻي اچي وڏو ٿيو ھو، سي ھمراھھ ڪري روانو ٿيو، ھي ٽئي ڄڻا ھلندا ھلندا ھڪڙي شھر مان بادشاھھ جي محلات جي ھيٺان اچي لنگھيا. جستينءَ ماڙيءَ تي شھزادي بيٺي ھئي، جا ھن شھزادي تي عاشق ٿي پئي. سو ھنن کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ اشارو ڪيائين. شھزادي گرڙ پکيءَ کي محلات ڏانھن اڏايو تھ وڃي خبر چار وٺي اچ. جو يڪدم شھزاديءَ وٽ ويو. شھزاديءَ ان کان خبرون چارون ورتيون، جنھن تي ھن شھزادي جي سڄي حقيقت ٻڌائي. شھزاديءَ اھو احوال ٻڌي، ھن کي ھڪڙو ٿانءُ ڏنو، جنھن کي رسي ٻڌل ھئي، ۽ کيس چيو تھ جيڪڏھن تون مون کي شھزادو ملائين تھ پوءِ آءٌ توکي آبحيات جو ڏس ڏيان ۽ موٽي اچڻ لاءِ بھ چيائين. آبحيات جو ڏس ھن ريت ڏنائين تھ ھتان گھڻو پنڌ ڪري ويندؤ تھ پھريائين ڳاڙھي ڌرتي ايندي، اھا بھ اڪري ويندؤ تھ پوءِ وري سائي ڌرتي ايندي، اھا بھ پار ڪري ويندؤ تھ پوءِ ڪاري زمين ايندي. اتي شھزادي ۽ شينھن کي بيھاري تون ھيءُ ٿانءُ کڻي وڃج، انھيءَ ڪاريءَ زمين تي آبحيات جو کوھھ آھي، ان مان ھن رسيءَ جي وسيلي پاڻي ڀري آڻي پنھنجي ساٿي کي ڏجانءِ، پر خبردار! ھنن کي ڪاريءَ زمين تي نھ وٺي وڃجئين، نھ تھ ٽئي ڄڻا گم ٿي ويندؤ.

شھزادي کان اھو ڏس وٺي ھي ٽئي ڄڻا روانا ٿيا. ڳاڙھي ۽ سائي زمين اڪري اچي ڪاري زمين جي حد تي پھتا. اتي شھزاديءَ جي ڏس موجب شھزادو ۽ شينھن بيھي رھيا. گرڙ پکي چھنب سان رسو ۽ ٿانءُ کڻي وٺي اڏاڻو، ۽ کوھھ مان آبحيات ڀري کڻي آيو. پاڻي ھٿ ڪري ھي ٽئي ڄڻا وري پوئتي وريا. واٽ تي شھزاديءَ وٽان بھ ٿيندا آيا ۽ ھلڻ مھل شھزاديءَ گرڙ پکيءَ کي چيو تھ: اھو شھزادو جمعي ڏينھن مرندو، پر اوھين ھن جي سسي زمين تي ڪرڻ نھ ڏجو، سسيءَ کي مٿان ئي مٿان جھٽي، ڌڙ سميت مون وٽ کڻي اچجو. اھو احوال شھزادي سان بھ نھ ڪجو. گرڙ پکي شھزاديءَ کان اھي خبرون وٺي، پنھنجي سنگتين وٽ آيو. ھي اتان نڪري خير سان پنھنجي گھر اچي پھتا. شھزادي آبحيات آڻي ماءُ کي ڏنو. ماڻس سي وري بھ جلي وئي ۽ ديو سان ھن جن جي صحيح سلامت موٽڻ جو احوال ڪيائين. ديو ھاڻي ٻيو ڪو بھ رستو نھ ڏسي، راڻيءَ کي چيو تھ: ھاڻي شھزادي جي مارڻ لاءِ ٻيو تھ ڪو بھ چارو ڪونھي، باقي ڪنھن طرح سان شھزادو ۽ ان جا ساٿي ٻڌي قابو ڪر تھ پوءِ آءٌ شھزادي کي ماري وجھان. راڻيءَ چيو تھ: اھو ڪم منھنجو.

ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ راڻيءَ شھزادي کي چيو تھ: پٽ! رات جو مون کي ھنن تنھنجي سنگتين، شينھن ۽ گرڙ پکي جي خوف کان ننڊ اصل ڪا نھ ٿي اچي، تنھن ڪري رات جو ھميشھ ھنن کي ٻڌي ڇڏيندو ڪر. شھزادي چيو تھ: اما! حاضر، ان ڏينھن کان پوءِ شھزادو، شينھن ۽ گرڙ پکيءَ کي رات جو ٻڌي ڇڏيندو ھو.

ٻن چئن ڏينھن کان پوءِ شھزادي جي ماءُ ديو سان صلاح ڪئي تھ: اڄ آءٌ شھزادي کي ٻڌي ڇڏيندس. تون وجھھ وٺي شھزادي کي پورو ڪري ڇڏجئين. اھا صلاح ڪري انھيءَ رات راڻيءَ مڪر ڪري پٽ کي پنھنجي گوڏن تي سمھاري ھن کي مٺ مروڙ ۽ ٿڌڙا ڪڍڻ لڳي، جنھنڪري شھزادي کي ننڊ کڻي وئي. پوءِ ھن آھستي آھستي گوڏا سرڪار ئي ڪڍي، سندس وار پلنگ سان قابو ٻڌي ڇڏيا. پوءِ ديو کي اشارو ڪيائين، جنھن اشاري ملڻ تي ٺڪاءُ جو ترار ڪئي تھ شھزادي جي سسي ڀونڀٽ ڪري وٺي اڏاڻي، گرڙ پکيءَ ۽ شينھن جو اھو حال ڏٺو، سو گرڙ پکيءَ زور سان پنھنجا رسا ٽوڙي يڪدم شھزادي جو سر جھٽي ورتو ۽ چنبن ۾ ڌڙ کڻي وٺي اڏاڻو. شينھن بھ پنھنجا رسا ٽوڙي گرڙ پکيءَ جي پٺيان ڀڳو.

ھوڏانھن شھزادي روز محلات تي چڙھي شھزادي جي واٽ پئي نھاريندي ھئي. جڏھن گرڙ پکيءَ تي اک پيس تڏھن ڏاڍي خوش ٿي. ٿوريءَ دير کان پوءِ گرڙ پکيءَ شھزادي جو سر ۽ ڌڙ آڻي شھزاديءَ جي اڳيان رکيو. جنھن يڪدم اھو آبحيات کڻي، سر ڌڙ سان ملائي ان تي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھنيا تھ شھزادو ڪلمون ڀري اٿيو، ۽ چيائين تھ: اما ڪٿي آھي” تنھن تي گرڙ پکيءَ کيس سموري ڳالھھ ڪري ٻڌائي.

.....”شھزاديءَ محلات جي دريءَ مان ڏٺو تھ گرڙ پکي، شھزادي جي سسي ۽ ڌڙ کنيو اڏامندو  پيو اچي“...

ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ يڪدم ماءُ کي مارڻ جي ارادي سان اٿي کڙو ٿيو. شھزاديءَ ھن کي گھڻو روڪيو. پر ھن چيس تھ: آءٌ انھن کان وير وٺي، اچي توسان ملندس.

پوءِ شھزادو پنھنجن ساٿين کي پاڻ سان وٺي پوئتي وريو. ٿورن ڏينھن کان پوءِ ساڳئي محلات وٽ اچي پھتو، اندر وڃي ڏسي تھ سندس ماءُ اگھور ديو جي ھنج ۾ پئي آھي. اگھور ديو جي جڏھن ھن تي نظر پئي سو ھن جي دھشت کان اٿي ڪين سگھيو، شھزادي بھ ڪڍندئي ترار ٻنھي کي پورو ڪري ڇڏيو. اتان واندو ٿي وري بھ پنھنجن سنگتين سان گڏجي اچي شھزاديءَ کي مليو، جا ھن سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ھنن ٻنھي جي شادي ٿي. ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ شھزاديءَ جي پيءُ پنھنجي حڪومت جون واڳون ناٺيءَ جي حوالي ڪري پاڻ وڃي ڌڻيءَ جي بندگيءَ ۾ مشغول ٿيو ۽ شھزادو پنھنجيءَ راڻيءَ ۽ سنگتين سان گڏ آرام سان حياتي گذارڻ لڳو

١٩ – گل جنگي ديو ۽ چؤٻول راڻي *

ڪنھن زماني ۾ ”ڌوپال“ نالي ھڪڙو مشھور ديو ھوندو ھو، جنھن پنھنجي حياتيءَ جا ٻارنھن سؤ سال گذاريا، خدا جي قدرت سان کيس اولاد ڪو نھ ھو. جنھن ڪري ڏاڍو غمگين رھندو ھو تھ مون کان پوءِ منھنجي دولت ۽ جادوءَ جو ڪير مالڪ ٿيندو. نيٺ انھيءَ سوداءَ ۾ گھمندو ڦرندو، فقيرن کان دعائون پنندو اچي ھڪڙي چؤواٽي تي ڪارا ڪپڙا ڪري ۽ اونڌي منجي ڪري ويھي رھيو. ڌوپال ديو کي ان چؤواٽي تي ويٺي ڪيترو وقت گذري ويو ۽ ڪيترائي فقيرن جا ٽولا پيا ايندا ويندا ھئا. نيٺ ھڪڙو نانگو اچي اتان لنگھيو، جنھن ڌوپال ديو کان چؤ واٽي تي ويھڻ جو سبب پڇيو، ڌوپال ديو نانگي چيو تھ: نانگا! تون بھ ٻين فقيرن وانگي پنھنجي واٽ وٺي ھليو وڃ، ڇو تھ منھنجي درد جي دوا ڪنھن وٽ ڪانھي. نيٺ نانگي گھڻي ويڙھھ پيڙھھ بعد ھن کان سبب پڇيو. جنھن تي ڌوپال ديو چيو تھ: نانگا! جيڪڏھن منھنجي ويھڻ جو مقصد پڇين ٿو تھ انجام ڪر تھ تون منھنجو ڪم ڪندين. جنھن تي نانگي ھن سان انجام ڪيو تھ: ڪھڙو بھ ڪم ھوندو آءٌ ضرور پورو ڪندس. نانگي جي انجام تي ڌوپال ديو ھن سان سڄي حقيقت ڪئي تھ: مونکي ٻارنھن سؤ سال گذري چڪا آھن، خدا جي مھرباني سان دولت ۽ جادوءَ جي مون وٽ ڪمي ڪانھي، پر جيڪڏھن ڪمي آھي تھ اولاد جي جو مون کان پوءِ منھنجي دولت ۽ جادوءَ جو وارث ٿئي. تنھن تي نانگي چيس تھ: بس! ان لاءِ گھر گھاٽ ڇڏي اچي ھتي ويٺو آھين! ھاڻي وڃ توکي اولاد ضرور ٿيندو. نانگي جي اھڙي تسلي تي ڌوپال ديو اٿي کڙو ٿيو. ٿورن گھڻن ڏينھن بعد ڌوپال ديو جي گھر اميدواري ٿي، جنھن تي ھيءُ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان ڏينھن کان وٺي ھن خير خيرات شروع ڪيو. تان جو ڏينھن اچي پورا ٿيا ۽ ھن کي ھڪڙي نياڻي ڄائي، جنھن تي بھ ھن ڏاڍا شادمانا ڪيا ۽ ڪيئي ڏينھن راڳ ۽ ناچ لڳا پيا ھئا، ۽ قسمين قسمين طعام ۽ ڪلام ٿيڻ لڳا. نيٺ گھڻي سوچ ويچار بعد ھن پنھنجي نياڻيءَ جو نالو ”چؤٻول“ رکيو.

چؤٻول شھزاديءَ جي پالڻ لاءِ ڪيتريون ٻانھيون مقرر ٿيون. وقت گذرندي ويرم ئي ڪانھي، ٿورن گھڻن ڏينھن گذرڻ بعد ھوءَ ھلڻ چلڻ جھڙي ٿي، ننڍي ھوندي ئي ھن جي حسن جي ھاڪ ھر ھنڌ پئجي وئي. چؤٻول شھزادي پنھنجو مٽ پاڻ ھئي. ڌوپال ديو ھن جي رھڻ لاءِ ھڪ طلسمي شيش محل ھڪڙي وڏي تلاءَ جي تري ۾ ٺھرايو. جتي چؤٻول کي ھر شيءَ حاضر ٿي پئي ملندي ھئي ۽ ھن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ ستر پريون مقرر ٿيون، جي ھن سان راند روند ڪري دل وندرائينديون ھيون. چؤٻول اڄ ننڍي سڀان وڏي، نيٺ اچي جوان ٿي. ھن کي پنھنجي پيءُ ڌوپال جو چوڻ ھو تھ: ھن تلاءَ کان ٻاھر ڪڏھن بھ نھ نڪرج. ڇو جو ھن کي ڊپ ٿيو تھ متان ڪو ٻيو ديو کڻي وڃي، پر ھن تلاءَ ۾ ڪنھن کي بھ ھمت نھ ھئي جو اندر وڃي سگھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org