سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :17

صبح جو بادشاھھ سھي سنڀري درٻار ۾ آيو جتي سڀ امير وزير ۽ سندس ست پٽ حاضر ھئا. آخر سڀني کي بادشاھھ چيو تھ: رات مون خواب لڌو آھي جنھن ۾ ھڪڙو وڻ ڏٺو اٿم، جنھن جا پن زمرد جا، سونا ڏار، چانديءَ جو ٿڙ، ڦر نيلم ۽ گل ياقوتي آھن ۽ ان جي ٻسانگيءَ جي وچ ۾ چنڊ چمڪي رھيو آھي. ھاڻي اھو ساڳيو جنسار آءٌ سچو پچو ڏسڻ گھران ٿو. جيڪڏھن ڪير بھ مونکي اھو اسرار آڻي ڏيکاريندو تھ آءٌ ان کي مالا مال ڪري ڇڏيندس. سڀني ماڻھن جو اھا خواب جي حقيقت ٻڌي سو وائڙا ٿي ويا، ڇو تھ ھنن سڄي ڄمار ۾ ھھڙو واقعو ڪو نھ ٻڌو ھو. نيٺ ڪجھھ دير بعد ڇھنئي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪري پيءُ کي چيو تھ: بابا سائين! اسين ڇھئي ڀائر ڳولا تي وڃون ٿا ۽ انشاالله انھيءَ اسرار کي ھٿ ڪري پوءِ اوھان وٽ حاضر ٿينداسون. بادشاھھ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انھن کي اجازت ڏنائين. بادشاھھ جو ستون پٽ بھ ھو جو سڀني کان ننڍو ھئڻ سبب مٿس بادشاھھ ۽ راڻيءَ جو ڏاڍو پيارو ھو ۽ ھڪ پل لاءِ بھ کيس پاڻان ڌار نھ ڪندا ھئا. ان کي جو ھن واقعي جي خبر پئي تھ سندس ڀائر خواب جو تعبير لھڻ لاءِ وڃن ٿا تھ اھو بھ ضد ٻڌي بيھي رھيو تھ آءٌ بھ ڀائرن سان وڃان. بادشاھھ ۽ راڻيءَ کيس گھڻو سمجھايو پر ھو نھ مڙيو. آخر بادشاھھ ۽ راڻي لاچار ٿيا ۽ ھن کي بھ ڀائرن سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏنائون.

ھي ست ئي ڀائر پاڻ سان گڏ ڀلا گھوڙا، نوڪر چاڪر، سيڌا سامان ۽ وڏو اٽالو وٺي ھڪ طرف روانا ٿيا. ھي ستئي جوان شڪار ڪندا، گھوڙا ھڪليندا، ڪٿي ڏينھن ڪٿي رات منزلون ڪندا، جھر جھنگ جھاڳيندا ستن ڏينھن جي مسافريءَ بعد ھڪ اھڙي شھر ۾ پھتا، جنھن ۾ اندر گھڙڻ سان ھنن جي طبيعت خوش ٿي وئي. ھي جوان بھ شھر ۾ گھمندي گھمندي ھڪڙي اھڙي ھنڌ اچي پھتا جتي  ماڻھن جا ميڙ لڳا پيا ھئا. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿين تھ ھتي ھڪ تمام خوبصورت عورت رھي ٿي، جنھن جي حسن جي ھاڪ ملڪان ملڪ مشھور آھي. ان جي ھٿ ڪرڻ لاءِ پري پري جا امير، سوداگر ۽ شھزادا پنھنجو داءُ لڳائي ويا آھن، مگر ڪاميابي ڪنھن جي بھ نھ ٿي آھي. جن مان ڪيترا تھ فقير ٿي شھر ۾ ڦرندا وتن ٿا تھ ڪيترا دربدر ٿي جھنگلن ۾ ڌڪا کائيندا وتن. ھن جو شرط آھي تھ جيڪو ھن کي چؤپڙ راند کٽيندو تنھن سان ھوءَ شادي ڪندي. پر اڄ ڏينھن تائين ڪو بھ ھن کان بازي کٽي نھ سگھيو آھي. ڇھن ئي شھزادن، جي پڻ چؤپڙ راند جا ماھر ھئا، تن پاڻ ۾ سٽ سٽي تھ اسين ضرور ھن کي جيتنداسون، ائين چئي اتي ئي ترسي پيا ۽ ڀير تي ڏونڪو ھڻي مقابلي جو اعلان ڪيائون، يڪدم ٻانھي نڪتي جنھن ھنن کي ڏاڍيءَ عزت سان محلات ۾ وڃي مھمانن واري جڳھھ ۾ رھايو ۽ خوب خاطريون ڪرڻ لڳي.

ھوڏانھن ستين شھزادي ڏٺو تھ ڀائر ھتان اڳتي چرن ئي ڪو نھ ٿا، تڏھن انھن کي سمجھائڻ لڳو تھ: ادا! ھي فريب آھي۽ ھلو تھ پاڻ جنھن ڪم سان نڪتا آھيون ان ڏي ھلون. پر سندس ڀائرن چيس تھ: توکي وڃڻو آھي، تھ وڃ، اسين ڪو نھ ھلنداسون. ننڍي ڀاءُ جو اھو جواب ٻڌو سو ماٺ ڪري پنھنجو منھن وٺي اٿي پنڌ پيو. اڃان ٻھ منزلون مس ڪيون ھئائين تھ تمام پري کان ھڪڙو زبردست شعاع ڏٺائين. ننڍو شھزادو عجب ۾ پئجي ويو تھ ھي الاجي ڪھڙو اسرار آھي، جنھن رات کي ڏينھن بنائي ڇڏيو آھي! جڏھن اڌ رت گذري تھ اھو شعاع گم ٿي ويو ۽ اوندھھ انڌوڪار ٿي وئي. شھزادو بھ ھڪڙي وڻ تي چڙھي سمھي رھيو. جڏھن صبح ٿيو تھ ھي وڻ تان لھي اٿي ان طرف ھليو جنھن طرف شعاع ڏٺو ھئائين. ڳچ جھڙو پنڌ مس ڪيائين تھ ھڪ ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيس. دل ۾ خيال ڪيائين تھ ڇو نھ ان ڳوٺ ۾ ڪجھھ وقت ساھي کڻان ۽ انھيءَ اسرار جي بھ حقيقت وٺان. سو اھو ويچار ڪري ان ڳوٺ ڏي رخ رکيائين. جڏھن ڳوٺ ۾ پھتو تڏھن ڳوٺ جي ماڻھن سندس خوب خاطريون ڪيون. شھزادي ھنن کان رات واري شعاع بابت خبر پڇي، جن ٻڌايس تھ: اسين پنھنجن وڏن کان ٻڌندا اچون تھ اتر طرف سؤ ڪوھن جي پنڌ تي پنجن پرين جا پنج ڪوٽ بيٺل آھن ۽ اڀرندر طرف پنجاھھ ڪوھن تي ھڪڙي ڍنڍ آھي جنھن ۾ جھوڙ نانگ رھي ٿو. اھو نانگ ھر جمعي رات پنھنجي مڻ ڪڍي ڍنڍ جي ڪناري تي رکندو آھي. اھو سوجھرو جو تو ڏٺو ھو سو انھيءَ مڻ جو ھو. اھي پنجئي پريون ان مڻ جي سوجھري تي اچي گڏ ٿي راند روند ڪنديون آھن. ڪا مرلي وڄائي تھ ڪا سر آلاپي تھ ڪا وري کنجري وڄائي تھ ڪا وري نچي! نانگ بھ انھيءَ راڳ روپ ۾ مست ٿي ڦڻ ڪڍي ويھي جھوليندو آھي. اڌ رات تائين اھو تماشو ھلي ٿو جنھن کان پوءِ اھي پنجئي پريون، ان تلاءَ ۾ وھنجن، جنھن کان پوءِ ھر ھڪ پنھنجي گھر ڏانھن راھي ٿئي ۽ نانگ اھا مڻ ڳيھو وڃي. انھن پرين کي ھٿ ڪرڻ جي بھ اھا ئي ڪنجي آھي جو اھا مڻ ھٿ ڪجي ۽ پوءِ اھا مڻ انھيءَ لوھي ڪوٽ سان ڇھجي تھ ڪوٽ جو دروازو کلي پوندو، ٻيءَ صورت ۾ اھو دروازو ڪنھن بھ حالت ۾ کلڻ جوڳو نھ آھي. انھيءَ کيل تماشي کي ڪو زمانو گذري ويو آھي جو ھلندو اچي. آخر شھزادي دل ۾ اھو پھھ سٽيو تھ پھريائين انھيءَ نانگ کي ماري مڻ ھٿ ڪجي تھ پوءِ سڀ ڪم سولا آھن.

صبح جو سوير شھزادو سھي سنڀري انھيءَ ڍنڍ ڏي روانو ٿيو. اڃان ڍنڍ کان ڪوھھ کن پنڌ تي ھو تھ جھوڙ نانگ جو ھڪڙو پڇ چھبڪ وانگر وڪوڙي ويس. شھزادي يڪدم ترار ڪڍي ان پڇ کي ڪپي وڌو ۽ وٺي پوئتي ڀڳو. پر ڀڄندي ڀڄندي ٻيو پڇ بھ کيس وڪوڙڻ لاءِ پٺيان پيو. ھن بھ يڪدم ان کي وڍي، ٽپ ڏئي گھوڙي تي چڙھي وٺي جو گھوڙي کي پيلڪ ڏني تھ سڌو اچي ڳوٺ ۾ دم پٽيائين. ڳوٺ جا سڀ ماڻھو چوڌاري وڪوڙي ويس ۽ خبر پڇڻ لڳس. شھزادي سمورو احوال ڪري ٻڌايو تھ ڪيئن جان بچائي اچي پھتو آھيان. ٻڌايائين تھ انھيءَ نانگ جا ڪيترائي پڇ آھن جي زمين تي ويڙھيا پيا آھن. ھاڻي ھن سان ڪنھن کيڏ سان وڙھبو، باقي سامھون ھن سان پورو ڪو نھ پئبو. ڳوٺاڻن ٻڌايس تھ: ادا! ھي سؤ پڇن وارو نانگ ڪري سڏبو آھي ۽ آسپاس ھن ڪو بھ وھٽ وانو يا ماڻھو ڇيڻو نھ ڇڏيو آھي. ڪي تھ ماري کائي ويو ۽ ڪي تھ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا. تنھنجا پير زور ھئا جو واپس وريو آھين. شھزادي انھن کي چيو تھ: ائين تھ ٺيڪ آھي پر ھاڻي اوھين منھنجي رڳو ھڪڙي مدد ڪريو، اميد تھ آءٌ ان نانگ جو خاتمو ڪري ڇڏيندس. ڳوٺاڻن شھزادي کان پڇيو تھ: توکي ڪھڙي مدد جي ضرورت آھي” شھزادي چيو تھ: مونکي ھڪڙي مضبوط لوھھ جي پيتي ٺھرائي ڏيو، جنھن ۾ آءٌ پورو ٿي سگھان، پر انھيءَ پيتيءَ جي چئني پاسن کان ٻاھران تمام تيز ڀالا ۽ ڇريون لڳل ھجن ۽ ان ۾ ساھھ کڻڻ لاءِ سوراخ بھ ھجن. ڳوٺاڻن يڪدم ڳوٺ جا لوھار ڪري ويھاريا جن ٿورن ڏينھن ۾ ھڪ اھڙي پيتي تيار ڪري شھزادي جي حوالي ڪئي. شھزادي اھا پيتي گاڏيءَ ۾ رکي ٻين ڳوٺاڻن سميت ڍنڍ ڏانھن روانو ٿيو ۽ نيٺ ٻئي ٽئين ڏينھن اچي ڍنڍ وٽ پھتا. ھاڻي شھزادو جمعي رات جو انتظار ڪرڻ لڳو تھ ڀلي نانگ بھ ڍنڍ مان نڪري ميدان تي مڻ رکي تھ پوءِ سندس خبر وٺجي. آخر اھا رات بھ آئي. شھزادو پاڻ ان پيتيءَ ۾ گھڙي ويٺو ۽

ڳوٺاڻن کان اھا پيتي کڻارائي ڍنڍ جي ويجھو رکائي انھن کي اجازت ڏنائين تھ اوھين پرڀرو ويھي تماشو ڏسو. دستور موجب رات جو نانگ ڍنڍ مان ٻاھر نڪتو ۽ مڻ ڪڍي کڻي ڪپ تي رکيائين. ٿوري ويرم ئي ڪا نھ گذري تھ پريون بھ اتي اچي پھتيون ۽ ناچ راڳ ڪرڻ لڳيون. شھزادي بھ ڇا ڪيو جو ڍڳن کي آواز سان ھڪليندو ڍنڍ ڏي رخ رکيو. اڃان اڳتي مس وڌيو تھ نانگ جي نگاھھ ايندڙ گاڏيءَ تي پئي. ھڪدم پنھنجو پڇ کڻي وڪوڙيائين پر پڇ ڪپجي ٽڪر ٽڪر ٿي پيو. وري ٻيو پڇ ھنيائين جو بھ ٽڪر ٽڪر ٿي ٿي پيو. اتي خار وچان ٻھ ٽي پڇ کڻي کوڙيائين پر اھي بھ ڪپجي ويا. آخر سخت ڪاوڙ مان سڀني پڇن سان حملو ڪيائين پر اھي سڀ ڪپجي ويا، ڇو تھ جيڪي بھ پڇ صندوق کي ويڙھيا ٿي سي ڪپجي ٿي ويا. آخر نانگ کي تمام سخت جوش اچي ويو سو وٺي جو پيتيءَ تي ڇال ڏنائين تھ ڪپجي اڌو اڌ ٿي پيو. پوءِ تھ شھزادو انھيءَ پيتيءَ مان نڪري آيو، پھريائين ان نانگ جي سسي ۽ پڇ وڍي گاڏيءَ ۾ وڌائين

.....”نانگ، ڍنڍ مان نڪري مڻ ٻاھر ڪڍي رکي، ويرم ئي ڪانھ گذري تھ پنج پريون اتي اچي ناچ ڪرڻ لڳيون“.....

پوءِ مڻ کڻي کيسي ۾ وڌائين ۽ واپس ورڻ لڳو. ھوڏانھن جو اوندھھ ٿي تھ سڀ پريون غائب ٿي ويون. ھي سڌو ڳوٺاڻن وٽ آيو ۽ انھن کي اھا خبر ٻڌايائين تھ: نانگ کي ماري آيو آھيان. پوءِ تھ ڏاڍيون خوشيون ٿي ويون.

ٻئي ڏينھن شھزادو پاڻ سان مڻ کڻي اتر طرف ڏس ڏنل ڪوٽن ڏي ويو ۽ نيٺ ڪيترن ڏينھن جي منزل بعد اچي ھڪڙي لوھي ڪوٽ تي وٽ پھتو. ڪوٽ وٽ ڏسي تھ نڪو دروازو نڪا دري. پوءِ ڪڍندي ئي کيسي مان مڻ، ڪوٽ کي ھنيائين تھ يڪدم ڀت ۾ دروازو ٿي پيو. شھزادو يڪدم اندر ويو ڏسي تھ باغ باغيچا ۽ طرح طرح جا تماشا لڳيا پيا آھن، اندر چانديءَ جي ڀتين سان ھڪڙو محلات ڏسڻ ۾ آيس. ھي محلات ۾ گھڙي ويو. ڇا ڏسي تھ چانديءَ جي پلنگ تي نھايت خوبصورت پري ويٺل آھي. پريءَ جو شھزادي کي ڏٺو سا اٿي کڙي ٿي ۽ شھزادي کي پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريائين. پوءِ شھزادي کان حال احوال ورتائين. شھزادي کيس سمورو حال احوال ڪري ٻڌايو تھ ڪھڙيءَ طرح منھنجي پيءُ ھھڙو خواب لڌو جنھن جي ڳولا ۾ اچي نڪتو آھيان. پريءَ چيو تھ: منھنجو نالو ”چاندنا پري“ آھي، اسين پاڻ ۾ پنج ڀيڻيون آھيون، ھاڻي جيستائين اسين پنج ئي ڀيڻون پاڻ ۾ نھ گڏبيوسين، تيستائين انھيءَ خواب جي تعبير پورو ڪو نھ ٿي سگھندو. ھاڻي تون پنھنجي منزل تي پھچي ويو آھين، تنھن ڪري تون اڄ ھتي آرام ڪر تھ: سڀاڻي توکي ”سونا پريءَ“ وٽ وٺي ھلنديس. شھزادي رات اتي آرام ڪيو ۽ صبح جو چاندنا پري ھن کي ڪلھي تي کڻي اڏاڻي ۽ آڻي سونا پريءَ جي ڪوٽ وٽ لاٿو، وڃڻ محل پنھنجي مٿي مان وار ڇني شھزادي کي ڏنائين تھ جيڏيءَ مھل بھ مونکي گھرائڻو ھجئي تيڏيءَ مھل ھن وار کي سيڪ ڏج تھ آءٌ اک ڇنڀ ۾ تو وٽ پھچي ويندس. ھوءَ پوءِ شھزادي کان موڪلائي واپس ھلي وئي ۽ شھزادي کيسي مان مڻ ڪڍي ڪوٽ کي لڳائي تھ ڀت ۾ وري بھ دروازو نظر آيس ھي بھ اندر لنگھي ويو ۽ گھمندو ڦرندو وڃي ھڪڙي محلات وٽ پھتو. ڇا ڏسي تھ محلات سڄو سونو آھي. دروازي مان اندر لنگھي ڏسي تھ سون جي تخت تي ھڪ سھڻي پري ويٺي آھي. پڪ ٿيس تھ اھا سونا پري آھي. پري ھن کي ڏسي تخت تان اٿي ۽ ھن کي ھٿ کان وٺي وڃي تخت تي ويھاريائين ۽ حال احوال ورتائين . پوءِ انھيءَ پريءَ ھڪڙي رات مھماني ڪري صبح جو ھن کي ”زمرد پريءَ“ وٽ ڇڏي آئي، ۽ مٿي مان ھڪ وار ڇني ڏنائينس تھ جنھن وقت بھ ضرورت پوئي تھ سيڪ ڏجئين تھ آءٌ تو وٽ پھچي وينديس. شھزادو پوءِ اھڙيءَ ريت ”زمرد پري“ ۽ ”ياقوت پري“ سان مليو، جن سڀني ھن جي ڏاڍي خاطري ڪئي ۽ سڀني کيس مٿي مان ھڪ ھڪ وار ڇني ڏنو. شھزادو ھنن پرين جي صحبت ۾ ڪجھھ ڏينھن رھي پوءِ پنھنجي وطن ڏانھن روانو ٿيو.

شھزادو ھلندو ھلندو اتي اچي پھتو جتان پنھنجي ڀائرن کان موڪلائي روانو ٿيو ھو. خيال ڪيائين تھ خبر وٺان تھ منھنجا ڀائر ھتان ڪيڏانھن ويا سو لڳو شھر ۾ ڳولا ڪرڻ تھ من ڪو ماڻھو اھڙو ملي جنھن کان خبر پڇان. ھي اڃان ھڪڙي گھٽي مان پئي ويو تھ ڏسي تھ ڇھھ ڄڻا پيا اچن جي ڏسجن تھ فقير ٿا، مگر منھن مان فقيري ڪا نھ ٿي بکين. جڏھن اھي ڇھھ ئي ڄڻا ويجھو آيا تڏھن سڃاتائين تھ مار! ھي تھ منھنجا ڇھھ ئي ڀائر آھن. پوءِ تھ پاڻ ۾ ڳراٽڙيون پائي گڏيا ۽ شھزادي کان سفر جو حال احوال وٺڻ لڳا. شھزادي ھنن کي سمورو قصو ٻڌايو، پر پرين جو قصو ئي ڪو نھ ٻڌايائين. پوءِ تھ سندس ڀائرن ڏاڍيون مبارڪون ڏنس تھ تون نيٺ ڪامياب ٿي آئين. پوءِ سڀ ڀائر گڏجي پنھنجي ملڪ ڏي پنڌ پيا. رستي تي ڇھن ئي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تھ بابي جي خواب جو تعبير اھا مڻ آھي، سو ڇو نھ اھا ھن کان ڦري پنھنجي قبضي ۾ ڪريون تھ پوءِ ڦڪو نھ ٿيڻو پوي. اھي خيال دل ۾ پڪا ڪري سڀئي ننڍي کي ڦري آيا ۽ ڏاڍي مار بھ ڏنائونس ۽ مڻ بھ ڦريائونس. شھزادي بھ بنا ڪنھن حجت جي مڻ ھنن جي حوالي ڪئي ۽ پاڻ انھن جي پٺيان نوڪرن وانگر ٻانھون ٻڌي ھلڻ لڳو. ھلندي ھلندي ھڪ اھڙي شھر ۾ اچي منزل ڪيائون جتي ٻئي ڏينھن، اتي جي بادشاھھ جي ڌيءَ کي پنھنجو مڙس چونڊڻو ھو. ٻئي ڏينھن سڄي شھر ۾ ھو ڍنڍورو ڦريو تھ شھزادي ان شخص کي پنھنجو مڙس ڪندي، جنھن تي سندس ڇڏيل باز ويھندو. شھزادن جو اھو ٻڌو سو انھن جو بھ اچي خيال ٿيو تھ اسين بھ اتي قسمت آزمائي ڏسون. سو ھڪڙي پوڙھيءَ عورت جي گھر اچي ترسيا ۽ ننڍي شھزادي کي سامان جي سنڀال لاءِ ڇڏي پاڻ اوڏانھن روانا ٿيا. ھنن جي وڃڻ کان پوءِ ننڍو شھزادو بھ ماٺ ماٺ ڪري سامان پوڙھي حوالي ڪري پاڻ شھر کان ٻاھر نڪري سڌو جھنگ ۾ آيو ۽ چاندنا پريءَ وارو ڏنل وار ڪڍي ان کي سيڪ ڏنائين. تھ اک ڇنڀ ۾ چاندنا پري اچي پھتي. چيائين تھ: حڪم ڪر! شھزادي چيو تھ: مونکي شاھاڻي پوشاڪ ۽ ھڪڙو عمدو گھوڙو کپي جو آءٌ شھزاديءَ جي شاديءَ جي مجلس ۾ ويندس. چاندنا پري ھڪدم ھن کي ھڪ اڇو چانديءَ جي رنگ جھڙو وڳو آڻي ڏنو ۽ پاڻ زمين تي ليٽي پيٽي گھوڙو ٿي پئي. شھزادي ھڪدم اھي ڪپڙا پاتا ۽ گھوڙي تي چڙھي انھيءَ پاسي ويو جتي تماشو ٿيڻو ھو. اتي پھچڻ سان ڏسي تھ مار! ھتي تھ شھزادن جو انت ئي ڪونھي. ھن ڀائرن کي بھ ڏٺو جي ھڪڙي پاسي کان بيٺا ھئا. سڀني جو ھن کي ھھڙي پوشاڪ ۾، ۽ ھڪڙي اڇي عجيب نموني جي گھوڙي تي چڙھيل ڏٺو، سي حيران ٿي ويا. گھوڙو ھيڏي اٽالي کي ڏسي مستيءَ کان پير ئي نھ پيو کوڙي. نيٺ باز اڏائڻ جي مھل آئي ۽ شھزاديءَ خود پنھنجن ھٿن سان باز وٺي اڏايو. باز اڏامندي اچي ننڍي شھزادي جي مٿي تي ويٺو. ماڻھن جو وات عجب کان ڦاٽي ويو. ھوڏانھن باز جو شھزادي جي مٿي تي ويھڻ ھيڏانھن شھزادي جو گھوڙي کي اڙي ھڻڻ. کن ساعت ۾ سڀني جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. بادشاھھ جي ماڻھن ھن کي ڪيترو ئي ڳوليو پر ھي ڪو نھ لڌو. ننڍي شھزادي اتان موٽي اھي ڪپڙا لاھي، پنھنجا اصلوڪا ڪپڙا پائي پريءَ کي موڪلي ڏني ۽ سڌو پوڙھيءَ جي گھر موٽي آيو ۽ ماٺڙي ڪري سمھي رھيو.

ھوڏانھن جڏھن بادشاھھ جا ماڻھو شھزادي کي ڳولي ڳولي ٿڪا ۽ پتو ڪو نھ پين، تڏھن وري چنڊ جي ٻي تاريخ مقرر ڪيائون. جڏھن ڇھھ ئي ڀائر موٽي آيا، تڏھن ننڍي شھزادي کانئن حال احوال پڇيو، جنھن تي ڇھن ئي ڄڻن ان کي دڙڪا ڏئي چيو تھ: تنھنجو ڇا وڃي، تون ماٺ ڪري پنھنجو ڪم ڪر. انھيءَ تي پوڙھيءَ چين: ڀلا مونکي تھ ٻڌايو. شھزادن سمورو احوال ڪري ٻڌايو تھ وري چنڊ جي ٻي تاريخ مقرر ڪئي اٿن.

ٻئي چنڊ تي شھزادي وري سونا پريءَ کي طلب ڪيو. جنھن وري سوني پوشاڪ ۽ سونو گھوڙو ڏنس. ھن دفعي ھر ھڪ شھزادي کي ھڪ کينھوڙو ڏنائون تھ اھو اڇليو، جنھن جو کينھوڙو شھزاديءَ جي جھوليءَ ۾ پيو اھو شھزاديءَ جو حقدار ٿيندو. انھيءَ تي سڀني شھزادن پنھنجي قسمت آزمائي ڪئي پر نيٺ ننڍي شھزادي جو کينھوڙو وڃي شھزاديءَ جي جھوليءَ ۾ پيو. وري بھ شھزادو اک پور پٽ ۾ غائب ٿي ويو ۽ اچي پنھنجي گھر ويھي رھيو. اھڙيءَ طرح چار دفعا شھزادي بازيون جيتيون مگر شھزادو ھٿ نھ آيو. آخر ۾ پنجين دفعي شھزاديءَ کي ھار ڏنائون تھ جنھن شھزادي کي قبول ڪري ان کي ڳچيءَ ۾ پائي. شھزادي ھار ھٿ ۾ کڻي سڀئي صفون چيريندي اچي ننڍي شھزادي جي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ پوءِ کيس چنبڙي پئي تھ: ھاڻي مونکي ڇڏي نھ وڃ. شھزادي ھن کي انجام ڏنو تھ ڇھن مھينن کان پوءِ توسان شادي ڪندس، حالي مونکي ڇڏ. پوءِ شھزادو اک ڇنڀ ۾ غائب ٿي ويو ۽ اچي پنھنجي ڪوٺيءَ ۾ ويھي رھيو. اڄ واپس گھر اچڻ سان ڇھن ئي ڀائرن ھلڻ جي سنبت ڪئي.

ٿوري گھڻي ڏينھن ستئي ڀائر پنھنجي وطن اچي پھتا. جڏھن بادشاھھ کي خبر پئي تڏھن انھن جي مرحبا لاءِ ھڪڙي وڏي جشن جو انتظام ڪرايائين. رات جو بادشاھھ ستن ئي پٽن کي گھرايو ۽ کانئن رستي جي خبر چار ۽ خواب جي تعبير بابت پڇيائين. پھرين ڇھن ئي ڀائرن، ڇو تھ انھن کي پڪ ھئي تھ جيڪا ڪرامت آھي انھيءَ مڻ ۾ آھي، سو ڏاڍا مرچ مصالحا گڏي جھوڙ نانگ کي مارڻ جي حقيقت ۽ مڻ جي ھٿ اچڻ جي حقيقت پيش ڪئي. بادشاھھ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تھ: اھا مڻ سڀاڻي عام درٻار ۾ پيش ڪجو تھ ڀلي سڄي خلق منھنجي خواب جو تعبير ڏسي. وري ننڍي شھزادي کان خبر پڇيائين. جنھن تي ننڍو شھزادو ڪنڌ ھيٺ ڪري بيھي رھيو. جنھن تي بادشاھھ سندس ڀائرن کان پڇيو، جن ٻڌايو تھ: سائين! ھي نڪار ھتان ھلي ھڪڙي شھر ۾ ھڪڙيءَ عورت وٽ سڀ مال متاع ڦرائي ويھي رھيو. جتان اسان ھن کي واپس ايندي ھيڏانھن وٺيو آيا آھيون. بادشاھھ کي اھو ٻڌي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ ننڍي شھزادي کي برو ڀلو چيائين. شھزادو اھڙو ڪڇي جھڙي ڀِت، پر دل ۾ چوڻ لڳو تھ پاڻھي سڀاڻي درٻار ۾ خبر پوندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org