سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :30

صبح ٿيو تھ شاھوڪار خزانو لٽيل ڏسي منھن مٿو پٽڻ لڳو، ماڻھن کيس چيو تھ: ميان! ھڪڙي ڪتي جي آسري ايترو خزانو ڇڏڻ بيوقوفي نھ آھي تھ ٻيو ڇا آھي؟ نيٺ ماڻھو پيري کڻڻ لاءِ اچي مڙيا، ڪتو شاھوڪار جي ڪپڙن ۾ چڪ وجھي انھيءَ طرف ڇڪڻ لڳو جنھن پاسي چور ويا ھئا. شاھوڪار ڪتي کي گھٽ وڌ ڳالھائي ماڻھن جي پويان وڃڻ لڳو، نيٺ ڪي سياڻا بھ ھئا تن چيو تھ: ڪتي جي پٺيان ھلي ڏسجي متان انھيءَ طرف پير ھجن. آخر سڀ انھي پاسي ويا. ڪتي ماڻھن کي تلاءُ وٽ ڇڏيو، جتي پاڻيءَ ۾ گھڙي ڀونڪڻ لڳو. گھڙي ڏسن تھ سڄو خزانو صحيح سلامت پيو آھي. شاھوڪار خزانو کڻائي گھر آيو ۽ ھڪڙي چٺي شڪاريءَ ڏانھن لکيائين تھ: تنھنجي ڪتي جي صدقي مون کي خزانو موٽي مليو آھي، تنھن ڪري انھي جي انعام ۾ سؤ رپيا تو کي ڇوٽ آھن، اڃا ٻيو سؤ بھ وٺي وڃ. اھا چٺي ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي کيس چيائين تھ: تون وڃي مالڪ وٽ خوش ٿي ۽ اھا چٺي پھچائينس. ڪتو سڌو گھر روانو ٿيو. ھوڏانھن ڪتي جي مالڪ پٽي سٽي سؤ رپيا ٺاھيا ۽ ڪتي ڇڏائڻ لاءِ شاھوڪار وٽ پئي آيو. جڏھن رستي ۾ ڪتو ڏٺائين، تڏھن خيال آيس تھ شايد ڪتي نامراد شاھوڪار سان بيوفائي ڪري، منھنجي پت کوٽي ڪئي آھي. تنھن ڪتي کي بُجو ڏيئي چيو تھ: لعنتي! اڄوڪو ڏينھن تھ ترسين ھا، مان تو کي ڇڏائڻ لاءِ ڪيڏي پٽ سٽ ڪئي آھي. انھي تي ڪتي کي ڏاڍو ڏک ٿيو سو رڙ ڪري ڪري پيو ۽ مري ويو. شڪاري ڪتي جي ڳچيءَ ۾ ڪجھھ ٻڌل ڏسي ان کي ڇوڙيو، ڏسي تھ چٺي آھي، پڙھي طاق لڳي ويس ۽ پٽڪو ڦاڙي ڪتي کي ڪفن ڏئي پوري مٿان قبر ٺاھي، منھن مٿو پٽيندو رھجي ويو. سو تون بھ متان پوءِ ھٿ ھڻين، اتي باک اچي ڦٽي، جادوگرياڻيءَ خيال ڪيو تھ ھي ڪنھن بھ صورت ۾ لعل نھ ڏيندو، تنھن ڪري بھتر آھي تھ ھن سان ئي کڻي شادي ڪريان. اھو خيال ڪري ھن غريب شخص کي چيو تھ: منھنجي پيءَ جا ٻھ اٺ آھن، ھڪڙو پنجاھھ ڪوھ پنڌ ھڪڙيءَ رات ۾ ڪندو آھي ۽ ٻيو سؤ ڪوھھ. سو سڀاڻي رات جو تون ۽ آءٌ انھي پنجاھ ڪوھي منزل واري اٺ تي چڙھي ھتان ڀڄي نڪرنداسين. غريب شخص چيو تھ: اھڙي ڀڄڻ مان ڪھڙو فائدو؟ تنھنجو پيءَ سؤ ڪوھي منزل واري اٺ تي چڙھي اچي پھچندو ۽ پوءِ وري بھ ساڳيا لاٽون ساڳيا چڳھھ. جادوگرياڻيءَ چيو تھ: تون خيال نھ ڪر، رڳو جڏھن بابو اچي پھچي تڏھن اٺ ھشائي ڪنھن وڻ جي چوڌاري گسائڻ شروع ڪجانءِ، پوءِ جنھن اٺ تي مان ويٺي ھجان تون بھ انھيءَ تي اچي ويھجانءِ. مون پيءُ سان وعدو ڪيو آھي تھ جڏھن ويس تڏھن تو کان موڪلائي ويندس.

آخر ٻيءَ رات جادوگرياڻيءَ کي جيتري دولت ھٿ لڳي، سا کڻي ھن وٽ پھچي وئي، پوءِ ٻنھي ڄڻن پنجاھ ڪوھي منزل واري اٺ تي سنج وجھي چڙھندي ئي ورتو الله جو نانءُ. صبح ٿيو ۽ جادوگر کي خبر پئي تھ لعل تھ ھٿ نھ آيو پر مورڳو ڌيءَ بھ وئي، سو اچي ڏسي تھ سؤ ڪوھي منزل وارو اٺ بيٺو آھي، تڏھن ڏاڍو خوش ٿيو، چي: اڃان ڀاڳ سولا آھن، ضرور لعل ھٿ ايندو. جھٽ پٽ اٺ تي سنج وجھي پيرو کڻي ٿيو راھي. سڄي ڏينھن جي پنڌ کان پوءِ وچينءَ جو اچي ھنن کي پھتو. جادوگرياڻيءَ ھڪ وڏي جھٽ تاڙي ھن کي چيو تھ: انھيءَ جھٽ جي  ڀر ۾ اٺ جھڪائي. ھن اتي اٺ جھڪايو تھ جادوگر بھ اٺ جھڪايو ۽ لڳو غريب جي پويان، اڳيان ھي پٺيان جادوگر، ٻئي پيا جھٽ جي چوڌاري ڦرن. ھوڏانھن جادوگرياڻيءَ پنھنجو سامان لاھي پيءُ واري اٺ تي رکيو ۽ پاڻ پوئين آسڻ تي چڙھي ويٺي، پوءِ غريب کي سڏ ڪيائين تھ: ھاڻي ھلي اچ. ھي ٽپ ڏئي اچي اڳئين آسڻ تي ويٺو ۽ اٺ کي ھنيائين اڙي. پوءِ جادوگرياڻيءَ پيءُ کي چيو تھ: بابا! ھاڻي پنھنجي موڪلاڻي. جادوگر گھڻيون ئي دانھون ڪوڪون ڪيون پر ھو گھڙيءَ کن ۾ الاجي ڪٿان جو ڪٿي وڃي نڪتا. جادوگر اھا حالت ڏسي واپس موٽي آيو.

جادوگرياڻي ۽ غريب ٻئي ڄڻا ڪاھي اچي پنھنجي ملڪ نڪتا ۽ پنھنجي جھوپڙيءَ وٽ لٿا. غريب جي زال ڏاڍو خوش ٿي. پوءِ سڄو مال کڻي زمين داخل ڪيائون. غريب شخص سٿر مان لعل ڪڍيو ۽ پنھنجي پھرين زال کي ڏئي چيائين تھ: ھيءُ ستن بادشاھين جي ملھھ جيترو آھي. غريب شخص جڏھن ويو ھو تڏھن سندس زال ھڪڙي نانوائيءَ سان دوستي رکي پيٽ پئي پاليو. ھاڻي جڏھن لعل ھٿ آيس تڏھن زمين تي پير ئي نھ پيو اچيس. نانوائي ھن کي اھڙو خوش ڏسي انھيءَ جو سبب پڇيو، جنھن تي ھن بيپرواھيءَ سان لعل ڏيکاي چيس تھ: ٽڪي جا نانوائي! لڙ ڪھڙو ٿو ڪرين. ھيءُ ڏس ستن بادشاھين جي ملھھ جو لعل، منھنجي مڙس مون کي ڏنو آھي. نانوائي ڪو ’ تير ھو لاھھ‘ ھو، تنھن چيس تھ: انڌي مڙئي بُجي ۾ خوش! ھھڙا ٽڪي وارا مڻڪا تو کي نھ ملندا تھ ٻيو ڇا ملندءِ! ھيءُ تھ اسين ڀاڄيءَ ۾ ڪٽي وجھندا آھيون. مون کي ڏي تھ اڄ تو کي بھ اھو ڀاڄيءَ ۾ وجھي کارايان.غريب جي زال ڪاوڙ مان لعل کڻي نانوائيءَ کي ڏنو ۽ يڪدم گھر اچي مڙس کي چوڻ لڳي تھ: ماريا ھھڙا تھڙا! ٻي زال وٺي آيو آھين، تڏھن ٿو مون سان چھرون ڪرين.... ٽڪي وارو مڻڪو ڏئي، ٻڌائين ٿو تھ لعل آھي. غريب پڇيس تھ: پر اھو آھي ڪٿي؟ زال جواب ڏنس تھ: اھو نانوائيءَ ڪٽي ڀاڄيءَ ۾ وجھي ڇڏيو، ٻيو ڪيڏانن ويو. غريب تھ ٻڌندي ئي ڏندڻجي ويو. تنھن تي جادوگرياڻيءَ کيس ھوشيار ڪيو ۽ چيائينس پرواھھ نھ ڪر، نانوائي لعل ڀاڄيءَ ۾ ڪو نھ وجھندو، اھو آءٌ ٿي تو کي ھٿ ڪري ڏيان. پوءِ پھاڄ کي چيائين تھ: مون کي ھلي اھو نانوائي ڏيکار. جنھن نانوائيءَ جو دڪان ڏيکاريس. پوءِ جادوگرياڻءَ ڇا ڪيو جو مڙس کي اچا ڪپڙا ڍڪائي، پاڻ بھ ھار سينگار ڪري وڃي نانوائيءَ جي دڪان تي ماني کائڻ ويٺا. نانوائي ھھڙو حسن ڏسي حيران ٿي ويو، رھندو کھندو جادوگرياڻيءَ ساڻس اک کڻي اٽڪائي، تنھن تھ مڙس کي ماڳھين ھوش مان ئي ڪڍي ڇڏيو، پوءِ جادوگرياڻيءَ مڙس کي چيو تھ: فلاڻي شيءِ تھ وٺي اچ. جڏھن ھو اٿي ويو، تڏھن جادوگرياڻيءَ نانوائيءَ کي چيو تھ: نانوائي! منھنجي تو سان دل ٿي پئي آھي، اسين مسافر آھيون، جيڪڏھن تنھنجي بھ دل ھجي تھ آءٌ پنھنجي ٻانھين سميت رات تو وٽ اچي رھان؟ نانوائيءَ تھ انھيءَ ڳالھھ لاءِ پئي ڪتا ڪٺا، تنھن چيو تھ: ائين ٿئي تھ پوءِ مون کي ڇا گھرجي. آخر فيصلو ٿيو تھ رات جو ھئو مئو ٽرڻ کان پوءِ نانوائيءَ جي جاءِ تي جادوگرياڻي پنھنجي سھيلين سميت ايندي.

نانوائي پرائو پنھنجو سامان گڏ ڪري وڏو ٺاٺ ڪيو، ڪيترائي پلنگ، بسترا، غاليچا، ٿانو ٿپا، شراب ڪباب حاضر اچي ڪيائين. سنجھو ٽريو تھ جادوگرياڻي پنج اٺ پاڙي واريون پاڻ سان ڪري اچي نانوائيءَ جي جاءِ تي پھتي. نانوائي وڏو بندوبست رکيو ھو . ٻيون تھ کائي پي وڃي پنھنجي بسترن تي ستيون باقي نانوائي ۽ جادوگرياڻي اچي بچيا. جادوگرياڻي نانوائيءَ کي خوب شراب پياريو، پوءِ ناز ڪري کيس چوڻ لڳي تھ: مان ھاڻي وڃي گھران ڪو لعل کڻي اچان ٿي، ڇو تھ مون کي بتيءَ جي روشني نٿي وڻي. نانوائيءَ چيو تھ: پرواھ نھ ڪر، لعل آءٌ کڻي ٿو اچان، تون تڪليف نھ ڪر. نانوائيءَ لعل کڻي اچي جادوگرياڻيءَ جي ھٿ ۾ ڏنو، جنھن کڻي کٽ جي وچ تي رکيو. پوءِ تھ ٻيو بھ شراب پياريائينس، پوءِ ھو مردن وانگر کيرو ٿي ڪري پيو ۽ ھن پاڙيوارين زالن کي سڏي چيو تھ: سڄو سامان کڻي منھنجي گھر ھلو. جڏھن سمورو سامان لعل سميت گھر ۾ آندائين، تڏھن غريب شخص کي اچي ڪنبڻي ورتو، چي: نانوائي بادشاھ جو مودي آھي، دانھن ڏنائين تھ الاجي ڪھڙو حشر ٿيندو؟ جادوگرياڻيءَ چيس تھ: تون پرواھ نھ ڪر، جيڪي ٿيندو ان کي پيا منھن ڏينداسين.

ھوڏانھن پھر ڏينھن تائين تھ نانوائي کپيو پيو ھو، پوءِ ھوش آيس تھ پڙ پالھو ڏسي تارا ڦوٽارجي ويس، لعل تھ ويس پر پراوا ٽپڙ بھ تاوان پيس. ويرم ڪا نھ گذري تھ پراون پٽن اچي نڙيءَ کان ورتس، ٻي واھھ نھ ڏسي، بادشاھ وٽ دانھين ٿي ويو. بادشاھ غريب شخص کي گھرايو، غريب ويچاري جي تھ جند موڪلائي وئي، پر جادوگرياڻيءَ چيس تھ: ڊڄ نھ، آءٌ تو سان ھلان ٿي. درٻار ۾ جادوگرياڻيءَ بادشاھ کي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! اوھان جو ڪوٽوال گھڻو ئي ڪمائي ٿو، ان کان پڇو تھ ڪيترا لعل گھر ۾ اٿس؟ ڪوٽوال ٻڌايو تھ: ھڪ بھ نھ. وري جادوگرياڻيءَ چيو تھ : ڀلا ننڍي وزير کان پڇو. انھيءَ بھ جواب ڏنو تھ: مون وٽ ھڪڙو بھ لعل ڪونھي. وري چيائين تھ: سائين! وڏي وزير کان پڇو. بادشاھ ان کان بھ پڇيو. جنھن ٻڌايو تھ: مون وٽ ھڪڙو بھ لعل ڪونھي. جادوگرياڻيءَ ھٿ ٻڌي عرض ڪيو تھ: سائين! جي ايڏن وڏن ماڻھن وٽ لعل ڪونھي تھ باقي ھن ٽڪي جي ڦلڪي وڪڻڻ واري وٽ لعل ڪٿان آيا. بادشاھ نانوائيءَ کي ڪوڙو سمجھي، کلا ھڻائي ڊڪائي ڪڍيو. پر جادوگرياڻيءَ جي حسن ۽ عقل تي عاشق تي ڪنڊ پاسي ۾ ملڻ لاءِ چيائينس.جنھن چيس تھ: اڄ رات، اڌ رات کان ٿورو اڳ فلاڻي ھنڌ منھنجي جاءِ تي پھچي وڃجو. اڃان ٻاھر نڪتي تھ وزير اچي پاسو ورتس چي: اسان تنھنجي سفارش ڪئي آھي، ڪڏھن تھ اسان کي بھ ياد ڪجانءِ! ھن چيس تھ: اڄ رات پھر کن گذرڻ بعد مون وٽ اچجئين. ڪجھھ ٻاھر نڪتي تھ ننڍي وزير اچي پاسو ورتس. ھن کي بھ سنجھي ٽرڻ بعد اچڻ لاءِ چيائين. اڃا درٻار مان ٻاھر نڪتي تھ ڪوٽوال بھ منٿ ڪيس. جنھن کي سنجھي ويل اچڻ لاءِ چيائين. ائين سڀني کي دلاسا ڏئي پاڻ گھر اچي پھتي. شام جو پھاڄ کي چيائين تھ: گوشت وٺي اچ. گوشت تيار ڪري پاڻ کاڌائون باقي ھڏا ڪني ۾ وجھي، پھاڄ کي سيکاريائين تھ: تون ڏوئي پئي گھمائجئين ۽ ھڏا کڙڪائجئين.

سنجھو ٿيو تھ ڪوٽوال پھچي ويو. ٻئي ڄڻا پلنگ تي ويھي رھيا. ڪوٽوال محبت جون ڳالھيون ڪرڻ لڳو. پر ھن چيس تھ: ڪوٽوال صاحب! رات آھي پنھنجي تات، تون پرواھھ نھ ڪر ماني ٽڪي تھ کائي وٺون. ويرم ڪا نھ گذري تھ ننڍي وزير بھ اچي ڪڙو کڙڪايو. ننڍي وزير جو ڳالھائڻ ٻڌي ڪوٽوال ڪنبڻ لڳو ۽ چيائين تھ: مان ڪٿي لڪان؟ ھن چيس تھ: في الحال ڪٻو ٿي بيھھ تھ دلو مٿان رکي گھڙا منجي بنايئين، ننڍو وزير ٻھ لفظ ڳالھائي ھليو ويندو. ڪوٽوال يڪدم گھڙامنجي بڻجي ويو ۽ جادوگرياڻيءَ کڻي ٻھ دلا مٿان رکيس. ننڍي وزير کي بھ جادوگرياڻيءَ تڪڙ ڪرڻ کان روڪيو چي: ماني تيار ٿئي، کائون پوءِ پيا وندر ڪنداسون. ويرم ڪا نھ گذري تھ وڏو وزير بھ اچي سھڙيو. ننڍي وزير کي اچي ٿڙڪڻي لڳي. ھن چيس تھ: ٿنڀي جي اوٽ ۾ ٿي بيھھ تھ تنھنجي مٿي تي ڏيو رکي ٿي ڇڏيان، وزير سمجھندو تھ ننڍو ٿنڀو آھي. آخر ننڍو وزير ٿنڀو بڻجي ويو ۽ ھن کڻي ڏيو رکيس. جيڪڏھن ڪوٽوال ٿو چري تھ دلا ٿا ڪرن ۽ ظاھر ٿو ٿئي، ۽ جي ننڍو وزير ٿو چري تھ ڏيو ٿو ڪري ۽ بدنام ٿو ٿئي، سو ٻئي بُت بڻجي بيھي ويا. ٿوريءَ دير  کان پوءِ وڏو وزير آيو، تنھن کي بھ ساڳي ڳالھھ ٻڌائي ترسائي ڇڏيائين. اتي بادشاھ بھ اچي پھتو. وزير کي پگھر اچي ويو، چي:بادشاھ کل لھرائي ڇڏيندو، ھاڻي ڪيئن ڪريان؟ جادوگرياڻيءَ چيس تھ: تون جنڊ تي ويھھ ۽ ويھي ڪڻڪ پيھھ. آءٌ
 

. . . ”وزير جنڊ پيٺو، ننڌي وزير ڏيو جھليو ۽ ڪوٽوال، گھڙا منجي ٿيو“ . . .

تنھنجي مٿان رلي وجھي ڇڏينديس، بادشاھ سمجھندو تھ ڪا غريب زال آھي. وزير صاحب اٽو پاسي ۾ رکي چڪي پيھڻ لڳو. ايتري ۾ بادشاھھ بھ پھچي ويو، پر چڪيءَ جي آواز ڪري ھڪ ٻئي جي ڳالھھ چڱي طرح سمجھي نھ پيا سگھن. بادشاھ ھن کان پڇيو تھ: ھيءَ ڪير آھي؟ ھن ٻڌايس تھ: پاڙي واري آھي پيھڻو ڪري پيٽ پاليندي آھي. بادشاھھ ھن کي چڪي پيھڻ کان روڪيو پر وزير ويتر چڪيءَ تي زور رکيو. بادشاھھ ٻھ ٽي دفعا دڙڪا ڏنس، پر ھو ڪٿي ٿو ٻڌي. آخر بادشاھ ڪاوڙجي چار پنج لڪڻ ڇڪيس ۽ رلي ڇڪي پري ڪيائين. ڏسي کڻي تھ مار! وزير ويٺو جنڊ پيھي. وزير کان پڇيائين تھ وزير! تو ڪيئن چڪي پيٺي؟ چي: سائين جيئن ٿنڀي ڏيو جھليو. بادشاھھ ڏيي کي پري  ڪيو تھ ننڍو وزير ظاھر ٿي پيو. بادشاھ پڇيس تھ: تو ڪيئن ڏيو جھليو؟ چي: جيئن گھڙامنجيءَ دلو جھليو. اڃان دلو مٿي ٿيو تھ ڪوٽوال اٿي بيٺو. بادشاھ پڇيس تھ: ڪوٽوال! تون ڪيئن آئين؟ چي:جيئن سائين جن آيا. بادشاھ کان کل نڪري وئي، پوءِ سڀني جادوگرياڻيءَ جي مٿي تي ھٿ رکيو ۽ پنھنجي ڀيڻ بڻايو ۽ سؤ سؤ رپيا گنديءَ جا ڏئي گھر روانا ٿيا. غريب شخص ھاڻي بيفڪر ٿي جادوگرياڻيءَ سان شادي ڪري ويھي رھيو. ڪالھھ ڏٺوسين تھ خوش پئي ھليا چليا.

٢٨ – افلاطون جادوگر*

ھڪڙو ھو بادشاھ. بادشاھ پاڻ الله آھي پر زماني سارؤ ڪو بادشاھ ھو. ھن کي ھڪڙو ڇٽيھھ لکڻو پٽ ھو. پٽس جڏھن جوان ٿيو تڏھن بادشاھ ويچارو گذاري ويو، پوءِ راڄ ڀاڳ مڙي ڪري شھزادي کي پيءُ جي پڳ ٻڌائي. ٿورا گھڻا ڏينھن خدا جا گذريا تھ ھڪڙي ڏينھن بادشاھ خيال ڪيو تھ ڇو نھ پنھنجي ملڪ جون زمينون گھمان. ھن ڇا ڪيو جو گھوڙا تيار ڪرائي، پاڻ، وزير ۽ ھڪڙو نوڪر انھن تي سوار ٿي ملڪ گھمڻ نڪتا. ملڪ جون ٽي ڪنڊون تھ گھمي پوريون ڪيائون، پر جڏھن چوٿينءَ ڪنڊ تي پھتا، تڏھن وزير بادشاھ کي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! چوٿين ڪنڊ افلاطون جادوگر جي آھي جنھن کي تنھنجو پيءُ اھا انعام ۾ ڏئي ويو ھو. ايڏانھن ڪو نھ ھلنداسين. اھو ٻڌي بادشاھ چيو تھ: وزير! جادوگر جو ان زمين تي ڪو بھ حق نھ آھي. زمين اسان جي آھي، آءٌ ھن زمين جي چِويٽ بھ ڪو نھ ڏيندس.

ٻئي ڏينھن بادشاھ، جادوگر واري زمين تي يڪدم پنھنجا ھاري مقرر ڪري ڇڏيا. جڏھن اھا خبر جادوگر کي ملي، تڏھن ھن پنھنجي نوجوان پٽ کي بادشاھ ڏانھن موڪليو، جنھن کيس اچي اھا زمين موٽائي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيو. بادشاھ جادوگر جي پٽ کي چيو تھ: ڪو ڪمال ڏيکار تھ پوءِ توھان کي اھا زمين موٽائي ڏيان. جادوگر جي پٽ ڇا ڪيو جو انب جو ھڪڙو ڪوئلو گھرائي ان کي زمين ۾ پوريائين، پوءِ پاڻيءَ جو ڍڪ گھرائي، ان تي ڪجھھ پڙھڻ ويٺو. گھڙي ساعت مس گذري ھوندي جو اھو ڪوئلو زمين مان ڦٽي نڪتو ۽ ڏسندي ڏسندي وڌي وڻ ٿي ڦر جھلي بيھي رھيو. پوءِ جادوگر جي پٽ وڻ مان انب پٽي سڀني درٻارين کي کارايا ۽ بادشاھ کي پنھنجي قول پاڙڻ لاءِ چيائين. پر بادشاھھ ھن کي اھا زمين ڏيڻ جي بدران کڻي ڪاٺ ۾ وجھرايو. اھا خبر جڏھن جادوگر کي پھتي، تڏھن اھو پاڻ بادشاھھ وٽ ھلي آيو ۽ اچي کيس عرض ڪيائين تھ: بادشاھ سلامت! مون ٻنيءَ جي پچر ئي ڇڏي. فقط منھنجي پٽ کي آزاد ڪر. تنھن تي بادشاھ جادوگر جي پٽ کي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ ساڳيو جادوگر بادشاھھ وٽ آيو ۽ اچي عرض ڪيائينس تھ: جيئندا قبلا! اھا زمين، جا اوھان مون کان کسي ورتي آھي، مون کي توھان جو مرحوم پيءُ، منھنجي جادوءَ جو ڪمال ڏسي انعام طور بخشي ويو ھو. ھاڻي توھان بھ مھرباني ڪري مون کي اھا موٽائي ڏيو. بادشاھ جادوگر کي چيو تھ: چڱو، تون مون کي پنھنجي جادو جو ڪو ڪمال ڏيکار تھ پوءِ آءٌ تو کي اھا زمين موٽائي ڏيندس. تنھن تي  جادوگر، بادشاھ کي چيو تھ: توھين سڀاڻي صبح جو پنھنجا نوڪر چاڪر ساڻ ڪري فلاڻي کوھ تي اچجو تھ اتي آءٌ توھان کي پنھنجي جادو جو ڪمال ڏيکاريندس. بادشاھ سندس اھا ڳالھھ قبول ڪئي.

ٻئي ڏينھن صبح جو سويل بادشاھ پنھنجي نوڪرن چاڪرن کي ساڻ ڪري، کوھھ ڏانھن روانو ٿيو، جتي اڳئي جادوگر بيٺو ھو. بادشاھ کي ايندو ڏسي ھن ڇا ڪيو جو جھٽ پٽ ھڪڙي کٽ سان ٻھ ٽي واڍون ٻڌي، کٽ کي کوھھ ۾ لاٿائين ۽ پوءِ پاڻ ۽ بادشاھ ان کٽ تي چڙھي ويھي رھيا. ساڳئي وقت جادوگر نوڪرن کي چيو تھ: ”جڏھن مان واڍون لوڏيان، تڏھن اسان کي ڇڪي ٻاھر ڪڍجو. کٽ جڏھن وڃي کوھ جي تري ۾ پھتي، تڏھن جادوگر ان تان ھيٺ لھي ڇا ڪيو جو کوھ ۾ ڪو منتر پڙھيائين، جنھن پڙھڻ سان اتي ھڪڙي دري کلي پئي. جادوگر بادشاھ کي ساڻ ڪري اندر لنگھي ويو. جڏھن اھي ٻئي ڳپل پنڌ ڪري ويا تڏھن ڏٺائون تھ ھڪڙو بادشاھي شھر آھي. اتي کين بک اچي ورايو. تنھن تي جادوگر، بادشاھ کي چيو تھ: آءٌ ھي فقيراڻو لباس پھري ھن مڪان ۾ ويھي ٿو رھان ۽ ھي پيسا اٿئي، انھن مان شھر مان ڪجھھ سيڌو سامان ڳنھي آءُ، پر بيھجانءِ ڪٿي بھ نھ. بادشاھ جادوگر کان پيسا وٺي، ھائو ڪري شھر ڏانھن روانو ٿيو. ٿورو اڳڀرو ويو تھ ڏسي تھ ھائو ٻيلي! ھڪڙو شاھي محلات آھي جنھن جي دريءَ ۾ شھزادي بيٺي آھي ۽ ھوءَ وھنجي اتي پنھنجا وار پئي سڪائي. ھن جو اھڙي سھڻي زال ڏٺي سو اتي بيھي ان کي ڏسڻ لڳو. ائين ئي ڏسندي ڏسندي مٿان اچي سج لٿو. ھوڏانھن جادوگر خيال ڪيو تھ ٻيلي! ھيترو وقت گذري ويو آھي، پر بادشاھ اڃان پيدا ئي ڪو نھ ٿيو آھي، وڃي ڏسان تھ ڇا ٿيس. سو جادوگر بھ اٿي شھر ڏانھن ھليو. جڏھن ھو بھ شاھي محلات جي ويجھو پھتو تھ ڏسي تھ مار! بادشاھ تھ محلات جي دريءَ ۾ اکيون اڙايون بيٺو آھي. آخر ايلاز منٿون ڪري بادشاھ کي وٺي آيو ۽ ويھي رڌڻ پچائڻ لڳو. جڏھن کاڌو تيار ٿيو تڏھن جادوگر تھ پيٽ ڀري کاڌو، باقي بادشاھ ٻھ گرھھ کڻي بس ڪئي. جادوگر کيس وڌيڪ کائڻ لاءِ گھڻو ئي چيو، پر ھو کائڻ کان صفا نابري واري ويٺو. اھو ڏسي جادوگر چيس تھ:  ڀلا آخر ڪھڙي شرط سان کائيندين؟ بادشاھ چيو تھ: جيڪڏھن ان شھزاديءَ کي مون سان ملائين تھ پوءِ آءٌ ماني کائيندس. جادوگر کي بھ مليو ھو موقعو، سو بادشاھ کي چيائين تھ: تون بھ جيڪڏھن مون کي پنھنجي کسيل زمين واپس ڏين تھ پوءِ آءٌ تو کي ان شھزاديءَ سان ملائي سگھان ٿو. اھو ٻڌي بادشاھ  اتي جو اتي ڪاغذ ڪڍي، لکي ان تي مھر ھڻي کڻي جادوگر جي حوالي ڪيائين. اھو ڪاغذ وٺي جادوگر پنھنجي کيسي ۾ وجھي، سرمي جي ھڪ شيشي ڪڍي ۽ ان تي ڪجھھ پڙھي، سرمو کڻي بادشاھ جي اکين ۾ وڌائين. ان سرمي ۾ اھڙي حڪمت رکي ھئي جو بادشاھ تھ سڀني کي ڏسي ٿي سگھيو، پر بادشاھ کي ڪو بھ ڏسي نھ سگھي. سرمو پائي بادشاھ سڌو وڃي بادشاھي محلات ۾ نڪتو ۽ اتي شھزاديءَ سان ملاقات ڪري وري موٽي آيو  اھڙي طرح ھو ھر روز شاھي محلات ۾ ويندو ھو ۽ شھزاديءَ سان ملاقات ڪري موٽي ايندو ھو. ٿورن ڏينھن کان پوءِ شھزاديءَ کي پيٽ ٿي پيو. جڏھن اھا خبر بادشاھ کي پئي، تڏھن ھن اچي ان بابت پنھنجي ڌيءَ کان پڇا ڪئي. شھزاديءَ چيو تھ: مون کي ٻي ڪا بھ خبر نھ آھي، باقي رات جو ھر روز ڪا شيءَ ايندي آھي ۽ مون سان ملاقات ڪري پوءِ موٽي ويندي آھي، مان تھ ان کي ڏسي بھ نٿي سگھان. انھيءَ ڳالھھ بادشاھ کي بھ ڏاڍو پريشان ڪيو، بادشاھ پنھنجي وزير سان صلاح ڪئي، ھن يڪدم نجومي گھرايا جن نجوم ھڻڻ بعد بادشاھ کي ٻڌايو تھ: بادشاھ سلامت! ڪو ماڻھو اکين ۾ سرمو وجھي روز رات جو محلات ۾ اچي ٿو. اھو سڀ کي ڏسي ٿو، پر ھن کي ڪو بھ ڏسي نٿو سگھي. ھاڻي ھيئن ڪريو جو محلات ۾ جنھن ھنڌ شھزادي سمھي ٿي، انھيءَ ھنڌ ڪچا بصر ۽ گھوٽيل مرچ رکي ڇڏيو.  پوءِ جڏھن اھو شخص ايندو تھ بصرن ۽ مرچن جي تکائيءَ ڪري اکين مان پاڻي وھڻ لڳندس، ان ۾ سرمو بھ وھي ويندس ۽ چور ظاھر ٿي پوندو. بادشاھ کي اھا صلاح ڏاڍي وڻي، سو يڪدم ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنائين.

رات جو دستور مطابق جڏھن بادشاھ، شھزاديءَ سان سرمو پائي ملڻ آيو، تڏھن بصرن ۽ مرچن جي تکاڻ سبب سندس اکين مان پاڻي وھڻ لڳو. پاڻيءَ جي وھڻ ڪري اھو جادو وارو سرمو وھي ويو. بادشاھ يڪدم پڌرو ٿي پيو. ھن جو ظاھر ٿيڻ ۽ بادشاھ جي سپاھين جو کيس پڪڙڻ. ٻڌي کڻي اتي ويھاريائونس ۽ پوءِ ويا بادشاھ کي اھا خبر ٻڌائڻ. اھا خبر ٻڌي بادشاھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سپاھين کي حڪم ڪيائين تھ: ھن کي چؤکنڀو ٻڌي يڪدم منھنجي اڳيان حاضر ڪريو. اھو حڪم ٻڌي سپاھي بادشاھ کي چؤکنڀو ٻڌي اٿي ھليا، جڏھن اڌ رستي ۾ پھتا تڏھن جادوگر کي بھ خبر پئي تھ بادشاھ پڪڙجي پيو آھي. سو ھو بھ جھٽ پٽ اچي اتي پھتو ۽ سڳو پڙھي کڻي بادشاھ جي ڳچيءَ ۾ وڌائين تھ ھو ڪتو ٿي پيو. اھو ڏسي سپاھي ۽ ٻيا سڀ ماڻھو حيران ٿي ويا ۽ اھو سمورو احوال وڃي پنھنجي بادشاھ کي ٻڌايائون تھ: بادشاھ سلامت! چور تھ واٽ تي ڪتو ٿي پيو آھي. ھاڻي ڇا ڪجي؟ بادشاھ حڪم ڪيو تھ: ان ڪتي کي ٻاھر ڪڍي ماري ڇڏيو. سپاھين ڇا ڪيو جو ڪتي کي شھر کان ٻاھر وٺي ويا ۽ اتي وٺي ھڪڙو مٿي وارو زوردار ڏنڊو ھنيائونس. جڏھن ڪتي کي ڏنڊو لڳو، تڏھن ان ھڪڙي ڪتي مان ٻھ ڪتا ٿي پيا! اھو ڏسي سپاھي وري حيرت ۾ پئجي ويا. پر انھن ٻن ڪتن کي وري مٿي وارا ڏنڊا ھنيائون تھ ڇا ڏسن تھ ڪتا ٻن مان چار ٿي پيا. مطلب تھ جيئن ڪتن کي ڌڪ ٿي ھنيائون، تيئن ھڪ ھڪ ڪتي مان بھ ٻھ ڪتا ٿيندا پئي ويا. تان جو ڪتن جو ھڪ چڱو ولر بنجي ويو. اھو ڏسي سپاھي وري بادشاھ وٽ ويا ۽ ھن کي سڄي ڳالھھ کان واقف ڪيائون. بادشاھ اھا حقيقت ٻڌي ماٺ ۾ اچي ويو. ڪتا ايترا ٿي ويا جو اھي ماڻھن جي ھٿن مان زوري ماني ڦري ويندا ھئا. ماڻھو ڏاڍو ڪڪ ٿيا ۽ آخر وڃي بادشاھ وٽ دانھين ٿيا. بادشاھ وزير سان صلاح مصلحت ڪري وري انھن ساڳين نجومين کي گھرايو. نجومين کين ٻڌايو تھ: ھڪڙو فقير، جيڪو فلاڻي مڪان ۾ ويٺو آھي، اھو ھنن ڪتن کي ناس ڪري سگھي ٿو.

ٻئي ڏينھن بادشاھ انھي جادوگر فقير کي گھرايو ۽ کيس سمورو احوال ڏنائين. فقير بادشاھ کي چيو تھ: بادشاھ سلامت! جيڪڏھن انھن ڪتن جي پرئي مڙس کي پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيندين تھ اھا ڪتن واري بلا توھان تان پنھنجو پاڻ ٽري ويندي. بادشاھ خيال ڪيو تھ: مان پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ڪتي کي ڪيئن ڏيان. پر ماڻھن چيس تھ: جيئندا قبلا اڪ کاڌي ڌيءَ لاءِ ٿو اسان کي آزارين! تون پنھنجي ڌيءَ جو سڱ ان ڪتي کيڏئي، ھن مصيبت مان اسان جي جند ڇڏاءِ. آخر بادشاھ بھ لاچار ٿي فقير سان کڻي ھا ڪئي. پوءِ فقير چيس تھ: ھاڻي ڪتو وٺي ڪتي جي مٿان ھڻندا وڃو. ماڻھن ائين ڪيو تھ ٻن ڪتن مان ھڪ ڪتو ٿيندو ويو. تان جو سڀ ڪتا ختم ٿي ويا ۽ باقي وڃي اھو ھڪ ڪتو بچيو جنھن جي ڳچيءَ ۾جادوءَ جو سڳو پيل ھو. بادشاھ ان ڪتي سان پنھنجي ڌيءَ کي پرڻايو.

جڏھن رات ٿي تڏھن ان ڪتي پنھنجي ڳچيءَ مان جادوءَ وارو سڳو ڪڍيو تھ ھو ھڪڙو خوبصورت شھزادو ٿي پيو. اھو ڏسي شھزاديءَ جا سڀ ڏک غم لھي ويا. شھزاديءَ کي تھ اڳ ۾ ئي پيٽ ھو، سو جڏھن مھينا پورا ٿيا، تڏھن ھن سوچيو تھ: بابي تھ مون کي ڪتي سان پرڻائي پنھنجي دل تان ئي لاھي ڇڏيو آھي. ھاڻي ھن کي ھيءُ لقاءُ ڏيکارڻ گھرجي. سو ڇا ڪيائين جو پاڻ ۽ سندس مڙس، وھنجي سھنجي سٺا ويس وڳا ڍڪي ويھي رھيا ۽ بادشاھ ڏانھن ماڻھو موڪليائون تھ اسان سان ملي وڃو. بادشاھ کي جڏھن اھو نياپو پھتو تڏھن ويچار ڪيائين تھ، ٻيلي! مون جو شھزاديءَ کي منھان لاھي ڇڏيو آھي، ان ۾ ويچاري شھزاديءَ جو تھ ڪو ڏوھھ ئي نھ آھي. مون ئي تھ ھن کي ڪتي سان پرڻايو ھو، اھو سوچي ھو پنھنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ اوڏي مھل ئي پنھنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ اٿي ھليو. اڃان محلات ۾ پير مس پاتائين تھ ڇا ڏسي تھ سبحان الله! ھڪڙو ڇٽيھھ لکڻو شھزادو، شھزاديءَ سان گڏ تخت تي ويٺو آھي، اھو ڏسي بادشاھ ڏاڍو حيران ٿيو، تنھن تي شھزاديءَ کيس سڄي حقيقت ڪري سڻائي. اھا ڳالھھ ٻڌي بادشاھ ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ ھڪ ٻئي ۾ رھاڻيون ڪري بادشاھ واپس موٽي ويو.

ٿورن ڏينھن کان پوءِ بادشاھ کي پٽ ڄائو. ھڪڙي ڏينھن بادشاھ گھمندي ڦرندي وري وڃي جادوگر جي مڪان تي نڪتو. جادوگر پھريائين تھ ھن کان سموري خبر چار ورتي ۽ پوءِ کيس واپس ھلڻ لاءِ عرض ڪيو. بادشاھ جادوگر کي چيو تھ: چڱو ڀلا بيھھ تھ آءٌ پنھنجي زال ۽ پٽ کي وٺي اچان تھ پوءِ ھلون. پر جادوگر چيس تھ: ھينئر تھ ھل، جو گھڻو وقت گذري ويو آھي. انھن کي پوءِ کڻي وٺي اچجانءِ. بادشاھ گھڻو ئي نٽايو پر جادوگر ھن کي زوري وٺي اچي کوھ تي پھتو ۽ دري کولي، بادشاھ کي کڻي کٽ تي ويھاريائين ۽ پوءِ پاڻ بھ ويھي وٺي واڍن کي لوڏا ڏنائين. مٿي بيٺل ماڻھن يڪدم کٽ کي کڻي مٿي ڇڪيو. جڏھن بادشاھ ۽ جادوگر ٻاھر نڪتا، تڏھن نوڪرن کان پڇيائون تھ: اسان کي ڪيترو وقت لڳو نوڪرن وراڻيو تھ: گھڻي ۾ گھڻو تھ بھ اڌ پھر مس لڳو ھوندو. اھو ٻڌي بادشاھ تھ حيران ٿي ويو، پر جادوگر کلڻ لڳو.

پوءِ جادوگر بادشاھ کي عرض ڪيو تھ: جيئندا قبلا! اوھان جي حڪم مطابق مون اوھان کي پنھنجي جادوگريءَ جو بھترين ڪمال ڏيکاريو. ھاڻي انصاف موجب مون کي پنھنجي زمين واپس ڏني وڃي. بادشاھ چيس تھ: ڇاجي زمين! اھو ٻڌي جادوگر اھو لکيو ڪڍي بادشاھ ۽ ٻين ماڻھن کي ڏيکاريو ۽ کين سڄي ڳالھھ بھ ڪري ٻڌائي. اتي تو مون سڀني، بادشاھ کي سمجھائي راضي ڪري، زمين جادوگر کي موٽائي ڏني، جو ٻنيءَ تي اڳئين وانگر خوش ٿي وڃي ويٺو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org