سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :26

ٻئي ڏينھن وري سھي سنڀري مانيون کڻي ساڳئي کوھھ تي وڃي ويٺو ۽ ساڳيءَ طرح چوڻ لڳو. ديون وري ھڪڙي ٻڪري آڻي ڏنس ۽ چيائونس تھ: ھيءَ ڪاھي وڃ. جيترو کير گھرندينس اوترو ڏيندءِ ۽ تنھن کان سواءِ ھيءَ ڦولڙيون بھ سونيون لاھيندي. ٻڪري ڪاھي وري بھ اچي ساڳئي مسافرخاني ۾ ترسيو، جڏھن ھو ستو تڏھن ساڳئي ماڻھوءَ اھا ٻڪري لڪائي ان جي جاءِ تي ٻي ٻڪري ٻڌي ڇڏي. صبح جو ھيءُ ٻڪري ڪاھي ڳوٺ روانو ٿيو اتي اچي آزمائش ورتائين تھ اھا ٻڪري رواجي ٻڪرين جھڙي ڏسڻ ۾ آيس. مڙس ڪاوڙيو گھڻو ئي پر ڪري ڪجھھ نھ سگھيو.

مڙس ڪاوڙ جي ٽيون ڀيرو روزگار لاءِ نڪتو پر دل ۾ چيائين تھ: اڄ ستئي کائيندس.جڏھن کوھھ تي پھتو تڏھن اڳئين وانگر چيائين تھ اڄ ضرور ستئي کائيندس. تڏھن ديو نڪري آيا ۽ آزي ڪري چيائون تھ: اسان کي نھ کاءُ. پر ھن چيو تھ: توھان مون کي ٻئي شيون ڪوڙيون ڏنيون آھن، سو اوھان کي ضرور کائيندس. ديون چيو تھ: اسان تو کي سڀ شيون سچيون ڏنيون آھن، پر جنھن مسافرخاني ۾ تون وڃي ٽڪيو ھئين، اتي جو ھڪ ماڻھو اھي شيون کڻي ويو اٿئي. انھيءَ ڪري ھاڻي اسين تو کي وري ھڪڙو ڏنڊو ٿا ڏيون، جو تون کڻي وڃ. ھو وري بھ ايندو ۽ ڏنڊو اچي کڻندو. پوءِ تون رڳو ايترو چوندينس تھ نھ ڇڏ چور کي. پوءِ ويھي ڏس ڏنڊي جا ڪم! غريب ڏنڊو کڻي رات جو اچي مسافرخاني ۾ سھڙيو. ساڳيو ماڻھو آيو ۽ اچي ڏنڊو کنيائين. ھن ڏنڊي کي حڪم ڏنو تھ: نھ ڇڏ چور کي. پوءِ تھ ڏنڊي وٺي مارڻ شروع ڪيو، بس ئي نھ ڪري، چور جي رڙ ھيٺ رڙ مٿي. نيٺ چور، غريب شخص کي منٿ ڪئي تھ: ڪيئن بھ ڪري مون کي ڇڏاءِ، مون توبھھ ڪئي. ھن چيس تھ: اڳي جيڪي شيون کڻي ويو آھين اھي ڏي. تھ پوءِ ڇڏائيندوسئين. چور بھ جڏھن انجام ڪيو تڏھن ڏنڊي کي حڪم ڏنائين، جنھن مارڻ بند ڪيو ۽ چور ٽپڙ کڻي اچي حاضر ٿيو.

غريب شخص ٽئي شيون کڻي زال جي اڳيان رکيون، انھن جي آزمائش ورتائون تھ سچيون نڪتيون. پوءِ تھ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ حياتيءَ جا باقي ڏينھن ڏاڍي مزي ۽ خوشي ۾ گذاريائون.

٢٥ – ڏائڻ ۽ ست چور*

ھڪڙا ست چور ھئا، جي ھميشھ پنھنجي ڳوٺ جي آسپاس پيا چوريون ڪندا ھئا. ھڪڙي ڀيري پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تھ ڇو نھ ھاڻي ديس جي چوري ڇڏي، پرديس جون چوريون ھلي ڪجن. اھا رٿ رٿي، ھيءُ ستئي يار پنھنجي ديس مان نڪري جھنگ منھن ڪري اٿي ھليا. سڄو ڏينھن جھنگ جھاڳيائون پر کاڌي لاءِ ڪجھھ بھ نھ نصيب ٿين. آخر سج لٿي مھل ٿڪجي ھڪڙي گھاٽي وڻ جي ھيٺان سمھي رھيا. گھڙي بھ ڪا نھ گذري تھ اوچتو ھڪڙي ٿلھي متاري ٻڪري اچي سندن اڳيان بيٺي. ھنن کي اڃ ۽ بک بھ ڏاڍو ھلاڪ ڪيو ھو، سو خيال ڪيائون تھ ڇو نھ ٻڪريءَ کي ڏھي کير پي ھيانءُ جھل ڪري سمھي رھون. اھو فيصلو ڪري ھنن ٻڪريءَ کي جھليو ۽ ھڪڙو ڄڻو ويٺو کيس ڏھڻ. ٻڪريءَ ھنن ستن ئي چورن لاءِ ست وٽا کير جا ڏھايا. چور کير جا وٽا پي رڄ ٿيا. پوءِ ٻڪري ھڪڙي وڻ سان ٻڌي پاڻ سمھي پيا.

مڄاڻ اھا ٻڪري ڪا ڏائڻ ھئي، جا شڪل بدلائي آئي ھئي. تنھن آڌيءَ رات گذرڻ بعد ھڪڙو چور ڳھي ڇڏيو. جڏھن صبح ٿيو ۽ چور ننڊ مان اٿيا تھ ڏسن تھ منجھانئن ھڪڙو يار کٽو پيو آھي، ٻڪري بھ جتي ٻڌل ھئي اتي ئي ٻڌي بيٺي ھئي، تنھن ڪري چورن سمجھيو تھ شايد اسان جي يار کي تڪليف آئي آھي، جنھن ڪري ڀڄي ويو آھي، باقي ڇھھ ئي دوست سفر ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ ٻڪري ساڻ ڪري اٿي ھليا، وري جتي رات پئي اتي ٻڪري ٻڌي کير ڏڌائون تھ ٻڪري ڇھھ وٽا کير جا ڏنا. ڇھھ ئي دوست کير جا وٽا پي سمھي رھيا. وري بھ ٻڪري ساڳيءَ طرح اڌ رات جو ھڪڙو چور کائي ڇڏيو. صبح ٿيو تھ چورن پاڻ مان وري بھ ھڪڙو چور کٽل ڏسي ويچار ڪيو تھ اھو يار بھ شايد پنڌ جي تڪليف کان ڀڄي ويو. اھڙيءَ طرح ٽئين منزل تي ٽيون، چوٿين منزل تي چوٿون. پنجين منزل تي پنجون دوست کٽو، باقي رھيل ٻن دوستن پاڻ ۾ ويھي صلاح ڪئي تھ: يار! ڀيري ڀيري سان دوست ڀڄي وڃڻ کان پوءِ ٻڪري بھ کير جو وٽو ڏيڻ پئي گھٽايو آھي، تنھن ڪري اھو سڄو طلسم انھيءَ ٻڪريءَ ۾ ٿو ڀانئجي. وري بھ پڪ ڪرڻ لاءِ ٻنھي دوستن ھڪ ٻئي سان قسم سنھن کنيا تھ اسان مان ڪو بھ ڀڄي ڪو نھ ويندو. سمھڻ مھل ھڪ ٻئي جي چيلھھ ۾ پٽڪو ٻڌي، ڪھاڙيون سيراندي رکي سمھي رھيا. انھيءَ لاءِ تھ جي ھڪڙو ڀڄندو تھ ٻئي کي ضرور سجاڳي ٿيندي. ڊپ ۾ ويچارن کي ننڊ ئي نھ اچي. اکيون پوريندي پٽيندي اڌ رات ٿي ويئي، ننڊ بھ اچي وراين، سو سمھي رھيا. ڪا مھل ٿي تھ اوچتو ھڪڙي چور کي ڇڪيءَ تي سجاڳي ٿي. جان کڻي ڏسي تھ مار! ٻڪري سندس دوست کي چيلھھ تائين ڳيھي وئي آھي. ڊپ ۾ چيلھھ ۾ ٻڌل پٽڪي کي ڪھاڙيءَ سان وڍي اٿي ڀڳو. ڏائڻ جو ھن کي ڀڄندي ڏٺو، سا يڪدم چور کي ڳڙڪائي ھن جي پٺيان ڪاھي پئي. چور کي ڀڄندي ڀڄندي اچي صبح ٿيو. ٿڪجي بھ پيو ھو، سو ٻئي واھھ نھ ڏسي ڊوڙي ھڪڙي وڻ تي چڙھي ويو. ڏائڻ بھ ڇا ڪيو جو ليٽي پيٽي، ٻڪريءَ مان ھڪڙي سھڻي عورت بنجي، وڻ ھيٺان بيھي روئڻ ۽ پار ڪڍڻ لڳي. قضا سان ان ملڪ جو بادشاھھ بھ رعيت جي خبر چار لھڻ لاءِ سوداگرن جي ويس ۾ گھمندو ڦرندو اچي اتان نڪتو. ھڪڙي سھڻي زال کي روئيندو پٽيندو ڏسي وڌي آيو ۽ اچي کانئس خبر پڇيائين. جنھن تي ھن ڏائڻ چيو  تھ: وڻ تي جيڪو ماڻھو چڙھيو ويٺو آھي، سو منھنجو گھر وارو آھي ۽ گھران ڪاوڙجي آيو آھي، جنھن کي آءٌ آزي نيزاري پئي ڪريان تڏھن بھ منھنجي ڳالھھ نٿو مڃي. بادشاھ ھن جو ان کان پڇيو تھ: تون ڇو نٿو ھن زال سان گھر وڃين؟ جوان جواب ڏنو تھ: مان انھيءَ زال کي وڪڻڻ لاءِ تيار آھيان، باقي ھن سان گڏجي گھر مورئون نھ ويندس. اتي بادشاھ بھ ڏائڻ جي سونھن ڏسي عاشق ٿي پيو ھو، تنھن پنھنجي وزير کي ڪن سن ۾ اھو احوال ڪيو تھ ڪيئن بھ ڪري ھن عورت کي وٺي ھلون جو آءٌ شادي ڪندس. تڏھن وزير، چور کان پڇيو تھ: چڱو زال جو گھڻو وٺندين؟ چيائين تھ: ٻھ ھزار رپيا. وزير يڪدم رپيا ڪڍي جوان کي حڪم ڪري چيو تھ وٺ ھي رپيا. جوان ڊپ وچان چيو تھ: رپيا وڻ ھيٺان رکو، مان پاڻھي کڻندس، پر انھيءَ رن کي منھنجي سامھون ٽاريو وزير زال کي وٺي آڻي بادشاھ جي حوالي ڪيو. پوءِ بادشاھ ۽ وزير، زال سوڌا پنھنجي محلات ۾ موٽي آيا.

بادشاھ کي ڇھھ راڻيون تھ اڳ ۾ ئي ھيون، ستين شادي ھن ڏائڻ سان ڪيائين. بادشاھ جي ھن سان ڏاڍي محبت ڳنڍجي وئي. روزانو اڌ رات جو ڏائڻ ڇا ڪندي ھئي جو بادشاھ جي گھوڙن جي ڪڙھ ۾ وڃي ھر روز ھڪڙو گھوڙو کائي ان جون ھڏيون ٻين راڻين جي محلاتن جي مٿان ڇت تي ڦٽيون ڪري ايندي ھئي. اھڙيءَ طرح جڏھن ڪڙھ مان ڳچ جيترا گھوڙا کٽا، تڏھن سئس وڃي بادشاھ کي خبر ڪئي تھ ڪڙھ مان ڪيترا گھوڙا چورائجي ويا آھن. بادشاھ اھو ٻڌي حيران ٿي ويو. پوءِ ڪيترو پھرو بيھاريائين، تھ بھ روز ھڪڙو گھوڙو

. . . ”ڏائڻ بادشاھھ کي چيو تھ: وڻ تي ويٺل شخص منھنجو مڙس آھي، مون سان ڪاوڙجي نڪتو آھي، پرچايانس پئي، پر نٿو پرچي.“. .  .

کٽندو ويو. آخر ھڪڙي ڏينھن وجھھ وٺي ھيءَ ڏائڻ بادشاھ کي چوڻ لڳي تھ: بادشاھ سائين! تنھنجون اڳيون ڇھھ راڻيون ڏائڻيون ٿي پيون آھن، ھي گھوڙا بھ اھي ٿيون کائين. جي اعتبار نھ اچيو تھ سندن محلات جون ڇتيون جاچي ڏسو. ڏسن کڻي تھ مار! ڇھن ئي راڻين جي محلات تي ھڏن جا ڍير لڳا پيا آھن. سو بنا ڪنھن سوچ ويچار جي بادشاھ حڪم ڪيو تھ انھن راڻين جون  اکيون ڪڍائي کين جھنگ جي ڪنھن کوھھ ۾ ڦٽو ڪيو وڃي. قدرت الاھي ڇھن ئي راڻيون ٻن جيئن سان ھيون. سپاھي راڻين کي وٺي جھنگل ڏانھن روانا ٿيا، ۽ اتي پھچي راڻين جون اکيون ڪڍي، ھنن کي ھڪڙي ويران کوھھ ۾ اڇلائي ڇڏيائون.  کوھھ جو پاڻي اڌ سڪي ويو ھو ۽ اڌ زمين ھئي. ٿوري گھڻي ڏينھن راڻين جا واري واري سان پلؤ آجا ٿيندا ويا ۽ ھر ھڪ کي پٽ ڄمندو ويو. راڻيون ھيون ڪن ڏينھن جون بکايل، سو جنھن راڻيءَ کي ٻار ڄمندو ھو، اھو پورا ڇھھ ٽڪر ڪري کائي ڇڏينديون ھيون. ھنن راڻين ۾ سڀ کان ننڍي راڻي ڏاڍي چالاڪ ھئي، سا پنھنجي پتيءَ وارا گوشت جا ٽڪر گڏ ڪندي وئي. آخر ھڪڙي ڏينھن ھن کي بھ پٽ ڄائو، تڏھن ڇا ڪيائين جو کيس مليل پنجئي حصا، راڻين ۾ ورھائي پاڻ بُکي گذاري پٽ جي حياتي بچائي ورتائين. پٽ کي ڏاڍي پيار ۽ محبت سان ڳجھھ ڳوھ ۾ نپائڻ لڳي. پر اھو راز ڪيئن ڳجھھ ۾ رھي؟ نيٺ ٻار جي روئڻ جو آواز سندس سھيلين ٻڌي ورتو ۽ پڇڻ لڳس تھ: ادي! تو اسان کي پنھنجي ٻار جي پتي ڪا نھ کارائي، سو ڇو؟ تنھن تي ننڍي راڻيءَ پنھنجين سھيلين کي چيو تھ: ادي! مون پاڻ کي بُک ماري، توھان کان مليل ٻارن وارو حصو گڏ ڪري اوھان کي ڏنو، جو اوھان کاڌو، ھاڻي ھي ٻار پاڻ سڀني جو پٽ آھي. ٻين راڻين بھ ڏٺو تھ ھن کي قدرت بچايو آھي، تنھن ڪري ڀلي پيو پلجي. آخر اھو شھزادو ڇھن ئي راڻين جي ٿڃ تي نپجڻ لڳو.

ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ ٻار بھ اچي سرت ڀريو ٿيو ۽ کوھ ۾ اندر ئي پيو راند روند ڪندو ھو. ھڪڙي ڏينھن اوچتو ھڪڙو ٻڪرار، ٻڪرين جو ڌڻ چاريندو انھيءَ کوھھ جي ڀرسان اچي نڪتو ۽ اڃ لاھڻ جي ارادي سان ٻوڪو کوھھ ۾ ھيٺ ڇڏيائين. شھزادو يڪدم ٻوڪي کي چنبڙي پيو ۽ ٻڪرار بھ ڇڪي کڻي ٻاھر ڪڍيس. ٻڪرار پڇيس تھ: انسان آھين يا ڀوت؟ چيائين تھ: ادا! انسان آھيان، پر مون جھڙا ٻيا انسان بھ ھن کوھھ ۾ ڪيتري وقت کان قيد آھن، انھن کي بھ ٻاھر ڪڍ. ٻڪرار کي رحم پئجي ويو، تنھن ڇھن ئي راڻين کي ٻاھر ڪڍيو. جڏھن راڻيون ٻاھر نڪتيون، تڏھن ڇوڪري ڪجھھ ڪلا ڪاٺيون گڏ ڪري، ھڪ ننڍڙي ڀونگي اڏي، راڻين کي پناھ ۾ ويھاريو ۽ ڪاٺيون ڪري روزانو شھر ۾ وڪڻڻ لاءِ کڻي ويندو ھو ۽ جيڪي ملندو ھوس ان مان کاڌي پيتي جو سامان وٺي ايندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن شھر ۾ ڪاٺيون وڪڻندي ان ڏائڻ شھزادي کي ڏسي ورتو ۽ جادوءَ جي زور تي سمجھي وئي تھ اھو ڇوڪرو ڪير آھي. تنھن ڪري کيس مارائڻ لاءِ ڪوڙ ڪري مٽيءَ مان لولا پچرائي، تڏي ھيٺ رکي مٿانئن سمھي پئي. بادشاھ جڏھن محلات ۾ آيو، تڏھن رڙيون ڪرڻ لڳي تھ: پيٽ سور مران، پيٽ سور مران! تڏي جي ھيٺان جو مٽيءَ جا پڪل لولا پيل ھئا، سي مٿان بار اچڻ ڪري ٺڪاءُ ڪڍڻ لڳا. بادشاھ سمجھيو تھ برابر منھنجي راڻيءَ کي اھڙو سخت سور پئجي ويو آھي، جو سندس پاسراٽيون پيون ڀڄن، تنھن ڪري ھن کي چوڻ لڳو تھ: راڻي ڪھڙي قول تي تنھنجي پيٽ جو سور لھندو؟ راڻيءَ جواب ڏنو تھ: بادشاھ سلامت! ھڪڙو ڇوڪرو شھر جي چؤنڪ تي ڪاٺيون وڪڻڻ لاءِ ايندو آھي، تنھن کي گھرائي حڪم ڏنو وڃي تھ شينھڻ جو کير ڏھي آڻي، ۽ پوءِ جي اھو کير آءٌ پيئنديس تھ سور لھي ويندو.

بادشاھھ ڪوٽوال کي حڪم ڏنو تھ: يڪدم ڇوڪري کي حاضر ڪر. ڪوٽوال حڪم ٻڌي روانو ٿيو ۽ شھزادي کي گھران وٺي اچي شاھي درٻار ۾ حاضر ٿيو، بادشاھ ھن کي چيو تھ: شينھڻ جو کير ڏھي منھنجي راڻيءَ لاءِ کڻي اچ! شھزادي دل ۾ خيال ڪيو تھ جي بادشاھ جو حڪم نٿو مڃان تھ پوءِ موت سر تي آھي ۽ جي شينھڻ جو کير ڏھڻ لاءِ ٿو وڃان تڏھن بھ موت جي منھن ۾ وڃڻو آھي. تنھن کان بھتر آھي تھ ھتان ڪنھن اٽڪل سان نڪران. سو بادشاھ کي عرض ڪيائين تھ: جيئندا قبلا! مون کي ڪجھھ ناڻو ڏيو تھ مان پنھنجي پوين کي ڏئي کير ھٿ ڪرڻ لاءِ وڃان. بادشاھ ھن کي پنج سؤ رپيا ڏنا، جي کڻي شھزادو پنھنجي جھوپڙيءَ ۾ آيو ۽ ڪجھھ ڏينھن جي کاڌ خوراڪ جو سامان آڻي پنھنجي مائرن کي ڏنائين ۽ پاڻ کير ھٿ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org