سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :27

شھزادو شھر مان نڪري،  ڪھندو ڪھندو ھڪڙي بيابان ۾ اچي نڪتو. پاڻيءَ جي تاس بيحال ڪري ڇڏيو ھوس، سو ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو. ايتري ۾ سندس اک ھڪڙيءَ ٻڪريءَ تي وڃي پئي. دل ۾ خيال ڪيائين تھ ھيءَ ٻڪري ضرور ڪنھن پاڻيءَ جي چشمي تي ويندي، سو ڇو نھ ھن جي پٺ وٺجي. ائين سوچي شھزادو ٻڪريءَ جي پٺيان ڊڪندو ويو. ايتري تائين جو ٻڪري ھڪڙي چشمي تي وڃي پھتي ۽ پاڻي پيئڻ لڳي. شھزادي بھ پاڻي پي اڃ لاٿي ۽ ھڪڙي وڻ جي ھيٺان سمھي پيو. ٿوري آرام ڪرڻ کان پوءِ جان کڻي اک کولي ڏسي تھ ھڪ شينھڻ چشمي جي ڪناري تي بيٺل آھي، جنھن جي ھڪڙي پير ۾ ڪنڊو لڳل ھو، جنھن جي ايذاءَ کان دانھون پئي ڪيائين.

اڳئين زماني ۾ جانور ڳالھائيندا ھئا. شينھڻ جي اک جا شھزادي تي پئي سو رڙ ڪري چيائينس تھ: آدم جا ٻچڙا! منھنجي پير جو ڪنڊو ڪڍ. شھزادي شينھڻ کان واعدو ورتو تھ: جي تون مون کي پنھنجو کير ڏھڻ ڏيندينءَ تھ مان تنھنجي پير جو ڪنڊو ڪڍندس. شينھڻ سمجھي وئي تھ ھيءَ ويچارو ڪنھن وڏيءَ مصيبت ۾ ڦاٿل آھي ۽ ڪنھن ھن سان اھو ڊوھھ ڪيو آھي. تڏھن ھن شھزادي کي چيو تھ: قبول آھي، پر ھاڻي تون ڇا ڪر جو اھو تنھنجي پاسي ۾ جيڪو بنڊ پيو آھي، سو ريڙھي ھتي رک تھ مان ان تي پير رکان، ۽ پوءِ تون منھنجو ڪنڊو ڪڍ. شھزادي شينھڻ جي چوڻ موجب بنڊ سيري ويجھو آندو ۽ شينھڻ ان تي پير رکيو. ڪنڊو نڪرڻ مھل شينھڻ کي ايذاءُ آيو، تنھن ڪاوڙ مان بنڊ کي اھڙو چنبو ھنيو جو اھو ٻھ اڌ ٿي پيو. پوءِ شھزادي کي چيائين تھ:جي مان تو کي ھتي کير ڏھڻ ڏيندس تھ ڪير بھ ماڻھو اھا ڳالھھ قبول نھ ڪندو، تنھن ڪري تون مون تي سوار ٿي تھ انھن جي روبرو تو کان کير ڏھارائي ھنن کي ڏجي. شھزادو انھيءَ ڳالھھ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ يڪدم ٽپ ڏئي شينھڻ جي پٺيءَ تي سوار ٿي ويٺو. ھلندي ھلندي جڏھن انھيءَ شھر ۾ پھتا، تڏھن شھر جا سڀ ماڻھو ھيءُ تماشو ڏسي ڊپ کان ڀڄڻ لڳا. آخر شھزادو اچي بادشاھ جي ڪچھريءَ ۾ حاضر ٿيو. ڏائڻ بھ اتي ويٺي ھئي، سا شھزادي کي جيئرو جاڳندو ڏسي اندر ۾ جلي سڙي ويئي. شھزادي بادشاھھ کان ٿانءُ وٺي اتي جو اتي شينھڻ جو کير ڏھي بادشاھ کي ڏنو. جنھن ھن کي انعام ۾ ڪيترو خزانو ڏئي گھر اماڻيو. شينھڻ بھ شھزادي کان موڪلائڻ وقت پنھنجي ڪنڌ جا وار ھن کي ڏئي چيو تھ: ڪنھن بھ ڏکئي وقت ھنن وارن کي سيڪ ڏيندين تھ آءٌ پنھنجن سڀني شينھن سميت تنھنجي حاضري اچي ڀرينديس.

شھزادي بادشاھ کان مليل انعام واري رقم مان شھر ۾ ھڪڙي جڳھھ ٺھرائي، مائرن کي اتي آڻي ويھاريو ۽ پاڻ بھ آرام سان گذارڻ لڳو. ٿورن ڏينھن بعد بادشاھ جي زال ڏائڻ وري مکر ڪيو تھ: پيٽ سور مران، پيٽ سور مران! بادشاھ خيال ڪيو تھ ھن زال مان چڱو ڦاٿو آھيان، سو راڻيءَ کان پچيائين تھ: ھن ڀيري ڪھڙي نموني پيٽ جو سور لھندو؟ راڻيءَ ھن کي جواب ڏنو تھ: اھو ساڳيو ڇوڪرو گھراءِ ۽ ھن کي حڪم ڏي تھ گريل گھوڙيءَ جي ڪن جي مر پيدا ڪري اچي تھ منھنجي پيٽ جو سور لھي. ڏائڻ کي خبر ھئي تھ اھا گھوڙي پرين جي ملڪ کان سواءِ ٻئي ھنڌ نھ ھوندي آھي، جيڪڏھن ڇوڪرو انھيءَ ملڪ ڏانھن روانو ٿيندو تھ رستي ۾ ئي مارجي ويندو. بادشاھ ڪوٽوال کي سڏي حڪم ڏنو تھ: ڇوڪري کي وٺي اچ. ڪوٽوال ڀڄندو آيو ۽ شھزادي جي گھر پھچي ھڪل ڪيائين. شھزادو سمجھي ويو تھ ھيءُ بادشاھ منھنجي پٺ نھ ڇڏيندو، سو ڪوٽوال کي چيائين تھ: مان بادشاھ جو نوڪر تھ نھ آھيان جو پنڌ ھلندس. ڪوٽوال اھا خبر وڃي بادشاھ سان ڪئي، جنھن حڪم ڏنو تھ سواري تيار ڪري ڇوڪري ڏانھن موڪليو. سواري شھزادي جي گھر تي پھتي ۽ھو سوار ٿي بادشاھ جي درٻار ۾ پھتو.

بادشاھ کي شھزادي ڏاڍي ادب سان عرض ڪيو تھ: بادشاھ سلامت! حڪم ڪريو تھ ھاڻي وري ڪھڙي ڪم لاءِ مون کي گھرايو اٿو. بادشاھ چيو تھ: اسان کي پرين جي گريل گھوڙيءَ جي ڪن جي مر کپي. شھزادي وراڻيو: جيئندا قبلا! حاضر، پر خرچ پکي لاءِ پنج ھزار رپيا کپن، بادشاھ کيس ھڪدم خزاني مان پئسا ڏياريا، جي وٺي ھو گھر پھتو. ھن وڃڻ شرط پنھنجي مائرن لاءِ کاڌي خوراڪ جو بندوبست ڪيو ۽ ڪجھھ پئسا پاڻ سان واٽ جي ثمر لاءِ کڻي، مائرن کان موڪلائي اٿي پنڌ پيو.

شھزادو ڪھندو ڪھندو جھر جھنگ بيابان لتاڙيندو، آخر ھڪڙي ڏينھن ڪنھن باغ ۾ اچي پھتو. ڇا ڏسي تھ ھڪڙو راڪاس فقيري لباس ۾، گھري ننڊ ۾ ستو پيو آھي. شھزادو آھستي آھستي ڪري ھن کي ڀيڙون ڏيڻ لڳو. ٿورن ڏينھن کان پوءِ راڪاس جي ننڊ کلي پئي ۽ ”آدم بوءِ آدم بوءِ“ ڪري پڪارڻ لڳو. شھزادو بھ ”نانا نانا“ ڪري راڪاس کي چنبڙي پيو. تنھن تي راڪاس ھن کي چيو تھ: جي نانا نانا نھ ڪرين ھا تھ آھر جيڏا داڻا ڪري ڇڏيانءِ ھا، ھاڻي گھر جيڪي گھرڻو ھجئي! شھزادي چيو تھ: خدا تعاليٰ جو ڏنو سڀ ڪجھھ آھي، فقط گريل گھوڙيءَ جي ڪن جي مر گھرجي. راڪاس اھا ڳالھھ ٻڌي يڪدم سمجھي ويو تھ ھيءُ ڪنھن ڊوھھ ھيٺ آيل آھي، تنھن ڪري شھزادي کي ڏاڍو سمجھايائين تھ: ابا! اھو ڏکيو ڪم آھي، تنھنجي ۽ منھنجي حاجت نھ آھي جو اھو ڪم ڪري سگھون. پر شھزادي جي گھڻي ستائڻ تي آخر راڪاس ھن کي ھڪ چٺي لکي ڏني تھ، ھتان ٿوري پنڌ تي منھنجو ڀاءُ رھندو آھي. ان کي وڃي ھيءُ چٺي ڏي، پوءِ ھو پاڻھي تنھنجي مدد ڪندو. شھزادو راڪاس کان موڪلائي روانو ٿيو ۽ ڪھندو ڪھندو اچي انھيءَ ٻئي راڪاس وٽ پھتو، ۽ ھن کي بھ ”نانا نانا“ ڪري چنبڙي ويو ۽ سمورو حال ساڻس ڪري ڀاڻس واري چٺي بھ ھن کي ڏنائين. خط پڙھي راڪاس خوش ٿي ۽ شھزادي کي دلاسو ڏنائين تھ: سڀاڻي تنھنجي ڪم جو بندوبست ڪبو. راڪاس کي شھزادي جي حالت تي ڏاڍو رحم اچي ويو ھو، سو ھن جي چڱيءَ طرح خاطرداري ڪيائين ۽ چيائينس تھ: شھزادا!  انھيءَ ڳالھھ تان لھي وڃ، ڪيترا تو جھڙا جوان ايڏانھن ويا مگر نھ موٽيا. تنھن تي شھزادي چيو تھ: نانا! ھڪ ڏينھن آخر مرڻو آھي، ۽ جي موت انھيءَ طرح لکيل ھوندو تھ اوس ٿيندو، تنھن ڪري توھين منھنجي مدد ڪريو، پوءِ کٽن منھنجا ڀاڳ. راڪاس ڏٺو تھ شھزادو ڪنھن بھ طرح پنھنجيءَ ڳالھھ تان ھيٺ نٿو لھي، سو ھن کي چيائين تھ: ٻڌ، صبح جو مان تو کي ٽي سوپاريون پڙھي ڏيندس، اھي کڻي تون پرستان ڏانھن روانو ٿج. ٻي مان تو کي ھڪ جتي ڏيندس، جنھن جي پائڻ سان تون اکيون پورج تھ پاڻ کي پرستان ۾ ڏسندين ۽ جتي تو کي ھڪڙي تلاءَ جي ڀرسان ڊگھي وڻ وٽ وڃي پھچائيندي، جتي گريل گھوڙي پاڻي پيئڻ لاءِ ايندي آھي، پر شھزادا! ڌيان ڏئي ٻڌ، متان گھوڙيءَ تي چڙھين! ڇا ڪجئين جو بيٺل وڻ تي چڙھي ويھي رھج، جڏھن گھوڙي پاڻيءَ تي اچي، تڏھن ھڪڙي سوپاري پاڻيءَ ۾ اڇلائج، سوپاريءَ اڇلائڻ سان گھوڙي گم ٿي ويندي. تنھن کان پوءِ ٻي سوپاري تلاءَ ۾ اڇلائيندين تھ ھاٿي، شينھن، بگھڙن ۽ ٻين جھنگلي جانورن جا آواز تو کي ٻڌجڻ ۾ ايندا. تون ڪو بھ ڊپ نھ ڪري وڻ تي پختو ويٺو رھج. وري پندرھن منٽن کان پوءِ ٽئين سوپاري تلاءَ ۾ اڇلائج. ائين ڪرڻ سان گھوڙي اچي حاضر ٿيندي ۽ تون ٽپ ڏئي مٿس چڙھي ويھج. پوءِ جيڪا مر کپئي سا گھوڙيءَ جي ڪن مان ڪڍي وٺج.

شھزادي اھي سڀ ڳالھيون ٻڌ دل ۾ رکيون ۽ صبح جو ٽئي سوپاريون راڪاس کان پڙھائي، جتي وٺي پاتي تھ اچي ان ملڪ کان نڪتو. آخر اھو تلاءُ ۽ وڻ نظر آيس. ٽپ ڏئي وڻ تي چڙھي وڃي ويٺو. کن ڪا نھ گذري تھ گھوڙي تلاءَ ڏي ايندي نظر آيس. ھن بھ راڪاس جي چوڻ موجب سوپارين کان ڪم ورتو، جيئن راڪاس سمجھايو ھوس. پھرين سوپاري اڇلائڻ سان گھوڙي گم ٿي ويئي، ٻي سوپاري اڇلائڻ سان جانورن جون رڙيون ۽ طوفان شروع ٿي ويو ۽ ٽئين سوپاري اڇلائڻ سان گھوڙي وري اچي تلاءُ تي بيٺي. شھزادو يڪدم ٽپ ڏئي گھوڙيءَ تي چڙھي ويٺو ۽ سندس ڪن مان مر ڪڍڻ لڳو. جيتري ھن کي گھربي ھئي سا ڪڍي، پوءِ ڇا ڪيائين جو راڪاس واري جتي پائي اکيون کڻي پوري تھ ساڳئي راڪاس وٽ اچي پھتو. شھزادو ڪجھھ ڏينھن ان وٽ مھمان ٿي رھيو. ان کان پوءِ موڪلائي سندس ڀاءٌ وٽ اچي رھيو، جنھن بھ ھن جي خاطرداري ڪئي. آخر ھن کان بھ موڪلائي پنھنجي ملڪ ۾ اچي سھڙيو.

ھوڏانھن ڪوٽوال بادشاھ جي حڪم موجب شھزادي جي اچڻ جي خبر روزانو سندس گھران پڇڻ ايندو ھو. ھڪڙي ڏينھن ڪوٽوال کي خبر پئي تھ شھزادو اچي ويو آھي، سو ڏولي وٺي آيو ۽ ھن کي ڏاڍيءَ عزت سان بادشاھھ وٽ وٺي آيو. بادشاھ شھزادي کي ڏاڍي عزت ڏني، ھو بھ بادشاھ سان نھايت ادب سان پيش آيو، ڇاڪاڻ تھ بادشاھ سندس پيءُ ھو، جا خبر شھزادي کي ھئي، مگر بادشاھ کي نھ ھئي. قصو ڪوتاھ بادشاھ، شھزادي کان گريل گھوڙيءَ جي مر وٺي ھن کي انعام اڪرام ڏئي پوشاڪ پھرائي روانو ڪيو ۽ مر وڃي پنھنجي راڻيءَ کي ڏنائين، جا گھوڙيءَ جي ڪن جي مر سڃاڻي اندر ۾ سڙي پچي وئي تھ ھيءُ ڇورو پرين جي ملڪ مان بھ بچي آيو! سو اندر ۾ گھاٽ گھڙيندي رھي تھ ڪيئن بھ انھيءَ ڇوڪري کي مارايان. آخر ھڪڙي تجويز سجھي آيس تھ ڇو نھ شھزادي کي نانگن جي ملڪ ۾ موڪلجي، جتي ناس ٿي وڃي. سو ٻٽي ھفتا رکي وري منھن ڪيائين تھ: پيٽ سور مران، پيٽ سور مران! بادشاھ کي جو خبر پئي تھ راڻيءَ کي وري بھ پيٽ ۾ سور پيو آھي، سو ڏاڍي ڳڻتي وٺي ويس تھ ھاڻ ڇا ڪجي! اھڙي نڀاڳي رن سان واسطو پيو آھي جنھن منھنجي اڳين راڻين کي بھ مارائي ڇڏيو. خير، بادشاھ اھي پھھ پچائيندو راڻيءَ وٽ پھتو ۽ ھن کان پڇيائين تھ: تنھنجي پيٽ جي سور جو علاج ڪھڙو ٿئي جو انھي لاءِ ڇڏي وڃئي. راڻيءَ جواب ڏنس تھ: ھاڻي مون کي نانگ جي مڻ ملندي تھ سور ڇڏي ويندو. بادشاھ لاچار ٿي ڪوٽوال کي گھرايو ۽ حڪم ڏنائينس تھ: ساڳئي ڇوڪري کي وٺي اچ! ڪوٽوال ڊڪندو ڊڪندو شھزادي جي گھر پھتو ۽ سڏي چيائينس تھ: بادشاھ سلامت تو کي گھرايو آھي، تنھن ڪري مون سان گڏجي ھل!

شھزادي ھن ڀيري ڪوٽوال جو خراب حال ڏسي، سواريءَ جي گھر ڪا نھ ڪئي، ۽ پنڌ ئي پنڌ ڪوٽوال سان گڏجي بادشاھ جي درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو. بادشاھ ھن کي سموري حقيقت ڪري ٻڌائي. ھن دفعي شھزادي بادشاھ کان ڏھن ھزارن رپين جي گھر ڪئي. بادشاھ بھ ھڪدم ھائوڪار ڪئي ۽ شھزادي کي پيسا ڏئي نانگ جي مڻ ھٿ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. شھزادي گھر پھچي وري بھ پنھنجي مائرن کي سامان سڙو گڏ ڪري ڏيئي مڻ ھٿ ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.

شھزادو ملڪ کان نڪري جھنگ منھن ڪري اٿي ھليو. آخر ڪھندي ڪھندي ٻن مھينن کان پوءِ اھڙيءَ جاءِ تي پھتو، جتي ھن کي بلائن کان سواءِ ٻيو ڪي بھ ڪين  نظر آيو. ھن سوچيو تھ مراد حاصل ھتان ئي ٿيندي، سو ھيڏانھن ھوڏانھن واجھائڻ لڳو، تان جو ٿوري وقت کان پوءِ ھن جي نظر وڃي ماڻھن جي ھڪ ٽولي تي پئي. اڳتي وڃي انھن سان گڏيو ۽ خبرن مان معلوم ٿيس تھ ھي جوڳي فقير آھن، جي مرليءَ تي نانگ ريجھائي، انھن جي مڻ ھٿ ڪندا آھن. شھزادي کي خاطري ٿي وئي تھ جنھن مطلب لاءِ آءٌ آيو آھيان، سو ھتان ئي ٿيندو. اتي ھن اٽڪل ڪري روئي جوڳين کي پنھنجي حقيقت ٻڌائي، جي ھن کي سندن سردار جوڳيءَ وٽ وٺي ويا. جوڳين جو سردار شھزادي جي حقيقت ٻڌي گوڙھي خيال ۾ پئجي ويو ۽ سمجھيائين تھ شھزادو ڪنھن وڏيءَ آفت جي چنبي ۾ آيل آھي، جنھن ھن کي اھڙا ڏکيا سوال چيا آھن. جوڳيءَ کي ڪھل پئجي وئي، تنھن شھزادي کي دم دلاسو ڏئي چيو تھ: ٻچا! تون فڪر نھ ڪر، سڀاڻي جيڪا بھ مڻ تو کي گھرجي سا کڻجانءِ. صبح ٿيو تھ جوڳيءَ پنھنجي مرلي اھڙيءَ سوز مان وڄائي جو نانگن جو سردار نانگ بھ پنھنجي ٻر مان نڪري آيو. ان جي پٺيان بھ ھزارين نانگ اچي گڏ ٿيا، جي سڀئي مرليءَ جي آواز تي مست ٿي مڻون اوڳارڻ لڳا.

جوڳيءَ شھزادي کي چيو تھ: ٻچا! ھاڻي ھزارين مڻون پيون آھن. بنا ڊپ ڊاءُ جي جيڪي بھ تو کي وڻن سي کڻي وڃ. شھزادي يڪدم ٻھ ٽي مڻون کڻي ورتيون. پوءِ ٿورا ڏينھن جوڳين وٽ رھي کانئن موڪلائي پنھنجي گھر اچي پھتو.

ڪوٽوال بھ روزانو شھزادي جي اچڻ جي خبر رکندو ھو. ھڪڙي ڏينھن خبر پيس تھ شھزادو خير سان نانگ جي مڻ بھ کڻي آيو آھي، سو ھن کي اچي چيائين تھ: بادشاھ سلامت تنھنجي انتظار ۾ آھي. شھزادي شاھي درٻار ۾ اچي مڻ کڻي بادشاھ کي ڏني، جو ڏاڍوخوش ٿيو. خدا جي قدرت جو انھيءَ وچ ۾ بادشاھ انڌو ٿي پيو. گھڻئي علاج ڪيائين، پر ڪو بھ فائدو ڪو نھ ٿيو. ڏائڻ جي خود اھا مرضي ھئي تھ بادشاھ ڀل تھ انڌو ھجي پر ظاھري طرح بادشاھ جي انڌي ٿيڻ تي ڏک ظاھر ڪندي ھئي. آخر ڏائڻ کي بھ اھا خبر پئجي ويئي تھ شھزادو نانگ جي مڻ کڻي خير سان شاھي درٻار ۾ پھچي ويو آھي، سو سٽ سٽيائين تھ بادشاھ ضرور اھا مڻ کڻي ايندو، پر مون کي جو شھزادو مارائڻو آھي، تنھن ڪري ڇو نھ انھيءَ ڇوري کي پنھنجن مائٽن ڏانھن موڪليان، جتي اھي کيس ماري کائي کپائي ڇڏين. سو اھا ڳالھھ ڳڻي جڏھن بادشاھ وٽس آيو، تڏھن ان کي چيائين تھ: منھنجي پيٽ جي سور جو علاج مون کي ھاڻي ياد پيو آھي. تھ جڏھن مان ننڍي ھيس، تڏھن مون کي اھڙو ساڳيو سور پيو ھو، گھڻن علاجن کان پوءِ منھنجي مائٽن مون کي ھڪڙي ستي ٺاھي پياري ھئي، جنھن مان اھو سور ڇڏي ويو، اھا ستي منھنجي مائٽن وٽ اڃا تائين پئي آھي، تنھن ڪري انھيءَ ڇوڪري کي حڪم ڏيو تھ مون کان خط وٺي وڃي منھنجي مائٽن کي ڏئي ۽ اھا ستي وٺي اچي. تنھن کان سواءِ منھنجي مائٽن وٽ ھڪڙو سرمو بھ ٺھيل آھي جو انڌو ماڻھو پائي تھ سڄو ٿي پوي. اڳو پوءِ اھو بھ کنيو اچي. بادشاھ اھا حقيقت ٻڌي شھزادي کي چيو تھ: ڇوڪرا! راڻيءَ جي پيٽ جو سور تڏھن لھندو، جڏھن تون سندس مائٽن کان پيٽ جي سور جي ستي ۽ مون لاءِ سرمو وٺي ايندين، تڏھن تو کي جام انعام ڏيندس. شھزادي بادشاھ کي چيو تھ: جيئندا قبلا! اوھان جو حڪم اکين تي ڀلي اھو خط ڏيو تھ مان روانو ٿيان.

ڏائڻ راڻي اتي ڏاڍي خوش ٿي. پوءِ خط ۾ لکيائين تھ ھيءُ ڇوڪرو اوھان ڏانھن اچي ٿو، جو منھنجو دشمن آھي، کيس ختم ڪري ڇڏيندا. بادشاھ اھو خط شھزادي کي آڻي ڏنو، جو وٺي ھو موڪلائي، پنھنجي گھر ورانو ٿيو، شھزادو ويچارو وري مائرن کان موڪلائي، خط کڻي ڏائڻ جي ملڪ ڏانھن روانو ٿيو. ھلندي ھلندي ھن کي ڏينھن تپي ويو. گرميءَ جي تڪليف کان ھڪڙو شاھي وڻ ڏسي، آرام ڪرڻ ۽ ٿوري ٿڪ ڀڃڻ جي ارادي سان ان وڻ جي ھيٺان اچي ويٺو. وڻ جي ٿڌيءَ ڇانو ۾ کيس ننڊ اچڻ لڳي ۽ دل ۾ خيال ڪيائين تھ منزل الائي ڪيترو پري آھي، ڇو نھ ٿورو آرام ڪري وٺجي. اھو ارادو ڪري سمھي پيو ۽ گھري ننڊ کڻي ويس. ان وقت ڪي پريون سير ڪنديون وڻ وٽان اچي لنگھيون. جان کڻي ڏسن تھ ھڪ سھڻو نينگر وڻ ھيٺان گھريءَ ننڊ ۾ ستو پيو آھي، سو يڪدم ھيٺ لھي آيون ۽ ھن جي تلاشي وٺڻ لڳيون. تلاشيءَ مان کين ٻيو ڪي بھ ڪين ھٿ آيو، فقط پٽڪي جي پلاند ۾ ھڪڙو خط ٻڌل ھٿ آين. پريون خط کڻي پڙھن تھ لکيو پيو آھي تھ ھن چٺي آڻيندڙ ڇوڪري کي يڪدم ماري ڇڏجو. پرين سمجھي ورتو تھ ھيءُ بيگناھھ نينگر ڪنھن ڊوھھ سببان موت جي منھن ۾ پيو وڃي، سو اھو خط ڦاڙي ٻيو خط لکيائون، جنھن ۾ ھيءُ لفظ لکيائون تھ ھيءُ ڇوڪر منھنجو پٽ آھي، کيس انڌن کي سڄي ڪرڻ جو سرمو ڏيندا ۽ گھڻي عزت ڏئي واپس ڪندا. پوءِ اھا چٺي شھزادي جي پٽڪي جي پلاند ۾ ٻڌي پاڻ رمنديون رھيون. ٿوريءَ دير بعد شھزادو ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ منزل تي پھچڻ لاءِ تياري ڪيائين. پنڌ ڪندي ڪندي اچي ڏائڻين جي ملڪ ۾ پھتو.

ڏائڻين جو شھزادي کي پريان ايندو ڏٺو، سي کيس کائڻ لاءِ ڏند ڪرٽينديون ڊوڙنديون آيون. ڪا چوي تھ منھنجو شڪار آھي، ڪا چوي تھ حضرت سليمان منھنجي لاءِ شڪار موڪليو آھي. پر شھزادي ڇا ڪيو جو يڪدم پٽڪي جي پلاند مان چٺي ڇوڙي کڻي سامھون ڪئي. ڏائڻيون چٺيءَ پڙھڻ کي لڳي ويون، جڏھن چٺي پڙھي پوري ڪيائون تڏھن ڪا چوي تھ منھنجو پوٽو آيو آھي تھ ڪا چوي منھنجو سؤٽ آيو آھي، ۽ ڪا وري چوي تھ منھنجو ماسات آيو آھي. اھڙيءَ طرح شھزادي کي چھٽي ويون. پوءِ وٺي وڃي گھر ۾ ويھاريائونس. ڪيترا ڏانھن تھ شھزادي جي ھر ھڪ ڏائڻ پئي مھماني ڪئي. گھڻي خاطرداريءَ کان پوءِ شھزادي ھنن کي چيو تھ: منھنجي ڪم جو بندوبست ڪريو، جو مان ھاڻي وڃڻ وارو آھيان. پر ڏائڻين چيس تھ: تون اسان جي ڀيڻ وٽان آيو آھين، جي تو کي جلدي موڪلينديونسين تھ اھا ڇا سمجھندي تھ منھنجي پٽ مان اھڙيون ڪڪ ھيون جو ٻھ چار ڏينھن مھماني بھ نھ ڪيئونس. تنھنڪري اڃان بھ ڪجھھ ڏينھن ترسي اسان جي مھماني کائي پوءِ وڃج. ائين چئي شھزادي کي ترسائي ڇڏيائون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org