سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :22

ڪريمڏنو ”صدائي“

 

         ڪريمڏنو ملاح، ڳوٺ پيڄاهو تلقي دادو جو ويٺل آهي. شاعريءَ ۾ سندس استاد ثناءالله ”ثنائي“ هو. ٻه چار درجا سنڌي پڙهيل آهي. سندس ڪلام غزلن، بيتن ۽ قافين تي مشتمل آهي. ڪلام ۾ پنهنجو تخلص ”صدائي“ ڪيو اٿس.*

[2083]

هجي ها درد نا دل ۾ ته دانهون ڇو ڪريان ها مان

ڪرين ها جي پرين پنهنجو، اصل نوڪر ٿيان ها مان

1- مٺا مون کي ڪري جڳ ۾ ڇڏيو تو هاءِ غمناڪي
رهي پاڙي پرين تنهنجي، جڏي جيڪر جيان ها مان
2- مٺا مون سان ڪرين ها جي سڄڻ سهڻا وفاداري
ته جيڪر خيال ٻئي پاسي نه هرگز پونِيان ها مان
3- ڪري صحبت سٺي تنهنجي لاهيان ها درد سب دل جا
اوهان کان پرت جا پيالا وٺي پلپل پيان ها مان
4- ملين ها جيڪڏهن جاني ”صدائي“ ساڻ هڪواري
ڪري سر ساهه گهر صدقي اڳيان تنهنجي ڏيان ها مان
 

[2084]

پيالي پرت مان پارس، پياريندين ته ڇا ٿيندءِ

نظر نازن ڀريءَ سان جي نهاريندين ته ٿيندءِ

1- اُٿاري آڳ الفت جي، وسارڻ هيئن نه واجب آ

مهر سان محبت تون مون کي، سڌاريندين ته ڇا ٿيندءِ

2- هڻي پَيڪان پنبڻن جا، ڪيئي منٺار مستانو

عقل ۽ علم صبر سهڻا، ڏياريندين ته ڇا ٿيندءِ

3- ملن معشوق عاشق ٿا، مگر مون لاءِ ماتم آ

پَسائي منهن مٺا هيڪر جياريندين ته ڇا ٿيندءِ

4- اٿم هي آرزو دل ۾ ته دلبر نال مون نيجو

عرض هي عشق وارن جو اُٿاريندين ته ڇا ٿيندءِ

5- ”صدائي“ سڪ اوهان جي کان سواءِ ساقي نٿو گهاري

مئل دل کي وري مئي سان اُجاريندين ته ڇا ٿيندءِ

 

[2085] ڪوهاياري

منهنجي رمز لڳي وئي آ راڻي سان

ڏاڍي سرت ڀرئي سوڍل سياڻي سان

1- ڪٽر وجهي دل ۾ ڪاڪ ڇڏي ويو

هاڻي ڪير پڄي اُن جي ماڻي سان
2- هنئڙو عشق ان جي ۾ اولاٽيو

پيڙي جان پيو ڄڻڪ گهاڻي سان
3- فال فقيرن کنئون ويٺي وجهايان

موٽي محب ملي شل سو ناڻي سان
4- سور ”صدائي“ ڪئي مومل ماندي

ان جو ڇا ته وڃي پاڻي داڻي سان
 

[2086]

عمر مير اصلي اباڻن جي آهيان

ماروئڙن سان ملنديس، اُميدون نه لاهيان

1- نه ڪر بند بلڪل ولهي هيءَ ويچاري

اها ڪم نه ايندءِ حڪومت هچاري

رڙي روهه ۾ ٿي قريبن ڏي ڪاهيان

2- هيڻن ساڻ حاڪم ڪرين ٿو هلائون

وڏيون پيش پرور جي پوندءِ پڇائون

ويڙهيچن ڏي وينديس چڱو تن کي چاهيان

3- اجايو ڪيس تو کڻي بند باندي

وڻي سونُ تنهنجو پٽيهر نه چاندي

ڪري درس دانهون ڪارو ڪوٽ ڊاهيان

4- سَتيءَ کي گهڻي سِڪ سانگين جي ”صدائي“

وڃي ويڙهه موٽي آهي جن جي ڄائي

عمر مڃ تون آزي، سينو ٿي نه ساهيان

 

نواب بهاول خان لغاري

 

نواب بهاول خان ولد نواب امداد علي خان، ڳوٺ تاجپور ضلعي حيدرآباد ۾ 5- رمضان 1339هه/مئي 1921ع ۾ ڄائو. سنڌي، فارسي ۽ قدري انگريزي تعليم حاصل ڪيائين. سندس طبيعت تي فقيراڻو ۽ شاعراڻو موروثي اثر پيل آهي. جهوڪ شريف جي بزرگ عبدالستار ثاني جي بيعت ڪري تلقين ورتائين. سندس ڪلام بيتن ۽ قافين تي مشتمل آهي.*

[2087]

جان جسم ويو جلي

سهڻل تنهنجي سورن ستايو

1- آءُ تون اڱڻ اسان جي ڪوهيارا

ساه سڪي ٿو تولئي پيارا

محب تون وڃ مون سان ملي ملي

دردن تنهنجن دود دکايو

2- آس اندر ۾ اٿم اهائي

پوري ڪندم قادر سائي

دوست ايندم هلي هلي

محبت من ۾ مچڙو مچايو

3- آئي اوهان جي دلبر جاني

روشن ٿيندو قلب روحاني

صاف ڪريان سڀ ڳلي ڳلي

اچي ساڳيان پنهنجا ڀاڻ وسايو

4- آهي ”بهاول“ يار اوراهون

ڳولج تنهن کي ڪين پراهون

هرگز وڃ نه ڀُلي ڀُلي

ٿي صاف صوفي ٿيندو پنڌڙو سجايو

[2088]

ڇڏ رسامان مينڌرا، تون ميو آ موٽائي

ميو آ موٽائي، الا ڪرهل واڳ ورائي

1- راتيون جاڳي ياد ڪريان ٿي، هيئن نه توکي جڳائي
2- موٽي آءُ ماڳ تي، تون پنهنجو پاڻ ڀَلائي
3- عرض ڪريان ٿي ادب سان، پاند ڳچي ڳل پائي
4- ڪانڌ ڪمينيءَ کي نه ڇڏ تون، اِئين رڻ ۾ رلائي
5- بديون بخش ”بهاول“ چئي، وڃ ڪاڪ تي پير گهمائي
 

[2089]

پنهنجا سانگي عمر آءٌ ساريان ٿي

رويو روز مان هنجون هاريان ٿي

1- عمر مارن جي اٿم تانگهه گهڻي

آهيان قيد ڪوٽن ۾ هڪڙي ڄڻي

لکيو قلم قضا منهنجي باب بڻي

اهو داغ اندر ۾ ڌاريان ٿي

2- مونکي ڏوٿيڙا دمدم ياد پَوَن

ساريو سرتين کي منهنجا نيڻ ٽمن

منجهه ياد تني جي اندر چاڪ چڪن

راهون روز انهن جون نهاريان ٿي

3- لوئي ليڙون ٿي مُنڌا وار عمر

ڏاڍا دل تي غمن جا اٿم بار عمر

سدا سانگين جي آهي سار عمر

شب روز تنهين کي سنڀاريان ٿي

4- ”بهاول“ جي سڻ تون هيءَ صدا

موڪل مارن ڏي مونکي عمر ادا

جيئري جهانگين کان ڪر ڪيم جدا

انهي غم گوندر ۾ گهاريان ٿي

 

احمد خان آصف

 

احمد خان ولد محمد اسماعيل مصراڻي، ڳوٺ ٻٻر تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو ويٺل آهي. 8- جولاءِ 1922ع تي ڄائو. عربي، فارسي ۽ اردو جي تعليم به حاصل ڪيائين. شعر و شاعري ۾ سندس اُستاد حافظ محمد اسماعيل آهي. تعليم کاتي ۾ پرائمري اُستاد هو.

[2090]

دنيا سٺي آهي خواب، جاڳ مسافر ننڊ نه ڪر تون

1-  ايندو موت مٿي تي ڪاهي، تنهن سان پڄڻ جي حاجت ناهي
ڪونه هلي ڪو تان

2-  ڪاري قبر ۾ لاش لٽيندا، مَلڪ پڇڻ لئي ايندا سَٽيندا
ڏيندين ڪهڙو جواب

3-  سخت سجهي ٿو ڏينهن قيامت، پاڻ ڪندو جِت ربّ عدالت
ڏيندو هر ڪو حساب

4-  خوف داء جو دل ۾ تون ڌر، ”احمد“ دائم نيڪ عمل ڪر
ايندءِ ڪم نه ڪتاب

[2091]

سسئي ويچاري سُرن ماري، رڻ ۾ ڪندي وئي آري آري

1-  ڏير ڪري ويا ڏاڍي زوري، چاڙهي پنهل کي ويڙا چوري
ڌار ڪيائون ڌاري ڌاري

2-  لاٿم سانگو ساه ۽ سِر جو، پنڌ ڪرڻ پيو مون کي پٿر جو،
واٽن تي ٻي واري واري

3-  وگهه واٽن تي چيٽا چُرن ۾، نانگ ته نِيلا کپر کڙن ۾
بگهڙ برن ۾ باري باري

4-  ”احمد“ ايندو ڪيچي ڪوهارو، دل حو دلبر پنهل پيارو
پاڻ ڪندو پوئواري واري

[2092]

منهنجي مداين کي ڏسي، منهڙو نه مٽجان يار تون

1- سورن سُڪايو ساه آه، گوندر ڪيو گمراه آ

دم تي نه دم ويساه آ، ڀيرو نه ڀڃان يار تون
2- ڳڻتي ۾ ڳاري تو ڇڏيو، رت آ رئاڙي تـــو ڇڏيو

ماڻن سان ماري تو ڇڏيو، ويتر نه رسجان يار تون
3- مون ساڻ ڪج وعدي وفـــا، جانب نــه ڪر هــرگــز جفا

مون کي وساري دل تان صفا، ويهي نه رهجان يار تون
4- الله واحد جو قسم، آرام ناهي پل يا دم

”احمد“ مسافر سان قدم، قربن جا ڀرجان يار تون
 

ايوب آريسر

 

محمد ايوب ولد محمد يوسف آريسر، ويٺل ڳوٺ هوندو آريسر (لڳ اڪڙي) تعلقو سامارو، مارچ 1924ع/1342هه ۾ ڄائو.سنڌي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين. هنديءَ جي پڻ ڄاڻ هئس، جنهنڪري ڀڄن ۽ شڊ به چيائين.*

[2093]

جو دم جالين جاڳر جوڙ، نيڻن واري ننڊ اکوڙ

1- منهنجو ٽارج سڻندي سڻ ڀڻ

چئني طرفين چالو چڻ ڀڻ

اندر اسم جي رکجانءِ اُڻ تڻ

ٻوٽا ٻيائيءَ وارا ٻوڙ

2- آڌي گذارج اهڙي ساري

پهرين رات پرڻي واري

گهوٽ ڪنوار گڏجي گهاري

اهڙيءَ طرح ڪجانءِ توڙ

3- اسر جي ويلي آگ لڳائي

تَن کي تَسيو ڏئي تڳائي

جيئڙو جلائي جوش جڳائي

واري ورق وجودي وؤڙ

4- پِرهه ڦُٽي پرڀات پڄاڻا

عام کان اولي رهج آياڻا

ڏينهن سمورو سمجهه سياڻا

آهي ننگاوت وارو نوڙ

5- وقت آخر جو واڄو وڄي ويو

لوڪ ۾ لِڪو هلج لڄي ٿيو

”ايوب“ آخر عمر سڄي جو

لوح قلم جو لکيو لوڙ

[2094]

سَٽ سَٽ منجهه سرير وي ميان

سور سانگي جـــي پَچ پَچ لائِــي

1- ڌڙ ڌڙ ۾ ڌاران ڌنارن

ڏمچر ڌم ڌم ڌو ڌو ٻارن

اڻکٽ آهي اُڪير وي ميان، ڳاري انهي ڳچ ڳچ لائي

2- ويريون ويريون ڏيئي ور ور

هُل هُل هينئڙي ۾ ڪن هر هر

هڪڙي حال حمير وي ميان، رڳ رڳ ۾ تن رچ رچ لائي

3- مونجهه ماڙين جي ماريو مَن کي

ٻانهيون ٻيڙا ڏيئي ٻن کي

اڇلي ڇڏيم امير وي يمان، اُڪنڊ اباڻيءَ اچ اچ لائي

4- ”ايوب“ اباڻا اصل نه وسرن

نار نديون نيڻين نِسرن

نوان وهايم نير وي ميان، پلٽ پرين جي پچ پچ لائي

[2095]

سبڪنهن وري سرندي الو، مون نه سچڻ ري سري

1-  اڄ عشق جون آگاهيون، وهواه مليم واڌايون

اهي بره لايون باهيون

ٻاريو پئي ٻرندي الو، ٻارڻ اندر منجهه پيو ٻري

2- ڪل نه پئي ڪا واءَ جي، هن درد جي درياءَ جي

سختي لڳي اٿم ساه جي

آءٌ تار ڪيئن ترندي الو، اڻڄاڻ آيس منجهه آري

3- ڄاتو اول مون هي نه ڄاڻ، پروَس ٿيو آ پنهنجو پاڻ

سريون سڀئي آهيو سُڄاڻ

ويهي ڏيوو رندي الو، وس کؤن ويئي سا ڪيئن وري

4- ”ايوب“ اهکي دل آڙي، جانب اٿم تو سان جَڙيِ

سِڪ ۾ سڪايل هئي سڙي

سا ري مِلڻ مرندي الو، آ مِل مِٺا نه ته ٿي مري

[2096]

اکيان ڪيتا آر عجائب، نال ارانگي اڙيان يار

1- قرب دي ڪارڻ قتل قبولڻ، قول اِهين وچ ڪڙيال يار
2- پيوند پيچ پيار دا پاڪِي، پَنِي پِرت دِي پَڙهيان يار
3- لوڪ ڪنون لُڪ ليئڙي پاوڻ، لالڻ ويک ڪي لڙيان يار
4- جسم ”ايوب“ جلاون جل جل، جوش اِهين وچ جَڙيان يار
 

لعلڻ فقير ڀيو

لال ڏنو عرف لعلڻ فقير ڀيو ويٺل جاڳڻ، تعلقو شڪارپور عمر سٺ سال کن، هڪ گوشه نشين درويش آهي. پير صاحب پاڳاره جي جماعت جو هڪ وڏي اعتقاد وارو فقير آهي.*

[2097]

ڪيم ڪلهه يار سان واعدا اهي اڄ پارڻا پوندا

مليا ميثاق کان جيڪي سبق سي سارڻا پوندا

1- ٻڌي ترهو توڪل جو رڻن مان رند کڻي رسندس

ڏکن ڏي ڪينڪي ڏسندس ۽ ڏونگر ڏارڻا پوندا
2- ڇنڻ جو شوق ناهي ڪو، ڳنڍڻ جي آ رڳو ڳڻتي

محبت جا صفا مضبوط ڌاڳا ڌارڻا پوندا
3- سڄڻ هڪڙي جي ئي صديق ڪڍڻي ڪاڻ پئي ڪل جي

سڄي ئي ڳوٺ جا گابا چريءَ کي چارڻا پوندا
4- روئڻ سان يار جي ريجهي ته مان راتيان ڏينهان روئندس

اکين سان لڙڪ اي ”لعلڻ“ هميشه هارڻا پوندا
 

[2098]

سڄڻ سورن پرين پورن پچايو آ پتنگن جان

      ٿيس وس کان صفا بيوس موالين ۽ ملنگن جان

1- اندر ۾ عشق جيئن آيو

رکيائين ريءَ نه ڪو رايو

ڪيو ڪايو تنهن تايو

اچي مون کي اڍنگن جان

2- بدن ۾ برهه جون باهيون

نڪي سورن ڏنيون ساهيون

وهن واهيون ڪيئي گاهيون

تنهنجي غم جون گڻنگن جان

3- جسم ۾ جوش آ جاري

جلي ٿي جان جند ساري

شهر خواري ماران ماري

لڳن طعنا تفنگن جان

4- شهنشاه ڪر مون تي شفقت

تنهنجي هٿ آ منهنجي قسمت

ساري خلقت ڪري نفرت

مون کان ”لعلڻ“ لفنگن جان

 

[2099]

ڪيڏو ڪيئي انصاف

دلڙي ڦرڻ سان قيد ڪرڻ سان

1- روح منهنجي ڪيو روز ازل کان توکي سجدو صاف
واعدي وٺڻ سان، ونگ وجهڻ سان
2- ساجن تنهنجي صورت سهڻي شمس قمر کان شفاف
هر جا وَسَڻ سان، سڄڻ وڻڻ سان
3- مون کي مٺا محبوب ڪيا تو ڇاتيءَ منجهه شگاف
نيڻ کڻڻ سان، تير هڻڻ سان
4- ’ميم‘ جو منهن تي واهه جو پاتئي خمزيدار خلاف
”لعلڻ“ لڪڻ سان، رمز رکڻ سان
 

[2100]

ڏوريان پاڻ ڏاڍن کي ڏيڻ جي جاءِ ڪا ناهين

ڀلا چئجي ته ڇا چئجي، چوڻ جي جاءِ ڪا ناهين

1- هجن جي پاڻ جهڙا پوءِ ميارون ڀي ڏيئي سگهجن
زوراور ٿيا جيڪي تن سان پڄڻ جي جاءِ ڪا ناهين
2- شڪايت جي ڪرڻ کان ڇو نه ڄڀ پاڙئون پٽي ڪڍجي
هڪڙو ڀي اکر واتؤن ڪڍڻ جي جاءِ ڪا ناهين
3- جُهڪائي سِرُ ڪجي آزي، ڪجي پئي روز شڀ زاري
حبيبن سان هُجت هرگز هلڻ جي جاءِ ڪا ناهي
4- جيڪي سڏجن سائين تن سان ڪجن ”لعلڻ“ ڪهڙا ليکا
نه ڏسبو ڪس ڪثر ڏي جو ڪچڻ جي جاءِ ڪا ناهين
 

[2101]

منهنجو اڳي ۽ پوءِ، ڪم آهي ڪيچن سان

1- ڪيئن سڏايان سرتيون، جڳ ۾ ٻئي جي جوءِ

2- ڪنديس جيءَ جتن کي، آءٌ ڪنديس نه اوءِ

3- کٽي هلان شل خير سان، آءٌ گندڙي گوءِ

4- هڪڙي ڏينهن آخر هتان، ”لعلڻ“ لڏبو لوءِ

[2102]

مري ويندي سانِ، نه ڏيندي سانِ، ڪائي ميار ڪيچن کي

1- توڙي هوت هوت چني هليا، مان ڳنڍيندي سانِ

2- مڙيو ئي منهنجو قصور آ، مان مڃيندي سانِ

3- هڪ ڏينهن آءٌ انهن کي، ياد ايندي سانِ

4- لکيو لوح قلم جو، بيشڪ ڀوڳيندي سانِ

5- ”لعلڻ“ لڪ لانگها لنگهي، هڪ ٿيندي سانِ

[2103]

مونکان ميهر منهن نه مَٽي مَٽي

ٻيو مُنهن مَٽي تان ڀلي مَٽي

1- آءٌ ته ڏائڻ ڏم ڏانهن، اک نه ڏسنديس پَٽي پَٽي

2- ساهڙ سُرڪي سوز جي، وجهي ڏني منجهه وَٽي وَٽي

3- دهشت آ درياءُ ۾، سير پئي ٿي سَٽي سَٽي

4- توڪل جو ترهو ٻڌي، ڪُن وينديس ڪُل ڪَٽي ڪَٽي

5- ”لعلڻ“ لاش ميهار من، پنهنجي لتن سان لَٽي لَٽي

[2104]

مون کي ميهر هڪ ٿو کپي کپي

ناهين گهرج ٻئي ڪنهن گهوٽ جي

1- ڪيئن ڏسان مان ڏم ڏي، تن سڄو ٿو تپي تپي
2- ٻُڌم مان ٻيلي اندر، چڙن جي چؤنگر چپي چپي
3- سڪ ته ساهڙ يار جي، ڇاتيءَ ۾ ڪيئن ڇپي چپي
4- مُڙنديس ڪيئن ميهار کان، ڪنڌ کڻي ڪو ڪپي ڪپي
5- لهرين جي ”لعلڻ“ لوڙهه مان، جهٽ پٽ ويندو جهپي جهپي
 

[2105]

ناهين ڀينگ ڀنڀور، هتي ئي حاضر هوت ٿِي

1- سوچي ڪر تون سسئي، گريبان ۾ غور

2- ناحق رُل نه رِڻن ۾، ڇاتيءَ ۾ ڏس شور

3- ناهين بلوچ برن ۾، بر ڏي ڀر نه زور

4- ”لعلڻ“ لڙ نه لڪن ڏي، دل ۾ ڪرتون دؤر

 

بيگم فقيرياڻي

 

مائي بيگم فقيرياڻي روهڙي شهر ۾ رهندڙ آهي. کيس ”ڀٽ ڌڻي جي فقيرياڻي“ يا ”لطيف جي فقيرياڻي“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جو کيس شاه لطيف سان عقيدت آهي، ۽ اڪثر ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي ويندي رهندي آهي. اندازاً 1925ع ڌاري سندس جنم ٿيو.*

 

[2106]

ديد سدائين دلبر ۾ آ، خلق سڄي پئي کِلي کِلي

ته به دل جو دلبر ملي ملي

1- عاشق آهيون ڪندا وتن ٿا، معشوق بيپرواه
عاشق کي آ عشق مدامي، قيامت تائين پيو هلي هلي
2- محبت مون کي مست ڪيو آ، حسن ڪيو حيران
سر ساجن تان صدقي ٿيو، دل به پنهل جي پلي پلي
3- ”بيگم“ کي ڏنو جام الستي، جانب اڄ جوڙي
عشق اندر ۾ آتش لاتي، سور نه ٻئي ڪنهن سلي سلي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org