سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :16

نه رهبر هون نه رندي هُون

نه باهر هون نه اندر هون

نه بقا هون نه فنائي هون

4- نه والد هون نه مادر هون

نه دشمن دوست برادر هون

نه باطن هون نه ظاهر هون

اصل ”عبد“ جوت جڳائي هُون

 

[1976]

راضي هون ادا راضي هُون، اسان پنهنجي خيال تي قاصي هُون
چوٽ لڳي آ ڇُپ چپاتي، بره بڻايل بازي هون

 

1- گلا خواري طعنا مهڻا

سي وڌاسي ڳَل ۾ ڳهڻا

ساجن آيا تو ڏانهن سهڻا

تانگهه انهي ۾ تازي هُون

2- بانگي برهئون بانگ سُڻائي

وچ وجود ميست بڻائي

تڪبيرن ڪيو حال فنائي

نينهن سندا ته نمازي هُون

3- تسبيح تَن ۾ محبت مَڻِيون

رڳھن رمز رَلائي سهي

مصلو من ۾ منجهه مَراقِب

سجدي صاف شيرازي هُون

4- نفل نمازي سُنّت سِيني

فرض فنائي ڪڍيو سِي ڪِيني

مصلو من ۾ منجهه مَراقب

اشراقن امِراضي هون

5- ”عبد“ تنهنجو ڪهڙو نانء نشان

غير ڪڍي ڇڏ سڀ گمان

گم ٿيڻ ۾ رک تون ڌيان

وَهم وڃايل غازي هون.

ميان ثناءالله ”ثنائي“

ميان ثناءالله ”ثنائي“ بن الله بخش فقير کوهارو، ويٺل ڳوٺ ’سهڙا چورائي‘ تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو، 9- صفر 1313هه ۾ ڄائو. پنهنجي والد کان تعليم ورتائين. امروٽي بزرگ تاج محمد صاحب جو مريد ٿيو ۽ خلافت مليس. عشق جون مهيزون سَٺائين. مجازي شاعري، مزاحيه نظم، مولود، مداحون، خطبا وغيره منظوم ڪيائين. سندس

ڪلام ڪن مجموعن ۾ پڻ آڳاٽو ڇپيو. سنه 1336هه کان وٺي يا اڃان به ڪجهه اڳ ڪلام چوڻ شروع ڪيائين. ڪلام وزن بحر جي قالب ۾ سموهيائين. اندازاً هزار کن سندس قافيون نظر مان گذريون، جيڪي عام ذوق واري رنگ کان وٺي اعليٰ معنيٰ واري مضمون تي مشتمل آهن. سنه 1398هه/1977ع ۾ وفات ڪيائين.

[1977]

عشق گهر پنهنجو ڇڏائي ٿو رُلائي دربدر

بادشاهن کي ڀُلائي، ٿو پنائي دربدر

1- هير لئي حيران ٿي ڪيو تخت کي رانجهن ترڪ

شاهزادو شوق مؤن مُرلي وڄائي دربدر
2- قيس جهڙن قابلن تي نانء مجني جو ڌري

لاءِ ليليٰ جي ويچارو ٿو ليلائي دربدر
3- نازنينن نامدارن کي نمائي نينهن ٿو

جهوپڙيون ڪانن ڪڱن جون ٿو اڏائي دربدر
4- عشق عابد ٿو ڀُلائي، سُڻ قصو صنعان جو

دين دنيا نام نيڪي ٿو وڃائي دربدر
5- اي ”ثنائي“ عشق وارا ڪين خواريءَ ڀَئي ڊڄن

ٿو نچائي عشق هي ڀولُو بنائي دربدر
 

[1978]

بي انتها بحر آ، ناهي عشق جي پڄاڻي

پڇ ڪينڪي اسان کان قلمزم سندي ڪهاڻي

1- ماريا ملاح ميڙا، لکها ٻڏي ويا ٻيڙا

ڪُن قهر جا اويڙا، زخــّار زور پاڻي
2- واڳون غمن جا ويري، کائن ڦٿڙ ڏئي ڦيري

ر ڇڏن ڪانه جيري، هر ڪا هجي نماڻي
3- جيڪي سِر جو سانگ لاهن، سهڻي جان سِر کي ساهِن

سي ٿا ڪُنن ۾ ڪاهن، تن مون آهي ماڻي.
 

[1979]

تڙين توڙي پرين پيارا، ته ڀي موٽِ اچؤن ٿا پيا

شم رُو شوق تنهنجي ۾، پتنگن جان پچؤن ٿا پيا

1- پيتاسي پِرت جا پيالا، بڻياسي مست متوالا
بڻي بيهوش بيخيالا، نشو کائي نچؤن ٿا پيا
2- اوهان جو جوڙ مَٽ ناهيون، سينو ڪهڙو سڄڻ ساهيون
بره جي رنگ ۾ آهيون، جيئن پوءِ تيئن اچؤن ٿا پيا
3- ڦَٽي هيءَ دل ڪَيوَ ڦارون، نه بخشيو دوست ڪو دارون
سڄو تن ٿيو تندون تارون، محبت ۾ مچؤن ٿا پيا
4- ”ثنائي“ سوز ڪيوَ پورا، بره جا بار ڪل ڳؤرا
مڃيان لک عشق جا ٿورا، ٻِئي غم کان بچؤن ٿا

پيا.
 

[1980]

جاتي دغا تاتي دُعا، جاتي جفا تاتي شفا

جيڪو خفا سو باوفا، وهواه جو واپار آ

1-       هي شوق شاديون عشق جون، هي ڪُل فساديون عشق جون
هي ڪُل آباديون عشق جون، اقرار آ انڪار آ
2- جاتي مٺو دلدار آ، تاتي به پا تڪرار آ
هي عشق جو اسرار آ، نادار ٿيو زردار آ
3- ڪو ڏينهن هو ميلاپ جو، ڪو شوق هو ڪنهن ڇاپ جو
ڪو عشق جي آلاپ جو، اڄ وينتيءَ جو وار آ
4- هي ڀي ويو هُو ڀي ويو، ساڻي اچي سيّد ٿيو
هي ڇا ”ثنائي“ تو چيو، ڪنهن جو اهو ڪردار آ.
 

[1981]

ڪري ياد الستي راز ميان

ڪَنِ ڪالهه ڪَيُئِي آواز ميان*

1- هاڻي پورو ڪر پنهنجي واعدي کي

في الحال رسي تا فائدي کي

ڪر ترڪ نه ٿون هن قاعدي کي

ره دلبر سان دمساز ميان

2- هڪ وار نظر ڪر سيني ۾

آيو پاڻ اِتهين آئيني ۾

ڏسي بيرنگ رنگ رنگيني ۾

پره ’ونحن‘ ڪر اک باز ميان (1)

3- ٻَن ٻيائيءَ کي ڏيئي ٻوڙ ميان

خود خيال خوديءَ جا ٽوڙ ميا

منهن غير سندس کان موڙ ميان

هٿِ هر گہ ڪر هيءَ ساز ميان

4- ڇڏ خيال اَجايا ناسُوتي

رک يار ”ثنائي“ ثابُوتي

آهين مُرغ چمن جو لاهوتي

ڀڃ پڃرو ڪر پرواز ميان

 

[1980] سُر سهڻي

سگهو رس سِير ۾ ساهڙ، ڇِني ڇولين ڇڏي ڇوري

ڀڳو گهوڙا گهڙو منهنجو، وسيلو ناه ٻيو توري

1-       سوين سينسار مانگر مڇ مِڙيا، اي موٽ تون ميهر
         جهجها ٿيا جانور جاني، جَنسي آ جانِ جند گهوري
2- ٻُڏان ٿي، ٻَرُ ڇڏيو ٻانُهنِ، نه آهي ٻانهن ٻيلي ٻيو
کڻان ٿي هٿ، ڪرين هيڏي مون تي ميهر نظر ٿوري
3- اچي ٿيا آر ۾ اوڏا ارڙ اڌ رات جو مون کي
وڏا واڳون وريا مون ٿي، ڪندي ڇا ضائفان زوري
4- توائي ٿينِ تُرهي ساڻ، جِت طوفان ۾ تارُو
اُتي آياسِ اوڀاري، نسنگ دل کي لڳي لوري
5- هليو ويو هوش هيڪاري، چَرُ وڙيءَ مان چُڪو چکندي
ڇڏي سير ساه جو سانگو، ڪِريس ڪُن ۾ چُري چورِي
6- ڪچو منهنجي ڪرم ۾ هو، ڪنڀر ڪا ڪانه ڪئي مون سان
ڀُلي ڀيلو کنيم، ڀيرو ڪري ڏس تون اچي ڀوري
7- ملين ميهار اڄ مون سان، مڙئي مقصد ٿين پورا
”ثنائي“ صاف سهڻِي چئي، ڀلي آن تو مٿان گهوري.
 

[1983]

ڪروڙين يار ڪُوڙن جا، سچن جو يار هڪڙو آ

ڪچن تي ڪيتريون خواريون، پڪن تي بار هڪڙو آ

1- بحمد الله زماني جي بلائن کان بچي وياسين

اندر ۾ عشق محبن جي سندو آزار هڪڙو آ
2- ٻيو آيو ٻيائي ٿِي، ٽِئين آئِي ٽُــٽي صحبت

مزو آ هڪ هجي عاشق، جتي دلدار هڪڙو آ
3- بره جي بحر ۾ دلبر نه ٻن ٻيڙين مٿي چڙهجي

جدا ٿينديون ٻڏي پوندين نه ٻن تي سوار هڪڙو آ
4- ”ثنائي“ عشق بازي جي اندر بدنام ناحق آ

وٽس دلبر گهڻا ناهن، مگر لاچار هڪڙو آ.
 

[1984]

مِشن مرد وهاءِ، اندر واري دم دم درزي

1- دردن جو ڌم سور مچائي، ڇاٻي انجڻ کي ڏي چتائي
سِڪَ جي سُئيءَ کي نچاءِ، هج هميشہ فراقن سان فرضي
2- چرخي عشق جي مَر ته چُري پئي، صحبت واري تند سُري پئي

فڪر جي ڳوٽ ڦيراءِ، رمز جو رِيلُ اها مڃ مرضي
3-       وڍ وڏائي رک وفائي، نياز جو ڳنڍ بنجين جي سچائي
         قرب جو ڪوٽ ٺهراءِ، هڻ هن هر جا پِرت جِي پُرزِي
4- ڪَل اندر جيءَ کي چور ”ثنائي“، طلب حقاني ۾ اور سدائي
بهه نه اجايا پچاءِ، آهين اصل کؤن قريبن جو قرضي

محمد سعيد شاه ”سعيد“

محمد سعيد شاه ولد سيد ويڌل شاه، 1- سيپٽمبر 1918ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. سنڌي فائنل امتحان پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو. آزادي جي تحريڪ سان عشق هئس، ان ڪري خاڪسار تحريڪ توڙي مسلم ليگ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. آخرڪار ملازمت وغيره کان منهن موڙي مسلمانن جي بهبودي ڏانهن وک وڌايائين. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد ”بسمل“ هو. سنه 1977ع ۾ وفات ڪيائين*.

 

[1985]

ڪڍ ظلم جا زور زنجير عمر

وڃي جيئري ڏسان مان ملير عمر!

1- موٽي ملڪ رسان، پنهوارن پسان

هڪ جيڏين سان پائي هار هَسان

مارو مير ڏسان، جن لئي ٿي ڪُسان

منهنجو سرتين سان سچ سِر عمر

2- هُت کنوڻيون کِنون، ساوا گاه گسن

پُسيون لال پَچن، ڇيلا ڇيڪ چرن

ڪري ياد وطن، اکيون روز روئن

نِت نينين وهن ٿا نير عمر!

3- ڇڏ زور ظلم، ڪر ڪيم سِتم

سردار سندم، ڪير ترس مٿم

لکئي لوح قلم لاچار ڪيم

هي نيئر وڌم تقدير عمر!

4- وران شال وطن، پساه پوءِ پڄن

مارو ساڻ هٿن، ڪن مون کي دفن

لوئي ليڙ لٽن، آهي منهنجو ڪفن

تنهنجا زهر لڳن کنڊ کير عمر!

5- ڪر قيد اندر، اي ”سعيد“ صبر

فرياد نه ڪر تون شام و صحر

منهنجو روڄ حشر، هن ڪوٽ اندر

 

ڪندو نيٺ اثر، اي مير عمر!.

نواب نور احمد خان لغاري ”مسڪين“

         نواب نور احمد خان ولد فقير جان محمد لغاري ”مسڪين“، تاجپور جي نواب ولي محمد خان جي خاندان مان، جنوري 1920ع ۾ خانپور لڳ تاجپور ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌي، اردو، فارسي، انگريزي ۽ عربي ٻولين جو ڄاڻو. شاعري کيس پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي. جهوڪ شريف جي درگاه سان عقيدت ۾ صوفي قادري طريقي جو پيروڪار رهيو. شاعريءَ ۾ تخلص ”مسڪين“ اختيار ڪيائين، سنه 1977ع ۾ وفات ڪيائين.*

[1986]

اسين ڦيريدار فقير، او ميرا سيرا ويس اسان جا

1- ڌوڙ لکن تي ڇتن ۾ ڇائي

خاڪ تي ڪئيسون ڪرت ڪمائي

ڳَل ڳَٽ زور زنجير

2- ذات اسان جي آهي نه ڪائي

ڏات مليون خاص خدائي

خاڪ بَني اڪسير

3- دون دنيا کي دور ڪيو سون

عشق سان من معمور ڪيو سون

صاف رکون سچ سِير

4- گهور وڌو ”مسڪين“ کي گهائي

کاڄ کيڻ سڀ زهر ٿيو کائي

نيڻين وهي ٿو نير.

[1987]

سگهو موٽ سهڻا! ٿو توکي ساهه ساري

1- پهرين نظر ساڻ سُک ٿو ڦٽايو

ويتر وڇوڙي ورهه کي وڌايو

نه رُس اي سڄڻ آهيان تنهنجي پناري

2- تنهنجي ملڻ جون پيون واٽون نهاريان

صبح شام سهڻا پيو توکي سنڀاريان

تون ايندين ڪڏهن من منهنجي اوتاري

3- پڪ ڏي پرين تون پنهنجي اچڻ جي

ڇڏ راند راڻا لِڪڻ ۽ ڇپڻ جي

ڪري قرب وڃ تون گهڙي يار گهاري

4- جڏهن مان نهاريان تون نظرون جهڪائين

ڏيو هٿ مٿان تون ٿو منهڙو ڇپائين

 

ڇڏيو تنهنجي ماڻن آ ”مسڪين“ ماري

شاهنواز شاه ”عارف الموليٰ“

         سيد شاهنواز شاهه ولد سيد ڏنل شاه جيلاني، مشهور درويش ۽ شاعر حسن بخش شاه جيلاني جو پوٽو، آڪٽوبر 1922ع ۾ ڳوٺ پير سبحان علي شاه تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. سنڌي، اردو، فارسي ٻوليون ڄاڻندو هو. صوفي محمد فقير کٽياڻ جي صحبت ۾ رهيو، جنهن کيس ”عارف“ جي نالي سان سڏيو، ان بعد پنهنجي شعر ۾ ”عارف الموليٰ“ تخلص اختيار ڪيائين. بيت ۽ قافيون، ان کان سواءِ شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ به طبع آزمائي ڪيائين. آخر عمر ۾ حسن بخش شاه جي درگاه ڳوٺ ڊُلڙي ۾ گذاريائين. سنه 1978ع ۾ ڪار جي هڪ حادثي ۾ وفات ڪيائين.*

[1988]

اسان عشق ڪيو استاد، سَٽي ٻيا سڀ بيک بهانا

1- بره جو باري بار کنيوسين، لِڪي نه پر اظهار ڪيوسين
آهيون دردن ۾ دلشاد، ترڪ ڪياسين شوق شاهانا
2- حضرت حُسن ڏني حيراني، خلق الاَدم مليو جاني
بره جو هي بنياد، هر شيء ۾ ٿيا نينهن نيشانا
3- در دلبر جي ڪيون غلامي، محب مِٺي جي مڃي امامي
وٺي عشق سندو ارشاد، مچي مچاياسون ميخانا
4- غرض گناه ثواب جو ناهي، حضرت عشق اڳيان ٿيو آهي
دو جڳ کان ٿي دل آزاد، سَوَ سَوَ حمد لکين شڪرانا
5- ”عارف الموليٰ“ عشق عجائب، ورد واظائف ٿيا سب عائب
ٿيا علم عقل برباد، پِرت پياريا پُر پيمانا.
 

صوفي علي محمد فقير ٽالپور

 

صوفي علي محمد فقير پٽ مير محمد خان عرف مير محمد فقير ويٺل ڳوٺ ٽالپور وڏا (تعلقو ميرواه ضلعو خيرپور) سنه 1325هه ۾ ڄائو ۽ چوهتر سالن جي عمر ۾ 22- جمادي الاول سنه 1400هه ڏينهن اربعہ تي وفات ڪيائين. صوفي سلسلي ۾ علي محمد فقير ۽ سندس درويش ڏاڏو صوفي جلال فقير، ڪنڊڙي جي سلسلي سان ملي ٿو. سندس ڪلام جيڪو ڇپيو آهي. تنهن ۾ 92 سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام ۽ 7 سنڌي آميز هندي، راجستاني ۾ ڪلام آهن. هيٺيون انتخاب سندس ڇپيل ڪلام مان آهي (1).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org