سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :18

سردار علي شاه ”ذاڪر“

         سيد سردار علي شاه بن جعفر شاه، ويٺل ڳوٺ ٻيرڙي (لڳ ماٿيلو) تعلقو گهوٽڪي، سنه 1928ع ۾ ڄائو. بي.اي ۽ ايل ايل بي ڊگريون حاصل ڪيائين، مگر خاڪسار تحريڪ ۾ ڪم ڪندي سرڪاري نوڪري بدران آزادي واري زندگي کي ترجيح ڏنائين. هن صحافت جي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ ’سنڌي صحافت‘ ۾ وڏو نالو ڪڍيائين. ’الوحيد‘ ۾ ڪم ڪيائين. رسالي ’عام راءِ‘ ۾ وڏو نالو ڪڍيائين. ’الوحيد‘ ۾ ڪم ڪيائين. رسالي ’عام راءِ‘، ’ڪاروان‘ ۽ آخر ۾ اخبار ’مهراڻ‘ جو وڏي عرصي لاءِ ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس تصنيفن مان رت جا ڳوڙها، سنڌي زبان جي حيثيت ۽ ان جو مستقبل، ديار يار ۾ جي دم گذاريم، ۽ نعتيه شاعري ڇپيل آهن. نعتون، غزل، نظم، گيت، وايون، دوهڙا، بيت، آزاد نظم وغيره سندس چيل ڪلام ۾ شامل آهن. جيتوڻيڪ سندس مشهوري صحافت جي ميدان ۾ اخبار جي نامياري ايڊيٽر طور ٿي، مگر هو هن دور ۾ سنڌي جو هڪ وڏو شاعر هو. سنه 1981ع ۾ وفات ڪيائين.

 

[2007]

توکي ساجن ٻانهن سيراندي

ماندي آهيان، يار سڄڻ تو لئي ماندي

1- گندر ۾ سڄي عمر گذاريم، وار نه غم کان واندي
سورن جي سوغات مونکي تو هٿ ڏني هيڪاندي
2- ديس ڇڏي پرديس پيس، مان ته امر لکئي هٿ آندي
قسمت مون سان قهر ڪيو، هٿ بيوس آهيان باندي
3- وڇڙي آهيان يار وڳر کان، دوست ڦران درماندي
سار لهين شل ساٿ ڌڻي مان راه سئين کان راندي
4- چرخو چوري سوڌو سرتين، سون رپو ۽ چاندي
هيءَ هيءَ ارٽ الاڻي ويٺس، پوري آه نه پابندي
5- جيئري جي ”سردار علي“ چئي، دور رهيس درماندي
مرڻ پڄاڻان مانَ ملي، تنهنجي يار پرين پيراندي.
 

[2008]

لهي ساٿ ڏڻي شل سار

مان ٻلهار، پنهنجي ٻاروچل تان

1- ور کي ڏير وٺي ويا، ڪري ڌوٻياڻي کان ڌار
2- ڪاهي وڃان ٿي ڪيچ ڏي، منهنجي اديون الله توهار
3- اوکو پند پهاڙ جو، مان ته لاغر ۽ لاچار
 

ياد رهان شل يار کي، ڪري پرپٺ مانَ پچار
5-       ”سردار علي“ چوي سيگهه مان، ڪندو پاڻ پنهل پوئوار
 

[2009]

مونکي گهايو اوهان جي گهور پرين

چِڪي چاڪ ٿيا ناسور پرين

1- تنهنجا ارڏا نيڻ اُچائن ٿا

هڻي گهور دلين کي گهائن ٿا

تکا ابرو تيخ وهائن ٿا

ڪن ڏاڍا ڪيس ڪلور پرين

2- تنهنجا ڏند سچڻ دلبند چوان

لب لال شڪر ۽ قند چوان

تنهنجا عارض صاف سڳنڌ چوان

تنهنجي پيشاني پرنور پرين

3- تنهنجا وار سڄڻ ’واليل‘ عجب

جن ۾ تازا تيل ڦليل عجب

اهي نانگ وجهن ٿا نيل عجب

تنهنجي دام جو هي دستور پرين

4- تنهنجو جوڀن حسن جمال بلي

رخ روشن مهر مثال بلي

تنهنجي انگ انگ جو احوال بلي

تنهنجي مک مک تي مذڪور پرين

5- تنهنجي سونهن ٻڌي ”سردار علي“

آيو در تي تنهنجي دلدار علي

ڪر اُنس ان اچي ڀوتار ڀلي

جيڪو وک وک تي وهلور پرين.

[2010]

پنهنجي لالڻ وٽ ليلائي منگتا مان وٺي ويا

ٻڌي ٻانهون سر نوڙائي در تان دان وٺي ويا

1- هستي هوڏ حرام ڪري ويا هٺ کي هيسائي

نئڙت منجهه نهال ٿيا ويا ساجن سرچائي

پڪو پيمان وٺي ويا
2- ڪين ڏسن وڻڪار ڏي ڪا وسندي واجهائي

ڇانوَ ڇپر ٻيو ڇــا ڪندا جيڪي سان جــــي سائي

تنبو طولان وٺي ويا
3- عرض سڃاتو ڪينڪي ڇڏيو ويڄن وچڙائي

دارون دردمندن جو ڪيو هادي هٿ لائي

دُکي دَرمان وٺي ويا
4- راضي ٿيندو راءُ مگر ڪو ٻانهپ ٻولائي

ڪين ڇڏيندو ڪارڻي ويو ستگر سمجهائي

 

         گُرَ کان گيان وٺي ويا
5-       سام پيو ”سردار علي“ شل محب نه موٽائي

         واٽ آويڙي مان ڪڍي شل دلبر دڳ لائي

         جهڙوڪي جوان وٺي ويا
 

[2011]

ڇڏي ويا جوءِ کي جوڳي، اچن شل ماڳ تي موٽي

1- ڪڙولا پرت مؤن پائن، لڱڻ تي لوهه لڙڪائن

سندي ڌوڙ سان ڌائن، چڳون سِر تي اٿن چوٽي
2- نفس مؤن دلق جي نوڙي، ڇڪي سامين نه سا ڇوڙي

گندي پنهنجي کي گاروڙي، ڏين ٿا عشق جي اوٽي
3- ڪشي توڪل سندا توڏا،  لنگهيا لاحد سندا لوپا

ٿيا اثبات کي اوڏا، ٻڌي تن ’لا‘ جي لانگوٽي
4- چوي ”سردار علي“ سامي، آهن اڳ پوءِ جا انجامي

ٿيندا هر حال ۾ حامي، کري آهيان توڙي کوٽي

قاضي علي اڪبر درازي

 

قاضي علي اڪبر ولد قاضي علي محمد 28- جولاءِ 1995ع تي روهڙيءَ ۾ ڄائو. سرڪاري نوڪري ڪيائين، ليڪن تصوف ڏانهن سندس لاڙو ننڍي هوندي کان رهيو. پنهنجي مرشد سچل سائين سان سندس عقيدت عشق جي درجي تي پهتل آهي. شعر ۾ ”غلام اڪبر“ تخلص آندو اٿس.

[2012]

ڇڏ يار غلفت اُٿي ڪر تياري

ويندءِ ويل گذري، ڪندين آه زاري

1- اٿئي ننڊ ندوري، نحس ۽ نِڪاري

سمهڻ سان نه ٿينديءِ حاصل ور هزاري

2- اٿي رات آڌي ويهي چور چـرخو

ايندو ڪم ڪتڻ تــو، رکج سُرت ساري

3- ويهي ور وسارڻ نه توکي جڳائي

قول فاذ ڪروني تون سمجهه هڪواري

4- ڇڏي خيال خطرا هن ڪوڙي دنيا جي

 

ويهي دل سچيءَ سان تون ڪر ياد ياري

5-       ”غلام اڪبر“ ڪڏاهين متان ويل وڃائين

                  ڪري ڀال رهبر ڪندو شل ستاري.

ولايت علي شاه

 

سيد ولايت علي شاه ولد سيد بگن شاه، فيض دريا شاه جو ڀائيٽيو هو، سنه 1911ع ۾ ڄائو ۽ 1982ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي پيءُ سيد بگن شاه جو طالب هو، جيڪو وري فيض دريا شاه جو طالب هو. رياضتون ۽ مجاهدا به ڪيائين ته سير سفر به ڪيائين. گهڻو شعر چيائين.*

[2013]

آيو آيو دلبر، منهنجو سونهن ڀريو سردار

1- اکڙين آگم ڪيا هِن تنَ ۾، ريءَ ڪجل جي ڌار
عشاقن جي قتل ڪرڻ لئي، تکي آهي تلوار
2- چاهه منجهان ٿو چاڪ سڏائي، ڇڏي تخت هزار
محبت مان ٿو منجهيان چاري، مرضيءَ جو مختار
3- مرليءَ مست ڪيو آ جنهن لي، توهيدي تنوار
هير جي خاطر هرهڪ سان ٿيو، پرينءَ سندو پيار
4- ”شاهه ولايت“ سور ستايل، برهه سندو بيمار
ترت ٿيو آهي تنهنجي آئي، بيحد باغ بهار
 

[2014]

اچ عشق جي اڄ تون اوتاري

پرين وعدو ويٺين وساري

1- تنهنجا رستا ٿو راه نهاريان

غم گوندر ۾ ڪيئن گذاريان

آءُ واڳان وصل جون تون واري

2- ڪرين قرب وارن کان ڪنارا

سدا سڪ ۾ رهن سڪ وارا

مون کي طلب تنهنجي هيءَ تاري

3- آءُ اڱڻ اسان جي تون جاني

شوق تنهنجي ۾ ”شاه توتان قرباني

تنهنيج سيج ڇڏي مان سينگاري

4- کنيا سِرَ ساه توتان قربان

شوق تنهنجي ۾ شاه ولايت“

سائين ساه سدا توکي ساري

 

[2015] ڪوهياري

رکي رمز روحاني رايو، بن صورت آدم آيا

1- الست بربڪم الوابليٰ

قول قديمي قائم قل هوالله

 

         ساجن سڀ ۾ سمايا

2-         ونحن اقرب واعدو پاڙي

         جسمڪ جسمي جايون جوڙي

وستي ويران وسايا

3- خلق الاَدم صورت اعليٰ

ويس وصالي وجهه الله

القاب انساني پايا

4- شوق شهانا ”شاه ولايت“

عشق اسان وٽ آيو امانت

رهبر رنگ رچايا

[2016]

حُسن سردار ڪيا سينگر، ٿيا گلزار گلزارا

کُليا هٻڪار، خوشبودار، ٿي خريدار سڪ وارا

1- ڪاريهر ڪيس ڪن ٿا ويس پنهنجي ديس جا دل تي
   جوڙي جنسار جهلڪيدار ٿيا چوڌار چنڊ تارا

2- تفنگي تِر ڏين ٿا چِير سِڌي سا سِير سيني ۾
   لوهُو لاٽان پون ڇاٽان، ٿيا ڇڇڪار ڇڇڪارا

3- جن جا نياز خوش آواز، ورتئون راض ريجهائي
   بهري باز ڪن پرواز، ٿيا سي ساز سِڪ وارا

4- منجهائون چاه ڪيائون ڪاه، ”ولايت شاه“ جي سِر تي

   آهن ’هَنباهَ‘ ۾ آراهه، جنگي جنگاهَ جنگ وارا.

نجف علي شاه

 

سيد نجف علي شاه ولد سيد حسين شاه جهانيان پوٽو، ٽنڊي جهانيان (حيدرآباد شهر) ۾ 1923ع ۾ ڄائو ۽ 12-سيپٽمبر 1984ع تي وفات ڪيائين. شاه لطيف جي ڪلام ۾ آيل لفظن جي معنيٰ تي سندس ڪتاب ٻاروچي ٻولي ڇپيل آهي.*

[2017]

سورهيه سيج چڙهن، موڙ ٻڌا مَردن

1- شوقئون شينهن شڪار چڙهيا، اڄ ٻيلا پي بُرز
گنير ڪري گجگوڙ اُٿيا، ٿئي سامهون ڪير سندن
2- آيا مرد مٿير مُهاڙي، پِڙ ڪڍيو پاڏن
ڪوپا ڪَنوَر ڪلِي جا ڪوڏيا مانجهي ڪين مڙن
3- ڪارن ڪڪرن وانگر ڪاهن، وٺ جيئن وارا ڪن
گوڙ ڪري گهمسان اٿن، ۽ وڏ ڦڙا ٿي وسن
4- سورهيه سِر ساڻيہ تان صدقي ”ڪمتر“ جيڪي ڪن

رحمت تن تي رب جي آهي، پاکر پنجن تنن.
 

[2018]

قهري ڪجل جون ڪانيون، بي گمانيون وو يار

سي ته سڌيون سيني ۾ سٽڪن

1- عين انهن جا آهن عنابي، خاصا خماريل گَهرا گلابي
هڻيو ڏين حيرانيون، پريشانيون وو يار

     شل اکيون نه ڪنهن سان اٽڪل

2- قهر ڪيو آهي قهري ڪارن، پاڻ ٻريل پرٻين کي ٻارن
جام جلائن جانيون، جُنگ جوانيون وو يار

جيڪي لٽون ڪلهن تي لٽڪن

3- مزگان تير ۽ ابرو خنجر، سرڪش سارا نين زوراور
يز سندن تابانيون، ڪان ڪمانيون وو يار

اهي جنگ جدل جهٽ پٽ ڪن

4- قرب جو آهي طالب ”ڪمتر“، مطلب مقصد سڀ ٿين بهتر
سَوَ ملن سلطانيون، ڪامرانيون وو يار

     شل دفن پنهنجي در وٽ ڪن

 

چيزل شاه

عبدالعزيز شاه ڀاڳناڙي (بلوچستان) جي صوفي درويش رکيل شاه جو لائق فرزند ۽ سجاده نشين هو. هي بزرگ درگاه جهوڪ جي ميلي تي سماع جي مجلس ۾ گوڏا ڀڃي ويٺا. چيزل شاه پاڻ وڏي مڻيا ۽ مريد خادمي وارو هو پر هن پنهنجي پيءُ واري واٽ وٺي درگاه جهوڪ جي مريدي ۽ طالبي ۾ وڏي محبت سان گذاريو. شعبان 1404هه/مئي 1984ع ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ڪلامن جو ذخيرو گهڻو آهي. جيڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي. پنهنجي والد کان فيض مليس ۽ هڪ ڪلام جي ٿلهه ۾ والد بزرگوار ”رکيل شاه“ کي ”رکيل“ جي اکرن ۾ هن طرح آندائين ته:

”ڪر سجدو سِر قتلام ميان

ڏس ’ري کي بي لام‘ ميان*“

[2019]

ٻُڌ سُورن جي پڇار، ڏاڍي عشق آزاريو يار

1- ڪربل دي وچ قَتُل ڪرايئي، سڀئي هئا سردار
2- اصل عشق آرانگو آهي، ڪئين ڪَيَئين سِرَ دار
3- صوفي ساٿين شاه عنايت، نيزي سر نروار
 

ڳجهه جون ڳالهيون ڪنهن سان يڪان، اُلٽي ٿي اسرار
5-       سولي تي منوصر چڙهايُئي، پاڙي سڀ اقرار
6-       شمس الحق جي کَل کَلايُئي، تنهنجا خوني خيال خمار
7-       ”چيزل“ سودو سر جو آهي، سچو ڪر تون وڻج واپار.
 

[2020]

جان جلي وئي جندڙي ساري، بره ڀڀڙ مچ ٻاريو آ

بره ڀڀڙ اچي ٻاريو آ، ساه کي سورن ساڙيو آ

1- آ بره جا ڀڙڪا، ڪَن جي ڪڙڪا، عشق آ ويڙو به آيو آ
لهرن لڙهندي ڪنڌي نه ڪائي، توڪل ترهي تاريو آ
2- جان جلي وڌو سورن ساڙي، قول ازل انگ پاريو آ
سک، قرار آرام نه ڪوئي، مان روئندي رات گذاريو آ
3- درد ڏکن ۾ جندڙي آهي، دردن دل کي آزمايو آ
”چيزل“ عشق اصلي اهڙو، سُولي سِر نيئي چاڙهيو آ

محمد اسماعيل عرساڻي ”فدا“

محمد اسماعيل ولد محمد هاشم ميمڻ، پاڙو عرساڻي، هالا نوان ۾ سيپٽمبر 1906ع ۾ ڄائو. اعليٰ تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. مختلف موضوعن تي ڪافي ڪتاب لکيائين جن مان سندس مڪالما، ناول، ناٽڪ ۽ ٻيون علمي تحريرون گهڻي انداز ۾ موجود آهن. سندس شعر به ڪافي انداز ۾ موجود آهي. وڏي عمر ۾ نومبر سنه 1986ع ۾ وفات ڪيائين.*

[2021]

تنهنجي بره ڪئي آهي دلڙي ڀسم

مون کي تنهنجو قسم، تنهنجي سر جو قسم

1- تنهنجي نينهن نقارو دل ۾ وڄي

اوکو ساه سڄڻ ٿو دل ۾ کڄي

هنيو هاڃي انهي ۾ روز هڄي

هليو ساه وڃي جي ڪريو حڪم

2- نيڻين ننڊ نه اچي ٿي رات ڏينها

صدقي ساه سڄڻ هي سامان ڪريان

پنهنجو پاڻ ڪُهي قربان ڪريان

گهوري جيرو جگر ڏيان جان جسم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org