سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد ٽيون)

 باب:

صفحو :15

حاجي احمد ملاح

 

          مولوي حاجي احمد ملاح ڳوٺ ڪنڊي تعلقي بدين جو، اندازاً 1877ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي مال چاريندو هو، پر پوءِ پڙهڻ جو شوق جاڳيس ۽ ٻهڊمي ۾ حافظ عبدالله منڌري جي مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو. پوءِ ٻين عالمن وٽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري دستاربندي ڪيائين ۽ خود پاڻ درس تدريس جي سلسلي کي جاري رکندي بدين ۾ مدرسي مظهرالعلوم جو بنياد وڌائين. سندس ڪلام جو ذخيرو تمام گهڻو آهي، جيڪو مختلف موضوعن مطابق جدا جدا ڪتابن جي صورت ۾ ڇپيل آهي. ڪلام پاڪ جو

منظوم (بيتن ۾) ترجمو سندس تاريخي ڪارنامو آهي. تاريخ 19- جولاءِ 1969ع تي وفات ڪيائين.

[1957]

اکين ۾ عقابيل، تارن ۾ تبرون

هڻن حاڪمن کي ڀريو زور زبرون

1- جنگيون ڏِين جاڙا، هڻن ڌُوم ڌاڙا

ڪريو هٿ ڪٽاري، اُلارين آبرون
2- انهي نينهن نظاري، وڏا ويڌن واري

سِگهو ڏيہ سُڄنديون سنديون خون خبرون
3- جني جنگ باري، سَٺِي سِر تي ساري

تهان پوءِ تن کي ڪنديون ڪوه قبرون
4- ”احمد“ آڳانڍو، رکيو قرب ڪانڍو

لڳس تَن ۾ تازا تفنگ ير تبرون
 

[1958]

دل ۾ دليل دلبر جا، دم  نوان نوان

غمزا ڪُهن غريب کي، غم غم نوان نوان

1- تازا تُفنگ تير تبرون، تر تِرو کڙيون

ڇوڙين ٿو بيگناه تي بم بم نوان نوان
2- هو جو حرم ۾ حوض ڏٺم، سو حبيب هِت

تنهنجي ذقن جي ذوق ۾ زمزم نوان نوان
3- سَنڌ سَنڌ بند، ڪنڌ ڪڍان ڪئن ڪمند کان

زنجير زور زلف جا خم خم نوان نوان
4- آوار تنهنجو آهه اندر ۾ الست کان

ڇا دِل ڇڪين ڇير ۽ ڇم ڇم نوان نوان
5- الحمدلله ”احمد“ آيا اڱڻ عجيب

منهنجا ڪري ڪريم ٿو ڪم ڪم نوان نوان
 

[1959]

ڦِٽو سُک سومرا منهنجو، سُتي ساريام سانگيڙا

ڪڏهن ايندم وٺي ويندم، منهنجا هِن ڪوٽ ڪانگيڙا

1- حويليون هار هيرا هضس حوالي حاڪماڻين جي
جواهر لعل جهومڪ جُهوڙ جهُولائن نه جهانگيڙا
2- وچينءَ ويلي ورڻ جو ساڻ ويڙهيچن وچن وچ ۾
عمر! ويٺي ڏسان واتون، ورن ڪي شال وانگيڙا
3- ڀرم ڀاروڙين ۾ ڀائُم! ڀونگا ڀٽ مٿي ڀيڙا
ڀلا مون لاءِ ڀاڳيڙا، ڀُليا ڀانَئيِن ڀانگيِڙَا
4- سندم هن سونهن صورت جو سُڻايو سومري کي جن
پوي تن پير ڪاريءَ تان، ڏسن ڏنگيل نه ڏانگيڙا
 

اباڻا اڄ نه اڳئين هنڌ، ”احمد“ ويا اُٺي اُڪري
         کڻي مارنگ وٺي مارڳ، ويا ٻئي ماڳ مانگيڙا
 

[1960]

اک ڪيئن لڳي اکين جو آرام آم-سامهون

باغ ۽ بهار ڀيڙا بادام آم سامهون

1- انگل اڙي اڙي ۾، ڪاڪل ڪڙي ڪڙي ۾
گهائي گهڙِ گهڙي ۾، گلفام آم- سامهون
2- گل خواب سان خماريون، شب خون جي شماريون
مسڪين مفت ماريون، ماتم آم- سامهون
3- ڀانيان بغل ڀرين تون، تن من وڍي ترين تون
ڪوٺي وري ڪرين تون، قتلام آم- سامهون
4- هڪ جنس نئين جڳن ۾، چوها چندن چڳن ۾
پِيَڙو پکي پڳن ۾، پيغام آم- سامهون
5- جن جا نه روح رهندا، سي سور ڇو نه سهندا
گهاري نه گهور مهندا، گهر گام آم- سامهون
6- ماري رکيس محبت، اڳيان سوال محبت
اڃ ڪيو عجيب البت، انجام آم- سامهون
7- مرڪڻ سندي مٺائي، ڪر ڪا ڀلا ڀلائي
”احمد“ گهري اهائي، انعام آم- سامهون
 

[1961]

دل به وئي دلبر به ويو آءٌ ڪيئن سهان هي سور ٻئي

خواهه ميڙين خواه مارين، مون ڪيو منظور ٻئي

1- خاص خدمت ۾ رهيو ٿي چنڊ چوڏهين مان، سج
در تي دربانيون ڏٺم، پلپل پري ۽ حور ٻئي
2- اڄ سڄڻ سرمو وجهي سهسين ڪيا سينگار هار
گرز گز گهائن ڀلي، گهوڙا! نه مَٽ هڪ گهور ٻئي
3- پيچ پائي منجهه پساه قابو وڌم ڪاڪل قريب
من مڙهيم محبوب سان جيئن مينهن ڪنڍي جا پور پئي
4- پهلوانن جون پتيون لاهيو لڙائي ۾ وجهن
جنگ ۾ جاڙا ڀرون ڀالا هڻن ڀرپور پئي
5- جان جليم جوش ۾ جلوو پسي جانب جمال
جوت جاڳي اُت، جتي گڏجن تجلي طور ٻئي
6- عشق ”احمد“ عمر ساري نت رئاڙيم رت ڦڙا
محب ۽ محبت مليم ميثاق کان مفرور ٻئي
 

اباڻا اڄ نه اڳئين هنڌ، ”احمد“ ويا اُٺي اُڪري
         کڻي مارنگ وٺي مارڳ، ويا ٻئي ماڳ مانگيڙا
 

[1960]

اک ڪيئن لڳي اکين جو آرام آم-سامهون

باغ ۽ بهار ڀيڙا بادام آم سامهون

1- انگل اڙي اڙي ۾، ڪاڪل ڪڙي ڪڙي ۾
گهائي گهڙِ گهڙي ۾، گلفام آم- سامهون
2- گل خواب سان خماريون، شب خون جي شماريون
مسڪين مفت ماريون، ماتم آم- سامهون
3- ڀانيان بغل ڀرين تون، تن من وڍي ترين تون
ڪوٺي وري ڪرين تون، قتلام آم- سامهون
4- هڪ جنس نئين جڳن ۾، چوها چندن چڳن ۾
پِيَڙو پکي پڳن ۾، پيغام آم- سامهون
5- جن جا نه روح رهندا، سي سور ڇو نه سهندا
گهاري نه گهور مهندا، گهر گام آم- سامهون
6- ماري رکيس محبت، اڳيان سوال محبت
اڃ ڪيو عجيب البت، انجام آم- سامهون
7- مرڪڻ سندي مٺائي، ڪر ڪا ڀلا ڀلائي
”احمد“ گهري اهائي، انعام آم- سامهون
 

[1961]

دل به وئي دلبر به ويو آءٌ ڪيئن سهان هي سور ٻئي

خواهه ميڙين خواه مارين، مون ڪيو منظور ٻئي

1- خاص خدمت ۾ رهيو ٿي چنڊ چوڏهين مان، سج
در تي دربانيون ڏٺم، پلپل پري ۽ حور ٻئي
2- اڄ سڄڻ سرمو وجهي سهسين ڪيا سينگار هار
گرز گز گهائن ڀلي، گهوڙا! نه مَٽ هڪ گهور ٻئي
3- پيچ پائي منجهه پساه قابو وڌم ڪاڪل قريب
من مڙهيم محبوب سان جيئن مينهن ڪنڍي جا پور پئي
4- پهلوانن جون پتيون لاهيو لڙائي ۾ وجهن
جنگ ۾ جاڙا ڀرون ڀالا هڻن ڀرپور پئي
5- جان جليم جوش ۾ جلوو پسي جانب جمال
جوت جاڳي اُت، جتي گڏجن تجلي طور ٻئي
6- عشق ”احمد“ عمر ساري نت رئاڙيم رت ڦڙا
محب ۽ محبت مليم ميثاق کان مفرور ٻئي
 

محمد حافظ شاه ”حافظ“

 

         سيد محمد حافظ ”شاه“، ٽکڙ جي مشهور علامه اسدالله شاه ”فدا“ جو پوٽو ۽ سيد حاجي محمد حافظ آسا جو ڏوهٽو ۽ سيد الهه بخش شاه جو وڏو پٽ هو. تاريخ 22- فيبروري 1928ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. 1951ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين، سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”تباهي“، ”آئين زندگي“ ۽ ”داستان غم“ ڇپيل آهن. سندس ئي ڪوشش سان ٽنڊي محمد خان ۾ ”اداره سنڌي ادب“ قائم ٿيو. تاريخ 10- مئي 1974ع تي وفات ڪيائين.

[1972]

پنهل پَسڻ کان آهي ڏور، ساعت سهڻل ري نه سري

1- ساجن سرتيون ساڻ نيائون، ڏير سندم پر قهر ڪيائيون
پيم پنهون جا پلپل پور، ڳڻتين ۾ جيءَ منهنجو ڳري
2- باه ڀنڀور کي ڏينديس ڀينر، ڪيچ ڏي ڪاهي وينديس ڀينر
ورنديس وري ري ڪين مان مور، ٿينديس پٻ کان پل ۾ پري
3- روڄ روئڻ ۾ حال وڃايم، عشق سڀئي آرام ڦٽايم
نينهن اندر ۾ ڪيا ناسور، باهه بره جي دل ۾ ٻري
4- رڙهنديس روئنديس هلنديد آءٌ، پنڌ پنهل جو پڇنديس آءُ
هاڙي هلڻو آهي ضرور، ڏينهن تپي يا رات ٺري
5- هوت حمايت ”حافظ“ تن جو، قرب ٿيو ڪامل يار سان جن جو
وڃ نه بنهه تون بس وهلور، ڪيچي ايندا قرب ڪري.
 

[1973]

ڪانگل ڪر ڪا پرينءَ جي پچار

ڏاڍا ڏکيءَ کي ڏينهن ڏٺي ٿيا

1- قرب ۾ قيد قريب ڪري ويو، پختو پائي پيچ پري ويو
بره بنهه ڪيو م،ون بيمار، ويڄ ولهيءَ لئي ڪيئي ڪَئي ٿيا
2- دردن دل ۾ دونهن دکايا، دانهن سان مون عرش دٻايا
ساجن لهي من منهنجي سار، آس انهيءَ ۾ وَرهه ويئي يٿا
3- خوش ٿي کيانتا سنيهو سڻائي، سڄڻ ڏنئي جو لوڪؤن لڪائي
ڌيان ڏري چئو ڪيم وسار، چيت ۾ توکي ڏينهن چيئي ٿيا
4- ”حافظ“ جو ڪجهه ڪانگ چئي ڪو، پرينءَ کي پائي پاند چئي ڪو

مير ڇٽل خان ”مسڪين“

 

         مير ڇٽل خان ”مسڪين“ ڳوٺ حسين آباد تعلقي ڪوٽڏيجي جو ويٺل هو. اصل نالو بلوچ خان هو پر پيار مان کيس ڇُٽل خان به سڏيندا هئا. تاريخ 7- فيبروري 1898ع تي ڄائو ۽ 26- جمادي الثاني 1394هه/17- جولاءِ 1974ع تي وفات ڪيائين.

[1974]

آهي گذر جو مڪان، متان بندا تون غاف رهين

1- لکين هتئون وري يار لڏي ويا، سورهه وڏا سلطان
2- محل ماڙيون تنين ڪم نه آيون، ڇڏيائون طمع ۽ طولان
3- ڪيئي بانڪا بهادر هليا ويا، رهين ڪونه نشان
4- ”مسڪين“ مسافر هتڙي آهين، آهين گهڙيءَ جو مهمان

عبدالله شاه

 

عبدالله شاه، درگاه سيد جلال، ڳوٺ دُبر (تعلقو پنوعاقل، ضلعو سکر) جو ويٺل هو. پهريائين پوليس ۾ سپاهي هو ۽ پوءِ ترقي ڪري انسپيڪٽر ٿيو. پير صاحب جي ڳوٺ ۾ رهندڙ عبدالخالق لوهر ڇوڪري تي عاشق ٿيو ۽ انهيءَ عشق ۾ رلي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ فقير ٿي ويو. سنه 1976ع ۾ اٽڪل 65 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.*

[1975]

پئسا هُون نه پائِي هُون، اسان ڌوڙ مِٽي ٻُڪ ڇائي هون

ماڻهن ليکي مام آهي ڪا، طالب طلب گدائي هُون

1- آتش هون نه آبي هُون

نه خاڪي هُون نه بادي هُون

نر هُون نڪي مادي هون

بس صاف سپاه سڄائي هُون

2- زاهد هُون نه عابد هُون

نه احقر هو نه اطهر هون

آسي بَر جا بَدوُ بَندر هُون

لچ لاشڪ منجهه لچائي هون

3- نه ڪاهل هون نه عامل هُون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org