سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد

باب: --

صفحو :20

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنسڪرت کان اڳ واري ٻوليءَ جي باقيات جي باري ۾ سوال ٿو ڪري ته:

”جيڪڏهن سنڌي لغت ۾ ايترا سارا سنسڪرت کان اڳ جا ’ديسي‘ لفظ ملن ٿا ته پوءِ هيءُ اهم ۽ دلچسپ سوال اُٿي ٿو ته ڀلا سنڌي گرامر ۾ پڻ اهڙي (ديسي) اثر جا اُهڃاڻ موجود آهن ڇا؟ مون کي يقين آهي ته اهڙا اُهڃاڻ موجود آهن.“209

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان شايع ٿيندڙ ’سنڌي ٻولي رسالي‘ (اپريل-مئي-جون1994ع) ۾ پنهنجي مقالي، بعنوان، ’سنڌو-تهذيب‘ جي ’سنڌو-لکت‘ جي ڀاڄ‘ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قديم ۽ مقامي هجڻ جي باري ۾ لکي ٿو ته:

”هن سلسلي جو ٻيو ’ڀانيو‘ جيڪو هن وقت محققن وٽ وڌيڪ مقبول آهي، سو هيءُ آهي ته ٻين سڀني قديم ٻولين (مُنڊا، قديم هند- آريائي وغيره) جي ڀيٽ ۾ ڪا دراوڙي ٻولي ’سنڌو-لکت‘ ۾ سمايل آهي. هيءُ ’ڀانيو‘  انهيءَ سوچ تي ٻڌل آهي ته سنڌو واديءَ سان لاڳو خطي جي ’بروهڪي‘ ٻوليءَ ۾ دراوڙي جزا سمايل آهن، ۽ انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته، سنڌو – واديءَ ۾ ڪنهن وقت دراوڙي ڳالهائيندڙ موجود هئا، جن ’مُئن جي دڙي‘، واري ’سنڏو- تهذيب‘ کي جنم ڏنو. انهيءَ ڪري ’مئن جي دڙ:‘ واري ’سنڌو-لکت‘ پڻ ڪنهن دراوڙي  ٻوليءَ جي آهي، مگر دراوڙي ٻولي به ڪا هڪ ڪانهي، پر پنجويهه کن آهن. جن مان ’ڪتروخ‘، ’ملٽو‘ ۽ بروهڪي وڌيڪ اُتر واريون آهن. هن ’ڀانيي‘ موجب انهن ٻولين مان ڪي قديم دراوڙي  الفاظ چونڊي، انهن جي معنائن ۽ معنوي صورتن جي ’سنڌو-لکت‘ جي سالم ڪتبن توڙي سندن ڀاڱن سان مطابقت تلاش ڪرڻي پوندي.“210

ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو ته:

”هن سلسلي ۾ ٽيون’ڀانيو‘ هيءُ پڻ تجويز ڪري سگهي ٿو ته، ’سنڌو لکت کي ڀڃڻ لاءِ اُن جي ڪتبن ۽ ڀاڱن ۾ خود سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ فقرن جي مطابقت  تلاش ڪجي، اهڙي ’ڀانيي‘ تي اعتراض ٿي سگهي ٿو ته سنڌي هن دور جي رائج ٻولي آهي، جنهن جو قديم سنڌو-تهذيب واريءَ ٻوليءَ سان لاڳاپو تصور ڪري نٿو سگهجي، پر اهو ساڳيو اعتراض دراوڙيءَ تي به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو اُهي دراوڙي لفظ جيڪي هن وقت ڳالهائجن ٿا ۽ جن جي معنيٰ هن وقت معلوم آهي سي قديم سنڌو ٻوليءَ جي لکت ۾، ڪيئن ٿا سمايل ٿي سگهن؟ جيڪڏهن ڪي قديم دراوڙي الفاظ ’قديم سنڌو لکت‘  واري ٻوليءَ جا بچيل آثار آهن ته موجوده سنڌيءَ ۾ رائج ڪي قديم الفاظ پڻ قديم سنڌي تهذيب واري ٻوليءَ جا بچيل آثار ٿي سگهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي تجزيي مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ڪي اهڙا عام اسم توڙي خاص نالا جيڪي هن وقت رائج آهن، سي ڪم از ڪم پوڻا تيرهن سؤ سال اڳ به رائج هئا جو اهي اٺين صدي عيسويءَ جي رڪارڊ (جيڪو ڪتاب فتحنامي ۾ محفوظ آهي) ۾ لکيل صورت ۾ موجود آهن، جيتوڻيڪ اهي اڃا به ڪي صديون اڳ جا تسليم ڪري سگهجن ٿا. موجوده ڄاڻ موجب ’سنڌو- تهذيب‘  جو آخري دور 18 صدي قبل مسيح تائين، پر ممڪن آهي ته ان کان پوءِ تائين هلندڙ هجي، ۽ قديم ’سنڌو لکت واري ٻولي‘ اُن کان پوءِ به هلندي آئي هجي. جيڪڏهن بحيثيت ٻوليءَ جي اها ختم ٿي ويئي هجي ته به ڪي الفاظ باقي بچيا هوندا، جن جو ’قديم سنڌي‘ ۾ سمايل هجڻ جو امڪان ٿي سگهي ٿو.

بهرحال هيءُ به هڪ اهڙو ’ڀانيو‘ آهي، جنهن مطابق ’سنڌو لکت‘ کي ڀڃڻ ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پاڻ ان ڏس ۾ وک وڌايون، يا ڪم از ڪم هن ’ڀانيي‘ مطابق ’قديم سنڌو لکت‘ تي تحقيق ڪندڙ ماهرن لاءِ بنيادي مواد مهيا ڪريون؛ يعني ته سنڌي لغات مان اهڙا لفظ چونڊي جدا ڪريون، جن جا اشتقاق فارسي، عربي، پالي، سنسڪرت يا تاريخي دور واري ٻيءَ ڪنهن معلوم ٻوليءَ مان ثابت نه هجن. البت جيڪڏهن انهن جي اصل بابت ڪن قديم ٻولين جهڙوڪ: دراوڙي، پروٽو- ويدڪ، مُنڊا، سميري، مصري يا بابليءَ جو گمان هجي ته في الحال اهي ڀل ته تجرباتي لسٽ ۾ شامل رهن.

اهڙا لفظ چونڊي ڪڍڻ سولا نه آهن پر هن ڏس ۾ قدم وڌائڻ ۽ وڌيڪ ويچار ڪرڻ لاءِ موجوده سنڌيءَ ۾ رائج ڪن اهڙن گماني لفظن جي هڪ مختصر ۽ ويچار ڪرڻ لاءِ موجوده سنڌيءَ ۾ رائج ڪن اهڙن گماني لفظن جي هڪ مختصر ۽ عارضي لسٽ مثال طور هيٺ ڏجي ٿي، جنهن کي وڌيڪ غور ۽ تحقيق سان وکائي سگهجي ٿو.“211

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، قديم سنڌي ٻوليءَ جا غور طلب لفط به ڏنا آهن.  جيڪي سندن راءِ موجب قديم سنڌو- تهذيب ۾ رائج ٻوليءَ جي باقيات آهن، جن کي ماهرن ديسي لفظ سڏيو آهي. اُهي لفظ هي آهن:

عزازت ۽ سماج ۾ رائج

رڌ پچاءَ ۽ کاڌو

ادو، ادا، اديون، ميان، ميون، گهوٽُ، نِهو

ماني، ڍؤ، ٽانڊو

 

 

ڄم ۽ جسم جا ڀاڱا

ڍُڪي، سُئا، ڄَرَ، تنجڻ، ٺونٺ، ڏؤنرو، کُڙي

ڌڪ هڻڻ، شڪار ڪرڻ ۽ پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جا هٿيار

ڊونڊڻ، مُٽڪو، لَڪڻ

رهائش گاهه، گهر ۽ بستي ۽ گهر جو سامان

واءُ ۽ مينهن

ڳڙو، ڳڙا، کنوڻ

وانڍَ، لوڙهو، ڍَنگر، کڙهه، ٻُنڀو، ڪِڙي، گهڙو، رَڇُ

 

زمين ۽ جبل

 

پوٺو، کرڙو، ڏونگر

کيتي

 

اُرلو، هُرلو، کَر، گَپَ، ڀَنجهو.

معدنيات

 

ٻاٽ، ڪُٽ

جانور ۽ مال

 

ڏاندُ، ڍڳو، رِڍَ، گهَٽو، پَهون، ڏاگهو، ڏاچي، رَمڙ، ڌڻ

وزن ۽ تور

ڪانو، مڻ

پاڻي، مڇي ۽ مڇيءَ وارا

ڳاڻيٽي جا عدد

ڍَنڍَ، ڪُرڙو، ڄَرڪو، گوجَ، ميد، ميه، مهاڻو، گهاتو

برک، ٻه

ڊاڪٽر  بلوچ صاحب ساڳئي صفحي تي، پنهنجيءَ راءِ کي هنن لفظن سان ختم ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”مٿيان ٿورا لفظ چونڊيا ويا آهن، پر آڳاٽي وقت جا اهڙا گهڻائي لفظ هن وقت به سنڌيءَ ۾ رائج آهن. اهي غور طلب آهن، ڇاڪاڻ جو ٿي سگهي ته انهن مان گهڻا سنڌو لکت واريءَ ٻوليءَ جا هجن.“214

(IX) ميجر ماڪلر (Mockler) به دراوڙي ٻولين کي سٿين (Scythian) ٻولين جي شاخ سڏيو آهي. هو لکي ٿو ته:

”بلوچي، اُن ٻوليءَ جو نالو آهي، جيڪا بروهين کان سواءِ بلوچستان جون ٻيون قومون ڳالهائينديون آهن. بروهين جي پنهنجي ٻولي آهي جنهن کي ’ڪُردي‘ (Kurdee) يا ’ڪردگالي (Kurdgalee)  به چوندا آهن. جيڪا سٿين خاندان وارين ٻولين سان واسطو رکي ٿي. بروهي موجوده وقت بلوچستان واري علائقي ۾ آباد آهن.“215

سر وليئم جونز (Sir William Jones) اُتر هندستان جي مقامي ٻولين ۾ ’تاتاري‘ يا ’ڇالدي‘ (Chaldee) يعني ’سٿين ٻولين‘ جي عنصر جي موجود هجڻ جي دعوا ڪئي آهي.216 جان بيمز (John Beames) هن خاندان کي توراني خاندان ۽ دراوڙي ٻولين کي توراني ٻولين جي شاخ سڏيو اهي.217

ڊاڪٽر ڪالڊويل جو وڌيڪ خيال آهي ته:

”دراوڙ قومون، غير- آريائي ۽ سٿين (Scythian) خاندان مان هيون، جن ج واسطو توراني (Turanian) ٻولين سان آهي.“218

ڊاڪٽر وون سگرد ويسٽ فال، هن سلسلي ۾ لکي ٿو ته:

”هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته وڪرماجيت کي، ساڪ/ سٿين حمله آورن سان، 57 ق-م ۾ مقابلو ڪرڻو پيو هو، ۽ اها به حقيقت آهي ته برصغير هند و پاڪ جي تمام اُتر- اولهه وارن حصن ۾، اُنهن (ساڪن/ سٿين) جو سڪو ڄميل هو، ليڪن ساڪ/ سٿيا، انهن خانه بدوش جٿن ۽ ٽولن جو مجموعي نالو هو، جن ڪجهه صديون اڳ، برصغير کي پنهنجن حملن جو نشانو بنايو هو.

بهرحال هي سمجهڻ (فرض ڪرڻ) وڌيڪ مناسب ٿيندو ته انهن ساڪن/ سٿين پاڻ کي، اُٺن ۽ مينهين پاليندڙ ’جت قوم‘ سان ضم ڪرڻ آسان سمجهيو، ڇو ته هنن جي پنهنجي روزمره واري زندگي، جتن جي زندگيءَ وانگر، خانه بدوش هوندي هئي. اهو به انديشو آهي ته، ’جت قوم‘، اڳ ۾ آيل ساڪن/ سٿين جي باقيات مان هجن، جيڪي حملي کان پوءِ هت رهجي ويا هجن ۽ آباد ٿي ويا هجن.“219

(X) ڊاڪٽر گنڪووسڪي هن سلسلي ۾ پنهنجي ڪتاب People of Pakistan ۾ لکي ٿو ته:

”هن حقيقت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ته ابتدائي ايراني خط ميخيءَ جون تحريرون، هن باقيات جي شهادت جون هم عصر (Contemporarian) آهن، يعني ’اَڪَئوفاسيا‘ (Akaufaciya) يعني اها قوم جنهن کي ’ڪوفيچ‘ (Kufich) يا ’ڪوفج لوڪن‘ سان ملائي سگهجي ٿو ۽ جنهن جو قرون وسطيٰ جي مسلمان مصنفن به ذڪر ڪيو آهي.

حدودالعالم جي مصنف بيان ڪيو آهي ته ’ڪوفج‘، ستن قبيلن ۾ ورهائجي ويا هئا ۽ اهي پنهنجي زبان ڳالهائيندا هئا، جنهن جي باري ۾ اهو قياس ڪيو ويو آهي ته اُن زبان جو تعلق دراوڙي زبان سان هو.

ساڳيو مصنف، انهن کي اَڪوفاسيا-ڪوفيچ (Akaufaciya Kufich) نزاد سمجهي، انهن جو تعلق توراني نسل سان ظاهر ڪري ٿو.

قديم ايراني ’بيهيستون‘ (Behistun) تحرير (جيڪا ’داريوش اول‘ جي هڪ ’پرسي پولش‘ تحرير آهي) ۾ ’مَکہَ (Maka) ملڪ ۽ اُن جي رهاڪن جي باري ۾ ذڪر ٿيل آهي. هي نالو ’مڪران‘ (قرون وسطى جي مصنفن جي راءِ ۾)، ’ماڪوران‘ (Makuran) يا ’ماڪي ران‘ (Maceran) جي تاريخي صوبي جي نالي تي اڃا تائين زنده آهي، جيڪو ايران جي ڏکڻ- اوڀر ۽ پاڪستاني بلوچستان جي مغربي علائقي ۾ واقع آهي. بيسمار عالمن جو لاڙو هن راءِ طرف آهي ته مَکَہَ جا اصل رهواسي دراوڙ هئا.

ٻي شهادت هيءَ اُهي ته دراوڙي ٻولي ڳالهائيندڙ، ڪنهن زماني ۾ برصغير پاڪ – هند جي اولهه ۽ اُتر- اولهه جي ڇيڙي يا سرحد تائين ڦهليل هئا. هن ڳالهه جو ثبوت هي آهي ته سيستان جي هن حصي جي آبادي، ٿوريون ئي صديون اڳ، دراوڙي زبان ڳالهائيندي هئي.

’پي- اسڪائيز‘ (P.Skyes) جو خيال آهي ته اڄ اُن فارسي ڳالهائيندڙ نسلياتي گروهن (ساربندين/ Sarbandis) جو نسلي (genetic) تعلق، بروهي زبان سان آهي، جنهن جو اصل ملڪ ’سيستان‘ آهي. هي به ممڪن آهي ته غير معروف ’خوزيا زبان‘ جيڪا خوزستان ۾ ڏهين صديءَ عيسويءَ ۾ ڳالهائي ويندي هئي، ۽ جنهن کي اصطخري ’ليس بعبراني ولا سرياني ولا فارسي‘ بيان ڪري ٿو، به ڪا دراوڙي زبان هئي.

هند- آريائي زبانن جي ابتدائي شڪل ۽ صورت جو وڌيڪ اڀياس به هن نظرئي جي حمايت ڪري ٿو ته، هڙپائي تهذيب جي زماني ۾، هندستان جي اُتر- اولهه وارن علائقن جي آبادي دراوڙي هئي.

اصلي نسلياتي رنگت، جيڪا مُنڊا قوم جي خصوصيت آهي، ڪيترن ئي جزن (Components) تي مشتمل آهي.  اُنهن مان اڪثر عناصر بلاشبه اهڙا آهن، جيڪي برصغير جي ’سياهه فام- آسٽريلوي-نما ويدڪ آبادي‘ (Negro- Austroloid) سان تعلق رکن ٿا. اُن کان سواءِ دراوڙي قومن کان اڳ، جيڪي قومون برصغير جي شمالي- مغربي حصي ۾ رهنديون هيون، ۽ ڏکڻ- هند جي دراوڙن ۽ جزيره- نما هند- چينيءَ جي منگولي قبيلن جي قربداريءَ تي ڪو به شڪ ڪري نٿو سگهجي.“220

محترم عين الحق فريد ڪوٽي لکي ٿو ته:

”آثار قديمه جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته آرين جي اچڻ کان اڳ، سنڌو- ماٿر ۾ جيڪا قوم آباد هئي سا پنهنجي زماني جي لحاظ کان تهذيب ۽ تمدن ۾ بلند مقام رکندي هئي، يقيناً اهڙي سماج ۾ رائج زبان به ترقي يافته هوندي. هن ماٿريءَ مان هٿ آيل چٽيل مهرن مان اهو به ثابت ٿو ٿئي ته هن تهذيب جا مالڪ ماڻهو تحرير جي فن مان به واقف هئا. افسوس هيءُ آهي ته اڃا تائين اهو رسم الخط پڙهجي نه سگهيو آهي. ان ڪري هن زبان جي باري ۾ وثوق سان ڪجهه چوڻ مشڪل آهي؛ البت اهو ضرور تسليم ڪرڻو پوندو ته هن زبان جي لغوي سرمائي مان ڪجهه حصو، موجوده پنجابي، سنڌي، بلوچي، براهوئي، سرائڪي ۽ پشتو ۾ ضرور موجود هوندو، ڇاڪاڻ ته انهن زبانن جو جڏهن غور سان مطالعو ٿو ڪجي ته انهن زبانن جي لغوي خزاني ۾، غير- آريائي بڻ بنياد جا ڪيترائي لفظ ملن ٿا. انهن غير- آريائي زبان جي لفظن جي موجود هجڻ جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته انهن جو واسطو، اُن زبان سان آهي جيڪا سنڌو- ماٿر ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ رائج هئي.

اڄ کان اٽڪل ساڍا ٽي هزار سال اڳ، آريا جڏهن سنڌو- ماٿر ۾ وارد ٿيا، تڏهن هو پاڻ سان نئين تهذيب ۽ نئين زبان کڻي آيا، جيڪا اُنهن جي فتح سان گڏ پوري علائقي تي ڇانئجي وئي، ليڪن ان جي باوجود هتي جي مقامي زبان ۽ تهذيب ختم ڪا نه ٿي. بلڪ نئين تهذيب ۽ نئين زبان جو اثر ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح فاتحن جي تهذيب ۽ اُن زبان تي، هتي جي مقامي تهذيب ۽ زبان جو اثر ٿيو، نتيجو اهو نڪتو جو آرين جي زبان، پراڪرت ٻولين جو روپ ورتو ۽ اهي عوامي زبانون بنجي وئيون.“221

(ت) بهرحال اُها قديم ٻولي، سنڌو- ماٿر جي سماج مان ئي اُسري هئي، ۽ اها مقامي ۽ سنڌو- ماٿر جي سئنڌُئي ٻولي هئي، جيڪا آرين جي قيام کان ڪي ايام اڳ هت رائج هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌو- ماٿر ۾ هڪ شاندار تهذيب ۽ تمدن قائم هو. هن شاندار تهذيب ۽ تمدن وارا ماڻهو پنهنجي روزانه وهنوار، اُٿڻيءَ ويهڻيءَ، وڻج واپار، ڪرت ۽ ڌنڌن لاءِ هيءَ ٻولي يعني سئنڌُوئي ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جنهن جي باقيات جي باري ۾ هن کان اڳ تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي ۽ ثبوت پيش ڪيا ويا آهن.

(ث) ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ پنهنجي ڪتاب 'A Grammar of Sindhi Language' جي مهاڳ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ نيٺ خودمختيار (Independent) ٻولي سڏيو آهي ۽ مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:

”اسان پنهنجي ڪتاب جي تمهيد ۾ ڄاڻايو آهي ته پراڪرت جي وياڪرڻي، ’ڪرمَديشوَرَ، اپڀرنش‘ مان مثال ڏيئي، وياڪرڻ جا جيڪي قاعدا قانون ڄاڻايا آهن، اُهي اڃا تائين سنڌيءَ ۾ ملن ٿا. اهي قانون هاڻ ٻين ڏيهي ٻولين سان لڳي نٿا سگهن. سنڌي ٻولي، اهڙيءَ طرح هڪ خودمختيار (Independent) ٻولي آهي، جيڪا سندس ڀينر ٻولين واري ساڳئي بُڻ مان آهي، پر دراصل اُنهن کان مختلف آهي.“222

هن ڏس ۾ محترم عين الحق فريد ڪوٽيءَ جو رايو به وزندار آهي. هو لکي ٿو ته:

”شمالي هند جي عوامي زبانن جي صرف و نحو ۽ سنسڪرت جي صرف و نحو ۾ جيڪو اصولي فرق آهي، اهو هن ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي ته اهي، عوامي زبانون سنسڪرت مان نه بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور جي پراڪرت مان ڦُٽي نڪتيون آهن. البت سنسڪرت جي لفطن جو وڏو تعداد، انهن عوامي زبانن ۾  موجود آهي.“223

عين الحق فريد ڪوٽي صاحب ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته:

”آرين جي اچڻ کان اڳ هن برصغير ۾ پهرين مُنڊا گروهه جون زبانون رائج هيون، اُن کان پوءِ دراوڙي زبانن جو دور رهيو. شمالي هند جون موجوده عوامي زبانن (اردو- پنجابي ۽ سنڌي وغيره) ۽ انهن جي پيش رو مقامي پراڪرتن جو سرچشمو، اُهي ئي ’مُنڊا‘ ۽ خاص ڪري دراوڙي زبانون آهن، جيڪي هن برصغير ۾ سنسڪرت کان اڳ رائج هيون. سنسڪرت، آريا قبيلن جي سندن پنهنجي زبان، ۽ هن برصغير جي قديم مقامي زبانن جي گڏجي سڏجي وڃڻ (اخلاط) جي ڪري ئي، ڪافي زماني کان پوءِ وجود ۾ آئي.“224

(ج) برصغير جو سنسڪرت جو ماهر ۽ سنڌ جو پراڻو سياسي اڳواڻ ۽ عالم ڊاڪٽر جيرامداس دولترام به، سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي شاخ تسليم نٿو ڪري، وراچڊ ۽ سنڌيءَ جي خاص خصوصيتن جي ڀيٽ ڪرڻ کان پوءِ، شري جيرامداس دولترام راءِ قائم ڪئي ته: ”سنڌي ۽ وراچڊ جي وچ ۾ ڪا به مناسبت ڪانهي.“225

هن جي راءِ موجب:

”سنڌي هڪ خودمختيار ٻولي آهي، جيڪا ديسي (مقامي) سنڌي پراڪرت مان اُسري آهي ۽ ديسي سنڌي اپڀرنش ۾ تبديل ٿي آهي.“226

ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن بحث کي ختم ڪندي، ديوان جيرامداس جي حوالي سان جيڪي ڪجهه فرمايو آهي سو سندس ڪتاب تان نقل ڪري هيٺ ڏجي ٿو:

”مٿي جيڪي ڪجهه چيو ويو آهي، انهيءَ جي روشنيءَ ۾، موجوده وقت ۾ هلندڙ انهيءَ نظرئي کي قبول ڪرڻ ۾ هٻڪ ٿئي ٿي، جنهن موجب چيو وڃي ٿو ته، ’وراچڊ‘ هيٺين سنڌو ماٿريءَ جي ٻولي هئي ۽ موجوده صورت واري سنڌي ٻولي پڻ ’وراچڊ‘ مان نڪتل آهي. ڊاڪٽر ’سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي راءِ ۾، سنڌيءَ جو بڻ بنياد غالباً سنڌيءَ جو پنهنجو ئي مورثي لساني سرمايو آهي ۽ اهو انهن لفظن ۽ نحوي بناوتن کان الڳ آهي، جن کي اُتر يا اولهه کان سنڌ ۾ آيل يا آباد ٿيل قومن گذريل صدين ۾ پاڻ سان آندو.“227

 

10- سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ هڪجهڙائيءَ جو جائزو:

(الف) سنڌو- ماٿر جي سئنڌوُئي ٻولي:

ديوان جيرامداس دولترام، ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي حوالي سان سنڌو- ماٿر ۾، آرين ٻولين جي وجود کان اڳ واريءَ ٻوليءَ جي باقيات کي سنڌيءَ جو، پنهنجو ئي مورثي ۽ لساني سرمايو سڏيو آهي، جنهن کي پراڪرت وياڪرڻين ديسي/ ديشج لفظ سڏيو آهي.

ڊاڪٽر ڪالڊويل آرين جي آمد کان اڳ وارين برصغير جي غير- آريائي ٻولين کي ديسي يا مقامي ٻوليون سڏيندي لکي ٿو ته:

”ديسي ٻولين ۽ سنسڪرت جي وياڪرڻي سٽاءَ جي ڀيٽ ڪرڻ سان، آءٌ هن نتيجي تي پهتو آهيان ته اِهي مقامي ٻوليون غير- آريائي ٻوليون آهن، ۽ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي چئي سگهجي ٿو ته اُتر – هند  جي ٻولين جو وياڪرڻ، دراوڙي ٻولين جي وياڪرڻ سان هڪ جهڙائي رکي ٿو.“228

(ب) موهن جي دڙي واري ٻولي:

اڳ ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌو – ماٿر (سئنڌُوَ ديش) جي سئنڌوُئي، لوڪن جي ٻولي ’سئنڌُو/سئنڌوُئي‘ ڏهن مکيه شاخن ۾ ورهايل هئي. اُهي شاخون هيون.

(i) سئنڌوُئي/سئنڌوَ، (ii)  لهندُئي/ لهندي، (iii) قديم دراوڙي (Proto- Dravidian) (iv) داردي (v) اُتر- اوڀر واري (vi) اوڀر واري (vii) ڪشميري، ڏکڻ- اوڀر واري ۽ وسطيه يعني مرڪزي خطي واري ۽ (x) براهوي.

انهن مان قديم دراوڙي جيڪا ’پوءِ جي دراوڙي ٻولين‘ جي ’ماءُ- ٻولي‘ (ماترڀاشا/ Parent Language) بڻي. اهو ئي سبب آهي جو هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود سئنڌوَ/ سئنڌوُئي، لهندُئي ۽ دراوڙي ٻولين ۾ لغوي خزاني کان سواءِ، وياڪرڻ جي هڪ جهڙائيءَ جا به ڪيترائي ثبوت ملن ٿا.

هن سلسلي ۾ ڪوپن هيگن جي ’انسٽيٽيوٽ آف ايشيئن اسٽڊيز‘ جي ماهرن، ڊاڪٽر اَسڪو پرپولا ۽ ڊاڪٽر سيمو پرپولا توڙي روس جي عالمن ۽ آمريڪي ماهرن ڪمپيوٽرن ذريعي، موهن جي دڙي (سنڌو-ماٿر) جي قديم لکت کي پڙهڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪري، هن راز کي سلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن ماهرن جي دعوا آهي ته: ”موهن جي دڙي واري ٻولي، دراوڙي ٻولين جي ماءُ (Parent language) آهي، جنهن مان سڀ دراوڙي ٻوليون اُسريون ۽ ڦُٽي نڪتيون آهن.229 هنن ماهرن پنهنجون پڙهڻيون به ڏنيون آهن،جيڪي ايندڙ صفحن ۾ ڏنيون ويون آهن.

انهن ماهرن (روسي، فنس ۽ امريڪي)، دراوڙي ٻولين جي وياڪرڻ (عدد ۽ جنس وغيره) جي روشنيءَ ۾، موهن جي دڙي ۽ هڙپا وارن کنڊرن مان هٿ آيل مهرن واري ٻوليءَ جي ڇنڊڇاڻ به ڪئي آهي ۽ موهن جي دڙي واري ٻوليءَ کي Proto- Dravidian) ٻولي سڏيو آهي.230

لهاذا انهن ماهرن ۽ ڊاڪٽر ڪالڊويل جي راءِ کان پوءِ جڏهن دراوڙي ٻولين، تامل، تيليگو، ملايالم ۽ ڪنڙ وغيره جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو موجوده سنڌي ۽ سرائڪيءَ سان تقابلي مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جي اڀياس جي سلسلي ۾ نوان نوان راز کلي پون ٿا ۽ ڪيترائي ثبوت ملن ٿا جن جي آڌار تي اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جو پاڻ ۾ قديم زماني کان وٺي گهاٽو ۽ پراڻو رشتو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌو- تهذيب ۾ رائج سئنڌُوَ (Saindhuva) يا ’سئنڌوُئي‘ (Saindhui) ٻولي، اُن وقت اَر لهجن تي مشتمل هئي.

انهن مان سئنڌُوَ لهجو، اروڙ بلڪ اُچ شريف کان هيٺ واري علائقي، اوڀر ۾ ڪڇ، ڏکڻ- اوڀر ۾ ڪاٺياواڙ، سبي ۽ لس ٻيلي سميت سامونڊي ساحل تائين ڳالهائبو هو، لهندئي لهجو موجوده سرائڪي پٽي ۾، ويندي پوٺوهار، ديراجات ۽ هندڪو خطي ۾ رائج هو ۽ دراوڙي زبان ڏکڻ ڀارت جي تامل ناڊو، ڪرالا، ڪرناٽڪا ۽ آندراپرديش وغيره خطن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو.

ڊاڪٽر ڪالڊويل جي انهيءَ راءِ کي جديد تحقيق ۽ کوجنا جي روشنيءَ ۾ نئين سڪر پرکڻ کان پوءِ ۽ سنڌي توڙي مکيه دراوڙي ٻولين (تامل، 231 تيليگو، ملايالم ۽ ڪنڙ) جي صوتي، صرفي ۽ لغوي سٽاءَ جي تقابلي مطالعي کان پوءِ، اها دعوا ڪري سگهجي ٿي ته:

سنڌي، سرائڪي، راجسٿاني، گجراتي، باگڙي، ڀيلي ۽ دراوڙي وغيره ٻولين جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي. هن ڏس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ جو رايو آهي ته:

”تاريخ جي حوالي سان اهو مڃيو ويو آهي ته دنيا جي نهايت سڌريل شهري تهذيب جي لحاظ کان سنڌ، مرڪزي حيثيت رکندي هئي، جنهن کي سنڌو- ماٿر جي تهذيب (موهن جي دڙي جي تهذيب) جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن تهذيب جي ٻولي، اڃا تائين هڪ عجوبي جي حيثيت رکي ٿي، جيتوڻيڪ دنيا جي ڪيترن ئي عالمن هتان جي لڌل مهرن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر انهن هڪ ٻئي جي نظرين کي قبول نه ڪيو آهي.“232

بهرحال تازين کوجنائن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته دراوڙي ٻولين جو بڻ بنياد، سنڌو-ماٿر (موهن جي دڙي) واري ٻولي آهي، روس، فنلئنڊ ۽ آمريڪي عالمن، موهن جي دڙي مان هٿ آيل مهرن واري لکت پڙهڻ کان پوءِ (اڃا اهي عام انهن مهرن جي پڙهڻ ۾ پوريءَ طرح ڪامياب هجڻ جي حتمي دعوا نٿا ڪن) ائين بيان ڪيو آهي ته، سنڌو- ماٿر واري ٻوليءَ جي صرفي سٽاءَ (لفظن ٺاهڻ لاءِ اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ملائي نوان لفظ ٺاهڻ، هڪ جهڙن لفظن جي ڌاتوئن مان ٻيا لفظ جوڙڻ ۽ عدد وغيره)، موجوده وقت واري سٽاءَ سان هُوبهو هڪ جهڙائي رکي ٿي، تنهن ڪري انهيءَ دعوا جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته دراوڙي زبانون، سنڌو- ماٿر واريءَ تڏهوڪي ٻوليءَ مان اُسريون هيون.

ايندڙ صفحن ۾ انهن ماهرن جون ڪي پڙهڻيون پڻ ڏنيون وئيون آهن ۽ ائين به چيو ويو آهي ته، انهن ماهرن سنڌو- ماٿر مان هٿ آيل مهرن تي ڪڍيل چٽن، گلن ٻوٽن، نشانين، وڻن، جانورن ۽ پکين وغيره جي نالن لاءِ لفظ يا مُلهه (values)، دراوڙي لغات مان ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر جيڪڏهن اِهي ماهر انهن نالن لاءِ لفظن ۽ مُلهن جي ڳولها، سنڌي، لهندي، گجراتي، راجسٿاني يا هڙوتيءَ زبانن جي لغات مان ڪن ها، ۽ انهن (چٽن، نشانن وغيره) جا نالا، لفظ ۽ ملهه، سنڌي ۽ لهندي ۽ ٻين سئنڌُئي ٻولين جا ڏين ها ته مذڪوره مهرن تي لکيل لفظ يا ٻوليءَ جا راز سلڻ ۾ کين آساني ٿئي ها، جيئن ڊاڪٽر ڊيلس (Dales) پنهنجي انٽرويو ۾ فرمايو هو.

(ت) ديسي يعني سَئنڌوُئي ٻوليءَ جو لغوي خزانو:

هن نتيجي تي پهچڻ کان پوءِ هاڻ ڏسڻ گهرجي ته اهي ڪهڙيون ڪهڙيون خاص خصوصيتون ۽ دليل آهن جن جي آڌار تي اها دعا ڪئي ويئي آهي ته سنڌي، لهندي ۽ دراوڙي ٻوليون پاڻ ۾ هڪ جهڙائي رکن ٿيون، يا دراوڙي ٻوليون، سنڌ جي قديم ۽ اصلي ٻولي (سئنڌوَ/ سئنڌوُئي) مان اُسريون آهن.

(الف) انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان پهرين شيخ خورشيد حسن صاحب جي راءِ جو اڀياس ڪرڻ گهرجي، جنهن موجب شيخ صاحب لکيو آهي ته:

”منڇر ڍنڍ ۽ سنڌو درياءَ تي گهرن- نما ترندڙ ٻيڙين ۾ رهندڙ مهاڻن جي ٻوليءَ جو اڀياس، موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي مطالعي ۾ مدد ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ موهن جي دڙي وارين مهرن جي پڙهڻ لاءِ انهن مُهرن تي اُڪريل تصويرن ۽ شڪلين لاءِ جيڪي مُلهه (values) مقرر ڪجن، تن جي سلسلي ۾، مهاڻن جي ٻوليءَ جي مدد سان مُهرن جي مُلهن سلڻ/ ڪٿڻ ۾ وڌيڪ مدد ملي سگهندي، ڇاڪاڻ ته دراوڙي ٻولين مان، موهن جي دڙي وارين مهرن تي نڪتل نشانن جا مُلهه مقرر ڪرڻ کان بهتر ٿيندو ته سنڌو-تهذيب جي موجوده وقت قديم- رهاڪن جهڙوڪ: مهاڻن، اوڏن، شڪارين، ماڇين، مياڻن، اُهيرن، سوڍرن ۽ ٻين قديم قومن جي ٻولين جي مطالعي جي مدد سان، مُهرن تي اُڪريل شڪلين، چٽن ۽ نقشن جا مُلهه، سنڌي ٻوليءَ جي لغوي خزاني مان ڳولهڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اڄ به اُنهن جا ڪيترائي لفظ سنڌيءَ ۾ هُوبهو رائج آهن.“233

شيخ خورشيد حسن اڳتي لکي ٿو ته:

”مهاڻا سنڌي ٻوليءَ جو اهو لهجو ڳالهائيندا آهن جيڪو سندن خطي ۾، سندن ئي قوم ۾ رائج آهي، يعني ته اهو لهجو، هن قوم ۾ ئي قديم زماني کان ڪم اندو رهيو آهي.

چون ٿا ته، مهاڻن جي لهجي ۾ اهڙا اهڙا انوکا لفظ، محاورا، اصطلاح ۽ ڪجهه ثقافتي لفظ موجود آهن، جيڪي هنن (مهاڻن) کي، ٻين ڏيهي ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ ۽ تهذيب کان الڳ آبادي يا جاتيءَ/ نسل طور شمار ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.“234

محترم سراج الحق ميمڻ به انهيءَ راءِ جو آهي ته سنڌي ٻولي به دراوڙي ٻولين وانگر، هڪ اها ٻولي آهي، جيڪا موهن جي دڙي واريءَ قديم ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتي آهي. (سراج صاحب) لکي ٿو ته:

”هيل تائين، سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي مفروضا قائم ٿيا آهن، تن جو فقط اهو سبب آهي ته ڪنهن به ماهر، سنڌي ٻوليءَ ۽ دراوڙي ٻولين جو تقابلي جائزو نه ورتو آهي. ان ڪري هروڀرو سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوٽن، اڳياڙين ۽ پڇاڙين، ۽ لفظي جوڙجڪ کي سنسڪرت سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جن زبانن کي هن وقت آريائي زبانون چيو وڃي ٿو، انهن سان به سنڌيءَ جا لاڳاپا رهيا آهن، پر انهن جو اثر محض معاشرتي ۽ تمدني رهيو آهي. جهڙوڪ، سامي ٻولين، عربي وغيره جو رهيو آهي. اهو اثر مذهبي لاڳاپن جي حدن اندر هڪ مخصوص دائري  ۾ وڌندو رهيو آهي.“235


209  - ايضاً ص 7

210  بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: سنڌو تهذيب جي سنڌو لکت ۽ ڀاڃ، مقالو، سنڌي ٻولي، حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو اپريل مئي ۽ جون 1994ع، ص 5

211   نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ’سنڌو-تهذيب جي سنڌو لکت جي ڀاڃ، مقالو حوالو ڏنو ويو آهي، ص ص 5-6

212  - ايضاً 6-7

213  -  لفظن جي انهن لڙهين کي، ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ طرفان ڏنل لفظن سان ڀيٽي سگهجي ٿو.

214 – نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌو- تهذيب جي سنڌو- لکت، حوالو ڏنل آهي، ص 7

215 Mockler, E., Major, A Grammar of the Balochee Language, Henry, S.King & C:, 1877, Introducation.

216  - Ibid.

217 – Ibid.

218 - Caldwel, R., Dr., Op. Cit. Introducation.P.64

219 -Voin, Sigrid Westphall-Hellbusch, Dr. & Heinz Westphall, Dr., The Jats of Pakistan, Duncker and Berlin, 1964, P. 97

220 – Gankovsky V. Yu, People of Pakistan, Opt. Cit., PP. 34-38

221 – عين الحق فريد ڪوٽي: اردو زبان ڪي قديم تاريخ، اوريئنٽ ريسرچ سينٽر، طارق ڪالوني، ملتان روڊ، لاهور، 1979ع، ص 56

222 -  Trumpp., E., Dr., Op. Cit., Introduction, PP. I and II

223 – عين الحق فريد ڪوٽ:: اردو زبان کي قديم تاريخ، اوريئنٽ ريسرچ سينٽر، طارق ڪالوني ملتان روڊ، لاهور، 1979ع، ص 13

224 - ايضاً

225 - Jairamdas Daulatram, "The Ancestry of Sindhi", Presidential address at Sindhi Section of the All India Oreiental Conference, New Delhi, December, 1957, P. 58

226 – Ibid..

227 -  بلوچ،نبي بخش، ڊاڪٽر: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ڇاپو ٽيون، ص 32

228 – Caldwell, C.Op. Cit.

229 – The Daily 'DAWN' English, Karachi, Sunday, July 20th 1969,

Also See:

Asko Parpola, Seppo Koskenniemi, Simo Parpola and Pentti Aalto, "Decipherment of the Proto-Dravidian Inscrptions of the Indus Civilization, Copenhegan", The Scandinavian Institute of Asian Studies, 1969-70, P.2.

230 – Ibid, PP. 5, 15, 29, 30 &

also see:

Ibid, Progress in the decipherment of the Proto-Dravidian Indus Script, P.2

231 – ڊاڪٽر ڪالڊويل لکي ٿو ته: دراوڙي ٻولين جي خاندان کي ڪنهن زماني ۾ يورپ جا ماهر Tarmulian يا  Tramulic سڏيندا هئا، پر ’تامل‘ هڪ پراڻي ۽ مهذب ٻولي آهي (مهاڳ)Dravidian لفظ Dravida مان ٺهيو آهي، اهو لفظ ڪنهن زماني ۾ تامل جي برابر هو.

232 Parso Gidwani, Dr., Similarities in Sindhi and Dravidian Languages, Delhi, Sindhi Akademy Delhi, Government of National Capital Territory, 1996, preface, P.VI

233 – Shaikh Khurshid Hassan, Op. Cit. P.111

234 – Shaikh Khurshid Hassan, Op. Cit. P.111

235 – سراج الحق ميمڻ ڏسو هلالِ پاڪستان، ڪراچي 30 مئي، 1972ع ص ص 5، 6 ۽ 13

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com