سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :1

سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

گڏيل ڀاڱا

واحد بخش شيخ

 

ڇپائيندڙ پاران

محترم واحد بخش شيخ، سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن عالمن، محققن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ آهي. سندس لکيل ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحوَ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۽ وياڪرڻي اصولن تي لکيل هڪ عاليشان ۽ مثالي ڪتاب آهي، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ سان چاهه رکندڙ، شاگرد، استاد ۽ عام پڙهندڙ گهڻو استفادو حاصل ڪري سگهن ٿا.

دراصل ٻوليءَ جو علم به هڪ قسم جو سائنسي علم آهي. هن علم جي تحقيق ايستائين مستند نه ليکبي، جيستائين اها ٺوس دليلن ۽ سائنسي بنيادن تي ٻڌل نه هوندي. سنڌ ۾ هن علم جي جديد طرز جي شروعات انگريز محققن وٽان ٿي، پر جن عالمن هن علم جا بنياد پختا ۽ مضبوط ڪري ڏيکاريا، اهي وري به هتان جا مقامي عالم ئي هئا. انهن صاحبن گوڏو ڀڃي نهايت عرق ريزيءَ سان هن علم تي ڪم ڪيو.

ڪنهن به ٻوليءَ جو گرامر ٻوليءَ جي ڄم کان پوءِ ئي جُڙندو آهي ۽ وقت گذرڻ سان ان جي وياڪرڻي اصولن ۾ به ڦيرو ايندو رهندو آهي، جنهن جو دارومدار ٻوليءَ ۾ ايندڙ تبديلين ۽ بگاڙ تي ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحوَ ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن تي لکيل هڪ اهڙوئي ڪتاب آهي، جنهن تي لائق مصنف ڳڻپ جوڳي محنت ڪري سنڌي پڙهندڙن لاءِ نئين انداز ۾ هڪ قيمتي تحفو تيار ڪيو آهي. هن ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ڪندي دلي خوشي محسوس ٿئي ٿي. اميد آهي ته پڙهندڙ حضرات به هن ڪتاب منجهان تمام گهڻو لاڀ پرائيندا.

 

 

ڄام شورو، سنڌ                      انعام الله شيخ

خميس 29- صفر المظفر 1427هه      سيڪريٽري

بمطابق 30- مارچ 2006ع         سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

ســنڌي ٻــوليءَ جـو صـرف ۽ نـحوَ

 

 

  

(1)

تــمهــيد

سنڌي زبان جي وسعت ۽ ڪشادگي انهيءَ مان ظاهر آهي، جو منجهس ٻاونجاهه حرف يا اکر آهن، ۽ ايترا ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ورلي هوندا، تنهنڪري ڪنهن به زبان مان اقتباس ڪرڻ ۽ اُن تي پنهنجي تصرف ڄمائڻ جي جا منجهس گنجائش آهي، سا ٻيءَ ڪنهن زبان ۾ ٿوري هوندي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي زبان ۾ ٻين ڌارين ٻولين، جهڙوڪ: هندي، عربي، فارسي ۽ انگريزي جا خاص طرح، ۽ پاڙيسري ٻولين جهڙوڪ: پنجابي ۽ گجراتي وغيره جا عام طرح متعدد لفظ ۽ محاورا آزاديءَ سان استعمال ٿين ٿا. حالانڪ سنڌيءَ جي ٻاونجاهه حرفن ۾ سورنهن حرف عربيءَ ۽ فارسيءَ جا آهن، جن جو وجود اهڙو ته اٽل ٿي چڪو آهي، جو انهن کي ڌار ڪرڻ گويا سنڌي زبان جو خون ڪرڻو آهي ۽ نه وري انهن جو بدل ڪو آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهبو. سنڌي زبان جا پنهنجا اکر ڪل چار آهن ۽ باقي سنسڪرت جا آهن، جي به سنڌيءَ جا پنهنجائي ڪوٺبا ڇاڪاڻ ته سنڌي پيدا ئي سنسڪرت مان ٿي آهي.

نج سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين ٻولين جي انهيءَ فني امتزاج سبب سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جا اصول ۽ سندس ترڪيبون به انهن جي اثر کان خالي نه آهن، مثلاً، شخصي ضميرن جو استعمال فعلن جون علحديون صورتون ۽ انهن جي ترڪيب، صفت جا درجا، تذڪير ۽ تانيث جو امتياز وغيره- انهن مڙني ۾ عربي ٻوليءَ جو اثر چڱيءَ طرح نمايان آهي. (ازمنہ ثلاثہ (ٽن زمانن) جو تخيل ته عربيءَ جو ئي اهي، باقي نحوي نالا، مجرد توڙي مرڪب، ته سنئون سنڌو عربيءَ مان ورتل آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ آواز اهي ئي آهن، جي سنسڪرت جا آهن، يعني: اَ - آ - اِ - اِي، اُ - اُو - او - آو، اي - آي حقيقت ۾ هنديءَ يا سنسڪرت ۾ حرڪتن جو استعمال ظاهر طرح آهي ئي ڪونه پر سنسڪرت ۾ حرڪتن جي آوازن جون ظاهري نشانيون، يعني زير ( - ِ)، زبر (- َ)، پيش ( - ُ )، سڪون ((^، شد ( ّ ) ۽ مد  ( ٓ )وغيره استعمال ٿين ٿيون، سي عربيءَ کان اڌاريون ورتل آهن، ۽ اهي هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي، ڪنهن حد تائين، امتيازي خصوصيت بڻجي چڪيون آهن.

جملن جي ساخت ۾ سنڌيءَ جي اصليت بهرحال قائم پئي رکي ويئي آهي. جيتوڻيڪ لفظن جي شڪل ۽ تحريري صورت گهڻي قدر مٽجي چڪي آهي، پر لفظن جي وضع اصلوڪي، ۽ پراڻي طرز تي رکي ويئي آهي. يعني جملي ۾ فاعل کي گهڻو ڪري اول مقام حاصل آهي، صفت جي جاءِ موصوف جي اڳيان هوندي آهي، ۽ فعل پڇاڙيءَ ۾ واقع ٿيندو آهي، مگر عربيءَ ۽ فارسيءَ ۾ ائين ڪونهي، مثلاً: عربيءَ ۾ فعل جملي جي ابتدا ڪندو آهي، فاعل، فعل کان پوءِ ايندو آهي ۽ صفت، موصوف جي پٺيان ايندي آهي. فارسي زبان ۾ به صفت جو مقام عربيءَ وانگر موصوف کان پوءِ هوندو آهي، پر ٻين وصفن ۾ اها سنڌيءَ جي هم جنس آهي.

لفظن جي صحيح تلفظ کي جا اهميت عربي زبان ۾ آهي، سا ٻيءَ ڪنهن به زبان ۾ ڪانهي، ڇاڪاڻ ته عربي زبان ئي آهي، جنهن ۾ حرڪات ۽ سڪنات جو استعمال هڪ قاعدي تي ٻڌل آهي. سنڌي زبان ۾ به توڙي کڻي عربي ٻوليءَ جون حرڪتون استعمال ٿين ٿيون، پر اهڙي قانوني پابنديءَ سان نه، جيئن عربيءَ ۾، تاهم سنڌي ٻوليءَ جا جيڪي به حرف آهن تن مان هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو اُچار يا آواز آهي ۽ سندس الف، ب جو فهم به صحيح آوازن سان ئي دريافت ڪري سگهجي ٿو.

سنڌي ٻوليءَ ۾ فعلن جي استعمال ۽ زمانن جي تصريف ۾ ضمير، عدد ۽ جنس جي موافقت اهڙي ته پوري ۽ موزون آهي، جو ان جو مثال عربي زبان کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ مشڪل ملي سگهندو، مثلاً: جيڪڏهن فاعل، واحد ۾ آهي، ته فعل به واحد ۾ هوندو ۽ جي فاعل، جمع ۾ آهي، ته فعل جو عدد به جمع ۾ هوندو. ساڳيءَ طرح، جي فاعل جي جنس مذڪر هوندي، ته فعل جو صيغو به مذڪر هوندو، پر جي فاعل مؤنٽ آهي، ته فعل جو صيغو به مؤنث ئي رهندو. فعل جي ساڳي موافقت شخصي ضميرن ۾ به نظر ايندي، يعني فعل جي صورت متڪلم حاضر ۽ غائب ۾، عدد ۽ جنس مطابق، هر حالت ۾ موافق نظر ايندي، جا حالت عام طرح ٻين ٻولين سان لاڳو ڪانه آهي.

سنڌيءَ جو رسم الخط خالص عربي نموني جو آهي، جو اٽڪل هجري پهرين صديءَ جي آخر ۾ سنڌ تي عربن جي تسلط جي ڪري اختيار ڪيو ويو، جو هن وقت سنڌي تحرير جو واحد طريقو ٿي چڪو آهي. حالانڪ سنڌي اڄ به ٻين نمونن (خطن) ۾ لکي وڃي ٿي، جهڙوڪ: گُرمکي ۽ تجارتي يا هندڪي (ديوناگري) وغيره پر عربي رسم الخط سڀ کان وڌيڪ عام ۽ مقبول ٿي چڪو آهي. هن رسم الخط جي مقبوليت جو سبب فقط حرڪتن جو استعمال چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻين مذڪوره نمونن (خطن) ۾ حرڪتن جو لحاظ ڪونه ٿو رکيو وڃي.

سنڌي ٻولي، جيتوڻيڪ سنسڪرت مان پيدا ٿي آهي، تاهم ٻنهي ۾ حرفي مشابهت کانسواءِ ٻي ظاهري هڪجهڙائي خير ڪا نظر ايندي، پر انهيءَ جي برعڪس عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين سان سندس تعلق ۽ تشبيہ گهڻو نظر ايندو. تحريري طرز انهن چئن ٻولين، يعني: عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جي هڪجهڙي آهي، يعني اهي چارئي ٻوليون ساڄي طرف کان کاٻي ۽ گڏيل حرفن ۾ لکڻ ۾ اينديون آهن. ڪن مغربي ٻولين ۾ لکڻ جون ٻه صورتون آهن: هڪڙو حرفن کي جدا جدا ڪري لکڻ ۽ ٻيو ڳنڍي لکڻ، پر ٻيون جيڪي به ٻوليون آهن، سي اڪثر ڪري جدا جدا حرفن ۾ لکيون وينديون آهن، ازانسواءِ مٿين چئن ٻولين کانسواءِ مڙئي ٻوليون گهڻو ڪري کاٻي کان ساڄي لکڻ ۾ اينديون آهن.

جهڙيءَ طرح عربي ۽ فارسي ٻولين جو بنياد شعر تي ٻڌل آهي، يا ائين کڻي چئجي، ته عربي ۽ فارسي ٻولين جي صحت ۽ موزونيت جي ڪسوٽي سندن شعر ليکيو ويندو آهي، تهڙي طرح سنڌي زبان کي به اهو ساڳيو ئي شرف حاصل آهي، يعني سندس ڪلام جي صحت ۽ موذونيت يا ترڪيبي خصوصيتون سندس شعر مان ئي پرکي سگهجن ٿيون.

دنيا ۾ وڏيون ۽ ممتاز ٻوليون عموماً: اهي ليکجڻ ۾ اچن ٿيون، جي دنيا جي ڳچ ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ اچن ٿيون، مثلاً: انگريزي، فرينچ، عربي ۽ اردو وغيره. نسبتاً سنڌي ٻولي هڪ ننڍي صوبي جي زبان آهي، پر جا وسعت هن ٻوليءَ ۾ آهي، سا ٻين ٻولين ۾ ورلي هوندي، ڇا ادب ۾، ڇا سائنس ۽ تاريخ ۾، ۽ ڇا سياست ۾. مطلب ته هر پهلوءَ تي روشني وجهڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪافي مواد ملي سگهي ٿو. قديم سنڌ جون حدون ته ڪڇ، گجرات، مارواڙ، جيسلمير، ڪشمير، افغانستان ۽ بلوچستان تائين وڌيل هيون، ۽ اڃا تائين ڪڇ، گجرات، ملتان ۽ بلوچستان ۾ ڪيترا ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا.

هن وقت سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ٽن نمونن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي: لاڙي، سريلي ۽ ٿريلي يا ٿري. انهن ٽنهي قسمن جي بناوت هڪجهڙي آهي، مگر اُچارن ۽ ٿورن لفظن ۾ ڪجهه تفاوت اٿن. لاڙي سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي ۾، جنهن کي لاڙ چئجي ٿو، ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، سريلي سنڌ جي اترئين حصي ۾، جنهن کي سِرو چئجي ٿو، ۽ ٿريلي يا ٿري، ٿر ۾. ٿري ٻوليءَ ۾ ڪڇي ۽ مارواڙي لفظن جو استعمال نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته ٿر ملڪ ڪڇ ۽ مارواڙ کي بلڪل ويجهو آهي. مذڪوره ٽن قسمن کان سواءِ، سرائڪي ٻولي به سنڌ جي ڳچ ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، جا پڻ مشابهت ۾ سنڌيءَ سان تمام گهڻو ملي ٿي. سنڌ جي ڪيترن صوفي شاعرن، جهڙوڪ: سچل سرمست، حمل فقير ۽ ٻين سرائڪي ٻوليءَ ۾ شعر چيا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com