سيڪشن؛  لغات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو صَرف ۽ نَحوَ

باب: --

صفحو :41

         

           استعمال:

          ”ڏينهن قيام جو نهايت سخت ۽ طويل ترين ٿيندو.

*

          گل گلاب جو ئي سڀني کي پسند هوندو آهي.

*

مڙني مندن ۾ مند بهار جي چڱي هوندي آهي.

*

          اهو فرض حڪومت جو آهي، ته رعيت کي خوش رکي.

*

          مال يتيم جو امانت هوندي آهي، جنهن ۾ خيانت ڪرڻ وڏو گناهه آهي.

*

”دارون هن درد جو ڏاڍو ڏسيائون.“
                                                   (شاهه: ڪلياڻ)

”ويڄ ويڄاڻي ڇڏ، توکي سُڌ نه سور جي.“
                                           (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو.“
                                           (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”پڙهيا پڙهيجا، سبق انهيءَ سور جو.“
                                           (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”لڳيس نائڪ نِينهن جي، نهوڙيو نانگو.“
                                                  (شاهه: کنڀات)

”موتي معرفت جا، سچا سوڌيائون.“
                                                (شاهه: سريراڳ)

”هيءُ جو ڏنڀ ڏهاڳ جو، سگهان ڪين سهي.“
                                         (شاهه: ليلان چنيسر)

”تو ۾ بوءِ بهار جي، مشڪ کٿوري مڻ.“
                                                  (شاهه: پورب)

”ڪشتي ڪميڻيءَ جي، الله لڳ اُڪار.“
                                                      (شاهه: بروو)

”مالڪ مون سيکار، ڪو پَهه ُ انهيءَ پاند جو.“
                                                        (شاهه: آسا)

”قدر هدايت جو، منجهه آهي ضلالت.“
                                                      (سچل: آسا)

”تاڏي ڪَنُ نه ڪن، جو فرمودو فائق جو.“
                                                       (سچل: آسا)

”سٽون سيپارن جون، پڙهڻ ٿيون ثواب.“
                                                  (سچل: ڀيروي)

”آهي ڪو جو جهلي، تکو تاب حسن جو.“
                                                  (سچل: ڀيروي)

”چڪو انهيءَ چاش جو، چکي ٿيا چريا.“
                                                  (سچل: ڀيروي)

”مصحف پاڪ چوان، منهڙو محبوبن جو.“
                                                  (سچل: ڀيروي)

”هن ڀانيو نامو، پر شعلو هيڙو شوق جو.“
                                                  (سچل: ڀيروي)

”ڏيهه ڏکيءَ جو ڏور، رهبر رس تون رُڃ ۾.“
                                           (سچل: ڪوهياري)

”طعنا تنڪا لوڪ جا، سر چڱا چايام،
ڀليءَ ڀت ڀانيام، سهرا سور سڄڻ جا.“
                                           (سچل: ڪوهياري)

”اندر آڳ عشق جي، ويو ٻاروچل ٻاري.،
                                          (سچل: ڪوهياري)

”هردي اندر هير جي، آهي ڪونه ٻيو.“
                                                (سچل: ڪاريهر)

          ت – جملي ۾ ’کي‘ يا ’وٽ‘ حرف جر جو واسطو جيڪڏهن هئڻ يا ٿيڻ مصدر جي ڪنهن فعل سان هوندو ته انهيءَ حرف جر مان حرف اضافت واري معنيٰ نڪرندي، مثلاً:

          مون کي گهر ۾ ڪابه رقم رکيل ڪانهي.

*

          مون وٽ رات مهمان آيا هئا.

          مٿين جملن ۾ ’مون کي‘ ۽ ’مون وٽ‘ جو جدا جدا مطلب ٿيندو ’منهنجي‘ ۽ ’منهنجا‘.

          ث – جملي ۾ حرف جر جي ترڪيب ۾، جيڪڏهن انداز يا مقدار جو مفهوم سمايل هوندو، ته ان جي صورت ۾ اضافت واري ٿي پوندي، مثلاً:

          سمهڻ وقت گهر وارن کير مان ٻه وٽا ڀري ڏنا.

*

          دانهن تي شهر منجهان ڪوبه ماڻهو ٻاهر نه نڪتو.

          مٿين مثالن ۾ ’مان‘ ۽ ’منجهان‘ مان ڌار ڌار مراد آهي ’جا‘ ۽ ’جو‘.

          ج – اسم فاعل يا اسم مفعول، جڏهن ڪنهن ٻئي اسم سان گڏ استعمال ٿيندو آهي، ته ان جي صورت به اضافت واري ٿيندي آهي، حالانڪ اهڙيون ترڪيبون صفت طور به ڪم اينديون آهن، مثلاً:

          باهه سڙيل يعني باهه جو سڙيل

          پاڻيءَ ٻڏل يعني پاڻيءَ جو ٻڏل

          زهر پياڪ يعني زهر جو پياڪ

          کير ڌائڪ يعني کير جو ڌائڪ.

”عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو.“
                                                    (شاهه: ڪلياڻ)

”جهانگي جهڻ پياڪ، ناهن شربت هيروان.“
                                                  (سچل: کنڀات)

          ح – حرف اضافت، جڏهن اسم ظرف سان استعمال ٿيندو آهي، ته ان مان وقت جي معنيٰ نڪرندي آهي، مثلاً:

          ڏينهن جو يعني ڏينهن جي وقت ۾

          شام جو يعني شام جي وقت ۾.

          خ- ڪڏهن ظرف جي لفظن جي اڳيان يا  مصدر جي پويان حرف اضافت جي عام صورت ’جي‘ استعمال ٿيندي آهي، مثلاً:

                 گهر جي آڏو                                          گهمڻ جي لاءِ

                شهر جي ويجهو                                       کائڻ جي لاءِ

                دڪان جي سامهون                                   پڙهڻ جي واسطي

          استعمال:

          پنڌ ڪندي ڪندي، آخر وڃي هڪ ڳوٺ جي ويجهو پهتس.

*

          منهنجي گهر جي سامهون هڪ وڏو وڻ آهي، جو نهايت پراڻو آهي.

”آڏو عجيبن جي، ڪجانءِ سڀ خير.“
                             (سچل: ڀيروي)

          د- حرف اضافت ڪڏهن ڪڏهن حذف ڪيو ويندو آهي. خاص طرح ان حالت ۾، جڏهن هڪڙي اسم سان گڏ ٻيو اسم يا ضمير تخصيص خاطر استعمال ڪبو آهي، مثلاً:

          ڪراچي شهر                       يعني ڪراچيءَ جو شهر

          ٺٽو بندر                            يعني ٺٽي جو بندر

          خيبر لڪ                           يعني خيبر جو لڪ

          حرف اضافت جي هيءَ محذوف صورت شهر ۾ گهڻي نظر ايندي آهي، ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

”مدي ڏيرن من ۾، کليو کينڪاريان.“
                                                  (شاهه: ديسي)

”وطن مون ملير، قضا آنديس ڪوٽ ۾.“
                                                    (شاهه: مارئي)

”پسي ککيءَ کوڙ، متان ماڱر مٽئيين.“
                                                   (شاهه: ڪاموڏ)

”روزازل استاد سان اسان کي، سٽ پريت جي پاڙهي.“
                                                   (سچل: گجري)

”هنڌ هنڌ ٿي هُٻڪار، ڀينر شهر ڀنڀور ۾.
                                            (سچل: ڪوهياري)

”پلر سان پُسي پيا، پنهوارن پلال.“
                                                (سچل: سارنگ)

”مون تي لڳندو ڪونه ڪو، پيارا پاڻيءَ پاءُ.“
                                                     (سچل: راڻو)

”اصل اَنيراءِ جو سورٺ ور سان وير.“
                                                  (سچل: سورٺ)

”جت ماڻهن ميڙاڪو ٿئي، سا جوٺي جوڳن جاءِ.“
                                                    (سچل: جوڳ)

          5. ندائي صورت: ندا جا لفظ، جي سڏ يا خطاب ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن، عام طرح جملي جي منڍ ۾ واقع ٿيندا آهن ۽ انهن جو جملي ۾ منادي اسمن کانسواءِ ٻئي ڪنهن به لفظ سان لاڳاپو نه هوندو آهي، مثلاً:

          اوکير وارا، تنهنجي کير ۾ ته پاڻي گڏيل ٿو ڏسجي.

*

          اي ڇوڪر، هن ڳوٺ ۾ ڪا سراءِ آهي؟

*

          اڙي ٻيلي، مون کي هن مصيبت کان ڇڏايو.

*

          ياالله، منهنجون مدايون معاف ڪر.

          مٿين جملن ۾ ڏسبو ته ندا جا لفظ ’او‘ ’اي‘ اڙي ۽ ’يا‘، هرهڪ پنهنجي پنهنجي منادي اسم سان گڏ جملي جي شروعات ڪري ٿو. اها ندائي صورت نحوي قاعدي پٽاندر آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ندا جا لفظ ۽ منادي اسم جملي جي وچ ۾ يا آخر ۾ به استعمال ٿيندا آهن، مثلاً:

          منهنجي حال جون، اڙي ادا، ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين.

*

          دنيا اچڻي وڃڻي شيءَ آهي، ان تي ڀروسو نه ڪر اي دوست.

*

          مون غريب تي اهڙو ظلم نه ڪر، سائين.

          هڪ ئي جملي ۾، هڪڙي ندا جي لفظ سان، هڪ کان وڌيڪ منادي لفظ به استعمال ڪري سگهجن ٿا. مثلاً:

          اڙي چوڪيدار، مالهي، بورچي، اڄ کان اوهان جي نوڪري ختم ڪئي ويئي آهي.

*

          سائينداد، صديق، سومر، اوهان جي کيتن ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڪاهي پيو آهي.

          منادي اسم گهڻو ڪري حرف ندا جي مدد کانسواءِ استعمال ٿيندا آهن، البت جڏهن انهن جو خاص ڌيان ڇڪائڻو هوندو آهي، ته پوءِ ندا جا لفظ ڪم آڻبا آهن.

          صفت جيڪڏهن ڪنهن منادي اسم سان گڏ ايندي، ته ان جي صورت به ندائي ٿيندي، پر جي صفت جملي ۾ ظرف ٿي ڪم ايندي، ته ان جي حالت ندائي نه رهندي آهي، مثلاً:

          منهنجا پيارا مٺڙا ڀاءُ، مان هر وقت تنهنجي خيريت جو خيال رکندو آهيان.

*

”دوست، مٺا، دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“
                                                (شاهه: سارنگ)

”ڏونگر، تون ڏاڍو ڏاڍا، ڏاڍيون ڪرين.“
                                             (شاهه: ڪوهياري)

          پهرين ٻن مثالن ۾ صفت جا لفظ: ’منهنجا‘، ’پيارا‘، ’مٺڙا‘ ۽ ’مٺا‘، ’دلدارَ‘، منادي صورت ۾ آهن ۽ پوئين مثال ۾ لفظ ’ڏاڍو‘ جو درحقيقت صفت آهي، هتي ظرفي صورت ۾ بيٺو آهي، تنهنڪري اهو منادي صورت ۾ ڪونهي ۽ وري ’ڏاڍا‘ جو منادي اسم ’ڏونگر‘ جي صفت آهي، تنهن کي منادي شڪل ڏني ويئي آهي.

          منادي اسم، جيڪڏهن اسم معرفه هوندو آهي، ته ان سان ندا جو لفظ گهڻو ڪري استعمال نه ڪبو آهي، مثلاً:

          سليمان، تنهنجا ڍڳا ڍڪ تي ڪاهي ويا آهن.

*

          گلڻ، تو شيرل کي واهه جي ملهه دسي.

*

          بشير، تون هاڻي ڪيڏو نه وڏو ٿي ويو آهين.

          ڪي منادي اسم ندائي حالت ۾ پنهنجي اصلي صورت قائم رکندا آهن، مثلاً:

          ابا، ادا، امان، امڙ، جيجل وغيره.

”ادا، ائائين ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو.“
                                                   (شاهه: سسئي)

”سستي پون ڇرڪ، آيلِ، ٻاروچن جا.“
                                            (شاهه: ڪوهياري)

”لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، امڙ پل مَ مون.“
                                                (شاهه: حسيني)

          ضمير متڪلم ۽ حاضر ۾ ندا جا يا منادي لفظ استعمال نه به ڪبا آهن، انهن جي ندائي صورت خود لفظن ۾ سمايل هوندي آهي، مثلاً:

          اچ، ته توکي شاهي باغ گهمايان.

*

          اچان، ته گڏجي هلون ٿا.

*

          ڪير آهي، هتي ڪهڙو ڪم اٿيئي؟

*

          ڪيڏو نه بي پرواهه آهين، جو توکي پنهنجن جي به خبر ڪانهي.

          صفت جي نحوي صورت: صفت، جيئن اڳّ صرف واري ڀاڱي ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته فقط پنهنجي موصوف سان واسطو رکندڙ آهي، تنهنڪري هميشه ان سان گڏ ۽ ان جي اڳيان ايندي آهي، پر ڪڏهن تاڪيد خاطر موصوف جي پٺيان به اچي سگهي ٿي ۽ شعر ۾ ته وٿيءَ تي به واقع ٿي سگهي ٿي. مثال هيٺ ڏجن ٿا:

          ’سياڻو ڪانءُ ٻٽنگو ڦاسندو آهي:

*

          خود غرض انسان ڪڏهن به ڪنهن جو دوست نٿو ٿي سگهي.

*

          ماڻهو چڱو انهيءَ کي سمجهبو آهي، جيڪو ٻين سان چڱائي ڪري.

*

”مينهنون پاڻمراديون ٿڌا چرن ٿر.“
                                                  (شاهه: سارنگ)

”وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس.“
                                                  (شاهه: سارنگ)

”سڄڻ سٻاجهو، ڀيڄ ڀني گهر آئيو.“
                                                 (شاهه: سارنگ)

”وسي ساري رات، صبح جو ساهه کڻي.“
                                                (شاهه: سارنگ)

”راڻو ڪا رات ويو، ڪري ڳالهه ڳجهي.“
                                           (شاهه: مومل راڻو)

”ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجو پنهون سر سڀن.“
                                                (شاهه: حسيني)

”کٿوريءَ ۾ کنڀ، لويانءَ لاکيڻا سڀئي.“
                                           (سچل: مالڪوس)

          اسم يا ضمير جي وصف يا خاصيت هڪ لفظ ۾ به بيان ٿي سگهي ٿي، ته هڪ کان وڌيڪ لفظن ۾ به، تنهنڪري صفت جو لفظ جملي ۾ هڪ به ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ به، مثلاً:

          جهانگير، شهنشاهه اڪبر جو پٽ، هڪ عادل بادشاهه ٿي گذريو آهي.

*

          چين، جيڪو هڪ قديم هنر ۽ حرفت وارو ملڪ آهي، پاڪستان جو مخلصِ دوست آهي.

*

          اهي شيون، جيڪي وزن ۾ هوا کان هلڪيون آهن، سي مٿي اُڏامي سگهن ٿيون.

*

          ڏيل ۽ ڏيک ۾ سهڻو ماڻهو هروڀرو لڇڻن جو سهڻو نه هوندو آهي.

*

          ماڻهو، جيڪو منهن تي ساراهه ۽ پرپٺ گِلا ڪري سڄڻ نٿو ٿي سگهي.

          مٿين جملن ۾، جي لفظ صفت ٿي ڪم آيا آهن، سي هيٺ ڏيکارجن ٿا:

          موصوف                                               صفت

          جهانگير                            شهنشاهه اڪبر جو پٽ، عادل

          چين                                 جيڪو هڪ قديم، هنر ۽

                                                حرفت وارو ملڪ آهي، مخلص

          شيون                               اهي، جيڪي وزن ۾ هوا کان

                                                هلڪيون آهن

          ماڻهو                                سهڻو

          ماڻهو                            جيڪو منهن تي ساراهه ۽ پرپٺ

                                                گِلا ڪري،

          جملي ۾ بعضي موصوف کي حذف ڪري ان جي بجاءِ صفت استعمال ڪبي آهي، مثلاً:

          ’ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن.‘

*

          مانيءَ جو قدر بکايل ۽ پاڻيءَ جو قدر اُڃايل کي هوندو آهي.

*

          هوءَ ڏسندي ۾ پير لهندي.

*

”تانگهي ۾ تاڻي ٻڌ پنهنجو ترهو،
اونهي ۾ آڻي ڪونه ڏيندئي ڪو ٻيو.“
                                                (شاهه: سريراڳ)

”ڏونگر ڏکويــن کي، دلاسا ڏجن.“
                                            (شاهه: ڪوهياري)

”سهسين سورٺ جهڙيون، پٽيو ڪڍن پار.“
                                                   (شاهه: سورٺ)

”الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.“
                                          (شاهه: ليلان چنيسر)

”اڻڀا سڻڀا نه ڪري، سونهن وڃايس سورُ.“
                                                 (شاهه: مارئي)

”سٻر پسي سومرو، ڏڪي ويو ڏيهي.“
                                                   (شاهه: مارئي)

”ڀورو ائين نه ڀانئي، ته لوڪ لاڏاڻو ساعت جو.“
                                                   (شاهه: مارئي)

”ڪاريون ٿيون ڪُڏن، سمي جي سهاڳ تي.“
                                                 (سچل: ڪلياڻ)

”اگلا ۽ سگلا، سمي ناءِ سڃاڻبا.“
                                                  (سچل: ڪلياڻ)

”سمي جي سهج، پراڻين کي پڳهه پيا.“
                                                 (سچل: ڪلياڻ)

”هام هڻي هوشيار، هليو ساز سرود سان.“
                                                (سچل: سورٺ)

          صفت جڏهن جملي ۾ موصوف جي بجاءِ ڪم ايندي آهي، ته اها به اسم يا ضمير وانگر فاعل توڙي مفعول جي جاءِ وٺندي آهي ۽ ان سان به اهي ئي حالتون لاڳو ٿي سگهن ٿيون، جيڪي اسم يا ضمير سان ٿينديون آهن جيئن مٿي ڏنل مثالن مان ظاهر آهي.

          ضمير جي نحوي صورت: ضمير ڇاڪاڻ ته اسم جو قائم مقام يا بدل هوندو آهي، تنهنڪري جملي ۾ ان جو مقام به اهو ئي هوندو آهي، جيڪو اسم جو آهي جيئن اڳ بيان ڪيو ويو آهي. ضمير جا مختلف قسم به اڳ تفصيل سان بيان ٿي چڪا آهن.

          1. ضمير شخصيءَ جون ٻه صورتون هونديون آهن: منفصل ۽ متصل، ضمير منفصل ته عام طرح اسم وانگر جملي جي شروعات ڪندو آهي، مگر ضمير متصل ڪڏهن به جملي جي ابتدا نه ڪندو آهي، مثلاً:

          آءٌ اهڙو اٻهرو قدم هرگز نه کڻندس.

*

          مان محنت ڪري پنهنجي روزي ڪمائيندو آهيان.

*

          تون محتاجن جي مدد ڪندين ته ڦل پائيندين.

*

          تو ڪڏهن ٻاهرين ملڪن جو سير ڪيو آهي؟

*

          هُو هڪ سمجهو ماڻهو آهي، ڪڏهن به غلط ڪم نه ڪندو.

*

          هُن ڪيتريون ئي تڪليفون ڏٺيون آهن، پر ڪڏهن به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي اٿئين.

          مٿين جملن ۾ پهريان ٿلها يا جملي لفظ ضمير منفصل جا مثال آهن.

          ضمير متصل، ڇاڪاڻ ته پنهنجي سر الڳ نه بيهي سگهندو آهي، تنهنڪري هميشه ٻن لفظن جهڙو اسم، حرف جر يا فعل جي منصرف پڇاڙين سان شامل ٿيندو آهي، مثلاً:

          پٽم هڪ ذهين ڇوڪرو آهي.

*

          ايندڙ سومر تي ملڪ کان ٻاهر ويندس.

*

          کيس انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ڪانهي، ته ماڻهو سندس لاءِ ڇا ٿا چوندا وتن.

*

          وٽم ڪجهه به ڪونهي جو کانئس لڪائي رکان.

          جملي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ۽ شعر ۾ عام طرح ضمير شخصي حذف ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو مفهوم سندس واسطيدار فعل ۾ سمايل هوندو آهي، مثلاً:

          جڏهن اها خبر ظاهر ٿيندي ته منهن مٿو پٽيندا.

*

          انتظار ڪندي ڪندي رات گذاري ڇڏيائون.

*

          شعر جا ڪجهه مثال:

”ڇڏ جمهوري ڏي جهاٽ، ته هونديءَ رات هت مڙون.“
                                                        (شاهه: کنڀات)

”چندن چکي آئيو، ٻيءَ ول وجهي نه واتُ.“
                                                        (شاهه: کنڀات)

”اٺئي پهر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو.“
                                                  (شاهه: سامونڊي)

”ستيئن پير ڊگها ڪري، وڏي چاڙ ڪياءِ.“
                                                    (شاهه: ڪوهياري)

”رهو رات ڀنڀور ۾، ڪا گهڙي هت گهاريو.“
                                                  (شاهه: ڪوهياري)

”وهين ۽ ويلا ڪرين، پڇين ٿي پانڌي،
هاري هيڪاندي، ڪنهن پر ٿيندينءَ هوت سين.“
                                                     (شاهه: حسيني)

”ڪڍندي ڪاتي وڌائين ڪرٽ ڪپار ۾.“
                                                     (شاهه: سورٺ)

”هيئر اٿيئي هيءُ، صبح سوايو ڏيانءِ.“
                                                       (شاهه: سورٺ)

”بک مرندي بکيا ڪنهن کان ڪين گهرن.“
                                                     (شاهه: رامڪلي)

”نه کِلن نه کِين ڪي، نڪي ڳالهائين.“
                                                   (شاهه: رامڪلي)

”وڳر وساري ويٺينءَ ڪيئن ماٺ ڪري.“
                                                           (شاهه: ڏهر)

”ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ.“
                                                      (شاهه: مارئي)

”نيڻن سان نار ڪري ريجهايائين راءُ.“
                                                      (شاهه: ڪاموڏ)

”پرزو پاڻ پڙهان، ٻڌايان نه ٻين کي.“
                                                      (سچل: ڀيروي)

”هِڪ سٽ پڙهيائين، ٻي سٽ سڏڪن ۾ پيو.“
                                                      (سچل: ڀيروي)

”ڪريان ڪوهه ڀنڀور ۾، ور بنا ويهي،
جيهي جا تيهي، وڃان ڪيچيئڙن ڏي.“
                                                (سچل: ڪوهياري)

”عيب ڏسي عامن جا ڪيائين ڪانه اُپٽ.“
                                                   (سچل: سارنگ)

”راتو ڏيهان ڏپ، ڏين وٺن پاڻ ۾.“
                                                     (سچل: ڪلياڻ)

”رڙيون ڪري رڻن ۾ ٿيون بوندون برسائين.“
                                                     (سچل: پهاڙي)

”سر تن سان روئي، سڪون لاهيندَس لوءِ ۾.“
                                                       (سچل: کنڀات)

”ويٺو آهه وڳوڙ جي، کنڀن کي کوڙي،
  پير پنهنجا ٽوڙي، ڇڪيو ڏئي ٿو چهنب سان.“
                                                  (سچل: مالڪوس)

          ب – ضمير اشارو ضمير غائب جو به ڪم ڏيندو آهي ۽ جيڪڏهن اسم سان گڏ واقع ٿيندو، ته ان جي صفت ٿي ڪم ايندو آهي، مثلاً:

          هيءُ ڪتاب مون هڪ گند جي ڍير مان لڌو هو.

*

          اهي ماڻهو ڳوٺاڻا ٿا ڏسجن.

          مٿين جملن ۾ ’هيءُ‘ ۽ اِهي ضمير اشاري جا لفظ آهن، جي صفت ٿي ڪم آيا آهن.

          تاڪيد طور ضمير اشاري جا ڪي لفظ، جهڙوڪ: اِهو، اِجهو، اُهو ۽ اِوجهو وغيره، استعمال ٿيندا آهن، مثلاً:

          اهو ته منهنجو پراڻو دوست آهي.

*

          مان، جا شيءِ ڳوليان پيو اجها هِت پيئي آهي.

          هتي جيڪو ڇوڪرو بيٺو هو، سو ڪيڏانهن ويو؟ اوجهو، پريان پيو اچي.

          ت – ضمير موصول نحوي لحاظ کان ضمير جواب موصول کان اڳ ايندو آهي، پر خاص توجه خاطر ان جي پويان به ايندو آهي ۽ شعر ۾ ته اها صورت عام هوندي آهي، مثلاً:

          جيڪي چوين ٿو، تنهن تي توکي ٻڌل رهڻو پوندو.

*

          جنهن ايترو ڪجهه ڪيو آهي، سو وڌيڪ به ڪري سگهي ٿو.

*

          جو توکي ڏيڻو آهي، اهوئي ڏي.

          مٿين جملن ۾ ’جيڪي‘، ’جنهن‘ ۽ ’جو‘ ضمير موصول جا لفظ ۽ ’تنهن‘، ’سو‘ ۽ ’اهو ضمير جواب موصول جا لفظ آهن.

          ضمير موصول ۽ جواب موصول جو مٽيل مقام هيٺين مثالن ۾ ظاهر آهي:

          تنهن کي ئي ڏي، جنهن کي تون ڏيڻ گهرين ٿو.

*

          سائي مون کي مِلي، جا منهنجي نظر ۾ هئي.

          شعر مان مثال:

”وهه تني جي ووڙ، جني سانگ نه ساهه جو.“
                                              (شاهه: يمن ڪلياڻ)

”سو نه ڪنهن شيءِ ۾ جيڪي منجهه تراب.“
                                                     (شاهه: سهڻي)

”تن ري سال پيام، جن ري ساعت نه سهان.“
                                                       (شاهه: سهڻي)

”سو تان توئي ساڻ، جنهن لاءِ جفائون ڪرين.“
                                                      (شاهه: سسئي)

”سي اڳ نه ڏٺم ڪڏهين، هي جي ڏٺم هير.“
                                                      (شاهه: سسئي)

سا اوري ڪيئن اٽڪي، جنهن جو جانب جت وٺي ويا.“
                                                    (شاهه: حسيني)

”سي موٽي مس اچن، جي آتڻ آرامي ٿيا.،
                                                  (شاهه: مومل راڻو)

”سو ڪانگ مَ قاصد ڪر، جو سدا ڍونڍي ڍونڍ کي.“
                                                        (شاهه: پورب)

          ضمير موصول ۽ جواب موصول کي وڌيڪ زوردار بڻائڻ لاءِ ٻٽو ڪري استعمال ڪبو آهي، مثلاً: جو جو، سو سو، ڪو ڪو، وغيره.

          استعمال:

          جو جو ايندو ٿو وڃي، سو سو پنهنجو دک درد بيان ڪندو ٿو وڃي.

*

          جيڪي جيڪي اثر وارا آهن، سي سي پنهنجو ڪم ڪڍيو ٿا وڃن.

*

          جنهن جنهن جا نالا اخبار ۾ آيا آهن، تنهن تنهن کان پڇا ڪئي ٿي وڃي.

*

          جهڙو جهڙو واءُ ٿو لڳي، تهڙو تهڙو منهن ڏيڻو ٿو پوي.

”ڪوڪو ويڻ ڪلال جو، پتي تي پيون.“

                          (شاهه: يمن ڪلياڻ)

          ضمير موصول ۽ جواب موصول، ٻيئي گڏيل صورت ۾ به ڪم ايندا آهن، مثلاً: جنهن تنهن، جهڙو تهڙو، جيڪو سو، سو جو، ساڪا، ڪاجا، ڪوجو، ڪي جو وغيره.

          استعمال:

”ساڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهن جي اڀهين.“
                                                 (شاهه: سريراڳ)

”ڪوجو قهر ڪُنَن ۾، ويا ڪين ورن.“
                                                    (شاهه: سهڻي)

”سوڪو ڏيارينم ڏان جو طمع کي ترڪ ڪري.“
                                                  (شاهه: سورٺ)

”ڪِي جو ٻيجل ٻوليو، ڀنيءَ ويهي ڀان.“
                                                   (شاهه: سورٺ)

”ڪنهن جنهن پور پچائيون، اکيون آب نه ڪن.“
                                           (شاهه: مومل راڻو)

”سوڍي ستي لوءِ، ڪا جا مونسين ڳالهه ڪِي،
سا جي پڌر پوءِ، ته سرتيون ڪانه سمهي.“
                                           (شاهه: مومل راڻو)

”ڪِي جو محب لکيو، سو ملا واچڻ نه آيو.“
                                                (سچل: ڀيروي)

          ضمير موصول جي بجاءِ جواب موصول به استعمال ٿيندو آهي، مثلاً:

”سائيءَ تال تندن جي، سائي چارڻ چت.“

                                (شاهه: سورٺ)

          ضمير موصول يا جواب موصول، خاص طرح صفت ٿي ڪم اچڻ جي حالت ۾، هميشه اسم جي اڳيان استعمال ٿيندو آهي، پر اسم سان جيڪڏهن ٻي ڪا صفت لاڳو نه هوندي ته موصول اسم جي پٺيان به اچي سگهي ٿو، مثلاً:

          جو زمانو گذري ويو، سو ڏاڍو چڱو هو.

*

          انسان، جو خطاڪار آهي، سو ضرور خطا ڪندو.

*

          هيءَ شئي، جا مون پٽ تان لڌي آهي، سا ضرور ڪنهن جي ڪِريل ٿي ڏسجي.

”سو سودوئي ڇڏ، جنهن جواهر ناهه ڪيو.“
                                                (شاهه: سريراڳ)

”هي جو ٿيڻو هو، سواکر مٽيندو ڪونه ڪو.“
                                                     (سچل: راڻو)

هو جي وڏا وير وريام، سي سکڻا ويا سنسار مان.“
                                                           (سامي)

          ث – ضمير استفهام جا لفظ گهڻو ڪري اڪيلي سر جملي ۾ استعمال ٿيندا آهن، مثلاً:

رات تو وٽ ڪير آيو هو؟

*

هيءَ ڳالهه توکي ڪنهن ٻڌائي؟

*

          توکي ڇا ٿيو آهي، جو ڪنهن سان نٿو ڳالهائين نه ٻولائين؟

          هونئن ته ضمير جا مختلف لفظ اسم سان گڏ صفت جي صورت ۾ عام استعمال ٿيندا آهن، جيئن اڳ ڏنل مثالن مان ظاهر آهي، پر ضمير استفهام جا لفظ به ڪڏهن ڪڏهن اها صورت اختيار ڪندا آهن، مثلاً:

          تون ڪير شخص آهين؟ شايد ڪو مسافر ٿو ڏسجين.

*

          توکي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ته ڪانهي؟

          البت ضمير استفهام جا ڪي لفظ اهڙا آهن، جي عام صفت طور به ڪم ايندا آهن، مثلاً: ڪهڙو، ڪيهو وغيره.

”ڪاري رات ڪُنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪم.“
                                                      (شاهه: سهڻي)

”ڪيهي ڪمي ڪانگڙو، ٿو ويڙهي منجهه وتي.“
                                                 (سچل: مالڪوس)

ضمير استفهام سڌي طرح سوال پڇڻ کانسواءِ بياني جملن ۾ به ڪم آڻي سگهبو آهي، مثلاً:

خبر نه پئجي سگهي ته پٺيان ڪنهن پٿر اُڇلايو.

*

گهر ۾ نشان ته موجود آهن، الاجي ڪير اندر آيو آهي.

*

ڇا ٿيندو، ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com