سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:لطيفي معلومات

باب: --

صفحو :16

 

 

شاھھ سان وابسطھ عرسن، ڏھاڙن،

جشنن ۽ ڪانفرنسن بابت ڄاڻ

سوال:  ٻھ مارچ 1941ع ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ پاران شاھھ سائين جي ورسي ڪٿي ملھائي وئي؟

جواب:  خالق ڏني حال ڪراچي ۾.

سوال:  شاھھ لطيف جي عرس ھر سال ملھائڻ جي روايت ڪنھن قائم ڪئي؟

جواب:  سيد ميران محمد شاھھ.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس جي موقعي تي عبدالستار پيرزادي پھريون ڀيرو سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو؟

جواب:  201 عرس جي موقعي تي.

سوال:  1953ع عبدالستار پيرزادي شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جي سالانھ عرس جي موقعي تي سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾، جيڪا افتتاحي تقرير ڪئي ھئي، ان جو عنوان ڪھڙو ھو؟

جواب:  شاھھ جي حب الوطني.

سوال:  شاھھ سائين جي 207 عرس مبارڪ جو افتتاح ڪنھن ڪيو؟

جواب:  صدر محمد ايوب خان.

سوال:  شاھھ سائين جي 203 عرس مبارڪ جو مھمان خاص ڪير ھو؟

جواب:  محمد ايوب کھڙو.

سوال:  شاھھ سائين جي 219 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي صدارتي تقرير ڪنھن ڪئي؟

جواب:  جيون ماٿر.

سوال:  شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي اردو تقرير، سنڌي ترجمي سان ”تعيمر ۽ ترقي شاھھ لطيف جي وطن ۾“ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪئي وئي؟

جواب:  208 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي.

سوال:  شاھھ سائين جي 209 عرس مبارڪ تي نظم ”پيارا لطيف“ ڪھڙي شاعر پڙھيو؟

جواب:  محمد اسماعيل عرساڻي.

سوال:  شاھھ سائين جي 210 عرس مبارڪ تي، ادبي ڪانفرنس جو افتتاح ڪنھن ڪيو؟

جواب:  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

سوال:  اردو ۾ ترتيب ڏنل ڪتاب ”فڪر لطيف“ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ٿيو؟

جواب:  ٻھ سئو ستيتاليھھ عرس مبارڪ جي موقعي تي.

سوال:  ڪھڙي سال، لطيف سائين جو عرس مبارڪ 14 آگسٽ کان شروع ٿيو ھو؟

جواب:  سال 1992ع ۾.

سوال:  1993ع ۾ لطيف سرڪار جو ڪھڙو عرس مبارڪ ملھايو ويو؟

جواب:  249 ھون عرس مبارڪ.

سوال:  249 ھون عرس مبارڪ ڀٽ شاھھ تي ڪھڙي انگريزي تاريخ تي ملھايو ويو؟

جواب:  چوڏھن آگسٽ تي.

سوال:  نظريھ پاڪستان فائونڊيشن طرفان لاھور ۾، شاھھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرس ۽ ميلي جو پروگرام ڪھڙي انگريزي تاريخ ۽ سال تي ملھايو ويو؟

جواب:  پھرين جون 2001ع جمعي جي ڏينھن.

سوال:  257 ھين عرس شاھھ صاحب جو لاھور ۾ ٿيو، اھو ڪھڙي اسلامي تاريخ ۽ سال تي ملھايو ويو؟

جواب:  اٺ ربيع الاول ١٤٢٢ ھھ تي.

سوال:  شاھھ سائين جي پھرين جون 2001ع تي ملھايل ميلي جي لاھور ۾ ڪمپيئرنگ ڪنھن ڪئي؟

جواب:  ڪنول ۽ عائشھ زاھد.

سوال:  257 ھين سالياني عرس جي موقعي تي شاھھ جو ميلو جيڪو لاھور ۾ منعقد ٿيو، ان ميلي جو مھمان خاص ڪير ھو؟

جواب:  اڳوڻو چيف جسٽس سيد نسيم حسن شاھھ.

سوال:  23 مئي 2003ع تي سگا طرفان جشن لطيف سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ملھايو ويو؟

جواب:  مورو شھر ۾.

سوال:  2005ع ۾ ٿيل عرس جي موقعي تي، سيد نثار علي شاھھ کي، شاھھ صاحب جو لباس ڪھڙي ڏينھن تي پارايو ويو؟

جواب:  آچر جي ڏينھن صبح جو ساڍي ڏھين وڳي.

سوال:  شاھھ سائين جي ٻھ سئو پنجاھين ورسي جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڪھڙو ڪتاب شايع ڪيو؟

جواب:  ڪتاب ”لغات لطيفي“.

سوال:  جشن لطيف سنڌ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ فورم ڪراچي طرفان، سال 2003ع ۾ ڪھڙي تاريخ تي ملھايو ويو؟

جواب:  26 جولائي ڇنڇر تي.

سوال:  سگا طرفان 19 کان 20 ڊسمبر 2004ع تي ڪوٺايل ”شاھھ، سچل، سامي بين الاقوامي ڪانفرنس“ ۾ ڀارت جا ڪيترا  اديب شريڪ ٿيا؟

جواب:  ٽيھھ کن اديب.

سوال:  19 ڊسمبر 2004ع تي ڪوٺايل ”شاھھ، سچ، سامي ڪانفرنس“ جو افتتاح ڪنھن ڪيو؟

جواب:  ميان محمد سومري.

سوال:  لطيف فائونڊيشن جو اجلاس 2005ع سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿيو؟

جواب:  جھول شھر ۾.

سوال:  لطيف فائونڊيشن جي اجلاس جي صدارت ڪنھن ڪئي؟

جواب:  سيد نثار حسين شاھھ.

سوال:  لطيف فائونڊيشن لاءِ مريدن ڪيترو نذارنو ڏنو؟

جواب:  ساڍا ٽي لک روپيا.

سوال:  2005ع تي ڀٽ شاھھ ۾ ٿيندڙ عرس مبارڪ جو افتتاح ڪھڙن ٻن وزيرن ڪيو؟

جواب:  شبير قائمخاني ۽ منظور پنھور.

سوال:  شاھھ سائين جي 261 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي اوقاف کاتي زائرين ۾ ڪيتريون چادرون ورھايون ھيون؟

جواب:  پنج ھزار کان وڌيڪ.

سوال:  يوم لطيف ھر سال علمي، ادبي ۽ ثقافتي تقريبن جو رواج ڪنھن وڌو؟

جواب:  ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ شيخ عبدالرزاق ”راز“.

سوال:  سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ 1963ع جي ”يوم لطيف“ جي تقريب جي صدارت ڪنھن ڪئي؟

جواب:  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ.

سوال:  انڊيا ۾ سائين غلام شبير شاھھ جي دور ۾ لطيف ڊي ملھايو ويو، ان پروگرام جي صدارت ڪنھن ڪئي؟

جواب:  سائين نثار حسين شاھھ صاحب.

سوال:  انڊيا ۾ ملھايل لطيف ڊي پروگرام ۾ لطيف ايوارڊ شاھھ سائين جي ڪھڙي گادي نشين کي مليو؟

جواب:  سيد نثار حسين شاھھ کي.

سوال:  ھندستان ۾ لطيف ڊي پروگرام ۾ سيد نثار حسين شاھھ کي لطيف ايوارڊ ڪنھن ڏنو؟

جواب:  ھندساني وزيراعظم اندرا گانڌي.

سوال:  لطيف اڪيڊمي ڪراچي پاران 1989ع ۾ گولڊ ميڊل ڪنھن کي ڏنو ويو؟

جواب:  قاضي خضر حيات کي.

سوال:  سنڌي ادبي بورڊ طرفان سڏايل لطيف بابت يادگار ڪچھري ڪنھن ڪرائي؟

جواب:  ولي محمد رونجھي، سال 1963ع سٽي ڪاليج حيدرآباد.

سوال:  شاھھ سائين جو 253 ھون عرس مبارڪ، 1997ع جي ڪھڙي مھيني، تاريخ ۽ ڏينھن کان شروع ٿيو؟

جواب:  جمعي جي ڏينھن ويھھ جون کان شروع ٿيو.

سوال:  شاھھ ڪلچرل ڪاميٽيءَ شاھھ سائين جي ٽي سئو سالھ جشن ولادت جي موقعي تي ڪھڙو رسالو شايع ڪيو؟

جواب:  ”شاھھ جو رسالو“ آڳاٽو قلمي نسخو، ڪاتب فقير ابوبڪر.

سوال:  ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ شاھھ سائين جي ڪھڙي عرس مبارڪ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟

جواب:  ٻھ سئو  اٺونجاھين عرس جي موقعي تي.

سوال:  شاھھ لطيف عالمي ڪانفرنس 1986ع ۾ تنظيم فڪر و نظر پاران ڪھڙي شھر ۾ ڪرائي وئي؟

جواب:  سکر شھر ۾.

سوال:  چوٿين ڪل پاڪستان شاھھ عبداللطيف ڪانفرنس ڪھڙي تاريخ ۽ سال تي ملھائي وئي؟

جواب:  15-14 آڪٽوبر 1988ع تي.

سوال:  شاھنامو رسالو شاھھ سائينءَ جي ڪھڙيءَ ورسيءَ جي موقعي تي شايع ڪيو ويو؟

جواب:  ٻھ سئو اٺاويھھ ورسيءَ جي موقعي تي.

سوال:  پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان ڪوٺايل لطيف ڪانفرنس 1983ع جي افتتاحي تقرير ڪنھن ڪئي؟

جواب:  جناب مظھر الحق صديقي 29 نومبر 1983ع تي.

سوال:  شاھھ لطيف عالمي ڪانفرنس 1986ع ۾ ڪھڙي ملڪ جي اديبن جو قائد ھن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو ھو؟

جواب:  چين ملڪ جو.

سوال:  شاھھ لطيف جي دروازي وٽ ثقافتي ڪانفرنس پھريون ڀيرو ڪڏھن ٿي؟

جواب:  1929ع ۾.

سوال:  شيخ اياز، شاھھ عبداللطيف اجلاس ۾ اسلام آباد اندر صدارتي خطبو ڪھڙي تاريخ تي پڙھيو ھو؟

جواب:  ٽيھھ مئي 1979ع ۾

سوال:  1979ع ۾ ڪل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ عبداللطيف اجلاس، ڪھڙي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو ھو؟

جواب:  قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾.

سوال:  ڪل پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ عبداللطيف اجلاس، اسلام آباد ۾ صدارتي تقرير ڪھڙن شخصن ڪئي؟

جواب:  شيخ اياز ۽ اي ڪي بروھي.

سوال:  فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ عبداللطيف اجلاس، ڪھڙري ھجري سال ۾ ٿيو؟

جواب:  ٽي چار رجب ١٣٩٩ھھ ۾.

سوال:  لطيف ڪانگريس ۾ آڪٽوبر 1978ع ۾ مضمون ”رحمان بابا ۽ لطيف محبت جا شاعر“ ڪنھن پڙھيو؟

جواب:  تاج جويو.

سوال:  بلوچستان يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ڪھڙي سال شاھھ لطيف جو ڏينھن ملھايو ويو؟

جواب:  اوڻيھھ جولاءِ 1990ع تي.

سوال:  مارچ 1941ع ۾ لطيف ڪانفرنس سنڌ جي ڪھڙي شھر ۾ ٿي؟

جواب:  ڪراچي شھر ۾.

سوال:  1993ع ۾ اسلام آباد ۾ ”ڀٽائي قومي ڪانفرنس“ ڪھڙي تاريخ تي شروع ٿي؟

جواب:  28 آڪٽوبر آچر جي ڏينھن.

سوال:  ابراھيم حيدريءَ ڪراچيءَ ۾ جشن لطيف 1985ع ۾ ڪھڙي تاريخ تي ملھايو ويو؟

جواب:  25 جولاءِ تي.

سوال:  ڪراچي يونيورسٽي جي شاھھ لطيف چيئر جي پھرين ڊائريڪٽر جو نالو ٻڌايو؟

جواب:  ڊاڪٽر اياز علي قادري.

سوال:  ڊاڪٽر درشھوار سيد کانپوءِ ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر ڪنھن کي مقرر ڪيو ويو؟

جواب:  پروفيسر فتح محمد برفت کي (عارضي)

سوال:  شاھھ عبداللطيف چيئر جي لائبريريءَ جو ڪيٽلاگ ڪھڙي سال ٺاھيو ويو؟

جواب:  1992ع ۾.

سوال:  پروفيسر محمد سليم ميمڻ کان پوءِ ڀٽائي چيئر جو ڊائريڪٽر ڪير ٿيو؟

جواب:  ڊاڪٽر فھميده حسين، ٽي فيبروري 1998ع ۾.

سوال:  پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگرس، شاھھ عبداللطيف اجلاس، اسلام آباد ۾ ڪھڙي تاريخ ۽ عيسوي سال تي ڪوٺايو ويو؟

جواب:  تاريخ ايڪٽيھھ مئي 1979ع تي.

سوال:  ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، ايڪٽيھھ مئي 1979ع تي فلاسافيڪل ڪانگريس شاھھ لطيف اجلاس، اسلام آباد ۾ لطيف سائين متعلق ڪھڙي عنوان سان تقرير ڪئي؟

جواب:  لطيف جو عظيم پيغام.

سوال:  ڀٽ شاھھ ريسٽ ھائوس ڪڏھن ٺھيو؟

جواب:  1955-56ع ۾.

سوال:  شاھھ جي باغ جو افتتاح ڪڏھن ٿيو؟

جواب:  29 آڪٽوبر 1985ع ۾.

سوال:  ڀٽ شاھھ ڪامپليڪس جو  سنگ بنياد ڪنھن ۽ ڪڏھن رکيو؟

جواب:  جناب ذوالفقار علي ڀٽو جنوري 1974ع ۾.

 

شاھھ لطيف ايوارڊ

سوال:  بينظير ڀٽو صاحبھ کي ڪنھن پنھنجن ھٿن سان لطيف ايوارڊ ڏنو؟

جواب:  سائين غلام شبير شاھھ.

سوال:  مخدوم طالب الموليٰ کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟

جواب:  1961ع ۾.

سوال:  ڪھڙيءَ اڪيڊميءَ 1989ع ۾ شاھھ جي اسڪالر محترمھ درشھوار سيد کي لطيف گولڊ ميڊل ڏنو؟

جواب:  لطيف اڪيڊمي.

سوال:  مٺان خان زرداري کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن ڏنو ويو؟

جواب:  1989ع ۾.

سوال:  شاھھ لطيف ايوارڊ استاد محمن جمن کي ڪڏھن مليو؟

جواب:  1980ع ۾ (پھريون ڀيرو)

سوال:  محمد جمن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ گھڻا لطيف ايوارڊ مليا؟

جواب:  ٻھ لطيف ايوارڊ.

سوال:  سڀ کان پھريون شاھھ لطيف ايوارڊ سنڌ جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟

جواب:  محمد يوسف کي.

سوال:  محمد يوسف کي پھريون ڀيرو شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟

جواب:  ايڪٽيھھ مارچ 1980ع تي.

سوال:  لطيف ڪانفرنس سکر جي موقعي تي 1985ع ۾ لاڙ جي ڪھڙي اديب کي ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  محمد سومار شيخ کي.

سوال:  1980ع ۾ شاھھ جي ٻن ڪردارن سان منسوب ”سھڻي ميھار“ ايوارڊ ٿر جي ڪھڙي فنڪار کي ڏنو ويو؟

جواب:  موھن ڀڳت کي.

سوال:  زرينھ بلوچ کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪڏھن مليو؟

جواب:  1987ع ۾.

سوال:  لائق لطيف ايوارڊ ڪنھن کي ڏنو ويو؟

جواب:  عابده پروين کي.

سوال:  حميد ھارون کي لطيف ايوارڊ پھريون ڀيرو ڪڏھن مليو؟

جواب:  1993ع ۾.

سوال:  1993ع ۾ ڪھڙي بينن جي بادشاھھ کي لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  الله بچايو کوسو.

سوال:  ماھتاب محبوب کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڪنھن جي ھٿان ۽ ڪڏھن مليو؟

جواب:  ان دور جي پاڪستان جي صدر فاروق احمد لغاري جي ھٿان 1994ع ۾.

سوال:  ماسٽر محمد ابراھيم جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ، سندس پونئرن کي شاھھ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  27 سال پوءِ.

سوال:  1981ع ۾ ڪھڙي ڪھاڻيڪار، صحافي، اديب، محقق ۽ تعليمي ماھر کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو؟

جواب:  حميد سنڌيءَ کي.

سوال:  قاضي خضر حيات کي لطيف اڪيڊميءَ پاران گولـڊ ميڊل ڪڏھن مليو؟

جواب:  1989ع ۾.

سوال:  راشد مورائيءَ کي لطيف ايوارڊ ڪھڙي اداري پاران مليو؟

جواب:  پوليٽڪنڪ انسٽيٽيوٽ سکر پاران.

سوال:  روھڙيءَ جي ڪھڙي مشھور ڪھاڻيڪار، ناول نگار کي ايڪيھھ مئي 2000ع تي لطيف ايوارڊ مليو؟

جواب:  امر جليل کي.

سوال:  1993ع ۽ 1995ع ۾ ڪھڙي فنڪار کي لطيف ايوارڊ مليو؟

جواب:  فنڪار انور حسين وسطڙي کي.

سوال:  پبلڪ اسڪول سکر پاران شاھھ جي محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي ڪھڙو ايوارڊ ڏنو ويو؟

جواب:  شاھھ لطيف ايوارڊ.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com