سيڪشن؛ علميات

ڪتاب: اِحياءُ علوم الدين

باب: --

صفحو :2

بيان چوٿون

انسان جي قلب جي خاصيت جو ذڪر

واضح رھي تھ جيڪي شيون اسان عضون ۽ حواسن بابت بيان ڪيون آھن. اھي الله تعاليٰ سڀني حيوانن کي بھ ڏنيون آھن جھڙوڪ شھوت ۽ غضب ۽ ظاھري ۽ باطني حواس حيوانن کي بھ مليل آھن. ڏسو ٻڪري جڏھن بگھڙ کي اکين سان ڏسي ٿي تھ ان جي دشمني پنھنجي دل ۾ معلوم ڪري فورا وٺي ٿي پڄي. انھيءَ منجھان معلوم ٿيو تھ حيوان ۾ بھ باطني ادراڪ يعني اندروني پروڙ موجود آھي. ھاڻي اسان اھا ڳالھھ بيان ڪريون ٿا جيڪا خاص انساني قلب ۾ ملي ٿي ۽ جنھن جي ڪري ھن کي شرف ۽ الله تعاليٰ جي قرب جي لياقت حاصل آھي ۽ اھي ٻھ ڳالھيون آھن، ھڪ علم ٻيو ارادو.

در حقيقت علم جو واسطو ديني ۽ دنيوي ڳالھين ۽ عقلي حقيقتن سان آھي. اھي ڳالھيون نھ محسوسات جي حد ۾ داخل آھن ۽ نھ حيوانات کي انھن ۾ انسان سان ڪا شرڪت آھي. بلڪھ جيڪي ظاھر ظھور ڪليھ قاعدن جا علم ۽ تجربا آھن. انھن جو بھ خاص انساني عقل سان واسطو رھي ٿو. مثال طور انسان ھي قاعدو يا حڪم دنيا جي ھر ھڪ شخص سان لاڳو ٿئي ٿو. ھقيقت ۾ ھن ھڪڙي انسان تھ دنيا جا ڪي تمام ٿورا ماڻھو ڏٺا آھن مگر اھو قاعدو سڀني سان لاڳو ڪرڻ ھن جي حسن جي پروڙ کان ٻاھر اچي تنھن ڪري اھو ھڪ انسان جي علم جو خاص دائرو آھي. اھو ئي ساڳيو حال آھي دنيا جي سڀني نظريات يا اصولن يا تجربن جو اھي سڀ حيواني حسن کان ٻاھر آھن ۽ فقط انساني علم ۾ داخل آھن.

ارادي جو مفھوم وري ھن طور آھي تھ جڏھن انسان ڪنھن ڪم جي نتيجي کي سوچي ٿو ۽ ھن کي ان ۾ بھتري معلوم ٿئي ٿي تھ ھن جي طبيعت ۾ انھيءَ بھتريءَ کي ۽ ان بھتري سان گڏ جيڪي لاڳو ڳالھيون آھن انھن جي حاصل ڪرڻ جو ھڪ شوق پيدا ٿئي ٿو. انھيءَ شوق کي ارادو سڏيو وڃي ٿو. ھي ارادو اھو ناھي جيڪو ارادو شھوت جو يا حيوانن جو ھوندو آھي. بلڪھ ھي ارادو شھوت جي ارادي جو ضد آھي. مثلا شھوت سير ڇوڙائڻ يا لڪي ڏيارڻ کان نفرت ٿي ڪري مگر عقل ھن جو ارادو ٿو ڪري ۽ انھيءَ تي مال خرچ ڪرڻ لاءِ بھ تيار رھي ٿو يا ٻيو مثال تھ بيماريءَ جي حالت ۾ شھوت جو لاڙو لذيذ کاڌن ڏانھن ٿئي ٿو مگر عاقل ماڻھو پنھنجي نفس ۾ انھيءَ لاءِ يعني انھن لذيذ کاڌن لاءِ ھڪ منع يا روڪ يا جھل محسوس ڪري ٿو ۽ ھيءَ روڪ يا جھل شھوت جي طرف کان ناھي. ھاڻي جيڪڏھن خدا تعاليٰ عقل کي تھ پيدا ڪري ھا جنھن سان ڪنھن بھ ڪم جي نتيجي جي سوچ ڪئي وڃي ھا ۽ ھن ارادي کي پيدا نھ فرمائي ھا جنھن سببان عضون جي حرڪت عقل جي حڪم موجب ٿئي ھا تھ عقل جو حڪم محض بي فائدو رھجي وڃي ھا. مطلب تھ انسان جي قلب يا دل ۾ اھو علم ۽ اھو ارادو آھي جيڪو ٻين حيوانات ۾ ناھي. بلڪ انسان جي ننڍن ٻارن ۾ بھ نھ ھوندو آھي ڇاڪاڻ تھ اھو ارادو انھن ۾ بلوغت کان پوءِ پيدا ٿئي ٿو. باقي شھوت ۽ غضب ۽ ظاھري ۽ باطني حواس انھن ۾ سڀ موجود ھوندا آھن. ھاڻ، انھن علمن جي حاصل ٿيڻ جا ٻارن ۾ ٻھ درجا  آھن، ھڪ ھي تھ ھن جي دل ۾ ڳالھين جو بديھي يعني ظاھر ظھور نتيجن وارو علم اچي وڃي. مثلا جن شين جو وجود ظاھر ۾ نٿو ٿي سگھي انھن کي محال سمجھڻ يا ظاھري ممڪن شين کي جائز سمجھڻ، تھ انھيءَ صورت ۾ ھن کي نظري علم تھ حاصل نھ ٿيندا مگر انھن جي حاصل ٿيڻ جي ويجھو ٿي وڃي ٿو. ھن جو حال نظري علمن ۾ اھڙو ٿيندو جھڙو ڪوئي ڪاتب جيڪو ڪتابت جي مرڪبات کان تھ ناواقف آھي مگر اکرن جي مفردات ۽ مس قلم کي ڄاڻي ٿو. اھڙي قسم جو ڪاتب، ڪتابت جي درجي کي تھ ڪو نھ ٿو پھچي مگر ان جي ويجھو ضرور ٿو وڃي پوي.

ٻيو درجو ھي آھي تھ علم ھن کي ڪسب يعني ڪم ڪرڻ ۽ تجربي ۽ فڪر سان حاصل ٿين ۽ انھن جي مخزن ھن وٽ موجود رھي. جڏھن چاھي ان جي طرف رجوع ڪري تھ اھڙي شخص جو حال ھڪ جاذق ڪاتب جھڙو آھي جو بالفعل لکندو نھ ھجي مگر ان کي ڪاتب ضرور سڏيو ويندو ڇاڪاڻ تھ ڪتابت تي ھو ھر وقت قدرت رکي ٿو. ھي مرتبو علمن جو انسانيت جي درجن ۾ ھڪ اعليٰ درجو آھي. مگر ھن درجي ۾ اڻ کٽ مرتبا يا ڏاڪا آھن ڇاڪاڻ تھ ھن ۾ ماڻھو معلومات جي گھڻائي يا ٿورائيءَ سببان يا معلومات جي شرافت ۽ خسٽ جي ڪري ھڪٻئي کان جدا جدا ٿين ٿا. ان کان سواءِ انھيءَ علم جي حاصل ڪرڻ جي طريقن ۾ بھ گھڻو تفاوت ٿئي ٿو. ڪن قلبن کي تھ پھرين ئي دفعي ۾ مڪاشفي جي صورت ۾ الھام الاھي سان علم حاصل ٿي وڃي ٿو ۽ ڪن کي ڪسب ڪرڻ ۽ تعليم پرائڻ جي نوبت اچي وڃي ٿي. وري ڪي زود فھم يعني جلد سمجھي وڃڻ وارا تھ ڪي وري سمجھڻ جا سست يا جذا ٿيندا آھن. ھن مقام ۾ نبين، عالمن ۽ حڪيمن جا درجا مختلف آھن ۽ ترقيءَ جي درجن جي تھ ڪا انتھا ئي ڪانھي ڇاڪاڻ تھ الله تعاليٰ جي معلومات جي نھ ڪا حد ئي ڪانھي سڀ کان وڌيڪ اعليٰ رتبو انھي نبيءَ جو ھوندو آھي جنھن تي سڀ حقيقتون بنا ڪسب يا ڪشالي ڪڍڻ جي مڪاشفي سان تمام جلد کلي پون ۽ انھيءَ سعادت سان بندي جو خداوند ڪريم سان قرب معنوي ۽ حقيقي ۽ وصفي ٿيندو آھي مگر قرب مڪاني يا مفاصلي جي ويجھڙائي وارو نھ ٿيندو آھي ۽ ھنن درجن ۾ ترقي ڪرڻ کي سالڪن جون منزلون ڪري سڏيندا آھن ۽ انھن منزلن جي ڪا بھ حد ڪا نھ آھي ھر سالڪ کي جنھن منزل تائين ھو پھچندو آھي، انھيءَ منزل جو ۽ ھن کان ھيٺين منزلن جو سمورو حال معلوم ھوندو آھي باقي جيڪي منزلون ھن کان اڳتي آھن انھن کي علم جي لھاظ ان نھ ٿو ڄاڻي مگر غيب تي ايمان آڻڻ جي اعتبار سان انھن جي تصديق ڪندو رھي ٿو. جھڙيءَ طرح نبوت ۽ نبيءَ تي ايمان رکون ٿا ۽ انھن جي وجود جي تصديق ڪريون ٿا مگر نبوت جي حقيقت کي سواءِ نبيءَ جي ٻيو ڪو بھ ڪو نھ ٿو ڄاڻي. يا جھڙيءَ طرح پيٽ واري ٻار کي کير پياڪ جو حال معلوم نھ ٿو رھي ۽ کير پياڪ ٻار کي سمجھدار ۽ تميز واري ٻار جي حال جو پتو نٿو پوي تھ ھن کي ڪھڙيون ڪھڙيون ظاھري اصولن واريون ڳالھيون معلوم ٿي چڪيون آھن ۽ تميز واري ٻار کي وري عقل واري ڇوڪري يا ماڻھو جي خبر نھ ٿي پوي تھ ھن جو حال ڪھڙو آھي ۽ ظاھر نظري عملن منجھان ھن ڇا سکيو آھي. ساڳيءَ طرح وري ھڪ عاقل ۽ بالغ انسان کي اھا پروڙ پوڻ مشڪل آھي تھ الله تعاليٰ نبين ۽ اوليائن تي ڪھڙا ڪھڙا لطف ۽ ڪھڙيون ڪھڙيون رحمتون عنايت فرمايون آھن. ”ما يفتحِ الله للناس من رحمته فلا ممسک لھا“ (الله ماڻھن لاءِ جيڪي پنھنجيءَ ٻاجھھ منجھان کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو ناھي).

ياد رکڻ گھرجي تھ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ھن جي رحمت عام آھي. ڪنھن جي واسطي بھ ھن وٽ بخل يا ڪنجوسائي ڪا نھ آھي. مگر ظھور انھي رحمت جو انھن دلين ۾ ٿيندو آھي جيڪي ھن جي رحمت جي خوشبودار ھيرن جي جي لاءِ ھر وقت تاڙ ۽ انتظار ۾ ھونديون آھن. جھڙيءَ طرح آنحضرت ﷺ جن فرمايو آھي تھ ”تحقيق خدا تعاليٰ جي رحمت جون ڪيتريون ئي ھيرون گھلنديون رھن ٿيون اوھان جي حياتي جي ڏينھن ۾ - پوءِ اوھان کي گھرجي تھ (ھميشه) انھن جي تاڙ ۾ رھو. ”۽ انھن جي تاڙ ۾ رھڻ ھن طرح آھي تھ اسان دل کي پاڪ رکون ۽ خبت ۽ ڪدورت جيڪا پڇڙن اخلاقن منجھان پيدا ٿئي ٿي ان کان پاسو ڪريون. جھڙيءَ طرح عنقريب انھيءَ جو بيان اچڻ وارو آھي. خدا تعاليٰ جي جود ۽ سخا جيڪا ھتي بيان ڪئي وئي آھي تنھن جو اشارو ھن حديث شريف ۾ آھي تھ ”الله ھر رات جو دنيا جي آسمان تي تشريف فرما ٿئي ٿو ۽ فرمائي ٿو تھ ڪير آھي دعا گھرندڙ تھ مان ان جي دعا قبول ڪريان.“ انھيءَ کانسواءِ ھديث قدسي ۾ آيو آھي تھ ”البتھ ابرارن يعني نيڪو ڪارن جو شوق منھنجي ملاقات لاءِ وڌي ويو آھي ۽ (حقيقت وري اھا آھي تھ) مان انھن جي ملاقات لاءِ وڌيڪ شائق آھيان.“ ٻي حديث قدسي ۾ آھي تھ ”جيڪو منھنجي طرف گراٺ ٿو وڌي تھ مان ان جي طرف ھڪ ھٿ ٿو وڌان.“

مٿي ذڪر ڪيل حديثن منجھان معلوم ٿئي ٿو تھ ھي جو الله تعاليٰ جي قدرت جي علمن جا انوار دلين کان پوشيده ٿا رھن انھيءَ ۾ منعم حقيقي (يعني نعمتون عطا ڪرڻ واري حقيقي ڌڻي سڳوري) جي طرفانڪو بھ بخل يا ڪا بھ ڪنجوسائي يا روڪ ڪانھي بلڪ خبت ۽ ڪدورت جيڪي دلين ۾ موجود ٿا رھن. اھي ئي معرفت الاھي جي انوارن جي حجاب جو سبب بڻجن ٿا. ڇاڪاڻ تھ دلين جو مثال ھڪ برتن جھڙو آھي. جيستائين برتن ۾ پاڻي ڀريو پيو ھوندو ھن ۾ ھوا يا ڪا ٻي شيءِ ھرگز نٿي وڃي سگھي. ساڳيءَ طرح جيستائين دل غير الله سان مشغول ھوندي تيستائين ان ۾ معرفت الاھي داخل ٿي نھ سگھندي ۽ انھيءَ ڳالھھ ڏانھن اشارو آھي ھن حديث شريف جو تھ ”جيڪڏھن شيطان بني آدم جي دلين جي چوڌاري نھ ڦرندا رھن ھا تھ ماڻھن کي آسمان جا فرشتا ۽ اسرار (ڳجھھ) نظر اچن ھا.“

ھنن سڀني بيانن جو خلاصو ھي نڪتو تھ انسان جي خاصيت آھي ”علم ۽ حڪم“ ۽ سڀني علمن کان وڌيڪ شرف وارو علم. الله جل جلاله ۽ ھن جي صفتن ۽ افعالن جو علم آھي ۽ انسان جو ڪمال بھ انھيءَ علم جي حاصل ڪرڻ ۾ رکيل آھي. جڏھن اھو ڪمال حاصل ٿي وڃي ٿو تھ انسان انھيءَ ڪمال جي سبب ۽ برڪت مان حضرت رب العزت جي حضوريءَ جي سعادت ۽ لياقت حاصل ڪري سگھي ٿو.

مطلب تھ بدن نفس جي سواري آھي ۽ نفس علم جي رھڻ جي جاءِ آھي ۽ علم انسان جو مقصد ۽ خاصيت آھي جنھن جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آھي. جھڙيءَ طرح گھوڙو بار کڻڻ ۾ گڏھھ جو شريڪ آھي ۽ خوبصورتي ۽ ڊڪ ڊوڙ ۾ ھن کان نرالو آھي تھ گويا گھوڙي جي خاصيت اھا ئي آھي ۽ انھيءَ لاءِ ئي پيدا ڪيو ويو آھي پوءِ جيڪڏھن ھو انھيءَ ڪم (يعني ڊڪ ڊوڙ) کان لاچار ٿيندو تھ گڏھھ جي درجي کي پھچي ويندو. اھڙيءَ طرح انسان بھ گھڻين ئي ڳالھين ۾ گھوڙي ۽ گڏھھ سان شريڪ آھي مگر جيڪا انساني خاصيت آھي انھيءَ سبب ھو انھن ٻنھي کان نرالو آھي ۽ اھا خاصيت مقرب ملائڪن جي صفتن منجھان ھڪ صفت آھي. ھن منجھان معلوم ٿيو تھ انسان جو رتبو ڍورن ۽ ملائڪن جي وچ ۾ آھي.

ڄاڻڻ گھرجي تھ انسان غذا کائڻ ۽ اڀرڻ ۽ اسرڻ جي لحاظ کان تھ گاھھ جي مثال آھي. اختياري حس ۽ حرڪت (چرپر) جي اعتبار کان حيوان آھي ۽ قدوقامت جي لحاظ کان ديوار جي نقش جي برابر آھي. مگر ”خاصيت“ ھن جي آھي شين جي حقيقتن جي معرفت حاصل ڪرڻ، پوءِ جنھن شخص پنھنجي سڀني عضون ۽ طاقتن کان اھڙيءَ طرح ڪم ورتو جو ھن کي علم ۽ عمل ۾ مدد ملي تھ اھڙو شخص فرشتن سان مشابھت رکي ٿو ۽ انھن سان ملي وڃڻ جو حقدار بڻجي پوي ٿو. تان جو ھن کي ھڪ ملائڪ رباني سڏيو وڃي تھ اھو بھ بجا آھي. جھڙيءَ طرح الله تعاليٰ حضرت يوسف عليه السلام کي ڏسڻ وارين عورتن جو قول نقل فرمائي ٿو تھ ”ما ھٰذا بَشرا اِن ھٰذا اِلا ملکءٌ ڪريمءٌ.“ (ھي نينگر ماڻھو ناھي بلڪھ ھڪ ملائڪ سڳورو آھي).

انھيءَ جي ابتڙ جنھن شخص پنھنجي ھمت ۽ قوت بدني لذتن ۾ صرف ڪئي ۽ چوپاين جانورن وانگر ھلڻ ۽ کائڻ لڳو تھ اھو ڍورن جي درجي ۾ داخل ٿي يا تھ ناتجربيڪار ٿلھو متارو وھڙو ٿي پوندو يا سوئر جھڙو حريص يا ڪتي ۽ ٻليءَ جھڙو گونرندڙ يا اٺ جھڙو ڪينھ پرور يا چيتي جھڙو متڪبر يا لومڙيءَ جھڙو مڪار بڻجي پوندو ۽ جيڪڏھن انھن سني جو جامع يا ميڙ ٿي پوي تھ پورو شيطان رحيم ٿي پوندو.

ڄاڻڻ گھرجي تھ انسان ۾ ڪو بھ عضوو يا حواس اھڙو نھ آھي جو ان ان الله تعاليٰ جي وصل حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي نھ سگھي. جھڙيءَ طرح باب الشڪر ۾ ٿورو بيان ايندو. پوءِ جيڪو پنھنجن عضون کي انھيءَ ڪم ۾ لڳائيندو اھو فلاح يا ڇوٽڪاري کي پھچندو ۽ جيڪو ان کان عدول ڪندو اھو نقصان ۾ رھندو. انسان يج ڪامل سعادت انھيءَ ۾ آھي تھ ديدار الاھي کي ھو پنھنجو مقصد بڻائي ۽ آخرت کي پنھنجي ھميشه رھڻ واري جاءِ ڄاڻي. دنيا کي ھڪ منزل ۽ بدن کي سواري ۽ عضون کي خادم تصور ڪري ۽ پنھنجي پروڙڻ واري قوت کي بادشاھھ مقرر ڪري، جنھن جو دارالسلطنت يا گاديءَ جو ھنڌ قلب آھي. خيالي قوت جيڪا دماغ ۾ اڳئين حصي ۾ آھي ان کي بادشاھھ جو قاصد بڻائي ڇاڪاڻ تھ محسوسات جون خبرون ان وٽ گڏ ٿين ٿيون ۽ حافظي جي قوت جنھن جي جاءِ دماغ جي پوئين حصي ۾ آھي اھو زانچي ٺاھي ۽ زبان ھن جي ترجمان ۽ چرندڙ عضوا ھن جا محرر يا منشي ۽ پنج حواس ھن جا جاسوس بڻائي. ڇاڪاڻ تھ ھر ھڪ انھن منجھان ھڪ طرف جي اخبار رساني تي قمرر ڪيل آھي. اک رنگ جي عالم تي مقرر آھي. ڪن آواز جي عالم تي، نڪ خوشبوءِ جي عالم تي، ۽ اھڙي طرح ٻيا حواس – پوءِ ھي سڀ پنھنجي پنھنجي عائقي جون خبرون جمع ڪري خيالي قوت تائين پھچائي ڏين ٿا جنھن جو ڪم قاصديءَ جو آھي. ھو انھن خبرن کي خزانچي يعني حافظي جي حوالي ڪري ٿو ۽ خزانچي بادشاھھ جي حضور ۾ پيش ڪري ٿو. انھيءَ لاءِ بادشاھھ سلامت کي انھن خبرن منجھان جيتري قدر سلطنت جي تدبيرن ۾ يا جنھن سفر ۾ روانو آھي انھيءَ جي تڪميل ۾ يا جنھن دشمن سان مقابلو آھي. انھيءَ کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ يا رھزنن کي دور ڪرڻ ۾ جيتري ضرورت ھجي اوتري قدر مدد وٺي. پوءِ جيڪڏھن ائين ڪيائين تھ نيڪ بخت ۽ ڪامياب ٿيو ۽ خدا تعاليٰ جي نعمتن جو شڪر ڪندڙ ٿيو. باقي جيڪڏھن انھن سڀني کي بيڪار رکيائين يا ڪم تھ ورتائين مگر انھيءَ ۾ پنھنجن دشمنن يعني شھوت ۽ غضب ۽ فاني لذتن ۽ ھن رھگذر واري آبادي يعني دنيا جو لحاظ رکيائين تھ ھو شقي ۽ رسوا (يعني بدنام) ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو لشڪر جيڪو ھن جي تابعداري ۾ ڏنو ويو ھو تنھن کي ھو برباد ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي دشمنن جي عزت ۽ الله تعاليٰ جي ٽولي وارن جي ذلت ٿيندي نتيجو انھيءَ جو اھو نڪرندو جو ھو عتاب ۽ عذاب ۽ آخرت جي خرابيءَ جو مستحق ٿي پوندو. نعوذ باال منھا.

ھي جيڪو مثال اسان بيان ڪيو آھي اخبار رضي الله تعاليٰ عنه بھ انھيءَ طرف اشارو ڪرڻ فرمايو آھي. جھروڪ پاڻ فرمائين ٿا تھ مان حضرت عائشه رضي الله عنھا جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم تھ انسان ۾ اکيون رھبر، ڪن محافظ، زبان ترجمان، ھٿ لشڪر، پير قاصد ۽ قلب بادشاھھ آھي تھ پوءِ بادشاھھ چڱو ھوندو تھ ھن جا تابعدار بھ چڱا ھوندا. حضرت عائشه رضي الله عنھا جواب ۾ فرمايو تھ مان آنحضرت ﷺ کان بھ ائين ئي ٻڌو آھي. پاڻ سڳورا ﷺ بھ ائين ئي فرمائيندا ھئا، انھيءَ کانسواءِ حضرت علي رضھ تمثيل قلوب (قلبن جي مثالن) ۾ ھن طرح ارشاد فرمايو آھي تھ زمين ۾ خدا تعاليٰ جا برتن قلب آھي. انھن قلبن منجھان زياده محبوب ۽ مرغوب اھو آھي جيڪو نرم ۽ صاف ۽ پڪو آھي. پوءِ انھن لفظن جي تقسيم ھن طرح فرمائي آھي تھ انسان کي پنھنجن ڀائرن سان نرم، يقين ۾ صاف ۽ دين ۾ سخت ھئڻ کپي. انھيءَ م اشارو آھي ھن آيت ڪريم جي طرف ”اشدآءُ علي الڪفار رحمآءُ بَينھم“ (ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن).

حضرت ابي بن ڪعب رضي الله عنه ”مثل نوره کمشکواته فيھا مصبَاحءٌ“ (سندن نور جو مثال جاريءَ وانگر آھي جنھن ۾ ڏيو ھجي) جي تفسير ۾ فرمايو آھي تھ ھي مثال مؤمن جي نور ۽ ان جي دل جو آھي ۽ ھن آيت بابت ”او کظلماتِِ في بَحر  لجي“ يا (ڪافرن جي عمل جو مثال) اونھي درياھھ ۾ اونداھي، وانگر آھي) فرمايو تھ ھي مثال منافق جي قلب جو آھي.

زيد بن اسلم ”لوح محفوظ“ جو قرآن شريف ۾ وارد ٿيو آھي. ان بابت فرمايو آھي تھ اھو مؤمن جو قلب آھي ۽ سھل تستري رضي الله عنه فرمايو تھ قلب ۽ سيني جو مثال، عرش ۽ ڪرسيءَ جي مثال وانگر آھي. ھي آھن مثال قلب جا.

 

بيان پنجون

قلب جا جامع اوصاف ۽ ان جا مثال

ڄاڻڻ گھرجي تھ انسان جي خلقت ۽ ترڪيب يا بناوت ۾ چار آميزشون يا ملاوٽون آھن، جنھن ڪري ھو چئن وصفن جو ھڪ مجموعھ يا ميڙ آھي. انھن منجھان پھرين وصف آھي ”سبعيت“ يعني درندگي يا چير ڦاڙ ڪرڻ ٻي آھي، ”بھيميت“ يعني چوپاين ڍورن واري صفت، ٽين آھي شيطاني صفت ۽ چوٿين آھي رباني صفت.

انھن جو تفصيل ھن طرح آھي تھ انسان ۾ غضب جي ھڪ قوت موجود آھي. انھيءَ غضب يا غصي جي خاصيت آھي. ٻئي سان دشمني ۽ ڪينو رکڻ، ايذاءُ ڏيڻ، گاريون گند بڪڻ ۽ وس پڄيس تھ چيري ڦاڙي ڪچو کائي ڇڏڻ، ھي صفتون آھن درندن يعني ڪتن ۽ بگھڙن جون ۽ انھيءَ ڪري انسان جي ھڪ صفت جو نالو آھي ”سبعيت“ ٻي قوت انسان ۾ آھي ”شھوت“ (يعني سڌ يا خواھش) ۽ شھوت جي خاصيت آھي چرس، حسد ۽ طمع وغيره رکڻ يعني ڍورن وانگر رڳو پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۽ پنھنجو مطلب پورو ڪرڻ، انھيءَ ڪري ٻي وصف کي بھيميت (يعني ڍور پڻو) ڪري ٿا سڏين.

جڏھن غضب ۽ شھوت زور ٿا وٺن تھ انسان انھن جي غلبي ھيٺ اچي حيلا بھانا، مڪر، فريب ۽ دوکا ڏيڻ شروع ڪري ڏئي ٿو ۽ ھي ڪم شيطان جو آھي. تنھنڪري ھن جي ٽين وصف آھي ”شيطانيت“ ھن وصف جي اثر ھيٺ انسان پنھنجي تميز، شر جي ڪمن ۾ استعمال ڪري ٿو.

مگر انھن سان گڏ انسان ۾ روح بھ موجود آھي، جنھن جي شان ۾ خدا تعاليٰ فرمائي ٿو تھ ”قل الروح من امر ربِي.“ انھيءَ ڪري انسان جي پيدائش ۾ ھڪڙو جزو رباني بھ رکيل آھي، جنھن ڪري ھن جي چوٿين وصف آھي ”ربانيت“.

مطلب تھ ھر انسان ۾ ھنن چئن اصولن يعني ربانيت، شيطانيت سبعيت (درندگي) ۽ بھيميت (حرص و طمع) جو مرڪب يا ميلاپ رھي ٿو ۽ اھي چار ئي قلب ۾ ڪٺا آھن. ڄڻ تھ انسان جي کل ۾ چار جاندار لڪل آھن جھڙوڪ سوئر، ڪتو، شيطان ۽ حڪيم. انھن منجھان سوئر شھوت جو ٻيو نالو آھي. ڇاڪان تھ سوئر کي ننديو يا ڌڪاريو وڃي ٿو سو ھن جي رنگ يا شڪل جي ڪري نھ، بلڪھ بي حد حريص ۽ تمام گھڻي کائڻ ڪري ھو ننديل رھي ٿو.

ساڳيءَ طرح ڪتو آدميءَ جو غضب آھي ڇاڪاڻ تھ درنده جيڪو نقصان ٿو پھچائي ۽ ڪتو جيڪو ڏاڙھي ٿو اھو ڪم ھن جي صورت ۽ شڪل جي ڪري نھ آھي بلڪھ ھن ۾ سيعيت يعني آزار ڏيڻ ۽ عداوت رکڻ وارو مادو موجود آھي. اھڙيءَ طرح انسان جي باطن ۾ بھ تڪليف يا ايذاءُ پھچائڻ ۽ غضب ۾ اچي وڃڻ درندن جھڙو ۽ حرص ۽ طمع سوئر جھڙو موجود آھي. پوءِ سوئر يعني شھوت پنھنجي حرص جي اثر ھيٺ فحش ۽ بدڪاري جي طرف سڏي ٿو ۽ ڪتو يعني غضب پنھنجي درندگيءَ جي صفت کان ظلم ۽ ايذاءُ ڏانھن رغبت ڏئي ٿو. شيطان وري انھن ٻنھي کي اشتعال ڏيندو ۽ ھڪ ٻئي تي ڀڙڪائيندو رھي ٿو ۽ ھنن جي اھڙين صفتن کي انسان جي نظر ۾ چڱو ڏيکاريندو رھي ٿو. انساني عقل جيڪو ”حڪيم“ سڏيو وڃي ٿو ان کي وري اھو ڪم سونپيو ويو آھي تھ ش:ظآڻ ڄ: ۾ڪڙ ۽ فريب کي دور ڪندو رھي يعني پنھنجي ڪامل بصيرت ۽ واضح نور جي مدد سان انھن ج مڪر ظاھر ڪندو رھي. ڪڏھن ڪتي کي سوئر تي غالب ڪري ڇاڪاڻ تھ غضب جي زور سان شھوت ٽٽي وڃي ۽ ڪڏھن وري سوئر کي ڪتي تي غالب ڪري ان جي ايذاءُ کي دفع ڪري ۽ ڪتي کي پنھنجي سياست جو مغلوب يا زيردست بڻائي ڇڏي. جيڪڏھن اھڙي طرح ڪيائين تھ چڱي ڳالھھ بڻبي ۽ بدن جي مملڪت ۾ عدل انصاف قائم ٿيندو ۽ سڀئي راھھ راست تي اچي ويدنا ۽ جيڪڏھن اھو حڪيم انھن کي مغلوب يا مات ڪري نٿو سگھي تھ اھي قوتون ھن کي دٻائي ٿيون ڇڏين ۽ ھن کان الٽو پنھنجي مرضيءَ موجب ڪم وٺڻ شروع ڪري ٿيون ڏين ۽ حڪيم ويچاري کي پنھنجي سر سوئر جي پيٽ ڀرڻ ۽ ڪتي کي راضي رکڻ جا حيلا وسيلا ڳولھڻا پون ٿا ۽ ھميشه انھن ٻنھي جو غلام بڻجي وڃي ٿو. ھن جھرو حال تمام گھڻن ماڻھن جو آھي، جن جي ھمت جو وڏو حصو پنھنجي پيٽ، شھوت ۾ دشمنن جي خوشامد ۾ مصروف ٿئي ٿو. ھن معاملي ۾ عجب جھڙي ڳالھھ وري اھا آھي تھ اھڙو آدمي بت پرستن جي پٿر جي پوڄا ڪرڻ تي تھ اعتراض ڪري ٿو مگر جيڪڏھن ھن جو حجاب دور ڪيو وڃي ۽ ھن جي حال جي ھقيقت ظاھر ڪئي وڃي ۽ ھن جي صورتحال کي مجسم بڻائي بيداري يعني جاڳندي يا خواب ۾ مڪاشفي وارن وانگر ڏيکاريو وڃي تھ ھن کي ڪڏھن ھي معلوم ٿيندو تھ ھو سوئر جي سامھون سجدو ڪري رھيو آھي ۽ ڪڏھن وري رڪوع لاءِ ھن جي اشاري ۽ امر جو منتظر آھي. جڏھن بھ سوئر پنھنجي خواھش جي ڪا چيز گھري ٿو تھ فورا ھن جي پورائي ۽ تعميل لاءِ اٿي کڙو ٿئي ٿو يا وري ھيڻن معلوم ٿيندس تھ ھو پاڻ ھڪ ڇتي ڪتي ڏانھن مائل آھي ۽ ھن جي عبادت ۽ اطاعت ڪري رھيو آھي ۽ ھن جي حڪم کي رضامنديءَ سان ڪن لائي ٻڌي رھيو آھي ۽ ھن جي خدمت گذاري ۾ وڏو فڪر ڪري رھيو آھي. غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو تھ انھن ڳالھين ۾ ھو اڻ سڌيءَ طرح شيطان جي رضا ۽ خوشيءَ ۾ ڪوشان آھي. ڇاڪاڻ تھ شيطان ئي تھ سوئر ۽ ڪتي (يعني شھوت ۽ غضب) کي ڀڙڪايئندو آھي ۽ انسان کان خدمت وٺڻ لاءِ انھن کي ڀڙڪائيندو رھندو آھي. انھيءَ سبب ڪري سوئر ۽ ڪتي جي ڇا بلڪ ھو خود شيطان جي پوڄا ٿو ڪري.

پوءِ ھر ھڪ شخص جيڪڏھن پنھنجي حرڪات (چرپر). سڪنات (ھڪ ھنڌ ويھڻ). سڪوت (چپ ۽ ماٺ)، نطق (ڳالھائڻ ٻولھائڻ)، قيام (اٿڻ) ۽ قعود (ويھڻ) وغيره کي تاڙيندو رھندو ۽ غور سان انھن جو مطالعو ڪندو رھندو تھ صاف صاف ھن کي معلوم ٿيندو تھ سارو ڏينھن ھو انھن جي پوڄا جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي ۽ ھي ھڪ وڏي درجي جو ظلم آھي جو مالڪ کي مملوڪ، غالب کي مغلوب ۽ آقا کي غلام (ٻانھو) بڻائي ڇڏي ٿو. غلبيءَ سرداري جي لائق تھ عقل ھو، جنھن کي ھو شين جو مغلوب ۽ خادم ڪري ڇڏي ٿو. نتيجو ھن جي اطاعت يا فرمانبرداريءَ جو اھو نڪري ٿو جو ھن جي دل۾ ھڪ ٻئي جي پٺيان اھڙيون صفتون پيدا ٿين ٿيون جن جي ڪري دل تي رنگ يا ڪٽ چڙھي وڃي ٿو ۽ اھي صفتون آخر ھن جي ھلاڪت يا تباھي جو باعث بڻجن ٿيون.

ياد رکڻ گھرجي تھ شھوت جي سوئر جي اطاعت منجھان بيحيائي، خبث (پليدي) اسراف (فضول خرچي)، بخل (ڪنجوسائي)، رياءُ (ڏيکاءُ) حرص، حسد، خوشامد، ساڙ، وير، ڪينو، بغض وغيره جھڙيون صفتون پيدا ٿين ٿيون ۽ غضب جي ڪتي جي اطاعت منجھان وري دل تي ھيٺيون صفتون پکڙجي وڃن ٿيون جھڙوڪ تھور (دليري سان وڙھڻ) عدم صيانت (بچاءُ يا دفاع نھ ڳولھڻ) وڏائي، خودستائي (پاڻ ڦنڊائڻ) تڪبر، ٽانءِ، ٺٺول ڪرڻ، خلق جي تحقير ڪرڻ، ضرارت جو ارادو ٻڌڻ ۽ ظلم جي خواھش ڪرڻ وغيره وغيره. انھن کان سواءِ شيطان جي اطاعت جيڪا شھوت ۽ غضب جي اطاعت ڪرڻ منجھان نڪري ٿي. ان منجھان وري مڪر، فريب، دغابازي، خيانت، ڪنجوسائپ ۽ فحش ڪلامي جھڙيون صفتون ڇانيل ٿين ٿيون. سياست سان ماڻھو دٻائي ٿو وٺي تھ دل ۾ ربانيت واريون صفتون حاصل ٿيون ٿين. جھڙوڪ علم، حڪمت، يقين، شين جي حقائق ۽ ماھيت جي معرفت، ھر شيءِ تي علم ۽ عقل جو غلبو وغيره وغيره. ھن صورت ۾ انسان شھوت ۽ غضب جي عبادت کان لاپرواھھ ٿي وڃي ٿو ۽ شھوت جي سوئر کي روڪڻ منجھان ۽ ھن کي اعتدال جي حد تي رکڻ منجھان ڪيئي شرافت واريون صفتون پيدا ٿي پون ٿيون جھڙوڪ عفت (پاڪدامني)، قناعت، سڪون، زھد، پرھيزگاري، تقويٰ، حيا، سھڻي صورت، ظرافت ۽ مساعدت (مدد ڪرڻ يا ياري رکڻ) وغيره. ساڳيءَ طرح غضب جي قوت کي روڪڻ ۽ مات ڪرڻ ۽ واجبي حد تي آڻڻ سان ھي صفتون حاصل ٿيون ٿين جھڙوڪ شجاعت، ڪرم، رفعت (بلند خيالي)، صبر، حلم (بردباري)، عفو (خطا بخشڻ)، استقلال، جوانمردي، توقير، اصول پرستي وغيره وغيره.

مطلب تھ ھن معاملي ۾ دل کي آئينو ڪري سمجھڻ گھرجي، جنھن کي انھن ٽن اثر ڪندڙ ڳالھين جي اثرن وڪوڙي ورتو آھي ۽ اھي اثر ھڪٻئي جي پٺيان دل جي آئيني تي پھچندا رھن ٿا. مگر مٿي ذڪر ڪيل سھڻن اثر منجھان دل جي آئيني کي وڌيڪ ۽ زياده چمڪ، نور ۽ تجلي پھچي ٿي. تان جو حق جي تجلي بھ ان تي جلوه گر ٿئي ٿي ۽ جنھن بھ ديني ڪم جي طلب ڪئي وڃي ٿي ان جي حقيقت کلي پوي ٿي ۽ اھڙي ئي دل جي طرف ھن حديث شريف ۾ اشارو آھي تھ ”جڏھن الله تعاليٰ پنھنجي بندي سان بھتري ڪرڻ چاھي ٿو تھ ھن جي لاءِ ھڪ نصيحت ڪرڻ وارو ھن جي دل تي منجھان کڙو ڪري ٿو ڏئي.“ ۽ ھن حديث ۾ پڻ (اشاره آھي) تھ ”جنھن شخص لاءِ سندس دل منجھھ نصيحت موجود آھي. ان لاءِ خدا جي طرف کان ھڪ نگھبان رھي ٿو.“ ۽ اھڙي ئي دل ۾ ذڪر الاھي قرار وٺي ٿو جنھن لاءِ خدا تعاليٰ ارشاد فرمايو آھي تھ ”الا بِذڪر الله تطمئن القلوبُ“ (خبردار! الله جي زڪر سان ليون قرار وٺنديون آھن).

ھن جي ابتڙ خراب اثر جيڪي قلب جي آئيني تي پنھنجو عڪس اڇلائن ٿا انھن جو حال وري ڪاري دونھين وانگر آھي. آئيني تي جيترو دونھون لڳندو آح: آُٽڙ آ؟:ڻ ڪآڙ ث:ڻڊ ُ:ڻڊ آح:” ڊلله ٻح شآڳ:ءَ ظڙح انھن بڇڙن اثرن ڪري آھستھ آھستھ ڪاري ٿيندي ٿيندي خدا تعاليٰ کان ساري محبوب (رحمت جي نظر کان دور) ٿي وڃي ٿي ۽ انھيءَ پردي جو نالو مھر ۽ زنگ يا ڪٽ آھي، جن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ آھي: ”ڪلا بَل ران عليٰ قلوبِھم ما ڪانوا يڪسبُون“ (ائين بلڪل ناھي! بلڪھ جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي ويئي آھي ۽ فرمان آھي تھ ”ان لو نشآءُ اصبناھم بِذنوبِھم ونطبَع عليٰ قلوبِھم فھم لا يسمعون“ (تھ جيڪڏھن گھرون ھا تھ کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا ۽ ھندن دلين تي مھر ھنئي سين جنھنڪري اھي نٿا ٻڌن) ھن آيت شريف ۾ نھ ٻڌڻ کان گناھن جي ڪثرت سببان مھر لڳي وڃڻ سان ملايو ويو آھي. جھڙيءَ طرح ٻئي ھنڌ وري ٻڌڻ کي تقويٰ سان ملايو ويو آھي ۽ فرمايو ويو آھي تھ ”اِتقوا الله واسمعوا“ (خدا کان ڊڄو ۽ ٻڌو) مطلب تھ جڏھن گناھن جي ڪثرت کان دل تي مھر لڳي وڃي ٿي تھ انسان حق جي ڄاڻ سڃاڻ (پروڙ) ۽ دين جي درستيءَ کان انڌو ٿي وڃي ٿو. آخرت جي ڪم کي ھلڪو يا معمولي ليکي ٿو ۽ دنا جي ڪم کي وڏو ڪري سمجھي ٿو ۽ ساري ھمت انھيءَ ۾ صرف ڪري ٿو. ھن صورت ۾ جڏھن آخرت ۽ ھن جي احوال جو بيان ٻڌي ٿو تھ ھڪڙي ڪن کان ٻڌي ٻئي منجھان ڪڍي ڇڏي ٿو ۽ اھو بيان ھن جي دل ۾ ڪو ٽڪاءُ ئي نٿو ڪري ۽ تدارڪ ۽ توبه جي طرف رغبت ئي ڪا نھ ٿي ٿئيس. اھڙن ماڻھن جو حال ھي آھي تھ ”قد يئسوا من الاخِره ڪما يئس الڪفار من اصحابِ القبُور“ (بيشڪ اھي آخرت (جي نواب) کان (اھڙا) نااميد ٿيا آھن جھڙو ڪافر قبرن وارن کان ٿيا آھن) ۽ اھا ئي معنيٰ آھي قلب جي سياھي يا ڪاراڻ جي جنھن جو ذڪر قرآن مجيد ۽ سنت سعيد ۾ آيو آھي.

ميمون بن مھران رحمت الله عليه فرمائي ٿو تھ جڏھن بندو گناھھ ڪري ٿو تھ ھن جي دل تي ھڪ ڪارو داغ چٽجي وڃي ٿو ۽ جڏھن توبه ڪري ٿو تھ اھو داغ ۾ زيادتي اچي وڃي ٿي. تان جو داغ ٿيندي ٿيندي ساري دل تي سياھي پکڙجي وڃي ٿي ۽ انھيءَ جو نالو رين يا زنگ يا ڪٽ آھي. آنحضرت ﷺ جن ارشاد فرمائين ٿا تھ ”مؤمن جي دل صاف ٿيندي آھي.“ ھن منجھان معلوم ٿيو تھ الله جل شانه جي اطاعت ۽ شھوتن جي مخالفت کان دل کي چمڪ پھچي ٿي ۽ الله تعاليٰ جي نافرمانيءَ سان دل ڪاري ٿئي ٿي. پوءِ جيڪو گناھھ ڪري ٿو ان جي دل ڪاري ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪڏھن گناھھ کان پوءِ نيڪ ڪم ڪري ٿو ۽ پھريون اثر ڊاھڻ چاھي ٿو تھ انھيءَ صورت ۾ جيتوڻيڪ سياھي تھ دور ٿي وڃي ٿي مگر نور ۽ چمڪ ۾ نقصان تڏھن بھ رھجي وڃي ٿو. جھڙيءَ طرح آئيني تي ڦوڪ ڏجي ۽ پوءِ ان کي صاف ڪجي وري ڦوڪ ڏجي ۽ وري صاف ڪجي تھ اھڙي حالت ۾ صاف ڪرڻ کان پوءِ بھ ڪجھھ نھ ڪجھھ ڪدورت ضرور رھجي وڃي ٿي.

ٻي حديث ۾ آنحضرت ﷺ جن فرمائين ٿا تھ ”قلب چئن قسمن جا آھن، ھڪ قلب اجاريل يا چمڪ وارو جنھن ۾ چراغ روشن ھوندو آھي. ھي ايماندار جو قلب آھي. ٻيو قلب اھي ڪارو ۽ انڌو. اھو ڪافر جو قلب آھي. ٽيون قلب آھي جنھن تي غلاف يا ڍڪ آھي ۽ ھن جو منھن بند آھي. اھو آھي منافق جو قلب. چوٿون قلب وڏو ويڪرو آھي جنھن ۾ ايمان ۽ نفاق (منافقت) ٻئي آھن. ايمان جو مثال (يا اثر) ھن ۾ اھڙو آھي جھڙو سبزيءَ جو مثال جنھن کي پاڪ ۽ صاف پاڻي اوٻاري ۽ اوساري ٿو ۽ نفاق جو مثال (يا تاثير) ھن ۾ اھڙو آھي جھڙو زخم جو مٿال جنھن کي پونءِ ۽ گند پکيڙي ٿو. پوءِ جيڪو بھ مادو انھن منجھان غالب ٿيندو، ضابطو انھيءَ جو ھلندو.“ ٻي روايت ۾ آھي تھ ”قلب کي اھو غالب مادو پاڻ ڏي کڻي ويندو.“

انھيءَ کان سواءِ الله تعاليٰ بھ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو تھ ”ان الذين اتقوا اِذا مسھم طائفءٌ من الشيطان تذڪروا فاِذاھم مبصرون“ (جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن. پوءِ اھي انھيءَ مھل ڏسندڙ ٿيندا آھن) ھن آيت ۾ ٻڌايو ويو تھ قلب جو اوجر الله تعاليٰ جي ذڪر سان حاصل ٿئي ٿو ۽ ذڪر تقويٰ وارا ئي ڪندا آھن. پوءِ معلوم ٿيو تھ تقويٰ ذڪر جو دروازو آھي ۽ ذڪر ڪشف جو دروازو آھي ۽ ڪشف فوز ڪبير يعني وڏي سوڀ ۽ ديدار الاھيءَ جو دروازو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org