سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:11 

ٻانهيءَ کان هي پيغام ٻڌي بادشاهه، راڻي ۽ دائيءَ سان گڏجي حسن بانو وٽ آيو، جنهن چيس ته: بابا سائين! خدا جي فضل سان اڄ منهنجو محبوب لکن ديون کان پار پئي صحيح سلامت مون وٽ آيو آهي. سندس ڪرامت ته ڏسو جو سندس اچڻ سان منهنجا سڀ زنجير ٽٽي پيا آهن ۽ قيدخاني جا دروازا کلي پيا آهن. توهان ته مونکي نصيحتون ٿي ڪيون ته آدمزاد بيوفا آهن، پر شاهه بهرام جي وفاداري ته ڏسو جو سِر تريءَ تي رکي اچي هتي پهتو آهي. آءٌ خود بيوفا آهيان جو هلندي وقت کانئس بنا موڪلائڻ جي هلي آيس ۽ رڳو سبز شهر جو نالو ماڻهن کي ٻڌائي آيس. شاهه بهرام انهيءَ نالي جي ڏس تي پنهنجو وطن ۽ بادشاهي ڇڏي، ڪوهن جا ڪشالا ڪري، نيٺ اچي مون تائين پهتو. ڌڻي پاڪ، شاهه بهرام کي حسن سان گڏ ايتري ته طاقت عطا ڪئي آهي، جو ڪو به دشمن سندس سامهون جالي نٿو سگهي. هاڻي اوهين جيڪڏهن حڪم ڪريو ته آءٌ کيس توهان جي اڳيان حاضر ڪريان. تنهن تي پڻس چيس ته: ڌيءَ! اهڙي جوان کي جلدي سڏ ڪر ته آءٌ کيس هڪ دفعو ڏسان؛ پوءِ جيڪڏهن مونکي لائق ڏسڻ ۾ آيو ته کيس بنان ڪنهن عذر جي قبول ڪندس. تڏهن حسن بانو هڪ طرف منهن ڪري چيو ته: اي سهڻا سائين! هاڻي سگهو پنهنجي صورت کي سڀني جي اڳيان ظاهر ڪر. اهو ٻڌي شاهه بهرام سليماني ٽوپي مٿي مان لاهي ظاهر ٿي، اچي وچ مجلس ۾ بيٺو. سندس سهڻي صورت کي ڏسي سڀئي عجب ۾ پئجي ويا. حسن بانوءَ جو پيءُ، شاهه بهرام کي ڏسي چوڻ لڳو ته: بيشڪ حسن بانوءَ جا بخت بالا چئبا جو ههڙو جوان سندس نصيب ۾ آيو. ائين چئي خدمتگارن کي حڪم ڏنائين ته: هن کي وڏي شان سان وٺي وڃي بهشتي باغ ۾ رهايو. شاهه بهرام جي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي ڌيءَ حسن بانوءَ کي چيائين ته: هن شهزادي جي باري ۾ مونکي ڪوبه اعتراض نه آهي، بهتر آهي ته ڪنهن چڱيءَ تاريخ تي نڪاح جي رسم ادا ڪري ڇڏجي.

پَرين شاهي حڪم موجب شاهه بهرام کي آڻي بهشتي باغ جي هڪ عاليشان محلات ۾ رهايو ۽ قسمين قسمين کاڌا آڻي سندس اڳيان رکيائون. اتي شاهه بهرام ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آندا. کيس هاڻي رڳو اها ڳڻتي هئي ته اها ڪهڙي سدوري ساعت ٿيندي، جنهن ۾ حسن بانوءَ سان ميلو ٿيندو. آخر هڪڙي ڏينهن بادشاهه، نجوميءَ سان صلاح ڪري، شاديءَ لاءِ سٺي ساعت مقرر ڪئي. ساري شهر ۾ ساهي جشن شروع ٿي ويو. ٽن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه، شاهه بهرام کي سينگارڻ لاءِ حڪم ڏنو. پريون قسمين قسمين عطر عنبير ۽ پوشاڪرن کڻي شاهه بهرام کي وڪوڙي ويون ۽ جهٽ پٽ کيس ٺاهي جوڙي گهوٽ بنائي آڻي جڙادار تخت تي وهاريائون. پوءِ ته سارو شهر شاهه بهرام جي ڏسڻ لاءِ بهشتي باغ ۾ اچي گڏ ٿيو ۽ آخرڪار سرگس ڪري گهوٽ سميت اچي محلات ۾ داخل ٿيا. هيڏانهن  وري حسن بانوءَ کي به پرين اهڙو کڻي سينگاريو جو جنهن به کيس هڪ دفعو ڏٺو ٿي سو اتي غش ٿي ڪري ٿي پيو. قصو ڪوتاهه، شاهه بهرام جو حسن بانو سان نڪاح پيو، تنهن بعد ٻنهي کي لانئون ڏئي ٻنهي جي دل جي سڌ پوري ڪيائون.

آهستي آهستي هيءَ خبر ساري ڪوهه قاف ۾ مشهور ٿي وئي ته حسن بانو جو وهانءُ هڪڙي آدمزاد سان ٿيو آهي. اها ڳالهه ٻڌي باهرين ملڪن جي ديون ۽ پرين کي ڏاڍي عبرت لڳي. خصوصاً قلزم درياءَ جي ديون جي سردار
زلزله ديو
(1) کي- جو حسن بانوءَ تي عاشق هوندو هو. تمام گهڻي مٺيان لڳي. هيءُ ديو حسن بانو جي پيءُ کان طاقت ۾ وڌيڪ هو، تنهن ارادو ڪيو ته ڇو نه سبز شهر تي ڪاهي حسن بانوءَ کي پنهنجو ڪريان. اهو خيال ڪري پنج لک ديو ساڻ وٺي سبز شهر ڏانهن روانو ٿيو. حسن بانوءَ جي پيءُ جڏهن اها خبر ٻڌي، تڏهن ڏاڍي ويچار ۾ پئجي ويو. راڻي به پنهنجي مڙس جي هيءَ حالت ڏسي ڳڻتيءَ ۾ پئجي وئي. نيٺ ٻئي زال مڙس گڏجي اچي ساهه بهرام کي حال ٻڌائڻ ويٺا ته اسان کي ههڙي خبر ئي ڪا نه هئي ته تنهنجي ڪري اسان تي هيءَ آفت اچي ڪڙڪندي. اهي لفظ ٻڌي شاهه بهرام چيو ته: بادشاهه سلامت! خدا ۾ اميد آهي ته اوهين زلزله ديو کي ماري مات ڪندؤ، ڇو ته جيڪو راهه گناهه گهر ويٺلن سان اچي وڙهندو، تنهن کي رب سائين خراب ۽ خوار ڪندو. توهين ويٺا تماشو ڏسو ته ڪيئن ٿو اهو ديو خوار خراب ٿئي. پوءِ ٿوري باهه گهرائي ان تي ديون کان مليل وارن کي کڻي سيڪ ڏنائين ته هڪدم سفيد ديو، سرخاب ديو، گدڪ ديو ۽ گندال ديو اچي حاضر ٿيا. ڏسندي ڏسندي سارو ملڪ ديون سان ڀرجي ويو. هرهڪ ديو جي هٿ ۾ پنجن مڻن جو گرز هو. پوءِ چارئي ديو شاهه بهرام وٽ آيا ۽ پڇيائونس ته: اڄ وري ڪهڙي تڪليف پيش آئي آهي، جو اسان کي ياد ڪيو اٿئي؟ تڏهن شاهه بهرام چين ته: زلزله نالي هڪڙو ديو منهنجي مارڻ لاءِ لشڪر وٺيو پيو اچي، تنهن جو ڪو بندوبست ڪريو. تڏهن چئني ديون، شاهه بهرام کي خاطري ڏني ۽ پنهنجي لشڪر کي وٺي وڃي زلزله ديو جي سامهون ڪيائون. زلزله ديو، ٻين ديون جي لشڪر کي ڏسي ڊڄي ويو، پر نيٺ بدناميءَ جي ڊپ کان وڙهي مرڻ جو ارادو ڪري اچي جنگ جي ميدان ۾ بيٺو. ٻنهي ڌرين ۾ جنگ شروع ٿي وئي. شور ۽ هل سان ڄڻ زمين آسمان هڪ ٿي ويو. دانهن ڪوڪن ۽ هٿيارن جي ٺڪائن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو. ٽي ڏينهن ٽي راتيون اهڙو گهمسان رهيو. چوٿين ڏينهن حسن بانو به پرين جو لشڪر ساڻ وٺي لڙائي جي ميدان ۾ آئي. زلزله ديو وجهه وٺي اچي حسن بانوءَ وٽ پهتو، ۽ ان کي کڻي وڃڻ جي ڪيائين، پر هن تلوار سان ٻئي ٻانهون ڪپي وڌس. زلزله ديو وٺي ڀڳو ۽ آخر قيد ٿي پيو. سندس لشڪر گهڻو مارجي ويو، باقي ديون ڀڄي جان بچائي.(1) هن فتح جي خبر سبب ساري ڪوهه قاف ۾ شاهه بهرام جي ناموس پکڙي وئي. پرين جي بادشاهه ۽ شاهه بهرام، بهشتي باغ ۾ جنگ جو حال احوال پئي ڏنو ته ايتري ۾ گندال ديو به زلزله ديو کي زنجيرن ۾ جڪڙي آڻي شاهه بهرام جي اڳيان حاضر ڪيو. شاهه بهرام هن کي عذاب ڏئي مارائي ڇڏيو.(2)

هن واقعي کان پوءِ به شاهه بهرام ڪيترا ڏينهن سبز شهر ۾ اڳئين کان به وڌيڪ عزت ۽ اقبال سان رهيو. هڪڙي ڏينهن اوچتو کيس وطن جي يادگيريءَ اچي ستايو. ٻه ٽي ڏينهن ڏاڍيءَ اُڻ تڻ ۾ گذاريائين. نيٺ هڪڙي ڏينهن حسن بانوءَ جي ماءُ ۽ پيءُ وٽ ويو ۽ کانئن وطن ورڻ جي موڪل گهريائين. هنن به کيس خوشيءَ سان اجازت ڏني ۽ ساڳئي وقت مسافريءَ جي لاءِ سامان تيار ڪرڻ جو حڪم به ڏنائون. مقرر ڏينهن تي شاهه بهرام ۽ حسن بانو سڀني کان موڪلائي ٻن تيز رفتار ديون جي ڪلهن تي چڙهي فارس ملڪ روانا ٿي ويا. ديو هوا سان ڳالهيون ڪندا، ڪيترن ڏينهن پڄاڻا چي فارس ملڪ ۾ پهتا. شهر جا ماڻهو ۽ امير وزير پنهنجي دل گهرئي بادشاهه، ساهه بهرام کي ڏسي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ خوشيءَ وچان هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا.(3)

ٿورن ئي ئي ڏينهن کان پوءِ شاهه بهرام کي چنڊ جهڙو سهڻو پٽ ڄائو، ان خوشيءَ ۾ چاليهن ڏينهن تائين سڄي ملڪ ۾ جشن هليو. پوءِ شاهه بهرام ڇهه مهينا ننڍي راڻيءَ وٽ فارس ملڪ ۾ گذاريندو هو ۽ ڇهه مهينا حسن بانوءَ سان سبز شهر ۾ رهندو هو.(4) اهڙيءَ طرح ايران جو بادشاهه، ساهه بهرام هنن مڙني مشڪلاتن مان پار پئي، زندگيءَ جا باقي ڏينهن حسن بانوءَ ۽ پنهنجي وفادار راڻيءَ سان خوشين ۾ گذارڻ ۽ ساڳيءَ طرح دٻدٻي سان حڪومت هلائڻ لڳو.

قصو شاهه بهرام گور ۽ حسن بانو جو*

چيل شيخ ابراهيم جو**

 

1-

وڏائي تنهن واحد کي، جو الله اڪبر،

 

خالق رازق ڪل خلائق، پاڪ والي پرور،

 

مڃيان محمد مصطفيٰ، جو امت جو آڌر،

 

صحي شفاعت سيد ڪندو، عاصين سرور،

 

سو لڪ لنگهائيندو لڪيون، اڀي راهه مٿي رهبر،

 

مڃيان چارئي يار رسول جا، جن ڪيو دين عمل ازبر،

 

ابابڪر، عمر، شاهه عثمان، ۽ علي چوان.

2-

وحده لا شريڪ لھ، خالق سڀ خلق،

 

اپائيندڙ عالَمين، ماڻهو، ديو، مَلڪ،

 

ارڙهن ڪروڙيون عالَمـين، زمينون ۽ فلڪ،

 

تان به لِکَ نه پيئي لکَ، قادر جي قدرت جي.

3-

قادر جي قدرت جي، وڏي وڏائي،

 

هئي هميشه لاعيوب، جهن جي بلند بادشاهي،

 

آهي، هوندو، سو ڌڻي، ٻيا سڀ تو در طماعي،

 

ٿو مڱي مدامي، مدعا منصب مَن جا.

4-

هڪ فائق فارس شهر جو، هو عادل مرد امير،

 

سو عقل ادب انصاف سين، وڌ گهڻو هئو زير،

 

حيا، علم، حشمت ساڻ حسين، هئو سو صورت سونهن ڪثير،

 

تهن ٿي ڪيو تواضع تدبير، جيئن ماڻهو سڀ مشتاق هوا.

5-

سو شهزادو شهزور، هئو عادل عدالت اڳرو،

 

قصو تهن جو ٿو ڪريان، جو ’بانڪو بهرام گور‘،

 

هيئان لٿن هور، پَسي تنهن بادشاهه کي.

6-

جهڙي هيس سونهن سرس، تهڙو هئو تنظيم ۾،

 

مهت محاسبي ماڻهن سان، وڏا ڪندو هو وس،

 

تهن وٽ عالم آزو بند هئا، هر جاءِ ۽ هر گس،

 

جن جهڙائي جَس، تن تعريفون تهڙيون.

7-

سو ڏٺو جن جوان، تن نه ويو وسري،

 

تهن جو شوق شڪار سين، هئو شير شجاع سلطان،

 

سو غازي گورخرن جو، ڄڻ موت هئو مستان،

 

تهن شهزادي جو شان، ٻولڻ کؤن ٻَهُون چوان.

8-

هڪ ڏينهن ٿيڙس شوق شڪار، وڌ سير ذوق وريام کي،

 

تهن ڪامل ڪوٺايا ڪيترا، چوطرفان چوڌار،

 

سن تنين جو ستن کون، سترسين ڄائي هو ڄِمار،

 

سي مڙيئي ٿين سوار، هيڪاندا گهرجن هِمتين.

9-

تڏ ٿيا سڀيئي ترت تيار، ليکو لشڪر ناهه ڪو،

 

هٿ ڪمانون، چيلهه تپاچا، هو سڀڪوئي سوار،

 

سنج سونهري، خلعت سڀڪنهن، جوڙ چڱيءَ جنسار،

 

چڙهيو شهزادو شڪار لئي، ڪري گويا اي گفتار،

 

چئي: سو صحي ٿيندو سنگسار، جهن کؤن ويندو نسنگ مِرو نڪري.

10-

تيڏي ڪيائون ڪاهه، جيڏي بڇڪر شاهه بهرام ڪئي،

 

رڻ رفتار رئي ڪيو، ساڻن رند سپاهه،

 

سو فرسنگ سلطان چيو، ويڙهه ڪريجا واهه،

 

جهن پر ڪهيو شاهه، تهن پر آيا ويڙهه وري ڪري.

11-

واري وريامن، مِرُو آڻي مُچ ڪيا:

 

آهو، گوڪن، گورخر، ڳانجهه نه ڳاڻيٽرن،

 

شهه سي وحشي ويڙهه ۾، جهليا جوان مردن،

 

اُڀا روجهه رڙن، اچي مرن ۾ ماتام ٿيو.

12-

سو دولهه درميان، ٿي سير ڪندو سلطان ويو،

 

هوس نگاهه نخچير ۾، ڪامل دست ڪمان،

 

تان تهن کي ناگهه نظر آيو، ڪو گور وچئون گردان،

 

سفيد سارو سهڻو، عجب هوس انهڃاڻ،

 

قسمن قسمن ڪيترا هوس، خط خال نقش نيشان،

 

ڪو جڙيو هو جواهرن سين، مالهه موتي مرجان،

 

چئني قدمن قيمتي، هوس زريون زيور گِران،

 

اڃا چوڻ کان چوڻا هئا، تهن جا سونهن مقابل بيان،

 

صفا صورت صفت تهن جي، بيحد بي بيان،

 

سو سامهون کي سلطان، اچي اُبِيٺو اوڏڙو.

13-

ڏسندي عاشق ٿيو امراء، ڪو رنگ الاهي راهه ڏٺو،

 

جان تهن کي وڌي ويجهڙو، پاڻ ٿيو بادشاهه،

 

تان چري قطرو ڪينڪي، مرو تهن ماڳا،

 

عجب ٿيو عاقل کي، تهن جي پَسِي شِڪلا،

 

جان لائق لايس هٿڙا، تهن کي ڊپ نڪوئي ڊر اهه،

 

اُتهن ”ابراهيم“ چئي، وير واري ڪيو ويساهه،

 

تهن کي ڪمند پائي ڪنڌ ۽، هليو راوت راجا راهه،

 

ڪامل قابل وچ ڪٽڪ جي، آيس سنگهر پائي شاهه،

 

مڙي آدسين انبوهه ڪيو، عامگير اڳيا،

 

مير، وزير، مُتصدي، توڻي سڀ سپاهه،

 

چون: ڪان ڏٺيا سون ڪٿهن، ههڙي صورت ڪا سوا،

 

اچي سفيد پفسي شڪلا، مڙني چيو حمد حڪيم کي.

14-

ميان قادر قدرت تنهنجي، تون ٿو جوڙين جوڙ جبار،

 

جي سمنڊ سارو کير ڪرين، ته به پهچين پهچڻهار،

 

جي ڏونگر سارو سون ڪرين، توجي برڪت بيشمار،

 

جي سُڪا وڻ ساوا ڪرين، ته ٿين باغ بهار،

 

”يُخرج الحي من الميت وَ يخرجُ الميت من الحي“ ايڏي سگهه ستار،

 

اُت جي هئا حاضر سو هزار، تن سڀني مِرو مشاهدو ٿيو.

15-

اُتو شهزادي ايئن، ته: ان تي آئي رکو سنج سونو صُفرو،

 

۽ زرهون زينتدار، هن کي ترت ڍڪيو تيئن،

 

وات لغامون، پٺ پلاڻي، هاڻي هيڪا گهرجن هيئن،

 

ايهن ڪريو تصور تعظيم تهن کي، خوب ٿئي خوش جيئن،

 

تان جيئن موسم وسن مينهن، تيئن اچي پاڻٺين پاليٽ ڪئي.

16-

پر مشڪ عطر عنبير سين، مليائونس مضبوط،

 

ٿيو ساڻ سنجن ثابوت، هاڻي ڪا گهٽ گهرجي ڪانه ڪا.

17-

تڏهين راوت قدم رڪاب ٿي، سوار مٿس سلطان ٿيو،

 

ڏنيس ماڻهن مبارڪون، بيحد بيحساب،

 

ته ٿيو رب راضي راڄيو، جنهن ڏنئي اسپ جهڙو آفتاب،

 

تان جي هجن تازي تڪڙا، ته به هن جي اچي ڪو نه اعراب،

 

انهن شاهه شاديءَ جا شڪر پڙهي، ڏنو جو ان جواب:

 

ته ڏاتيون ڏاتار اوڏڙو، هٿ صاحب جي ساب،(1)

 

تنهنڪري شوقئون شوق شتاب، غازي گور هلائبو.

18-

جان غازيءَ گور هلائيو، سگهه ڀرئي سردار،

 

تان شيرين حرڪات هلڻو، راهه چڱو رفتار،

 

مڙيئي موچارا تِهن جا، پنڌ قدم ڪردار،

 

هي به عاشق اتيئي ٿيو، پَسي تهن جا پار،

 

چيو وير وجود ۾ ته: هيڪر اٿاريانس الگار،

 

تان ڪري اُڌَڪ اڏاڻو آغاز ۾، نه ٿئي وير جهلڻ وار،

 

سو کني خان روان ٿيو، ڏس الاهي اسرار،

 

سي مڙيئي ماڻهو متفڪر ٿيا، جي هئا حاضرات هزار،

 

ٿا ڪن هئي هئي هوءِ هونگار، ته ڏسو ڪيڏو ڪَزيهو ٿيو.(1)

19-

اچي ٿيو غوغا گوڙ تمام، عالم ۾ اندوهه ٿيو،

 

حرمن هُوءِ گهڻي، ٿئي محلن ۾ ماتام،

 

ڪيو برهه بي آرام، ٿيو ملڪ ماندو مالڪ ري.

20-

چاليهه حرم هئاس، جن ٿي ماڻيا سک سهاڳ جا،

 

سي سڀ گوندر گڏيا، ويڙهي سور وياس،

 

هئي هئي ڪيو هڻن هٿڙا، ڪڙهن ٿا ڪيڻاس:

 

ته آڻي والي وارئين، ميان محلن پاس،

 

اڳيان رب ڪرين تون راس، ولها وارين بخير.(2)

 

روئڻ مقابل راو، جي موٽي محلن ۾،

 

ته سو ورهين صدقي ڪريان، ڳوڙها ڳلن تا،

 

پرس پرين ويا پر ڏيهڙي، سُور چکائي ساهه،

 

کُهه کاڄ کنڊون، ٻن لذتون، کير ڀايان کارا،

 

کُهه کٽون، ٻن پٿراڻيون، تڪيا تن ڌارا،

 

اي مون پرين پيارا! وارج وير وصال جي.

22-

اچي ماڳ تهن مصلحت، ڪا جا ڪيائون پاڻ ۾:

 

ته هن ملڪ والي ناهه ڪو، جو هلائي حُڪمت،

 

ڏسو مالڪ ٻاجهون ملڪ ۾، ڪان هلي قدرت،

 

آهي مامون وزير شاهه جو، خاص خوبي خصلت،

 

اُهو هر ڪم ڪامراني، ڪندو عادل عدالت،

 

سو جڏهن ويهندو جاءِ تي، ڪندو مالڪ مملڪت،

 

تڏهن شهر موٽي شاهه جو، فيض ڪندو فرحت،

 

عالم، علماء، شرفاء، ٻيا فاضل فضيلت،

 

تن ويهي واهه ملوڪن ڪئي، ناهي اها نروت،

 

جاسين سڌ پوي سلطان جي تاسين ڪريو قبوليت،

 

تن وٺي سر تخت، ويهاريو وزير کي.

23-

پر ڏسو تان پنڌ ڪشالا پُور، جي گور غازي کي ڪرائيا،

 

اچي ڦوڙائي فراق جا، ٿيس سٽاڻا سور،

 

وڇوڙي وڏا ڪيا، دُک دليان دهدور،

 

رب رکين تون راڄيا! ڪنان اهڙي زور ضرور،

 

دست گردن گور جي، وڌائين وهلور،

 

مَت چڪ ٿيان چن چور، ڪِري ذرا ذرا زمين تي.

24-

 (سور سورن) سيئن، مَ ڏي ڦوڙائي فراق جا،(1)

 

چڙهيس شوق شڪار جي، هڏ نه ڀاتم هيئن،

 

تو بنا رب ڪارڻي، ٻئي در قادر وڃان ڪيئن،

 

او کيون تون سو کيون ڪرين، اڙين آڌر ڏيئن،

 

ٿي ڪيائين خدا خدا جيئن، تيئن ٿي مٿس موليٰ مهربان ٿيو.

25-

جڏهين ٿيو رب راضي رحمان، تڏهين تهن ڪيو موٽي

ميل زمين تي،

 

ڌرتي تهن کي دور هئي، اوڏو هئو آسمان،

 

سو لهندو لمندو آئيو، قُوت گور گران،

 

تهن آڻي ڌَر اوپر راوت رکيو، پاڻ ٿيو پنهان،

 

تڏهين سر هو ٿيو سلطان، تهن جو طالع يار تيار ٿيو.

26-

اکيون جان اُپتيون، سونهاري سردار،

 

تان وڻ: ساوا سبز گهڻو، بَهوت ميوا سڀ موچار،

 

بهر بَداميون نارنگيون، اکروٽ اپار،

 

تون، صوف، زردالو، شفتالو، ليمان لذتدار،

 

پساءِ ڪهڙا قيمتي، انب، انجير، انگور، ات انار،

 

پٻڻيون، پٽاهڙيون، ٻيا زنبق زينتدار،

 

سوسن، سوپل، ٻيا ناير نخلندار،

 

ڪانز، بانز، ڪبوتر، ڪوئلون، ڪڏيو ڪن ڪوڪار،

 

ساريون ريلون، ڍرڪن ڍيلون، چَتن جي چانگهار،

 

مور قمري ماڳ تهن، ڪن لات چڱي للڪار،

 

هو به آبيٺو اوڏڙو، ويجهو وڻ چَنار،

 

اوچ اتم اعليٰ گهڻو، بهوت بيشمار،

 

تهن پاسي ڪيترا هئا، گل ڦل ۽ گلذار،

 

گل لالا، گل سورجا، گل ريحاني رنگدار،

 

ٻيا گل چڱا پاس چنار جي، گل چوطرفان چوڌار،

 

جاءِ ته جنت جهڙي، ٻي کٿوري خنڪار،

 

تخت ڪائين ديد اتاهين، حيرت ٿيس هيڪار،

 

طِلا مُرصع موتي مٿس، مالهه جهڙي مروار،

 

عاج، آبنوس اتهن، پاسي تخت رکيا تڪرار،

 

اهڙي رونق رنگ هُوءِ، جي رنگ رنگي رنگدار،

 

سـؤ هزار لَک ليکجي، ويهي ڪر ويچار،

 

خاصا خاصا خوب خونچا، جن ليکو ناهه شمار،

 

پَسي پيالا بَهوت بلوري، جمرودي جنسار،

 

سونا روپا طبق تِهن، طرحين طرحين طعام تيار،

 

تَريا ڀُڳيا ماس مِرُن جا، جشن جال اپار،

 

ٻي ڪمي ڪبابن ڪانه هئي، ماس پکين موچار،

 

ڌريا هئا دُنگ دارون جا، رکيا سي رهوار،

 

جي هئا غم غمي غمدار، سي پسي خان خيال پيو.

27-

پَسي خان خيال پيو، ٿيس سونچو منجهه سرير،

 

غم غازي کي آيو، دل ٿيس دلگير،

 

ته ڪاڏي ملڪ مالڪي، ڪاڏي تخت وزير،

 

ڪٿي حڪم حاڪمي، هت ٿيم دل حقير،

 

موٽي چيو وير وجود ۾، سالڪ مت سڌير:

 

الله عالمن جو ڌڻي، ڏيندڙ رازق رزق ڪثير،

 

ته مان تي مهربان اڄ ڪيو، قادر ڪرم قدير،

 

پَسي طرح تماشا تڪيا، ٿيو مشاهدو مير،

 

رنگ پَسي ريڌو گهڻو، آرام ٿيو امير،

 

وڃي ويٺو تخت اتي، قدرت ساڻ قدير،

 

تان ڪا گهٽ ڪيڏان ڪانه هئي، قسمن قسم ڪثير،

 

عجب جي اسرار هئا، سي ويهي ڏٺا وير،

 

ويهي دستر خانا دست، اُپٽيا ساڻ اڪير،

 

اتي بسم الله بهرام پڙهي، شهزادي سڌير،

 

ڪامل ڪباب نعمتون، آيا کيڻ سندا کير،

 

کائي خان خوشحال ٿيو، ماڳ تِهن من ڌير،

 

تهن آهر عالمگير، ٻيا ويهي پيتا سام شراب جا.(1)

28-

هتي بي جهجها جام، ڏٺام جشن جهانن جا،

 

قادر ڪرم ڪيام، ويا گوندر گذري.

29-

جيڪي ڏاتار ڏئـين ڏينهن، سي نه ڏي ڪو ٻيو،

 

اهکيون سهکايون ڪرين، اڙين آڌار ڏيئن،

 

قلم قادر هٿ ۾، ڪاتب ڪندا ڪيئن،

 

پاڻ وهيڻو پادشاهه، ريس ڪانهن رب سينء،

 

تان نا گه ديو نگاهه ۾، تهن کي اچي ابيٺو جيئن،

 

ڪر شير نهيب سهڻو، صورت جهڙس شينهن،

 

جيئن شڪل هوس شڪار ڏينهن، ساري طرح تيئن،

 

زر زيور هوس زينتي، مرصع مينا سيئن،

 

خط خال نقش نيشان، هئا عجب جواهر جيئن،

 

سونيون سنگهرون سي تان گهڻيون، اکرن لکيو ايئن،

 

تن کي ڏاتر ڏاتيون ڏيئن، جن تي راضي هو من راڄيا.

30-

اچي تهن ڏنو سلام، ديو اڳيان داناءَ جي،

 

نائي سر سجود ۾، تهن صهي ڪيا سلام،

 

خاڪ چمي خذمت ۾، هي ڪهيا ديو ڪلام:

 

ته اي آدمزادا آدمي، شاهه بهادر بهرام،

 

جڏهن ڪيو ٿي شوق شڪار جو، تو مشغولي مدام،

 

توکي پَسي پاتشاهه، ٿيس عاشق دل انجام،

 

اچي وڏا ڪندو هوس وس، تو پسڻ خاطر تمام،

 

هي گستاخي گهڻي ڪري توکي آندم، هاڻي عاقل ڪر آرام،

 

باغ باغيچا خان خوشحالي، ڏس جنت جهڙا جام،

 

پس تان جڙيا جواهرن سين، توشڪ سڀ تمام،

 

ڏس خاصا خاصا خوب خونچا، طرح طرح تيار طعام،

 

اهي سڀ عيش آرام، محب موافق سپرين.

31-

پر وڏي ادب استقبال، وڌي ٿيس ويجهڙو،

 

تهن عزت شرف شعور سين، خان ڪيو خوشحال،

 

غم لٿا، گوندر گيا، واحد ڪيا وصال،

 

ٿيو راضي راڄيو، شهزادو سريال،

 

هاڻي نه رهٻي عذر احمال، ويٺا جانب جاءِ نشين ٿي.

32-

راوَت ويٺو رمزون ڪري، پاڻ ڪري پرمل،

 

لِکئي منجهئون لِک نه لهي، ڪهن جو ناهه وار وصل،

 

کڻي سرمداڻي ديو سفيد، آيو مرد مهائين مل،

 

چئي: ڪامل پاءِ ڪجل، هي سرمون حضرت سليمان جو.

33-

جو آندو اُڪير ۾، سو ڪجل ڪڍيائين،

 

اکين ۾ آڻي ان کي، واري وڌائين،

 

ساڄي پاسي ساهه، جان کڻي نظر نهاريائين،

 

هيون جي جوان جهڙيون، سي ڏهه سو ڏٺائين،

 

سي سڀ هيون سهائين، هئي گهٽ ڪهن ۾ ڪانه ڪا.

34-

ڏهه هزار ٻئي طرفان، ڏائي ٿا ڏسجن،

 

سي به هوا آفريدي اهڙا، جهڙا جابر جات پسن،

 

پسي سونهن سندين، عجب عاقل کي ٿيو.

35-

سي سڀ مهندان مير، اچي خذمت منجهه کڙا ٿيا،

 

نائي سر سجود ۾، اڀا ساڻ اڪير،

 

پسي تن کي پادشاهه، ٿيو سرهو منجهه سرير،

 

موٽي اشارو امير، ڪيو ديو پرين کي دوس ڏانه.

36-

ديو پرين کي دوس ڏانه، ڪيو اشارو امراءَ،

 

تان ان شهزادي کي ساهه، ٻيو پنجاهه پرين آيو.

37-

پر اهڙي سونهن سنديان، جهڙي ڪانه ڏٺياسون ’ڪوهه قاف‘ ۾،

 

هڪ هڪ حور حسين هئي، تهن جي تعريفان،

 

هڪ هڪ وڳو زينتدار هو، جامن جواهر جڙيان،

 

ڳل ڳل مينا، سرسر موتي، ڪن ڪن ياقوت ڳتان،

 

هٿ هٿ ڇوڪر ڇلڙا، پڳ پڳ بڇو بهوت بنيانِ،

 

زر زيور هون زينتي، پرهڻ پاڪيزان،

 

ڇا ڪهان مشڪي دهان لذت لسانان،

 

ڪر اکين ۾، ابراهيم چوءِ، ماڻڪ موچاران،

 

سي اچي بيٺيون شوق شاهه جي، ڪري توجهه تعظيمان،

 

تن جي سازن سر سرود هئا، عجب آواز ان،

 

ڪماچا ۽ ڪِينرا، رنگ چنگ ربابان،

 

سي مڙيئي مشاهدا ڪيا، اچي سازن سُر ڌريان،

 

تن ٻيا جي پيتا سام شراب جا، هئا ڪيف ڪافوران،

 

جشن جال ٿيان، من مرادون پنيون.

38-

اتو شهزادي شاهه، دولهه ديو سفيد کي:

 

ته هــــــت هن کــــــــــان اڳيئي جـــــي آندومس الله،(1)

 

ته هي جشن، هي لذتون، ٿي ماڻيم سهسين شاهه،

 

هي باغ بهشتي، جنت جايون، دوس مليم دلخواهه،

 

ڏس جيئن راحت رسي روح کي، آرام ڪيو ارواح،

 

تڏهن ديون امراء، دلاسيو داناءُ کي.

39-

ات جشن ڪيائون جال، وڏا سازن وس ڪيا،

 

اُلهي سج اوير ڪئي، ورين وير وصال،

 

ڪمي قنديلن ڪانه هئي، ٿي ٻرين ماڳ مشال،

 

سي هئا باغ روشن شمس جيئن، ٿيا خوب خوشي خوشحال،

 

ماهه تنين جي مات ڪيو، جلوو ۽ جمال،

 

ڪيا ڀلي ڀلايون ڀال، تڏهن مڙيئي موجود ٿيو.

40-

اُتو ديو سفيد، شهزادي سلطان کي،

 

جا اٿئي من اميد، سا ظاهر ڪر زبان سين،

41-

ات حاضر جي حضور ۾، هيون پَرياڻيون،

 

جي عجب سهڄڻ سُونهڻيون، هيون سڀئي سُڄاڻيون،

 

هئا تن سازن تارن سرودن، نڪين ويهي وساڻيون،

 

سي خدمت ۾ کڙيون هيون، سٿ ڳڻ سينباڻيون،

 

تن مان هڪ جون هيون عجب اهڃاڻيون، جاننڍي منجهن نازنين.

42-

سا راوت رکي روح ۾، من لايس محبت،

 

عشق بي آرام ڪيو، تهن جي سونهن پسي صورت،

 

جان تهن کي ديو اشارو ڪري، آڳهه ڏنيس البت،

 

سا خوشيءَ ساڻ خذمت، اچي حاضر ٿي حضور ۾.

43-

ٿي ڪيائين ڪشالي نال، بي عين ڪشالي نين مليا،

 

تن برسي بوند برهه جي، ڪئي وانگي ميگهه مثال،

 

پر ڪي ٿين قادر ٻاجهون، صحبت ۾ سر حال،

 

سي قربان قربي پاڻ ۾، ٿيا ”براهم“ چئي برحال،

 

تڏهن ويجهي ٿين وصال، جڏهن تن کي وچون عشق امين ٿيو.

44-

اچي گڏيا پاڻ ۾، عاشق ۽ معشوق،

 

محبت ۾ موجود ٿيا، ٿين صحبت ساڻ سلوڪ،

 

هئا ٻئي محب ملوڪ، ڪا گهٽ ڪيڏان ڪانه هئي.

45-

ڏهئي سازن ساڻ شهزاديون، ڏهئي ڪٽورا هاٿ،

 

سڄو ڏينهن خذمت منجهه کڙيون هيون، جن جو ٻولڻ ڀلي بات،

 

تن ويٺي بانا ڪيا باغن وچ، انگ چنگ ساري رات،

 

تن من مرادون پنيون، هئي تِن جن جي تات،

 

اهڙي عشق الول ۾، اچي پرهه ڦٽي پرڀات،

 

ڪيائون رکي ڳل ڳلن سر ڳالهيون، پين جي پَهات،

 

اها زاغن باغن وائي وات، ته آيو سورج اوڏڙو.

46-

ڪيو سورج شعاع، رات وهاڻي ڏينهن ٿيو،

 

تان سَنڌ سَنڌ نازڪ نازنين، ڪيو ويتر وڄ اُهاء،

 

املهه نين نسورا ڪر، مُک تهن جو جهڙو ماهه،

 

تهن جي جلوي جمالاء، فسخ ڪيو فانوس کي.

47-

پيئي پرين ۾ پچار، ته ڪيو ڪوسو آب قريب لاءِ،

 

هئي حمامن خوب کٿوري، نافهان نت نبار،

 

ڪري عطرن ذوق زبان سين، سِر واسيائونس وار،

 

آندائون تهن کي حمام ڏي، ڪري خوش طبع کينڪار،

 

توجه ۽ تعظيم سين، آڻي ويهاريائون تهن وار،

 

اچي شهزادو سرهو ٿيو، پسي حمامن هٻڪار،

 

عجب جي، صفت کؤن باهه، جوڙ سندين جنسار،

 

تن وهنجاريو وريام کي، سونهاري سردار،

 

موٽي آڻي تن اُپٽيا، بُڪچا بيشمار،

 

تان تن ۾ ڪپڙا قيمتي، زغا زينتدار،

 

تڏهين تن کي پريزادي پاڻهي اُتو نازنين نروار،

 

ته محب منهنجي منٺار، ڪجائو خوب خزمت گهڻي ڪا.

48-

تن سينگاري سڌير، آندو دولهه ديو سفيد ڏانهن،

 

خلعت ڍڪي خان اچي، مانهندان بيٺس مير،

 

تهن پسي شهزادي شاهه کي، ڪيو نرتائين نظير،

 

ته هن لائق، لائق ناهه ڪو، جو وڳو ڍڪي وير،

 

تڏهين دوس دلاسي ديو ڪئي، تواضع تدبير،

 

چئي: سَرهو ڪر سرير، آءٌ سهسين سرهو آهيان.

49-

موٽي جشن جهجهوئي، ڪيائون ڪوڏ قريب سان،

 

اڳي کؤن ڀي اڳري، واهه هين وائي،

 

گل ڦل ميوا ماڳ مشاهدو، ڪباب طعام تريائي،

 

سي طعام تناول تن تان، راوت خان ٿيو خوش کائي،

 

محبت صحبت ڪيف قريبان، هين منجهه مُک مٺائي،

 

هئا جانب جاني، شامل ثاني، ويتر سونهن سوائي،

 

تن باغن ماڳن سير سدا ڪيا، لائي لالن لئون لائي،

 

تن ياري پانجي پاري، جن جي واري رازق وڌائي،

 

تن نه اوڏو، لهرن لوڏو، جن سان هاديءَ جي همراهي،

 

هن کؤن ويتر هت اچي ٿي، تهن عاقل عادل جي امرائي،

 

مڙيئي صاحب سڻائي، ڪئي باري شاهه بهرام سين.

50-

روزان روز هر روز، هڪ بِڪر پاس بهرام،

 

اها ڏات ته ديو سفيد ڪئي، عاقل لي انعام،

 

چوي من متان ڪين لوڏئين، ٿج وڏي دل وريام،

 

توسين باجهه سٻاجهي ڪئي، ٻيا مطيع سڀ مقام،

 

اي ساهه شجاع سرهو ٿيءُ، تا ايام الايام،

 

مون وٽ محب مدام، شال باغن هوندين بادشاهه.

51-

اِنهن ڪيئي ڏينهن لنگهي ويا، آئي مدت مُديرا،

 

عرض ته ديو سفيد ڪيو، اڳيان کي امراءُ،

 

ته آهي ڀاءُ برادر منهنجو، نالي ’سُرخابا‘،

 

سو ڪر خدائي آيو، ڪهي ڪوهه قافا،

 

تهن جا قاصد اچن ڪيترا، روزان روز مرا،

 

سو آهي درميان ديو ويٺو، شادي خاطر شاهه،

 

رضا رخصت ٿئي ان کون، محبت مهر منجها،

 

ته سو پرڻائي بادشاهه، موٽي اچان ڏهن ڏينهن ۾.

52-

تهن کـــــي رضــــــا راوَ ڏنـــــــي، ته وانءُ وهيلو آءُ،(1)

 

متان ويهين اڳرو، ڏهن ڏينهن کان،

 

سو ڀلو سياڪـي ڀاءُ، وڃي گڏي آءُ غازي تون.

53-

تڏهن تِهن ڏني شاهه کي سوني ڪنجي، جيبان ڪڍي جو ان،

 

چئي: ٿو ڪريان نصيحت هيڪڙي ساتون سمجهه سلطان!

 

جي من ماندو تو ٿئي، اي پرين پهلوان!

 

ته در اٿئي اوڏڙو، اي صورتوند سجان!

 

وڃي تهن کي کولئين، ڪڙا ڪُرف ڪلان،

 

سڀئي ڪڍج هن ڪنجي سان، ڪري الله جي احسان،

 

ته اڳيون زور زمين کي، باغ چکا بستان،

 

سي هزار درجن هن باغ کون، بهتر راحت بيان،

 

آهي مَلڪزادا! معاف تو، ايءُ مڙوئي ماڳ مڪان،

 

موٽي ويتر پارت ديو پرين کي ڪيائين، خاطر ساڻ زبان:

 

ته هي شهزادو شعر روند، آهي شرف وڏي سين شان،

 

اچي وڻيم واهه وجود ۾، ان عاقل جا ارڪان،

 

ڏهه سو سِر سارا قربان، ڪِجائو فدا قلب قريب تان.

54-

اها پارت ڪري بادشاهه جي، اٿيو الهه تُهار،

 

هليو رخصت وٺي راوُ کون، هٿ چمي هيڪار،

 

ڪرم ڪامل جن تي ڪيو، رازق رب جبار،

 

تن سين ريس نه رتيءَ جيتري، تان جي ڪن حيلا هزار،

 

جن تي تُسبي تن سان وسي، ڏاتيون هٿ ڏاتار،

 

واليءَ جي وهار، ٿيو شرف اعليٰ شاهه جو.

55-

هاڻي سيئي عزت آبرو، سيئي رضائون،

 

سيئي شرف شاهه کي، سيئي بُڪائون،

 

سيئي پريون پدمڻيون، سيئي گُن غذائون،

 

سيئي جشن جال ٿي ڪوڏان ڪيائون،

 

پسي شبيهه شاهه جي عبرت آندائون،

 

”گفتند ترا هر شبي نازنين“ اهو ٻولڻ ٻوليائون،

 

جيئن ئي اُتائون، هِن به تيئن ٿي مزا ماڻيا.

56-

سي هئا گل گلابي، سيئي رنگ رباب،*

 

سيئي طعام شراب، سيئي نشا نينهن جا.

57-

لڳن ڏينهن ٻه چار، مٺا محبت گاڏوان،

 

ملڪزادي من ۾، اچي پيئي آر،

 

ته باغ ديکيان هن ديو جو، آهي ڪيهڙيءَ ڪار؛

 

جان سر ڪندو سلطان ويو، جان تيغ کڻي تلوار،

 

سو دولهه در کان ٻهار، اچي اُبيٺو بيگ بهادر بادشاهه.

58-

جان بيگ بهادر بادشاهه، آيو دولهه مٿي در،

 

تهن کي سونا ڪرف ڪڙا هئا، سونا پهڻ سڌر،

 

سو ڪرف ڪنجيءَ سان ڪڍيو دانهه دلاور،

 

اندر پيهي جان آيو، تان چڱا باغ بهر،

 

ڪمي ميون ڪانه هئي، هئو مڙوئي مِٺو جر،

 

باغبانن بَهوت بنايا هئا، سونا روپا فرش سکر،

 

عود گلابي واهه وڻيا ٿي، جال شيرين هئا جر،

 

سو هزارين گل گهڻا هئا، اڪثر کؤن به عطر،

 

تيئن ڦرندو باغن آيو عمدي الله آهر،

 

تان ڪو دوس دريچو آيو، ناگه منجهه نظر،

 

هئي سو فرسنگ کان تهن جي، آب لالائي اڪثر،

 

تهن کي فُلاڪاري ديوار هئي، چوطرفان چوڌر،

 

طبقان طبق مٿي هئا، ثابت ست سٻر،

 

تن کي چئني ڪنڊن چار ڪنگرا، اوڄ اعليٰ ازبر،

 

تهن پاسي ڪيترا هئا، گل ڦل ۽ گلزار،

 

مڙيئي مالا مرصع مُچ هئا، جَڙيا ساڻ جنور،

 

ڪـي گل لالا، ڪي زردا، ڪي ڪَچنالي ڪيسر،

 

ڪـي گل ريحاني رنگدار هئا، ايزان ۽ احمر،

 

جال چندن گل جان هئا، ۽ جاءِ گلن جعفر،

 

سو وڃي ستو غازي وچ گلن، پائي گل پٿر،

 

سُتي ماڳ ملوڪ کي، ڪا ڪن پيئي ڪُوڪر،

 

عاقل جان آگاهه ٿيو، سُڻي ڪيائن نرت نظر،

 

تان چئنين ڪُنڊن چار ڏٺائين، قابل ڪبوتر،

 

ساوا سبز سهڻا گهڻو، ڪنڌ تني ڪيسر،

 

سي پاسي پَليهر اچي اُبيٺا آب لاءِ.

59-

پر اڳئي چڱو ڏَس، ديو ڏنو هو داناءُ کي:

 

ته جيڪڏهن پريءَ ذات پار جو، هٿ ڪري ڪو ڪس،

 

تهن آدمزاد اُپس، موٽي سا موافق ٿئي.

60-

هو به هيون پکين ويس، پرياڻيون ويٺيون چار،

 

واري سي وهنجڻ ٿيون، رکي ڪپڙا آب ڪنار،

 

هيون خوشي خوب خيال ۾، هر بابت هيڪار،

 

هي به اچي اندر در اُبيٺو، دوس ڪرڻ ديدار،

 

تان تن ۾ جا ننڍي هئي، نازنين گهڻي صورتدار،

 

’بانو‘ پري ”براهم“ چئي، من چڱي موچار،

 

سا تن چئن منجهه چڱي هئي، سونهن شبيهه سردار،

 

تهن کي پسي بادشاهه، اچي لائي آر،

 

عاشق عشق الول ڪيو، ڪنهن جنهن کيپ خمار،

 

تهن جو وڳو سڃاڻي وير کنيو، وهلو تيڏيءَ وار،

 

سو غازي منجهه گلزار، پيهي پاڻ پنهان ٿيو.

61-

هي به وهنجن وهسن پاڻ ۾، کِلن خوشيون ڪن،

 

اهڙي رونق آب مان، جيئن ميگهـين مينهن وسن،

 

اڳ ماري معشوقن، ڪئين عاشق اگين چاڙيا.

62-

حيرت ۾ هيڪار، تن جو شغل پسي سلطان ٿيو،

 

ڪا جا ٻولي پاڻ ۾، ٻولين ٿيون اظهار،

 

ته آدمزادو آدمي، ڪو آيو ديون جي درٻار،

 

هلو ته پسون تهن بادشاهه کي، جو آندوديون جي دهدار،

 

اهو صورت گهڻو سالور سڀ گُنون، سُجهي سونهن وڏي سردار،

 

تهن هئي ڏاهٻي ۽ ڏاتار، اڄ هلو ته درسن هلي ديکيون.*

63-

اُتو پرياڻي پَرين کي، بانو پريءَ بات:

 

ته ستي خواب خمار ۾، ڪو جو راول ڏٺم رات،

 

ته اديون آدمذات، ڪرمان ڪُون وڳو کڻي وير ويو.

64-

هاڻي وڃڻ جي وائي، ڇڏيو وير وريام ڏان،

 

وڃي ٿينديو ڪانڪا، اڳيان چڱائي،

 

ڏسو ته جن لنئون لائي، سي لوٺيون ڀُوڻن لوڪ ۾.

65-

هلو هلو هـير، وڃون موٽي پنهنجي ماڳ تي،

 

اٿيو ساهيڙيون، ڪريو ڪپڙا، ٿيڙي ويرا وير،

 

جان هلي آيون هنڌ تهن، ڀري پرياڻيون پير،

 

تان ناهه وڳو تهن نار جو، جا هئي سندين مُنهن مٿير،

 

سا ماڳ تهن مشڪل ٿئي، لڳيس اهکي ڳالهه انڌير،

 

چئي: سهڻي تعبير سرتيون، اچي حاضر ٿيڙم هير،

 

هو ته پيرهن پَرهي پنڌ ٿيون، هن ٿئي ويهڻ جي وير،

 

تهن کي اچو ڏين اُلير، هاڻي فڪر فهم فراق جا.

66-

سو ڪامل کڻي ڪپڙا، اٿي جان آيو،

 

غازي سو گلن مان، خوش ٿئي کِلايو،

 

پسي پرياڻي بادشاهه کي، جَسو جاڳايو،

 

ارتو آب اکين مان، ويتر تِهن واهيو،

 

تهن توڪل ۽ تعظيم سين، چڱو هادي هلايو،

 

تنين نه پايو، ادب اندازو پاڻ ۾.

67-

هاڻي توڪل ۽ تعظيم تن ۾، ادب اندازو ڪر،

 

متان وجهين مون تي، ڪا ڪچي ڳال ڪُپر،

 

اسان پَرين اها پر، جيئن ڪهن بشر ڀيڙيون نه ٿيون.

68-

پر بَديءَ جا بهتان، شال قادر ڪهن تان مَ ڪري،

 

هاڻي ڏينم ڪپڙا، ته سي ڪريان سونهارا سلطان،

 

نباويهي سچا سخن ڪنداسين پاڻ ۾ صاحب جي فرمان،

 

کي ڏني خلعت واري خان، پيراهڻ رکيائين پاڻ ڳري.

69-

تڏهين نِرتان تهن نار، اُتو بانو، شهه بهرام کي:

 

ته هي پيراهڻ رکيوئي پاڻ وٽ، سو ڪامل ڪهڙي ڪار؟

 

تڏهين روئي زارو زار، تهن سڀا ڳالهه سچي ڪئي.

70-

”اي توکي پري پسي پِيهه، من منهنجي مشاهدو ٿيو،

 

هاڻي جهليو پليو نه رهي، روح ۾ رهي ريهه،

 

توکي ساجن سپرين! حال حقيقت هيءَ،

 

اي دلبر دل قوي! نَون ڪين نام الله جي.“

71-

اُتو پرياڻي بادشاهه کي: سڻ بادشاهه بهرام!

 

اوهين جي آهيو آدمي، تن جي محبت ناهه مدام،

 

تن ڪهڙا قول ڪلام، ڪهڙا وچن واعدا!

72-

چئي: مان کي ڪو سڃانين، اڳ ته ڏٺوءِ ڪڏهين،

 

سو ڪيئن ڄاڻين، ته تو حرف ناهي هيڪڙو.“

73-

توکي نه ڏٺم ڪڏهن، ڪيم اَنهنجي آزمائش نه ڪا،

 

ته ڪي نيهن نِباها آهيو، سو به مان کي ناهه سماء،

 

ٻيو هُدو پرين نه کڻان ته ڪِين آهن وفا بيوفا،

 

پر پنهنجي ڳالهڙي، سچي چوان شاهه،

 

ته ڪهڙي ڳالهه قميص کي، واري رکيوئي راهه،

 

هاڻي خاطر لڳ خداء، سڀ چئج وير وجود جي.

74-

تڏهن رت روئي راوت، معلوم ڪيو منڌ سان،

 

”هئي هِيون حيران ٿيو، تن ڇڏي طاقت،

 

تنهنجي صحبت سلابت، ويتر من مطيع ڪيو.“

75-

هئي هيون ٿيو حيران، جهليو تان نه رهي،

 

ووءِ وروڻو جِندڙو، برهه ڪيو بيران،

 

تنهنجي محبت ماري من ماٽ ڪيو، ورهين کان ويران،

 

تيلان هي پيران، جانڪي جهليم جيءَ سين.

76-

اهو معلوم ڪيو مذڪور سڀ، قصو منڌ قريب سان،

 

ڪيو ظاهر زبان سين، چوري لعل لطيفان لب،

 

چئي: ”رکج شرم شعور سين، الله لڳ ادب.“

 

ٻئي جيئن ڪندو ادب، ته اٿو حرف حقاني پاڻ ۾.

77-

تن ٻنهي ٻڌا ٻول، نت نت نوان نينهن جا،

 

سچا سخن حلال جا، ڪيا ڪامڻ راجا قول،

 

ورين وير وصال جي، ڪيا عاشق عشق الول،

 

سي محبت ۾ معمور ٿيا، هئا رنگ رتول،

 

لٿن حيراني هول، هاڻي دوس دهان ڪن ڳالهيون.

78-

عاشق عشق الول ۾، محبتي معمور،

 

سچا سچيءَ سڪ سين، سنمک سلن نه سور،(1)

 

لڇن ڪڇن ڪينڪي، ٿيا چت جنين جا چور،

 

زهد زاريون سِرزبان سين، ڪرين محبت جا مذڪور،

 

تن کي پُورن مٿي پُور، اچن دور درياءَ جيئن.

79-

دل ماندي لئي دوس، من ماندو لئي سڄڻين،

 

اُتو پَرياڻي بادشاهه، آهه منجهان افسوس،

 

’اي ميان! جيءَ کي ڏيئي جوش، ڦٽيوئي تن فراق سين.‘

80-

تڏهن اُتو شهزادي شاهه، تان ڪين واقف ٿئي ورونهن:

 

اچي من وڌوئي مامري، دل پرين دلخواهه،

 

هاڻي عقل ڳالهه نه اُجهي، ڪا جا ڳرهيان ڳانهه،

 

شامل ساجن سپرين، محب موافق ماهه،

 

ويتر سک وجـــود ۾، شـــــام ريـــــن سحر صاح،(1)

 

هاڻي نيهن ڪاتي ۽ ماهه، ڪهڙو ليکو پاڻ ۾.

81-

ڳالهيون ڳڻ ڪرين، ريجهيو روح رچنديون،

 

ساهه ڳنڍيون وٽ ساهه سان، نيڻن نيڻ ڌرين،

 

شربت سُرڪ ڀرين، مٺا محبت گاڏوان.

82-

جڏهن نئون نيهن، تڏهين نت نت ڳالهيون نيهن جون،

 

نت نت قول قريب سان، سو گند سارو ڏينهن،

 

جن مهر وسي، ارواح چُڪي، ڪر اڳيان قابو ڪيهر شينهن،

 

ايءُ محبت سندو مينهن، جهن تان وسي سوئي پُسي.

83-

مون جيئن هاريوءِ، ارتو آب اکين مان،

 

محبت سندي مامري، ٻر جثو ٻاريوءِ،

 

کِيڻ ڪاريوءِ خـــــير ڪين، ويهڻ نــــه واريــــــوءِ،(2)

 

مونکي هڏ ماريوء، پاڻ ٿو سَگهو ويهين سپرين.

84-

چئي: هنِ گهايل گهاءُ مَ هڻ، ڪش مَ تير ڪمان مان،

 

وجهه مَ وڍيل کي، اندر فڪر ۽ فهم،

 

هاڻي خاوند خاطر کڻ، مان ڏان نيڻ سٻاجها سپرين!

85-

ويهه وسايون مينهن، نيڻن نو بهار جيئن،

 

پڪو ڪري پريڻو روح ۾ راتو ڏينهن،

 

ڪيئن لاهيون نيهن، جهن اندر آکيرا ڪيا.

86-

جهلڻ جاءِ نه ڪا، جان ڪين جثو پلي جهليان،

 

وڃي پيو ورونهن ۾، هئي هئي هينئڙي هاءِ،

 

سُهيو سُکيو جندڙو، سور سٽاڻا کاءِ،

 

من کي ماٺ جڳاءِ، هڪ زبان زاري ري نه رهي.

87-

زبان کي زاريون، پيوم پاڻا پوءِ سين،

 

جن کي عشق آتش ٻريو، سي ورونهن واريون،

 

محبت جي ماريون، تن جو جيڻ جنازي گاڏئون.

88-

جن پاڻهين پنهنجو جهليو ڀرم ۽ شرم،

 

لڄا خاطر لوڪ ۾، گهڻو رکيائون غم،

 

پر عقل مَت شرم، ٽيئي نيهن نهوڙيا.

89-

اُتو پرياڻي بادشاهه کي: تون آهين جانب منهنجو جيءُ،

 

پر هي جو باغ بهشي بادشاهه، وڏو پسين ٿو وي،

 

سو ديو جوڙايو هن دوس لاءِ، اها سڻج ڳالهه سَويء،

 

ديکڻ درسن ديو سو عاشق راهي ايءُ،

 

پر من منهنجو نه مڃي، سڻ حرف حقاني هيءُ،

 

هو تان ڏاڍو ڏاڍائي گهڻو، قوت ديو قويء،

 

هاڻي مان کي مَدت ٿيء، ته توسان ڳرهيان ڳالڙي.

90-

تان سُڻو ڪامِڻ ڪم، ڏَسيو جو ڏاتار کي،

 

چئي: آيو ديو دوار ۾، رکي قوتدار قدم،

 

ڪيم کينڪارج تهن سين، رکج داناهه ڳورو دم،

 

وجهج پاڻ وجود تي ويتر اڃائين وهم،

 

سو جڏهن ورچي ٿڪي ٿيندو نهايت نرم،

 

توسين سو گند سليمان جو ڪندو ديو قسم،

 

تڏهن تهن کي چئج حقيقت حال جي، ڏسي عقل مت فهم،

 

ڏس ته انگ اڳيئي لکيو، آهي قادر وس قلم،

 

تڏهن تو جو مالڪ گهاءِ مرم، پاڻهين پوريون ڪندو بادشاهه.

91-

آيو ديو ڪهي، ڏانهن ڀاءُ برادر پاهنجي،

 

باغن منجهه ”براهم“ چئي، تنهن اچي هاڪ هئي،

 

سا سڻيندي سرحال ٿيو ثابت ڳالهه صحي،

 

سو موٽي ويو ماڳ تنهن، وهلو وير وهي،

 

هن به اچي خاڪ چمي، خدمت ۾ ڪرمش جان ڪئي،

 

تهن منجهان مهر پئي، اچي ’سفيد‘ سلام ورايو.

92-

تڏهن ڪڇيوئي ڪين، اڳيان دلاور ديو جي،

 

پاڻا پاڻي، رنو رت گاڏئون، هئي هئي آب حِنين،(1)

 

عقلمند امين، ڏس هنر شاهه هلائيو.

93-

جان پريون ديو پڇايون، ”ته هن کي ڇا ٿيو؟“

 

چُونِ ”جيئن تو چيو، تيئن اسين خدمت منجهه کڙيون هيون.“

94-

تڏهن وڏا ڪري وس، ديوَ ٿڪو داناءَ کي،

 

تنهن جا ڪرمش ڪيا ڪي ڪيترا، اڳيان شاهه شمس،

 

تان پي پنڊ سندي پارس، ڳالهه نه سلتي ڳجهه جي.(2)

95-

تڏهن سندوسو گند سليمان، ڪيو وير اڳيان وريام جي،

 

چئي: اسان کي آهي دين دائود جو قسم جاءِ قرآن،

 

جا مدعا اٿئي من جي، سا تون شاهه سلج سلطان!

 

هٿ ڏاتيون رب رحمان، آن به ڪوتهه ڪنديس ڪانڪا.

96-

تڏهن روئي روئي رت، هن پنهنجو ڳرهيو حال،

 

چئي: سڻج ديو سفيد! تون، هن عاشق جو احوال،

 

محبت ماري من مات ڪيو، وڌم جيءَ تي جار جنجال،

 

اصل عاشقن جو وڃي حال ڪري بدحال،

 

هاڻي واحد لڳ وصال، ڪرڪو خاطر رب رنجور جو.

97-

چئي: وهم نه رک وريام! ڪر نه ملاحظو مير تون،

 

معلوم ڪر مذڪور سو، جيڪو برهه اٿئي بهرام!

 

تنهنجي طلب تمام، پاڻهين پوري ڪندو بادشاهه.

98-

چئي: ڏٺيم سونهن صورت، تِنهن من منهنجو مستان ڪيو،

 

هڪ پسي پريءَ ذات کي، اچي عجب ٿيم عبرت،

 

اهڙي عشق الوٽ ۾، تَن ڇڏي طاقت،

 

هاڻي مير مَدت، ڪرڪا محبت سندي ميلاپ جي.

99-

تان چئي: تهن جو نالو ڇا؟ جنهن تنهنجو حال هڻي بيحال ڪيو،

 

ڪندو جي خدا، ته ويندئي ورونهن ورهين کي.

100-

چئي: برهه ڏيئي بانو، من منهنجو مستان ڪيو،

 

تهن ڪاڙهي قلب قريب ڪيو بدن بيرانو،

 

سُمهان سُک نه جندڙي، تن نه توانو،

 

سو ساجن سمانو، ملي ته ماندائي لهي.

101-

چئي: ڪٿي سو لڳئي نيهن، ڪاٿي ڏٺاءِ سپرين؟

 

جو تون سارو ڏينهن، سُڏڪين ساهه کڻين.

102-

چئي: جا تو ڏنيم پاڻ، ڪڍي ڪنجي جيب مان،

 

وڃي دولهه اُپٽيم در کي، تنهن سوني ڪنجي ساڻ،

 

منجهه ئي باغ بهاريا، هي خزانن جي کاڻ،

 

جيئن من گُهري تيئن ٿئي، روح ۾ رمز رهاڻ،

 

اِنهن پر پرياڻ، هلي آءٌ آيس حوض تي.

103-

هلي آيس حوض تي، وهلو وير وَهي،

 

تان سوني ديوار سڦري تهن کي ثابت هئي صحي،

 

تهن جي چئن ڪنگرن چار ويٺا، اچي ڪبوتر ڪهي،

 

اتان اڏامي آئيا لحظي منجهه لهي،

 

تن اچي هاڪ هئي، پَرين پاڻي پاڪ تي.

104-

سي پرياڻيون پانيءَ پاس، وڳا رکي وهنجن ٿيون،

 

تان جا ننڍي منجهن نازنين، عجب سونهن سندياس،

 

ڏند ڏاڙهون ڪڻ جئن، هيري رنگ هواس،

 

املهه نين نسورا، واسينگ وار سنداس،

 

نڪ ته باريڪ لسو گهڻو، اهڙي اهڃاڻاس،

 

پسي رهي پاراس، تنهن جو وڳو سڃاڻي مان کنيو.

105-

جڏهن پييون ٻهر اچي، ڪنڌيءَ آب ڪنار،

 

تان جا هئي ننڍي منجهن نار، سا ڪامڻ پڇي ڪپڙا.

106-

تڏهن هلي چُريون هوء، هوءَ سوري ويٺي اُتهن،

 

ڪپڙا ڪري ڪڇ ۾، آيس تهان پوءَ،

 

منڌ پَسي مشتاق ٿئي، رت ورنو روءِ،

 

هيڪر من مهنجو مجنون ڪيو، جلوو پسي جوءِ،

 

هو ٻئي من مليا پاڻ ۾، هاڻي ٿيو نه گُهرجي ڪوءِ،

 

اها غازي اٿم گوءِ، سا ڏاتر لڳ ڏيار مون.

107-

تڏهن اچي بدن لڳس باهه، ٻريس ڄيري ڄندڙو،

 

سپـيريان جي سوز ۾، ٿو سور سٽاڻا کاءِ،

 

ڌوڙ مَليو ٿو هو چوي: هئي هئي جانب هاءِ!

 

هئي حسن بانو هيران ٿيم، هاڻي ڪانَهه ڪاءِ،

 

هيون هنڌ نه هيڪڙي جثو جَم نه جاءِ،

 

جيءُ جلي ٿو جوش ۾، ور وُڻو واجهاءِ،

 

ٿيو من مشاهدو، دوس تَماري صورت سونهن سواءِ،

 

پر جا پاڻهين ڪيم پاڻ سين، ووءِ ووءِ تهن ڪر واءِ،

 

سو لڇيو لالن لاءِ، هئي ڪيو هڻي هٿڙا.

108-

هوند نه ڀاتم هيئن، ڪو موٽي پوندس مامري،

 

ناتي ڏينهن قيامت سينءَ، هوند ڪنجي ڪڏهن نه ڏيان.

109-

هيئن نه ٿيس هوند، پر پاڻهين ڪيم پاڻ سان،

 

هيءَ برهه سندي بوند، جيڪس لکي هئي لوح ۾.

110-

لوح قلم ۾ دانهن، ڪهن جي پهچي ڪانه ڪا،

 

ات نه پهتيم ٻانهن، جت ٿي انگ اڳئي لکيا.

111-

هاڻ ڇا چوان توکي، جنه تو ياد مُٺوءِ يار کي،

 

سهيو سکيو جندڙو، جيءَ وڌوءِ جوکي،

 

لاب کڻي سو تهڙو، پوک جهڙي پوکي،

 

هيءَ دل وجهي دوکي، پاڻ ٿو سمن شاديءَ جا ڪرين.

112-

ڪريانءِ هوند ڪنگال، آهي ڪمي ڪُريزن ڪا نه ڪا،

 

پر سو گند سليمان جي بخت ڪيوءِ برحال،

 

هاڻي پڇي تهن پريءَ کان، هيڪر ثابت ٿيان سرحال،

 

ڪو آهيس خوشيءَ جو خيال، ڪر تون ٿو باب بنائين پانهنجا!

113-

تان چئي: پڇي ڪرپروڙ، تهن کان ثابت ديو صحي ٿئي،

 

ته محبت سندا مذڪور، پاڻهين ٿين پڌرا.

114-

هاڻي توکي بخشيم بادشاهه، پر ڪوٺي پڇان پَرياڻي،

 

تڏهن شاهه پريون موڪليون، تن وڃي واکاڻي،

 

بانو حسن، براهم چئي، آهي سٿ ڳڻ سيباڻي،

 

شـــــرم، شاخت، شعور سين، ڏمجـــــي ڏينهاڻـــــي،(1)

 

هل هلي هاڻي، ڪريون ديو مقابل مارڪا.

115-

ڪوٺي تن آندي، سا هلائي حضور ۾،

 

اها پريائي پَرين سان آئي هلي هيڪاندي،

 

جا هئي دلبر دل ماندي، تهن سين ديو دلاسي ٻوليو.

116-

چئي: هيءُ آدمزادو آدمي، سو شرف وڏي سين شان،

 

هنڌ، حويليون، بنگلا، تهن جا اوچا محل مڪان،

 

هيري، لعل، زمرد جي، تهن کي ڪمي آهي ڪانه،

 

تهن کي کاڻيون خزانن جون، ٻيا آگي جا احسان،

 

تهن خلق پنهنجيءَ خُلق سين، ڪئي مطيع مهربان،

 

وڻيم واه وجود ۾، تِهن عاقل جا ارڪان،

 

سو توکي بخشيم بادشاهه، ظاهر ساڻ زبان،

 

ڪهن کي قدرت ناهه قدير سين، يَڪ ناخن ناتوان،

 

لکئي منجهئون لِک نه لهي، اچي پارڻ پيم پروان،

 

هاڻ مت وارئين ڪين ڳالڙي، ڪري گفت زبان در دهان،(2)

 

ٻيا آن کي داتا دُهرادام، ڏيندو صحبت سلابت جا.

117-

چئي: توکي وڻي جا، تنهن کان ڪنڌ نه ڪڍڻو،

 

ڪياءِ جا مُنها، تهن کي وَر وراڻي ناهه ڪو.


 

(1)  خ روايت موجب: ديو جو نالو ”زيرڪ ديو“ هو.

(1)  ش روايت ۾ هن واقعي جو ذڪر ڪونهي ۽ خ روايت موجب: حسن بانوءَ ڪمند اڇلي زلزله ديو کي گرفتار ڪيو.

(2)  ش روايت موجب: زلزله ديو کي شاهه بهرام قياس ڪري آزاد ڪيو.

(3)  خ روايت موجب.

(4)  خ شاهه بهرام کي اولاد ٿيڻ جو ذڪر ناهي.

*  هي قصو اسان 1946ع ۾ شيخ غلام حسين مرحوم وٽ سندس والد شيخ سائينداد جي بياض ۾ لکيل ڏٺو. هيءَ موجود روايت اسان منشي صالح محمد ٻُري جي بياض تان قلمبند ڪئي (ن.ب)

**  شيخ ابراهيم پٽ شيخ حمر لسٻيلي ۾ شيخن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. ڄام مير خان اول (1776- 1818ع) جي دور حڪومت ۾ ٿي گذريو آهي. ڀٽائي صاحب جو همعصر هو. مختلف روايتن موجب سندس ڄم 1730ع ۾ ٿيو هوندو. ڪهنه مشق ساعر هو. هن جي بدولت لسٻيلي جي شاعريءَ کي عروج ۽ شهرت ملي. وقت جي حاڪمن وٽ سندس قدر هو، ۽ وقت بوقت ڄامن جي درٻار ۾ کيس گهرايو ويندو هو، جتي هو پنهنجو ڪلام ٻڌائي انعام اڪرام حاصل ڪندو هو. ڪبيرشاهه سان سندس مشهور مقابلو به ڄام مير خان جي درٻار ۾ (1778- 1781ع ڌاري) ٿيو. سندس ڪلام جي پختگي ۽ مضمون جي جدت سبب کيس لسٻيلي جي ”شاعرن جو سرتاج“ چئجي ته بجا آهي.

(1)  سباب- ثواب.

(1)  ڪَزيهو - قضيو، حادثو.

(2)  هن بيت بعد اصل نسخي ۾ عرفي جو هيٺيون بيت ڏنل آهي: عرفي! اگر بگريه ميسر شدي وصال صد سال ميتوان به تمنا گريستن

(1)  اصل سٽ ناقص آهي. چورس ڏنگين ۾ اضافو اسان جي طرفان آهي. (ن. ب)

(1)  اصل نسخي ۾ هن بيت بعد هيٺيون فارسي فرد ڏنل آهي:

هر کرا بخت و تاج برسر اوست

هر کجا مي رود برابر دوست.

(1)  آندومس = مونکي آندو.

(1)  وانءَ وهليو آءُ = وڃ ۽ جلدي موٽ.

*  اصل عبارت: ”هوا هو گلابي سيئي رنگ رباب ڪباب ساري رات“

*  اصل عبارت: ”تهن هئي ڏائي ۽ ڏاتار، اڄ هلو ته درسن هلي ديکيون“.

(1)  اصل: ”سلون نه سور“.

(1)  اصل: ”رون سحر صباح.“

(2)  اصل پڙهڻي: ”کيڻ کاروءِ خير ڪين- الخ.“

(1)  حنين = دل جي ڇڪ ۽ سوز. اصل پڙهڻي: ”آب هيئن.“

(2)  اصل پڙهڻي: ”پنڌ سندي پارس.“

(1)  ڏمجي ڏينهاڻي (ڪذا).

(2)  اصل: ڪردهان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org