سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:5 

روايت (6)*

 

نال زبان ايمان ڪَنون ڪر آکان صفت الاهي،

ڪنون شوق شفيع دي پيدا ڪيتس اي جڳ سارا،

ڪيتس مير محمد دا ڪل عالم تي اشارا.

چار ئي يار نبي دي يارو عالم جنهان افلاڪي،

چارئي هوسن روز قيامت حوض ڪوثر دي ساقي.

دين دروني جنهن ڪون هووي حُب تنهان دي ڀانوي،

حُب انهان دي جنهن ڪون هووي، مول نه سوغم کاوي.

بغض جيڪي ببدين رکيسن چون يارين دي پارون،

غرق ٿيسن وچ آڙهه دي ٻي جاءِ نهين تنهن ڌارون.

هڻ ڪجهه آکن آک سڻاوان پيش گذشته شاهانا،

حضرت عيسيٰ آيا سير ڪريندا مڙس نبي مردانا.

ڀر ڪنڌي درياءَ ڪناري جاوت سير ڪِتوسي،

سِري بشر دي نال نظر دي پَٽ پيئي ڏٺوسي،

سري صحرا وچ پيئي ڏٺوسي ڌڙ تن ڌار جدائي،

ماس مغز سڀ کل تنهين ڪون ٿي ڳئي فوت فنائي،

هاري آهس هار ڏنديندي در وانگون ڀڄ داڻي،

هڏ تنهين دي ڌار هڏين تون، جي بيشڪ خاڪ سڌاڻي،

ڏينڀو رهن ڪويليان محڪم تنهن وچ جاءِ مقيدي،

اڇي تمام آڇائي تنهن دي جيوين برف سفيدي،

آني اکيان ني تن پکيان خاڪ ٻرن سي خاني،

نانگ ڪويليان وچ ڪنين دي واٽين جوڙ ڪيتاني،

ديدان اپڻي پار سري دي جان وت عيسيٰ چائي.

رهيا وچ عجب دي آکيس: اي تون رب الاهي!

پس ڪر خار پريشان تنهن ڪونه برسر خاڪ سَٽيوئي،

رب غفور رحيما تيڪُون عرض اهو مئن ڪردا،

ڪر معلوم مئن اتي احوال ڳجها اين سِر دا،

تا مئن ڄاڻان اين بندي دا ڪيا احوال ٿيوسي،

ڪيڙين وچ ڪپاران تنهن دي سو سو راهه ڪتوسي.

وحي آيا لهه صحيح سمائون قدرت نال الاهي،

آوڻ نال الايس عيسيٰ! آک ’چه مي تو خواهي؟

عيسيٰ ترٿ جواب الايا وَلدا گهن سري دا،

ڪرس زبان ته ڏيوي ميڪون حال مدت گذر دا.

آکيس، آک اي عيسيٰ! نال تيڏي ٻَهه ٻولي،

قصي موت حياتي دي سڀ پيش اڳون تو کولي.

چل ڳيا ول پار سري دي عيسيٰ ترت روانا:

ڏي جواب سري تون ميڪون، هي حڪم ربانا،

حال احوال سنڀال سڀئي ڪِ جيڪي ڏينهن ڏٺياني،

صورتوند سونهارا آهوين، ڪِ تون بد پيشاني،

ڪِ تون شاهه زمين دا اهوين، ڪِ تون مرد گدائي،

نال غني دي غني ٿيون، ڪِ پهتي بينوائي،

عمر گذاريئي نال بخل دي، ڪِ ڪينئي سڀ سخائي؟

جنت دي وچ جاءِ تيڏي، ڪِ جهنم جاءِ ٿيو ئي؟

آکي نال نبي احوال اهو مئن ڪرنش تان ڪرهيندا،

سڻ تون مرسل عرض ميڏا، هان ڪُهنا مڙس ورهه دا،

جمجما سلطان ميڏا نانءُ ملڪ اهس مُلڪاندا،

ٻڪريان وانگر ماڻهيان تي مئن آهس چوبان اُهندا،

جا بناءِ جميعت دي مئن وچ مصر دي جوڙي،

رب ڏني پاتشاهي ميڪون مشرق مغرب توڙي،

هميشه نال حڪومت دي مئن روءِ زمين نوائي،

مشتري ٿي اڱڻ ميڏي وچ ٻهون ڪيتي روشنائي،

دنيا دولت مال خزاني از قارون زيادي،

قارون آها پيش اساڏي وانگر مرد گدا دي،

صد هزار غلامان دي گيسو آهي عالي،

صد هزار غلامان دي سي روم ولايت والي،

صدهزار غلامان دي سي ترڪي اطلس پوش جنهان ڪون،

صد هزار غلامان دي سي زياده شمس قمر نون،

خالي ڪو نه رهيا تنهان وچ ڳهڻي زر زيور تون،

ناڻي نال خريد ڪيتي مئن بندي ات هي بردي،

هر هڪ مرد هميشه حاضر تيغان نال سپر دي،

ليل نهار نياز ڪنون او ڪرن سلام اسان ڪون،

ڪنهن ڪون قدرت ڪا نه ٿيوي چاٻولي سخن زبانون،

ڏهه هزاران بورچيخانا سنجهه صباحين ٻلدي،

سوين گداگر شهر تني دي روز اُتاهون پلدي،

چِهل هزار اُٺان دي آهن ڪالي رنگ جنهان دي،

ڍوهن بار هميشه اصل مور نه ٿيون واندي،

چار هزار سگان دي آهن ڇڙدي وتن شڪاري،

نو سو باز اساڏا آها نام جنهان دا بحري،

ايجها شاهه زمين تي آهس قابض هر ڪنهين تي،

نال نگاهه نوابت دي ڪر مرسل مهر مُهين تي،

نو سو سال پنجاهه ٿئي اينڪون موت پڄاڻي،

دوزخ وچ ڪتوني داخل ڪونه خدا ڪون ڄاڻي،

سري آوندي گهن نال سبب دي، وچ دنيا دي آئي،

 ڇُڙڪر مال مصردي جڏان ڪاڻ چرڻ دي ويندي،

پيرين نال ٽلندين اينڪون جهنگل ني سٽيندي،

ڪر سنگهير جڏان وت سانجهي وقت شهر دي،

مارن کُر کُرانڊيان اينڪون وچ ڪپار قهر دي،

چندين روز ٿئي آ اينڪون ايجهي بهت عذابي،

ازلون پيش لکي ڪا اين تي رنج اتي بيتابي،

حضرت عيسيٰ ڦير الايا: اي سڀ حال ڪيتوئي،

حال ٻيا ڪرنال ميڏي، موت صفن دا صاف پيالا ڪيوين

 لوڪ پيتوئي؟

هڪ ڏينهن هرڻين دي مئن ڪرڻ شڪار سڌاڻا،

ڪر شڪار جڏهان ول ٿيس ماڙي طرف روانا،

شاهي تاج پهر سڀ سر تي ڪيا افسوس سڻائي،

اسب اتي جو اطلس آهس سون سڀئي سرتائي،

مرض ڳڌا هي اينڪون تاسين وقت تهين خوش ويلي،

منقش ٿئي اسباب سڀيئي اسب سياه تنهن ويلي،

ساهه سرڻ وچ باهه پياهي جان جگر سڀ جَلدي،

سختي نال ايندي سر آهي روز عظيم ازل دي،

ويڄ طبيب طبان ڪڍ ڏيکن ڪرن هزار دعائين،

اثر نه ٿيوي ڪو لهر جتلا مرض ڪنون اين تائين،

ورد وظيفي وير ولي ٿي عاجز مرد مدامي،

في الجمله حال اهين ڪون گذرن ست ڏهاڙي،

آسمان ڪنون هڪ صورت ٿي جان سياه پهاڙي،

چار جهين دي هٿ آهي منهن، چار تهيندي ڄاڻي،

اَٺ جهين دي پير آهن ناشڪ تهين وچ آڻي،

آوڻ نال گهتيونس چنبي ترس نه ڪيتس ڪوئي،

مار چنبا ارواح ڳڌس تي ڪهل نه ڪيتس ڪوئي،

مار چنبا ارواح ڳڌس تي ڪهل نه ڪيتس ڪوئي،

داهان تون اغواهان ميڏيان سڻندن مَلڪ سمائي،

ساهه ڪڍڻ دي سختي جان وت پهتي اين تن تائين.

حضرت عيسيٰ ڦير الايا اي ڀي سنيم حقيقت ساري،

حال ٻيا ڪر نال ميڏي، ڪيا ڪيتئي قبر انڌاري؟

شهر سڄا پُر شور ٿيا ڪل درندي دانهن ڪريندي،

خاڪ مٽي منهن پاء ڪراهون برسودست مريندي،

خلق همه تي چرخ فلڪ دا ايجها ورق ولايا،

ڪوئي نه رهيا شاد ڪٿهين هر ڪوئي درد نمايا،

مرد زنان سرپاء ڪراهون آءُ ڪَٺي ٿئي اين تي،

چا اکيان ڪجهه شاهه اسان ڏون، کڙي ڪوڪارن تنهن تي،

زور زبان ڪون ڇوڙڳيا تڏهن وائي وات نه ولدي،

ڪيهي حال تنهين ڪون ڏيو ان ڦير تنهان ڪون ولدي،

آهين دانهين نال ڪهين دي ڪوئي نه پِڇتي ولسي،

چا ڪفن سرپاء ڪراهون آ ڪَٺي ٿئي اين تي،

آخر ڪفن ڍڪا ڪراهون ڏي ڪر واس عطر دي،

جوڙ جنازا چاء تني دا ڍڪن پاءِ قبر دي،

ٿيم عذاب حسابان ٻاهر ويندي راهه وچالي،

تهون پڇي ول ڪيتوني اين ڪون ني ڪر خاڪ حوالي،

لٽ قبرڪون سٽ اتاهين وچ لت لتان پئي ڏيندي،

لوڙ ايندي سر جوڙ ڪراهون ڇوڙ سڀئي ول ويندي،

ڪانڌي ٿئي پڇون تي پانڌي چاءِ کٽولي سر تي،

نوڪر چاڪر ڪوئي نه رهيا ماڳ مٽي دي ڀر تي،

ميڏي ٻاجهون ٻئي سڀ چلئي مئن رهيس هڪ اٿاهن،

رات جٿان ظلمات انڌاري آيس جال تٿاهين،

ملڪ آئي پلڪ تنهين وچ گرز مڱر دي چائي،

آوڻ نال آلاوڻ ڪولون اها گفتار الائي،

ڏي خبر تون پاڪ سچي دي ڪريندا رب ڪهڙا،

دين ڪهڙي وچ هويون هميشه آک نبي هي جهڙا،

ڪرڻ سوال جواب تنهين دا اينڪون مون نه آيا،

غضب ڪنون چا گرز اُلاريا وچ سر مَلڪ ڀُڪايا،

تهون پِڇي تب تاءِ ڪنون ول مَلڪ ڏوجهي دا وارا،

جان جگر تي جي سڀ سخت عذابين ساڙيا،

گرز انيڪون جي ملڪين مارئي بهت عذاب سڌاڻي،

هڏ سڀئي ڀڄ ايندي خسخاس جيڏي ٿئي داڻي،

داڻي ميل ڪراهون تنهن دم ماڻهو جوڙ مليندي،

سوئي سوال جو پُڇيا آهني انسان ڦير الاندي،

ڪرڻ سوال جواب تنهين دا اينڪون مول نه آوي،

ڪرن حساب حسابين دي جٿ اينڪون ڪون ڇڙاوي،

تنگ ڪتوني قبراندي چوطرف زمين دي چاري،

آکن آک اهو دن خاڪ آوڻ دا ياد نه آها تيڪون،

تئن جيهي ڪئين شاهه زمين تون لڏ ڳئي لک هزاران،

موت جنهان ڪون مار ڪراهين ڪيتن تن تلواران،

راتيان ڏينهان روح تيڏي ڪون مال ميلڻ دا سعيا،

ڪوئي تيڪون دم گور آوڻ دا هرگز ياد نه آيا،

دور دراز قصا هي اهيندا ڪيا ڪر آک سڻائين،

حال ڪيها تئن نال ڪران، سائين! ڳالهه ڪڇڻ دي نانهين،

ڪر ڪا مهر مسيحامين تي آک تون نام الاهي،

رب غفور ڪون ڪيتس سجدا ڪارڻ سوال سري دا،

سوال مليس في الحال نبي دا آگي عرض اگهايا،

ڄنگهين ٻانهين نال جثي دي جوڙ ڪيتا رب سارا،

روح پيوس وچ رڳان دي، ٿيا صورتوند سونهارا،

ترت تنهين دم سرت ٿيس، ڳئي ڏرت ڏڄندر تهيندي،

ٻاجهه الله دي ٻاجهه بنون ٻيا ڪير لاهي ڏک ڪهيندي،

چاليهه ڏينهن تنهين ڪنون پِڇي جمجما آها جيندا،

کاوڻ پيوڻ ٿولا ڪيتس، ياد الله ڪون،

ڪلمي نال عمر ڏوجهي ڏي جان پهتي ڏنهن ملاڪون.

لا اِلٰھ اِلله محمد رسول الله


 

 

روايت (7)*

چيل سانوڻ فقير خاصخيلي**

 

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي باري بيپرواه،

 

قادر جي قدرت جي، ڪمي مور نه ڪا،

 

خليفو ڪري خلقيائين، مير محمد شاهه،

 

الله جَل جَلالَه، آهي نرمل جنهن جو نانءُ،

 

اول خلقيائين آدم کي، پوءِ خلقيائين ٻيا،

 

ڪري ويٺو قدرت مان، ڇا منجهان ڇا،

 

تنهن پاڪ جي پيٽ مان، لاکين لک ٿيا،

 

ويهاريائين وجود ۾، جوڙي جاءِ بجاءِ،

 

ٻانهي کي ٻاجهه مان، ٿو رازق روز رساءِ،

 

پاڻ جوڙي پاڻ ڌڻيم ٻئي جي نه آهي جاءِ،

 

وصف تنهن واحد جي، ڪري نه سگهان ڪاءِ،

 

ساري دنيا ”سانوڻ“ چئي، خلقي پاڻ خدا،

 

پهرين وجهي پساه، پوءِ ٿو ماري موت سان.

2-

پوءِ ٿو ماري موت سان، ڏس تنهن رازق سندا رنگ،

 

قادر پنهنجي قدرت سان، خلقيا خان ختنگ،

 

ڪئين خان کپي ويا، واري اندر ونگ،

 

عيسيٰ نبي الله جو، آيو جهولئون وٺيو جهنگ،

 

سِسو ڀر سمنڊ جي، ڏٺائين هڏ هتنگ،

 

مٿو تنهن ماڻهوءَ جو، وڏو آهي وتنگ،

 

ٿو بَکائي بر ۾، درياءَ پاسي ڌڌنگ،

 

سڃو پيو هو ”سانوڻ“ چئي، جنهن جا روءِ ڦريا هئا رنگ،

 

ساهه بنا هيءُ سنگ، آهي ڪن ايامن جو.

3-

آهي ڪن ايامن جو، تنهن جي سڻ بات بُري،

 

سِسو ڀر سمنڊ جي، جهونو ٿيو جهُري،

 

کپي سو خاڪ ۾، ڀڄي ويو ڀُري،

 

مٿي جي مال ڇڏي، پڄائي پُري،

 

ايندي ويندي ان کي، ڪيائون کُرن سان کُري،

 

منجهس ماڪوڙين جا، ويا ڍڳ ڍري،

 

نڪتا ٿي نيشن مان، سانگيئڙا سُري،

 

لڳس ٿي لَٽَ جي، مٿي لُوهه لُري،

 

واري تنهن جي وات جا، ڇنڊيندي ڇُري،

 

سِسو ڏسي ”سانوڻ“ چئي، چهڪ پيا چُري،

 

ويا آهن ڏينهن گذري، پارس کي پَٽ ۾.

4-

پارس کي پٽ ۾، ٿيا جُڳ جيئي،

 

رکيو هو راءِ جو، مارڳ مٿيئي،

 

کڻي آيس کُرن سان، ڌڻ به ڌڪيئي،

 

ڀڃي تنهن ڀڳل کي، ڪيئون لتاڙي لئي،

 

عيسيٰ پيو عجب ۾، ڏسي حال به هڏيئي،

 

سسي ڀر ”سانوڻ“ چئي، وير رهيو ويهي،

 

پوءِ پرور کي پيئي، ڪا ڪهل هن ڪفيل تي.

5-

ڪهل تنهن ڪفيل تي، پيئي پيغمبر،

 

مٿو تنهن ماڻهوءَ جو، ٿو بَکائي منجهه بر،

 

نڪو پير پٽ ۾، نڪو بت ڀَڀَرُ،

 

نڪي هٿ حبيب جا، نڪو ٻانهن بَرُ،

 

نڪا نيشاني نڪ جي، نڪو ڪن ڪوپر،

 

نڪا ڄڀ ڄاڙي تنهن جي، نڪو ماس نه مر،

 

نڪا ڇٽ تنهن ڇڳير ۾، نڪو ڳڀ نه ڳر،

 

نڪا لوئي لڱن تي، نڪو سينو سپرَ،

 

عاشق جي اکين جا، ڇڻي پيا ڇپر،

 

ڏند ڏاڙهون تنهن جا، ڄراٽي ويئي ڄر،

 

سوگهو پيو هو ”سانوڻ“ چئي، قابو منجهه ڪلر،

 

مرسل ڏٺا ماڪوڙين جا، منجهس وير ولر،

 

سُريو تنهن سِسي تان هليو ڪن هلر،

 

عيسيٰ پيو عجب ۾، ڇانگئون ڏسي ڇَر،

 

پيو فائق منجهه فڪر، حضرت پسي هڏي کي.

6-

ڏسي حال هڏي جو، ٿيو دانهه کي دليل،

 

مٿو آهي ماڻهوءَ جو، آهي ڪو اصيل،

 

بيهي رهيو بر ۾، ڪري قول ڪفيل،

 

هادي کنيا هٿڙا، وارث! ڏي وَسيَل،

 

پرتئون سو پڙهڻ لڳو، عيسائي انجيل،

 

پڙهيو تنهن فقير تي، ڦيڻا وجهي فيل،

 

اُڀئون اُلهي آئيو، جودئون جبرائيل،

 

جنهن اچي روح روان ڪيو، واحد جي وڪيل،

 

پيو ساهه سسي ۾، هن کي جياريو جليل،

 

خبر پڇي خليل، سا حقيقت هڏي کان.

7-

حقيقت هڏي کان، پڇي پاڻ پرين،

 

’سچي ڪِ ”سانوڻ“ چئي، جيڪا هوءَ محب تنهنجي من،

 

ڪِ مرد مڻيادار هئين، ڪِ منجهان عورتن،

 

ڪِ تون پريو مڙس آهين، ڪِ منجهان جوانن،

 

ڪِ اُمتي آهين البيلو، ڪِ منجهان نبين،

 

ڪِ بادشاهه آهين ملڪ جو، ڪِ منجهان وزيرن،

 

ڪِ فقير آهين آدمي، ڪِ منجهان پينارن،

 

ڪِ رئيس آهين ڪنهن راڄ جو، ڪِ منجهان پاڳارن،

 

ڪِ کارائيندل آهين خلق کي، ڪِ منجهان سخين،

 

ڪِ تون بدبخت آهين ٻانهون، ڪِ منجهان بخيلن،

 

ڪِ تون پڙهيل آهين آدمي، ڪِ مُلو مسيتن،

 

ڇا آهي نالو تنهنجو، هتي آئين ڪهڙي ئي ڪمن،

 

ويٺل آهين ڪهڙي گام جو، ڪهڙي ولايتن،

 

ڪهڙو توسان ويل ٿيو، پئين ڪهڙن منجهه ڏکن،

 

هڏا! انهيءَ حالن، ڇو پيو آهين پَٽ ۾.

8-

ڇو پيو آهين پٽ ۾، بيڪس ٿيو بيران،

 

عيسيٰ پيو عجب ۾، حال ڏسي ٿيو حيران،

 

مٿو جنهن ماڻهوءَ جو، سو آهي ڪو انسان،

 

حڪم ٿيو هڏي کي، جاڳي اٿيو جوان،

 

پيو ساهه سِسي ۾، هن تي راضي ٿيو رحمان،

 

مهندا اٿي مرسل جي، بيهي ڪيائين بيان:

 

عيسيٰ! اڳئين واري جو، آءٌ آهيان انسان،

 

جاني! مونکي جڳ ٿيا، ڇڏئي هي جهان،

 

ڪهڙيون توسان ڪريان ڳالهيون، خبرون اٿئي خان:

 

نالو منهنجو اٿئي پڌرو جمجما سلطان،

 

رهندو هوس روم ۾، هو مصر منهنجو مڪان،

 

ايڏا منهنجا حڪم هئا، ايڏا منهنجا سامان،

 

دانهه ڌڻي! توسان، ڪڏهن ڪوڙي ڪندس ڪان،

 

حقي ڳالهه حقان، عيسيٰ! اٿئي ايتري.

9-

پهريون مذڪور منهنجو، سڻ خاوند! تون کمي،

 

تون خليل آهين خدا جو، عيسيٰ آدمي،

 

پلٽي پيا پرين تي، ڳوڙها سر ڳَمِي،

 

وهيو آب اکين مان، ريلا رت رمي،

 

دنيا دولت جي، مون وٽ هئي ڪانه ڪمي،

 

مشرق مغرب وچ ۾، هوم حڪم حاڪمي،

 

مون جهڙو ٻيو ڪو نه ٿيو ملڪ ۾، بادشاهه غني،

 

سورن ۾ ”سانوڻ“ چئي، مون لاءِ اها راهه رمي،

 

سائين! سڀني، هو حڪم منهنجي هٿ ۾.

10-

ٻيو مذڪور منهنجو، سڻ تون نيڪ نبي!

 

لهندا انهي پٽ ۾، ڪئين لعل لڀي،

 

مون جهڙو ملڪ ۾، هوندو ڪونه ڪڀي،

 

جهڙي سونهن سج جي، تهڙو شان شبي،

 

عيسيٰ اڇيءَ دل سان، مون جهڙو نه هو ٻيو مومن مذهبي،

 

نَو لک ناڻي مال جا، ڏهاڻي ڏيندو هوس في سبي،

 

سائين جي صاحبي جي، ڪهڙي ڳالهه ڪبي،

 

اها بادشاهي خدا جي، ڪهڙي رنگ ربي،

 

ڪئين مير مرسل هئا، ڪئين نيڪ نبي،

 

ڪئين ڪامل ڪويسر هئا، ڪئين تفنگ طالبي،

 

ساڻ نه هلندي ”سانوڻ“ چئي، سدا جڳ صاحبي،

 

هتان هرڪو چاس چٻي، هلندو هن دنيا مان.

11-

حضرت عيسيٰ ٽيون مذڪور، سڻ شاهن جا شاهه،

 

خدا ڏاڍو بادشاهه، باري بيپرواهه،

 

هي دنيا عيسيٰ نبي! ڪنهن کي ٿيندي ڪا نه نيباهه،

 

نرمل! ويندو نڪري، هي پرائو پساهه،

 

ڪامل! ڪبو ڪهڙو، ساهه تي ويساهه،

 

ڪئين مير مرسل هئا، ڪئين اصلي گمراهه،

 

هرڪو ويندو حڪم ڇڏي، وٺي رباني راهه،

 

رهندو نالو الله جو، ٿيندو سارو جڳ فناء،

 

سنئينءَ لڳندا ”سانوڻ“چئي، جيڪي ڪندا ڪاهو ڪاهه،

 

دور وڏي داناهه، هئس ته تالابين تخت تي.

12-

چوٿون مذڪور منهنجو، ٻڌ ڪامل! ڏيئي ڪن،

 

ته لک حڪيمن جو هو، جي دوا دارون ڪن،

 

ٻه لک سئيسن جا هئا، جي بيٺا فرمائشون ڪن،

 

ٽي لک واڻين جا هئا، جي بازرون بنائين،

 

لک پخالين جو هو، جي پاڻي پهچائين،

 

ڪئين اوٺا ڪئين انڙ، هئا تورا منجهه ٿرن،

 

منهنجي هئي مُهر مٿي ملڪن، هوس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

13-

پهرين رات پيڙي، مون ۾ طاقت ڇڏيئين ڪونه،

 

عيسيٰ! آب اکين مان، پڌر پلٽيو پون،

 

مٽ مائٽ جمجما جا، بيٺا رت روئن،

 

اٺئي پهر الله کي، بيٺا ائين چون،

 

ته جمجما سلطان جا، هڏ حياتي هئن،

 

اهو سور مڙيو ئي سون، جنهن پٺيان خاوند خير ٿئي.

14-

ٻيجي رات ٻيڻو، وڌيئي دردَ تَنج،

 

عيسيٰ! آب اکين مان، هليو پئي هنج،

 

لڳي سوڙهه ساهه کي، ٿيس مرڻ منجهه،

 

هادي! انهيءَ هنڌ تي، پهر لڳا پنج،

 

راڻيون روئن راءِ جون، ڏک ڏسيو ڏنجهه،

 

اهو رباني رنج، ٿيو جمجما سلطان تي.

15-

ٻيجي رات ٻيڻو، وڌي ٿيو درد دماء،

 

نڪا سار سرير ۾، نڪا سڌ سماء،

 

لڳيون ٿي لالڻ جون، اکيون آسماء،

 

يار ڀائر مڙيئي، سڀئي ٿيا بي طماع،

 

آسرو جيئڻ جو پليو جمجماء،

 

ڏاڍي زور زَماء، اچي جهليو موت مارڻ لاءِ.

16-

ٽيجي رات ٽيڻو، سور نه ٿو ساهي،

 

ڦري ويٺا فوجون ڪري، صوبا ۽ سپاهي،

 

لڳي مُهر زبان تي، آئي اکين اونداهي،

 

جمجما سلطان جي، اڄ ساٿ ڪئي سنڀاهي،

 

عيسيٰ! امر الاهي، مڃيو مون مٿي ٿي.

17-

چوٿين رات چڪي پيا، ڪريان واڪا ۽ وس،

 

قدرت سان قادر جي، وڌي ٿيو سور سرس،

 

خدا ڏاڍو بادشاهه آهي، جنهن کي پئي ڪو نه ترس،

 

ڏکن منهنجي ڏيل تي، غازي! ڪيا آهن گس،

 

بچڻ جو بس، لٿو آسرو انهن کي.

18-

چوٿين رات چُري نه سگهان، طائف تخت تي،

 

آئي خيما کوڙيا، موت به مون تي،

 

لڳي مُهر زبان تي، وچينءَ ويلي،

 

سون رپو صدقو ڪري، ڇڏيون ريلي،

 

هر حيلي، من هيءُ بادشاهه، بچي پوي.

19-

پنجين رات پاٽاري تي، هوس پاسي ڀر پيو،

 

مرسل! سور مٿي جي، مونکي نهوڙي نيو،

 

کاڌو پيتو خوف مان، وسري سڀ ويو،

 

ڪريو دانهن درد مان، پوان اٽليو،

 

طبيب حڪيم حڪومت جا، پڇان سڀ ڪوٺيو،

 

تن ڏاهن جي ڏس کان، پتو ڪو نه پيو،

 

ڀلا ڀاڳ منهنجو، عيسيٰ! اچي الٽيو،

 

قسمت ڪم ڪيو، اڄ جمجما سلطان سان.

20-

ڇهين رات ڇوٽڪو، مور نه ٿئي منهنجو،

 

حڪم ٿيو عزرائيل کي، جو مولي ملڪ مڪو،

 

ڏسي تنهن ڏونگر کي، منهنجو ساهه سڪو،

 

جمجما سلطان کي، چئي ايئن چڪو،

 

ته بندا تنهنجو بند ٿيو، هلي روز دُڪو،

 

ڪر سر صدقو، ڏيئي روح رب کي.

21-

ستين رات سورن جا، پيا ڇر ڇُٽي،

 

ڇٽڪي پيا ڇوهه مان، نيهي نيڻ ٽٽي،

 

دوا منهنجي درد تي، لڳي ڪانه ڦڪي،

 

ڀلا ڀاڳ منهنجو، پيو عيسيٰ! الٽي،

 

آيا ڏينهن کُٽي، اڄ جمجما سلطان جا.

22-

جمجما سلطان تي، اڄ شاهد بيٺا شر،

 

ڪاري روح قبض ڪري، عيسيٰ! سو آخر،

 

داناءُ هو هن دنيا ۾، هو راهه مسافر،

 

کڻي سڃو سر، اُٿي راهه روانو ٿيو.

23-

ڇنو گل گرنار جو، ڪيڏانهن تخت ويا ڪيڏانهن مال ميراث،

 

خدا ڏاڍو بادشاهه آهي، جنهن نمايا ڪئين ناٿ،

 

دانا! هن دنيا ۾، هو گهڙي ساعت،

 

پرهه ڦٽي پرڀات، ڏنائين دم دنيا ۾.

24-

ڌوپي واسي ڌوپ سان، جوڙي آندو جوان،

 

کڻي رکيئون کٽ تي، مرميت هوء مهمان،

 

رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، ٿيو ڄاڃين کي ڄاڻ،

 

کڻي کٽولو هليا، جوڌو هي جوان،

 

پوندي ويو پِٽ جو. مصر ڏي ماتام،

 

پُني جا پِٽ جي، عرش مٿي آنه،

 

رويو رويو راڻيون، ڏسن ڏکڻ ڏانهن،

 

توتي جمجما، آيو امر الله جو.

25-

کڻي کٽولو هليا، مرڪي مصر ڏانهن،

 

پڙهندي ويا پرينءَ تي، ڪانڌي ڪلمان،

 

رکي مڙهه مقام ۾، پانڌي وريا پانه،

 

حڪم ٿيو عزرائيل کي، پڇاڻو ٿيو پاناهه،

 

ماريو تنهن مڙهه کي، ڪُٽيو ڪڍڻ قبر مان،

 

اتي جمجما، ڪلمي ساڻ قرار ٿيو.

 

لااِلٰھ اِلا الله محمد رسول الله


 

*  هيءَ روايت اتر (تعلقي قنبر) مان فتح محمد کان ملي.

*  هيءَ روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي محمد خان) مان قاضي الهورايي کان ملي.

**  سانوڻ فقير خاصخيلي بيتن جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. لاڙ جو ويٺل هو. اٽڪل ٽيهارو سال اڳ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org