سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:13 

روايت- 2

بانڪو شاهه بهرام*

ڪنهن زماني ۾ روم ولايت تي ڪشور شاهه نالي هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. کيس ”شاهه بهرام“ نالي شهزادو هو، جو شڪار جو ڏاڍو شوقين هو، ۽ رات ڏينهن شڪار پٺيان پيو هلندو هو. هڪڙي ڏينهن شاهه بهرام امير اُمراءَ ساڻ ڪري شڪار تي نڪتو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جيڪو شڪار جنهن جي سامهون اچي اهو ئي شخص ان جانور جي پٺيان لڳي. انهيءَ رٿ موجب جهنگ ۾ هرڪو شڪار جي انتظار ۾ بيٺو هو ته اچتو هڪڙو هرڻ، شاهه بهرام جي اڳيان ظاهر ٿيو، هن تير هنيس پر گُسي ويو، هرڻ ڇال ڏيندو ڀڄڻ لڳو. شهزادي انهي هرڻ کي پنهنجو شڪار سمجهي گهوڙو کڻي سندس پٺيان ڇڏيو. اڳيان هرڻ پٺيان شهزادو، هلندا هلندا ٻئي ملڪ ۾ وڃي نڪتا. اتي سج به اچي لٿو ۽ هرڻ به جهنگل جي اوٽ ۾ ڪنهن پاسي غائب ٿي ويو. شهزادو هي حال ڏسي ويچار ۾ پئجي ويو. گهوڙي تان لهي هڪ وڻ هيٺ ويهي رهيو. نڪي نوڪر چاڪر، نڪي سنگتي ساٿي، اڪيلو ئي اڪيلو ويهي خدا جي قدرت جو ويچار ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح شاهه بهرام رات اتي جهنگ ۾ گذاري، صبح جو اٿي ڀر پاسي مان ٿورو شڪار ڪري بک پلي، ۽ پوءِ پنهنجي گهوڙي تي سنج رکي اٿي هڪڙي طرف هليو.

اڻ سونهين واٽ ۾ اڳتي پوئتي ٿيندو ڇهن ڏينهن ڇهن راتين بعد اچي هڪڙي جبل جي وَٽ ۾ پهتو. انهي جبل ۾ چوطرف نهاريندي کيس تمام مٿانهينءَ چوٽيءَ تي هڪ گنبذ نظر آيو. سڄي هفتي جي هيڪلائيءَ بعد هن گنبذ کي ڏسي شاهه بهرام البت سرهو ٿيو ۽ گهوڙو ڊوڙائيندو اچي انهيءَ گنبذ ڀيڙو ٿيو ۽ هڪدم گهوڙي تان لهي منجهس لنگهي ويو. گنبذ جي اندرين بناوت ۽ سينگار شاهه بهرام کي ڏاڍو حيران ڪيو ۽ هيءُ گنبذ جي هرهڪ شيء کي غور سان ڏسندو اڳتي وڌندو هليو. اوچتو کيس هڪ صفي ۾ سفيد پٿر مان ٺهيل هڪ تمام سهڻي مورت ۽ ان جي ڀر ۾ هڪڙو پير مرد ويٺل نظر آيو. شاهه بهرام ان جي ويجهو وڃي ويٺو. اتي پير مرد هن کان حال احوال ورتو ۽ پوءِ شاهه بهرام جي پڇڻ تي کيس پنهنجو احوال هن ريت ٻڌايائين ته: آءٌ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ۽ ناليرو سوداگر هئس. قسمت سانگي واپار ڪندي ملڪ گهمندي وڃي چين ولايت ۾ نڪتس. شهر گهمندي گهمندي هڪڙي ڏينهن منهنجي نظر وڃي انهيءَ ملڪ جي بادشاهه ’فغفور شاهه‘ جي حسن ڌيءَ ’گل اندام‘ تي پيئي. هن سهڻي شهزاديءَ کي ڏسڻ شرط آءٌ مٿس عاشق ٿي پيس ۽ پوءِ انهيءَ سانگي اتي رهي پيس. بس پوءِ ته هن جو عشق جيئن پوءِ تيئن زياده ٿيندو ويو. مون به ملڻ لاءِ ڪئين حيلا هلايا. لک لٽائي ڇڏيم، پر هاءِ قسمت، منهنجي هڪ به نه هلي ۽ نون ورهين جي قسمت آزمائي بعد نااميد ٿي سندس شڪل جي هڪ مورت ٺهرائي، واپار وڻج ڇڏي اچي هتي ويٺس ۽ هاڻي هن مورت کي ڏسيو اندر جي باهه اجهائيندو رهان ٿو. شاهه بهرام انهيءَ مورت تي ته پهرين ئي موهت ٿي پيو هو ويتر پير مرد جي زباني ٻڌي اڻ ڏٺي عشق ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ انهيءَ مهل ئي پيرمرد کان موڪلائي اٿي پنڌ پيو.

ڪي ڏينهن خدا جا شاهه بهرام کي هن ڏس ۾ ڏوريندي گذري ويا. آخر هڪ ڏينهن واٽ تي هڪڙو سهڻو باغ ڏسي، ڪجهه وقت آرام ڪرڻ جي خيال سان ان ۾ گهڙي ويو ۽ هڪڙي وڻ جي ڇانو هيٺ ويهي رهيو. اتفاق سان اهو باغ ڪو ديون جو هو.(1) ديو ان وقت ڪنهن پاسي گهمڻ ويا هئا ۽ سندن ڀيڻ ’سروان‘ محلات ۾ ويٺي هئي. سروان کي باغ ۾ هڪ آدمزاد ڏسي ڏاڍو قياس آيو، سو پنهنجيءَ بانهيءَ کي چيائين ته: باغ ۾ جيڪو شخص ويٺو آهي تنهن کي اول ڪجهه طعام کارائي پوءِ ٻڌائينس ته هي باغ ديون جو آهي جي ڏاڍا ظالم آهن، تنهنڪري بهتر آهي ته انهن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي هتان ڀڄي وڃ. ٻيءَ حالت ۾ سر جو خير ڪونهئي. ٻانهيءَ حڪم مطابق اچي ائين ڪيو. شاهه بهرام جواب ڏنس ته: ديون جي ظالم ۽ بهادر هجڻ جا دڙڪا نه ڏي، باقي جيڪڏهن هونئن ئي اوهان جي مرضي هجي ته آءٌ اٿي وڃان. ٻانهي هي نياپو ۽ خالي ٿانو کڻي محلات ۾ ويئي ۽ سڄي حقيقت وڃي ديون جي ڀيڻ سان ڪيائين.

اڃان ٿوري دير مس گذري ته سروان جا سنئي ڀائر ديو اچي پهتا. انهن مان وڏي ديو ’سغفور‘ جي نظر اوچتو وڃي شاهه بهرام تي پيئي، سو پنهنجي ننڍي ڀاءُ ’شماس‘ کي چيائين ته: وڃ ۽ انهيءَ شخص کي هڪدم باغ مان هڪالي ڪڍ. شماس ديو ڏاڍيون گجڪارون ڪندو اچي شاهه بهرام جي سامهون ٿيو، پر هن ويچاري جي ڪا به حڪمت ڪانه هلي ۽ الٽو شاهه بهرام جي هٿان گرفتار ٿي پيو. سغفور ديو هي حال ڏسي تپي باهه ٿي ويو ۽ نمبروار پنهنجن ٻين ڀائرن قماس، تميل، ڪميل، هامين ۽ شامين کي شاهه بهرام جي مقابلي لاءِ موڪليائين. پر شام بهرام سڀني کي قابو ڪندو وڻ ڌاري ٻڌندو ويو. آخرڪار پاڻ به ميدان ۾ آيو پر ساڻس به اهڙي ئي حالت ٿي. شاهه بهرام هنن ستن ئي ڀائرن کي قابو ڪري وري ساڳيءَ طرح بالم ٿي وڻ هيٺ ويهي رهيو. سروان پنهنجن ڀائرن کي هن طرح بيوس ڏٺو سو پاڻ هار سينگار ڪري شاهه بهرام وٽ آئي ۽ اچي ڀائرن جي آزادي جو عرض ڪرڻ لڳي. شاهه بهرام سندن نمڪ کايو ويٺو هو، تنهنڪري مجبور ٿي ستن ئي ديون کي آزاد ڪيائين، جي پوءِ سندس مطبع ٿي رهيا. اهو ڏينهن ڏاڍن شادمانن سان گذارڻ بعد شاهه بهرام اڳتي وڃڻ جو ارادو ڪيو. اتي ديون عرض ڪيو ته: اي سورهيه شاهه بهرام! هن تر ۾ هڪ ديو ’فرح‘ نالي رهي ٿو، جو تمام ظالم ۽ سخت دل آهي. ديون ۽ انسانن کي ستائڻ سندس پيشو آهي. مهرباني ڪري اول ان کي پنهنجي طاقت جو مزو چکاءِ پوءِ ٻئي ڪنهن پاسي وڃ. شاهه بهرام هي ڳالهه قبولي ديون سان گڏجي اٿي هليو.

ديو شاهه بهرام کي وٺي انهيءَ کوهه وٽ آيا، جنهن ۾ فرح ديو رهندو هو. شاهه بهرام ديون کي ٻاهر بيهاري پاڻ هڪ رسيءَ جي مدد سان هيٺ لهي ويو. ڇا ڏسي ته هڪ عجيب محلات آهي ۽ اهو ديو هن محلات جي هڪ ڪمري ۾ گهريءَ ننڊ ۾ ستو پيو آهي. ساڳئي ڪمري ۾ هڪ سهڻي شهزادي ڏاڍي غمگين حالت ۾ ويٺي آهي. شهزادي هن محلات ۾ هڪ انسان کي ڏسي عجيب ۾ پئجي ويئي ۽ شاهه بهرام کي چيائين ته: تون ڪير آهين ۽ هتي ڇو آيو آهين؟ هيءَ گهمڻ جي جاءِ نه پر هڪ ظالم ديو جو آستان آهي، تنهنڪري جيترو ٿي سگهي اوترو جلد هتان ڀڄي جند ڇڏاءِ. شاهه بهرام وراڻيس ته: تون خيال نه ڪر، آءٌ ڀڄڻ لاءِ نه پر انهيءَ ديو کي مارڻ لاءِ آيو آهيان. هاڻي مونکي ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين ۽ هن ديو وٽ ڪيئن آئي آهين؟ شهزادي- جنهن جو نالو ’روح افزا‘ هو. تنهن وراڻيو ته: آءٌ هتان کان سوين ڪوهه پري هڪ ملڪ جي بادشاهه جي ڌيءَ آهيان. هڪ ڀيري هيءُ ديو وڏو لشڪر وٺي اچي اسان جي شهر کي گهيرو ڪري ويٺو ۽ منهنجي پيءُ کي جنگ ڪرڻ يا منهنجي سڱ ڏيڻ جا دڙڪا ڏيڻ لڳو. هي حال ڏسي منهنجي پيءُ اميرن وزيرن سان صلاح ڪئي. نيٺ فيصلو هي بيٺو ته جيڪڏهن جنگ ڪبي ته خونريزي به ٿيندي ۽ نتيجو وري به ساڳيو نڪرندو ته هيءُ ظالم ديو شهزاديءَ کي کڻي ويندو. تنهنڪري بهتر آهي ته لکين جانين جي عوض هڪڙي جان قربان ڪجي. ان ڏينهن کان وٺي آءٌ هن ديو جي قبضي ۾ آهيان ۽ سال ۾ هڪ ڀيرو مائٽن مان گهمي ايندي آهيان. انهيءَ احوال ڏيڻ کان پوءِ شاهه بهرام کي چيائين ته: اڃان هي ديو ننڊ مان جاڳي ئي جاڳي تنهن کان اڳ کيس تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏ. بانڪي بهرام وراڻيس ته: ڀيڻ! بيخبريءَ واري حالت ۾ دشمن کي مارڻ مردن جو شان نه آهي. مونکي خدا تعاليٰ طاقت ڏني آهي ته پوءِ ڇو نه هن کي هوشيار ڪري پوءِ ماريان، ته ڀل کيس به آدمزادن جي بهادريءَ جو پتو پوي. ائين چئي ديو کي تلوار جي نوڪ سان چوڪ ڏئي اٿاريائين ۽ ساڻس نهايت مردانگيءَ سان مقابلو ڪري آخر ماري وڌائينس. هن سوڀ کان پوءِ شاهه بهرام ۽ روح افزا ديو جي گڏ ڪيل قيمتي خزاني سميت کوهه کان ٻاهر نڪتو ۽ ساڳين ستن ديون سان گڏجي سندن محلات تي آيو.

هاڻي شاهه بهرام کي چين ولايت جي اڪير وري اچي ورايو، سو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري ستن ئي ديون، سروان ۽ روح افزا کان موڪلائي سفر جو سانباهو ڪرڻ لڳو. موڪلائڻ مهل ستن ئي ديون پنهنجا وار شاهه بهرام کي ڏنا ۽ چيائون ته: ڪنهن به مشڪل وقت ۾ جيڪڏهن هن کي سيڪ ڏيندين ته اسين اچي حاضر ٿينداسين. ساهه بهرام هي امانتون ساڻ ڪري اٿي پنڌ پيو ۽ هلندو هلندو اچي هڪڙي سمنڊ جي ڪناري تي پهتو. اتفاق سان ڪناري تي ڪن سوداگرن جا جهاز بيٺا هئا، سوداگرن شاهه بهرام کي اڪيلو ڏسي کني پاڻ سان کنيس. واٽ تي هنن جهازن کي هڪ سامونڊي بلا ڦري آئي. جهازن وارن بلا کي ڏسي ڊپ مان وٺي دانهون ڪوڪون ڪيون پر شاهه بهرام جي بهادريءَ هي مشڪل به آسان ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح هي قافلو ڪن ڏينهن پڄاڻا اچي چين ولايت پهتو. ڪناري تي لهڻ وقت شاهه بهرام ڏاڍو سرهو ٿيو، پر شهر ۾ وڃڻ سان ماڻهن ۾ جو خوف ۽ پريشاني ڏٺائين تنهن کيس عجب ۾ وجهي ڇڏيو. ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار صبح شام شهر جا چڪر هنيائين پر کيس ڪٿان به انهيءَ حالت جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو. آخر هڪڙي ڏينهن کيس هڪ پرديسي ماڻهو مليو، جنهن کان حال احوال ڏيندي وٺندي کيس معلوم ٿيو ته ڪجهه وقت کان بلغار ملڪ جو بادشاهه(1) هن شهر کي گهيريو ويٺو آهي ۽ فغفور شاهه کان سندس ڌيءَ جو سڱ ٿو گهري. فغفور شاهه جيئن ته بلغار جي لشڪر سان مقابلي جي همت نٿو ساري سگهي، تنهنڪري بادشاهه خواهه سڄو شهر انهيءَ پريشانيءَ ۾ مبتلا نظر اچن ٿا. شاهه بهرام اهو حال ٻڌي موقعي مان فائدي وٺڻ جو ارادو ڪيو. ڇا ڪيائين جو سج لهڻ کان پوءِ لڪي ڇپي شهر کان ٻاهر وڃي ديون کان مليل وارن کي ساڙڻ لڳو. وارن کي ٿوري ئي سيڪ اچڻ شرط ست ئي ديو پنهنجي لشڪر سميت اچي حاضر ٿيا ۽ شاهه بهرام کان حقيقت معلوم ڪري وڃي بلغاري ڪٽڪ ۾ پيا. هوڏانهن بيخبر انسان ۽ هيڏانهن ديون جو لشڪر، نتيجو هي نڪتو جو ٿوري وقت اندر سڄو ميدان صفا ٿي ويو. سغفور ديو بلغاري بادشاهه جو سر وڍي آڻي شاهه بهرام جي اڳيان رکيو. شاهه بهرام ديون جي هن ڪارنامي کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين واپس وڃڻ جي موڪل ڏيئي، بلغار جي بادشاهه جي سِري ۽ هڪ خط جنهن ۾ لکيل هو ته هيءَ فتح بانڪي بهرام ڪئي آهي. نيزي جي نوڪ ۾ اٽڪائي پنهنجيءَ جاءِ جي اڳيان کوڙي ڇڏيائين.(2)

ٻئي ڏينهن صبح ٿيڻ سان شاهي خابرن اچي بادشاهه کي ٻڌايو ته جنهن ميدان تي بلغار جو بادشاهه لشڪر سميت لٿل هو. اتي ماڻهن جا ڌڙ، سسيون، ڀڳل هٿيار ۽ رت جا درياء لڳا پيا آهن ۽ ميدان ۾ هاريل خواهه کٽندڙ ڌر جو ڪو به ماڻهو ڪونهي. بادشاهه فغفورشاهه هيءَ خبر ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو ته آخر اهو ڪهڙو گمنام، مهربان ۽ بهادر شخص آهي جنهن رات وچ ۾ سڄو مشڪل آسان ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ هڪ ٻيو سپاهي سراءِ جي اڳيان کتل نيزو، سسي ۽ خط سميت کڻي اچي درٻار ۾ حاضر ٿيو. بادشاهه هي خط پڙهي ويتر وائڙو ٿي ويو ۽ انهي شخص کي هٿ ڪرڻ لاءِ چوطرف سپاهي موڪلي، پاڻ ساڳيءَ طرح ويهي حڪومت هلائڻ لڳو.

بادشاهه فغفورشاهه جي ڌيءَ گل اندام جو هي دستور هوندو هو ته هر جمعي ڏينهن محلات جي دريءَ مان منهن ڪڍي پنهنجن مشتاقن کي ديدار ڪرائيندي هئي، تنهن کان پوءِ سندس خاص ٻانهي سوني ٿالهي کڻي نذر وٺڻ جي بهاني سان عاشقن جي اوڏو اچي سندن حال خواهه حيثيت معلوم ڪري وڃي شهزادي گل اندام کي ٻڌائيندي هئي. اهو دستور ڳچ وقت کان پئي هليو، پر ان وچ ۾ ڪوبه اهڙو شخص ڪونه آيو، جنهن کي سونهن ۽ بهادريءَ جي حيثيت کان شهزادي گل اندام پنهنجي لائق سمجهيو هجي.

شاهه بهرام، بلغار جي بادشاهه جي سسي ۽ خط، سراءِ جي اڳيان ڇڏي شهر کان ٻاهر هليو ويو ۽ پنهنجي شاهاڻي پوشاڪ لاهي، ڪارو فقيراڻو ويس ڍڪي هوبهو فقير بنجي اچي ديدار واري دريءَ جي سامهون عاشقن جي قطار ۾ بيهي رهيو. قصو ڪوتاهه- آخر جمعي جو ڏينهن به آيو، انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ چين ولايت جي شهزادي دريءَ مان ليئو پائي وري گم ٿي وئي. شاهه بهرام، شهزادي گل اندام جو حسن ڏسي حيران ٿي ويو. اڃان انهيءَ محويت واري عالم ۾ ئي بيٺو هو ته ’دولت‘ ٻانهي سوني ٿالهي آڻي اڳيان جهليس. شاهه بهرام به دل جهلي منڊي آڱر مان لاهي کڻي ٿالهيءَ ۾ وڌي ۽ پاڻ وري ساڳيءَ طرح اکيون دريءَ ۾ کپائي بيهي رهيو. ٻانهي سڀني عاشقن جو حال معلوم ڪري نذرانن واري ٿالهيءَ سميت وڃي شهزاديءَ وٽ پهتي. شهزادي گل اندام ٿالهيءَ ۾ هن نئين قسم جو نذرانو ڏسي ٻانهيءَ کان هن نئين عاشق بابت احوال ورتو. ٻانهيءَ ٻڌايس ته هي ڪو پينو فقير آهي ۽ عشق جي اري ۾ اوچتو ڦاٿل ٿو ڏسجي. تنهن تي شهزاديءَ وراڻيو ته ائين هرگز نه هوندو. منهنجي دل شاهدي ٿي ڏئي ته هي ڪو خانداني شخص آهي. پينو فقير، جيڪي پيٽ گذر ڪندا وتن، سي ههڙن اونهن اشارن مان ڇا سمجهن! حاصل ڪلام- ٻانهي، شهزادي جي چوڻ سان ٻه ٽي ڀيرا شاهه بهرام وٽ آئي ۽ اوري پري جون ڳالهيون ڪري حقيقت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين؛ پر شاهه بهرام هر ڀيري دردن جي داستان ۽ وصال جي واين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٻڌايس. هوڏانهن شهزاديءَ جو هي حال جو ديدار جا سڀ دستور وساري ٻانهيءَ کي هن عاشق ڏانهن موڪليو، پاڻ اچيو دريءَ کان بيهي. آخرڪار هي فيصلو بيٺو ته: دري بند ڪري، نياپن سنيهن جو سلسلو ختم ڪري ڇڏجي. پوءِ جيڪڏهن هو سچو عاشق هوندو ته پوءِ سر تريءَ تي رکي به اچي ملندو. هڪدم دري بند ٿي ويئي. ٻانهي وڃي ٻئي ڪم ڪار سان لڳي ۽ ساهه بهرام کي باهر بيٺي انتظار ڪندي رات پئجي ويئي. اتي هن جي دل ۾ گمان پيدا ٿيو ته متان شهزاديءَ کي ڪاوڙ لڳي هجي يا ٻانهي ڪجهه کيڏ پکيڙي هجي، تنهنڪري الله تهار ڪري وڃي ماڙيءَ تي چڙهيو ۽ لڪندو ڇپندو محلات ۾ چڪر هڻن لڳو. چوطرف خدمتگارن ۽ ٻانهين جي اچ وً ڏسي، ڳالهه کلي پوڻ جي خيال سان موٽي آيو ۽ اچي ساڳئي هنڌ ويهي رهيو.

هوڏانهن روم ولايت جي بادشاهه ڪشور شاهه پنهنجي پٽ شاهه بهرام جي اوچتي غائب ٿيڻ جو ٻڌي، انهي ڏينهن کان جي ماڻهو چوطرف موڪلي ڇڏيا هئا؛ تن مان هڪ ٽولو انهيءَ ساڳئي پيرمرد- جيڪو جبل واري گنبذ ۾ رهندو هو. تنهن جي ڏس تي ڏوريندو، ديون کان ٿيندو، اچي چين ولايت ۾ پهتو. بادشاهه فغفور شاهه کي ڪشور شاهه جا پيغام ڏنائون، جنهن کين وڏي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڏئي، کين اهو خط به ڏيکاريو جو شاهه بهرام ڳجهارت طور سسيءَ سان گڏ نيزي ۾ ٻڌي ڇڏيو هو. رومي ماڻهن خط جا لفظ ۽ لکڻي سڃاڻي رڙ ڪري چيو ته: هيءُ ساڳيو اسان جو گم ٿيل شاهه بهرام آهي. پوءِ بادشاهه فغفور شاهه کي عرض ڪيائون ته اسان کي هڪ ٻه ماڻهو ڏيو جن جي مدد سان اسين شهر ۾ شاهه بهرام جي ڳولا ڪريون. بادشاهه اها ڳالهه پسند ڪئي ۽ بروقت رومي مهمان ۽ چيني ماڻهو گڏجي شاهه بهرام جي تلاش تي نڪتا.

سارو شهر ڳولي جڏهن محلات جي سامهون واري ميدان تي آيا ته شاهه بهرام فقيري ويس ۾ ملين. رومي ماڻهن هڪدم شاهه بهرام کي سڃاڻي ورتو ۽ ڏاڍيون عزتون ۽ تعظيمون ڏيئي، شاهاڻي پوشاڪ پهرائي کيس درٻار ۾ وٺي آيا. ساري شهر ۾ اها ڳالهه پکڙي ويئي ته ڪاري پوشاڪ وارو فقير ئي دراصل شاهه بهرام هو، جنهن بلغار جي بادشاهه کي شڪست ڏني هئي. پوءِ بادشاهه فغفور ساهه، شاهه بهرام کي ڏاڍيون عزتون ڏيئي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ کانئس بلغار جي بادشاهه کي مارڻ بابت پڇڻ لڳو. شاهه بهرام وراڻيس ته: آءٌ ظاهر ته اڪيلو آهيان، پر مون وٽ باطني لشڪر تمام گهڻو آهي. ائين چئي ساڳين وارن کي کڻي سيڪ ڏنائين ته ستئي ديو اچي حاضر ٿيا. ديون کي ڏسي سڀني درٻارين کي شاهه بهرام جي طاقت جو يقين اچي ويو. شاهه بهرام پوءِ ڪجهه وقت ترسي فغفور ديو جي مدد سان سروان ۽ روح افزا کي گهرائي ورتو ۽ کين شهزادي گل اندام ڏانهن شاديءَ جو پيغام کڻي وڃڻ لاءِ چيو. سروان ۽ روح افزا جي وڃڻ کان پوءِ شاهه بهرام پاڻ به وزير جي معرفت بادشاهه سان اهڙو ذڪر ڪيو. بادشاهه پنهنجي سر ته اها آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي، پر ايترو چيائين ته آخرين فيصلو شهزاديءَ جي رضامنديءَ سان ٿيندو.

هوڏانهن شهزاديءَ ته انهي پيغام لاءِ واجهايو پئي، تنهن سروان ۽ روح افزا سان اول ته ڪجهه انگل ڪيو، پر پوءِ نيٺ دل جي ڳالهه ظاهر ڪيائين. شهزاديءَ کان اهڙي اطلاع ملڻ تي شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون ۽ مقرر ڏينهن تي رسمي سوڻن ساٺن ۽ ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٻنهي جي شادي ٿي گذري. شاديءَ کان پنڌرهن ڏينهن گذرڻ بعد شاهه بهرام وطن ورڻ جي ڪئي، ۽ چين جي بادشاهه فغفور شاهه کان موڪلائي ستن ديون، ٻن ڀينرن ۽ گل اندام سميت واپس وريو. واٽ تي ڪجهه ڏينهن(1) ديون واريءَ ديهه ۾، ۽ پير مرد وٽ ترسندو، منزلون ڪندو هڪڙي ڏينهن اچي وطن پهتو.

بانڪو شاهه بهرام*

چيل ڇَتي کٽيءَ جو**

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن الله،

 

هادي حق وڪيل آهي باري بيپرواهه،

 

پنهنجون پاڻ پلڪ ۾ ڪري روح رضائون لاء،

 

خاوند خاڪيءَ ۾ وڌو سگهه پنهنجيءَ سان ساهه،

 

هڪ راو وڏيرو روم جو هو ڪامل ڪشور شاهه،

 

تنهن کي نصيب مرتبا، هيون ڏاتيون ڏاتر ڏانهه،

 

تنهن وٽ سَو سپاهه، هيون کاڻيون خزانن جون.

2-

هيون کاڻيون خزانن جون، تنهن نر وڏو هو نام،

 

پٽ تنهن کي هڪڙو هو ’بانڪو شاهه بهرام‘،

 

سو شهزادو شڪار ريءَ، دم نه ترسي دام،

 

وڳيو وير وريام، ٿو ماري مير مِرُن کي.

3-

تنهن شهزادي شڪار سان، هو چِت وڏوئي چاهه،

 

سو چڙهيو شوق شڪار جي، اَنت وٺي اُمراءَ،

 

دماما ۽ ديميون، ساڻس سَو سپاهه،

 

ڳانُن ڳڻـي ڳالهڙي، ڪئي سردارن صلاح،

 

سوئي ڪري ڪاهه، جنهن جي منهن مرون پوي.

4-

ٻهڳڻ ٻيلين سان چڙهيو، ڪري اِيءُ انجام،

 

پرو کنيائون پاڻ ۾، محڪم وٺي مام،

 

تان آيو هرڻ اوچتو، دانَهه سندي دام،

 

گَنوءَ جو تير گسي ويو، آهوءَ جي آندام،

 

ڪَهه ڪڍ گهوڙو ڪاهيو، بر مٿي بهرام،

 

تازي تيز تکـــــو ڪيو، وونڪـــــي واءَ وريـــــام،(1)

 

هرڻ هٿ آيس ڪينڪي، جُنگ جفا ڪئي جان،(2)

 

وڃي پراهين پنڌ تي، ڍاريو لعل لغام،

 

هيڪل کان هشام، وڃي رڻ ۾ پيس راتڙي.

5-

رڻ ۾ پيس راتڙي، ات پيو لهنگ لهي،

 

جُنگ جارئون جاڳڻ لڳو، ٻهڳڻ ڄام ٻهي،

 

عاشق اکڙين تي ويئي رات وهي،

 

صبح سوار سهي، هليو عاقل اڳتي.

6-

ساري حضرت شاهه کي، سنجيائين سمند،(1)

 

پهر چارئي پٽ ۾، پانو ڪيو پنڌ،

 

نڪا وَسنو ويجهڙي، نڪو راهه نه رند،

 

اتي آسابند، ٿيو گهوڙو ٻيلي گهوٽ سان.

7-

پانوَ پنجينءَ رات جو، ڄاڻڻ ۾ ڄاتوس،

 

ته جو جنهن کي لکيو، پير تنهين پاتوس،

 

منجهه هلاڪيءَ ڏکڙا، تنهن ريءَ ڪير ڪندوس،

 

پوءِ پيدا هرڻ ٿيوس، امر ساڻ الله جي.

8-

ڇهه راتيون ڇهه ڏينهن، ويا ورنهه گذري،

 

نڪو توشو طعام جو، نڪو پاڻي مينهن،

 

تان نر ناتو نينهن، شهزادي شڪار سان.

9-

مرون پکي ماريو، ڏينهان ڪري شڪار،

 

بر ۾ وجهي باهه تي، سو طعامون تڪرار،

 

حيلي هلي اهڙي بانڪو برخوردار،

 

جيسين ٿئي سيخ تيار، تيسين گهوڙو اڀي گاهه چري.

10-

سبب ستين ڏينهن تي، چڙهي هليو چنڊ،

 

بادشاهزادو پهلوان، جنهن جو باري بخت بلند،

 

ڪٽڪ مان قسمت کنيو، رسيو راوت رند،

 

اچانڪ اٻڙند، ڪامل آيو ڪوهه تي.

11-

ڪامل چوٽيءَ ڪوهه جي، اچي رند رسيو،

 

هڪ پِياسِي اڃ جو، ٻيو ڌُپ گهڻو لهسيو،(2)

 

پانَو ات پسيو، غازيءَ گنبذ هڪڙو.

12-

غازي جان گنبذ ۾، پانڊو ويو پيهي،

 

تان محب روشن مهتاب جيئن، هو اتي اڳيئي،

 

ڪئنچن جان قريب جي دونڪي ٿي ديهي،

 

بانڪي تنهن بهرام کي ڪل نه هئي ڪيهي،

 

ته ڪنهن ملهه مورت جو ڪري روغن سان ريهي،

 

چوٽي نپٽ نانگ جيئن، کاهه کڙيءَ پيئي،

 

دل دانهه ويئي، پسي حسن هراسيو.

13-

پسي حسن هراسيو، جُنگ پيو تنهن جار،

 

وير گهڙي ويجهو ٿيو، چاهه گهڻي چوڌار،

 

ته چار صفا چئني ڪنڊين، تن ۾ تخت چوکا هن چار،

 

ويٺي آهي تنهن تخت تي، هڪ ناز ڀري نينگار،

 

سا پاڪيزي پوشاڪ سين، ڏاڍي ڏيک ڪنوار،

 

تنهن جا ڪئنچن ڀريا ڪيس هئا، ڪاريهر جي ڪار،

 

ٿيو ديوانو درڪار، پسي مورت موهيو.

14-

پسي مورت موهيو، بانڪو شاهه بهرام،

 

ٻيو ات ڏٺائين آدمي، وڏو وير وريام،

 

ڏنو سُنگ سلام، اچي پانوَ پيرامرد کي.

15-

پرئي مڙس پاڻ، بات پڇي بهرام کان،

 

ڪير آهين، ڪيڏانهن اچين، آهين ڪير جواڻ؟

 

ڪڏهن آيو ڪونڪو، ماڳ انهيءَ مهماڻ،

 

منهنجي وير وٿاڻ، تون ناگهه اچي نڪتين.

16-

شهزادي شعـــــوروند، ڏنــــــي خبر هـــــيءَ خـــــان،(1)

 

راو وڏيرو روم جو، پٽ تنهين سلطان،(2)

 

چڙهيو هوس شڪار تي، صحرا منجهه سڄاڻ،

 

ڪٽڪ مان قسمت کنيو، ڪاهيندي ڪيڪاڻ،

 

هرڻ پٺيءَ هيڪڙي تکي ڪيم تاڻ،

 

تنهنجي وير وٿاڻ، ناگهه اچي نڪتس.

17-

پريا مڙس! پانهنجو، آکين ڇو ته احوال،

 

ڪئين خواهه خوشيءَ جا، برهه ڪئين برحال،

 

پنهنجي جيءَ جنجال، صاحب لڳ سليج تون.

18-

ادا! انهيءَ ڳالهه تون، ٽري وَنءُ ٽاڻي،

 

توکي نه درد دَهوڙيو، ٿو مرڪين منجهه ماڻي،

 

واتان واکاڻي، صاحب لڳ سليج مون.

19-

چئي: هوس سوداگر اڳهين، دانهه دولتمند،

 

سودي ڪارڻ سُود جي، پر ڀُونئي گهميس پنڌ،

 

جيڪي جنهن کي لکيو، سوئي ڪري صد،

 

توڙيئي تقدير کان ڪير ڪڍائي ڪنڌ،

 

اچانڪ اٻڙند، چئنچل آيس چين ۾.

20-

فائق ڌيءَ فغفور جي، هئي منجهه ولايت چين،

 

سا منور ماهتاب کان، حسن گهڻو حسين،

 

سون نه ثاني سڄڻين، جلوي جوت جبين،

 

ڪانه ڏٺي مون ڪاٿهين، ٻي ظاهر سر زمين،

 

مان لائق لک خرچيا، ته به وارو وصل ٿيو ڪين،

 

تان پي سڪ سندين، مان نَو ورهه وطن ڦٽو ڪيو.

21-

نَو ورهه ناتو رکيو، تو ڪهڙي بات بيان،

 

هئا ٻياڀي جنگ جوان، ڪي عاشق هئين تون هڪڙو؟(1)

22-

ٻيا بي انت اڪابر آدمي، دانَهه دنڌاگير،

 

بادشاهزادا پهلوان ۽ ٻيا ويکڻ ڪاڻ وزير،

 

سوين هزارين صحن ۾، ٻيا عاشق منجه اڪير،

 

محب مشفق مهربان، اڳيوم ماڙيءَ منهن منير،

 

سا وڄ کان روشن وير، ڏئي جلوو جمعي ڏينهن تي.

23-

ڏئي جلوو جمعي ڏينهن تي، جڏهن نيڻين ڪري نگاهه،

 

ڪن کي ڏسڻ سان ڏندڻ پون، ڪي وير وسا ٿين واهه،

 

ڪي گونگا ٻوڙا گرفتي، ڪي چريا منجهئون چاهه،

 

عاشق ان اوٽار ڪئين کيپ ٿيا ۾ کاهه،

 

ڪيئي ديوانا درسن لئي، ٿي دهدڙيءَ داناهه،

 

هفتي ۾ هر گاهه، اچي سامت ساهه سڀڪنهين.

24-

ٻئي جمعي جلوونِ، اپر اهڙيوئي ڏئي،

 

پنهنجي هر سڀڪنهين، جڏهن سري کيپ سندونِ،

 

سي ڇڪن ٿيندا ڇو نه، جن اهڃ اهڙوئي ڏٺو.

25-

صبر، ننڊ، آرام، ٽيئي وهم وساريا،

 

تان پئي سڪ تمام، اندر اوتارا ڪيا.

26-

نَو ورهه ناتو رکي، مون پئي واٽ عشق ووڙي،

 

ساهه سڪ ساجن سان، ساعت نه سا ٽوڙي،

 

جا جڙ جانب جوڙي، سا اکيلڻ اهنجي ٿئي.

27-

ويهان تان وائي، سمهان تان سندن سوهڻو،

 

آڻي آڳ عشق جي، تن ۾ تپائي،

 

جا لنو پرينءَ لائي، سا اکيلڻ اهنجي ٿئي.

28-

هو صاحب سندو صورت، منهنجو ملڻ مشڪل ٿيو،

 

پوءِ مونکي سا مورت، کڻي محبتين معلوم ڪئي.

29-

ماڻهو مصور جي هئا، دانَهه دهداري،

 

اچي وٽ انهن جي، ڪيم ترتئون تياري،

 

اچي وٽ انهن جي، ڪيم ترتئون تياري،

 

هيجان هزارن کي بخشيم بسياري،

 

تن جوڙي خوب جهد سين، مورت موچاري،

 

سا هيري لعل جوهر سان، سهجئون سينگاري،

 

نو لک ناڻي مال جي، ڪيم اُتس اوساري،

 

تڏهن آڌر اڳين جي ٿيم، تڳان انهيءَ تاري،

 

مڙي مسافريءَ جي، ڪيم عاقل اختياري،

 

هئي قسمت قراري، مونکي رازق هت رهائيو.

30-

پانَـــــو پيرامـــــرد کـــــان، بـــــات پڇـــــي بهرام،(1)

 

گَنُو! تنهنجو گذران، ڪيئن آهي ڌاران آزڪي؟

31-

چئي: عاشق اڳيئي آهيان سوداگر تجار،

 

اُٺ ٻيلي ٻهون اٿم، ڀاڙي تي بسيار،

 

سي توشو طعام تيار، آڻيو ڏنيم آزڪو.

32-

پسيو منهن مورت جو، جانب ٿو جيئان،

 

لنو لنو اندر نه لهي، سندس حب هينئان،

 

ڪنهن کي ڏوهه ڏيان، اهڙو قلق فراق جو.

33-

مونکي گل اندام جو، جيءَ جئي ۾ جار،

 

لنو لنو اندر نه لهي، تار سندين تڪرار،

 

مئي متي مهراڻ جيئن، ڏي اندر ۾ اُٻڪار،

 

ڇوليون ڏي ڇلڪار، آڻيون آب اکين مان.

34-

مونکي ان مورت، آهي محسن مستان ڪيو،

 

سا پسان صورت، جنهن جي نقل نهال ڪيو.

35-

سهسين عاشق اُت، آهن سهج پريان جا سيڪڙو،

 

ڇڪيءَ ۾ ڇنيو ڪري، روح تنين جا رت،

 

باڪا تو بهرام جي، حاجت ناهي هت،

 

ڀُڻ منهنجيءَ ڀَت، وَنو مانجهي ماٺ ڪري.

36-

محسن! منع ڇو ڪرين؟ مان ڀي وڪر وير پيوس،

 

پريان سندي پار ڏي، وڃي صدقو ساهه ڪندوس،

 

اڳيان ’گل اندام‘ جي کيما کوڙيندوس،(2) 

 

مدعي پنهنجي محب جا سڀيئي ماريندوس،(3)

 

سو محب ماڻيندوس، موٽان تان ڪَر ميهڻو.

37-

چئچل وڃين ٿو چين تي، تان رمي ٿيءُ راهي،

 

هو به آهن بادشاهزادا پهلوان، جن سان سهسين سپاهي،

 

توسين برڪت الاهي، جو ٿو ايڏيون جرئتون جوان ڪرين.

38-

سهسين سو هزار، آهن سهج پريان جا سيڪڙو،

 

جن کي لڳي آهه لطف جي، اندر تن تنوار،

 

سي لکين ليلائن ٿا، پڙ ۾ پزاوار،

 

خوبيءَ جي خمار، آهن محبتي مجنون ڪيا.

39-

مانجهي مورت موهيو، ڪين ٻڌي ٻي ڳال،

 

بانڪي تنهن بهرام کي، برهه ڪيو بيحال،

 

پيو جُنگ جنجال، لڳيس ناوَڪ نينهن جي.

40-

لڳيس ناوڪ نينهن جي، دل ۾ سندي دلبر،

 

سو موڪلائي محسن کان، اُسهيو الله آهر،

 

محبت مستانو ڪيو، بـيبيو گهمي بر،

 

ڪاڻ قريبن ڪيترا، وڏا ڪيائين ور،

 

جهاڳي جيل ٿر، وهم ورونهن پرينءَ جي.

41-

وهم ورونهن پرينءَ جي، بانڪي اڃ نه بک،

 

هيجان حب حبيب جي، دانَهه دل ۾ دک،

 

لاهه ڏولاوا ڏک، الله! عاشقن تان.

42-

اَپر ٿي عاشق کي، تن منجهه سڪ سڀر،

 

ٽاڻي ٽي ڏينهن گذريا، گذريو ڏيڍ پهر،

 

ناگاهه نظر آئيو، باغ هِڪو منجهه بر،

 

بانڪو تنهن بستان جي، داخل ٿيو منجهه در،

 

تنهن ۾ نهريون، نيون نياڻ هئا، ٻيا گويا گل گذر،

 

هڪ گهري ڇانو ”ڇتو“ چوي، ٻي هئي ڇٽيدار ڇٻر،

 

هڪ چنبيليون چمن ۾، ٻيون جايون مٿي جر،

 

وَسنوَ وسيون وڏاندريون، ٻيا ميوا هئا موچر،

 

هن ڀي الله آهر، اچي گهوڙو ڏايو گاهه ۾.

43-

گهوڙو ڏايو گاهه ۾، ڪري ٿو نِر نهار،

 

گل رنگارنگي ڪيترا، ٽڙيا سَو هزار،

 

چونڪ چنبيليون چمن ۾، چوڪنڊين چوڌار،

 

ٻارن منجهه ٻَهون هئا، رابيلا رنگدار،

 

املداس، انجير هئا، جيرا، جرڦل ڌار،

 

مرچ، مساڳ ٻيا گهڻا هئا اندر اڪيچار،

 

ڇڳا ڇُهارن جا، ٻيا ڏونگهيءَ سندا ڏار،

 

ٽالهيون ٽڪاڻن ۾، هئا ڦارئا ڦرهيدار،

 

وڻ لائن وڻڪاريون، اتي ليما، انب، انار،

 

نمون، سربهل، سئانجڙا، گلڦل ۽ گلزار،

 

پست پواڙيون ات گهڻيون، ٻي ڌاڻن جي ڌڌڪار،

 

بڪم بيد باهڻ ٻيا، هيون کجيون منجهه خمار،

 

گل دالچيني، گل لالا هئا، ٻي گونٽن جي گلزار،

 

سورج سنبل سوسن ۽ ڪرنا منجهه قطار،

 

سوين تنهن ۾ سروَ هئا، ٻي مينديءَ جي ملهار،

 

گل لالا گل ڪيتڪي، کڙيا کٽڻهار،

 

کليا گل گلاب جا، درس ٿيا ديدار،

 

ٻيريون ۽ ٻٻر گهڻا هئا چمن کي چوڌار،

 

ڪرڙ ڪانڊيرا گهڻا، جاتي ڦوڳ ڦُٽا ڦلهار،

 

کيون ڳاڱيون ڳم هئا، ٿاڪ ڪندا ٿڌڪار،

 

ڪچنالو ۽ ڪيوڙا، اُت امرود اڪيچار،

 

گل گلزاريون ڪيون، کليا ڏاڙهن ڏار،

 

پن وڃي چٻ پانَ جا، ديک ٻيا ديدار،

 

ڪوڙين ڪٽڪ ڪيترا، ولين جا ولهار،

 

ساوا وڻ سڀ هنڌين، هي قرب ڪيا ڪلنار،

 

چهه چهه چمن ۾ لڳي، ٻي ڪوئلن ڪوڪار،

 

بيحد ڀونرا باغ ۾، ٻي چتن جي چونگار،

 

وٺن واس گلن جا، هوءِ هوءِ ۽ هٻڪار،

 

ٻوليون ڪن ٻاٻيها، ٻي ڳيرن جي ڳٽڪار،

 

ڳڻي ڳڻيا ڪيترا، ٿيا سوين لک شمار،

 

سائينءَ جا سينگار، بيحد گهڻا هن باغ ۾.

44-

گل چونڊيندي ڦُلڙا، ٻانهي جان آئي،

 

پسي زينت زيب سان، جوان ڏٺئين جائي،

 

بانڪي تنهن بهرام کي، ڪل نه هئي ڪائي،

 

دانههَ کؤن دائي، پرتئون پاڻ پڇي پئي.

45-

عرض ڪري ٿي شاهه کي، گل چونڊيو گولي:

 

ڏيهه اٿئي ديو جي هاڪاگامي هل،

 

ٻيا ڀي ملڪ امل، اتي دانهه انهي دڳ سان،

46-

عرض ڪري ٿي شاهه کي، گل چونڊيو گولي:

 

هي سر صدقو ڪيان، جند جان ڏيان گهولي،

 

سمجهه سٺي ٻولي، آهي آدمزاد جي.

47-

نر پڇي ٿو نار کان: ڪامڻ! ڪهڙيءَ ڪار،

 

ڏينهن گهمين ٿي باغ ۾، راتيان سير پسار،

 

ديهه آهي ديون جي، هٽ نڪو بازار،

 

تنهنجو نالو ڇاهي نار! سل مونکي سچ چئي.

48-

ديهه اٿي ديون جي، هيءُ هنن جو گانءُ،

 

’شامان‘ منهنجو نانءُ، ۽ دائي آهيان ديون جي.

49-

شاهه چيو تڏ شامان کي: اڳ نه آيئي مهمان،

 

دڙڪا ڏيو ٿي ديون جا، ڪرين طرح طرح جا تانَ،

 

مون ساڻي سڀ سامان، بٺڪ ڪندس هن باغ ۾.

50-

موٽي ماڙيءَ ڏي هلي، نرتئون ڦري نار،

 

دائي ميٽ ملي ڪري، ترت ڪيو تيار،

 

نازڪ جاڳي ننڊ مان، کيپ ڇڏي خمار،

 

هو ڏينهن جمعي جو وار، جو ٿي وهنجي ويس وڳا ڪري.

51-

’سل ٻانهي تون سچ چئي، تو ڪنهن سان ڳالهايو،

 

اڄ اسان جي باغ ۾ ڪو آدمي آيو،

 

توکي راوت رهايو، وَنگي تنهن وڻراهه ۾‘.

52-

موٽي سائڻ کي چيو، ناز ڀري تنهن ناز:

 

ڏنو هجيئي تان مار، نه ته اڻ ڏٺا عيب نه ڏي.

53-

ڪامل پاسي ڪُور جي، جان هيڪل بيٺو هو،

 

تان محب مٿان ماڙيءَ مون، پاتو لال ليئو،

 

ناگهه نظر نر تي، پريءَ جو ته پيو،

 

تنهن کان وهم ويو، پسي سونهن سوار جي.

54-

پسي سونهن سوار جي، ڪيائين طعام تيار،

 

ٻهڳڻ ٻانهيءَ سان ڪيو، ويل انهيءَ ويچار:

 

ته منهنجو هن مهمان کي، ڏي نياپو نروار،

 

ديهه اٿيئي ديون جي، مانجهي! مهل مَ گذار،

 

ويا اٿئي شوق شڪار جي، اچي ڪاٽيندءِ ڪپار(1)،

 

اسين ڪريون چڱائي تنهنجي، متان ڪرين پوءِ ميار،

 

طعام کائي تڪرار، ٿيءُ بانڪا! پاسي باغ کون.

55-

کاڄ کڻي منجهه خونچي، واهه ويئي ٻانهي،

 

تنهن برابر بهرام سان، ڪئي ظاهر زباني:

 

ته ديهه اٿئي ديون جي، اي ڇِڪو سلطاني،

 

ست ڀائر ’سغفور‘ جا، آهن ڪاسڪ ڪلياني،

 

ويا آهن شير شڪار تي، ديو به دوراني،

 

انهن جي اچڻ جي، ٿي عاقل آوداني،

 

هيءَ کائي مهماني، ٿي بانڪا پاسي باغ کون.

56-

تڏهن ٻهڳڻ ٻانهيءَ سان ڪئي هوريان ڳالهه هري:

 

هليس ڏورانهين ڏيهه کان، منهنجو پنڌ پري،

 

آءٌ ڀي آسائش ڪريان، گهوڙو پڻ گاهه چري،

 

مر جان ڏينهن ٺري، ته پوڃاڙيءَ پنڌ پوان.

57-

ٻانهي ٻهڳڻ کي چوي، ٻئي ٻڌيو ٻانهون(1):

 

تون آدمزادو آدمي، هو آهن بانڪا! بلائون،

 

ايندا شير شڪار تان، ڪاوڙجي ڪاهون،

 

هڪلي هنڌاهون، متان جدا ڪَنِي هن جُوءِ مان.

58-

تڏهن دانَهه دائيءَ سان ڪئي، اهڙي پر آزي:

 

هي مانجهاندي جو ماڳ آهه، مر رهي ٿيان راضي،

 

نڪو وڻ وڍيو ٿم باغ جو، نڪا بنايم بازي،

 

ڪندا ڪهڙيءَ ڳالهه تان ديو به درازي!

 

آءُ به گَم آهيان غازي، مڙان تان ڪَر لڄ مهڻو.

59-

نڪو ٿو وڻ وڍيان باغ جو، نڪو ٿم دغائيءَ جو دام،

 

ديو ڇو درازي ڪري، منهنجو ناحق وٺندا نام،

 

هاڻي آءٌ به غازي گَم بهرام، موٽان تان ڪُر لڄ ميهڻو(2).

60-

’وَنو ونهيان واٽ وٺي، ويٺو ڪيم نهار،

 

اٿئي اڙانگي گهڻو، ديون جي درٻار،

 

هو ظالم وڏي زور سان، متان ڪٽينئي ڪپار،

 

ڪر ڪامل چوکي ڪار، وَنودانهه پنهنجي ديس ڏي.‘

61-

ٻاهر وسيلا ويڙهه جا، اندر عشق آڻِي،

 

ماني کارائي مير کي، ويئي دائي رڇ کڻي(3)،

 

ڏينهن تپي ڏاڍو ٿيو، گذري ويل گهڻي(4)،

 

تڏهن پيدا ٿي پَڻي، ديون جي دوفان جي.

62-

ذري پڄاڻا ظاهر ٿيا، ڪٽڪ جان ڪر ڳل،

 

سڀڪو هليو گهر ڏي، لڙي مون لشڪر،

 

ست ڀائر سغفور جا، هئا ڪوپا قداور،

 

سي سڀ آيا ماڙيءَ تي، دانَهه ديو ڌڌڪر،

 

سواريءَ مون سغفور ڏٺو، ڏاڍي ساڻ ڏمر،

 

نامئي جي نه نظر، وڃي باغ پئي بهرام تي.

63-

تڏهن سڀني مون سغفور ڪيو، ننڍي تي ارشاد،

 

تــــــه هڪ بانڪو اٿئي بــــاغ ۾، ادا! آدمزاد،(1)

 

ڏيئي داٻ دهشت جو، ڪج مدعيءَ کي ماد،

 

چور هجي يا ساڌ، ته ٻڌي آڻج پاڻ سان.

64-

تڏهن شوم ’شماس‘، وِڇٽيو وانگي واءُ،

 

ڏنائين داٻ دهشت جو، دونڪي آيو داءُ،

 

تنهن برابر بهرام کي، هنيو گرز هٿاءُ،

 

هن ڀي کيڙي کي ”کڻي“ چوي، گهوٽ گسايو گهاءُ،

 

بانڪو ڏيئي بائلي، اٿيو ڪاوڙجي ڪستاءُ،

 

تنهن ونگي وير وچاءُ، ٻهڳڻ ديو ٻڌي ڇڏيو.

65-

روئندي آئي رت ڦڙا، دائي مٿي در،(2)

 

هاڙهي جي همت جي، پيئي ڪچهريءَ ڪر،

 

’ته بانڪو پيو اٿو باغ ۾، ٻڌو ٻانهن ڀر‘،

 

تڏهن ڪاوڙجي ’قماس‘ اٿيو، ديو ڏيئي ڌڌڪر،

 

تنهن ڪيو مانجهيءَ ساڻ مقابلو، ڪوپي قداور،

 

هن هنيو گرز هٿ کڻي، سورهه ڏنس اوٽ سپر،

 

پوءِ ڪيهر ساهيا ڪر، ڪري وسوءَ کي وَٽ ۾.(3)

66-

پوءِ منجهان تاب ’تميل‘، ڪيا مانجهيءَ ساڻ مقابلا،

 

تنهن برابر بهرام سان، فند کيڏيا ٿي فيل،

 

تان پهتو پڄي کي پيل، اُو ڀي شير شڪار ٿيو.

67-

ڪاوڙ جي ’ڪميل‘ اٿيو، ڪري ڪسوسون ڪاهه،

 

تنهن برابر بهرام سان، رکي سيف صلاح،

 

آهي سپر سڀڪنهين، ڪيا وونڪن وارا واهه،

 

تان دهوڙي داناهه، دولهه ديو ٻڌي ڇڏيو.

68-

سيف کڻي سغفور اٿيو، ڏڪي ساڻ ڏمر،

 

ڇا ڄاڻي جنگ مان، هي ڇوهه ڀريو ڇوڪر،

 

لاهيندس لپاٽ سان، ان وينگس سندا ور،

 

مون سان ڪٽڪ باغن جا، آهن الاهي ازگر،

 

هڪل همت سان ڪريان، ته ڏڪن ٿا ڏونگر،

 

وجهي ويريءَ کي ور، ٿو آڻيان آدمزاد کي.(1)

69-

سيف کڻي سغفور اٿيو، ڀڙڪ ڪري ڀَڙڀُنج،

 

تنهن اٽڪائي اڻگهيل سان، چنچل پهرين چُنج،

 

هن ڀي سورهه سپر تي، جهليو گهاءُ گهرنج،

 

هو هئو ڪوپو مئل ڪونج، پيس باري هٿ بهرام جا.

70-

’هامين‘ ۽ ’شامين‘ هئا، ڪنهن ٽاڻي ٽڪاڻي،

 

هڪ هڪ همت سان وڙهيو، پانوَ سان پاڻهي،

 

ڄاڻندڙ ڄاڻي، ته هن سنئي سنگ سوگها ڪيا.

71-

تڏهن ڪاهيو ڪنهن ڪٽڪ مان، هئا ڏيٺاري ڏيٺ،

 

ٻيا سڀ همت هيٺ، سي ستئي سنگ سورهه هئا.

72-

وير سنديءَ ويڙهه جون، ٿا پُرس پچارون ڪن،

 

ماري ٿو مدعين کي، ڪين ڇڏي ٿو تن*،

 

هَنيون ساڻ هٿن، دانَهه ٿو ديو ٻڌي.

73-

دانهه ديون جي مٿئون، وري وير ويو،

 

سونڪو تنهن سنگ جو، پرن منجهه پيو،

 

رايي ساڻ رهيو، نه مانيءَ جو مزمان آهه.

74-

خان اٿي خنجر کنيو، ڪري ديون تي دهشت،

 

ته ڪهان ڪفارن کي، هوند لَڪئون ڏيئي لت،

 

پر بخت وڏي بهرام کي، ڪئي هئي والد وصيت،

 

ته جو دشمن دستون زير ٿئي، تنهن کان ڪجي مارڻ جي مروت،

 

اها نامئي جي نصيحت، اچي دل ۾ پئي دانَهه کي.

75-

پڙو پريءَ کي هئو، گج گلابي گل*،

 

بُوند بهري بوڇڻي، ٻَگ، چُني چئنچل،

 

اورنگ شاهي عجب جا، هُئس مٿي چاهه چنبل،

 

ڪپڙا ڍڪي ڪل، ڪنوار هلي ٿي ڪونڌ ڏي.

76-

ڪامڻ گهرايا ڪپڙا، اطلش اوڍيائين،

 

ڪو جو ڪيمخاب کي، رنگ ۾ رتائين،

 

گڳي تي گلن جان ماڻڪ مڙهيائين،

 

چنبل بولو چاهه سان رخ تي رکيائين،

 

هٿين پيرين بُندڙا چٽيل چاڙهيائين،

 

جوهر جُتيءَ جي مٿئون پورا پُوتائين،

 

هار هسيون زر زيور، ٻيا پائل پاتائين،

 

ڪڙيون ڪٺمالان ڪيسريون ورسي وڌائين،

 

جيڪي جُڙيس جان تي، اهي ڪپڙا ڪيائين،

 

چوٽيءَ تي چوڦير پئي عطر اوتيائين،

 

جئن شمس شعاع ڪري، اهڙي صورت آندائين،

 

جهڙا وَرن وڄ جا، اهڙي عادت آندائين،

 

جهڙو باهه ڀڀڙ ڪري، اهڙو ٻارڻ ٻاريائين،

 

اها ڪامڻ آهي ڪائين، پيو دانَهه ديون کؤن پڇي.

77-

پيا رهيا پڙ ۾، سورهه ڄڻا ست،

 

مانجهيءَ سندا مجرا، ڏٺا پئي عورت،

 

سا هميشه ديون جي هئي بالا سان برڪت،

 

’سروان‘ تنهن کي سڏين ٿا، ڏيئي نالي سان نسبت،

 

سا آئي پيرين پنڌ ڪري، اعليٰ سان عظمت،

 

تنهن بام اڳيان بهرام جي، اچي نار ڪئي نوڙت:

 

ته جوٺن جهڙيائي ڪئي، تهڙي ٿين تهمت،

 

هاڻي شير! ڪريو شفقت، جُنگن کي جيئدان جي.

78-

تڏهن پانوَ پريءَ کي چيو، نامئي سخن نهنگ،

 

ته: ديو آيا پئي دهشتي، زومي منجهاران زنگ،

 

ڪٺم ڪافرن کي هوند نمايان نسنگ،

 

پر تنهنجي نمڪ پاران ننگ، ٿو شهزادي! شرم ٿئي.

79-

ٻڌو پيو هو پڙ ۾، ڪري ٿو سوال سغفور:

 

انهيءَ زور ضرور، ٿَئي سروان سڱ اسان جو*.

80-

اتي شاهه بهرام چيو: اهي ته ڳالهاءِ ويڻ،

 

سروان ڀانيان ڀيڻ، جنهن جو نمڪ آهي هڏ ۾.

81-

تڏهن پريءَ پانوَ کي چيو، ڪر تون ڏمر ڪيم،

 

سخن شناخت جو، سو تون سڻ فهيم!

 

مانجهي! منجهه مهيم، هي ڀي ڪم ايندءِ ڪاٿهين.

82-

تڏهن بانڪي ڀلائيءَ پانهنجي، سڀ ڇڏيا ڇوڙي،

 

اٿيو ڪن ٿا عاجزيون، تابع ٿيا توڙي،

 

گهوٽ چاڙهي گهوڙي، ڪَنور ڪچهريءَ آئيا.

83-

ڪَنور ڪچهري آئيو، ساهو سنگ سردار،

 

سڀئي آيا سلام تي، ٻيا بهادر بسيار،

 

تخت روان تاج ڪُلي ڪيس ديون اختيار،

 

سلطاني سلام جو مڙني ڪيس مختيار،

 

سڀني مان سغفور کنيو، مُرڇل جو مدار،

 

تنهن سِر ڇٽ ”ڇتو“ چوي، جوهر جي جنسار،

 

عدل ۽ عدالت جو، ٿو واهه ڪري ويچار،

 

سو ساراهه ستار، جنهن مولي هٿ مراتبا.

84-

منصب ۽ مراتبا ڏنس راضي ٿي رحمان،

 

ستوناڻي ست رڇيون، ٻيا دلوچا ديوان،

 

ٿيس موڪ مدارتون، ٻيا شربت ۽ سامان،

 

ٿيو آلودو عيشن ۾، تنهين ماڳ مڪان،

 

سو ساراهه سبحان، جو اڙين اولو نه ڇڏي.

85-

هو تان هليو هيڪلو، مانجهي لڳ مجاز،

 

ٻانهون خاوند جي ڪري، نينهئون نئڙي حاج،

 

قادر تنهن جا ڪاج، پورا ڪيا پلڪ ۾.

86-

ساڻ ڀلائي باريءَ جي، ماڻهو نه ٿئي مغرور،

 

بڻيءَ تي قاصر رهي، ڪري ڪونه قصور،

 

تنهن کي زود ضرور، ٿو مولو ڏئي مراتبو.

87-

جنگ ويهي تنهن جاءِ تي، ريجهه وڏو ڪيو رس،

 

فائق ات مغفور کان، ڏاهي پڇيو ڏس:

 

ووڙڻ منهنجو وس، اوهين ڪَر ڏيو ڪا چين جي.

88-

تڏهن سڻايس سغفور ته: ڪر تون الڪو ڪين،

 

عاقل ڏسين ٿو اکين سين، ظاهر ايءَ زمين،

 

سا ڀي چند لڳي سان چين، پر ديهه آهي ديون جي.

89-

اڳهين التماس کان، عاقل هو ارهو،

 

پوءِ سنگ ٿيو سرهو، سڌ سڻي سغفور کان.

90-

پيو پچاري پِر لئي، نرتئون منجهان نينهن،

 

اوتي اکڙين مان، مانجهي محبت مينهن،

 

سالڪ ستين ڏينهن، ڪيو ها گامون هلڻ جو.

91-

تڏهن بات بهرام اڳيان، ڪئي سغفور سڄاڻ:

 

ته فائق! فرح ديو جو، ٽڏ ٻجهي ٿو ٽاڻ،

 

شوم ڦريو شهرن کي، وڃي ٻيڻا هڻيو ٻاڻ،

 

خام تنهين جو کوهه ۾، وراهه آهه وٿاڻ،

 

تون تان تنهين ساڻ، ڪو مانجهي! ڪر مقابلو.

92-

مانجهيءَ ڪاڻ مقابلي، سورهه ڪيو سرانجام،

 

ڪويو ڪهمڪ هليو، بانڪو سو بهرام،

 

ويا کانوٽيا کنوڻ ڪري، تنهن ماڳ تنام،

 

اڳيون سغفور سلام، ڪيو شهزادي ساهه کي.

93-

چئي: ديو اٿئي دهشتي، ڏر اچي کي ڏيل،

 

اڳتي اسان جي اِيل، هاتڪ آهه هلڻ کون.

94-

چئي: ڀومي هن ڀونيءَ جو، آهين سغفور سونهون،

 

هو جودونڪي ٿو دونهون، کاهون ڪنهن جو کوهه ۾؟

95-

چئي: ديو آهي دهشتي، قداور جيئن قاف،

 

ٽي مهينا ننڊ ڪري، ڪانه هڻون ٿا لاف،

 

ٻهڳڻ اٿئي ٻاف، اها وير تنهن جي وات جي.

96-

چيو مانجهيءَ سغفور کي، ٿيو سورهه، هلو سنگ،

 

جوان ڪندس آءٌ جنگ، اوهين مڙدنڪي ماندا ٿيو.

97-

مڙد مَ ماندا ٿيو، ڇڏيو هيبت هول،

 

چاڙهي ۾ چوڏول، لاهيو مونکي کوهه ۾.

98-

ٻڌي کانوٽيو کوهه ۾ مانجهي مڪائون،

 

رسيون مڙيئي ڪير سان ٻاهر ٻڌائون،

 

دل نه جهليائون، ديو ڀڄي ويا ڀيڻ ڏي.

99-

ڀُڄي آيئو ڀڄڻا، گيدي پنهنجي گهر*،

 

ڀيڻ چيو ٿي ڀائرن کي، ورائي ويتر،

 

ملهه اچي مزمان ٿيو، هو قضا سان ڪيهر،

 

اٿي اوهان سان هليو، وير ڪري سو ور،

 

مُڪو خوني کوهه ۾، سو مرد ڪري مڪر،

 

مارائڻ تنهن مهمان کي، نه اٿو چڱي پر،

 

ڇوڙي گرز ڦٽا ڪيو، ڪاتيون کؤن به ڪمر،

 

ڇو ڍڪيا اٿو ڪپڙا، ڍڪيو ڪنگو ۽ ڪيسر،

 

ڍڪيو زالاڻا ڪپڙا، پايو بولا ۽ بينسر،

 

وجهو واليون ڪنن ۾، ته اٺئي ٺهون اپر،

 

ٻنڀئون ٻاهر نه ٿيو، ويهو سڀ اندر،

 

هوڏون ڀڳا ديو کون، هيڏانهن نيزا کنيا نينگر،

 

تنهن پِتا ٿي ظاهر ڪيا ورائي ويتر،

 

ملهه انهيءَ ميدان ۾، بيٺا پوءِ پڌر،

 

ڀَوَ ۾ اچي ڀر، ورتئون خوني کوهه جي.

100-

ويو کانوٽيو کوهه ۾، اهڙي ساڻ حساب،

 

هڪ ديو ڏٺائين دهشتي، قداور جيئن قاب،

 

ٻي هئي صاحب صورت جي، مهانڊي مهتاب،

 

لالئون لب لطيف هئس، اهڃڻ ۾ آفتاب،

 

تنهن جي درسن داب، دهوڙيو داناهه کي.

101-

اندر افضل اهڙي هئي، صورت سونهن سڀر*،

 

ڏسنديئي ڏڪي ويو، انهيءَ جو اوجر،

 

جي ٿي ڪنهن پار ڏي کڻي نار نظر،

 

جيڪر هوءِ قمر، ته به تاب نه جهلي تنهن جو.

102-

نار پڇيو تنهن نر کون، هتي آئين ڪيئن،

 

ديو نه ڏسين دهشتي، هيبت جهڙو هيئن،

 

جاءِ رسين کي جيئن، ڪي اٿئي منشا موت جي؟

103-

چئي: منشا آهم من ۾، هن باب بدوءَ بيشڪ،

 

هن فرح کي فارق، آءٌ ترت ڪندس تلوار سان.

104-

پر جي انهيءَ پڙ مٿي، ديو مونکي ماري*،

 

منهنجا تنهن گل اندام کي، ڏج سلام ساري،

 

اچي پيو پناري، پر عاشق سر اختياريو.

105-

پوءِ پر ۾ پانهه سان ڪئي، تنهن خوشيءَ کان کينڪار،

 

جيءُ آئين نچ آئين، منهنجا صورت جا سردار!

 

هي اکيون اوڇڻ ڪيان، ٻيا پٿر وڇايان وار،

 

سو ڀيرا صدقو وڃان، سونهن ڀريا سردار!

 

سٻاجها ستار! ڏجان سوڀ هن سورهه کي.

106-

پانهه پڻ پر ۾ ڪئي، خوشيءَ مان کينڪار،

 

ته تو ڀي وس وڏا ڪيا، هاڻي توتي ناهه ميار،

 

هٿ چمي هيڪار، ڀَڙَ وٺي سا ڀيڻ ڪئي.

107-

مانجهيءَ محب کان پڇيو، دانهه جهلي دل،

 

ته: ڪهڙي خوءِ خلل، دست آئينءَ هن ديو جي.

108-

چي: زومي هن ظالم جوٿيو، مان ڏي چت گهڻيروچاهه،

 

جهليائين جاڙ ڪري، سڄي وير ولايت واهه،

 

تڏهن ڳائن ڳري ڳالهڙي، ڪئي سردارن صلاح،

 

ته هڪ سر ڏني سهسين ڇٽن، ڪجي عاقل ڪم ادا،

 

آهيان ڌيءَ سندي پاتشاهه، پر زوميءَ آنديس زور سان.

109-

زوميءَ آنديس زور سان، کڻي ۾ هن کوهه،

 

نڪا ساهيڙي ساڻ مون، نڪا وٽ وروهه،

 

پنڊ جالي پرديس ۾، آهي راز وطن ڏي روح،

 

سنجهي ۽ صبوح، ٿو گَنوءَ سان گذران ٿئي.

110-

ٽي ورهيه ٽاڻي ڪيو، باب بدوءَ هن بند،

 

سڪي ساري سوز کان، ٿو هينئڙو لاءِ هيڪند،

 

جڏهن ڪريان آءٌ فراق جي، تڏهن رمي چڙهي رند،

 

ٽي مهينا پنڌ ڪري، ملائي پـيڪاڻي پنڌ،

 

مونکي تنهين هنڌ، نيئي پهچائي پلڪ ۾.

111-

ورهه ورهه ۾ ان طرح، اچي گهمرو گڏايو،

 

نالو روح افزا اٿئي، منهنجو بادشاهي پايو،

 

روح گهڻو رايو، آهي منهنجو وير وطن ڏي.

112-

آکي تنهن عاقل کي، ڪامڻ هيءُ ڪلام*:

 

ديو اٿئي غفلت ۾، اڙٻنگ منجهه آرام،

 

مس جهليندين مامرو، هاڙهي اڳيان هام،

 

ڀڄ بچي بهرام! جو دست چڙهيو آهين ديو جي.

113-

ڪامڻ ڪامل کي چيو، مونکي واهه وڻي،

 

سُتو آهي غفلت ۾، ڪندو ننڊ گهڻي،

 

کنو کاءَ هڻي، ماري وجهه مدعي کي.

114-

بانڪي شاهه بهرام چيو: اهو مردن آهه مرم،

 

سُورهه سُتي سان وڙهي، اي پڻ ڪچو ڪم،

 

دنيا ساعت دم، آءٌ راند نه ڪندس ريب سان.

115-

سورهه سورهه سان وڙهن، وونڪا وڄائي،

 

هڻن هڪ ٻين کي، مرکنا کنوائي،

 

جنهن کي ڏاتر ڏوائي، سو سوڀ کٽي سنگ راند ۾.

116-

تڏهن ڪام ڪلام، ڪيو شهزادي ساهه سين،

 

ته جي خونيءَ کيپ ڍرو ٿيو، اٿيو مان آرام،

 

ته هن هاڙهيءَ سندي هامَ، ڪومس جهليندو مجري.

117-

مانجهيءَ ڪارڻ مامري، سيف ڪڍي سردار،

 

اچي کاهه کڙيءَ ۾، چوڪ ڏنس چونگار،

 

چُريو پُريو ڪينڪي، سڀ ڀَت ٿيس نه سار،

 

تڏهن ترت تڪبير هنئي، جنگ سندي جونجهار،

 

”الله اڪبر الله اڪبر“ وير ڪهيو تنهن وار،

 

تان اُٿي خوني ديو کڙو ٿيو، ڇڏي کيپ خمار،

 

هن هنيو گرز هٿ ڪري، وير ٽپيو تنهن وار،

 

دانههَ ڌڪ ديو جا جهليا سپر تي سالار،

 

دسي دعويدار، ڪافر کي قتلام ڪيو.

118-

ماري تنهن مردود کي، ٿيو شهزادو شاد،

 

ڌڻي ڏنو داد، مانجهيءَ هن مسافر کي.

119-

ڏسي کانوٽيو کوهه ۾، ٿو جايون صفحا جال،

 

منجهيئي موتي مهراڻ جا، هيرا جواهر لعل،

 

آهي اڪيچار گهڻي مايا مڏي مال،

 

سنگ ڏسي هي حال، سڏ ڪيو سغفور کي.

120-

ڪاجا پين ڪنن تي، تاڙيءَ جي تنوار*،

 

سُڻي سڏ سعيو ڪري، آيا ستئي ڀار،

 

ڏني سوڀ ستار، بانڪي شاهه بهرام کي.

121-

هُئا اڳهين اوڏڙا، سي دوڙي آيا ديو،

 

ڏاتر لاٿن ڏيو، خونيءَ تنهين کوهه جا.

122-

مال مڏي سڀ مهريءَ تي چاهون چاڙهيائون،

 

ٻاهر کانوٽيو کوهه مان، ڪوپو ڪڍيائون،

 

چَرن چميائون، مڙئي ديو مطيع ٿيا.

123-

صورت پسي سهڻي، سوز ڪيو سغفور،

 

وونڪي ڪئي نه وچور، پر درد رکيائين دل ۾.

124-

خوني تنهين کوهه جا، هاديءَ لاٿن هور،

 

شادمانا شروع ٿيا، ٽاڻي لڳي ٽڪور،

 

ڪونتل اچن ڪڏندا، بانڪي سواريءَ بور،

 

ڪوپو سر ڪنگور، رڻ رساڻي موٽيو.

125-

رڻ رساڻي موٽيو، تجمل سين طولان،

 

نفيلان ۽ نوبتون، ٻيا نغارا نيشان،

 

چوڌاري چورنگ کي، هئا ديون جا دوفان،

 

جس ڪشورشاهه کي، جس پسر پهلوان،

 

مائرا اهڙا مرڄڻي، سورهيه سنگ سجان،

 

مهت کٽي سين مان، ڪنور ڪچهريءَ آيو.

126-

ڪنور ڪچهريءَ آيو، بانڪو شاهه بهرام،

 

سهسين ڪن سلام، ديو اچيو داناءُ کي.

127-

ديون اتي دهريون ڪيون ماڳين مهمانيون،

 

آڻيو ڏين اڙٻنگ کي نادر نشانيون،

 

جند فدا جانيون، ڪن ڪرنشون قربان ٿيو.

128-

ڪارنهن ڏينهن ڪارون، تن ويرن وڏو ڪيو وس،

 

تان رات رهي نه سگهيو، پيڙو پور هيس،

 

ڏاهي پڇي ڏس، ڪيو هاگامون هلڻ جو.

129-

سنگ اڳيون سغفور ٿو وائي واکاڻي:

 

آڻي گل اندام ڏيون هن پلڪ هاڻي،

 

پُري ونءُ پاڻهي، تون پنهنجي وير وطن تي.

130-

چَئي لائق عشق عجيب سان، وڏو سالو سور،

 

ڪرڻ حڪم حبيب تي، واڍوڙين وچور،

 

رهجـــــي رفيقن ســـــــان، پرچي منجهان پــــــور،(1)

 

هيڪر منجهه حضور، ويندس پريان پار ڏي.

131-

هنئين منجهه حبيب جي، ٿيس اندر من اداس،

 

سٿ منجهان سغفور جي، ڪيو عرض قماس،

 

ته خدمت ۾ خادم ڏيون، ٻي خاصي چونڪي خاص،

 

ته وونڪي وائي نه وڻي، وير نه باسي باس،

 

تڏهن واچا وار شماس، ڏنس راوت پنهنجي روءِ جا.

132-

چئي: ويلي ڪنهين وار، جي ساڙيندين سا پرس تون،

 

تنهين دم تيار، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيون.

133-

ديون سندي ديس مان، موڪلايو مزمان،

 

ٻي جا صاحب صورت جي، هئي عاقل ساڻ امان،

 

هن راوت روزو نه ڀڳو، توڙي هئس سڪ سامان،

 

گوندر گل اندام جي، بر ڦري بيابان،

 

پنڌرهن ڏينهن پنڌ سان، جُنگ جفا ڪئي جان،

 

ٿر بر جهاڳي ٿانَ، آيو سنگ سونڊ تي.

134-

ڪامل سمنڊ ڪنڌيءَ جي، ڀري نهاري ڀَر،

 

واهه ڏٺائين وسندي، مال مڏي موچر،

 

طريلي تجار گڏبا، صاحب سوداگر،

 

ميربحرن اڳيان وڌا ڇوڙي لعل جوهر،

 

توشي پاڻي طعام جو، ڪيائون سامانو ثمر،

 

اٿي الله آهر، ڇوڙياڻون به جهاز کي.

135-

سوداگرن ستت، ڪيون مهمانيون ملوڪ،

 

تابع ساڻ سلوڪ، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيا.

136-

تابع تجارن ڪئي تُرتان تياري،

 

تن جوڙي خوب جهد سان، مسند موچاري،

 

سا هيري لعل جوهر سان، سهجان سينگاري،

 

عاقل اعتباري، تن آڻي وچ ويهاريو.

137-

ٽي ڏهاڙا تت، رهيو جنگ جهاز ۾،

 

آڳانڍي عاشق سين، آڌر ڪيائون اُٽ،

 

پوءِ سانباهو ستت، ڪيون توشي پاڻي طعام جو.

138-

مڙيئي مڙي، چڙهيا جنگ جهاز ۾،

 

ٻڌي ٻُٽ ٻُڙي، وهم ڪن ٿا وير جا.

139-

واهه ڪڍن ٿـــــا وکرين، ويــــــر پسيو وڻجار،(1)

 

ڇل ڇلڪا ڇوليون، جاتي تک وهي ٿي تار،(2)

 

سفر سامونڊين جو، سولو ڪر ستار!

 

ڇوڙي پڳهه ”ڇتو“ چوي، اُسهيا الله اهار،

 

پنهنجي توهه تبار! رکين ٻيڙو ٻاجهه سين.

140-

ٻيڙو ڇوڙي ٻاجهه، مهاڻا منگن ٿا،

 

ويرون سمنڊ وڏيون، جنهن ۾ گجن گاج،

 

وکر وڻجارن جا، رکين صاحب ساج،

 

جوکي کان جَهاج، رب منهنجا! رک تون.

141-

آءٌ پُڇو بدڪار، تون سرپوش سچا ڌڻي!

 

مالڪ! مداين جو، وڻجي کنيم واپار،

 

ڪم ڪچو، ڪشتي ڀُتي، منجهس نازڪ و کرنڪار،

 

تو آهر تنهن ۾ ڌڻي، باري وڌم بار،

 

ڇٽڪي ڇوهي سامهون، ٿي آڳانڍي اختيار،

 

پار پُري وهه وچ ۾، اوري ٿيو اورار،

 

اور ڪپر اونگ جو، ٿو ڏور ٻجهي ڏهڪار،

 

مهاڻا ماندا ٿيا، ڪن وڻجارا ويچار،

 

ته ساٿ سلامت رکين، سندءِ نام ستار،

 

مهاڙ تنهنجي مصطفيٰ! اچي ٿي اظهار،

 

تهان پوءِ تڪرار، تڙ ٻيڙو ڪرين توهه سان.

142-

جتي ونجهه ته واهه، اتي چيون ڪيئن چري سگهي،

 

ڪشتي ڪاغذ ڪچ جي، چوريم منجهان چاهه،

 

ڪاڏي آءٌ ڪاڏي ڪنڌيون، ڪاڏي ڪيم ڪاهه،

 

پسي دور درياءَ جا، ماندا ٿيا ملاح،

 

شرم بچائج شاهه! تون آن لائق لاڳي جو ڌڻي.

143-

ڪشتي ڪاغذ ڪچ جي، کنيم بار ڀري*،

 

سودو تنهن ۾ سچ جو، وڌم ڪونه تري،

 

اورين ڀر اوري رهي، پرين ڀر پري،

 

تنهنجي تَرهي تري، ٻيڙو رکج ٻاجهه سان.

144-

چاڙهي سڙهه سقلات جا، گهيڙيائون غوراب،

 

ڇل ڇلڪا ڇوليون، ڏئي اُڇل منجهارا آب،

 

مئي متي مهراڻ جي، آهي هيبت بيحساب،

 

منجهان وير وهاب! ٻيڙو رکين ٻاجهه سان.

145-

چاڙهي سڙهه سقلات جا، ٿيا سڻاوا سير،

 

پسي موج مهراڻ جي وهه ڪرن ٿا وير،

 

ورتــــــم داون تنهنجــــــــــــي دلــــيــــــون دستگير!(1)

 

سفر سوکو تن کي، عشق جن اُڪير،

 

پنهنجي قرب ڪبير! ٻيڙو رکين ٻاجهه سان

146-

ٻه مهينا پنڌ، جالاران جهاز ڪيو،

 

وڏو سير سمنڊ جو، اُتي راهه نه رند،

 

جتي هيبت هنڌ، اچي جوان رسيا تنهن جاءِ کي.

147-

مهاڻن مڙي ڪئي، ڦٽيءَ دل فرياد،

 

ته: آهي ڪُن آپار ۾، آفت هڪ اُستاد،

 

ڪندي ڪارونڀار ۾، مامرو منتاب،

 

ٿيو اچانڪ اُفتاد، ٻيڙا ٻوڙي ٻار ۾.

148-

پڇي بات بلا جي، بانڪي شاهه بهرام:

 

مهاڻا! مَ ماندا ٿيو، لاهيو هل هنگام،

 

تنهن جو نسبت نام، اوهان کان اظهار ٿئي.

149-

جيئرو رهي جَر ۾، نالو تهين نهنگ،

 

اوٿر وانگي اُڀري، زوم منجهاران زنگ،

 

نمايان نسنگ، ٿو ٻوڙي ٻيڙن کي وجهي.

150-

تڏهن مانجهيءَ مهاڻن سان، ٿي ڪئي رد بدل،

 

ته آئي آفت اُڀري، ڏاڍي خوءِ خلل،

 

مهاڻا ماندا ٿيا، ڳوڙها ڳڙين ڳل،

 

سوداگرن سونڪو ٿيو، ڀڳا پري پاڇل،

 

هي عاشق اُتي آڳل، اچي سورهه بيٺو سنڀري.

151-

آئي آفت اُڀري، تان جهازن جوهي،

 

ڪامل تير ڪمان مان، ڇڪيو سان ڇوهي،

 

تنهن لوريءَ سان لوهـي، زود بلا زخمي ڪئي.

152-

وري آفت اُڀري، جنهن ڪئي در بر درازي،

 

چنيا هنيائين چاهه مان، توڙي تيرن ڪيس تعدي،

 

هيءُ به سورهيه اٿيو سنڀري، گَنوءَ گجي غازي،

 

بلا جي بازي، تنهن ترت ڀڳي تلوار سان.

153-

آئي آفت اُڀري، ٻيو ڀريائين ٻاڻ،

 

ڪامل تير ڪمان مون، ڇڪيو ڇوهـي ساڻ،

 

ٻهڳڻ هڻي ٻاڻ، زود بلا زخمي ڪئي.

154-

پهس تنهن پاڻيءَ ۾، پيئي آفت اُجهامي،

 

ويس وسري ويڙهيون، متيون منجهامي،

 

جنهن طعامي هئس طعامي، تنهن نرهه نراس ٿي.

155-

تڏهن سوداگر سرها ٿيا، ٿا مرڪن مير ملاح،

 

ته هن آفت کان الله، سڀ سلامت رکيا.

156-

تڏهن تجارن طريلي کي، آڻي ناڻو ڪيو نذرات،

 

عاقل اڳيون ان جي، ايءَ بتائي بات،

 

چئي: ڪري ڏيو خيرات، هي مال موٽائي پانهنجا.

157-

مانجهيءَ مهاڻن کي، پاڻان پهرايو،

 

سو سو مهرون سڀن کي، ڏنو صدقو سوايو،

 

ته باريءَ بچايو، هن جوکي مان جهاز کي.

158-

ڪپر ڪولاڀون، جوکو ٿئي مَ جهاز کي،

 

هن گهيريو غورابون، سو رکين ٻيڙو ٻاجهه سان.

159-

هو اَوتڙ آڻائو، پر ڌڻي کڻي دفع ڪيو،

 

ٿيو سڀ ڀَت سڻائو، سفر سامونڊين جو.

160-

نوي ڏينهن نياڻ، لنگهيا لطف ساڻ لطيف جي،

 

ڀِري لڳو ڀرساڻ، اچي تڙ ٻيڙو تن جو.

161-

مانجهيءَ مهاڻن کان، بات پڇي بهرام*،

 

ويندس ولايت چين تي، ڪارڻ گل اندام،

 

ڪيو سوداگرن سلام، ڏس ڏنائونس چين جو.

162-

بندر سندي ڀونءِ کان، هو چار ڏهاڙا چين،

 

پسي زود زمين، سنگ گهڻو سرهو ٿيو.

163-

موٽي تهين ماڳ تان، ٿيو سنگ سوار،

 

راتو ڏينهان روح ۾، جوش رکيائين جار،

 

ڪاڍي قريبن جي، وچ نه ترسيو وار،

 

اچي ٿيو اظهار، چئنچل ٻاهران چين جي.

164-

منجهه مارڪا ماڻهن جا، هئي چرپر اندر چين،

 

معلوم ٿي نه ملوڪ کي، ٻولي تن جي ٻي نه،(1)

 

وچ واقف هو ڪين، خلق ڏٺائين خطري.

165-

گَنُوءَ کي گڏيو گام ۾، هڪ اچانڪ اورنگ،

 

پرڏيهي ڏيهيءَ کي، ٿو چتائي چورنگ،

 

ته مالڪ هن محلات جو، آهي متارو ۾ ننگ،

 

تون نر سڃاڻي ننگ، جُنگ! ڪري ڪا جاءِ ڏي.

166-

وؤنڪو ساڻ وٺي ويو، جنگ پنهنجيءَ جاءِ،

 

هڪ پاڪيزي پسڻ ۾، هئي وڏيءَ سٽ سراءِ،

 

در سر کنڊ سون جا، عطر ڪهگل آهه،

 

ميناڪاري ملمعو، ڇت ڇڄهريءَ لاءِ،

 

اچي ايوانن مان، ٿي ٿڌي هير هواءِ،

 

جنگ اها جاءِ وڻي، انهيءَ ڀلائيءَ ڀاءِ،

 

تنهن سو کان سرس سواءِ، ڪامل ڪِرايو ڏنو.

167-

ڪامل ڪِرايو ڏنو، جنگ کي جاءِ وڻي،

 

اتهين لڳي عقيل کي، سندي عشق آڻِي،

 

ٿو ڪري مدارت مهمان جي، حال في الحال گهڻي،

 

سو ساراهه ڌڻي، جو اڙين اولو نه ڇڏي.

168-

اڙين اولو نه ڇڏي، صاحب سدائي،

 

ٻئي ويٺا پاڻ ۾، کيڻ خوشيان کائي،

 

تڏهن طريلي تجار کان، وير پڇي وائي،

 

ڪانهي سرهائي، آهي ڪهڙي چرپر چين ۾؟

169-

چئي: بلغاري بادشاهه آهي، ’بهزاد‘ باريءَ نانءُ،

 

تنهن ڪاهي لک ڪٽڪ سان، اچي گهيريو آهه گهرانءُ،

 

فائق سو فغفور کان، گهري زومي زور وهانءُ،

 

نٿو اهنڪر چوي آءُ، نٿو پيشڪشي پئسا وٺي.

170-

چئي: هن بادشاهه، آهن عاجزائون گهڻيون،

 

ڪئي بلغاري تي ڪاهه، ڪهڙي ڪاڻ وهانو جي.

171-

’فائق هن فغفور کي، آهي دانَهه! هڪڙي ڌيءَ،

 

جوت چوڏهينءَ چنڊ جيئن، ڏنس سونهن سميع،

 

ڪي مسافر مشائخ ملڪ ۾، پريان ٻڌي ٿيا پيءَ،

 

هوڏ ڏسين جا هيءَ، سا آهي وير! وهانو تي.

172-

دانهَه چيو دل ۾، نامئي سخن نهل؛

 

ته چُري آيس چين ۾، ڪنهن موچاريءَ مهل،

 

ڪاڍي قريبن جي، وڌا جيءَ جنجل،

 

ڪيئي شهزادا شمع تي، پون پروانا اجهل،

 

اهڙا خون خلل، آهن گل اندام تي.

173-

طريلي تجار کي، سالڪ سڏايو*:

 

بلغاري بادشاهه سان، وڃي ڳوڌا ڳالهايو،

 

اسان تنهنجي سڱ تي، راض نه آهي رايو،

 

اُٿو بک ٽَڪن جي، ته ٻهڳڻ ٻولايو،

 

سالڪ! ڪر سعيو، ته جنگ تنهن جگر جي.

174-

قاصد هيءُ قلعي ڏي، مڪو شاهه بهرام،

 

بلغاري بادشاهه ڏانهن پهچايائون پيغام،

 

وڃ ولايت پانهنجي، وٺي هل هشام،

 

نه ته ٿيندين اَڌ اُڌام، آهي سوڀ فغفور جي.

175-

وٺيو خط خان، ٿو منجهان پرت پڙهي،

 

عقل جو اڪابر، ٿو وڏو ڌيان ڌري،

 

بِگر گل اندام جي، مان ويندس ڪين وري،

 

پرهه پوندو سانو چين ۾، اچي ڪاهه ڪري،

 

پوءِ جنهن جو ڀاڳ ڀري، سو سورهه وهي سڱ تي.

176-

سهڪندو سُڏڪندو، آيو راڻو سوجهي راءُ،

 

طريلي تجار اڳيان، ٿو آکي عرض اُتاءُ،

 

صبح بلغاري باتشاهه، ٿو ڪٽڪ آڻي چين ۾.

177-

پيئي سنگ سراءِ ۾، راوت هڪڙي رات،

 

تان اُڻ تڻ آزرديءَ کان، ٻي وائي نه وري وات،

 

وهاڻيءَ پرڀات، گهوڙو گهوٽ پلاڻيو.

178-

چڙهيو گهوٽ گهوڙي تي، هو اڙٻنگ اعتباري،

 

ڪمر ڌاري ڪوٽ جي، هئا بانڪا بلغاري،

 

انهن جي اڙدن ۾ چند پهر رهيو چاري،

 

سُڌ لهي ساري، موٽي آيو ماڳ تي.

179-

موٽي پوچاڙيءَ ماڳ تان، ٿيڙو سنگ سوار،

 

چئنچل ٻاهران چين جي، اچي ٿيو اظهار،

 

پهر پڄاڻان رات جي، وونڪي ساڙيا وار،

 

ته ديو لکين درٻار، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيا.

180-

جيئن شاهي دستور، تيئن هٿ ٻڌي حاضر ٿيا،

 

جنهن لاءِ گهرايئي زود ضرور، سو مقدمو معلوم ڪر.

181-

چئي: بلغاري بادشاهه جو، هت گهڻو هاگام،

 

فائق سو فغفور کان، ٿو گهري گل اندام،

 

ڀڃو تنهن بهزاد جو، جنهن ڪيو اي ڪلام،

 

انهيءَ مقدمي مام، ڪوٺيو مانو قرار تي.

182-

اوهين رهو هت، هي صاحب ڪم سهنجو،

 

عاقل! ڪرم اُلڪو، تِر جيڏو تنهن جو،

 

چئي: هي مقدمو منهنجو، سو ڪيئن ٽڪي هت رهان!

183-

ديون سان ڌوم ڪري، چڙهيو شهزادو شاهه،

 

راتاهي جي رات ۾، ڪل ڪٽڪ ڪئي ڪاهه،

 

آفتون اڙدن ۾ نازل ٿيون ناگاهه،

 

’بزن بِزَن‘ بات ڪهي، حرب ۾ هرگاهه،

 

بانڪن بلغارن سان، ڪئي کيل کني جي کاهه،

 

ديون دشمنن تي، ڳوڌي ٻڌا ڳاهه،

 

سڀيئي سردار هئا، ان سين ساڻ سپاهه،

 

سي رميا راتو واهه، موڪلائي ملوڪ کان.

184-

اڙٻنگ اڙدن وچ ۾، اڏو ڪيو آباد،

 

پسي فتح پنهنجي، ٿيو شهزادو شاد،

 

ته بلغاري بهزاد، ڪٽڪ مان ڪٽجي ويو.

185-

سر نيزي پائي، آڻي دانهه کوڙيو در تي،

 

راتيان رات رقعو لکي ٿو منجهه عَلم اٽڪائي،

 

ته من ڪو پڇائي، ته هيءَ بانڪي فتح بهرام ڪئي.

186-

کٽي ڇُٽي خير سان، لالن آيو لوءِ،

 

پرهه ڦٽي کان پوءِ، وڃي پيئي سُڌ بادشاهه کي.

187-

تنهن خبرگير اٿاريا، چوڏس ۾ چاڪر،

 

ته راتاهـي رات ۾، ڪنهن لنگهايا لشڪر؟

 

مانجهي موٽي آئيا، دانهه مٿي در،

 

ته نظر ناگه آيو، نيزو خط نظر،

 

سو آڻي هاڪارن حاضر ڪيو، ساڻ عَلم سو سر،

 

اُپٽي پڙهيو بادشاهه، پروانو جان پر،

 

خط ۾ اي خبر: ته بانڪي فتح بهرام ڪئي.

188-

تڏهن وزيرن ويچار ڪيو، کائون منجهه خلق،

 

ته آهي عاشق گل اندام تي، ڪو فرشتو به فلڪ،

 

تنهن پِيلـي منجهه پلڪ، هي لشڪر لک گنوائيو.

189-

نيزو ۽ خط بادشاهه، سوگهو سانڍايو،

 

پوءِ ٿي پڇتايو، ته سُڌ پوي ٿي ڪانه ڪا.

190-

گَنُو دنيا جو گوش، فڪر سڀ ڦٽو ڪيو،

 

دانهه ٿي درويش، اچي مجرو پرياڻيءَ جو ڀريو.

191-

سر ٽوپي ڪاري، ڪارو پوش ڪلهن ۾،

 

سپيريان جي صحن ۾، ويڙو هڪ واري،

 

جانب جمعي ڏينهن تي ڏنيس ڏاکاري،

 

تان منجهه کيپ خماري، عاشق اوگانا ٿيا.

192-

عاشق اوگانا ٿيا، سر گنوايو ساهه،

 

کيپ تنهين ۾ خواهه، موٽيو پسن پرين کي.

193-

دولت در کان نڪتي، کڻي سرپوش سيمي جان،

 

سڀڪنهن نر نذرات ڪيو، ترت وڌو ان طبق ۾.

 

هن پڻ وينڍو لاهي هٿان، ترت تنهين ۾ طبق ۾.

194-

سڄو ئي صحن گهمي، ويئي موٽي منجهه ماڙيءَ،

 

ترت نيئي طبق کي، وڃي پيش ڪيائين پيءَ،

 

ته اڳيان گل اندام ٿي، گويا سين گوليءَ،

 

ته هٿ سنڊي جا هيءَ، سا ڪهڙي نر نذرات ڪئي.

195-

تڏهن گولي ڏيئي گوش، ٿي گويا گل اندام سان:

 

هو جو پسين ڪاري پوش، تنهن وينڍو وير بخشيو.

196-

تڏهن پسي ڪاري پوش کي، پريءَ ڪئي پاٻوهه،

 

ته رمز رسي کي روح، پر ڀول پيو بهرام کي.

197-

نماڻا نيڻ ٻئي کلي کنيائون،

 

محبتي مشتاق کي وڪڙ وڌائون،

 

جڙ لڳي جائون، پر ڪل ڪنهن کي ڪانه پئي.

198-

هيجان لعل حسينِ، دانهه دولت کي چيو:

 

وينڍو وير بخشيو، هيڏي قرب ڪهينِ،

 

گهڻو وڌ گهوٽن کان، آهي وڏي قدر قرينِ،

 

جي چڪي ساري چينِ، ته به ٽاڻي نه اچي ٽڪ جي.

199-

’وير ولايت جو ڌڻي، آهي شهزادو شاهه،

 

نماڻا نيڻ کڻي ٿو، مانجهي محبت مان،

 

دولت آهه داناءَ، پر ڪنهن درد هڻي درويش ڪيو.‘

200-

ڪوٺي ڪاري ويس کي، اُٿي دولت آڻ،

 

منهن مقابل ڳالهيون، ڪريون ريجهه رهاڻ،

 

تڏهن ٻانهيءَ ٻائيءَ کي چيو، سالڪ مت سڄاڻ:

 

ته نر ناميا ڪيترا، آهن ويٺا وير وٿاڻ،

 

پڌرو ڪيئي پاڻ کي، پهرين وڌءِ پاڻ،

 

تان تون سڪ ساٽاڻ، جان آءٌ واقف ٿيان وچ جي.

201-

’منڊيءَ تي مشغول ٿينءَ، متان هجئي ڪو فقير*،

 

متان ڪو چور چريو هجي، توڙئون ڪو تقصير،

 

اهو وينڍو وير، مُڪو ٿَئي ڪنهن منگتي.‘

202-

’مُور نه مُنجن منگتا، جي پنڻهار پنن،

 

سي ڪيئن چور چريا ٿيا، جي آڻين هنڌان ٻين،

 

ٿا شاهه سخاوت ڪن، پينو پنن پنجڪڻي.‘

203-

پوءِ دولت ڊوڙي آئي، وٽ تنهين سا وير،

 

پڇي ٿي پاونگ کان، عاقل ساڻ اُڪير:

 

ته ملڪ سندو تون مير، ڪي پيوند اٿئي پيڏ جا.

204-

چئي: جهڙو اٿم ويس، آءٌ ذات به اهڙيائي آهيان،

 

پري پر انهين ڏيهه تي، آهي دولت منهنجو ديس،

 

ايءُ عاشقن انديش، جو ڌريم درويشا ڪپڙا.

205-

چئي: درويشي داٻ ڪري، ڪي سمهه سروپاءِ،

 

آهين شهزادو شاهه جو، ڀير اهڙيائي ڀاءُ،

 

ڇُپي ڪيم ڇپاءُ، صورت سلطانيءَ جي.

206-

’صورت سلطانيءَ جي، ڇپائي نه ڇپي،

 

دولت! درسن دوست جو، ٿو هنئين منجهه هـي،

 

ساري چين تپي، جنهن هي مسافر موجود ڪيا.‘

207-

’هيجان لعل حسين، من منهنجو موهيو،

 

جڏ هانڪر جانب سين، چِيٽڪ لڳو ۾ چين،

 

هيج هئي هيڪڙيم، ٻولِي ٻولي ٻي نه،

 

هي جو محبتي مسڪين، تنهنجي سانول سُنڌ لهج تون.‘

208-

’دانهن دولت ڏيج، نيئي سنيهو کي سڄڻين،

 

ته سڪائي سوز ڪيو، هنيون تنهنجي هيج،

 

سانول! سُڌ لهيج، هن محبتي مشتاق جي.

209-

سڻي سنيها سڪ جا، دولت ويئي دوڙي،

 

پهس لنگهي پوڙي، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿي.

210-

’سڻ سانول سوڍا سپرين! درد سندو دلبر،

 

آهي ان عاشق کي، تنهنجي سڪ سڀر،

 

ته لهج ڪنهن پر ڪر، هن محبتي مشتاق جي.‘

211-

’مجني جان محبت ۾، من کي نه ماري،

 

آڻيو آب اکين مان، ٿو ڏيهه کي ڏيکاري،

 

ٿو پڌرو پچاري، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.‘

212-

’باز ٿي ۾ مجني، آڻي ڪيو هو آکيرو،

 

بيٺو هو ڀر پيرن جي، محبتي مٿيرو،

 

دولت! هن درويش کي، سڪ نه ڪيو سيرو،

 

ٿو در وجهي ديرو، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.‘

213-

تڏهن وري ڪارڻ ڪام، موٽي ماڙيءَ مان هلي،

 

اچي ٿي عاشق ڏانهن، گولي گيز گام،

 

تنهن بان اڳيان بهرام، آڻي پارانڀا پيش ڪيا.

214-

سڻ دانهه! ٿو دوست چوي: تون دهوڙين نه درد،

 

ڀونر پرائي ڀُونيءَ جا، هلي آيا هن هنڌ،

 

ڪوڏ يا ڪينڪيءَ جا، ٿين آلوليا اڌ،

 

تون سڪ رکين ٿو سَڌ، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.

215-

چئي: دولت! آندءِ دوست جو، سختيءَ سنيهو،

 

نمڪ ڦٽ نسارا، جل وڌءِ جيهو،

 

ماڳهين مهمانن لاءِ، جي ڏاڍو آهي ڏيهو،

 

روح جنهين ريهو، سي ڪندا مهر مشتاق تي.

216-

’بلبلان باغن ۾، جيئن ڳاهٽ ڪيو ڳٽڪن،

 

تيئن ماڙيءَ ڌاري محب جي، ايءَ پر عاشقن،

 

دولت! هن درويش جو، جيءُ جڏو ڪيو جن،

 

سي موٽي مانَ پڇن، هن محبتيءَ مشتاق کي.‘

217-

تڏهن سڻي سنيها سڪ جا، دولت وئي دوڙي،

 

پهس لنگهي پوڙي، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿي.

218-

اڳيون گل اندام جي، اچي ڳوريءَ ڳرهيو حال:

 

آهي هن عاشق کي، پرت ڪيو پئمال،

 

ساجن! لهج سنڀال، هن محبتيءَ مشتاق جي.

219-

اچي رمز پريان جي روح جي، ڇاتيءَ رکي ڇڪ،

 

لائي لنو لالن سين، لوڪان ڪجي لڪ،

 

هي سَڌ رکي ٿو سڪ، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.

220-

’پسي شعاع شمع جو، جيئن پروانا جلن،

 

دولت! هن درويش کي، آهي خام محبت من،

 

ٿو ٻڌائي ٻين، ته آءٌ ڀي عاشق آهيان.‘

221-

تڏهن وري ڪارڻ ڪام، موٽي ماڙيءَ مان هلي،

 

اچي ٿي عاشق ڏانهن، گولي گيز گام،

 

تنهن بام اڳيان بهرام، آڻي پارانڀا پيش ڪيا.

222-

سڻ تون دانهه! دوست چوي: سا ٻُڌ سڪ سوغات،

 

ٻڌائج مَ ٻين کي، سندي طلب تات،

 

وحدت مان واصل ٿي، ٻي محبت جي ميراث،

 

ٻي وائي ڪج مَ وات، ته آءٌ ڪو عاشق آهيان.

223-

جار جئي جانب جو، ٽري نه اتان ٽاڪ،

 

لائي لنو لالن سين، عاشق تون ٿي خاڪ،

 

ڪج عاجزي عجيب سين، جيڪا وس پڄيئي واڪ،

 

هي جو محبتي مشتاق، تنهن جي سانول سڌ لهيج تون.

224-

پسي شعاع شمع جو، آتو ٿيو عساق،

 

مان ميٽائي مون پرين، سندو ڦٽ فراق،

 

دولت! چئج دوست کي، سندو سڪ سراغ،

 

هي جو محبتي مشتاق، تنهن جي سانول سڌ لهيج تون.

225-

تڏهن سڻي سنيها سڪ جا، دولت ويئي دوڙي،

 

پهس لنگهي پوڙي، اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿي.

226-

سڻ سانول سوڍا سپرين! جاني جانب يار،

 

عاشق کؤن اکين مان، ٿو جر وهي جالار،

 

ساجن! لهج سار، ڪا محبتيءَ مشتاق جي.

227-

دولت! ونءُ مَ دوست ڏي، متان لکيئي لوڪ،

 

ٿئي سڪ ۾ ساجن سوڪ، ته ڪا پيوند جي پرکا پوي.


 

*  هن متن جو مدار ٻن منظوم روايتن تي آهي: (1) ”بانڪو شاهه بهرام“ (روايت ڇ)، چيل ڇتي کٽيءَ جو ۽ (2) ”قصو بانڪو شاهه بهرام“ (روايت ب)، چيل بهاول مهر.

(1)  ب روايت ۾ ديون جي ملڪ جو نالو ”ڪاڪيشيا“ ڄاڻايل آهي.

(1)  ب روايت ۾ بلغار جي بادشاهه جو نالو ”بهزاد“ ڄاڻايل آهي.

(2)  ب روايت موجب شهزادي، بهزاد بادشاهه جي سسي، خط ۽ پنهنجو خنجر در وٽ ٽنگي ڇڏيو.

(1)  ب روايت موجب شاهه بهرام ديون وٽ 25 ڏينهن رهيو هو.

*  هن روايت جو مدار ڇپيل ڪتابڙي ۽ اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان مليل هڪ قلمي نسخي تي آهي؛ جو ميان دوست محمد ولد بهارو خان چنا، ويٺل ڳوٺ وڪا لڳ ٿرڙي هاشم تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي، مورخ 12- جمادي الاول 1343هه/ 12- جنوري 1926ع تي لکيو. دستخط قلمي نسخي واري روايت جي پڙهڻي ۽ اضافي کي (د) جي نشان سان نروار ڪيو ويو آهي. سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي زباني روايت کي پڻ مناسب جاين تي قلمبند ڪيو ويو آهي:

**  ڇتي کٽي بابت يقيني طور ڪجهه به معلوم نه آهي. البت ميرپور ساڪري طرف جي سگهڙن (حاميد خان رند، حاجي سرماڻ خان، حاجي محمد سوڍو ۽ ٻيا) جي متفق روايت موجب ڇتو کٽي، سگهڙن جي سرتاج جلال کٽي جو ڀاءُ هو. حضرت جلال کٽي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو آهي. 2-د روايت ۾ هي ٻيو بيت، جنهن ۾ شاهه بهرام جي ڄمڻ جو ذڪر آهي سو هن ريت آهي.

1- ڪامل ڪشور شاهه جا، ڏس ڪيڏا مڏيون مال،

نڪو وياءُ تنهن وير کي، نڪو ٻهڳڻ کي ٻال،

ڪندو هو عرض الله کي، صبح سنجهه سوال،

باري! تون برحال، ڪو ٻيٽو ڏجان ٻاجهه سان.

2- مڙي سهيليون پاڻ ۾ هليون ات ڪري اقبال،

تن مان هڪ جا لڙي، خطري پيڙس خيال،

پيو ڏٺائين پڙ ۾، سائي رنگ رومال،

سهجئون تنهن سنگهيو، سڪ منجهئون سرحال،

دم تنهين درحال، ڏنائين چار ڄڻا چوگان ۾.

3- هڪل حضرت شاهه ڪئي، ته ڄائيندو سو ڄام،

بيبي! تون برحال ٿينءَ، تنهنجو قادر جوڙيو ڪام،

نانءُ رکج ’بهرام‘، جو ڄائيندو پٽ مبارڪ پاتشاهه.

4- سنگا صورت کي رهي، پسو پهرينءَ رات،

گذريا تو مهينا ڏهه راتڙيون، پرهه ڦٽي پرڀات،

ڪامل ڪشور شاهه کي، وائي واکاڻي وات،

توکي ڏاتر ڏني ڏات، جو ڄايئي پٽ مبارڪ پاتشاهه.

(1)  سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي روايت موجب ”واچوڙي وريام“

(2)  هيءَ مصرع د موجب آهي.

(1)  هيءَ مصرع د موجب آهي. (2) هيءَ مصرع د موجب آهي.

(1)  ۽  (2) هي مصرعون د موجب آهن.

(1)  هي بيت د موجب آهي.

(1)  هيءَ مصرع د موجب آهي. (2) ۽ (3) هي مصرعون د موجب آهن

(1) هي مصرعون د موجب آهن.

(1)  ۽ (2) هي مصرع د روايت موجب آهي.

(3)  هيءُ بيت سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي روايت موجب آهي.

(4) هيءُ بيت سگهڙ حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جي روايت موجب آهي

(1)  حاجي محمد سوڍي جي روايت موجب: ادا! پنهنجي باغ ۾، ڪو ڏسجي آدمزاد. (2) ۽

(3)  هيءُ مصرعون د موجب آهن.

(1)  هيءُ مصرع د موجب آهي.

* بيت (72)، (73) مصرعون د روايت موجب آهن.

* بيت (75)، (76) مصرعون د روايت موجب آهن.

* بيت (79)، (80) د روايت مان ورتل آهن.

* بيت (99) د روايت مان ورتل آهن.

* بيت (101) د روايت مان ورتل آهن.

* بيت (104)، (105) ۽ (107) د روايت مان ورتل آهن.

* بيت (112) ۽  (113) د روايت مان ورتل آهن.

* بيت (120) د روايت مان ورتل آهن.

(1)  هي مصرع د روايت موجب آهي.

(1)  ۽ (2) مصرعون روايت موجب آهن.

* بيت (143) د روايت مان ورتل آهن.

(1)  هيءَ مصرع د روايت موجب آهي.

* بيت (161) د روايت مان ورتل آهن.

(1)  هيءَ مصرع د روايت موجب آهي.

* بيت (173) کان (174) ۽ (177) د روايت مان ورتل آهن.

* بيت (201) ۽ (202) د روايت مان ورتل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org