سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:15 

روايت- 3

بانڪو بهرام ۽ حُسن گل راڻي*

آڳاٽي وقت ۾ هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. هن ڪئين حيلا وسيلا ڪيا پر اولاد کان محروم رهيو. هڪ ڏينهن هڪڙي فقير اچي چيس ته: بادشاهه سلامت! مون وٽ منهنجو مرشد ايندو آهي، جنهن کي اوهين اولاد جي لاءِ عرض ڪريو؛ جيڪڏهن هن دعا گهري ته اميد آهي ته اوهان کي اولاد ٿيندو. ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ فقير وٽ مرشد آيو. فقير، بادشاهه کي اهو اطلاع ڏنو. بادشاهه انهيءَ مهل ئي فقير جي مرشد وٽ اچي حاضر ٿيو ۽ کيس اولاد لاءِ سوال ڪيائين. مرشد چيس ته: هڪ ته تون دين کان ڦِريل آهين، تنهنڪري توکي دين جي حڪمن موجب هلڻ گهرجي، ٻيو ته اولاد توکي ٿيندو، پر اولاد ٿيڻ کان پوءِ تون ٿورو وقت جيئرو رهندين، ٽيون ته جي اهو اولاد آرسي ڏسندو ته نقصان ٿيندس، تنهن کان سواءِ تنهنجي اولاد کي قسمت ۾ ڏک تمام گهڻو لکيل آهي. هاڻي وڻئي ته اولاد قبول ڪر، وڻئي ته انڪار ڪر! بادشاهه کي اولاد جي سڪ هئي، تنهنڪري هن مرشد جون ٽيئي ڳالهيون قبول ڪيون.

ٿورن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بادشاهه جي گهر ۾ اميدواري ٿي. پورن ڏينهن تي بادشاهه کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ’بهرام‘ رکيائين. بادشاهه کي جو سڪي پني اولاد ڄائو هو، تنهنڪري سڄي بادشاهيءَ ۾ خوشيون ٿي ويون. ٽن ڏينهن کان پوءِ، بادشاهه پنهنجي پٽ کي ڏسڻ آيو، شهزادي کي ڏسي خوشي ٿي وري پنهنجي آستان تي آيو. خدا جي قدرت سان ٻئي ڏينهن بادشاهه مري ويو. بادشاهه جي مرڻ کان پوءِ هڪ ٻئي بادشاهه ڪاهه ڪري ملڪ هٿ ڪيو. پوءِ ان ملڪ جي رعيت کي گهرايائين.... ڪن کي زمينون ڏنائين، ڪن کي ڀلا گهوڙا ڏنائين ۽ ڪن کي خزانو ڏئي خوش ڪيائين. ان بعد ڪيترائي نجومي پاڻ وٽ گهرائي، انهن کي چيائين ته: مونکي ٻڌايو ته مون کان بادشاهي ڪير کسيندو؟ نجومين چين ته: هڪ ڇوڪرو تنهنجي شهر ۾ ڄاول آهي، جو تو کان تنهنجي بادشاهي کسيندو. تڏهن بادشاهه وري شهر جي ماڻهن کي گهرائي پڇيو ته: اڳيون بادشاهه چڱو هو يا آءٌ چڱو آهيان؟ تنهن تي سموري رعيت چوڻ لڳي ته: بادشاهه سلامت! اوهين چڱا آهيو. ڀلا جن کي زمينون، ڀلا گهوڙا ۽ خزانا مليا، سي ڪيئن ٿا چون ته ’بادشاهه تون چڱو نه آهين!‘ وري بادشاهه رعيت کي چيو ته: اوهين منهنجو حڪم مڃيندا؟ سڀ رعيت هائوڪار ڪئي. تڏهن بادشاهه حڪم ڪيو ته جيڪي به ننڍڙا ڇوڪرا هن وقت ڄاول آهن تن سڀني کي ماري ڇڏيو. اڳوڻي بادشاهه جو ڪو نمڪ حلال وزير اتي ويٺل هو، سو هيءُ حڪم ٻڌي بادشاهه جي ڪچهريءَ مان اٿي، اڳئين بادشاهه جي راڻيءَ وٽ ويو ۽ چوڻ لڳس ته: راڻي! هن بادشاهه حڪم ڪيو آهي ته هن بادشاهيءَ اندر جيڪي به ننڍڙا ڇوڪرا ڄاول آهن تن کي ماري ڇڏيو؛ هاڻي جيڪڏهن توکي پنهنجو پٽ بچائڻو آهي ته جيڪا به ملڪيت تون پاڻ سان کڻي سگهين سا کڻي، اڄ رات هن شهر مان نڪري وڃ، نه ته سڀاڻي تنهنجو ٻچو به ٻين سان گڏ ماريو ويندو. راڻي، وزير جي ڳالهه ٻڌي فڪر ۾ پئجي ويئي. ٻيو ڪو به وسيلو نه ڏسي، جيڪا ملڪيت کانئس کڄي سگهي سا کنيائين ۽ پنهنجو پٽ کڻي، ٻه بادشاهيون ڇڏي ٽينءَ بادشاهيءَ ۾ وڃي نڪتي. اتي هڪڙي جاءِ وٺي، ان ۾ پنهنجو پٽ سمهاري، پاڻ فقيراڻو لباس ڪري پنندي رهي.

انهيءَ شهر جي بادشاهه جو نالو ’شامون‘ هو. هن بادشاهه جي نگاهه هڪ ڏينهن انهيءَ فقيرياڻيءَ تي پئجي ويئي. تنهن خيال ڪيو ته هيءَ ڪا وڏ گهراڻي ٿي ڏسجي، ڇونه سندس حقيقت معلوم ڪجي. پوءِ بادشاهه پنهنجي هڪ امير کي چيو ته: هيءَ فقيرياڻي، جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ نئين ٿي ڏسجي، تنهن کي مون وٽ حاضر ڪريو. امير، فقيرياڻيءَ کي وٺي بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيو. بادشاهه هن کان خبرچار پڇي، پر هن پاڻ کي ظاهر نه ڪيو. جڏهن بادشاهه کيس هر طرح دلداري ڏني، تڏهن راڻيءَ اول کان آخر تائين سڄو قصو ڪري ٻڌايس. بادشاهه، راڻيءَ کي چيو ته: مائي! تون ڪو به فڪر نه ڪر، مونکي پنهنجون ست راڻيون آهن، جن مان اولاد ڪونه اٿم، هاڻي اهو تنهنجو ٻچو سو منهنجو ٻچو ۽ تون منهنجي نياڻي آهين، توکي رهڻ لاءِ محلات ۾ هڪ جاءِ جدا ڏيان ٿو، تون ان ۾ پنهنجي پٽ سان گڏجي هلي رهه، قصو ڪوتاهه، راڻي دل من هڻي آخر بادشاهه جي ڳالهه قبول ڪري، اچي محلات ۾ رهڻ لڳي.

شهزادو بهرام ماءُ سان گڏ محلات ۾ پئي نپنو. جڏهن پڙهڻ لائق ٿيو، تڏهن هن کي پڙهڻ ويهاريو ويو. هو ننڍي هوندي کان ئي ڏاڍو اڙٻنگ هوندو هو. کٿابين کي ڏاڍو ماريندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن سڀني کٿابين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته: هن کي يا ته گڏجي مار ڏيون، يا هن جو ٻيو ڪو بندوبست ڪريون. آخر ٽوليون ٺاهي هن سان وڙهڻ لڳا، پر هو اهڙو ته بهادر هو، جو جنهن به ٽوليءَ ۾ وڃي پوي، ان ٽوليءَ جي سڀني ڇوڪرن کي ماريو ڀڄايو ڪڍي. ڪنهن ڇوڪري جي ٻانهن چٽ ته ڪنهن جي ٽنگ چٽ. جڏهن ڇوڪرن جي اها صلاح نه بيٺي، تڏهن وري صلاح ڪيائون ته هن کي اهڙي هنڌ موڪلجي جتان وري نه اچي. سو هيءُ پڙهڻ پئي ويو ته ڇوڪرا ٽولي ٺاهي هن جي اڳيان آيا ۽ کيس چوڻ لڳا ته: تون اسان جو بادشاهه ۽ اسين تنهنجي رعيت آهيون. ڇو ته تون اسان سڀني کان بهادر آهين. تو جهڙو بهادر مصر جهڙي مشهور ملڪ ۾ هجي، اتي تو جهڙي بهادر جڳ ڏاڍو قدر ٿيندو. هن جڏهن ڇوڪرن جي ڳالهه ٻڌي، تڏهن کيس مصر وڃڻ جو ڏاڍو شوق ٿيو. آخر پيءُ کي اچي چيائين ته: بابا! مونکي مصر وڃڻ جو شوق آهي، ان ڪري مون لاءِ هڪ جهاز تيار ڪرايو ۽ هڪ سو جوان به سنبرايو، جي مون سان گڏ هلن. بادشاهه خيال ڪيو ته هن کي شايد ڪنهن اهو شوق ڏياريو آهي، انهيءَ ڪري متان هن جي دل ڏکوئجي؛ سو لاچار هڪڙو جهاز ۽ هڪ سو جوان هن کي ڏيئي، سفر جي موڪل ڏنائين. شهزادو، ماءُ کان موڪلائي جهاز ڪاهي مصر ڏانهن روانو ٿيو.

شهزادو بهرام ٿورن گهڻن ڏينهن کان پوءِ وڃي مصر ۾ پهتو. ڪناري تي پنهنجن ساٿين کي ترسائي، پاڻ جهاز مان لهي شهر گهمڻ ويو. گهمندي گهمندي هن کي هڪڙو ماڻهو گڏيو، جنهن خبرون چارون ڏيندي کيس ٻڌايو ته: شهر جا ٽي طرف ڀلي گهمي ڏس، پر چوٿين طرف نه وڃج. تڏهن شهزادي پڇيو ته: چوٿين طرف ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ جوان جواب ڏنس ته: مون ٻڌو آهي ته انهيءَ پاسي جيڪي ويا آهن، سي وري نه موٽيا آهن؛ تنهنڪري توکي به صلاح ڏني اٿم، جو تون سهڻو جوان ٿو ڏسجين ۽ مفت مري ويندين. شهزادي دل ۾ چيو ته انهيءَ طرف جي خبر ضرور وٺندس ته ڪهڙو خطرو آهي. نيٺ ٻيا پاسا گهمي انهيءَ پاسي ويو. ڏسي ته سوين ماڻهو بيهوش پيا آهن. هن هڪڙي کي جيئن تيئن ڪري هوش ۾ آڻي ان کان پڇيو ته: ادا! هيترا سارا ماڻهو جو بيهوش پيا آهن، تنهن جو ڪهڙو سبب آهي؟ هن وراڻيس ته: هينئر رات ٿي ويئي آهي، تنهنڪري صبح جو اچج ته پوءِ سربستو حال ٻڌائين. شهزادو موٽي جهاز ۾ آيو ۽ جهاز کي ٿانيڪو ڪري، جوانن کي ڏاڍيون دلداريون ڏيئي چيائين ته: پاڻ کي هت مصر ۾ ڳچ ڏينهن رهڻو پوندو.

رات خير خوبي سان گذاري، صبح جو سوير اُٿي وري ساڳئي هنڌ انهيءَ جو ان وٽ آيو ۽ چيائينس ته: ڪالهوڪي خبر اڄ تي رکيل هئي، اها خبر ٻڌاءِ! تنهن تي انهيءَ شخص ٻڌايس ته: هن شهر جي بادشاهه کي حسن گل راڻي نالي هڪڙي سهڻي ڌيءَ آهي، ان جي حسن تي هزارين ماڻهو عاشق آهن، هي سڀ بيهوش ماڻهو انهيءَ پريءَ جا عاشق آهن.

سج مثل آ سهڻي، جڙيل جواهرن،

ماڻڪ موتي منڌ تي، جهالون ٿيون جهرڪن،

معشوق ويهي ماڙيءَ ۾، بجليون جيئن بکن،

نو لکا هار هنجن ۾، چوڌاري چمڪن،

کُپيو اکيون وڃن، اُت عاشقن جون ان ۾.

----

هلي ٿي هستيءَ سان، سوين ڪريو سينگار،

چمن گهمي ٿي چاهه مان، باغيجا به بهار،

منهن ٻري تنهن مِهريءَ جو، چوڏس ۽ چوڌار،

سونهن ڏني سردار، آهي بانڪا! تنهن پريءَ کي.

ان شخص اهو بيان ڪري کيس چيو ته: تون به سهڻو جوان آهين پر هتي ته حسن جي حد ئي ڪانهي. آخر هي پاڻ ۾ دوست ٿي ويا ۽ بانڪي بهرام کيس ٻڌايو ته: آءٌ پرديسي آهيان، مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته راڻي ڪنهن سان ڳالهائيندي به آهي يا نه، ۽ هينئر ڪٿي هوندي؟ تنهن تي ان شخص ٻڌايس ته رهندي ته آهي محلات ۾، پر هينئر هو پنهنجي سٺ سهيلين سان باغ گهمڻ ويئي آهي:

بجلي ويئي آ باغ ۾، سٺ سهيلين ساڻ،

تڪبر بيٺي تان ڪري، هوءَ پَڏائي پاڻ،

سدا هوندي سرتين ساڻ، رتي منجهه رهاڻ،

الله ڪري اَماڻَ، ڏسجي سرتين وچ ۾.

ائين چئي بانڪي بهرام کي چيائين ته: حسن گل راڻيءَ کي پنهنجي حسن تي ايڏو ته تڪبر آهي، جو چوي ٿي ته آءٌ اهو مرد ئي ڪانه ٿي ڏسان جو مون سان شادي ڪري. شهزادو کانئس موڪلائي باغ ڏي هليو. اچي ڏسي ته باغ جو دروازو بند ٿيو پيو آهي، سو ڀت ٽپي اندر ٿيو. هن جي آواز تي، جنهن بڪاريءَ باغ ۾ گل پئي ڇنا، تنهن  پڇيس ته: ڪير آهين؟ اتي بيهي رهه، متان اڳتي وڌيو آهين! ائين چئي وڌي اچي کيس جهليائين ۽ چيائينس ته: هل بادشاهه وٽ. بانڪي بهرام کي جا آئي ڪاوڙ، تنهن بڪاريءَ کي چيو ته: بڪاريءَ جا ٻچا! وڃي پنهنجي بادشاهه کي اطلاع ڏي، آءٌ باغ کان ٻاهر نه نڪرندس. بڪاري، بانڪي بهرام جون اکيون ڏسي وٺي ڀڳو ۽ وڃي ڄاڻ ڪيائين. پر ان وقت حسن گل پري اتي اچي نڪتي. بانڪي بهرام جو کيس ايندو ڏٺو، سو هن جي حسن کان بيهوش ٿي ڪري پيو.

هلي ويو حشمت سان، ڪيائين دلبر جو ديدار،

بانڪي تنهن بهرام کي، ڏيل پئجي ويا ڏاڻ،

ڪري پيو پهلواڻ، ٿيو حملو حسن جو.

خدا بانڪي بهرام کي به اهڙو حسن ڏنو هو، جو هوءَ به کيس ڏسڻ شرط بيهوش ٿي ڪري پئي. اهو حال ڏسي سهيليون پاڻي وجهي کيس هوش ۾ آڻڻ لڳيون:

ڏسي پهلوان کي پري، ٿي بيهوش گل بهار،

سرتين جنهن کي سجاڳ ڪيو، پئي نيڻ نمائي نار،

ڏسي چيو چوڌار، ته پاڻي وجهو هن پرديسي تي.

اتي سرتين راڻيءَ کي چيو ته: هاڻي ته، غرور لٿئي، جو چئين پئي ته هن پرديسيءَ تي پاڻي وجهو. تڏهن راڻيءَ چيو ته: ٻيون ڳالهيون سڀ پوءِ، اول هن غريب تي پاڻي وجهو ته هوش ۾ اچي.

پاڻي وڌئون پرديسيءَ تي، جو آه ڪري اٿيو،

محبوب پنهنجي منهن سان، چاڳليءَ کي چيو:

حسن گل! تنهنجي حسن هڻي، ايڏو ڪيس ڪيو،

دلبر تنهنجي دام ۾، ڦاسي آءٌ پيو،

هاڻي دلاسو ڏيو، ظاهر پنهنجي زبان سان.

اتي بانڪي بهرام، حسن گل راڻيءَ کي چيو ته: جيڪڏهن اجازت ڏين ته آءٌ هتي تنهنجي باغ ۾ رهان، نه ته وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ رهان.. اتي کيس سرتين اشارو ڪيو ته ’هن کي هڪل ڏيئي سندس بهادريءَ جي خبر وٺ، جيڪڏهن بهادر هوندو ته ڪو نه  ڀڄندو، نه ته هي به ٻين وانگر ڀڄي جند ڇڏائيندو.‘ تڏهن راڻيءَ بانڪي بهرام کي چيو ته:

ڀڄي وڃ ڀڄڻا، نه ته پاپ اسان پوندو،

بڪاري ويو آهي بابي وٽ، جو چاهه مان چوندو،

ماڻهو مصر شهر جا، هو مرد به ميڙيندو،

لحظي ۾ لڏائيندو، ساهه تنهنجي سرير مان.

اهو ٻڌي شهزادي وراڻيس ته: آءٌ ڀڄڻو ڪو نه آهيان، سو ڪوهن جا پنڌ ڪري وڏيءَ ولايت مان آيو آهيان، سو تنهنجي دڙڪي کان ڊڄي ڪونه ڀڄندس. ڀلي اهڙا سو لشڪر اچن:

دڙڪا تنهنجا دادلي! مونکي هنئين منجهه هُرن،

قسمت مون سان قهر ڪيو، نه ته ائين ڪير چون،

ڀڄي وڃن ڀڄڻا، اُهي مرد ڪيئن چئجن،

مردن جي ميدان تي، واسي مينهن وسن،

پنج هزار لشڪر جا، مون وٽ موچڙي ساڻ مرن،

چڙهيا اُڙد اچن، ته به پهلوان آهيان پڙ ۾.

بانڪي بهرام جي اها ڳالهه ٻڌي، راني دل ۾ هن جي تعريف ڪرڻ لڳي ۽ سرتين کي چيائين ته: هيءُ بيشڪ بهادر آهي، پر آءٌ ڇا ڪريان جو هي پرديسي آهي، ان سان نينهن لائڻ چڱو ڪم نه آهي. تڏهن سرتيون چوڻ لڳيون ته: تون اسان سان بحث پئي ڪرين، پر هوڏانهن ڏس ته بادشاهه لشڪر وٺي پيو اچي. حسن گل راڻي ۽ سندس سهيليون ته هليون ويون، پر بانڪي بهرام پنهنجي مرشد کي ياد ڪري، مدد لاءِ سوال ڪيو. ايتري ۾ قدرت سان چار گرڙ پکي ۽ چار شينهن هن جي مدد لاءِ اچي حاضر ٿيا. بادشاهه ۽ وزير اها حالت ڏسي صلاح ڪئي ته اهڙي ڪا تجويز ڪجي جو هي مارجي وڃي. تنهن تي وزير عرض ڪيو ته: بادشاهه سلامت! هڪڙو ماڻهو اسان جو ڇا مقابلو ڪندو؟ هن جي مارڻ جي تجويز بلڪل آسان آهي، جو پنهنجن گهوڙن کي تيز کڻي ڇڏيون ۽ هن کي لتاڙي هليا هلون. وزير جي صلاح تي لشڪر وڌيو ئي ڪين ته گرڙ ۽ شينهن لشڪر ۾ ڪاهي پيا. گهڙيءَ کن ۾ لشڪر جي لاشن جا ڍير لڳي ويا. وزير ڏٺو ته خلق مري وڃي باقي بچي آهي ۽ جي اهو حال رهيو ته اسين به مري وينداسين، سو بادشاهه کي اشارو ڪيائين ته پويان پير ڪجن. پوءِ ته بادشاهه ۽ وزير گهوڙن کي هڪلي وڃي محلات ڀيڙا ٿيا. هي حال ڏسي جيڪو لشڪر بچيو هو سو به ڀڄڻ لڳو. آخر جنگ ختم ٿين بعد بانڪو بهرام هڪڙي شينهن تي سوار ٿي محلات ڏانهن هليو.

سورج نڪتو شعاع ڪري، جنهن جو تاج ڪري تجلا،

هڪ هسوار ٿيو شينهن تي، پيا اڳ ۾ ٿي هليا،

جوڙيا ڪم الله، هو آيا مصر شهر ۾.

ٿوري وقت کان پوءِ بانڪو بهرام شينهن تان لهي پنهنجي جهاز جي خبر چار لهڻ لاءِ ويو. ايتري ۾ حسن گل راڻي ميدان خالي ڏسي، پنهنجي پيءُ کي سمجهائن لڳي ته: بابا سائين! اوهان کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو. هيءَ ته قدرت جي مهرباني چئبي جو اوهين سلامت آهيو.

حسن گل پيءَ اڳيان، ويٺي پاند ڳچيءَ پائي،

هٿ ٻڌيو ادب جا، ٿي سالڪ سمجهائي،

بابا! بانڪي بهرام کي، ڇڏج نه موٽائي،

نه ته بانڪو شهر مصر جا، ڇڏيندو ماڻهو مُسائي،

مالڪ سڄي شهر جو، بانڪو ئي آهي،

بانڪو بهرام لاهي، ڏک تنهنجي ڏيل جا.

ان ڏينهن چين ولايت جي بادشاهه کي نجوم ذريعي خبر ملي ته ڪنهن ولايت جو شهزادو بانڪو بهرام، حسن گل راڻي ٿو پرڻجي. تنهن کي خيال ٿيو ته ڇو نه آءٌ حسن گل راڻيءَ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيان. پوءِ جهاز ڀرائي سڌو مصر شهر ۾ آيو ۽ ٻن ڌوتين کي خبر لهڻ لاءِ موڪليائين. کين ائين به سمجهايائين ته: اوهين وڃڻ شرط حسن گل راڻيءَ جي اڳيان منهنجي ساراهه ۽ بانڪي بهرام جي گلا ڪجو. ڌوتيون حڪم مطابق اچي پنهنجي ڪم کي لڳيون، پر حسن گل اڳيان سندن هڪ به نه هلي ۽ مفت بيعزت ٿي ٻاهر نڪتيون. ڌوتين کي تڙائي، حسن گل راڻي سڌي پنهنجي پيءُ وٽ آئي ۽ کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي چوڻ لڳي ته: بابا! آءٌ اڄ کان بانڪي بهرام جي ٿي چڪي آهيان، تنهنڪري هنن ڌوتين کي- جن منهنجي اڳيان بانڪي بهرام جي گلا ۽ هڪ اوڦٽو ماڻهوءَ جي ساراهه پئي ڪئي- ڌڪا ڏيئي تڙائي ڪڍيو اٿم. ڌيءَ جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي بادشاهه ڪاوڙجي باهه ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو ته: اي نڀاڳي! اهو چين ولايت جو بادشاهه آهي، جو تنهنجي سڱ جي گهُر ٿو ڪري. هاڻي جي اهو اسان سان جنگ ڪندو ته ساڻس پڄڻ جي اسان ۾ همت ڪانهي. تنهنجو بانڪو بهرام اسان کي ڪهڙي پڳ ٻڌائيندو؟ انهيءَ کان نه ڄمين ها ته اهي ڳالهيون پيدا ئي نه ٿين ها. ايتري ۾ روشن شجاع نالي هڪڙو ديو، جو ’جابر‘ جادوگر جو تابعدار هو، سو به حسن گل راڻيءَ سان شاديءَ جو پيغام کڻي آيو ۽ بادشاهه جي اڳيان اچي حاضر ٿي چوڻ لڳو ته: اي بادشاهه! مونکي جابر جادوگر موڪليو آهي ۽ چيو اٿس ته اسان سان جنگ ڪر يا ڌيءَ جو سڱ ڏي. اها ڳالهه ٻڌي، بادشاهه، روشن شجاع ديو کي چوڻ لڳو ته: مون اڃان ڪنهن سان به اهڙو وعدو نه ڪيو آهي. هن پاسي به زبردست بادشاهه جي گهر ٿي رهي آهي ۽ هاڻي اوهين به آيا آهيو. مونکي ڪنهن کان به انڪار نه آهي. پر هاڻي صلاح آهي ته اوهين ٻئي پاڻ ۾ مقابلو ڪريو، جيڪو اوهان مان ڏاڍو ٿيندو تنهن کي ڌيءَ جو سڱ ڏيندس. اها ڳالهه ٻڌي روشن شجاع ديو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته: اجهو ٿا آدمزاد کي ماري مڃايون.

بادشاهه، بانڪي بهرام کي به گهرايو ۽ کيس روشن شجاع ديو جي اچڻ ۽ سڱ گهرڻ جي سڄي خبر ٻڌايائين ۽ چيائينس ته: تون آدمزاد آهين ۽ هو ديو آهن، بهتر آهي ته تون ميدان ڇڏي ڀڄي وڃ، ڇو جو هتي تنهنجو مقابلو نه ٿيندو. پر جيڪڏهن پاڻ ۾ ايتري همت سمجهين ته ڀلي جنگ جوٽ، پوءِ کٽي تنهنجي قسمت. بانڪي بهرام جواب ڏنو ته: آءٌ موٽي وڃڻ لاءِ ڪو نه آيو آهيان، اهي ديو منهنجي اڳيان گُرڙيءَ مثال به ڪين آهن. روشن شجاع ديو اهي لفظ ٻڌي تپي باهه ٿي ويو ۽ هڪدم ديون جو وڏو لشڪر وٺي اچي ڪڙڪيو ۽ بانڪي بهرام کي هڪل ڪيائين ته:ا ي آدمزاد نڪر ٻاهر! گهر ويٺي ويٺو ٻٽاڪون هڻين، هاڻي اچ ته زور آزمايون. تنهن تي بانڪي بهرام چيس ته: آءٌ ويٺل آهيان، تون آيل آهين، تنهنڪري پهريائين تو کي وارو آهي. انهيءَ تي ديو چيس ته: تون آدمي آهين، تنهنڪري مونکي مناسب نه آهي ته تو جهڙي ڪمزور کي هڪ ئي وار سان ماري وجهان،

تنهنڪري منهنجي مرضي آهي ته تون به ته مڇر وانگر ڪجهه ’ڀُون ڀُون‘ ڪري ڏيکار، متان مصر جا ماڻهو ائين چون ته ديو جهٽ ڪري هڪ پرديسي آدمي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. بانڪي بهرام تي هن طعني تمام گهڻو اثر ڪيو ۽ وچ ميدان ۾ اچي ديو کان پڇيائين ته: توهان جي لشڪر جا طنبو ڪهڙي طرف آهن، هن ٻڌايس ته اسان جا طنبو اڀرندي طرف آهن. تڏهن بانڪي بهرام چين ته اوهين سڀئي هڪٻئي جي ڪنن تي ڪن رکو ته آءٌ ڌڪ هڻان. ديون هن کي چريو سمجهي کِلي هڪٻئي جي ڪنن تي ڪن رکيا. پوءِ بانڪي بهرام دل ۾ پنهنجي مرشد کي ياد ڪري، ديو کي اهڙو ڌڪ هنيو جو ان جي آواز سان اهي ديو، جن جا ڪن مليل هئا، دانهن ڪري پٽ تي ڪري پيا ۽ سندن جسم مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. اهڙيءَ طرح سان سڄو لشڪر ماري پورو ڪيائين.

مصر شهر جا ماڻهو، بانڪي بهرام جي ههڙي بهادري ڏسي وائڙا ٿي ويا ۽ واهواهه ڪندا اچي هن کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. هوڏانهن حسن گل راڻي به پهريائين ته انهيءَ ويچار ۾ هئي ته بانڪي بهرام ۽ ديون جي مقابلي جو نتيجو خبر ناهي ڇا نڪرندو.... تنهن جو ٻڌو ته بانڪي بهرام جي سوڀ ٿي آهي سا ستر سهيليون ساڻ ڪري، هن بهادر جي ديدار لاءِ اچي باغ ۾ بيٺي. ٿوري وقت کان پوءِ بانڪو بهرام به اچي اتان لانگهائو ٿيو ۽ حسن گل راڻيءَ جو ديدار ڪندو وڃي درٻار ۾ پهتو ۽ بادشاهه کي مبارڪ ڏيئي چوڻ لڳو ته: آءٌ ديون کي ماري جنگ کٽي آيو آهيان. هاڻي پنهنجي وعدي کي پاڙڻ ۾ دير نه ڪر. بادشاهه، بانڪي بهرام سان وعدي پاڙڻ جو انجام ڪري ستن ڏينهن جي جشن ملهائڻ ۽ خير خيراتن ڪرڻ جو حڪم ڪيو. اٺين ڏينهن حسن گل راڻيءَ جي شادي بانڪي بهرام سان ڏاڍي ڌوم ڌام سان ٿي گذري. شاديءَ کان پوءِ بانڪي بهرام ڳچ ڏينهن مصر ۾ گذاريا. آخر حسن گل راڻيءَ سان صلاح ڪري، بادشاهه کان وطن وڃڻ جي اجازت گهريائين. بادشاهه کيس خوشيءَ سان اجازت ڏني. تنهن کان پوءِ حسن گل راڻي به پنهنجن مائٽن کان موڪلائي بانڪي شاهه بهرام سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿي.

مقرر ڏينهن تي بادشاهه خود هنن سان گڏجي، جهاز تائين آيو ۽ کين روانو ڪيائين. واٽ تي بانڪو بهرام حسن گل راڻيءَ سان پنهنجن ڏکن ۽ ڏاکڙن جو بيان ڪندو سفر کي کٽائيندو، آخر هڪ ڏينهن اچي پنهنجي وطن ۾ پهتو. شامون بادشاهه کي جڏهن اها خبر پئي ته بانڪو بهرام، حسن گل راڻيءَ سميت واپس اچي ويو آهي، تڏهن پنهنجي وزير سان گڏجي استقبال لاءِ ساڻس اچي مليو، ۽ کيس فتح جون مبارڪون ڏنائين. پوءِ کيس وٺي محلات ۾ آيو. محلات ۾ گهڙڻ شرط ماءُ ڏاڍي اُڪير ۽ پيار سان پنهنجي پٽ سان ملي. ان کان پوءِ پنهنجي نُنهن حسن گل راڻيءَ سان به ملي ڏاڍي خوش ٿي.

شامون بادشاهه جي بادشاهيءَ ۾ ڳچ وقت رهڻ مان کيس خبر پيئي ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو آهي ۽ پاڻ ماءُ سميت هتي پناهه ۾ رهيل آهي. هڪ ڏينهن بانڪو بهرام همت ڪري شامون بادشاهه وٽ ويو ۽ کانئس انهيءَ حقيقت بابت پڇڻ لڳو. پر شامون بادشاهه کيس هن حقيقت جو ڪوبه انت نه ڏنو ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ٽاري ڇڏيائينس. ٻئي ڏينهن بانڪو بهرام پنهنجي ماءُ وٽ ويو ۽ کيس چوڻ لڳو ته: امان! مونکي ٻڌاءِ ته بابي سائين جي بادشاهي ڪهڙي ملڪ ۾ هئي ۽ اها ڪيئن اسان کان ويئي؟ اول ته ماڻس به کيس نه ٻڌائڻ جي ڪئي، ڇاڪاڻ جو ماءُ ڏٺو ته متان هي بادشاهي هٿ ڪرڻ لاءِ جنگ ڪري، تنهنڪري مٽائڻ لڳي. اخر لاچار ٿي پنهنجي وزير جي نمڪ حراميءَ جو سمورو بيان کيس ڪري ٻڌايئين. هن احوال ٻڌڻ شرط بانڪي بهرام، ماءُ کي چيو ته: انهي نمڪ حرام وزير کان جيسين پنهنجي بادشاهي واپس نه وٺندس، تيسين مونکي کائڻ پيئڻ حرام آهي. پوءِ درٻار ۾ وڃي شامون بادشاهه سان صلاح ڪرڻ لڳو ته ڪهڙيءَ تجويز سان هلجي ۽ انهيءَ نمڪ حرام وزير کي گرفتار ڪري کانئس پنهنجي بادشاهي هٿ ڪجي! ڳچ وقت پاڻ ۾ صلاحون ڪندا رهيا، نيٺ جنگ ڪرڻ جي پڪي راءِ بيٺي. پوءِ جلد ئي پنهنجي لشڪر کي تيار ڪري، ڪاهي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ آيو. ان ملڪ جو حڪمران نمڪ حرام وزير به جنگ لاءِ تيار ٿي آيو. ست ڏينهن برابر جنگ هلي، نيٺ وزير جي طرفان صلح لاءِ امير آيا، جن بانڪي  بهرام کي عرض ڪيو ته: آخر هن بادشاهه ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو اوچتو لشڪر وٺي چڙهائي ڪئي اٿو؟ ڪجهه وقت مهلت ڏيو يا ڳالهيون ڪريو، پوءِ جنهن جو ڏوهه ٿئي تنهن کان ٻنهي بادشاهين جي ٿيل نقصان جو عيوضو ورتو وڃي. پر بانڪي بهرام اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ ٻيهر جنگ ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. هي حال ڏسي وزير اچي پيش پيو. بانڪي بهرام کيس ههڙو مجبور ڏسي چيو ته: اي نمڪ حرام وزير! تون پيش نه پـؤُ، ڇاڪاڻ جو تو دشمن کي جيئري رهڻ جو منهنجي بادشاهي ۾ ڪو حق نه ملندو، ان ڪري بهتر آهي ته هيءَ تلوار کڻ ۽ مون سان دوبدو جنگ ڪر، پوءِ جيڪو کٽي سو بادشاهي ڪري. آخرڪار هن وزير اها ڳالهه به نه مڃي ۽ جيئدان لاءِ ستائڻ لڳو. پوءِ بانڪي بهرام حڪم ڪيو ته: هن نمڪ حرام وزير کي انڌاري ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو ته جيئن منهنجي نظر هن تي نه پوي ۽ اهڙي تڪليف ڏيوس جو عذاب کائي مري وڃي. اهڙيءَ طرح بانڪي بهرام پنهنجي ويل بادشاهي هٿ ڪري، مٿس ڏاڍي ڌام ڌوم سان حڪومت ڪئي، ۽ پنهنجي ماءُ ۽ حسن گل راڻيءَ سان حياتيءَ جا باقي ڏينهن خوشين ۾ گذارڻ لڳو.

سڪندر بادشاهه

]سنڌ ۾ ’سڪندر بادشاهه‘ جو قصو مختلف روايتن سان رائج آهي.هتي هن قصي جون ٽي مستقل روايتون شامل ڪيون ويون آهن: پهرين روايت ”سڪندر ۽ پيرمرد“ جي نالي سان مشهور آهي، جنهن ۾ سڪندر بادشاهه کي گهمندي گهمندي سمنڊ ۾ هڪ لعل نظر آيو؛ پر گهڻيءَ جاکوڙ کان پوءِ به لعل هٿ نه ڪري سگهيو. آخرڪار هڪڙي عقلمند پيرمرد کيس اهو لعل هٿ ڪري ڏنو. ان پير مرد جي صلاح سان سڪندر بادشاهه آبحيات جي ڳولا ۾ نڪتو، ۽ ”ڪِينَ“ جي ڪُن مان بچي هڪڙيءَ غار مان آبحيات هٿ ڪري موٽيو. بادشاهه آبحيات پيئڻ کان اڳ سمورن ساهوارن کان صلاح ورتي؛ جن مان ڪاٺ ڪُٽـي پکيءَ جي صلاح موجب، بادشاهه آبحيات نه پيتو ۽ زمين تي هاري ڇڏيو. ٻي روايت ”سڪندر بادشاهه“ جي نالي سان رائج آهي، جنهن موجب سڪندر بادشاهه پنهنجي بادشاهي، دولت ۽ عزت تي تڪبر ڪري ٿو. هڪڙي ڏينهن صبح جو کيس ڪنهن پکيءَ اڏائي وڃي سمنڊ جي تري ۾ ڇڏيو. اتي سامونڊي شهزادن جي قتل جي الزام ۾ سندس ٽنگون ٻانهون وڍي، ڀڀري بنائي کيس ڍير تي اڇلايو ويو. آخرڪار هڪڙي چاڪيءَ جي مدد سان ان ملڪ جي شهزاديءَ سان شادي ٿيس. هڪڙي ڏينهن حُسن، عقل، بخت ۽ صحت جي تڪرار جو نياءُ ڪندي، صحت کي سڀني کان افضل هجڻ جي فتويٰ ڏنائين. صحت کيس وري اڳئين جهڙو تندرست ڪري ڇڏيو. ان بعد پنهنجي ملڪ موٽي آيو، ۽ يقين ٿيس ته عزت ۽ ذلت برابر الله جي اختيار آهي. هن قصي ۾ سڪندر بادشاهه جي تڪليفن جو سمورو عرصو ڪن گهڙين جو هو، جيڪو قدرت سان کيس ڪيترن ئي سالن جي برابر نظر آيو. ٽيءَ روايت به ”سڪندر بادشاهه“ جي نالي سان مشهور آهي. هن روايت ۾ افلاطون، سڪندر بادشاهه جي ڄمڻ کان ٻه سو ورهيه اڳ، پاڻ کي پيتيءَ ۾ بند ڪرائي ڇڏيو هو، جنهن مان پوءِ سڪندر بادشاهه کيس باهر ڪڍيو. آخرڪار افلاطون جي صلاح سان هو نِڪونج ڪُن ۽ ”ڪين“ جي شهر گهمڻ لاءِ روانو ٿيو. افلاطون جي مدد سان نڪونج ڪن مان ٻيڙا آزاد ڪرائي، سڪندر وڃي نانگن جي شهر ۾ پهتو. اتي به افلاطون جي مدد سان اتي جي بادشاهه جي ڌيءَ پرڻجي ڪين جي شهر ۾ ويو. آخرڪار وڏين تڪليفن ڪاٽڻ بعد پنهنجي بادشاهيءَ ۾ موٽي آيو. هتي اهي ٽيئي عام مشهور روايتون شامل ڪيون ويون آهن. آڳاٽي وقت کان سنڌ جي مدرسن ۾ فارسي ”سڪندر نامون“ پڙهايو ويو آهي، جنهنڪري هي قصو سنڌ ۾ رائج ٿيو، جنهن ۾ پوءِ مڪاني طور روايتن ۾ تبديلي آئي. مرتب[

 

روايت [1] *

پير مرد ۽ سڪندر بادشاهه

 

هڪڙي ڀيري، سڪندر بادشاهه پنهنجي لشڪر سان گڏ سير تي نڪتو. سمنڊ جي ڪناري تان هلندي هلندي هڪڙي هنڌ کيس پاڻيءَ ۾ هڪڙو لعل چمڪندو نظر آيو. هن انهيءَ لعل ڪڍي اچڻ لاءِ سپاهين کي حڪم ڏنو. شاهي حڪم ملڻ شرط ٽوٻا سمنڊ ۾ گهڙي پيا. اڃان سمنڊ ۾ گهڙن ته لعل نظر کان گم ٿيو وڃي. ڏاڍا حيلا هلايئون پر لعل هٿ نه آيو. تڏهن بادشاهه چيو ته: جيستائين اهو لعل هٿ نه ايندو، تيستائين موٽي نه هلنداسين. پوءِ سڪندر بادشاهه اتي ئي طنبو طولان هڻي ويهي رهيو.

سڪندر بادشاهه جي ماڻهن مان ڪنهن وڃي پنهنجي پيءُ سان اها ڳالهه ڪئي ته: بادشاهه فلاڻي هنڌ لعل جي لاءِ ترسيو ويٺو آهي، پر اهو ڪنهن کي به هٿ نٿو اچي. تنهن تي ان پير مرد پنهنجي پٽ کي چيو ته: موٽي اتي وڃي ڏس ته جيڪڏهن سمنڊ جي ڪناري تي ڪو وڻ آهي ته اهو لعل ان تي آکيري ۾ رکيو اَٿو، سمنڊ ۾ فقط ان جو پاڇو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ٻڌي هو سمنڊ تي آيو، ۽ پير مرد جي چوڻ موجب آکيري مان لعل لاهي، آڻي بادشاهه کي ڏنائين. سڪندر بادشاهه لعل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کانئس پڇيائين ته: اهو عقل ڪنهن جو؟ هن جواب ڏنو ته: جيئندا قبلا! اهو منهنجي پيءُ جو عقل آهي. پوءِ بادشاهه ان پيرمرد کي گهرائي، پنهنجي صلاحڪارن ۾ شامل ڪيو، ۽ اٿي روانا ٿيا.

اڃان ٿورو اڳڀرو هليا ته خلاصين دانهن ڪئي ته: جيئندا قبلا! هاڻي اهڙي هنڌ آيا آهيون، جتان جهازن کي ڪِين زوريءَ ڇڪي ويندي. بادشاهه تنهن تي پير مرد کان پڇيو ته: هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پير مرد صلاح ڏنيس ته: ٻيڙا ٻيڙن سان گڏي ٻڌو، ڇو ته ڪين جو منهن آهي سوڙهو، تنهنڪري گهڻا ٻيڙا ڪِين جي منهن وٽ روڪجي بيهي رهندا. سپاهين پيرمرد جي صلاح تي عمل ڪيو ته ٻيڙا سچ پچ ڪين جي منهن وٽ روڪجي بيهي رهيا. بادشاهه وري پيرمرد کان پڇيو ته: ڀلا هاڻي ڪهڙيءَ ريت بچاءُ ٿيندو؟ پيرمرد وراڻيو ته: هڪڙو گهوڙو ڪُهي، زنجيرن سان ٻڌي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ زنجيرن جون پڇڙيون ٻيڙن ۾ قابو ٻڌي ڇڏيو. سپاهين وري به ائين ڪيو، ته اوچتو سمنڊ مان ڪا بلا آئي، جا گهوڙي کي ڳڙڪائي وٺي ڀڳي، ته ٻيڙا به ان جي ڇڪَ تي هلندا رهيا.

جڏهن ڪين جي اثر کان لنگهي ويا، تڏهن زنجيرن کي ڇوڙيائون ته ٻيڙا بلا کان آزاد ٿي پيا. اهڙيءَ طرح پيرمرد جي صلاحن سان هلندا، اچي آبحيات جي غار تي پهتا. غار تمام اونهي ۽ اونداهي هئي. ڏٺائون ته جي ائين اندر وينداسين ته وري موٽي ساڳئي رستي کان نڪرڻ محال آهي، تنهنڪري وري به پيرمرد کان پڇيائون ته: صلاح ڏي ته ڪهڙيءَ ريت آبحيات آڻي سگهنداسون؟ پير مرد صلاح ڏني ته: سئائون گهوڙيون اندر وٺي وڃو، پر انهن جا ڦَرَ غار جي منهن تي ٻڌي ڇڏيو. پوءِ گهوڙيون پنهنجي ڦرن ڏانهن پاڻهي موٽي اينديون، اوهين انهن پٺيان اچي سلامت رسندا. ماڻهو سئائن گهوڙين تي چڙهي غار ۾ گهڙيا ۽ وڃي آبحيات تائين پهتا. آبحيات کڻن بعد، گهوڙيون پنهنجي ڦرن لاءِ پاڻهي ساڳي جاءِ تي اچي پهتيون. سڪندر بادشاهه آبحيات حاصل ڪري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي وطن موٽي آيو.

خير سلامتيءَ سان پنهنجي وطن موٽي اچڻ بعد، سڪندر بادشاهه پنهنجن وزيرن، اميرن ۽ عام ماڻهن کي گهرائي کانئن مشورو وٺڻ لڳو ته: هيءُ پاڻي مونکي پيئڻ گهرجي يا نه؟ سڀني کيس صلاح ڏني ته: آبحيات ڀلي پئجي. ائين ڪرڻ سان اوهين قيامت تائين زنده رهي سگهندا ۽ دنيا جي بادشاهي ڪندا رهندا. ان کان پوءِ سڪندر بادشاهه ٻي مخلوقات کي گهرائي انهن کان به صلاح پڇي، جن ۾ پکي ۽ جانور هئا. انهن به سڪندر بادشاهه کي آبحيات پيئڻ جي صلاح ڏني؛ پر سڪندر بادشاهه ڏٺو ته ڪاٺ ڪُٽو پکي صلاح ڏيڻ لاءِ آيو ئي ڪونهي.ٻين پکين ۽ جانورن جي وڃڻ بعد، سڪندر بادشاهه، ڪاٺ ڪٽي کي گهرائي کانئس نه اچڻ جو سبب پڇيو. ڪاٺ ڪٽي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! هي سڀ ماڻهو خوشامدڙيا آهن، جي رڳو اوهان کي خوش ڪرڻ لاءِ، اوهان جي مرضيءَ موجب صلاح ٿا ڏين. مون کان اهو ڪم ڪونه پڄي سگهي ها، تنهنڪري حاضر نه ٿيس. تڏهن سڪندر بادشاهه کانئس صلاح پڇي. ڪاٺ ڪٽي چيو ته: سڪندر بادشاهه! اوهين آبحيات نه پيو ته بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته آبحيات جي پيئڻ سان اوهان جي عمر وڏي ٿيندي، جنهنڪري اوهان کي حياتيءَ جو وڏو حصو پيرسن ٿي گذارڻو پوندو، ۽ اها پيريءَ جي زندگي بلڪل بي مزي ٿيندي.... ٻيو ته حياتيءَ جي وڏي ٿيڻ سبب اوهان جا پُٽ پوٽا، ڀائر ڀِنڊ، مٽ مائٽ سڀ اوهان جي حياتيءَ ۾ هن دنيا مان گذر ڪندا، انهن جا درد به اوهان کي ئي سهڻا پوندا. بس، پوءِ اوهان جي باقي حياتي ڏکن سورن جي گذرندي،تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته راند رس ۾ ڇڏجي، ۽ اوهين آبحيات پيئڻ جو خيال لاهي ڇڏيو.

سڪندر بادشاهه کي ڪاٺ ڪٽي جي صلاح دل سان لڳي، تنهنڪري آبحيات پيئڻ جو ارادو لاهي، اهو هارائي ڇڏيائين. چون ٿا ته اتفاق سان آبحيات وڃي ڇٻر گاهه کي مليو، جنهنڪري پاڻيءَ کان سواءِ به سدائين سائو رهندو اچي.

 

روايت (2)

سڪندر بادشاهه(1)

 

سڪندر بادشاهه روز صبح جو ائي توريت جو دور ڪندو هو. جڏهن هنن لفظن تي پهچندو هو ته- ’عزت ۽ ذلت خدا جي هٿ ۾ آهي، هُو هڪڙيءَ کنِ ۾ شاهه کي گدا، ۽ گدا کي شاهه بنائڻ جي قدرت رکي ٿو.‘ تڏهن انهن آيتن تي کيس اعتبار ئي نه ايندو هو، ۽ ويچارڻ لڳندو هو ته: آءٌ هيڏو عزت ۽ شان وارو بادشاهه آهيان، ڀلا منهنجي جيڪڏهن عزت وڃي ته ڪيئن ويندي؟ کڻي ڪو دشمن چڙهائي ڪري، ته به ڪن ڏينهن جي جنگ بعد کڻي هارايان، پوءِ عزت وڃي ته ٻي ڳالهه؛ باقي گهڙيءَ ۾ بادشاهي ڪيئن ويندي! هر روز انهن خيالن ڪندي ڪندي، هن جو توريت تان يقين کڄندو ويو.

هڪڙي ڏينهن صبح جو، سڪندر پنهنجي باغ ۾ سير پئي ڪيو، ته اوچتو هڪڙي وڻ جي هيٺئين ڏار تي، هڪڙو سهڻو پکي ڏٺائين. خيال ڪيائين ته: هي سهڻو پکي خبر نه آهي ته ڪهڙيءَ ولايت جو آهي..... ڇو نه انهيءَ کي ڦاسايان! سو پير پير ۾ ڏيئي، چُپ چاپ اچي پکيءَ جي ٽنگن ۾ پوئتان هٿ وڌائين. هٿن پوڻ شرط، پکي کيس کڻي ڀڙڪو ڏيئي وٺي اُڀ ڏانهن اُڏاڻو. سڪندر اتي حيران ٿي ويو ته هاڻي ڇا ڪريان؟ پر پوءِ خيال ڪيائين ته آءٌ به گهڻو ڳرو آهيان، هن پکيءَ جو زور ڄاڻ ته گهٽيو ۽ هو وري اچي هيٺ ڦهڪو ڪندو. پر پکي جيئن پوءِ تيئن هوا ۾ وڌيڪ اڏامندو مٿي چڙهندو ويو. هاڻي ته سڪندر جون متيون منجهي ويون.

آخر اهو پکي هڪڙي سمنڊ جي مٿان اڏامڻ لڳو. سڪندر دل ۾ چيو ته، جي هتي هٿ نڪري وڃن، يا هيءَ پکي سمنڊ تي لهي پوي ته پوءِ پڪ مٿس! انهن ئي خيالن ۾ هو ته مکيءَ سمنڊ ۾ لهڻ شروع ڪيو. پکيءَ کي هيٺ لهندو ڏسي سڪندر جو ساهه ئي سڪي ويو. اکيون کڻي پوريائين. پکيءُ به سمنڊ ۾ لهڻ سان ٽٻي هڻي وڃي تر ورتو. گهڙيءَ کن کان پوءِ سڪندر جا پير وڃي ڌرتيءَ سان لڳا؛ اکيون کولي ڏسي ته مار! سامهون هڪڙو سهڻو شهر بيٺو آهي، جنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! چوطرف باغ باغيچا لڳا پيا هئا، محل محلاتون ڏسي سندس عقل چرخ ٿي ويو. هي هر طرف کان گهمندو، عجب کائيندو اچي هڪڙي هنڌ ويٺو. اتي بک به اچي ورايس؛ وٽس ٻيو ته ڪجهه ڪو نه هو، رڳو هڪڙي سوني منڊي چيچ ۾ پيل هئس، جنهن جو ٻُڙو هيري جو هو. خيال ڪيائين ته، اها وڪڻي ماني ڳڀو کائجي. اهو ارادو ڪري، هڪڙي جواهريءَ جي دڪان تي چڙهي ويو، ۽ منڊي لاهي جوهريءَ کي ڏيکاري، قيمت ڪٿائڻ لڳو. جوهري منڊي وٺي، منهن بڇڙو ڪري چيس ته: ميان! هن منڊيءَ جو تو کي ڇا ملندو؟ لاچار هڪ ڏوڪڙ، پر جي وڌيڪ ريڙهه پيڙهه ڪندين ته ٻه ڏوڪڙ. سڪندر جڏهن جوهريءَ جي ڪٿ ٻڌي، تڏهن پيرن هيٺان زمين نڪري ويس. نيٺ جوهريءَ کي چيائين ته: سچ ٿو چئين يا ڀوڳ ٿو ڪرين؟ هن ۾ فقط هيرو ئي. لک رپين جو پيل آهي، تنهن جو ملهه تو ٻه ڏوڪڙ ڪٿيو آهي! جوهريءَ وراڻيو ته: هوندو! پر اهو خشڪيءَ جي دنيا ۾. هيءَ سامونڊي دنيا آهي. هتي جنهن موتيءَ جي تون هڪ سو قيراط آهي، ان جي قيمت به ڏهن ڏوڪڙن کان مٿي ڪانهي.... ان کان ننڍا موتي ته ڪوڏين جي ملهه وڪامندا آهر! سڪندر لاچار ٿي چيو: چڱو، ڏي ٻه ڏوڪڙ. هو ڏوڪڙ وٺي اڳتي وڌيو. خيال ڪيائين ته ٻين ڏوڪڙن ۾ ڪهڙي شيء ملندي، جنهن مان پيٽ ڀريو! تنهنڪري ڪا اهڙي سستي شيء ڳوليان جا بُک لاهي. اڃان ٿورو اڳتي هليو ته واٽ تي هنداڻا ڏٺائين، جي هڪڙي هڪڙي ڏوڪڙ ۾ مليا ٿي. قصو ڪوتاهه، ٻه ڏوڪڙ ڏيئي ٻه هنداڻا ورتائين، ۽ انهن کي وڍڻ جي خيال سان هنداڻن واري کان ڪاتي گهريائين. جنهن وراڻيس ته: ميان! هن ملڪ ۾ سُئيءَ کڻن جي به منع آهي، سو تون ٿو ڪاتي پڇين! هنداڻن کي پَٽ سان ڀڃي، کائي روانو ٿي. سڪندر کي ائين ڀڃي کائڻ سٺو نه لڳو، سو ٻئي هنداڻا ڪپڙي ۾ ٻڌي، هڙ پٺن تي رکي، شهر کان ٻاهر نڪتو، ته جيئن ماڻهن جي ڏسڻ بنان کائي سگهي.

جڏهن شهر جي ڇيڙي واري ناڪي وٽان مَٽيو ته سپاهي هن ڏي ڊڪندا آيا، ۽ کڻي سوگهو ڪيائونس. چي: ڏي سڌ، هن پُٺارڪ ۾ ڇا ٻڌو اٿئي؟ سڪندر چيو ته: ميان! هن ۾ هنداڻا ٻڌل آهن. سپاهين چيو ته: اسين ڏسي پڪ ڪنداسين. سڪندر چيو ته: آهي مڙيئي خير، جو ايڏي وٺ پڪڙ ۾ پئجي ويا آهيو؟ هنن چيو ته: رات ڪو دشمن بادشاهه جي ٻن ننڍڙن شهزادن جون سسيون وڍي، ڌڙ ڇڏي ويو آهي؛ ان ڪري سڄو سپاهه ان خونيءَ جي ڳولا ۾ آهي. تون اوپرو ٿو ڏسجين، تڏهن تو ۾ شڪ پيو اٿئون؛ هاڻي ڪپڙو کول ته دلجاءِ ڪريون. سڪندر اتي وراڻيو ته: هي ته هنداڻا آهن، اوهين ڀلي ڏسي خاطري ڪريو. ائين چئي جهڙو ڳنڍ کوليائين تهڙو ٻنهي شهزادن جون سريون وڃي هيٺ ڪِريون. سِرين تي نگاهه پوڻ شرط سڪندر جون وايون بطال ٿي ويون. اتي سپاهين هن کي چوکنڀو رسن ۾ بلائتو ڪري ٻڌو ۽ بادشاهه جي سامهون اچي پيش ڪيائونس.

بادشاهه جو شهزادن جون سسيون ۽ انهن جو قاتل ڏٺو، سو بُت ئي بگڙي ويس. نوڪرن کي حڪم ڪيائين ته: نه ڇڏيوس، ڏاڍي ڦيهه ڪڍي، پوءِ ٻانهون ۽ ٽنگون وڍي ڀيري ڪري، شهر کان ٻاهر گند جي آر وُڙيءَ تي کڻي اڇليوس ته گاپاٽا ۽ چوڙها کائي چُڙي چُڙي مري وڃي! حڪم جي دير هئي. بکئي سڪندر تي وٺ وٺ ٿي ويئي. چڱي چوکي گُڏَ ڪڍي، لُولهو ڪري، گند جي ڍير تي کڻي اڇلايائونس. ڳچ دير کان پوءِ، بادشاهه جو باغائي گل ڦل کڻي اتان اچي لنگهيو.

هن سهڻي جو ان کي بري حال ۾ بيدرديءَ سان چچريل ڏسي، هن کي رحم آيو؛ سو رات جو لڪي ڇپي هن کي کڻي آڻي باغ جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڇڏيائين؛ جتي هن جو دوا درمل ۽ ملم پٽي ڪرڻ لڳو. ٿوري گهڻي ڏينهن سڪندر جا ڦٽ چيٺجي ويا، پر ڀيري ٿيو ڪوٺيءَ ۾ پيو هوندو هو باغائي جو ساڻس هيڏي ڀلائي ڪئي هئي، تنهنڪري هن کي ’بابا‘ ڪري سڏيندو هو. ائين سال گذري ويا.

هڪڙيءَ رات سڪندر، باغائيءَ کي چيو ته: بابا! مونکي پوئين رات ننڊ نٿي اچي، سک ڦٽيو پويم، جي تون مونکي رات جو نار جي ڳاڌيءَ تي گودڙي وڇائي ڏين ۽ منهنجو بدن رسن سان ٻڌي ڇڏين ته آءٌ ڳڌي پيو هڪليندس. باغائي چيو ته: ابا! ٻه چار ڍڳا آهن، جي به ائين پيا کائين، آءٌ جهونو مڙس، وڌيڪ جاکوڙ به ڪانه ٿي پڄيم ۽ ٻيو بادشاهه سلامت به مون تي مهربان آهي، جي وڌيڪ ٻـيلين جي گهر ڪريانس ته اهي به ڏيندو، پر ڪير ٿو انهن خسارن ۾ پوي! سڀاڻي وري وڃي ڪير چغلي هڻي، تنهن کان پري جو گل سرهو. باقي تون پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهين. سڪندر وراڻيو ته: اهو ته ٺيڪ آهي، پر منهنجي مرضي آهي ته ڪا گهڙي وندر ۾ گذريم ته چڱو آهي. باغائي به هن جي چوڻ موجب ائين ڪيو.

سڪندر ڪي ورهيه ڳاڌي هڪليندو رهيو. اُن باغ جي ڀر ۾ وڏيءَ شهزاديءَ جو محلات هو، جا روز فجر جو اٿي توريت پڙهندي هئي؛ جنهن جو آواز سڪندر چٽيءَ طرح ٻڌندو هو. شهزادي جڏهن انهيءَ آيت تي پهچندي هئي ته ’خدا تعاليٰ اهو آهي جو کِن ۾ شاهه کي گدا، ۽ گدا کي شاهه بنائي ٿو.‘ تڏهن سڪندر ٻڌڻ شرط بيهوش ٿي ويندو هو، ۽ پهرن جا پهر انهيءَ حالت ۾ پيو هوندو هو. پوءِ جڏهن وري سُرت ۾ ايندو هو، تڏهن ڪجهه آيتون پڙهي خدا تعاليٰ کان معافي گهرندو هو، ۽ توبهه تائب ٿيندو هو. آخرڪار هن جي توبهه الله جي در اگهاڻي. هڪڙي ڏينهن نهايت ڏکاري آواز ۾ توريت پئي پڙهيائين، ته اوچتو سندس آواز وڃي شهزاديءَ جي ڪنن تي پيو. هوءَ ڏاڍي حيران ٿي، ۽ يڪدم ٻانهيون ڊوڙايائين ته: ڏسي اچو ته اهو توريت ڪير ٿو پڙهي؟ ٻانهين جهٽ پٽ خبر لهي اچي ٻڌايس ته، باغ جي مالهيءَ وٽ هڪڙو نوجوان ڀڀري آهي، اهو پيو پڙهي. شهزادي جا پهرئين ڀيري آواز ٻڌڻ سان ئي دل ڏيئي ويٺي هئي، تنهن کي اچي اُڻ تڻ لڳي ته، اهو جوان ته منهنجي ڀائرن جو خوني آهي، هاڻي ڇا ڪريان! نيٺ هڪڙي ڏينهن دل جهلي پيءُ کي عرض ڪيائين ته: بابا سائين! ياد اَٿو ته مون توهان کان پنهنجي ور پاڻ چونڊڻ جو ٻول ورتو هو، هاڻي حڪم ملي ته آءٌ پنهنجي مرضيءَ تي مڙس ڪريان. بادشاهه يڪدم ملي ته آءٌ پنهنجي مرضيءَ تي مڙس ڪريان. بادشاهه يڪدم ڏينهن مقرر ڪري، بادشاهن ۽ شهزادن کي دعوتون موڪليون. هوڏانهن شهزاديءَ پنهنجي رازدار ٻانهيءَ کي سمجهائي ڇڏيو ته: مقرر ڏينهن تي گُلن جي ٽُڻيءَ ۾ انهيءَ جوان جي ڀيريءَ کي لڪائي آڻي حاضر ڪج. جنهن وقت آءٌ گلن جو هار کڻي، ور چونڊڻ لاءِ ماڻهن ۾ گهڙان،  تڏهن اها ڀيري سِسي مٿي ڪڍي، آءٌ اهو هار کڻي سندس ڳچيءَ ۾ وجهنديس. ٻانهيءَ اها سڄي ڳالهه وڃي سڪندر کي سمجهائي، جنهن پڻ ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا آندا.

آخر اهو ڏينهن به اچي ويو. ڪئين شهزادا ۽ بادشاهه پريان پريان ڪهي اچي نڪتا. هڪڙي پاسي عام خلق تماشي ڏسڻ لاءِ بيٺي هئي، انهن جي وچ ۾ ٻانهي به سڪندر کي گلن جي ٽوڪريءَ ۾ لڪائي آڻي رکيو. ٻئي پاسي شهزادا ۽ بادشاهه اچي بيٺا. جڏهن نوبت وڳي، تڏهن شهزادي هار هٿ ۾ کڻي، ناز نخرا ڪندي، کلندي ٽلندي اچي ٽوڪريءَ جي مٿان بيٺي. اشاري ملڻ سان گلن مان سڪندر ڪنڌ کنيو. شهزادي به هن کي هار وجهي محل ۾ موٽي آئي. بادشاهه جو هن ڀيريءَ کي هار پيل ڏٺو، سو ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. چي: نڀاڳي ڇوريءَ سڄو ڪڙم ڪارو ڪري، ڀائرن جي قاتل کي کڻي پنهنجو مڙس چونڊيو آهي! سو سڌو محلات ۾ آيو ۽ ڌيءَ کي حڪم ڪيائين ته: هينئر جو هينئر محلات خالي ڪر، ۽ پنهنجي مڙس جي ٽوڪري مٿي تي رکي، جيڏانهن وڻيئي تيڏانهن رواني ٿي.... اڄ کان پوءِ ته تون منهنجي ڌيءَ آهين، ۽ نه آءٌ تنهنجو پيءُ آهيان. شهزادي به الله تي آسرو رکي، کاري کڻي سڌي باغائيءَ جي در تي آئي، ۽ هن جي زال کي چيائين ته: امان! اڄ کان پوءِ توتان سڀ ڪم ڪاريون معاف آهن، هاڻي آءٌ پاڻهي اهي ڪم ڪنديس، تون پيريءَ ۾ کٽ چڙهيو ويٺي آرام ڪر. اهڙيءَ طرح هي چار ئي ڄڻا- باغائي، باغائڻ، شهزادي ۽ سڪندر- پاڻ ۾ خوش گذارڻ لڳا.

قدرت خدا جي، هڪڙي ڏينهن بخت، عقل، حسن ۽ صحت جو پاڻ ۾ اچي مقابلو ٿيو. هر هڪ چوي ته آءٌ وڏو. آخر چيائون ته: ائين فيصلو نه ٿي سگهندو، تنهنڪري هلو ته بادشاهه کان فيصلو ڪرايون. ائين چئي چارئي ماڻهن جي صورت ۾ ٿي، اچي بادشاهه وٽ حاضر ٿيا. بادشاهه کانئن حال احوال پڇيو: جنهن تي چئني جواب ڏنو ته: جيئندا قبلا! هڪ جهڳڙي جي نبيري لاءِ آيا آهيون. اسان کي ٻڌايو ته اسان چئني مان وڏو ڪير آهي؟ بخت چيو ته: ڀاڳ، نصيب ۽ تقدير منهنجو نالو آهي. ڦٽل ڪمن کي ٺاهيندڙ آءٌ آهيان، آءٌ جي چاهيان ته گهڙيءَ ۾ گدا کي ساهه ۽ شاهه کي گدا بنائي ڇڏيان. بادشاهه اهو ٻڌي وراڻيو ته: برابر تون وڏو آهين. اتي عقل چيو ته: منهنجو نالو سمجهه، سڃاڻپ ۽ ڏاهپ آهي. سموري دنيا جو ڪم مون سان هلي ٿو. مون کان سواءِ ماڻهو ۽ حيوان ۾ ڪو فرق ڪونه آهي. عقل جي اها بياني ٻڌي، بادشاهه چيو ته: بيشڪ تون به وڏو آهين. وري آيو حسن جو وارو. جنهن چيو ته: مونکي سونهن سوڀيا به چوندا آهن. انسانن جي دلين تي منهنجو حڪم هلي ٿو، آءٌ چاهيان ته کن ۾ ڪهڙي به بهادر جا حواس خطا ڪري ڇڏيان. بادشاهه جواب ڏنو ته: برابر تون به وڏو آهن. وري صحت جو وارو آيو، تنهن چيو ته: منهنجو نالو چڱڀلائي، سگهائي ۽ تندرستي آهي، دنيا جا سڀ جاندار منهنجا محتاج آهن. بادشاهه چيو ته: تون به وڏي آهين. بادشاهه ائين چئي جند ڇڏائي؛ پر هنن کي اهو نياءُ پسند ڪونه آيو، ۽ چئني ڄڻن بادشاهه جي سامهون پاڻ ۾ چيو ته هلو ته هلي باغ ۾ سڪندر بادشاهه کان نياءُ ڪرايو. سڪندر جو نالو ٻڌي، هن بادشاهه جو ماشائي ڦري ويا ته  سڪندر جي آءٌ آنڪي ڀريندو آهيان، سو منهنجي ملڪ جي باغ ۾ لٿو پيو آهي، ۽ مونکي ان جي کُڙڪ به ڪانهي! سو انهن چئني ڄڻن جي پويان لڳي باغ ۾ آيو. هنن پاڻ ۾ چيو ته: سڪندر آهي طبيعت جو تيز، تنهنڪري هڪ هڪ ڄڻو ٿي باغ ۾ هلي. تنهن تي ٻئي وراڻيو ته: اطلاع ڪيئن ڏجيس؟ ٽئين چيو ته: ترسي بيهو، جيڪڏهن ڪا پهر ڏانهنس وڃي ته، ان جي هٿان نياپو ڪريوس. بادشاهه اتي هنن کان پڇيو ته: سڪندر ڪٿي آهي؟ ان تي هنن چئني ڄڻ ڳاڌيءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته: اهو سامهون ويٺو آهي. بادشاهه کي اعتبار ئي نه پيو اچي ته اهو سڪندر منهنجي پٽن جو قاتل ٿي سگهندو. هي ضرور ڀليا آهن. پر خير ڏسان ته هنن جي ڪهڙي ٿو عدالت ڪري!

اڃان انهيءَ خيال ۾ هئا ته انهيءَ مهل شهزادي، سڪندر ڏانهن ماني کنيو پئي ويئي. اتي هنن همراهن رڙ ڪري چيس ته: مائي! اسين عرضدار آهيون. سڪندر بادشاهه کي چو ته اسان کي فيصلو ڪري ٻڌائي ته، اسان مان وڏو ڪير آهي؟ شهزاديءَ اچي کيس ٻڌايو ته: سائين! وڏا ڀاڳ تنهنجا چئجن، جو ڪي ماڻهو توکي بادشاهه سمجهي ڪو نبيرو ڪرائڻ آيا آهن. سڪندر دل ۾ خيال ڪيو ته اهي ماڻهو ضرور مونکي سڃاڻندا هوندا، تڏهن ئي انهيءَ لقب سان ياد ڪيو اٿن. تنهنڪري زال کي چيائين ته: انهن مان ڪنهن هڪڙي کي سڏي وٺ ۽ تون موچڙو کڻي منهنجي ڀرسان ويهه، ۽ منهنجي ڪيل نياءُ پٽاندر حڪم جي پيروي ڪندي رهجئين. شهزادي پنهنجي مڙس جا خيال ڏسي ڏاڍي حيران ٿي. پر مڙس جو حڪم هو، سو پهرين بخت کي سڏ ڪيائين. هن اچڻ سان سلام ڪري، هٿ جوڙي، ادب سان سڪندر کي چيو ته: جيئندا قبلا! منهنجو نالو ’بخت‘ آهي. توهين مونکي چڱيءَ طرح سڃاڻو ٿا. مون بابت توهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ سڪندر ڪاوڙ جي چيو ته: بخت تون آهين؟ تو مون سان ڪهڙي چڱي ڪئي آهي. جڏهن مون باغ ۾ پکي ٿي پڪڙيو، ان وقت ڪيڏانهن گم ٿي ويو هئين، جو اڄ آيو آهين نبيرو ڪرائڻ.... ان وقت ڇو نٿي ٻڌايئي، ته بخت ٿو ڦِٽيئي! تنهن تي بخت وراڻيو ته: سائين! مون کان ڀل ٿي. سڪندر چيو ته: چڱو، جي تو کان ڀُل ٿي ته وڏو ڪمبخت چئبين، جو ڪڏهن آهين ته ڪڏهن ڪونه آهين. پوءِ ڪيئن تنهنجي وڏائيءَ جي ساک ڀريان! پوءِ زال کي چيائين ته: هن کي ڳڻي ڏهه پادر هڻ. اهائي سزا بس اٿس، جو هي انسانن کي رند ۾ رلايو ڇڏي. زال به ٺاهي ٺوڪي، ڳڻي ڏهه پادر هڻي ڪڍيس. بخت ويچارو ڏهه موچڙا کائي، ماٺ ڪري وڃي پري ويهي رهيو. تنهن کان پوءِ شهزاديءَ ٻئي کي سڏيو. سڪندر پڇيس ته: تون ڪير آهين ۽ ڇا ٿو چئين؟ ٻئي عرضدار هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: حضور اعليٰ! آءٌ ’عقل‘ آهيان. مون کان اوهان چڱيءَ طرح واقف آهيو، هاڻي منهنجي لاءِ سائين جن جو ڪهڙو خيال آهي؟ سڪندر چيو ته: جي تون عقل آهين، ته پوءِ انهيءَ وقت ڪٿي هئين، جڏهن مون باغ ۾ پکيءَ جي ٽنگن ۾ هٿ ٿي وڌو؟ ڇو نٿي ان وقت مونکي ڄاڻ ڪيئي ته هي پکي رواجي پکي ڪونهي. عقل عذر پيش ڪيو ته: سائين! برابر منهنجي خطا هئي. سڪندر دڙڪو ڏنس ته: جي توکان خطا ٿي ته پڪ بيعقل آهين. پوءِ زال کي چيائين ته: هن کي پورا ويهه جوتا هڻي ڪڍ. شهزاديءَ به هڪڙو هڪڙو ڪري ويهه جوتا هڻي ڪڍيس. تنهن کان پوءِ وري ٽئين کي سڏ ٿيو. سڪندر پڇيس ته: اڙي ڪر خبر ڪيم آهين ۽ ڇا لاءِ آيو آهين؟ جنهن تي هن چيو ته: سائين! منهنجو نالو ’حُسن‘ آهي، توهان کي منهنجي ڪارنامن جي ضرور خبر هوندي! هاڻي ٻڌايو ته مون بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ سڪندر اتي نهايت حيرت مان پڇيو: جي حسن تون آهين ته پوءِ ٻڌاءِ ته هتي جي بادشاهه مون تي هيڏو ظلم ڇو ڪيو؟ منهنجي حُسن هُن تي ڇو اثر نه ڪيو؟ حسن وراڻيو ته: بادشاهه سلامت! اها مون کان ٿي جو آءٌ بادشاهه کي، توهان جي حسن تي هر کائي نه سگهيس. سڪندر بادشاهه تنهن تي دڙڪو ڏيئي چيس ته: پوءِ توکي بانورَ ڪهڙيءَ ڳالهه تي آهي. شهزادي! هن بي ساڃاهي کي ٽيهه موچڙا هڻ. شهزاديءَ هن کي به ڳڻي موچڙا هنيا. ويچارو حسن به موچڙا کائي وڃي پري ويهي رهيو. آخر ۾ چوٿين کي حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو. سڪندر پڇيس ته: تون وري ڪير آهين، ۽ ڇو پنڌ ڪيو اٿئي؟ هن وراڻيو ته: جهان پناهه! آءٌ صحت آهيان. سڄي دنيا منهنجي محتاج آهي، اُميد ٿي رکان ته ڪو مناسب فيصلو سڻائيندا. سڪندر وراڻيو ته: بلي! تن تندرستي آهين؟ توکي سڃاڻان ٿو. تون ارُوڙيءَ تي به مون سان شامل هئين. تو چڱا پير کنيا آهن، ۽ مون سان ڀال ڀلايا آهن؛ پر تنهنجي موجودگيءَ ۾ منهنجا هي حال هجن، اهو ته تندرستيءَ تي داغ آهي! جيڪڏهن تون سچ پچ صحت آهين ته پوءِ دير نه ڪر، هڪواري مونکي اڳئين جهڙو انسان بنائي ڇڏ. تنهنجي هوندي بک ڪانه ٿي ماري، هٿ پير نه آهن ته به ڪا ڳڻتي ڪانهي؛ تون برابر وڏي آهين. اهو فيصلو ٻڌي، صحت هڪدم سڪندر کي گهيري ويئي ۽ گهڙيءَ پل ۾ هن جا هٿ پير پنهنجي جاين تي پيدا ٿي پيا. سڪندر ڳاڌيءَ تان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو. پوءِ شهزاديءَ کي چيائين ته: تيار ٿيءُ، هاڻي سڀ سڻائي آهي. ائين چئي باغ کان ٻاهر نڪتا.

بادشاهه اهو لقاءُ پئي ڏٺو، سو ويجهو اچي سڪندر کي پيرين پيو ۽ پنهنجي ڪئـي جي معافي وٺڻ لڳو. سڪندر چيس ته: خير! ان ۾ ڪو راز رکيل هو.... هاڻي مونکي خشڪيءَ تي پهچائڻ لاءِ ڪو بلو ڀيڻي ڪر! بادشاهه هڪڙي ڪرگس کي حڪم ڪيو ته: سڪندر کي سمنڊ مان ڪڍي سندس باغ ۾ رسائي اچ! سڪندر پوءِ ڪرگس جي ٽنگن کي پڪڙيو. ڪرگس اڏامي هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. سڪندر واٽ تي دل ۾ ويچارڻ لڳو ته: هتي مونکي ڪي ورهيه گذري ويا آهن. پويان الاجي ڇا وهيو واپريو هوندو..... ضرور ڪو ٻيو بادشاهه بنيو هوندو! انهن ئي خيالن ۾ هو ته، پکيءَ به اچي سندس باغ ڀيڙو ڪيس. سڪندر حيران ٿي ويو ته: اڙي! هي باغ ته منهنجو. ائين چئي محلات ڏانهن وڌيو. ڏسي ته اهائي صبح جي مهل آهي، نوڪر اڃان ڇنڊڦوڪ ۾ لڳا پيا آهن. تنهن تي هيڪاري سڪندر حيران ٿي ويو ته آخر هيءَ ڇا ماجرا آهي. انهن خيالن ۾ هو ته بورچيءَ اچي عرض ڪيو ته: سائين جن اڄ باغ جي سير تان جلد آيل آهن، اڃان نوالو تيار ته ڪيو اٿم. سڪندر دڙڪو ڏيئي پڇيس ته: ٻڌاءِ ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇا وهيو ڇا واپريو؟ سربستو احوال ڪري ٻڌائينم. خادم تنهن تي جواب ڏنو ته: توهان تلاوت ڪري باغ ڏانهن اُسهيا آهيو، مون اٽو ڳوهيو آهي، فلاڻا فلاڻا ٻانها هنڌ بسترو ويڙهڻ ۾ لڳا پيا آهن. ڪي نوڪر راتوڪا ويل سي اڃان ڪونه وريا آهن، ٻيو سارو خير آهي. سڪندر تنهن تي چيو ته: مونکي تنهنجيءَ ڳالهه تي بنهه ڀروسو ڪونهي. سڀني بانهن کي هڪدم حاضر ڪر! بورچي اٿي نغارو وڄايو ته سڀ نوڪر اچي حاضر ٿيا. هنن پڻ بورچيءَ جي ڳالهه جي ساک ڀري ۽ بادشاهه کي پڪ ڏياريائون ته: سائين جن باغ ۾ وڃي وري موٽيا آهن. اُها گهڙي، اُها ساعت آهي. ٻيو وچ ۾ ڪو به معاملو يا مونجهارو نه ٿيو اهي. رعيت توهان جي سِر بخت جي دعاگو آهي. نيرن پاڻي ڪري هلي درٻار کي سينگاريو. سڪندر بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي ڪن اونهن خيالن ۾ پئجي ويو ۽ اتان سڌو وڃي توريت پڙهڻ واريءَ جاءِ تي ويٺو. ان کان پوءِ سڪندر بادشاهه پڪيءَ طرح توريت ۾ يقين رکيو.


*  هيءَ روايت لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان ملي.

*  هيءَ روايت اتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان ملي.

(1)  هن ڳالهه جون ٽي روايتون مليون. ٻه وچولي مان ولي محمد طاهر زادي (تعلقو ٽنڊو الهيار)، ۽ برادي کيڙي (تعلقو هالا) کان، ۽ ٽي اتر (تعلقو پنو عاقل) مان محمد حسن ”مشتاق“ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org