سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:7 

روايت ]2[

چيل شيخ محمود*

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب سبحاني،

 

مٺو محمد مصطفيٰ، جنهن جو مٽ نڪو ثاني،

 

آهي دنيا دم گذر، ٿيندو جڳ سڄو فاني،

 

حضرت يعقوب جو يوسف هو جيءَ سندو جاني،

 

رکي دغا دل ۾، ڪئي ڀائرن بي ايماني،

 

کڻي وڌائونس کوهه ۾، جتي ڪا ڪنڌي ڪانهي،

 

ماري ويا معصوم کي، مرون مرواني،

 

مائٽ کي اولاد جي، لڳي حيرت حيراني،

 

حيوان گهرايائين حڪم سان، جن تي مايا مستاني،

 

يوسف جي جتي جي، ڪل اسان کي ڪانهي،

 

ويساهه ڪر وينجهار تون نبي نُوراني!

 

آيوسودا گرساٿ سان، جنهن وٽ هئي دنيا ديواني،

 

طلب ٿيس طعام جي، وڃي پاڪ آڻيو پاڻي،

 

واريائون ٻوڪو ٻاجهه سان، ڪئي مالڪ مهرباني،

 

تنهن تي چڙهي مرد مٿي ٿيو، سورهيه سلطاني،

 

پسي سوداگر سرهو ٿيو، پڌري پيشاني،

 

مهر منگي ”محمود“ ٿو، اِها ظاهر زباني،

 

جڏهين هن جي ايندي جوڀن جواني، تڏهن مشهور

ٿيندو ملڪ ۾.

2-

سنڀالي ساٿ سان، هليو ڪنهن قبلي تي ڪاهي.

 

سوداگر سنگتين سان، ڳهڻو ڳالهائي،

 

چئي: رزاق رب راضي ٿئي، ته ڪين متيون منجهائي،

 

ڇٽيهه لکڻو ڇوڪرو، اسان وٽ آهي،

 

هي سوغات سهڻي، ڏجي ڪنهن ڏاهي،

 

جڏهن ٻڌائين ڳالهڙي، تڏهين کاڄ نڪو کائي،

 

يوسف شهر مصر لاءِ ويٺو واجهائي،

 

هو پنڌ ٿو پڇائي، سهي سوداگر شام جا.

3-

ڪاهي ڪاهي قافلو اچي ثابت رسيو شام،

 

سوداگر سوغات جا جتي هئا جام،

 

ڇٽيهه لکڻو ڇوڪرو ويا کڻي وريام،

 

ناڻو تنهن نينگر جو جوڙي وٺبو جام،

 

اها ٻڌائين ڳالهڙي، تڏهن طلب نه ڪري طعام،

 

مهر منگي ”محمود“ چئي، آهيان صاحب! تنهنجي سام،

 

منهنجا صحي ٻئي سلام، ڏجو مصر جي ماڻهن کي.

4-

يوسف شهر شام ۾ وڃي وڪاڻو،

 

قيمت تنهن ڪامل جي، ارڙهن درهم ناڻو،

 

نڪو واقف ملڪ جو، وتي ويڳاڻو،

 

سوداگر سرهو ٿيو، جنهن جو ملهه اگهاڻو،

 

پوءِ موٽيو پوئتي، سالم سياڻو،

 

تنهن سان ٻه ٽي پير ڀري، سو ٿيو اماڻو،

 

جنهن جا پارکو پري ٿيا، سو ٿيو پارس پراڻو،

 

ملڪ ري ”محمود“ چئي، ٿيو ناحق نماڻو،

 

پورهيو پرائو ڪري، اچي سالم ساماڻو،

 

اهڙو موچارو ماڻهو، پيو سيبائي سڀڪنهن کي.

5-

ڊوڙي زليخا کي وڃي ٻانهيءَ ٻڌايو،

 

اهڙو سهڻو شام ۾، نڪي سالم سامايو،

 

هل اُٿي حب رکي، سيگهه ڪري سعيو،

 

اچي بيٺي ادب ۾، تنهن ڳهڻيءَ ڳالهايو،

 

اِهو ماڻهو شهر مصر ۾، آهي اسان لاءِ آيو،

 

تنهنجي مرد ملڻ جو هو منهنجي روح اندر رايو،

 

ٿئي سودو سجايو، ويهه مالڪ ٿي هن ملڪ جو.

6-

يوسف زليخا کي ڏنو جواب هيءُ جوڙي،

 

’قسمت قيد ڪيو، مونکي مصر کان موڙي،

 

ننڍي هوندي نڪتو هوس، ٿيم ورهيه وڇوڙي،

 

هوندو جيڪي حق ۾، لِکيو سو لوڙي،

 

ڪڏهين پيادو پنڌ ۾، ڪڏهين گهوٽ مٿي گهوڙي،

 

هتي والد ويهي رهيو، واهڻ سڀ وَوڙي،

 

ڪڍي منجهان ڪوڙي، جنهن پهر ڪين پري ڪيو.‘

7-

ڪامڻ لائي ڪن سان، سڄي ڳالهه سئي،

 

محبت سان ”محمود“ چئي، وڌائين ڪاتيءَ ري ڪهي،

 

’تنهنجي مرد ملڻ جي مونکي حب هميشه هئي،

 

هنئينئي هوند هئي، واليءَ آندو ولهو.‘

8-

’نڪو وارث ولايت ۾، نڪو سکر سڃاڻي،

 

قسمت قيد ڪيو هئم، اُتائين آڻي،

 

مونکي سڪ ساڻيهه جي ٿو ڄاڻيندڙ ڄاڻي،

 

توکي مايا آهي مال جي، ۽ نشو آ ناڻي،

 

مُنڌ! اهو ماڻي، منهنجي مدد ڪي ٿئي.‘

9-

مدد گهر مالڪ کان، جو سڀني جو سردار،

 

تنهنجو سودو سڻائو ٿيو هاڻي وڻج واپار،

 

ميان! منهنجي مال جو تون مالڪ آهين مختار،

 

مرد بنا مـهريءَ جو، سرهو ته سينگار،

 

ٿيءُ مون ڀوريءَ جو ڀتار، ته سونهان سرتين وچ ۾.

10-

صاحبزادي صبوح جو ڪيو سويرو سعيو،

 

ڏهه ورهيه انهيءَ ڏيهه ۾، هو ڪميءَ ڪمايو،

 

جنهن ناڻو ڏئي نوڪر ڪيو، تنهن کان مرد موڪلائيو،

 

محبت سان ”محمود“ چئي، هنئين پير وڌي پايو،

 

جوسف کي انهيءَ جوءِ ۾، رهڻ نه آيو،

 

جتي ڦريو ڇٽ فضل جو، اتي اَمر سان آيو،

 

ٿيو سودو سجايو، وڃي طالب چڙهيو تخت تي.

11-

راجا ٿيو روم جو، سڏجي ٿو بادشاهه،

 

قيمت ڪمي ڪانه هئي، ٿيو بانڪو بيپرواهه،

 

مالڪ انهيءَ مال جو، نه ڪنهن سان اهنج ڪري ايذاءُ،

 

صاحبزادو شهر جو، ٿو وٺي سڌ سماءُ،

 

محبت سان ”محمود“ چئي، وريو آهي واءُ،

 

وِکون ڀري ويجهڙو ٿيو اچي ڀيڙو ڀاءُ،

 

ڏيو سوداگر! سماءُ، آئيو ڪهڙي ڪم سان؟

12-

ميان! اسان جي ملڪ ۾، پيو ڏولائو ڏڪار،

 

آهيون طالب آن جا، اهو ٿا ڪريون وڻج واپار،

 

بيٺا آهيون بازار ۾، من ڪو ڏسون مرد مڻيادار،

 

آهين عاقل عقلدار، ڪو مٺو مودي منهن لائين.

13-

مودي اسان جي ملڪ جا اٿئي ايماني،

 

سانجهي رهي راتڙي، کائو منهنجي مهماني،

 

سڀاڻي ساٿ ڀري، ٿيو راهب رواني،

 

اڻ گهريو انهن کي، ڏنائين قرب قرباني،

 

هيءُ جبو اٿو جاني! ڏجو والد کي وجهڻ لاءِ.

14-

ويهي رهيا ويچار ۾، لاهي بودن مٿان بار،

 

راجا ڌڻي روم  جو، الائي ڪهڙا پڇندو پار،

 

اچي اتي اوطاقي ٿيا، جتي هئا هنڌ هزار،

 

تن سان مرد اچي ”محمود“ چئي، کلي ڪئي کيڪار،

 

آهيو ماڻهو شهر مصر جا، حضرت يعقوب سندا پار،

 

سڀئي سهڻا ٿو ڀانئيان، وِٿي نه آهي وار،

 

متان مرد ميار، ڪا عاشق اتانئين ڪري.

15-

حاڪم ڏئي هنڌ، تن کي وٺي ويهاريو،

 

سالڪ پنهنجي سنگ سان، نگاهه کڻي نهاريو،

 

تن جي مـيٽن(1) کي ”محمود“ چئي، چندن هئائين چاريو،

 

قسمت جا ڏينهن ڪيترا، هن پئي گوندر منجهه گهاريو،

 

اهو پاڻ ڌڻي پاريو، جيڪو مون ويهي ڪيو واعدو.

16-

پنجين ڏينهن پوئتي وريا، ان سان اُٺ ڀري،

 

جهڙي جَتن جاڙ ڪئي، تهڙي ڪو نه ڪري،

 

ڀلي وڃن موٽي شهر مصر ڏي، اٿن پنڌ پري،

 

موچاري ”محمود“ چئي، ساعتَ پئي سري،

 

جيڪو محبت منجهه مري، تنهنجو سانگ سدائين سرهو.

17-

ڪاهي ڪاهي قافلو آئيو مصر ۾ موٽِي:

 

بابا! توکي بات ڏَسيون، خبر هيءُ ڇوٽي،

 

وڃي ڏٺيسون هُن ڏيهه ۾، پڌري پالوٽي،

 

راجا ڌڻي روم جو، ڏئي ٿو رهائيو روٽِي،

 

خالي ڇڏي ٿو ڪو نه ڪو، جيڪو اچي سو اوٺِي،

 

جُبو لاهي جان جو، ڏنائين لِيڙ به لانگوٽِي،

 

قرب جي ڪوٺِي، اٿيئي تنهن مرد جي مَنهـين.

18-

ڪامل کڻي ڪپڙو، پاند ڳچيءَ پائي،

 

هِي جُبو جوسف جوان جو، اَنگ سندو آهي،

 

هن ۾ بُوءِ بدن جي، منهنجي ساهه کي سيبائي،

 

جيڪو وطن کان وڇڙي ويو، سو من مالڪ ملائي،

 

اڄ تنهن ۾ آسرو ٿيو الله لڳ آهي،

 

سو ٿو کِليو ڳالهائي، نڌر نُور نوازيو ٿيو.

19-

کولي کولي ڏيو خبرون، اوهان ڪٿي ڏوري ڏيهه ڏِٺو،

 

هي جُبو جوسف جان جو، جو منهنجو مُحب مِٺو،

 

نڌر نُور نئون ٿيو، چوڏهـين ورهيه چِٽو،

 

اوهان جو ڀُليا! ڀاڳ ڦٽو، آئيو ڇڏي ڇو غريب کي.

20-

راجا ٿيو روم جو، ويٺو آهي وير،

 

ٿو عاقل عدالت ڪري، ملڪ انهيءَ ۾ مِير،

 

هن بَٺيون چڙهيون بنگلي تي، داناءُ نه ٿئي دلگير،

 

هڪڙي موچاري ماني هلي، ٻيو کِليو پياري کير،

 

محبت جي ”محمود“ چئي، ويٺو وٽ ونڊي وزير،

 

اهڙو مڙس امير، ڪو نه ڏٺوسون ڏيهه ۾.

21-

يعقوب يارن کي سَڏيو سمجهائي،

 

هلو ته هلون روم ۾، هتي پنهنجو ڇا آهي،

 

هڪڙو سهڻو سونهن ڀريو، ٻيو عقلمند آهي،

 

موتي ڏند ملوڪ جا، کليو ڳالهائي،

 

مان مڏيون ”محمود“ چئي، ڪالهه هليا ڪاهي،

 

لاڳاپا لاهي، ويا ميان! شهر مصر جا.

22-

رهيو راجا روم ۾، ڀاڳ ٿين ڀيڙو،

 

جايون اڏايائون جُود مان، ويهڻ لاءِ ويڙهو،

 

محبت سان ”محمود“ چئي، ٿيو مردن جو ميڙو،

 

حضرت جوسف جهڙو، جوڙيائين هن جُوءِ ۾.

23-

جوسف جوءِ ڏسڻ جي، ٿي گهڻي ڳالهه ڳري،

 

آيو موٽي شهر مصر ۾، ويهين سال وري،

 

هئي زليخا جوش ۾، جنهن جي ساعت ڪا نه سَري،

 

ٻارهين ورهين ٻار ڀلو ٿئي، جنهن ۾ زور ذري،

 

محبت جو ”محمود“ چئي، وڃي ٽِڪو ڪين ٽَري،

 

ٿي پڌري ڳالهه پَري، جيڪو لکيو لوح قلم ۾.

24-

راجا ڌڻي روم جو، آيو اڪيلو،

 

ٻيٽو حضرت يعقوب جو، هو چلولو چيلو،

 

محبت جو ”محمود“ چئي، ٿيو وير ڀلو ويلو،

 

لکيو لهندو ئي ڪين، توڻي جهنگ هجي ٻيلو،

 

زليخا ۽ يوسف جو، موليٰ ڪيو ميلو،

 

جنهن جي روح ڏنو ريلو، تن جو ساٿ اچي سولو ٿيو.

25-

پَرڻجي پوئتي وريو، راجا مٿي روم،

 

حاڪم جي حڪومت ۾، هئي ڪامل گهڻي قوم،

 

عاشق امانت جا، مرد ڌڻي مخدوم،

 

موذي ته مري ويا، ٿوري کائي ٿوم،

 

سخي ۽ شُوم، خاوند سڀيئي خلقيا.

26-

سخي سخاوت کان نه رهي، غازي هليا گنج،

 

وڃي پاڻِيئون پري پيا، جتي واجهه نه رسي ونجهه،

 

نڪا چاڙهي چڙهڻ جي، نڪو سوجو (1) سنج،

 

محبت جو ”محمود“ چئي، نه ڪنهن مرد ڏنو هو منجهه،

 

هيس اندر اهنج، ته به ڪڙو ڳالهائي ڪينڪي.

27-

ڪڙو ڳالهائي ڪينڪي، مِٺو ٻولائي مُکَ،

 

محبت سان ”محمود“ چئي، سور ڪيائين سُک،

 

دُعا پنيائين درگاهه مان، کڻي ٻاجهارا ٻُڪَ،

 

جنهن کي سائين ڏنا سُک، تنهن کان گُوندر پيو گوشو ڪري.

28-

سُکن سان ڏکن جي، لڳي لڙائي،

 

زليخا يوسف جي اڱڻ تي آئي،

 

وينگس ويٺي وچ ۾، ٿي ٻانهي ٻائي،

 

سا اچي حضرت يعقوب وٽ، سرتين سهائي،

 

اها اچي لاس لڱن لائي، جيڪا هئي حاڪمزادي حبيب جي.

29-

رکڻ حُب حبيب ڏي، هميشان هوءِ،

 

هتان هرڪو هلندو، لالڻ سنديءَ لوءِ،

 

محبت جي ”محمود“ چئي، اها پُڇا ٿيندي پوءِ،

 

ٻيلي! ٻِيهر پُهچاءِ، اهو واعظ تنهن وريام جو.

30-

واعظ تنهن وريام جو، ڪُوڙو نه ڪَهـيج،

 

مهڻا طعنا لوڪ جا، سِر تي سڀ سَهـيج،

 

هجي جيڪا حق جي، وٺي واٽ وَهـيج،

 

محبت سان ”محمود“ چئي، راز منجهه رَهـيج،

 

ويڻ وَرائي وات سان، چوندن کي نه چَئـيج،

 

پوءِ لعلون لک لَهـيج، ماڻڪ موتي مهراڻ جا.

31-

ماڻڪ سندي مُلهه جي، قيمت ڪنهن وٽ ڪان،

 

هتان حاڪم هليا ويا، صوبا ۽ سلطان،

 

ڪيميا ڪمائي ويا، دَهر تي ديوان،

 

محبت جا ”محمود“ چئي، ڪيا اڳين ارمان،

 

اُهي سوداگر سُجان، جن وکر وهائي رکيو.

32-

جي سچا سوداگر هئا، سي وهلو ويا وهي،

 

ماڻڪ سندي ملهه جو، سودو ڪيائون سهي،

 

تيرهينءَ ۾ تار ٿيا، ويا چوڏهينءَ جو چئي،

 

محبت وارا ”محمود“ چئي، ٿيا ڪين ٻئي،

 

کپت خرابي خلق ۾، پسو جا پئي،

 

لڄ شرم لوڪ مان، وئرٿ سڀ وئي،

 

محبت جو ”محمود“ چئي، ويو لاڳاپو لهي،

 

جن پريان جي پهي، تن اوريان ڇڏيو آسرو.

33-

اوريان ڇڏيئون آسرو، ڪيائون پرئين پنڌ پچار،

 

زليخا ۽ يوسف کي، سون ڪيو سردار،

 

جن شهيد سر ڏنا، ڌڙ کان ڪري ڌار،

 

منهن انهن ”محمود“ چئي، حورن ٻڌا هار،

 

مدد ٿيندو مصطفيٰ، عليءَ جي آڌار،

 

ڪيو ڪلمي جي پچار، ته ٻيڙو لنگهي ٻاجهه سان.

 

لا اِلٰھ اِلالله محمد رسول الله

-              ™ -


 

 

حضرت سليمان ۽ بيبي بلقيس*

 

چون ٿا ته جڏهن حضرت سليمان بن دائود عليھ السلام، بيت المقدس کي جوڙائي تيار ڪيو تڏهن ارادو ڪيائين ته بيت الله شريف جي زيارت ڪجي. انهيءَ وقت ۾ بيت الله ۾ بت پرستي ٿيندي هئي ۽ حضرت سليمان کي بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم هو. تڏهن به الله تعاليٰ جي حڪم موجب بيت الله جي شرف ۽ ڀلائي کي خيال ۾ رکي زيارت جو قصد ڪيائين ۽ جن، انسان، پريون، ديو، پکي، جانور جيڪي سندس تابع هئا سي پاڻ سان ڪري نهايت شاهاڻي دٻدٻي سان سنڀريو. سڀ تياري مڪمل ڪري هوا کي حڪم ڪيائين، جنهن هن سڄي مانڊاڻ کي حضرت سليمان جي تخت سميت کڻي اچي مڪي معظم ۾ پهچايو.

حضرت سليمان ڪيترائي ڏينهن مڪي شريف ۾ رهيو جتي روزانو پنج هزار اٺن جا، پنج هزار ڏاندن جا ۽ ويهه هزار ٻڪرين جا خيرات ڪندو هو. مڪي جا معزز ماڻهو ۽ قبيلن جا چڱا مڙس حضرت سليمان وٽ وقت بوقت ڪچهريون ڪرڻ ايندا هئا. انهن ماڻهن کي حضرت سليمان ٻڌائيندو هو ته هن شهر ۾ آخر زماني جو نبي پيدا ٿيندو، حضرت ابراهيم جي دين وارو ساڳيو سندس دين هوندو. ان جي هيبت هڪ مهيني جي پنڌ جيتري ماڻهن جي دلين تي هوندي. ان کان پوءِ ٻيو ڪوبه نبي نه ايندو. جڏهن مجلس جا ماڻهو حضرت سليمان کان پڇندا هئا ته اهو نبي ڪڏهن ايندو، تڏهن هو کين ٻڌائيندا هو ته اهو نبي هڪ هزار ورهين بعد ايندو.

مڪي شريف ۾ ڳچ وقت رهڻ کان پوءِ حضرت سليمان يمن ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي ’صفا‘ جي شهر جي زمين تمام گهڻي پسند آيس، تنهنڪري ڏينهن جو باقي حصو اتي رهي پيو. حضرت سليمان جو دستور هو ته پاڻ سان هميشه ’هد هد‘ پکي کڻندو هو، ڇاڪاڻ ته هدهد کي زمين ڪائي وانگر نظر ايندي هئي ۽ هو اهو سهي ڪري وٺندو هو ته زمين ۾ پاڻي ڪهڙي قسم جو آهي ۽ ويجهو يا پري آهي. جيڪڏهن ڪٿي به پاڻيءَ جي ضرورت ٿيندي هئي ته هد هد هڪدم اهڙي خبر آڻي حضرت سليمان کي ٻڌائيندو هو، ۽ پوءِ جن ۽ ديو جهٽ پٽ زمين کوٽي پاڻي ڪڍي وٺندا هئا.

جنهن وقت حضرت سليمان صفا جي ڳوٺ ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن هدهد پکي خيال ڪيو ته جيسين ڪم ڪار وارا سامان وغيره کي هڪ طرفو ڪري وٺن، تيسين آءٌ هن ملڪ جو ديدار ته ڪري وٺان. اهو خيال ڪري وٺي مٿي اڏاڻو ۽ جڏهن گهڻو پري نڪري ويو تڏهن وري ٻيو هڪ نئون شهر نظر آيس. هن شهر ۾ هڪ تمام سهڻو باغ نظر آيس جو بيبي بلقيس جو هو. هن باغ جا عجائبات ۽ ٺاهه ٺوهه ڏسي هي پکي حيران ٿي ويو ۽ ڪجهه وقت جي ديدار لاءِ هن باغ ۾ لهي پيو. انهيءَ باغ ۾ کيس هڪ ٻيو هد هد مليو، جنهن کانئس پڇيو ته: تون ڪهڙي ملڪ کان ٿو اچين؟ هن جواب ڏنس ته: آءٌ شام ملڪ کان ٿو اچان ۽ حضرت سليمان جي لشڪر سان گڏ آهيان. تنهن تي بيبي بلقيس جي ملڪ واري هدهد پڇيس ته: اهو سليمان ڪير آهي؟ هن وراڻيس ته: اهو جنن، ديون، ۽ پکين جو وڏو بادشاهه آهي. هاڻي بيبي بلقيس جي ملڪ واري هدهد پکي پنهنجو احوال هن طرح ڏنو ته: آءٌ هن ملڪ جو رهاڪو آهيان. اسان جي ملڪ جي حڪمران هڪ راڻي آهي، جنهن جو نالو بلقيس آهي. اسان جي راڻي جو ملڪ تنهنجي بادشاهه جي ملڪ کان گهڻو گهٽ آهي، تڏهن به چار سو وڏا شهر سندس هٿ هيٺ آهن. سڀ ڪنهن شهر کي هڪڙو مضبوط ڪوٽ آهي ۽ سڀ ڪنهن ڪوٽ ۾ چار هزار لشڪر حفاظت لاءِ رهي ٿو. بيبي بلقيس کي ٽي سؤ وزير ۽ ٻارهن هزار ’پاشا‘ آهن. هر هڪ پاشا جي هٿ هيٺ هڪ هزار لشڪر رهي ٿو. اهڙيءَ طرح هن جي لشڪر جو ڪل تعداد ٻارهن ڪروڙ ٿيو. هاڻي جيڪي ٻڌائڻ جهڙيون ڳالهيون هيون سي توکي ٻڌايم، باقي ملڪ، سو هل ته توکي ڏيکاريان. اتي حضرت سليمان واري هد هد چيو ته: يار! گهڻوئي چڱو، پر مونکي پوئتي جو به الڪو لڳو پيو آهي؛ جيڪڏهن اسان جي بادشاهه کي پاڻيءَ جي گهرج ٿي پئي ه پوءِ ڏاڍي تڪليف ٿيندي. تنهن تي بيبي بلقيس جي ملڪ واري هدهد چيس ته: ميان! اول تون هي ملڪ گهمي ڏس، پوءِ جيڪڏهن تنهنجو بادشاهه ڪاوڙيو ته هتان جون ٻه ٽي ڳالهيون ٻڌائجانس ته خوش ٿي ويندو. هيءَ تجويز هن کي به پسند آئي ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي بيبي بلقيس جو ملڪ گهمڻ ويا.

انهيءَ وچ ۾ حضرت سليمان جي لشڪر کي پاڻيءَ جي ضرورت ٿي ۽ هد هد پکيءَ جي پڇا ٿيڻ لڳي. ڪيترن ئي جنن ۽ ديون آسپاس ۾ ڳولا ڪئي پر هد هد پکيءَ جي ڪٿان به خبر ته پئي. آخرڪار جڏهن حضرت سليمان کي معلوم ٿيو ته هدهد گم ٿي ويو آهي، تڏهن ڪاوڙجي چيائين ته: آءٌ انهي هد هد کي سخت سزا ڏيندس؛ سندس کنڀ پٽي کيس اُس جي تاوڙيءَ ۾ اڇليندس ۽ پوءِ کيس ڪهي ڇڏيندس. پر جيڪڏهن پنهنجي غير حاضريءَ جو پورو دليل ڏنائين ته پوءِ کيس معاف ڪندس.

ان کان پوءِ حضرت سليمان پکين جي سردار هماءَ پکيءَ* کي گهرايو ۽ کيس هدهد جي حاضر ڪرڻ جو حڪم ڪيائين. هماء حضرت سليمان جي حڪم سان وٺي اڏاڻو ۽ ايترو ته مٿي ويو جو ساري دنيا پئي نظر آيس. پوءِ چوطرف نظر ڦيرائي ڏٺائين ته هد هد يمن ولايت ۾ نظر آيس. هي هڪدم هد هد کي اک ۾ رکي وٺي ڏاڍي زور سان اڏاڻو ۽ کن پل ۾ وڃي کيس رسيو. هدهد جو پنهنجي سردار هماء کي پريان ههڙي ڪست مان ايندي ڏٺو، سو سمجهي ويو ته اهو منهنجي لاءِ پيو اچي. پوءِ ڏاڍي نبزاريءَ مان چيائينس ته: اي هماء! توکي قسم آهي انهيءَ الله جو، جنهن توکي سڀني پکين جي سرداري ڏني آهي، تون مونکي معاف ڪر. تنهن تي هماء چيس ته: اي بدبخت! توتي حضرت سليمان ڏاڍو ڪاوڙيو آهي ۽ توکي عذاب ڏيڻ جو قسم کنيو اٿس. هيءَ خبر ٻڌي هدهد ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ چيائين ته: ڌڻي ڪارساز آهي اهوئي پنهنجو فضل ڪندو.

تنهن کان پوءِ هماء ۽ هدهد ٻئي اتان روانا ٿيا ۽ جلد ئي اچي حضرت سليمان جي لشڪر ۾ پهتا. اتي سڀني پکين هدهد کي ڏسي چيو ته: اي بدنصيب! توتي حضرت سليمان ڏاڍو ڏمريو آهي ۽ توکي سخت عذاب ڏئي مارڻ جو ارادو ڪيو اٿس؛ پر چيو اٿس ته جيڪڏهن هدهد پنهنجي غيرحاضريءَ جو پورو دليل ڏنو ته کيس معاف ڪيو ويندو. تنهن تي هن جواب ڏنو ته: مون وٽ پنهنجي غير حاضريءَ جو سٺو دليل آهي، خدا ڪندو ته سڀ خير ٿيندو. پوءِ پکين کان ٿيندو هو هماء سان گڏ اچي حضرت سليمان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.

حضرت سليمان ان وقت ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هدهد ادب کان پنهنجا کنڀ هيٺ لاڙي، ڳچي زمين ۾ هڻي، پيٽ ڀر رڙهندو اچي حضرت سليمان جي پيرن وٽ پهتو. اتي حضرت سليمان کيس ڳچيءَ مان جهلي مٿي کڻي چيو ته: ٻڌاءِ تون ڪٿي هئين ۽ منهنجي موڪل کان سواءِ ڪيڏانهن ويو هئين؟ تنهن تي هدهد عرض ڪيو ته: اي نبي سڳورا! قيامت جي ڏينهن کي ياد ڪر، جو توکي ان ڏينهن الله جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي. حضرت سليمان هدهد جي واتان اهي لفظ ٻڌي ڪجهه وقت خاموش ٿي ويو، ۽ پوءِ نهايت نرميءَ سان چيائين ته: هاڻي ٻڌاءِ ته هيترو وقت ڪٿي هئين؟

هدهد جواب ڏنو ته: اي نبي! اڄ مون ان ملڪ جو سير ڪيو آهي، جنهن کي تو اڄ تائين ڏٺو به ڪونهي ۽ مون توهان لاءِ ان ملڪ جي هڪ اهڙي سچي خبر آندي آهي، جنهن جي توکي ڪا پروڙ ڪانهي. حضرت سليمان پڇيس ته: اها ڪهڙي خبر آهي؟ هدهد وراڻيو ته: مون هڪ صاحب جمال ۽ ڪمال عورت ڏٺي آهي، جنهن جو ملڪ تمام وڏو آهي. ان وٽ ٽي سو وزير ۽ ٻارهن ڪروڙ لشڪر موجود آهي. دنيا جي هر شيء هن وٽ گهڻي انداز ۾ ڏسجي ٿي. ان جو نالو بلقيس آهي ۽ شراجيل جي ڌيءَ آهي. ان جو تخت توهان جي تخت کان زياده شاندار آهي. هوءَ پاڻ ۽ سندس رعيت سج کي پوڄين ٿا. سندس تخت ڊيگهه، ويڪر ۽ اُچائيءَ ۾ اسي نريون آهي ۽ سڄو سون رپي مان ٺهيل آهي. ان تخت جا پايا سائي ۽ ڳاڙهي ياقوت مان ٺهيل آهن. مٿس ست تمام سهڻا  قبا آهن ۽ هرهڪ قبو سون جو ٺهيل ۽ هيرن ۽ جواهرن سان سينگاريل آهي. بلقيس جو پيءُ شاهه شراجيل پنهنجي وقت جو هڪ وڏو بادشاهه هو ۽ شڪار جو شوقين هو. هڪ ڏينهن هو ڪنهن جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ پئي ويو ته واٽ تي ٻن نانگن کي وڙهندو ڏٺائين، جن مان هڪڙو ڪارو ۽ هڪڙو اڇو هو. ڪاري نانگ اڇي نانگ کي تمام گهڻو پئي ماريو تنهن تي شاهه شراجيل کي قياس اچي ويو ۽ ڪاري نانگ کي تير هڻي ماري وڌائين. جڏهن شڪار کان فارغ ٿي پنهنجي محلات تي پهتو، تڏهن هڪ خوبصورت نوجوان اوچتو ظاهر ٿي اچي شراجيل جي اڳيان بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته: آءٌ اهو ساڳيو اڇو نانگ آهيان جنهن کي تو جهنگ ۾ جيئدان ڏنو هو. اهو ڪارو نانگ منهنجو ڀڄي ويل غلام هو. جنهن کي مون ڳولي هٿ ڪيو هو ۽ هن خوف وچان مونکي ماريو پئي. آءٌ جنهن جو امير آهيان ۽ تنهنجي احسان جي عوض ۾ تمام گهڻو خزانو کڻي آيو آهيان، جو قبول ڪر. بادشاهه شراجيل چيس ته: خزاني ۽ مال جي مونکي ڪا به ضرورت ڪانهي. آءٌ پاڻ هن يمن ملڪ جو بادشاهه آهيان. پر جيڪڏهن تون پنهنجي ڌيءَ جو سڱ مونکي ڏيندين ته آءٌ ڏاڍو خوش ٿيندس. جنن جي امير اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ شاهه شراجيل جي سادي انهي امير جي وڏ هر ڌيءَ ريحان سان ٿي، جنهن مان بلقيس جائي. پوءِ جيئن ته شاهه شراجيل کي ٻيو ڪو به اولاد ڪونه هو، تنهنڪري کانئس پوءِ حڪومت جي واڳ سندس ڌيءَ بلقيس کي ملي.

جڏهن حضرت سليمان هدهد کان بيبي بلقيس جي حڪومت جو سڄو احوال ٻڌو، تڏهن چيائين ته: آءٌ تنهنجي انهيءَ ڳالهه جي پوري تحقيقات پوءِ ٿو ڪريان ۽ ڏسان ته تون سچو آهين يا ڪوڙو، پر پهريائين وڃي جنن ۽ ديون کي پانيءَ وارو هنڌ ڏيکار ته هو اتان پاڻي ڀري اچن، جو سڀئي ماڻهو ۽ حيوان اُڃارا آهن. پوءِ هدهد حضرت سليمان وٽان آزاد ٿي اٿيو ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڃي زمين ڏيکاريائين. جنن جهٽ پٽ زمين کوٽي پاڻي ڪڍيو.

ان بعد حضرت سليمان عليھ السلام بيبي بلقيس ڏانهن هڪڙو خط لکيو، جنهن کي کٿوري خوشبوءِ مليائين ۽ مهر هڻي اهو خط هدهد کي ڏنائين ۽ چيائينس ته: هي منهنجو خط کڻي وڃ، بيبي بلقيس جي آڏو پيش ڪر.

پوءِ هدهد اهو خط پنهنجي چهنب ۾ کڻي وٺي اڏاڻو ۽ وڃي بيبي بلقيس جي هنج ۾ وڌائين. بيبي بلقيس پاڻ صاحب علم هئي، تنهن خط کڻي کوليو ۽ جڏهن خط ۾ اندر حضرت سليمان جي مهر لڳل ڏٺائين ته ڏڪي وئي، ڇالاءِ ته ان مهر منجهه وڏي حڪمت هئي جو حضرت سليمان جي سلطنت رعب ۽ دٻدٻو انهيءَ مهر تي ٻڌل هو. بيبي بلقيس کي بلڪل يقين ٿيو ته هيءُ ڪاغذ جنهن ماڻهوءَ جو موڪليل آهي، سو ڪو تمام وڏو بادشاهه آهي، جو ان جي فقط مهر ڏسڻ سان منهنجو سڄو بت ڏڪي ويو آهي. پوءِ بيبي بلقيس خط پڙهيو ۽ هدهد وڃي پري هڪڙيءَ ڀت تي ويهي رهيو.

خط پڙهڻ بعد بيبي بلقيس پنهنجن سڀني وزيرن ۽ اميرن کي ڪوٺايو ۽ جڏهن سڀئي وزير ۽ امير اچي اڳيان حاضر ٿيا، تڏهن بيبي بلقيس چيو ته: مونکي هڪڙو خط هدهد پکيءَ اڇلائي ڏنو آهي، جو حضرت سليمان جي طرفان مون ڏانهن لکيل آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته ”ساڻ نالي الله تعاليٰ، جو الله رحمان رحيم آهي. اوهين وڏائي ۽ تڪبر نه ڪريو. آءٌ نبي آهيان. مون وٽ اچو ۽ ايمان آڻيو.“ هاڻي اوهان جي ان ۾ ڪهڙي مصلحت آهي؟ تڏهن سڀني اميرن ۽ وزيرن جواب ڏنو ته: اسين وڏا پهلوان ۽ جنگي جوڌا آهيون ۽ پاڻ وٽ لشڪر به گهڻو آهي، جنهنڪري اسان کي ڪنهن به بادشاهه جي جنگ جو خوف نه آهي. اوهين جيڪو حڪم ڪريو، ان جا فرمانبردار آهيون. تڏهن بيبي بلقيس جواب ڏنو ته: مونکي جنگ ڪرڻ جي مصلحت هرگز نٿي اچي، ڇالاءِ ته جڏهن بادشاهه جنگ ڪندا آهن، تڏهن ملڪ کي خراب ۽ ويران ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اشرافن ۽ اميرن غريبن کي خوار خراب ۽ ذليل ڪندا آهن. تنهنڪري منهنجي مصلحت آهي ته آءٌ حضرت سليمان ڏانهن تحفا موڪليان، پوءِ ڏسجي ته قاصد ڪهڙي خبر ٿا آڻين.

بيبي بلقيس تمام عقلمند، ڏاهي ۽ تجربيڪار هئي؛ تنهنڪري سڀني اميرن وزيرن ان جي ڳالهه کي پسند ڪيو. پوءِ حضرت سليمان واسطي پنج سو سهڻين ٻانهين جا، پنج سو غلمانن جا ۽ هزار گهوڙا تيار ڪرايائين. گهوڙن جا هنا جواهرن ۽ ياقوتن سان جڙايائين ۽ زربفت ۽ ريشم سان مڙهايائين. جيڪي غلمان هئا تن کي عورتن جا ڪپڙا پهرايائين، ۽ انهن کي سونا زيور وڌائين. جيڪي ٻانهيون  هيون انهن کي مڙسن جا ڪپڙا پهرايائين. عورتن کي سمجهايائين ته، اوهين مردن وانگي گفتگو ڪجو ۽ همت سان هلجو؛ مردن کي چيائين ته، جڏهن مون توهان کي زنانو لباس ۽ زيور پهرايا آهن، تڏهن توهين پنهنجي سڄي هلت چلت ۽ گفتگو زناني ڪجو. انهن کان سواءِ ٻيون سونيون روپيون سرون تحفي طور روانيون ڪيائين، ۽ هڪڙو سونو ڇٽ، جو موتين ۽ جواهرن هيرن ۽ ياقوتن سان جڙيل هو، سو تحفو ڪري موڪليائين. ان سان گڏ مشڪ به موڪليائين. هڪڙو ڏٻلو تيار ڪرايائين جنهن ۾ هڪڙو بي بها موتي رکيائين، جنهن جي قيمت ڪري نه سگهجي ۽ جنهن ۾ ڪوبه سوراخ نه هو. ٻي هڪڙي عجيب غريب ڪوڏي ان ۾ وڌائين جنهن ۾ سوراخ اهڙن ورن وڪڙن تي هو جو ان ۾ ڌاڳو وجهڻ محال هو. هڪڙو خط حضرت سليمان ڏي لکيائين، جنهن ۾ سڀني شين جو تفصيل ڏنائين، ۽ لکيائين ته جيڪڏهن تون نبي آهين ته خبر ڏي ته جيڪي مون ٻانها ۽ ٻانهيون موڪليان آهن، انهن کي سڃاڻ ته ڪهڙا مرد آهن ۽ ڪهڙيون عورتون آهن، ٻيو ته هن ڪوڏيءَ ۾ بنا ڪنهن اوزار وغيره جي ڌاڳو وجهي ڏي، ۽ هن موتيءَ ۾ وچان ئي وچان سوراخ ڪڍي ڏي.

اهو ڪاغذ منذر پٽ عمرو کي ڏنائين جو تمام داناءُ، هوشيار ۽ آزمودگار هو ۽ سندس عزيز هو. ان سان گڏ ٻيا ڪيترا امير، وزير به موڪليائين. کيس هي به سمجهائي ڇڏيائين ته جيڪڏهن حضرت سليمان جي منهن ۾ خوشي ۽ خوشر وئي ڏسين ته پوءِ پڪ ڄاڻج ته هو نبي آهي ۽ اهو مون تي غالب ٿيندو. پر جيڪڏهن سندس منهن ۾ غضب ۽ ڪاوڙ نظر اچي ته يقين ڪج ته هو نبي نه پر هڪ بادشاهه آهي ۽ پوءِ آءٌ ضرور مٿس غالب ٿينديس ۽ هو منهنجو تابع ٿي رهندو.

قاصد اهي سڀ شيون ۽ پيغام کڻي روانو ٿيو، پر جيسين حضرت سليمان تائين پهچي ئي پهچي تيسين هدهد پکي اهي سڀ خبرون اچي حضرت سليمان کي ٻڌايون. حضرت سليمان هيءَ خبر ٻڌي جنن ۽ ديون کي حڪم ڪيو ته: هن ميدان ۾ هڪ تمام سهڻو محلات تيار ڪريو، جنهن جي ٻاهران هڪ تمام وڏو ڪوٽ ٻڌو، جنهن جا ڪنگرا سون ۽ رپي جا هجن محلات جي ڪمرن خواهه صفن ۾ قيمتي پٿر ۽ سون رپي جي سرن جو فرش لڳل هجي. تابعدار ۽ جنن حڪم ٻڌنديئي جهٽ پٽ ۾ اهڙو هڪ محلات تيار ڪري ورتو. پوءِ انهي محلات جي اڳ واري ميدان ۾ چار هزار سونيون ۽ روپيون ڪرسيون رکائڻ جو حڪم ڏنائين. هن سڄي ڪم کان فارغ ٿي پوءِ سڀني آبي جانورن کي گهرائي ڪوٽ جي ديوار سان گڏ قطارن ۾ بيهڻ جو حڪم ڏنائين، سڀني ديون ۽ جنن کي چوطرف صفن ۾ بيهڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ پاڻ نهايت شاهاڻي ٺاٺ سان پنهنجي جڙادار ڪرسي تي ويٺو.

انهيءَ وقت بيبي بلقيس جا ماڻهو به اچي اتي پهتا ۽ سونين سرن جو فرش ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. دل ۾ چيائون ته اسين سونيون سرون حضرت سليمان لاءِ تحفي طور کڻي آيا آهيون. پر هتي ته اهڙين سرن جو فرش ٻڌو پيو آهي. تنهن کان پوءِ ڪوٽ جي ديوار لڳ عجيب عجيب سامونڊي جانور ڏسي ويتر حيرت ۾ پئجي ويا. اڃان ٿورو اڳڀرو هليا ته ڏٺائون ته انهي سوني فرش ۾ ڪن جاين تي سرون لڳل نه آهن. هي ڏسي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جيڪڏهن هي سونيون سرون کڻي اڳتي هلنداسون ته شاهي نوڪر اسان کي چور سمجهي کڻي گرفتار ڪندا تنهنڪري بهتر آهي ته اهي سرون هنن خالي جاين تي جڙي ڇڏيون. اهو ارادو ڪري سڀئي آندل سرون انهن جاين ۾ لڳائي اڳتي هلڻ لڳا. ويجهو وڃڻ تي ڏسن ته مار! اڻ ڳڻيا ديو ۽ جن صفون ٻڌيو بيٺا آهن. هنن هيبتناڪ ديون کي ڏسي في الحال ته ويچارا ڊڄي ويا، پر ساڳين ديون کين سمجهايو ته: اسين حضرت سليمان جا ماڻهو آهيون، ۽ ان جي حڪم کان سواءِ توهان کي ڪجهه به نه چونداسون. اهڙيءَ طرح هي عجائبات ڏسندا هلندا اچي حضرت سليمان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ سڀني نئڙي سلام ۽ نياز ڪيو.

حضرت سليمان انهن کي ڏاڍي خوشي ۽ خنده پيشاني سان گڏيو، ۽ خوشروئي سان انهن کي مرحبا چيائين. پوءِ منذر پٽ عمرو، حضرت سليمان کي بيبي بلقيس جو خط ڏنو. حضرت سليمان اهو خط پڙهي مطلب پروڙي چيو ته: ڏٻلو ڏيو ته آءٌ توهان کي ان جي ماهيت ٻڌايان. پوءِ منذر پٽ عمرو اهو ڏٻلو آڻي حاضر ڪيو. اُن وقت ملڪ جبرائيل حضرت سليمان وٽ حاضر ٿيو ۽ کيس مخفي طور خبر ڏنائين ته: انهي دٻلي ۾ هڪڙو بي بها موتي بنا سوراخ جي ۽ هڪڙي ڪوڏي آهي، جنهن جو سوراخ ورن وڪڙن تي آهي. اها سموري حقيقت حضرت سليمان بيبي بلقيس جي اميرن ۽ وزيرن کي ٻڌائي. هو اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا ۽ يقين سان چيائون ته: تحقيق هي نبي آهي، ۽ بادشاهه نه آهي. پوءِ وري منذر پٽ عمرو، حضرت سليمان کي چيو ته: جيڪڏهن تون سچو نبي آهين ته هن موتيءَ ۾ بنا ڪنهن اوزار جي سوراخ ڪڍي ڏي ۽ هن ڪوڏيءَ ۾ ڌاڳو وجهي ڏي. حضرت سليمان هڪڙي سنهڙي جيت کي حڪم ڪيو ته هن موتيءَ کي سوراخ ڪري ڏي، جو موتيءَ کي هڪڙي طرف کان کائي سڌو اچي ٻئي پاسي نڪتو. جنهنڪري انهي موتيءَ ۾ بنا ڪنهن اوزار جي سوراخ ٿي پيو. وري ٻئي هڪڙي جيت کي حڪم ڪيائين ته هن ڪوڏيءَ ۾ ڌاڳو وجهه. جيت ڌاڳي جو هڪ ڇيڙو وات ۾ جهلي ان ڪوڏيءَ ۾ گهڙي ويو ۽ اچي ڌاڳي سميت ٻئي طرف کان نڪتو، جنهنڪري اهو ڌاڳو ڪوڏيءَ ۾ پئجي ويو. تنهن کان پوءِ حضرت سليمان بيبي بلقيس جي بانهن ۽ ٻانهين کي حڪم ڪيو ته توهين سڀئي اٿي هن پاڻيءَ جي تلاءَ مان هٿ منهن ڌئو. پوءِ جيڪي عورتون هيون تن هڪڙي هٿ سان تلاءَ مان پاڻي کنيو ٻئي هٿ ۾ وجهيو منهن پئي ڌوتو ۽ جيڪي مرد هئا تن ٻنهي هٿن سان پاڻي کڻي منهن پئي ڌوتو. وري جيڪي عورتون هيون تن ٻانهن جي اڳ واري پاسي تي پاڻي ٿي پلٽايو، تنهنڪري حضرت سليمان سمجهيو ته هي عورتون آهن ۽ هو مرد آهن. پوءِ بيبي بلقيس جي اميرن ۽ وزيرن کي چيائين ته: اوهان جن کي مردانو لباس پهرايو آهي سي عورتون آهن، ۽ جن کي عورتن وارو لباس آهي سي مرد آهن. تنهن کان پوءِ حضرت سليمان منذر پٽ عمرو کي چيو ته: هي تحفا جيڪي اوهان آندا آهن سي سمورا شهزاديءَ کي موٽائي وڃي يو، جو مونکي دنيا جو احتياج نه آهي، مونکي الله تعاليٰ جيڪي ڏنو آهي سو تمام گهڻو آهي. توهين اهڙن هَدين ۽ دنيا جي اسبابن سان خوش ٿيندا آهيو. منهنجي هنن دنيائي اسبابن سان محبت نه آهي ۽ نڪو مونکي گهرج آهي. مونکي الله تعاليٰ ايترو مال، طاقت ۽ لشڪر ڏنو آهي، جو ڪنهن به مخلوق کي نه ڏنو اٿس. مونکي الله تعاليٰ دين جي دولت ۽ نبوت ساڻ نوازيو آهي. جيڪڏهن اوهان منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ اسلام قبول ڪندا ته اوهان سان صلح آهي ٻيءَ حالت ۾ اوهان تي ايترو لشڪر موڪليندس جو ان جي مقابلي ڪرڻ جي اوهان کي طاقت نه ٿيندي.

پوءِ منذر پٽ عمرو جو سڀئي ٻانها ٻانهيون ۽ ٻيا به جيڪي تحفا آندا هئائين سي کڻائي واپس وريو ۽ جڏهن بيبي بلقيس وٽ پهتو ته حضرت سليمان جي شان ۽ شوڪت، دٻدٻو ۽ سلطنت جو سڄو احوال کيس ٻڌايائين. بيبي بلقيس اهو احوال ٻڌي حيرت ۾ پئجي وئي. چيائين ته: هاڻي مونکي يقين ٿيو آهي ته اهو نبي آهي ۽ بادشاهه نه آهي، ۽ اهو ضرور اسان تي غالب ٿيندو.

حضرت سليمان ڏانهن هڪڙو قاصد موڪليائين ته آءٌ پنهنجن اميرن ۽ وزيرن سميت اوهان ڏانهن اچان ٿي، باقي دين اسلام بابت روبرو گفتگو ڪبي.

ان بعد بيبي بلقيس تياري شروع ڪئي ۽ اول اول پنهنجو تخت جو بيبيءَ کي تمام وڻندڙ هو ۽ سڄي سلطنت ۾ بي بها هو، تنهن کي محفوظ ڪرايائين، هن طرح جو تخت کي هڪ جڳهه ۾ رکايائين جنهن کي چوڌاري ٻيا ست ڪمرا اڏيل هئا، جن کي جيڪي دروازا هئا سي سڀ بند ڪري ساهي ڪرف ڏئي مضبوط ڪيائين. ان جڳهه جي چوڌاري پهري وارا چوڪيدار ويهاري ڇڏيائين. ان بعد هڪڙو امير به پنهنجي طرفان سلطنت جي هلائڻ لاءِ مقرر ڪيائين، جنهن کي حڪومت جي ڪمن ڪارين کي سهڻي نموني هلائڻ جو تاڪيد ڪيائين. تنهن کان پوءِ بيبي بلقيس پنهنجن ٻارهن هزار اميرن ۽ انهن جي هٿ هيٺ جيڪي سپاهي هئا، تن کي حضرت سليمان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو. هن حڪم ملنديئي سڀني سپاهين سفر جو سانباهو شروع ڪري ڏنو. سڀئي جي وات ۾ حضرت سليمان جو نالو هو. جڏهن سڄو لشڪر تيار ٿي ويو تڏهن بيبي بلقيس پنهنجي ساٿ سميت حضرت سليمان ڏانهن رواني ٿي.

اڃان بيبي بلقيس حضرت سليمان جي منزل کان ٽن ميلن تي هئي ته حضرت سليمان پنهنجي لشڪر کي چيو ته: اوهان ۾ اهڙو ڪو آهي جو بلقيس جو تخت سندس اچڻ کان اڳ هت کڻي اچي. تڏهن لشڪر مان هڪڙي جن اُٿي عرض ڪيو ته: هائو سائين! آءٌ اهو ڪم ڪري سگهان ٿو. اهو جن برابر پهلوان هو ۽ اهڙي ڪم جي لائق هو، سندس هڪ هڪ وک ٽن ڪوهن جي هوندي هئي، پر جڏهن اندازو لڳايو ويو تڏهن خبر پئي ته هي جن بيبي بلقيس جي پهچڻ کان ڪجهه وقت پوءِ پهچي سگهندو. تڏهن حضرت سليمان چيو ته: اسان کي اهو تخت هر حال ۾ بلقيس جي اچڻ کان اڳ گهرجي. اتي آصف چيو ته: سائين! آءٌ اهو تخت اک ڇنڀ ۾ آڻي حاضر ڪندس. آصف، حضرت سليمان جو وڏو وزير هو. هو وڏو عالم هو ۽ علم جي روشنيءَ ۾ سندس واسطي سڀڪجهه آسان هو. انهيءَ ڪري آصف تخت آڻڻ جي هام ڀري.

حضرت سليمان، آصف کي چيو ته: چڱو، جيڪڏهن تون ائين ڪري سگهين ٿو ته پوءِ دير نه ڪر. آصف اتان دربار مان اٿي پنهنجي جاءِ تي آيو ۽ ڌڻي تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سجدو ڪري ڪجهه آيتون ۽ اسم اعظم پڙهڻ لڳو. قدرت الله جي ۽ برڪت اسم اعظم جي سان بيبي بلقيس وارو ساڳيو تخت حضرت سليمان جي اڳيان ازخود اچي حاضر ٿيو. حضرت سليمان اهو تخت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ديون کي حڪم ڪيائين ته هن تخت جا ڳاڙها ياقوت ڪڍي ساون جي جاءِ تي هڻو ۽ ساوا ياقوت ڳاڙهن جي جاءِ تي جَڙيو. هن تخت کي هتي گهرائڻ مان حضرت سليمان جي مراد هئي ته بيبي بلقيس پنهنجي تخت کي هتي ڏسي، حضرت سليمان جي طاقت ۽ سندس نبوت ۾ يقين آڻي. تخت جي طاهري ڏيکاءَ ۾ ڦيرگهير بيبي بلقيس جي عقل ۽ فهم پرکڻ خاطر ڪئي وئي.

جڏهن بيبي بلقيس اتي پهتي تڏهن حضرت سليمان کانئس پڇيو ته: هي تخت تنهنجو آهي؟ بيبي بلقيس وراڻيو ته: منهنجو تخت به انهيءَ تخت جهڙو آهي. هن جواب مان حضرت سليمان کي بيبي بلقيس جي ڏاهپ ۽ فراست جو پورو يقين ٿي ويو. تنهن کان پوءِ بيبي بلقيس چيو ته: هن معجزي کان اڳ ۾ ئي مونکي يقين هو ته تون الله جو نبي آهين. پوءِ بيبي بلقيس پنهنجي سڄي لشڪر، اميرن ۽ وزيرن سميت اسلام قبول ڪيو ۽ حضرت سليمان جي امت ۾ داخل ٿي. حضرت سليمان کيس سج جي پوڄا کان منع ڪري الله تعاليٰ جي عبادت جي تلقين ڪئي. پوءِ بيبي بلقيس رات ڏينهن عبادت خداوندي ۾ مشغول رهندي هئي.

هاڻي حضرت سليمان جي تابعدار جنن کي اچي خوف ٿيو ته، جيڪڏهن حضرت سليمان، بيبي بلقيس سان سادي ڪئي ۽ کيس جنن جي مطيع ڪرڻ جون واٽون سمجهايون ته پوءِ بيبي بلقيس ۽ ان جو اولاد، جيڪو حضرت سليمان مان ٿيندو، اسان کي پشت به پشت تابع ڪري پيو ڪمارائيندو؛ تنهنڪري رٿ ڪيائون ته ڇو نه اڳ ۾ ئي حضرت سليمان جي ذهن تي بيبي بلقيس بابت ڪي شڪايتون وجهجن. اهو خيال ڪري حضرت سليمان کي چيائون ته: بيبي بلقيس جي ماءُ جنياڻي هئي، تنهنڪري سندس پير گڏهه جي پيرن جهڙا آهن.

حضرت سليمان هيءَ ڳالهه ٻڌي ديون کي حڪم ڪيو ته: بلوري شيشي جي هڪ ماڙي تيار ڪريو. هن ماڙي جي هيٺان پاڻيءَ جو هڪ تلاءُ هجي جنهن ۾ مڇيون ۽ ڏيڏر به هجن. ماڙيءَ واري شيشي جو رنگ به هوبهو پاڻيءَ جهڙو هجي. تابعدار ديو حڪم جي تعميل ۾ لڳي ويا ۽ ٿوري وقت ۾ اهڙي هڪ ماڙي ٺاهي تيار ڪيائون. پوءِ حضرت سليمان ان ماڙيءَ جي وچ ۾ ڪرسي وجهي ويهي رهيو ۽ بيبي بلقيس کي اتي اچڻ جو پيغام موڪليائين بيبي بلقيس جڏهن هن ماشي جي ويجهو آئي، تڏهن ڀانيائين ته هي سڀ پاڻي آهي جنهن جي وچ ۾ حضرت سليمان ويٺو آهي. پوءِ پيرن مان جُتي لاهي سلوار مٿڀري کنجي اڳتي هلڻ لاءِ تيار ٿي. حضرت سليمان ان وقت بيبي بلقيس جا پير ڏسي ورتا، جي تمام سهڻا ۽ انسانن جهڙا هئا. تنهن تي سمجهيائين ته هيءَ چُرچ سڄي جنن جي آهي. پوءِ بيبي بلقيس کي چيائين ته: هي پاڻي نه پر بلوري شيشي جو فرش آهي. تڏهن بيبي بلقيس پنهنجا پير ڍڪيا ۽ ڪپڙا درست ڪري اڳتي وڌي اچي سليمان جي خدمت ۾ حاضر ٿي. اتي حضرت سليمان کيس شاديءَ جو پيغام ڏنو جو بيبي بلقيس خوشيءَ سان قبول ڪيو.

پوءِ شاديءَ جي تياري ٿي ۽ حضرت سليمان جي حڪم سان ڏهن ڪوهن ۾ بورچيخانا تيار ٿي ويا، جن ۾ مسڪينن ۽ محتاجن کي هر وقت کاڌو تيار ملندو هو. بيبي بلقيس ۽ حضرت سليمان جي تابعدارن کي ريشمي پوشاڪون مليون. چوطرف عطر ۽ مشڪ جي ڇٽڪار ٿي وئي. شاديءَ جي تياري اهڙيءَ ڌام ڌوم سان ٿي جو هرڪو جاندار هن جشن کي ڏسيو واهواهه پيو ڪندو هو. مقرر تاريخ ۽ وقتت تي ٻنهي جو نڪاح پڙهيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح بيبي بلقيس کي حضرت سليمان جو وصال حاصل ٿيو.

شاديءَ کان پوءِ حضرت سليمان جي حڪم سان’يمن‘ ۽ ’مارب‘ ولايتن ۾ ٽي عاليشان قلعا ملحين، عمدان ۽ بيستون تيار ٿيا. اهي ٽيئي قلعا بيبي بلقيس جي حوالي هوندا هئا. حضرت سليمان هر مهيني هڪ دفعو هنن ٽنهي قلعن مان ڪنهن به هڪ ۾ بيبي بلقيس وٽ ايندو هو ۽ ٽي راتيون رهي پوءِ موٽي شام ۾ ايندو هو. چون ٿا ته حضرت سليمان کي بيبي بلقيس مان هڪ پٽ ڄائو جنهن ٽيونجاهه ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.

 

-              ™ -


 

 

قصو شاهه بهرام جو

 

]سنڌ ۾ هن قصي جون هڪ کان وڌيڪ مستقل روايتون رائج آهن، جي مڙيئي هيٺ ڏنيون ويون آهن: (1) پهرين روايت موجب هيءُ قصو ”شاهه بهرام گور ۽ حسن بانو“ جو آهي. بهرام گور فارس يعني ايران جو بادشاهه آهي، گورخرن جي شڪار تي نڪري ٿو. هڪ ديو گورخر بنجي کيس اڏائي وڃي ٿو. سفيد ديو سندس پرورش ڪري ٿو ۽ بالاخر ’حسن بانو‘ پريءَ سان هو پرڻجي ٿو. انهيءَ روايت کي شيخ ابراهيم لس ٻيلي واري (1830ع ولادت) غالباً سڀ کان اول منظوم ڪيو. ساڳيو قصو منشي آوترام ولد ديوان نيڻومل ڀرين جي رهندڙ، اردو مان ترجمو ڪيو ۽ هريسنگ مصطفائي پريس لاهور مان سنه 1903ع ۾ ڇپايو. ساڳي روايت سان ”وڏو قصو بهرام بادشاهه جو“ تاليف ڪيل حاجي امام بخش ”خادم“ جو، منشي پوڪرداس مفيد عام پريس لاهور مان ڇپايو.* (2) ٻي روايت ”بانڪو شاهه بهرام“ جي نالي سان رائج آهي، جنهن کي سڀ کان اول غالباً ڇتي کٽيءَ (ڪلهوڙا دور ۾؟) سنڌي بيتن ۾ منظوم ڪيو ۽ سندس اهي بيت سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ويا. انهيءَ روايت موجب بانڪو شاهه بهرام، روم جي بادشاهه ڪشور شاهه جو پٽ آهي. مرن جي شڪار سان سندس ڪشالا شروع ٿين ٿا. ديون سان وڙهي ٿو. چين جي بادشاهه فغفورشاهه جي ڌيءَ ”گل اندام“ سان سندس محبت ٿئي ٿي، جنهن سان بالاخر پرڻجي ٿو. انهيءَ ساڳيءَ روايت کي شاعر بهاول مَهر پڻ ڳايو آهي. (3) ٽي روايت ”بانڪي بهرام ۽ حسن گل راڻي“ جي نالي سان تعلقي ٺٽي مان ڪينجهر ڍنڍ جي آسپاس رهندڙ گندرن مان ملي. هن روايت ۾ ڪنهن بادشاهه کي اولاد ڪونه ٿيندو هو؛ هڪڙي درويش جي دعا سان پٽ ڄميس ٿو. بادشاهه جي مرڻ تي وزير حڪومت تي قبضو ڪري پاڻ بادشاهه ٿئي ٿو، راڻي ننڍڙي شهزادي کي ساڻ ڪري ٻيءَ بادشاهي ۾ وڃي ٿي، ۽ اتي جو بادشاهه شهزادي کي نپائي ٿو. آخرڪار شهزادو مصر ملڪ ۾ واپار سانگي وڃي ٿو، جتي شهزادي حسن بانو جي سونهن جي تعريف ٻڌي، ان سان وڃي ملي ٿو، آخرڪار ديون سان وڙهي شهزادي حسن بانوءَ سان شادي ڪري ٿو- مرتب[

*  هيءَ منظوم قصو وچولي (تعلقي سنجهوري) مان ميوي خان ”موج“ کان مليو. سوانح عمري ڏسو حاشيه ص 39.

(1)  ميٽن = اُٺن.

(1)  سوجو = سولو.

*  هن روايت جو مدار حاجي دين محمد خلف مرحوم فقير خير محمد جي مرتب ڪيل قصي تي آهي جو پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور، لاهور جي ليٿو پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو.

*  ڪن روايتن ۾ عقاب

*  اسان جي آڏو ”ٽيون ڇاپو“ آهي. محترم لطف الله بدوي پنهنجي خط ذريعي اطلاع ڏنو ته سندس والد جي لکيل قصي جي انهيءَ مٿئين ڇاپي کان سواءِ وٽس”پهريون ڇاپو“ پڻ آهي، جو سنه 1902ع ۾ مفيد عام پريس لاهور مان ڇپيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org